سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 7

پرمانند هرداس مل پائلٽ اسڪول بلڊنگ:

هيءَ عمارت، دادو شهر جي قديم عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن اسڪول جو باني پرمانند هو، جيڪو اصل دادو شهر جي ڀرسان سيالن جي ڳوٺ جو رهندڙ هو. پرمانند سهڻو، هڏ ڪاٺ جو مضبوط، قداور مڙس هو. هن پرائمري تعليم دادو شهر مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان ورتي. سندس خاندان شاهوڪار هو. ان ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ کيس بمبئي موڪليو ويو. اتي هن ڪليڪتريءَ جو امتحان پاس ڪيو ۽ اتي ئي ٽريننگ ڪرڻ لڳو. ٽريننگ دوران واپس ڳوٺ آيو پئي ته رات جي وڳڙي ۾ سيالن واري بند تي ٽانگو الٽي پوڻ جي ڪري سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون ۽ پاڻ معذور ٿي پيو. ان وقت سندس عمر 24 سال هئي. ڪجھه وقت کان پوءِ پنهنجي ڀائرن کي چيائين ته مون کي ملڪيت جو حصو ڏيو. مان ڪجھه ڪرڻ ٿو چاهيان. ڀائرن کيس حصو ڏنو، جيڪو هن کي روڪ رقم جي صورت ۾ ٽي لک ٻاهٺ هزار رپيا مليا. هن اسڪول لاءِ پلاٽ وٺڻ لاءِ دوستن جي ڪاميٽي تشڪيل ڏني، ته دوستن جي چوڻ مطابق نجم الدين آخوند کان ان جي باغ مان پلاٽ ورتو ويو. جيڪو موجوده اسڪول کان وٺي نجم ڪالوني تائين هو. هن وقت اڌ کان وڌيڪ پلاٽ تي ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن. آخوند نجم الدين اهو پلاٽ چاليهه هزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڏنو. اسڪول لاءِ ڪمرا، هڪ سينٽر هال، هڪ ڊرائنگ هال، هڪ سائنس هال ۽ ورانڊو تعمير ڪيو ويو. بلڊنگ مارچ 1938ع ۾ جڙي راس ٿي. هن بلڊنگ تي ڪل ڇاونجاهه هزار رپيا خرچ آيو. هن بلڊنگ ۾ سرون هڪ فوٽ ڊيگهه، چار انچ ويڪر ۽ ڇهه انچ اوچائي واريون استعمال ٿيل آهن. هيءَ بلڊنگ هوادار آهي ۽ دريون به ڪشاديون لڳايون ويون آهن. ان ڪري هوا ۽ روشنيءَ جو بهترين انتطام ٿيل آهي.

هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر پي. وي ڪرمچنداڻي هو. جيڪو فوج جو رٽائرڊ ڪرنل هو. جيڪو شاهاڻي پاڙي ۾ رهندو هو. سندس جاءِ ايگريڪلچر بئنڪ ۽ يوٽلٽي اسٽور وٽ هئي. پرمانند باقي بچيل رقم اسڪول جي فنڊ ۾ جمع ڪرائي، ان مان عملي کي پگهار ڏني ويندي هئي. اسڪول جو نالو پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول رکيو ويو. پاڻ به سال 1938ع ۾ ديهانت ڪري ويو. 1950ع ۾ ڪن حاسدن جي چرچ تي هن اسڪول جو نالو تبديل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو رکيو ويو ۽ بعد ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول بڻايو ويو، نالي تبديل ڪرڻ جا ڪهڙا اسباب هئا، ان طرف ڪنهن به توجهه نه ڏنو، پر اها ڳالهه 1995ع ۾ ان وقت جي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه کي ڌيان ۾ آئي، جنهن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هن اسڪول جو دورو ڪيو ۽ سينٽرل هال ۾ تقرير ڪندي چيو ته، ’ڪو آهي مرد مجاهد جيڪو اهڙو سينٽرل هال ٺهرائي؟‘ مان ان هال تي سندس نالو رکندس، پر هال مان ڪوبه سگهه نه ساري سگهيو. ان تي سيد عبدالله شاهه چيو ته ’افسوس آهي جو هن هال مان ڪنهن به همت نه ساري. پوءِ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، ان ماڻهوءَ، جنهن ڪروڙين روپين جي بلڊنگ ڏني ۽ اسان هن جي نالي نشان کي هٽائي ڇڏيو، ڇو ته هن چڱائي ڪئي هئي‘. اسان هن مان عبرت حاصل ڪريون يا حسد ڪريون. سخت افسوس آهي جنهن ماڻهو اسان لاءِ ايتري وڏي قرباني ڏني تَنهنجو نالو نه هجي، ڇو؟ مان اڄ اعلان ڪيان ٿو ته بلڊنگ کي وڌيڪ سنوارڻ لاءِ پنجاهه لک رپيا سرڪار ڏيندي ۽ اڄ کان وٺي هن اسڪول جو نالو ساڳيو پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول رکيو ويندو. سڀاڻي ڪراچي وڃي نوٽيفڪيشن ڪڍندس. اهڙي طرح سان هن اسڪول جو اصل نالو ٻيهر زنده ٿي پيو. هن اسڪول مان ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري وڏن عهدن تي پهچي چڪا آهن. هن اسڪول مان علم جي لاٽ، پري پري تائين پهچي چڪي آهي. جيسين هيءَ ڌرتي آهي، ته هيءُ اسڪول به قائم ۽ دائم رهندو سندس علم جي ۽ روشني پري پري تائين پکڙجندي رهندي.

لوڪل بورڊ جي بلڊنگ:

لوڪل بورڊ جي عمارت کي به قديم عمارتن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هيءَ عمارت 1931ع ۾ جڙي راس ٿي. عمارت ٻه ماڙ آهي. تمام ڪشادي ۽ هوادار ٺهيل آهي. ڪمرا ڪشادا آهن ۽ ڇت تمام اوچي پيل اٿس. عمارت ۾ سرون هڪ فوٽ جون استعمال ٿيل آهن. وچ ۾ وڏو هال اٿس. ٻي منزل تي ٻه ڪمرا اٿس ۽ هڪ وڏو هال اٿس. ان هال ۾ لوڪل بورڊ جا ميمبر ميٽنگون ڪندا هئا، جيڪي پريزيڊنٽ جي صدارت ۾ ٿينديون هيون. ان کان علاوه سٽيزن ڪاميٽي جون به هتي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري گڏجاڻيون پڻ هن عمارت ۾ ٿينديون هيون. جڳهه ٻه ماڙ آهي. مٿي وڃڻ لاءِ ٻه ڏاڪڻيون ٺهيل اٿس. جيڪي ڪاٺ جون ٺهيل آهن. ڪاٺ اهڙو مضبوط پيل آهي جو تقريبن مني صدي گذري چڪي آهي، تڏهن به هيءَ ڏاڪڻيون صحيح سلامت ۽ مضبوط آهن. جن کي تر جيترو به نقصان نه پهتو آهي.

هن عمارت ۾ پريزيڊنٽ لوڪل بورڊ جي آفيس، ڪلارڪن جون آفيسون به قائم ڪيون ويون هيون. هن ئي عمارت ۾ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس دادو جي آفيس، اينٽي ڪرپشن آفيس، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي آفيس، ڊيموڪريسي آفيس قائم ڪئي وئي هئي. جيڪي هن وقت ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويون آهن.

ان کان علاوه فورٿ سول جج جي ڪورٽ، دهشتگردن جي انت واري ڪورٽ هئي، جيڪي به ٻئي هنڌ منتقل ٿي چڪيون آهن. هن وقت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رورل ڊيولپمينٽ، بئراج مختيار ڪار آفيس، ٽيڪسيشن برانچ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو آڊٽ آفيس ۽ انسپيڪشن برانچ، لوڪل فنڊ، آڊٽ آفيس ۽ استاد بخاري لائبريري قائم ڪئي وئي آهي.

دادو ريلوي اسٽيشن:

1843ع تي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. سڀ کان پهريائين مواصلات تي توجهه ڏنو. سڄي سنڌ ۾ سروي مڪمل ڪري، ريلوي جو ڄار وڇايو. جڏهن جيڪب آباد کان ڪوٽڙي تائين ريلوي لائين وڇائي وئي ته دادو ۾ به ريلوي اسٽيشن سال 1890ع ۾ چالو ڪيو ويو. جيڪو 1894ع تي مڪمل ڪيو ويو. ان کان پوءِ ريلوي ملازمن لاءِ ڪوارٽر، گارڊن، ٽرين ڪلارڪن، بوڪنگ ڪلارڪن، اسٽيشن ماسترن ۽ ٻين ملازمن لاءِ بنگلا ۽ ڪوارٽر تعمير ڪرايا ويا. اهو ڪم 1890ع کان شروع ٿيو، جيڪو 1899ع تي پورو ٿيو. ريلوي اسٽيشن تي گارڊن، اسٽيشن ماسترن، ٽرين ڪلارڪن، بوڪنگ ڪلارڪن جون آفيسون، مسافر خانو، بوڪنگ آفيس، ٻه مسجدون قائم ڪيون ويون. واٽر سپلاءِ، پارسل گهر، پاڻي فلٽر جي لاءِ مشين، گارڊ روم، ڊرائيور روم، به قائم ڪيون ويون. اسٽيشن ڪوارٽرن کي پاڻي فلٽر ڪري پهچايو ويندو هو. اسٽيشن جي سامهون اوڀر ۾ ريلوي لوڪوشيڊ قائم ڪئي وئي هئي، جتي انجڻين جي مرمت ۽ صفائي ڪئي ويندي هئي. ريلوي لوڪو شيڊ جي ڏکڻ ۾ ڦرڻي لڳل هوندي هئي. جتي انجڻين کي بيهاري، طرف تبديل ڪيو ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ هيءَ خوبصورت ريلوي اسٽيشن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي، جيڪا هن وقت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي. جڏهن ڪاريون انجڻيون ختم ڪري، ڊيزل انجڻيون آنديون ويون، ان وقت کان ريلوي اسٽيشن ڦٽڻ شروع ٿي. جڏهن ڪاريون انجڻيون هلنديون هيون، دادو ريلوي اسٽيسن تي پهچنديون هيون ته انجڻ کي گاڏي کان جدا ڪري انهي کي وڏي نل ذريعي پاڻي ڏنو ويندو هو. هن وقت ڊيزل تي هلڻ وارين انجڻين کي پاڻي جي ضرورت نه ٿي پوي. ان ڪري هيءَ اسٽيشن آهستي آهستي تباهه ٿي رهي آهي.

دادو ريلوي اسٽيشن جي سامهون ٽانگي وارن لاءِ شيڊ قائم ڪيو ويو هو. جيڪو پڻ ختم ڪري اتي پارڪ تعمير ڪيو ويو آهي. ان ڪري گهوڙا نٽهڻ اس ۾ سهڪندا نظر انيدا آهن. پارڪ ته ٺاهيو ويو مگر ڇٻر جو نالو نشان ئي ڪونهي. صرف نالي ۾ پارڪ آهي. مسافر لاءِ بئنچون وغيره به لڳل ڪونهن. ان ڪري مسافر ٻٽڪندا رهن ٿا. گاڏين جو ڪوبه ٽائيم ڪونهي. دادو اسٽيشن تان ڪيتريون ئي گاڏيون بند ڪيون ويون آهن. گارڊن ۽ اسٽيشن ماسترن جي لاءِ بنگلا به بند پيا آهن. ريلوي ڪوارٽرن تي به ٻاهرين ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن ۽ ڪجھه ڪوارٽر مسواڙن تي ٻاهرين ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. ڪوارٽر به تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. تلاءُ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. سڄي شهر جو گند تلائن ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. ان ڪري صاف ۽ پاڪ پاڻي گندو ٿي رهيو آهي. ريلوي جي پلاٽن تي ٻاهرين ماڻهن قبضا ڪري جايون تيار ڪري ورتيون آهن. ريلوي جو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي. دادو ريلوي اسٽيشن تي اڳ ۾ گاڏا لڳندا هئا. جيڪي پڻ بند ڪيا ويا آهن. ريلوي جي گودام کي به تباهه ڪيو ويو آهي. گودام جي ڀرسان ريلوي جو وڏو پلاٽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو ويو آهي، جتي مقامي وڏيري دوڪان تعمير ڪرائي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا آهن.

پريس ڪلب دادو:

پريس ڪلب دادو جي عمارت تمام پراڻي ۽ قديم عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي. هيءَ عمارت اصل ۾ جانورن جي اسپتال هئي، جيڪا واڊيا وٽرنري ڊسپينسري جي نالي سان سڏبي هئي. پريس ڪلب جي عمارت تي جيڪا تختي لڳل آهي، ان ۾ واڊيا وٽرنري ڊسپينسري 1915ع لکيل آهي. جانورن جي اسپتال نئين عمارت مڪمل ٿيڻ بعد هيءَ عمارت خالي ڪئي وئي آهي، جيڪا پوءِ پريس ڪلب جي حوالي ڪئي وئي. اها هن وقت تائين پريس ڪلب جي حوالي آهي.

پريس ڪلب دادو جي عمارت ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي، جنهن کي عهديدار ۽ ميمبر ڪم آڻيندا آهن. وڏي ڪمري سان گڏ ڏکڻ ۾ اسٽور روم آهي. عمارت کي ورانڊو به آهي. ان کان علاوه اڳيان ۽ پٺيان اڱڻ اٿس. هن عمارت ۾ فوٽ جون سرون استعمال ٿيل آهن. سرن جي ٿولهه چار انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ ٿيندي.

ڪليڪٽوريٽ بلڊنگ:

دادو ضلع جو قيام 1931ع ۾ ٿيو. ان ڪري انگريز سرڪار دادو شهر ۾ ڪليڪٽر جي آفيس جو ڪم هٿ ۾ کنيو. هن بلڊنگ جو ڪم 1929ع کان شروع ٿيو ۽ سال 1931ع تي هيءَ بلڊنگ جڙي راس ٿي. هن بلڊنگ ۾ هڪ فوٽ جون سرون ڪتب آندل آهن. هن بلڊنگ ۾ ڪليڪٽر، (ڊپٽي ڪمشنر) ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر جي آفيس قائم ڪئي وئي. ان کان پوءِ دربار هال، دفتردار، ڪلارڪن جون آفيسون، خزانه آفيس، پوليس جو گهاٽ، خزانه آفيس جي ڪلارڪن جون آفيسون، سيٽلمينٽ جي آفيس، آر. ايم آفيس ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس قائم ڪئي وئي. ان کان علاوه سٽي مئجسٽريٽ جي آفيس به قائم ڪئي وئي هئي. ڪجھه عرصو اليڪشن آفيس به قائم ٿيل هئي. ويجهڙ ۾ سول جج جي ڪورٽ به قائم ڪئي وئي. ڪليڪٽوريٽ آفيس جي مٿان به ڪجھه ڪمرا ٺهيل آهن، جن ۾ روينيو جو رڪارڊ محفوظ ٿيل آهي. 2001ع کان نئون ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ نظام رائج ٿيو. ان ڪري مختلف ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسون ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسرن جا دفتر به قائم ڪيا ويا. خزانه آفيس کي نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. خزانه آفيس جي ڪمرن ۾ مختلف ڪلارڪن جون آفيسون قائم ڪيون ويون.

 

دادو شهر ۾ رهندڙ قبيلا ۽ ذاتيون

 

دادو شهر ضلع جو صدر مقام آهي. هن ضلع ۾ ڪيتريون ئي قومون، قبيلا ۽ ذاتيون رهائش پذير آهن.

مان صرف دادو شهر ۾ وسندڙ قبيلن ۽ ذاتين جو ذڪر ڪندس. هن شهر ۾ ڪيترائي قبيلا ڏيساور مان لڏي اچي آباد ٿيا. جڏهن عربن سنڌ تي حملا ڪيا ته انهن سان گڏ ڪيترائي ڌاريا قبيلا هت آيا، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ به ڪيترائي قبيلا لڏي آيا. ان کان علاوه بلوچ ۽ بروهي قبيلا پڻ بلوچستان مان لڏي اچي هت رهائش اختيار ڪئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ پنجاب مان سرائي گهرائي هت آباد ڪرايا ويا. هن وقت سنڌ جي سماٽ ۽ بلوچ قبيلن جي ريتن ۽ رسمن ۾ ڪو به فرق نه آهي. سندن رهڻي ڪهڻي، لباس، شادي، عميءَ جون رسمون به تقريباً ساڳيون آهن.

ورهائي کان پوءِ هندستاني پناهگيرن جي لڏپلاڻ سنڌ جي علائقن ۾ جاري رهي. پناهگيرن ٻين علائقن جيان دادو ۾ به اچي رهائش اختيار ڪئي. سرڪار جي مهربانين سان انهن کي خوب ورسايو ويو. ڪوڙن ڪليمن جون فيڪٽريون کلي ويون. ان ڪري پناهگيرن، واپار، جائيداد ۽ زرعي زمين تي قبضو ڪري ورتو. پناهگير جيڪي اڳتي هلي مهاجر سڏائڻ لڳا، هنن هتان جي سنڌي ماڻهن جي شرافت ۽ مهمانوازي ڏٺي ته پاڻ کي سيد، صديقي، فاروقي، قريشي، مغل ۽ شيخ سڏائڻ شروع ڪيو. پناهگير کان علاوه پنجابي به هن شهر ۾ آباد ٿيڻ لڳا. شهر ۾ واپار جو ڪم ڪرڻ لڳا. مهاجرن ۽ پنجابين سنڌ ۾ رهي سنڌ جو نمڪ کائيندي به پنهنجي الڳ شناخت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سالن کان سنڌين سان مخاصمانه ورتاءُ پئي رکيو آهي. دادو ۾ سماٽ قبيلا اڪثريت ۾ رهن ٿا. جن ۾ پنهور، سولنگي، ملاح به وڏي تعداد ۾ رهندڙ آهن. ان کان سواءِ مختلف دورن ۾ ڪيترائي قبيلا، پاڙا ۽ راڄ آباد ٿيندا رهيا آهن. پر سڀني قبيلن گڏجي سنڌ جي سينڌ سنواري آهي. انهن مڙني هن مٽيءَ کي مشڪ ۽ پاڻي کي آب حيات ڄاتو ۽ سنڌي ثقافت جي آبياري ڪري ان جي ملڪان ملڪ مشهوري ڪيائون.

دادو شهر جيڪو ضلع جو صدر مقام آهي. هن شهر ۾ ڪيترائي قبيلا رهن ٿا. جيڪي مختلف ذاتين سان ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا. دادو شهر ۾ جيڪي ذاتيون پاڙا راڄ ۽ نکون آباد آهن. انهن جو تفصيل ڪجھ هيٺ هن طرح آهي:

سيد، ابڙا، آگرا، اوٺا، اوڍاڻا، اوٺوال، آريجا، انصاري، اوڏ، اڙول، شاهاڻي، شينا، چوهاڻ، چارڻ، چنا، چانڊيه، گهلو، کوهارا، کهرا، کيڙا، کرل، کوسا، کماڻ، رودناڻي، ملڪ، ملانا، مغيري، مگسي، موچي، مڱڻيجا، مڱريا، مشوري، مهيسر، مستوئي، مڱڻهار، ماڇي، ميرجت، ملاح، مري، ملڪاڻي، ميراڻي، ميراثي، ميمڻ، منگواڻي، مزناڻي، زئونر، ڀان، سوڍر، سوها، سما، سهاڳ، هيسباڻي، دائودپوٽا، دايا، قذاق، برماڻي، سومرا، سميجا، سولنگي، ساند، سيال، ڪوري، ڪولاچي، ڪوريجا، هاتار، خاصخيلي، جانوري، جوکيا، جويا، جت، هالا، لاکا، لاکير، سهول، سيهڙا، ڪورائي، ڪليري،ڪنڀر، ڀٽي، سرهيا، سخيراڻي، بروهي، برفت، ڏاوڇ، بڙدي، بالادي، برهماڻي، گوپانگ، گرماڻي، باريجا، جلباڻي، جتوئي، جمالي، ڏاهري، ڏهر، ڏهراج، ڏهوٽ، کوکر، ٿهيم، ٽڳڙ، ڳورڙ، سهتا، مڱڻهار، ٻٻر، ٻگهيا، ٻوڪ، عباسي، ٻرڙا، ڏوگر، ڏڱر، ڪابورا، نائچ، نوناري، پنهور، گاڏهي، لغاري، فاروقي، پنهيار، پتوجا، پيچوها، پاتڻي، پليجا، پلي پوٽا، پنڃارا، هنڱورا، حاجاڻا، راهوجا، راهو، راهپوٽا، رند، لنڊ، لانگاهه، پير، پيرزادا، ڇڄڙا، چنڙ، صديقي، ڏيرا، خشڪ، قريشي، آرائين، مغل، مهاجر، پنجابي، ٻاليشاهي ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون ان کان سواءِ هندو به رهندا آهن، اهي به مختلف ذاتين ۾ ورهايل آهن.

 

دادو شهر ۾ اگهه پار جو جائزو

 

موجوده صورتحال کي سامهون رکي ڏسون ٿا ته شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن پاڪستان جي معيشيت تي ڪنٽرول ڪري، عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت شين جي اگهن جو تقابلي جائزو وٺنداسين ته اسان کي صحيح حقيقتون معلوم ٿي وينديون. سال 1957ع ۾ سڳداسي چانور اڍائي ڪلو سوا روپئي ۾ ملندا هئا. هن وقت اڍائي ڪلو باسپتي، سڳداسي ۽ ڪرنل سؤ روپين کان به مٿي وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪپڙو ٻه رپيا وال ملندو هئو. اهو هن وقت گهٽ ۾ گهٽ سؤ روپين ۾ ملي رهيو آهي. ڪڻڪ اٺ رپيا مڻ هو. هن وقت اهو ساڳيو ڪڻڪ جو مڻ سؤ روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ڳڙ ۽ مٺائي جو اگهه 1970ع تائين اٺن ان ٻارهن روپين ۾ مڻ وڪرو ٿيندو هو، جيڪو هن وقت ٻارهن سون کان تيرهن سو روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. کنڊ اڳوڻي صدر ايوب جي دور ۾ حڪ رپيو في ڪلو هئي. جڏهن ته هن وقت 60 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. سال 1968ع ۾ کنڊ هڪ رپيو ڪلو مان وڌي سوا رپيو ٿي ته پوري ملڪ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. ان ڪري صدر ايوب مجبور ٿي کنڊ ساڳي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن وقت صورتحال اها آهي ته ماڻهو سخت پريشان آهن، هر مهيني تيل جا اگهه وڌايا پيا وڃن. ان ڪري گاڏين جا ڪرايا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. دادو کان حيدرآباد جو ڪرايو پندرهن روپيه هئو. جيڪو هن وقت اڍائي سو روپين کان به چڙهي ويو آهي. دادو کان لاڙڪاڻه ريل جو ڪرايو 1967ع ۾ 2 رپيا هو، هن وقت 300 رپيا ٿي ويو آهي. شين جا اگهه روزانه وڌندا رهن ٿا. ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن. روزگار جا دروازا به بند ٿي ويا آهن. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي دور وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ٿيا. لکين بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ويون. محترم بينظير جي حڪومت 1997ع ۾ ختم ڪري ڪوڙي مئنديڊ ذريعي نواز شريف کي وزيراعظم بنايو ويو. ان وقت کان ئي سنڌ جي مٿان قهري ڪارايون شروع ٿي ويون. لکين ملازمن کي نوڪرين کان برطرف ڪيو ويو. سنڌ ۾ ترقياتي ڪم بند ڪرايا ويا. پنجاب ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا. پنجاب ۾ چوويهه ڪلاڪ ئي ترقياتي ڪم جاري رهيو. جڏهن ته سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو. لاهور کان پشاور تائين موٽر وي تعمير ڪرايو ويو ۽ سڄي ملڪ جو پيسو پنجاب تي خرچ ٿيڻ لڳو. مٿان وري ڪالاباغ ڊيم جي رٿا منظور ڪئي وئي. ان ڪري سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين گڏجي هڪ مڪمل ملڪ گير هڙتال ڪرائي، جنهن ۾ پنجاب جي سرحد وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ٻين سنڌ جي سياستدان بهرو ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org