سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 4

دادو تعلقي ۽ ضلعي جي بيهڪ

دادو تعلقو، لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو. هيءُ تعلقو پهريائين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. 1901ع ۾ دادو تعلقي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. دادو تعلقو 26.74 ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.79 ڊگهائي ڦاڪ گهيرن تي آباد آهي. دادو تعلقي ۾ سٺ ديهون، ٻاويهه تپا ۽ ٽي سرڪلون آهن. دادو جي خيرپورناٿن شاهه تعلقو، ڏکڻ ۾ سيوهڻ تعلقو، اولهه ۾ جوهي تعلقو ۽ اوڀر ۾ مورو تعلقو اٿس.

دادو تعلقي جون ديهون:

1. دادو 2. چوئي 3. ٻيلو چوئي 3. سيال 4. سيال 5. سنڌ واهه 6. مخدوم صاحب 7. خاصا چانڊيا 8. مرکپور 9. پير ڳڻيو 10. باغبان 11. ڪنڊي 12. جنگ 13. موندر 14. شاهاڻي 15. خشڪ 16. ڏاوڇ 17. باداڻي 18. ڦڪا 19. بٺي 20. پپرپنجاڻ 21. بکراڻي 22. وارياسو 23. سونهيون 24. پپري 25. دوآٻو 26. خداآباد 27. خداآباد رعيتي 28. ڀنڊ 29. بٺ مالهو 30. ڪلهوڙا 31. ڪورپور 32. نورجا 33. ملڪاڻي 34. چرڻاٺ جاگير 35. نولکو 36. دٻي رعيتي جاگير 37. پاٽ 38. ڍورو ڏمريو 39. پڪوسيتا 40. ڪچو سيتا 41. پنبي 42. گهلو 43. پراڻو ديرو 44. پير ترهو 45. رعيتي جاگير 46. ماروي 47. کارڙو 48. ڪچو کارڙو 49. پڪو کارڙو 50. رپ 51. سامهين 52. ڪچورپ 53. پڪورپ 54. پلها 55. ٽڳا 56. جبيرجي 57. سچارو 58. کيڙو 59. ڪينجهر 60. جاکپاري.

تپا:

1. دادو 2. اي دادو 3. مخدوم صاحب 4. اي مخدوم صاحب 5. باغبان 6. اي باغبان 7. موندر 8. باداڻي 9. بکراڻي 10. اي.بکراڻي 11. خداآباد 12. اي خداآباد 13. نورجا 14. اي نورجا 15. پاٽ 16. اي پاٽ 17.پراڻو ديرو 18. اي پراڻو ديرو 19. رپ 20. اي رپ 21. جبيرجي 22. اي جبيرجي

سرڪلون:

1. سرڪل دادو 2. سرڪل باداڻي 3. سرڪل پاٽ

دادو تعلقي جون حدون:

دادو تعلقي جي اُتر ۾ ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقا، ڏکڻ ۾ سيوهڻ تعلقو، اولهه ۾ جوهي تعلقو ۽ اوڀر ۾ مورو تعلقو اچي وڃن ٿا.

بيهڪ:

دادو ضلعو سال 1931ع تي وجود ۾ آيو ۽ ڊسمبر 2004ع ۾ هن کي ٽوڙي نئون ضلعو ڄام شورو وجود ۾ آندو ويو. انهيءَ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ صورتحال ڪجهه هن طرح ٺهي:

ضلعو دادو:

(1) دادو تعلقو (2) ميهڙ تعلقو (3) خيرپورناٿن شاهه تعلقو

ضلعو ڄام شورو:

(1) سيوهڻ تعلقو (2) مانجهند تعلقو (مانجهند تعلقو سيوهڻ کي ٽوڙي ٺاهيو ويو) (3) ٿاڻو بولاخان تعلقو (4) ڪوٽڙي تعلقو

دادو ضلعي جي بيهڪ ڪجهه هن طرح آهي:

اُتر ۾ قنبر- شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو ضلعا اوڀر ۾ نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلعا، ڏکڻ ۾ ڄام شورو ۽ ٺٽو ضلعا، اولهه ۾ کيرٿر جبلن جون قطارون آهن.

دادو شهر جي بيهڪ:

دادو شهر، سورهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري آباد ٿيل معلوم ٿئي ٿو. دادو شهر بابت تاريخي ڪتابن مان صحيح طور تي معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي. تاهم هيءُ شهر جيڪو هن وقت ضلع هيڊڪوارٽر جي حيثيت سان قائم آهي، سو هن کان اڳ تعلقي ۽ سب ڊويزن جي حيثيت سان پنهنجو وجود قائم ۽ دائم رکندو آيو آهي، اهو ڪڏهن ڪراچي ضلعي ۾ ته ڪڏهن وري لاڙڪاڻي ضلعي سان شامل رهندو آيو آهي.

سنڌ جي نقشي تي ڏسبو ته هيءُ شهر سنڌو درياءُ جي ساڄي ڪپ تي آهي، هن شهر جي وچ مان ريلوي لائين پار ڪري ٿي. دادو ۾ ريلوي اسٽيشن کان علاوه انڊس هاءِ.وي پڻ هن شهر مان گذري ٿو. هن شهر جي وچ مان شاهي رستو جيڪو شير شاهه سوري ٺهرايو هو، اهو پڻ هن شهر جي وچ مان گذري ٿو. جيڪو اُتر طرف موندر کان سيتا ڳوٺ طرف وڃي ٿو. ڏکڻ طرف سيوهڻ شهر ڏانهن وڃي ٿو. هيءُ قديم رستو هن وقت ختم ٿي چڪجو آهي، پر حڪومت هن کي دادو کان سيوهڻ تائين پڪي ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي آهي. دادو شهر ۾ ميونسپل ڪاميٽي پڻ قائم آهي.

دادو شهر جي آدم شماري 145662 آهي. هن شهر جي ماڻهن جو خاص ڌنڌو واپار آهي. ان کان علاوه نوڪريون ڪرڻ، پورهيو ۽ مزدوري ڪرڻ پڻ هنن جو مکيه ڌنڌو آهي.

تاريخي پسمنظر:

دادو شهر جي ابتدا سورهين صدي جي وچ ڌاري معلوم ٿئي ٿي. هيءُ شهر دادو شاهه لڪياري جو ٻڌايل آهي. سيد دادو شاهه عرف دادن شاهه جنهن کي دادن شاهه جا پاڻ ڪري سڏيندا هئا يا وري دادو شاهه جا پاڻ ڪري پڻ سڏيندا هئا. هن شهر ۾ سيد دادو شاهه جا مريد رهندا هئا. اتي هڪ بزرگ پير محمد مراد به رهندو هو. جيڪو درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪرامت جو مالڪ هو. ان جي پڻ عوام ۾ سٺي عزت هوندي هئي، پير محمد مراد جي رحلت بعد کيس ان ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ درياءَ پنهنجي موج ۽ مستي ۾ آيو ۽ ان ڳوٺ کي پائڻ لڳو. انڪري سيد دادن شاهه عرف دادو شاهه ان ڳوٺ مان سڪونت ترڪ ڪري وري ٻئي هنڌ تي اچي سڪونت اختيار ڪئي. جيڪو موجوده نورجن جي ڳوٺ ڀرسان واقع هو. جنهن جا نشان اڄ به ڦِٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. سيد دادو شاهه لڪياري پنهنجي مريدن جي سهڪار سان حضرت پير محمد مراد جو لاش جيڪو پيتي ۾ بند ٿيل هو، ڪڍرائي وري اچي نئين ڳوٺ ۾ دفن ڪرايو، سيد دادو شاهه هن ڳوٺ کي آباد ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ڪچيون پڪيون جايون وجود ۾ اچي ويون. هن ڳوٺ ۾ مسلمانن کان علاوه هندو پڻ آباد ٿيڻ لڳا ۽ هيءُ ڳوٺ سرسبز ۽ آباد ٿي ويو. هن ڳوٺ ۾ ڏاڍي وڻڪار هوندي هئي. پر درياءَ اتي به پهچي ويو ۽ ان ڳوٺ کي به پائي تباهه ڪري ڇڏيو. سيد دادو شاهه ڳوٺ جي ماڻهن سان جيڪي سندس مريد هئا، صلاح مصلحت ڪري وري ٽيون ڀيرو نئين شهر ٻڌڻ لاءِ موجوده هنڌ جو چونڊ ڪئي، ڇاڪاڻ ته موجوده هنڌ درياءُ کان تمام گهڻو پري هو ۽ هتي درياءُ جي پائڻ جو امڪان بلڪل گهٽ هو. انڪري صلاح ڪري سڀ لڏي، جتي هينئر موجوده دادو شهر آهي، اتي اچي ويٺا ۽ پير محمد مراد جو لاش مبارڪ اُتان ڪڍائي اچي هن شهر جي ڀرسان اوڀر پاسي دفن ڪيائون.

سيد دادو هيءُ شهر، گهاڙي واهه تي ٻڌايو، هتان گهاڙي واهه وهندو هو، جنهن تي آبادي ٿيندي هئي. سيد دادو شاهه پهريائين ڪچي لانڍي هڻي مڪان تيار ڪرايو ۽ هارين نارين ۽ مريدن لاءِ پڻ لانڍيون تيار ڪرايائين. اهڙي طرح هيءُ ڳوٺ ارتقائي منزلون طئي ڪندو ويو.

دادو شهر ۾ دادو شاهه لڪياري جي توسط سان مسلمانن سان گڏ ڪيترائي هندو پڻ اچي هن ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا ۽ هيءُ ڳوٺ وڌندو ويو. هندو واپاري طبقي جا ماڻهو هئا. انڪري هنن دوڪان ٺاهي واپار شروع ڪري ڏنو. اهڙي طرح گهاڙي تي هندن ٽڪاڻو، وهنجڻ لاءِ حوض ۽ ڏاڪڻيون ٺهرايون، جتي عورتون ۽ مرد الڳ الڳ وهنجندا ۽ سنان ڪندا هئا، ڪپڙا پڻ هن گهاڙي تي ڌوئيندا هئا. گهاڙي تي پپر جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ هوندا هئا. جتي گرمي جي موسم ۾ ماڻهو آرام ڪندا هئا. هن شهر جي وڌندڙ سونهن ۽ اهميت کي ڏسندي ڀرپاسي جا ماڻهو لڏي هتي رهڻ لڳا. هيءُ شهر ٽيون ڀيرو مختلف جاين تي جوڙيو ويوهو ۽ هن جي مٿاهين تي اڏايو ويو هو، مٿاهين تي هجڻ ڪري ڪچي ۾ ٻوڏ اچڻ سبب ڪيترن ئي راڄن جا ماڻهو لڏي اچي دادو شهر ۾ رهڻ لڳا. اهڙي طرح شهر ۾ واڌارو ٿيندو ويو. گهاڙي واهه تي ٽڪاڻو هوندو هو، جتي هندو ٽڪاڻي ۾ پنهنجون ڌرمي رسومات ادا ڪندا هئا. ٽڪاڻي جي سامهون فرش لڳل هوندو هو ۽ زناني تڙ جي سامهون اولهه طرف جانورن جي اسپتال ٺهيل هوندي هئي. جتي جانورن جو علاج ڪيو ويندو هو. مردانه تڙ جي سامهون مصري شاهه جو مڪان هوندو هو. جتي هر وقت سيد مصري شاهه جا مريد ۽ معتقد ايندا ويندا هئا. گهاڙي واهه، ڏکڻ طرف کان گذري اولهه طرف ويندو هو ۽ اڳتي وڃي آبادي ڪندو هو. وچ تي اوڏن واري کڏ هوندي هئي، ان کڏ ۾ گهاڙي واهه مان پاڻي ايندو هو ۽ کڏ پاڻي سان ڀرجي ويندي هئي. پاڻي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ مست درياءَ جي اُٿل سبب ايندو هو. انڪري هتي آبڪلاڻي فصل ٿيندو هو. جوئر، ٻاجهري، وونئڻ، تِرَ، مُڱ ۽ ٻيو فصل جام ٿيندو هو.

هن شهر جا ماڻهو سکيا ستابا هئا. کير، مکڻ ۽ ڏُڌُ جام هوندو هو. گهاڙي واهه ابڙن جي ڳوٺ کان پوءِ واڌو واهه ۾ وڃي پوندو هو. سکر بئراج جي قائم ٿيڻ سان دادو ڪئنال وهڻ لڳو. انڪري گهاڙي واهه ڦِٽي ويو. دادو شهر جي قائم ٿيڻ جي هڪ ٻي روايت آهي ته هيءُ شهر ڏاتل ميمڻ جو اڏايل آهي ۽ اهو نالو ڏاتو مان ڦري دادو ٿي ويو. دادو شهر بابت سيد هدايت حسين شاهه کان روايت آهي ته هيءُ شهر اصل جهنگل شاهه جو ٻڌايل آهي جهنگل شاهه جي حويلي ۽ مزار اڄ به مکي بازار سان لڳ قائم آهي ٻي روايت آهي ته دادو شهر جي اوڀر ۾ درياءَ جي ڀرسان ٻه ڍورا هوندا هئا. هڪ ڍوري جو نالو (ڌا) ٻئي ڍوري جو نالو (ڌو) هُئو. ڌا ۽ ڌوڦري دادو ٿي ويو ۽ انڪري هن شهر کي دادو سڏيو ويو. مگر ڪيترن ئي عالمن جي عام راءِ آهي ته دادو شهر جو باني دادن شاهه هو ۽ سندس نالي پٺيان دادو شهر وجود ۾ آيو ۽ اهائي راءِ وڌيڪ موزون ۽ مستند لڳي ٿي.

تعلقي جا طبعي ڀاڱا:

طبعي لحاظ کان دادو تعلقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو يعني ڪچو ۽ پڪو.

ڪچو:

درياءَ جي اُٿل سبب آباد ٿئي ٿو. ان کي ڪچو چئجي، ڪچي واري زمين لٽاشي ۽ زرخيز آهي، ان ۾ چيٽ وارا فصل يعني ربيع وارا فصل پوکيا وڃن ٿا. ڪجهه پيدائش خريف جي مُند ۾ به پوکي ويندي آهي.

پڪو:

هن علائقي جي زمين پڪي ۽ سخت ٿيندي آهي، هتي زمين دادو ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن، واهن ۽ واٽر ڪورسن ذريعي آباد ٿيندي آهي. ڪجهه زمين، مشينن ذريعي به آباد ڪئي وڃي ٿي.

دادو شهر ارتقائي مرحلا طئي ڪري ڳوٺ مان ڦري هن وقت وڏي شهر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. دادو ۾ هن وقت ميونسپل ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي. دادو کي 1931ع ۾ ضلع جي حيثيت ڏني وئي. جنهن جو پهريون ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) جڳت سنگهه هو، جنهن جي نالي پٺيان هڪ محلو جڳت آباد مشهور آهي، دادو ميونسپل ڪاميٽي 1886ع ۾ وجود ۾ آئي. اڳي پنج وارڊ ۽ ٻاويهه يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا. تازو حڪومت دادو شهر کي چئن يونين ڪائونسلن ۾ تقسيم ڪيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي ۾ هر چوٿين سال چونڊ ٿيندي آهي. جنهن ۾ عوام پنهنجا نمائنده چونڊي موڪليندو آهي ۽ پوءِ اهي نمائنده چيئرمن ۽ وائيس چيئرمن جي چونڊ ڪندا آهن. اهي ئي نمائنده شهر جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. بلدياتي چونڊون 1979ع ۾ ٿيون هيون، جنهن پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار وڏيءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿيا هئا. ان کان پوءِ سال 1983ع ۽ 1987ع ۾ پڻ بلدياتي چونڊون ٿيون هيون. 1991ع ۾ حڪومت ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي ميمبرشپ تان ختم ڪري ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ۽ دادو شهر جي مشهور حڪيم بشير احمد چنا کي ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.

حاجي بشير احمد چنا جي ايامڪاريءَ ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، جنهن ۾ روڊن رستن جي تعمير، مرامت ۽ مختلف هنڌن تي ڦوهارا تعمير ڪرايا ويا. جنهنڪري شهر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو اچي ويو. 2001ع ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون، جن ۾ ناظم، نائب ناظم، جنرل ڪائونسلر چونڊيا ويا. ان کان علاوه عورتن، مزدورن، هارين ۽ اقليت جون مخصوص سيٽون رکيون ويون. 2005ع ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون، جن ۾ ناظم، نائب ناظم ۽ ڪائونسلر چونڊيا ويا.

دادو تعلقي جو انتظامي ڍانچو:

نئين نظام کان اڳ ضلعي جو انتظام ڊپٽي ڪمشنر هلائيندا هئا. ۽ تعلقي جو انتظام مختيارڪار هلائيندا هئا. نئين نظام جي اچڻ بعد آفيسرن جا نالا تبديل ڪيا ويا، ضلعي جي آفيسر کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر رکيو ويو، ۽ ان جي ماتحت مختلف ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر رکيا ويا آهن ۽ تعلقي جي سنڀال مختيارڪار ڪندا آهن.مختيارڪار جي مٿان ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو رکيا ويا آهن.

مختيارڪار جي هيٺيان وري اسسٽنٽ مختيارڪار سرشتيدار ڪلارڪ سپروائيزر ۽ تپيدار مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. مختيارڪار جي هيٺيان نظرداري لاءِ جيڪو عملو مقرر ڪيو ويو آهي. انهن جا ڪم ۽ فرائض هيٺيان بيان ڪيا وڃن ٿا.

اسسٽنٽ مختيارڪار:

اسسٽنٽ مختيارڪار جو ڪم آهي ته مختيارڪار جي غيرحاضري ۾ تعلقي جا ڪم ڪرڻ، روينيو جي رڪارڊ جي چڪاس ڪرڻ، زمينن پلاٽن ۽ دنگن بابت جيڪڏهن شڪايتون اچن ته انهن تي نوٽ هڻي چڪاس لاءِ تپيدارن حوالي ڪرڻ يا ڪي ضروري ڪاغذاتن جي صحيح چڪاس ڪري ٽپال مختيارڪار تائين پهچائڻ. ان کان علاوه ڊوميسائيل ۽ پي.آر.سي جا ڪيس مختيارڪار ڏانهن سفارش ڪري اماڻڻ شامل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org