سکر بئراج جي اولهه طرف کان 3 مکيه واهه کيرٿر
ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال تعمير ڪيا ويا.
رائس ڪئنال جيڪو سانوڻي جي موسم ۾ وهندو اهي. ان
تي سارين جي پوک ٿيندي آهي. کيرٿر ڪئنال ۽ دادو
ڪئنال دائمي واهه آهن ۽ سڄو سال وهندا آهن. دادو
ڪئنال سکر مان نڪري سيوهڻ تعلقي ۾ وڃي ختم ٿئي ٿو.
هي ڪئنال لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي زمينن کي آباد
ڪري ٿو. دادو تعلقي ۾ جيڪي واهه ۽ شاخون دادو
ڪئنال مان نڪري زمين کي آباد ڪن ٿيون انهن جو
تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
پيارو ڳوٺ ڊسٽري:
هيءَ شاخ، دادو ڪئنال مان نڪري ٿي، جيڪا دادو،
خيرپور ناٿن شاهه جي زمين کي آباد ڪري ٿي. هن شاخ
تي ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، تيلي ٻج، چڻا، مٽر ۽ ٻي
پيدائش ٿئي ٿي.
راهو جا مائنر:
راهوجا مائنر به دادو ڪئنال مان نڪري دادو ۽
خيرپور ناٿن شاهه جي زرخيز زمين کي آباد ڪري ٿي.
هن مائنر تي ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، تيلي ٻج ۽ ٻيون
زرعي جنسون پوکيون وڃن ٿيون. هن مائنر تي 41 واٽر
ڪورس قائم ڪيا ويا آهن ۽ ڏهه هزار ڇهه سو
پنجيتاليهه ايڪڙ زمين پوکي هيٺ آيل آهي.
ربيع لاکير مائنر:
هيءَ شاخ، دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي زرعي زمينن
کي آباد ڪري ٿي. هن شاخ تي چار هزار ٽي سؤ چوهتر
ايڪڙ زمين آباد ٿيندڙ آهي. هن شاخ تي ربيع جي موسم
۾ فصل پوکيو ويندو آهي. هن مائنر تي 9 واٽر ڪورس
آهن. پاڻي جو اخراج 19.50 آهي.
سيتا مائنر:
سيتا مائنر تي پندرهن واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا آهن.
پاڻي جو اخراج 33.50 آهي.د ادو ۽ خيرپورناٿن شاهه
جي ٻه هزار ٻه سؤ اٺاويهه ايڪڙ زرعي زمين هن مئانر
تان آباد ٿيندڙ آهي.
ڍورو مائنر:
هيءَ مائنر دادو ڪئنال مان نڪري ٿي. دادو ۽
خيرپورناٿن شاهه تعلقن جي زرخيز زمين آباد ڪري ٿي.
هن مائنر تي ڇهه واٽر ڪورس آهن. هڪ هزار ست سؤ
ٽيهٺ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. پاڻي جو اخراج 12.30
آهي.
ڊوگر مائنر:
ڊوگر مائنر دادو ڪئنال مان نڪري ٿي، دادو ۽
خيرپورناٿن شاهه جي ٻه هزار نو سؤ ٽياسي ايڪڙن کي
آباد ڪري ٿي. هن مائنر تي ٻارنهن واٽر ڪورس آهن.
جڏهن ته پاڻي جو اخراج 25.20 آهي.
رُڪڻ مائنر:
رُڪڻ مائنر تي ٽوٽل آبادي تي هزار ٻه سؤ ايڪڙن تي
ٿيندي آهي. هيءَ مائنر دادو ڪئنال مان نڪري ٿي. هن
مائنر تي ٻارهن واٽر ڪورس آهن ۽ پاڻي جي ڊسچارج
25.20 آهي. ڪڻڪ، ڪمند، ساريون ۽ ٻيون زرعي جنسون
هن مائنر تي ٿينديون آهن.
پاٽ مائنر:
پاٽ مائنر دادو ڪئنال مان نڪري دادو ۽ خيرپورناٿن
شاهه جي زمين کي آباد ڪري ٿي. هن مائنر تي واٽر
ڪورس قائم ڪيا ويا آهن. پاڻي جو اخراج 15.10 آهي.
پير ڳڻيو ڊسٽري:
پير ڳڻيو ڊسٽري، دادوڪئنال مان نڪري ٿي. دادوتعلقي
جي ڏهه هزار ست سؤ ٻاونجاهه ايڪڙ زمين کي سيراب
ڪري ٿي. هن شاخ مان ايڪيتاليهه واٽر ڪورس ڪڍيا ويا
آهن. پاڻي جو خراج 153.0 آهي هن شاخ تي ڪڻڪ،
ساريون، ڪپهه، تيلي ٻج، ڪمند ۽ گاهه جي پيدائش ڪئي
وڃي ٿي.
کارڙو مائنر:
کارڙو مائنر، دادو ۽ جوهي تعلقي جي وسيع ايراضي کي
سيراب ڪري ٿي. شاخ تي ٽيٽيهه واٽر ڪورس قائم ڪيا
ويا آهن. انهن واٽر ڪورسن ذريعي يارنهن هزار چار
سؤ ايڪونجاهه ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن مائنر تان
پاڻي جو گذر 65.0 آهي.
باغبان مائنر:
دادو تعلقي جي هڪ هزار ٽي سؤ پنجويهه ايڪڙ زمين
آباد ٿئي ٿي. هن مائنر تي ڇهه واٽر ڪورس آهن ۽
پاڻي جي گنجائش 5.12 آهي هن شاخ تي ڪڻڪ، ڪمند،
ساريون، وونئڻ ۽ تيلي ٻج پوکيا وڃن ٿا.
اپر نور واهه:
هن واهه تان دادو تعلقي جي زمين آباد ٿيندي آهي،.
اپر نور واهه تي ٻارهن واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا
آهن. هن واهه تي پاڻي جو اخراج 18.61 آهي ۽ انهن
واٽر ڪورسن تي ٽي هزار پنج سؤ ايڪڙ زمين آباد ٿئي
ٿي. هن واهه تي ڪڻڪ، ساريون، وونئڻ، تيلي ٻج ۽
ٻيون زرعي جنسون پوکيون وڃن ٿيون.
لوئر نور واهه:
هن واهه تي اٺ هزار ٻاهتر ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
لوئر نور واهه تي ٽيويهه واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا
آهن. ۽ پاڻي جي گنجائش 31.28 آهي. هن واهه تي ڪڻڪ،
ساريون، ڪپهه، چڻا، مٽر، پوکيا وڃن ٿا.
جاگير مائنر:
جاگير مائنر تي تيرهن واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا آهن.
هن تي ٻه هزار چار سؤ ارڙهن ايڪڙ زمين آباد ٿئي
ٿي. هن مائنر تان پاڻي جو اخراج 57.30 آهي.
لانڍي مائنر:
هن شاخ تي تيرنهن هزار اٺٽيهه ايڪڙ زمين آباد ٿئي
ٿي. شاخ مان اٺ واٽر ڪورس زمين کي سيراب ڪري رهيا
آهن. شاخ تان پاڻي جو اخراج 57.30 آهي.
ڦِڪا ڊسٽري:
ڦِڪا ڊسٽري تي پنجاهه واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا آهن.
هن شاخ تان چوڏهن هزار پنج سؤ ايڪهٺ ايڪڙ زمين
آباد ٿئي ٿي. هن شاخ تان پاڻي جو خراج 108.50 آهي.
خداآباد مائنر:
هن شاخ تي يارهن هزار اٺ سؤ ست ايڪڙ زمين آباد ٿئي
ٿي. جيڪا ٻٽيهه واٽر ڪورس ذريعي آباد ٿئي ٿي. هن
شاخ تان پاڻي جو گذر 41.03 آهي. ڪڻڪ، ڪپهه، ساريون
۽ ڪجهه ڪمند جي به پوک ٿئي ٿي.
پپري مائنر:
پپري مائنر تي چار هزار هڪ سؤ نوانوي ايڪڙ زمين
آباد ڪرڻ جي گنجائش آهي. شاخ تي ٻارهن واٽر ڪورس
قائم ڪيا ويا آهن ۽ پاڻي جي گنجائش 15.90 آهي. هن
شاخ تي ڪڻڪ، ساريون، ڪپهه، سائي ڀاڄي ۽ تيلي ٻج
پوکيا وڃن ٿا.
بکراڻي مائنر:
بکراڻي مائنر تي چوويهه واٽر ڪورس آهن. انهن واٽر
ڪورسن ذريعي ڇهه هزار چار سؤ چاليهه ايڪڙ زمين
آباد ٿئي ٿي. هن شاخ تان پاڻي جو اخراج 35.20 آهي.
اپر فارم مائنر:
هيءَ مائنر دادو ڪئنال مان نڪري ٿي. هن مائنر تي
اٺ سؤ ايڪيهه ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن مائنر تي
صرف ٽي واٽر ڪورس قائم ڪيا ويا آهن ۽ پاڻي 3.09
گذري ٿو.
دٻي مائنر:
دٻي مائنر، دادو ڪئنال مان نڪري ٿي هن تي نو واٽر
ڪورس آهن. هن مائنر تان ٽي هزار ٽي سؤ چوهٺ ايڪڙ
زمين آباد ٿئي ٿي. هن شاخ تان پاڻي جو اخراج 10.30
آهي. دٻي مائنر تي ڪڻڪ، ڪپهه، تيلي ٻج، سائي ڀاڄي
۽ ٻيون زرعي جنسون آباد ڪيون وڃن ٿيون.
لوئر فارم واهه:
لوئر نور واهه تي ٽي هزار ٽي سؤ اٺونجاهه ايڪڙ
زمين آباد ڪرڻ جي گنجائش آهي. هن واهه تي اٺ واٽر
ڪورس آهن ۽ پاڻي جي گنجائش 16.11 آهي. لوئر فارم
واهه تي ڪڻڪ، ڪپهه جي پوک، ٿئي ٿي. اڳ ڪمند جي پوک
جام به ٿيندي هئي. پيارو ڳوٺ شگرمل بند ٿيڻ سبب
ڪمند جي پوک بند ڪئي وئي آهي.
دائم برانچ:
دائم برانچ جوهي ۽ سيوهڻ تعلقن جي اوڻيهه هزار ٻه
سؤ ٻائيتاليهه ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جي گنجائش آهي.
هن برانچ تي پنجهٺ واٽر ڪورس آهن ۽ پاڻي جي گنجائش
242.40 آهي. هن برانچ تي ڪڻڪ، ساريون، ڪپهه، تيلي
ٻج ۽ سائي ڀاڄي آباد ٿئي ٿي هن برانچ تي ڪمند جو
پوک به ٿيندي هئي. پيارو ڳوٺ شگرمل بند ٿيڻ سبب
هاڻي ڪمند جي پوکي هارين بند ڪري ڇڏي آهي.
واڌو واهه (ڇنڊڻ):
هيءُ واهه، دادو شهر جي ڀرسان دادو ڪئنال مان نڪري
ٿو ۽ ڀرپاسي جي زمين کي آباد ڪري ٿو، هن واهه تان
ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه جي آبادي ٿئي ٿي.
نوٽ:
گذريل اٺن ڏهن سالن کان پاڻي جي شديد اڻاٺ سبب
هاڻي آبادي گهٽ ايراضي تي پوکي وڃي ٿي.
زرعي پيدائش
ربيع وارا فصل:
ڪڻڪ: ربيع جوهي فصل دادو تعلقي جي وسيع و عريض
علائقي تي پوکيو وڃي ٿو. ڪڻڪ جي آبادي واهن، شاخن
۽ واٽر ڪورسن کان علاوه دريائي ٻوڏن ۽ مشينن ذريعي
پڻ آباد ڪئي وڃي ٿي. ڪڻڪ جي پوکائي نومبر جي پهرين
تاريخ کان ڊسمبر جي سڄي مهيني تائين پوکي وڃي ٿي.
دادو تعلقي جي ٻاونجاهه هزار ايڪڙن کان مٿي ايراضي
تي آبادي ڪئي وڃي ٿي.
چـــڻـــا:
چڻا تقريباً چار سؤ ايڪڙن تي پوکيا وڃن ٿا. چڻن جي
پوکي نومبر کان شروع ڪئي ويندي آهي، جيڪا پورو
مهينو چالو رهندي آهي.
مـــٽــر:
مٽرن جو فصل گهڻو ڪري ڪچي ۾ پوکيو وڃي ٿو، تقريباً
500 ايڪڙن تي مشتمل هي فصل پوکي هيٺ آيل آهي.
تــيــلي ٻــج:
تيلي ٻج جنهن ۾ سرنهن ڄانڀو ۽ توريو فصل شامل آهن.
اهي گهڻو ڪري سيپٽمبر کان پوکڻ شروع ڪندا آهن. ۽
ڊسمبر جي آخري هفتي تائين. پوکيا ويندا آهن. هن
مان کاڄرو تيل ۽ گهه به تيار ٿيندو آهي. ۽ ان جي
کڙ مال کي ڏنو ويندو آهي ته مال سگهو ٿي ويندو آهي
هي ناڻي وارو فصل آهي.
جَــــوَ:
جَوَن جو فصل نومبر جي پهرين هفتي کان ڊسمبر جي
آخر تائين پوکيو ويندو آهي هي فصل 108 ايڪڙن تي
پوکيو وڃي ٿو.
بَــصــر:
بصر سال ۾ ٻه دفعا پوکيا وڃن ٿا، ڦلڪا بصر آگسٽ ۾
پوکيا وڃن ٿا. بصرن جو فصل دادو تعلقي ۾ 1200
ايڪڙن تي پوکيو ويندو آهي، هي ناڻي وارو فصل آهي.
سايون ڀاڄيون:
سايون ڀاڄيون جيڪي ربيع ۾ پوکيون وڃن ٿيون. انهن ۾
واڱڻ، گوگڙو، بصر، گوبي، گجرون، موريون، پيز،
ٽماٽا، پالڪ ۽ ٿوم شامل آهي. هي فصل هڪ سؤ سٺ
ايڪڙن تي پوکيو وڃي ٿو.
بـــرسيم:
برسيم جيڪو نومبر ۾ پوکيو ويندو آهي، هي گاهه جو
قسم آهي ۽ چوپايو مال کائيندو آهي. برسيم جو فصل
1650 ايڪڙن تي پوکيو ويندو آهي. برسيم سان گڏ
ڇاٽالو ۽ ڪجهه لوسڻ به پوکيو وڃي ٿو.
خريف وارا فصل
وونئڻ:
وونئڻ جو فصل اپريل کان پوکي هيٺ ايندو آهي، جيڪو
مئي جي پندرهين تائين جاري رهندو آهي. هي ناڻي
وارو فصل آهي، هن مان ڪپڙو ٺهندو آهي ۽ کاڄرو تيل
کان علاوه کڙ به دستياب ٿيندو آهي، هي فصل 8150
ايڪڙن تي پوکيو وڃي ٿو.
ســـاريــون:
هي فصل جون جي مهيني کان شروع ٿيندو آهي، جيڪو
سيپٽمبر تائين جاري رهندو آهي. ساريون 10500 ايڪڙن
تي پوکيون وڃن ٿيون.
بـــصــــر:
هي فصل تقريباً پندرهن سؤ ايڪڙن تي پوکيو ويندو
آهي.
مــــرچ:
مرچن جو فصل 550 ايڪڙن کان مٿي ايراضي ۾ پوکيو وڃي
ٿو.
جـــوئـــر:
جوئر جو فصل ستر جي ڏهاڪي تائين وڏي ايراضي تي
پوکيو ويندو هو. جيڪو هن وقت صرف 65 ايڪڙن تي مس
پوکيو وڃي ٿو. هن وقت جوئر صرف مال جي چاري لاءِ
استعمال ٿيندي آهي. جڏهن ته اگ اناج استعمال ٿيندي
هئي.
مڪئي:
مڪئي خريف ۾ پوکي وڃي ٿي. جيڪا کائڻ لاءِ ڪم ايندي
آهي. ان جو گاهه مال لاءِ چاري طور استعمال ڪيو
وڃي ٿو. هي فصل صرف اٺاويهه ايڪڙن تي آبادگار
پوکيندا آهن.
ڀاڄيون:
سايون ڀاڄيون جن ۾ ڀينڊيون، توريون، ڪريلا، ميها،
لوڻڪ ۽ ٻيون سايون ڀاڄيون شامل آهن. اهي ڀاڄيون
اونهاري ۾ پوکيون وڃن ٿيون، ساين ڀاڄين جي ڏيڍ سؤ
ايڪڙن کان مٿي ايراضي تي آبادي ڪئي ويندي آهي.
ڪمند:
ڪمند جو فصل 5200 ايڪڙن تي پوکيو وڃي ٿو. ڪمند به
اهم فصلن ۾ شمار ٿئي ٿو.
گاهه:
مال جي چاري لاءِ خريف ۾ به مختلف گاهه پوکيا وڃن
ٿا، جن ۾ جوئر، مڪئي ۽ ٻاجهري به شامل آهي. هي فصل
ست سؤ پنجاهه ايڪڙن تي پوکيو وڃي ٿو.
هنر (دستڪاريون):
صدين کان سنڌ ۾ هٿ جي پور هئي. (دستڪاري) کي وڏي
اهميت حاصل آهي. هر ننڍي وڏي ڳوٺ وستين ۽ واهڻن ۾
هٿ جو هنر جام ۽ وڏي پئماني تي ٿيندو هو. کيتي
باڙي ۾ هر کي خصوصي اهميت آهي. دادو تعلقي جي هر
ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڊکڻن جا ٻه چار گهر ضرور هوندا
هئا. جيڪي هارپي جا مختلف اوزار ٺاهيندا هئا. ان ۾
هر پنجاريون ٺاهيندا هئا. اڳ ڪاٺ جي هرن کي زمين
کيڙن ۽ پوکي راهي ۾ ڪم آڻيندا هئا. پنجاريون به
هرن ۾ ڪم اينديون هيون. ڏاندن کي ڳچي ۾ پنجاريون
وجهي هر کي ان پنجاري ۾ بند ڪري زمين کي هر ڏيندا
هئا. هر ۽ پنجاري کان علاوه ڪاٺ جي تختن مان
ڪيڻيون به ڊکڻ ٺاهيندا هئا. هاري ڪيڻين ذريعي زمين
کي هموار ۽ سڌي ڪري ان زمين ۾ آبادي ڪندا هئا.
دادو تعلقي جي ڳوٺن ۾ ڪنڀرن جا ٻه چار گهر به
هوندا هئا ۽ ڪنڀر چيڪي مٽي مان دِلا، مٽ، گهگهيون،
پيالا به ٺاهيندا هئا، ان سان گڏ ڪونار، لوٽا،
لوٽيون به ٺاهيندا هئا. لوٽا ۽ لوٽيون نار ۾ ٻڌي
پاڻي اڏن ذريعي زمين ۾ پهچائيندا هئا ۽ پوءِ آبادي
ڪئي ويندي هئي. نار ۽ هُرلو آبپاشي جو قديم ذريعو
رهيو آهي، نار ۾ جيڪي اوزار ڪتب ايندا آهن. انهن
جا مختلف نالا آهن. جن ۾ ننڍي چڪر، وڏي چڪر، ڳاڏي،
ٺهڪڻ، مڪڙو، ارو، نيسر، پاڙڇو، ڪاڇڻ اٻنگ ۽ ٻيا
ڪافي اوزار جيڪي اڪثر ڪري ڊکڻ ڪاٺ مان جوڙيندا
آهن. ان سان گڏ گهوڙن جا هَنا به ٺاهيندا هئا. ان
کان علاوه اسان جي ڳوٺن ۾ موچين جا به ڪجهه گهر
آباد هوندا هئا. موچي زنانيون ۽ مردانيون جتيون
ٺاهيندا هئا ۽ هن وقت جتين جو رواج نڪري ويو آهي.
ان جي جڳهه تي بوٽ، سينڊل، چپک ۽ ٻيو سامان چمڙي
مان تيار ڪندا آهن. اسان جي ڳوٺن ۾ عورتون
دستڪارين ٺاهڻ ۾ ڀڙ آهن. گهگها، گـج، گنجيون،
رليون، چادرون، ٽوپيون، وهاڻن جون ڇئون، دٻڪيون،
ڇٻا، ڇٻيون ۽ ٻيا هنر سليقي سان ٺاهينديون آهن.
ڀرت جو ڪم نفيس ۽ اعليٰ قسم جو ٺاهيو ويندو آهي.
گهگهن، گجن، چولن، وهاڻي جي ڇئن تي گلڪاري ڏاڍي
سليقي سان ڪئي ويندي آهي. هن وقت جديد قسم جون
مشينون اچي ويون آهن ۽ مشين ذريعي ڀرت جو ڪم ڪيو
وڃي ٿو. بهرحال پوءِ به اسان جا هي قديم هنر اڃا
تائين پنهنجي انفراديت قائم ۽ دائم رکندا پيا اچن.
دادو تعلقي ۾ پيش ٿي ٺهندڙ سامان اڃا به تيار ٿي
رهيو آهي. پيش مان واڻ، تڏا، مصلا، ڇٻا، ڇٻيون ۽
ٻيو سامان به ٺهندو آهي. ڪجهه ماڻهو چمپلن جي جڳهه
تي پيش مان ٺهيل شاهل چمپل به ٺاهيندا آهن ۽ ماڻهو
شوق سان پائيندا آهن. اڪثر ڪري ٻڪرين ۽ رڍن جا
ڌنار شاهل پائيندا آهن.
دادو تعلقي جي اڪثر ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لوهرن
جا گهر به هوندا هئا. جيڪي اڃا تائين قائم آهن.
لوهر ڪيترائي اوزار لوهه مان تيار ڪندا هئا، جن ۾
گهوٻا، ٽڦڻيون، ڪڙا، ڪُنڍا، ڏاٽا، ڏاٽيون، ڪل،
ڪوڏرون، ڪهاڻيون، رنبا، رنبون، تيشيون ۽ ٻيو سامان
ٺاهيندا هئا ۽ انهن اوزار مان مختلف ڪم وٺندا هئا.
هي هنر اڃا تائين جاري آهي.
سر ۽ ڪانهن دادو تعلقي جي ٻهراڙين ۾ وڏي پئماني تي
ٿيندو آهي. سر جڏهن ڍڍي تي پهچندو آهي. ته ٻهراڙي
جا ماڻهو ان ڍڍي کي ڀڃي گڏ ڪندا آهن. پوءِ انهن کي
سڪائيندا آهن. سڪي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ڍڍن کي
پاڻي ۾ پسائي ان کي مڳري سان ڪٽي پوءِ ان مان واڻ
ٺاهيندا آهن. ڪانهن جي صرف پنن کي ڌڪ هڻي ڪٽي ان
مان به واڻ ٺاهيندا آهن. ڪانهن جي صرف پنن کي ڌڪ
هڻي ڪٽي ان مان به واڻ ٺاهيندا آهن. سرن جي ڍڍي
مان جيڪو واڻ ٺهندو آهي، اهو ڏاڍو نفيس هوندو آهي.
اڪثر ڪري سچي سر جو واڻ ڏاڍو سٺو پائدار هوندو
آهي. |