سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 31

جنڊي جو سامان:

جنڊي جو سامان تعلقي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ وڏي پئماني تي ٿيندو هو. اهو هنر به اڃا تائين انهن ڳوٺن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو. انهن ڳوٺن ۾ ڪاڪڙي ۽ عبدالرحيم جوکره مشهور آهن. جنڊي مان کٽن جا پاوا، هندورا، پينگها، منجيون ۽ ٻيو سامان ٺاهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه چوٿڙا پاٽيون ۽ ٽويا ٺاهيا ويندا هئا. جيڪي ان جي ماپ ۾ ڪتب ايندا هئا. هن وقت انهن ماپن جو رواج نڪري ويو آهي. تڏهن به ڪيترائي تاريخ جا ڄائو، پنهنجي ڪمرن کي سينگارڻ ۽ يادگار طور رکڻ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن.

 

دادو تعلقي جا پتڻ

 

پتڻ، ان کي چئبو آهي جو درياءُ تي مخصوص هنڌن تان ٻيڙين يا غورابن ذريعي مال هڪ پاسي کان ٻئي پاسي اماڻجي يا ٻيڙين ذريعي مال لهي، چڙهي. قديم دور کان ٻيڙين ذريعي واپار هلندو هو، ۽ ٻيڙيون هميشه پتڻ جي موجود هونديون هيون. دادو تعلقي ۾ به ڪيترائي پتڻ آهن، جتان مال لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو آهي، دادو تعلقي ۾ هيٺيان مشهور پتڻ آهن، جن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

سيتا پتڻ:

سيتا، قديم پتڻ آهي، جيڪو درياءَ جي ڪپ تي واقع هو. درياءُ پائڻ سبب اهو بندر اجڙي ويران ٿي ويو آهي. هن وقت به سيتا جي نالي تي ٽي وڏا شهر هڪٻئي جي بلڪل قريب آهن. سيتا بندر تان ماڻهو دريا جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ٻيڙين ذريعي سفر ڪندا هئا. پنهنجو جوچايو مال، اناج ۽ هن بندر ذريعي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ٻيڙين ذريعي روانو ڪندا هئا. ان ڪري درياءُ جي ٻنهي پاسن جي ماڻهن کي آمد و رفت ۾ سهوليت ٿيندي هئي هي قديم بندر آهي. جيڪو اڃا تائين ماڻهن جي آمد و رفت جو ذريعو آهي.

ناصراڻي پتڻ:

ناصراڻي پتڻ به قديم بندرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ پتڻ ڳوٺ ناصراڻين جي ڀرسان آهي. هن پتڻ تان ماڻهو ٻيڙين ذريعي سفر ڪندا آهن. ان کان علاوه چوپايو مال اناج ۽ ٻيون زرعي جنسون هن پتڻ تان روانيون ڪيون وينديون هيون. هي بندر اچ وڃ لاءِ اهم ذريعو هو. جيڪو سيتا ناصراڻي ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي آمد و رفت جو مکيه ذريعو هو.

رڪڻ پتڻ:

رڪڻ، هڪ قديم شهر آهي، رڪڻ نالي سان ٻه شهر، نئين رڪڻ ۽ پراڻي رڪڻ سڏجن ٿا. رڪڻ دريائي بندر هو، هن بندر تان درياءُ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ماڻهو ٻيڙين ذريعي آمدرفت ڪندا هئا،. هي قديم ترين بندر آهي، هن بندر ذريعي علائقي جو مال ٻيڙين ۽ غورابن ذريعي ڏيسارو ويندو هو ۽ اتان وري ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. ۽ هن بندر تي لنگرانداز ٿيندا هئا. اهو مال هن علائقي جي وڏن شهرن تائين پهچندو هو. ۽ اتان واپاري مال خريد ڪري ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري خوشحال زندگي گذريندا هئا، هن بندر تان جيڪو مال ٻاهر ويندو هو، ان ۾ ڪڻڪ، چانور، تيلي ٻج، چوپايو مال، گهوڙا، اُٺ ۽ ٻيو مال شامل هو. ان کان علاوه نير، تلوارون، جنڊي جو سامان، صندوقون به شامل هيون. اهي به ٻاهر روانو ڪيون وينديون هيون.

پراڻو ديرو پتڻ:

پراڻو ديرو، هڪ قديم شهر آهي، جيڪو درياءُ جي ساڄي پاسي اڄ به قائم دائم آهي. هيءُ شهر دريائي بندر هو. هن بندر تان  ٻيڙين ذريعي درياءُ پار ڪندا هئا. مال مويشي اناج، ٻج درياء جي هڪ ڀر کان ٻئي ڀر تائين پهچائيندا هئا. هي واپار بندر هو، هن بندر تي هميشه وڏا ٻيڙا ۽ غوراب بيٺل هوندا هئا. مال لهندو ۽ چڙهندو هو. هن بندر تان اناج، تيلي ٻج، لونگ، ڪارا مرچ، آبنوس، ڪافور، ناريل، گهوڙن جون زينون، چمڙو ۽ تلوارون جهازن رستي عدن تائين پهچڻ لڳيون. ان وقت سنڌي واپاري غرناطه تائين پهتا. ۽ مشرق ۾ سلون، سنگاپور ۽ چين تائين پهتا. ٻين بندرن کان علاوه پراڻي ديري بندر تان به واپاري غورابن ذريعي هن بندر تي پهچندو هو. جتان مقامي واپاري سامان خريد ڪري مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا هئا. سنڌ جا اڪثر شهر درياءُ جي ڪنارن ڀرسان قائم هئا، ان جي نشاندهي مشهوي سياح، ابن بطوطه ڪئي آهي. ان جو چوڻ موجب سنڌ جي شهرن ۾ کير ۽ مڇي جام هئي. سندس ڏينهن ۾ سنڌوندي تي جهاز راني چالو هئي. ان مان ثابت ٿيو ته هن جا بندر واپار جا مرڪز هئا. انهن ۾ پراڻو ديرو بندر به شمار ڪري سگهجي ٿو. هي بندر انگريزن جي دور ۾ ته وڏي ترقي ڪئي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن سان واپار جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. انگريزن سهوليت خاطر ڦُلجي اسٽيشن کان هڪ ريل جي پٽڙي پراڻي ديري تائين وڇائي ۽ ريل رستي مال ڏيسارو موڪلڻ لاءِ هي پٽڙي استعمال ڪئي ويندي هئي ۽ ڏيسارو کان جيڪو مال پراڻو ديرو بندر تي پهچندو هو. اهو مال علائقي جي مختلف شهر ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح هن بندر علائقي جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ملڪ پتڻ:

ملڪ بندر يا پتڻ جو قديم بندرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن شهر کي ملڪ قبيلي جي ماڻهن آباد ڪيو هو. انهن جي نالي پٺيان هي ڳوٺ ۽ بندر سڏجي ٿو. هن بندر ذريعي دادو ۽ موري جا ماڻهو ٻيڙين ذريعي درياءُ عبور ڪندا هئا. چوپايو مال اناج ۽ ٻيون سامان ٻيڙين ذريعي درياءُ جي ٻئي پاسي پهچائيندا هئا. هيءَ شهر واپاري مرڪز به هو. ڇاڪاڻ ته درياءُ جي ٻنهي پاسي وڏا شهر دادو ۽ مورو آباد هئا. انڪري پهريائين ڪچو مال، اناج ۽ سامان هن ڳوٺ ۾ پهچندو هو. پوءِ اُٺن ذريعي ٻين شهرن تائين پهچندو هو.

لليا پتڻ:

دادو ۽ مورو جي ڀرسان قديم ڳوٺ لليا واقع آهي، هيءُ ماڳ ٻنهي شهرن کي ملائڻ لاءِ ريڙهه جي حيثيت رکندو هو. لليا قديم بندر آهي. هن بندر تان ٻنهي شهرن ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي درياءُ عبور ڪرڻ جي سهولت ميسر هئي. هن بندر تان ماڻهن کان علاوه چوپايو مال، اَناج، تيلي ٻج ۽ ٻيو سامان ٻيڙين ذريعي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پهچايو ويندو هو. هن بندر جي ڪري دادو نوابشاهه ضلعي کان علاوه لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ ضلعي جي ماڻهن کي به سهوليت مليل هئي ۽ آرام سان پنهنجو چوپايو مال اناج ۽ ٻيون شيون انهن شهرن تائين آساني سان پهچي وينديون هيون. مرڪزي سرڪاري سال 1966ع ۾ هن بندر تي ٻيڙين جي پل تيار ڪرائي پل جو افتتاح ان وقت جي وزير مواصلات محمد خان جوڻيجي ڪيو. هيءَ پل سياري ۾ آمدرفت جو ذريعو هئي. هن وقت دادو مورو پل شهيد مخدوم بلاول پل قائم ڪئي ويئي آهي. پل جو ڪم 1974ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ پل 1984ع ۾ ٺهي راس ٿي. پل جو افتتاح جنرل ضياءُ ڪيو پل تي خرچ جو تخمينو 32 ڪروڙ  روپيه هو. مگر ان تي ڪل خرچ 22 ڪروڙ روپيه آيو.

جهَلو بندر:

هيءُ بندر، جهلو ڳوٺ وٽ درياءُ تي قائم ڪيو ويو. هن بندر تان ماڻهو هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ايندا ويندا آهن. ان کان علاوه چوپايو مال، اناج ۽ ٻيو سامان به ٻيڙين ذريعي درياءُ پار ڪيو ويندو آهي. هن وقت دادو مورو پل شهيد مخدوم بلاول پل قائم ٿيڻ کان پوءِ آمدرفت گهڻو ڪري پل ذريعي ٿيندي آهي.

دادو مورول پل/ شهيد مخدوم بلاول پل:

سکر کان حيدرآباد تائين سنڌو درياءُ تي ڪابه پل نه هئڻ ڪري عوام سخت تڪليفن سان دوچار هو. ۽ گهڻي وقت کان مورو کان دادو تائين رسائي لاءِ هڪ پل جي اشد ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي. خاص طور تي لليا پتڻ وٽ جيڪو مورو کان 6 ميلن جي مفاصلي تي واقع هو. عوام جي ديرينه خواهش کي ڏسندي ان دور جي عوامي حڪومت (شهيد ڀٽو دور) ان ڳالهه کي ترجيح ڏني ته عوام جو اهو خواب پورو ٿئي ۽ حقيقت ۾ بدلجي وڃي.

جيئن ته سکر کان ڪوٽڙي تائين 2 سؤ ميلن جو مفاصلو آهي ۽ وچ ۾ ڪنهن به تڪڙي آمدرفت جيڪا درياءُ جي ٻنهي پاسن کان آباد شهرن کي ملائي ساڪانه هئي. خاص طور تي اوڀر کان نواب شاهه ۽ سانگهڙ جي عوام ۽ اولهه کان لاڙڪاڻي ۽ دادو جي عوام جي ميل ميلاپ جو ڪوبه تڪڙو حل ڪونه هو. ساڳي وقت آمدرفت، وڻج واپار، شين جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻئي مال جي تڪڙي رسد جو ڪوبه خاطر خواه ذريعو نه هو. درياءُ تي فقط ٻيڙين وسيلي مال ۽ ماڻهن جي اچ وڃ هئي. جيڪا نه رڳو تاخير ڪندڙ هئي. بلڪه ڪنهن حد تائين جوکائتي به هئي. ساڳي وقت ملڪي دفاع ۽ فوج جي نقل حرڪت لاءِ پڻ مورو کان درياءُ تي ڪراسنگ انتهائي ضروري امر شمار ڪئي وئي. ان خيال کي مدنظر رکندي لليا پتڻ تي درياءُ تان ڪراسنگ لاءِ هڪ جديد پل جي ضرورت محسوس ٿي. ان ساڳي هنڌ تي 1966ع کان ٻيڙين جي پل تعمير ڪرائي وئي. جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير مواصلات (مغربي پاڪستان) محمد خان جوڻيجي ڪيو. بعد ۾ 2 اسٽيمر جهاز فيري سروس لاءِ پڻ بيهاريا ويا. پر جيئن ته پل جي تعمير ناگذير بڻجي وئي. هڪ جديد پل جي رٿا کي مدنظر رکي. ڀٽو دور جي عوامي حڪومت ۾ 1974ع کان دادو مورو پل جو ڪم شروع ڪيو ويو. جيڪا 14 سيپٽمبر 1982ع تي مڪمل ٿي ۽ ان وقت جي صدر جنرل ضياء ان جو افتتاح ڪيو. هيءَ ملڪ جي واحد پل آهي. جيڪا جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهترين طرز تعمير سان تيار ڪئي وئي آهي. هي پل ايشيا جي سڀ کان وڏي، ڪشادي ۽ جديد طرز تعمير جو نمونو آهي.

هن پل مان پاڻي جي نيڪال جي گنجائش 13 لک ڪيوسڪس آهي. دريائي بندن درميان مفاصلو ساڍا 8 ميل آهي. پل جي ڊيگهه 3950 فوٽ آهي. پل جا 13 دروازا آهن. هر هڪ دروازي جي اندرو اندر مفاصلو 316 فوٽ ۽ 8 انچ آهي. ٻن آخري دروازن جو مفاصلو 233 فوٽ 4 انچ آهي. پل جي 36 فوٽ 8 انچ ويڪر آهي. ان تي روڊ جي ويڪر 28 فوٽ آهي. ٻنهي پاسن کان فوٽ پاٿ آهي. هر هڪ جي ويڪر ساڍا 3 فوٽ آهي. ڀتين جو بنياد 151 فوٽ آهي. پل جو مددي بند 5600 فوٽن جو آهي. جڏهن ته وهڪري کي يڪجاءِ ڪري گذاريندڙ حاشائي بند سڄي پاسي کان 2970 فوٽ آهي ۽ کٻي پاسي کان 11600 فوٽ آهي. هن پل ۾ جيڪو مٽيريل استعمال ٿيو آهي. ان جو تفصيل هن ريت آهي. مٽي جو ڪم 11 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ، پٿر 2،74 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ، ڪنڪريٽ 11 لک ڪيوبڪ فوٽ، سيمنٽ 12 هزار ٽن ۽ لوهه 1920 ٽن پل ۾ ڪتب آيو آهي. دادو مورو برج پراجيڪٽ گورنمينٽ سنڌ جي اريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمينٽ جي نگراني ۾ هليو. جيئن ته مٿي ذڪر ڪيل آهي ته پل جو ڪم 1974ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ شروع ٿيو هو. هن پراجيڪٽ جو تخمينو 32 ڪروڙ منظور ڪيو ويو. جڏهن ته ان تي 22 ڪروڙ 28 لک روپيه خرچ ٿيو. هن پل جو افتتاح جنرل ضياء 14 سيپٽمبر 1982ع مطابق 25 ذي القعد 1402هه تي ڪيو. پل جو ڪم هيٺين آبپاشيءَ جي عملدارن جي ايامڪاري ۽ نگراني ۾ هليو تن ۾ عبدالوهاب شيخ ايڊيسنل چيف سيڪريٽري حڪومت سنڌ، ايچ، ايم، ڏهر سيڪريٽري آبپاشي حڪومت سنڌ، اي. ايڇ ميمڻ چيف انجنيئر سکر بئراج، اي. آر ميمڻ چيف انجنيئر سکر بئراج، محسن شيخ سپرنٽينڊنگ انجنيئر، عبدالقادر ابڙو ايگزيڪيوٽر انجنيئر، شجاع احمد جوڻيجو، ايگزيڪيويٽو انجنيئر قابل ذڪر آهن. جڏهن ته هن پراجيڪٽ جا ڪنسلٽنٽ پاڪستان انجنيئرنگ ايسوسيئيٽس لميٽڊ، برج انسٽرڪچرس فائونڊيشن انجنيئرنگ لميٽڊ ٽريننگ ورڪنگ، رحمان خان ختڪ ۽ شيخ منظور احمد اينڊ ڪمپني شمار ٿين ٿا.

 

دادو تعلقي جون ڍنڍون ۽ ڍورا

 

ڍنڍون:

سنڌو درياءُ کي پورالو درياءُ به چوندا آهن. ان ڪري سنڌو پنهنجو رخ هميشه پئي بدلايو آهي. رخ جڏهن به تبديل ڪيو آهي. ته اتي پنهنجا يادگار ڍنڍن ۽ ڍرون جي صورت ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا. سنڌ ۾ جتان جتان درياءُ پير پاتو آهي. اتي ڍنڍون ۽ ڍورا قائم ٿيا. دادو تعلقي ۾ ڪيترائي ڍورا ۽ ڍنڍون اڄ به اسان ڏسي سگهون ٿا. هت آءٌ ڍنڍن ۽ ڍورن جو ذڪر ڪندس جيڪي دادو تعلقي ۾ آهن.

جاکپاري جي ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ، جاکپاري ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي وڏي تعداد ۾ هوندي هئي. جنهن ۾ موراکو، ڪرڙو، ٿيلهي، ڄَرڪو، سِينگاري، گوج، ڏاهي ۽ ٻين قسمن جون مڇيون شامل آهن. ازانسواءِ سياري جي مند ۾ سائبريا مان ڪيترن ئي قسمن جا پکي اچي هن ڍنڍ ۾ ديرو ڄمائيندا هئا. ازانسواءِ بهه، لوڙهه، قم، ڪوڻيون، وڏي تعداد ۾ ٿيندا هئا. ان کان علاوه پن ۽ ڏيرگاهه به هن ڍنڍ ۾ جام هوندو هو. انهن مان تڏا، تنوريون، مصلا ٺهندا هئا. هن وقت هي ڍنڍ پاڻي نه هئڻ سبب سڪي وئي آهي. ان مان هن وقت وڏي تعداد ۾ لوڻ دستياب ٿيو اهي. جتان ٽرڪن ذريعي لوڻ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.

سچاري جي ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ، سچاري ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هن ڍنڍ مان مڇي جام ملندي هئي. جنهن ۾ ڪرڙو، ڄرڪو، ٿيلهي، موراکو، شاڪر، سنگاري، ڏاهي ۽ ٻين قسمن جي مڇي ملندي هئي. ان کان علاوه پن ڏير به وڏي انداز ۾ هوندي هئي. جن مان تڏا، تونريون ۽ مصلا به ٺهندا هئا. ان ڍنڍ ۾ پکين جا ڪيترائي قسم سياري جي موسم ۾ سائبريا مان ايندا هئا ۽ انهن جو شڪار به ٿيندو هو. ڪجھه سالن کان هيءَ ڍنڍ به پاڻي جي کوٽ سبب خشڪ ٿي وئي آهي.

چڪڻ جي ڍنڍ:

هي ڍنڍ به دادو تعلقي ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي وڏي مقدار مان حاصل ٿيندي آهي. جنهن ۾ ڪروڙ، موراکو، ٿيلهي، شاڪر، سينگاري، ڏاهي ۽ ٻيون مختلف قسمن جون مڇيون ملنديون آهن. ان کان علاوه پن، ڌير ڪل ۽ ٻيو گاهه به ٿيندو آهي. هن وقت هيءَ ڍنڍ به سڪي برباد ٿي وئي آهي.

پيرڳڻيو ڍنڍ:

پير ڳڻيو ڳوٺ ڀرسان هيءَ ڍنڍ جيڪا پير ڳڻيو ڍنڍ جي نالي سان سڏجي ٿي، خشڪ سالي سبب گذريل 25،30 سال کان ڍنڍ سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. ڪنهن دور ۾ هي ڍنڍ پکين جي شڪار کان مشهور هئي. اها هن وقت پنهنجي ماضي کي ياد ڪري هنجون هاري رهي آهي. هن ڍنڍ مان ڪنهن دور ۾ وڏي تعداد ۾ مڇي به ماري ويندي هئي. جنهن ۾ موراکو، ڪرڙو، ٿيلهي، ڏنڀرو، پوپري، شاڪر، ڏاهي ۽ سينگاري شامل آهي.

حاجي اسماعيل جو ڍورو:

هيءُ ڍورو، دادو تعلقي ۾ آهي. هن ڍوري مان مڇي ماري مارڪيٽ ۾ پهچائي ويندي آهي. هيءَ ڍورو سرڪاري طرح نيلا ۾ ٿيندو آهي. ڍوري مان ڪرڙي، ٿيلهي ڄرڪو موراکي، پوپري، ڏاهي سينگاري ۽ ٻين قسمن جون مڇيون ماري مختلف علائقن ڏانهن موڪليون وينديون آهن.

پراڻي ديري واري ڍنڍ:

هيءُ ڍنڍ، پراڻي ديري ڳوٺ وٽ هئي. جيڪا به پاڻي جي شديد اڻاٺ سبب سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. هن ڍنڍ مان وڏي تعداد ۾ مڇي اعليٰ قسم جي حاصل ٿيندي هئي. جنهن ۾ ڪروڙ، موراکو، گندڻ، ڄرڪو، سينگاري، شاڪر، پوپري، ڏاهي ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون شامل هيون، هن وقت هن ڍنڍ ۾ ڪڻڪ جي پوک ڪئي وڃي ٿي.

سوڀناريءَ جي ڍنڍ:

سونڀاري جي ڍنڍ به هن وقت سڪي وئي آهي. اڳ ۾ هن ڍنڍ مان ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، رڙو، شاڪر، ڄرڪو، ڏاهي ۽ ٻين قسمن جون مڇيون دستياب ٿينديون هيون، پاڻي نه هئڻ سبب مڇي جو نسل ختم ٿي ويو آهي. صرف ڍنڍ جا آثار ڏسي سگهجن ٿا. هيءَ ڍنڍ ڳوٺ ڏتي جي مياڻي ڀرسان آهي.

ناصراڻي ڍنڍ:

ناصراڻي ڍنڍ، ناصراڻي ڳوٺ جي ڀرسان هئي. درياء جي اٿل هئڻ سبب هيءَ ڍنڍ به پنهنجو اوج وڃائي ويٺي آهي. هن ڍنڍ مان به مڇي ملندي هئي. جنهن ۾ اعليٰ قسم جي مڇي شامل آهي.

ونڊرن واري ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ، دادو شهر جي اوڀر ۾ هئي. درياءُ جي ڇڏي وڃڻ سبب ڍنڍ سڪي وئي آهي. هاڻي ان ۾ ڪڻڪ جي آبادي ڪئي وڃي ٿي. اڳ ڍنڍ مان مڇي ماري ويندي هئي. مڇي کان علاوه بهه، قم، لوڙهه، ڪوڻيون ۽ پن پڻ ملندي هئي.

امير پير جي ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ، امير پير جي ڀرسان هئي. اها به هن وقت اجڙي وئي آهي. پاڻي نه هئڻ سبب سندس اوج ختم ٿي ويو آهي. هن ڍنڍ مان به ماڻهو مڇي ماريندا هئا.

ڪري ڍنڍ:

ڪري ڍنڍ، سيتاوليج ڀرسان اهي. اها ڍنڍ ديهه پڪو سيتا تپو پاٽ، يونين ڪائونسل پاٽ تعلقي دادو ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ به دريائي آهي. درياءُ جي اٿل سبب ڪري ڍنڍ ڀرجي ويندي هئي ۽ ان ۾ مڇي وڏي تعداد ۾ مرندي هئي. پاڻي نه هئڻ سبب سڪي وئي آهي.

موندر جي ڍنڍ:

موندر جي ڍنڍ، ڳوٺ موندر تعلقي دادو ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ به دريائي آهي. درياء جي اٿل سبب هيءَ ڍنڍ ڀرجي ويندي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي وڏي تعداد ۾ مرندي آهي. جنهن ۾ ڪرڙو، موراکو، شاڪر، گندڻ، سينگاري، ٿيلهي ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون شامل آهن.

لاکن جي ڍنڍ:

لاکن جي ڍنڍ، ديهه پڪو سيتا، تپو پاٽ تعلقي دادو ۾ آهي، درياء جي اٿل سبب هيءَ ڍنڍ پاڻي سان ڀرجي ويندي آهي. پاڻي جي ڪري هن ڍنڍ ۾ مڇي وڏي تعداد ۾ مرندي هئي ۽ ڪيترائي ملاح ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو مڇي جو شڪار ڪندا هئا. مڇي ۾ ڪرڙو، موراکو، شاڪر، گندڻ، سينگاري، ڄرڪو، ڏاهي ۽ ٻين قسمن جون مڇيون دستياب ٿينديون هيون، هن وقت هيءَ ڍنڍ سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. هيءَ ڍنڍ سيتاوليج جي ڀرسان آهي.

ڇُٽي جي ڍنڍ:

ڇُٽي جي ڍنڍ سيتاوليج جي ڀرسان آهي، جيڪا ديهه پڪو سيتا تپي پاٽ ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ درياءُ جي ڇڏي وڃڻ سبب وجود ۾ آئي آهي، هن ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون هونديون هيون، جن ۾ موراکو، ڪرڙو، گندڻ، ڄرڪو، ڏاهي، شاڪر ۽ ٻين قسمن جون مڇيون شامل هيون. ان کان علاوه سياري جي موسم ۾ پکي وڏي تعداد ۾ اچي ديرو ڄمائيندا هئا. هن وقت هيءَ ڍنڍ به سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي.

ڍورو ڏمريو:

ڍورو ڏمريو، ديهه ڍورو ڏمريو تپو پاٽ تعلقي دادو ۾ آهي، هي دريائي ڍورو آهي. درياءُ جي ڇڏي وڃڻ بعد هي ڍورو وجود ۾ آيو، ڪنهن دور ۾ هيءَ ڍورو پاڻي سان ٽمٽار هوندو هو ۽ ان ۾ مڇي پکي جام ٿيندا هئا. ان کان سواءِ بهه پپڻ، ڪوڻيون، لوڙهه، ڏير ۽ پن به جام ٿيندي هئي. گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان هيءَ ڍورو سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. آبادگار ڍوري کي هموار ڪري آباد ڪري رهيا آهن.

گهڙن وارو ڍورو:

گهڙن وارو ڍورو، به درياءُ جي ڇڏي وڃڻ سبب وجود ۾ آيو، هيءَ ڍورو ڳوٺ ميوي لنڊ جي اوڀر ۾ 1 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. ڍورو ديهه بٺي تپوباداڻي يونين ڪائونسل مرادآباد تعلقي دادو ۾ آهي. گذريل اڌ صدي کان سڪل آهي. ان کان اڳ هيءَ ڍورو پاڻي سان ڀريل هوندو هو. هن ڍوري ۾ مڇي جو شڪار ٿيندو هو. هن وقت ڍورو سڪي ويو آهي. آبادگار ڍوري کي هموار ڪري آبادي ڪري رهيا آهن.

پٽيهڙو ڍورو:

هيءُ ڍورو، سيتاوليج جي ڀرسان اهي. درياءُ جي ڇڏي وڃڻ بعد وجود ۾ آيو. ڪنهن دور ۾ هن ڍنڍ ۾ مڇي کان علاوه پکي جام هوندا هئا. بهه، پٻڻ، لوڙهه، ڪم کيروليون ۽ به جام دستياب ٿينديون هيون. گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان هي ڍورو سڪي ويو آهي. زمين کي ٽريڪٽرن ذريعي هموار ڪري، آبادگار زرعي پيدائش حاصل ڪري رهيا آهن.

ڪل وارو ڍورو:

هيءُ ڍورو، ديهه پڪو سيتا ٽپو پاٽ تعلقي دادو ۾ آهي. دريائي ڍورو آهي. گذريل 25 سالن کان هيءَ ڍورو سڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. ان کان اڳ هن ڍوري ۾ مڇي کان علاوه پکي جام هوندا هئا. شڪار جا شوقين مڇي ۽ پکي جو شڪار ڪندا هئا.

پير ترهي وارو ڍورو:

پير ترهي وارو ڍورو ديهه پير ترهو تعلقي دادو ۾ آهي. هيءَ ڍورو درياءُ ڇڏي وڃڻ سبب وجود ۾ آيو. هن وقت آبادگار ڍوري کي هموار ڪري آبادي ڪري رهيا آهن.

ڀَنڊَن وارو ڍورو:

ڀنڊن وارو ڍورو يا ڍنڍ، ديهه ڀنڊ تپو خداآباد ۾ آهي، ۽ ڳوٺ غلام علي ڀنڊ جي اوڀر ۾ واقع آهي. هيءُ به دريائي ڍورو آهي. صديون اڳ جڏهن درياءُ هتان وهندو هو، ته هيءُ ڍورو وجود ۾ آيو، درياءُ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هيءُ ڍورو پوءِ به پاڻيءَ سان ٽمٽار رهندو هو. هن ڍوري ۾ مڇيون جام مرنديون هيون. جنهن ۾ موراکا، ڪرڙا، ڄرڪا، سينگاريون، ٿيلهيون، ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون مرنديون هيون، ان کان علاوه پن به ٿيندي هئي. سياري جي موسم ۾ سائبريا مان پکي ڪهي اچي ديرو ڄمائيندا هئا. هن ڍنڍ ۾ بهه، پٻڻ، لوڙهه، کيروليون ۽ ڪوڻيون به جام ٿينديون هيون، هن وقت هيءَ ڍنڍ سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي، آبادگار زمين هموار ڪري آبادي ڪري رهيا آهن.

 

برساتون ۽ ٻوڏون

 

دادو شهر، ڪلهوڙن جي دور جو ٻڌل آهي. پهريائين ڪچي ۾ هو. دراءُ جي ٻوڏن سبب 2 دفعا پائجي ويو. هيءُ ٽيون دفعو آباد ٿيو آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ۾ درياءُ جو وهڪرو هتان به هو جنهن جا نشان بٺ محلي وٽ واريءَ جا دڙا آهن. لعل هنديءَ جي اوڀر وارو حصو وارياسو آهي. اهو سٺو پٽو درياءُ کان هلي ٿو، ۽ دادو جي ڏاکڻي پاسي کان نَولکي طرف وڃي ٿو. اڳ درياءُ کي بند وغيره نه هوندا هئا. تنهن ڪري درياءُ جو پاڻي چاڙهه وقت پکڙجي ويندو هو، انهي ڪري ماڻهو پنهنجا گهر مٿاهين هنڌ تي ٺاهيندا هئا. بند اچڻ کان پوءِ اهڙي ٻوڏ کان بچاءُ آهي. سال 1924ع ۾ درياءُ ۾ چاڙهه آيو. درياءُ پنهنجي موج ۾ هو. اوچتو ڪنهن وقت رات جو سيالن کان بند ڀڄي پيو. جيئن ته پاڻي کي اڳيان بند ڪونه هو، جنهن ڪري سڌو اچي دادو شهر تي نازل ٿيو. ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. بازارين ۽ گهٽين جا منهن مٽي وجهي بند ڪيا ويا. مٽي لاءِ کڏا کنيا ويا. ڪنڀار پاڙي اڳيان سڄو مارڪيٽ روڊ وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو. سيٺ محمد يعقوب ميمڻ جي ڪارخاني ۾ ڪوئلا رکيل هئا. سي به لڙهي ويا. پرائمري سنڌي مين اسڪول ۾ درين تائين پاڻي هو. اندر ڪلاسن ۾ فرنيچر تري رهيو هو. اسڪول جي عمارت ڄڻ پاڻي جي جهاز جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. شهر جي آفيسرن ۽ ماڻهن همٿ ڪري سيالن جي ڳوٺ وٽ ڀڳل بند کي منگلي ڏيئي پيل گهارو بند ڪري ورتو.

سال 1924ع ۾ وري درياءُ کي چاڙهه آيو. شديد برساتن سبب درياءُ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪئي. ڪشمور کان بند ٽُٽي پيو. جنهن ڪري ٻوڏ جو پاڻي اتر طرفان کان ڏکڻ ڏانهن رخ ڪيو. جنهن ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. واهن جا بند به ٽوڙي ڇڏيا. پاڻي جي وهڪري ملڪ لاءِ وڏي شامت پيدا ڪئي، آخر ٻوڏ اچي دادو جو پاسو ورتو. دادو جي بچاءُ لاءِ مرکپور وٽان ڇاڻي ڳوٺ جي اتر کان هڪ بند ٺاهيو ويو. جيئن ته پاڻي جو رخ ريلوي جي اولهه کان هو. تنهن ڪري طرف بند جي سخت ضرورت هئي. ان بند جي واسطي ڇاڻي جي زميندار آسند اس جو وڪيل به هو. ان ڏاڍي مدد ڪئي. سندس ڪوشش جي ڪري ان بند جو نالو آسند اس بند رکيو ويو. دادو شهر کي اتر ۾ نورواهه ۽ ٻيا ڪڙيا هئا ۽ اوڀر کان دادو ڪئنال ۽ ڏکڻ کان جاگير شاخ جو بند بچاءُ ۾ هئا. جيئن ته پاڻي جو رخ اولهه طرف کان هو. تنهن ڪري آسن بند تي تمام گهڻي سوڙهه هئي. هن ٻوڏ جي ڪري ريلوي بند کي به ڪافي نقصان پهتو. جنهن وقت دادو سان پاڻي اچي ٽڪريو، ان وقت ڦلجي اسٽيشن کان ريلوي بند ٽٽي پيو. جنهن ڪري اتر کان ريلوي آمدرفت بند ٿي ويئي. ڪوٽڙيءَ کان آيل گاڏين کي لاڙڪاڻي طرف وڃڻ بجاءُ واپس ڪوٽڙي طرف روانو ڪيو ويو. ان کان علاوه بوبڪ اسٽيشن ڀرسان ريلوي جو بند به ٽٽي پيو. جنهن ڪري گاڏيون ڪوٽڙي کان سيوهڻ تائين اينديون هيون. مسافر ٻيڙين ذريعي دادو ايندا هئا. اهڙي طرح 1942ع واري ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي.

سنه 1956ع ۾ وري شديد برساتون پيون ۽ 2 مهينا مسلسل برساتون وسنديون رهيون، ان ڪري وري ٻوڏ راڱا ڪيا. ڪيترائي ڳوٺ لڙهي ويا. ماڻهن جون جايون ۽ فصل برباد ٿي ويا، ڪجھ سالن ڍاپر کان پوءِ وري 1973ع ۾ شديد برساتون پيون، ان ڪري درياءُ اٿل کاڌي ۽ بند ٽوڙي فصل تباهه ڪري ڇڏيا. ڪيترائي ڳوٺ زير آب اچي ويا. ماڻهو اباڻا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن تي وڃي پناهه ورتي.

سال 1976ع ۾ وري شديد طوفاني برسات پيئي. جيڪا 5 سيپٽمبر کان شروع ٿي، ۽ 11 سيپٽمبر تائين مسلسل برسات وسندي رهي. هن برسات زندگي مفلوج ڪري ڇڏي. هر طرف ٻوڏ ئي ٻوڏ هئي. دادو شهر جون 90 سيڪڙو ڪچيون پڪيون جايون ڊهي پٽ پئجي ويون. ماڻهو پنهنجو سامان ڦٽو ڪري محفوظ جاين ۾ پناههورتي ۽ دادو شهر جا سڀ تعليمي ادارا بند ڪري ماڻهن کي رهايو ويو. دادو شهر جون سموريون آفيسون بند ڪيون ويون، ماڻهو دروازا ٽوڙي پناهه ورتي. ماڻهن کي ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي محفوظ جاين تائين پهچايو ويو. دادو شهر ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺو هو. جاين تي تار پاڻي هو. روڊن تي ٻيڙيون گهمندي ڏٺيون ويون.

سل 1973ع ۽ 1976ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو. 1976ع جي صورتحال کي ڏسڻ لاءِ شهيد ڀٽو بذات خود دادو تشريف فرماءُ ٿيو ۽ شهر جو دورو ڪيو. مزدورآباد محلي ۾ گاڏيءَ تان لهي گوڏي جيڏي پاڻي ۾ پنڌ وڃي تباهي ڏٺي ۽ واپس سڄي شهر جو دورو ڪري سينيما ڀرسان مختصر خطاب ڪيو ۽ هر ممڪن امداد جو يقين ڏياريو ۽ هدايتون جاري ڪيون ته متاثرين کي هيلي ڪاپٽرن ذريعي به امداد پهچائي وڃي. ان ڪري سڄي ضلعي ۾ جتي جتي متاثرين هئا. انهن کي هيلي ڪاپٽرن ذريعي کاڌو، چانور کند، چانهه ۽ دوائون پهچايون ويون. ان کان علاوه هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن کي حڪم ڪيو ته هو، متاثرين کي قرض مهيا ڪري. ان ڪري ماڻهن قرض حاصل ڪري پنهنجا اجها ٺاهي وري گهر آباد ڪيا.

ايڪيهين ٻاويهين جولاءِ 1995ع ۾ وري شديد برسات پيئي نئين گاج مستيءَ ۾ اچي ڳوٺ ويران ڪندي بند ٽوڙيندي دادو جو رخ ڪيو. جوهي بند کي ٽوڙي وري ڇنڊڻ تي زور رکيو ۽ ڇنڊڻ کي به ڪيترن هنڌن تان گهارا پيا، ان ڪري دادو شهر تي زور گهٽجي ويو. هن ٻوڏ ۾ تقريباً اڍائي سؤ ماڻهو لڙهي ويا، ۽ ڪيترائي لاش پاڻيءَ ۾ ترندي ڏٺا ويا. جيڪي ڳري ويا. اهڙي طرح هي ٻوڏون ۽ برساتون دادو لاءِ عذاب الاهي ثابت ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org