سنڌي ٻوليءَ جي موجودگيءَ مان به امڪاني طور پتو
پوي ٿو ته ان جو مغرب جي تاريخ تي ڪيترو اثر هو.
پرڏيهي اسڪالر ’الائن ڊينيلائو‘ پنهنجي ڪتابن-
Gods of Love & Ecstacy
۽
The tradition of Shiva & Dionysus (Rochester, vt.
Inner Tradition 1992)
۾ لکيو آهي ته: دراوڙي ٻولي (سنڌي ٻولي) ۽ ثقافت
ميڊيٽرانين سمنڊ تائين پکڙيل هئي، جنهن جو موجوده
دور ٽرانڪاڪيشين
Trancaucasian،
جارجين
Georgians
۽
Iberian Basques
جي ثقافتن تي به اثر نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت سميري
ٻوليءَ تي پڻ دراوڙي ٻوليءَ جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
قديم ڪريٽ
(Crete)،
ليڊيا(Lydia)
۽ ايٽروسڪان
(Etruscans)
جي ٻولين ۽ ثقافتن تي به سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو
اثر ڏسجي ٿو. سنڌ جي ماڻهن علم، هنر ۽ فن ۾ به
بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، هنن رياضيءَ کي ترقي
وٺرائي. سنڌي رياضيدانن ٻڙي به ايجاد ڪئي. الجبرا،
علم نجوم، فلڪيات، جاميٽريءَ جي علم کي به دريافت
ڪيو، زمين کي ماپڻ ۽ ان ماپ مطابق سال کي مختلف
موسمن ۾ ورهائڻ جو فن به هنن سکيو. هنن نباتات سان
گڏ حيوانات متعلق به آگاهي ڏني. هنن ئي اها ڳالهه
ٻڌائي ته ڌرتي، هڪ گولو آهي، جا سج جي چوڌاري
مسلسل ڦري ٿِي. اولهه واري دنيا هن ڳالهه کان بي
خبر رهي آهي ۽ هوءَ اُهي اڪثر علم، عربن سان منسوب
ڪندي آئي آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.ا صل ۾
عربن جڏهن ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن اُهي
علم هٿ ڪيا، جن جي معرفت پوءِ اهي يورپ ڏانهن
ڦهليا.
نئين پٿر واري زماني جون نشانيون ڳولي لهڻ ۾ مسٽر
ڪارٽراءِ سي.ايس (اسسٽنٽ ڪليڪٽر) جو وڏو ڪردار
آهي. هن 1919ع ڌاري ٿاڻي بولاخان (موجوده ضلعي ڄام
شوري) جي مول نالي هڪ ماٿريءَ ۾ پٿرن جو هڪ سٿيل
ڍير ڏٺو، جنهن تي اُٺن، گهوڙن ۽ ٻين جانورن جون
شڪليون اُڪريل هيون، هُن اُن جاءِ کي ’ٺُل‘ جونالو
ڏنو. سندس خيال هو ته اهو ٺُل عيسوي سن کان ڪي ڏيڍ
سؤ سال اڳ جو آهي. هِنَ اتان پٿر جا ڪيترا اوزار
به لڌا ۽ ائين هو کوجنا ڪندو ويو ۽ ڪراچيءَ کان
انڙپور تائين اهڙا نشان کيس نظر آيا. ان راءِ جي
پوئواري ڪندي سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب: ‘Mohen
jo Daro & Indus Civilization’
(جلد پهرئين) ۾ ڄاڻايو آهي ته
پٿر جي نئين دور جا نشان (عظيم) سنڌ ۾ لڪيءَ وارن
جبلن، کيرٿر جابلو سلسلن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾
اڪيچار آهن. ساڳئي وقت ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ جي
تعلقي قنبر جي ڪوهستاني کير ٿر واري علائقي ۾ اِن
قسم جون نشانيون ۽ اُڪريل تصويرون پِيرَ جي ڪنبَ
لڳ جبل جي 16 ڪلوميٽر اوچيءَ ٽڪريءَ تي به مليون
آهن. ان جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب: ”قنبر- شهدادڪوٽ
ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سيوهڻ لڳ
لڪيءَ جي چشمن جي نزديڪ پٿرن جون پراڻيون قبرون
آهن، ڪراچيءَ جي منگهي پير جي پريان شاهه بلاول
واري گس تان ۽ پوءِ وري ڪوٽڙيءَ کان ورندي سيوهڻ
ڏانهن ايندڙ رستي تان به اِن قسم ۽ ڄمار جون قبرون
آهن. چيو وڃي ٿو ته اِهي قبرون هتان جي آڳاٽن
انسانن جون آهن. انهن قبرن مان مليل انساني
کوپڙيون هوبهو موهن جي دڙي مان مليل کوپڙين سان
مِلن جُلن ٿيون، اِن مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته هي
پهريان سنڌي لوڪ هئا، جي پهريان غارن ۾ رهندا هئا،
جن جي پونيرن اڳتي هلي ”سنڌو سڀيتا“ کي جنم ڏنو.
ماهر ارضيات مطابق آڳاٽي انسان جي پهرئين آبادڪاري
سنڌ جي جابلو علائقن ۾ ٿِي آهي، يعني اسان جي عظيم
سنڌ جي کيرٿر وارو جابلو سلسلو انساني تهذيب جو
هندورو رهيو آهي.
دادوءَ جو جنم:
مهان سنڌوءَ جون ٻئي ڪنڌيون ته ابتدا کان ئي سونَ،
جواهر ۽ هيرن کان به وڌيڪ قيمتي ۽ شاهوڪار رهيون
آهن، پر مهان سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن جي اهميت تڏهن
نروار ٿي، جڏهن هتي زندگيءَ جو ظهور پذير ٿيو، ڇو
ته هر زندگيءَ جي جياپي جو دارومدار پاڻيءَ تي
آهي. پاڻيءَ کان سواءِ ڪنهن به زندگيءَ جو هجڻ
ناممڪن آهي.
دادو، عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جي دل رهيو آهي.
بظاهر ته دادوءَ واري ايراضي به ايتري ئي آڳاٽي ۽
قديم آهي، جيتري عظيم سنڌ امڙ. عظيم سنڌ امڙ جي
هنج ۾، ۽ مهان سنڌوءَ جي جَلَ تي، ڪيترن ئي شهرن،
ماڳن ۽ وسندين جنم ورتو. مهان سنڌو پُورالو درياء
آهي. پُور پويس ته رُخ مٽائي، آباد ۽ شاداب
وسنديون کن پل ۾ ويران ۽ برباد ڪري ڇڏي، جي تارَ
مستيءَ ۾ اچي، ته ڪئين واهڙ واهوندا وهائي وسندين
سميت جهر، جهنگ ۽ برپٽ به ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏي، کانئس
پڇڻ وارو ڪير به نه آهي. هِن پُورالي درياء جي
ٻنهي ڪنڌين تي ڪيتريون ئي وسنديون آباد ٿيون ۽
ڦِٽيون آهن. جڏهن کان هيءُ مست پُورالو ۽ مهان
سنڌو، ڪيلاش پربت کان جاري آهي، سلسلو هلندڙ آهي.
انهيءَ تناظر ۾ ڏسبو ته دادو به اسان کي پنهنجي
ڀرپور تاريخ سان نمايان ۽ مُسڪرائيندي نظر ايندو.
دادو
24o.37
اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽
68o.10
اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي مهان سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي
سوين سالن کان آباد آهي. دادو شهر جي اوڀر ۾ مهان
سنڌو آهي، اُتر ۾ خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ، ڏکڻ ۾
سيوهڻ ۽ سن. اولهه ۾ جوهي ۽ کيرٿر جبلن جي قطار
آهي.
تاريخي ڪتابن، تاريخي آثارن ۽ مليل سيني به سيني
روايتن مان خبر پوي ٿي ته هن شهر جو بنيادُ، سيد
داد محمد شاهه المعروف سيد دادو شاهه ڪلهوڙن جي
شروعاتي دور ۾ رکيو. سيدداد محمد شاهه نورجا جي
آسپاس جو ويٺل ۽ ڪلهوڙن جو خاص ماڻهو هو. ڪلهوڙا
سرڪار پاران ڪچي جي ديهه چوئيءَ ۾ کيس 300 ايڪڙ
زرعي زمين به مليل هئي.
دادو شاهه جي نالي سان، دادوءَ ۾ ٽي ماڻهو ٿي
گذريا آهن، پهريون دادو شاهه، لڪياري سيدن مان هو،
جنهن سان دادو شهر ٻڌل آهي، ان جي مزار نورجا
ڀرسان ريل واري قبرستان ديهه چوئي ۾ آهي، هيءُ
سيد، ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ ٿي گذريو آهي.
ٻيو دادو شاهه، ٽالپرن جي پوءِ واري دور جو ٻڌايو
وڃي ٿو، جنهن جي مزار، دادو شهر ۾ ”تڪيه اسٽريٽ“
جي پڇڙيءَ تي موجود هئي، اها مزار شايد هينئر گهرن
۾ دٻجي وئي آهي.
ٽيون دادو شاهه، مٺائيءَ وارو هو، هن جي وفات
غالباً 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، ان جي مزار اميناڻي
ڳوٺ جي ڀرسان هڪ مقام ۾ آهي.
دادو شهر جي بنياد پوڻ بابت وڌيڪ روايتون ملن ٿيون
ته سيد دادو شاهه، هن نالي سان ٽي ڀيرا ڳوٺ آباد
ڪيو. پهريون ڀيرو هو نورجا جي ڀرسان ڪچي ۾ پنهنجي
معتقدن سان ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ موج ڀرئي سنڌو
مستيءَ ۾ اچي، اُن ڳوٺ کي پائي ڇڏيو. سيد دادو
شاهه اُتان سڪونت ترڪ ڪري، اُن ئي ڳوٺ جي ويجهو
ٻيو ڳوٺ آباد ڪيو، جيڪو ”دادوءَ جا ڀاڻ“ جي نالي
سان مشهور ٿيو. اها وسندي به ڪجهه عرصي کان پوءِ
درياء بادشاهه جي نذر ٿي وئي. ٽيون ڀيرو، سيد دادو
شاهه پراڻِي گهاڙيءَ جي ڪپ تي يعني موجوده ماڳ تي
پنهنجن مريدن سان رهائش اختيار ڪئي، جا اڳتي هلي
’دادو شاهه‘ ۽ ’دادو‘ جي نالي سان مشهور ٿِي ۽
اهڙيءَ ريت دادوءَ جو هيءُ ٽيون ڀيرو بنياد پيو
۽دادو اڄ، سنڌ جي دِل ليکيو وڃي ٿو.
سيد دادو شاهه جي حسب نسب بابت ٻڌايو پيو وڃي ته
هو لڪياري ساداتن مان هو ۽ پير محمد مراد جو معتقد
هو. پير محمد مراد وقت جو عارف ٻڌايو وڃي ٿو، سندس
مدفن گاهه به دادوءَ وانگر ٽي ڀيرا بدليو. پهريون
ڀيرو کيس دادو (اول) جي ڀرسان دفنايو ويو، ان ڳوٺ
جي پائجڻ کان پوءِ کيس دادو (ثاني) ۾ دفنايو ويو.
ان ڳوٺ جي پائجڻ کان پوءِ بزرگ جو ٽيون ڀيرو مرقد
پيٽيءَ ۾ کڻائي موجوده دادو (ثالث) جي ڀرسان دفن
ڪيو ويو. سيد داد محمد شاهه المعروف سيد دادو شاهه
وقت جو عارف ۽ صاحبِ ڪرامت درويش ٻڌايو پيو وڃي.
شروع ۾ سيد دادو شاهه هڪٻئي پٺيان ٻه شاديون ڪيون،
مگر انهن مان کيس اولاد نه ٿيو. اهي ٻئي گهرواريون
سندس ئي حياتيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويون. انهن مان هڪ
بيبي پنهنجن مان ته ٻي ڏاهري قبيلي مان هئي. بعد ۾
هِن ٽِين شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٿيو.
ماستر محمد شجاع سانوڻائيءَ پنهنجي هڪ قلمي نسخي
۾ سيد دادو شاهه جو شجرو هن طرح ڏنو آهي:
سيد داد محمد شاهه المعروف سيد دادو شاهه جي تاريخ
وفات جو پتو نه آهي، البته سندس مدفن گاهه بابت
ماستر محمد شجاع سانوڻائيءَ پنهنجي قلمي نسخي ۾،
نورجا واري قبرستان ۾ هُجڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. هن
لکيو آهي ته: ”نورجا واري مقام ۾ سيد دادو شاهه جي
مزار آهي، مزار تي قُبو اڏيل هو ۽ ڪاشيءَ جو ڪتبو
پڻ لڳل هو، هينئر اهو مقبرو ڊهي چڪو آهي.“ دادوءَ
سان تعلق رکندڙ هڪ ٻئي محقق ڌڻي بخش مگسيءَ پنهنجي
ڪتاب: ”دادو منهنجون يادون“ ۾ هن جي مزار نورجا
کان ٿورو پرڀرو موجود ريل درويش واري قبرستان ۾
ڄاڻائي آهي.
ماستر محمد شجاع سانوڻائي نهايت قابل ماڻهو هو،
جنهن دادوءَ جي تاريخ تي قابلِ تحسين ڪم ڪيو، پر
هو غريبي ۽ مسڪينيءَ جي حالت ۾ پنهنجا ڪتاب ڇپرائي
نه سگهيو. گهر واريءَ جي علاج لاءِ وٽس پيسا نه
هئا، پنهنجا سمورا لکيل نسخا وڪڻي، زال جو علاج
ڪرايائين. انهن مان دادوءَ جي تاريخ وارو نسخو
دادوءَ جي نامياري اديب ۽ اسڪالر محمد عثمان ميمڻ
کي هٿ اچي ويو، جنهن تان مون ڪجهه قدر استفادو ڪيو
آهي.
دادو جو تذڪرو هيٺين ڪتابن/قلمي نسخن ۾ ملي ٿو:
1-
دادوءَ جي تاريخ (اڻ ڇپيل قلمي نسخو، ملڪيت: محمد
عثمان ميمڻ، از: ماستر محمد شجاع ’سُجان‘
سانوڻائي)
2-
دادو منهنجو يادون:
از: ڌڻي بخش مگسي
3-
دادو سنڌ جي دل از:
الهنواز رُڪڻائي
4-
دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال از: محمد
عرس ”اظهر“ سولنگي
5-
دادوءَ جا وڇڙيل ستارا
سگا
6-
لوهم جو دڙو/ماڻڪٽارو از:
محمد عثمان ميمڻ
7-
دادوضلعو- جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾ از: تاج
صحرائي
8-
دادو ضلعي جا غزل گو شاعر (ايم.فل
ٿيسز (اڻ ڇپيل)
از: محمد اشرف دائودپوٽو ملڪيت سنڌالاجي)
پير علي محمد راشديءَ سيد دادو شاهه جي پونير جو
ذڪر پنهنجي ڪتاب: ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ (جلد-2)
۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”گهاڙِي واهه، شهر جي هڪ حصي مان گذرندو هو. واهه
جي ڪناري سان ئي سيد مصري شاهه مرحوم جي اوطاق
(مڪانُ) هوندي هئي. شاهه صاحب تڏا وڇايون، کٽ
رکيون، چلم ٽيڪيون، ويٺو-آئي وئي سان ڪچهريون ڪندو
هو. سيارو هوندو ته وچ ڪچهريءَ ۾ باهه جو مچ متل
هوندو هو، دادوءَ جو مُهندار هو. دادو اچبو ته
مصري شاهه جو ديدار ضرور ڪبو. سيد جيوڻ شاهه سندس
ويجهو عزيز هو. هُن جي انگريزن سان ڪانه پوندي
هئي. سائين مصري شاهه مرحوم خواهه سائين جيوڻ شاهه
مرحوم جو تعلق لڪياري سيدن سان هو. سيوهڻ وارو
علائقو لڪيارين جو ڳڙهه هوندو هو. اسان کان ٿورو
اڳ (سندن) سردار حبيب الله شاهه لڪياري وڏي شان ۽
مان جو صاحب ٿي گذريو، سڀني لڪياري ساداتن جو
سردار ليکبو هو.“
سيد مصري شاهه لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ تعلقي
پريزيڊنٽ پڻ رهيو. انگريز سرڪار طرفان کيس
مئجسٽريٽ جا پاور به حاصل هئا.
دادوءَ جو تاريخي ارتقائي سفر:
ڪلهوڙا دور:
دادو جو بنياد، جنهن دور ۾ پيو، اهو سياسي طور
مغلن جو دور هو. هن ئي دور ۾ اُتر سنڌ جي چانڊڪي
پرڳڻي مان، ڪلهوڙا اُسري رهياهئا. انهن ڏينهن ۾
اُهو علائقو دادو سميت، پنهورن جي رياست ۾ شامل
هو. پنهور، اُتر سنڌ يعني سيوهڻ کان ويندي شڪارپور
۽ جيڪب آباد تائين، ڇانيل هئا. تن ڏينهن ۾ سندن
سردار پنهور خان هو، جنهن جي رهائش فتح پور موجوده
دادوءَ ۾ هئي. قنبر علي خان، فتح پور، خان ڳڙهه
]جيڪب
آباد[،
شڪارپور وغيره پنهور رياست جا ڳڙهه هئا. سندن
رياست کي ’پنهوارڪي‘ سڏبو هو. هنن ڏينهن ۾ چانڊڪي
پرڳڻي سان واسطو رکندڙ موجوده ضلعي لاڙڪاڻي يعني
اوڀر واري علائقي تي ابڙا، جتوئي ۽ سانگي زميندار
هئا. ابڙا، پنهور ۽ سانگي، اُهي ٽئي خاندان،
ڪلهوڙن جا شروع ۾ معتقد هئا. هنن ٽنهي قبيلن جي
لِساني
هڪجهڙائيءَ ۽ بودوباش مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ٽئي
قبيلا، نسلي طرح هڪ ئي ڪُڙم سان واسطو رکن ٿا.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي موجوده قنبر شهر جي اُتر
۾ ڪوٽلي (ڪوٽ علي) جي بنياد رکڻ ۽ سندس اُتي رهائش
کان پوءِ، اُنهيءَ علائقي تان پنهورن جو زور ٽُٽي
ويو ۽ هو موجوده دادوءَ ڏانهن وڌيا، جتي سندن مرڪز
’فتح پور‘ هو. هوڏانهن شڪارپور ۽ خان ڳڙهه به
هينئر ڪلهوڙن جي تابع ٿي چڪا هئا، پر ويڙهاند اڃا
جاري هئي. پنهور- مغلن جا ڏن ڀرو زميندار هئا، جن
کي منصبدار چيو ويندو هو. مغل، سنڌ ۾ وڌندڙ قوت
رکندڙ قبيلي جي سردار کي پنهنجو منصبدار مقرر ڪندا
هئا. هڪ ئي وقت ڪيترائي منصبدار سندن ماتحت مختلف
رياستن تي مقرر هئا. انهن منصبدارن جي مٿان دهليءَ
کان هر پرڳڻي تي هڪ نواب مقرر هو جيڪو منصبدارن تي
نظر رکندو هو ۽ مقرر وقت اندر کانئن ڍل به وصول
ڪندو هو، ته هنگامي حالتن دوران عسڪري قوت به
وٺندو هو. منصبداريءَ جو طريقه ڪار هيءُ هوندو هو
ته جيڪو منصبدار، مغل سرڪار جي تابع هلندو ۽ ڍل
وغيره وقت تي ڏيندو هو، اهو وٽن خوشنودي حاصل ڪندو
هو. منصبدار جي فوت ٿي وڃڻ جي صورت ۾، انهيءَ زمين
جي آباد ڪرڻ جا اختيار مغل سرڪار وٽ پاڻمرادو
منتقل ٿي ويندا هئا ۽مغل سرڪار واسطيدار نواب جي
معرفت رپورٽ گهرائي، جائزو وٺي بعد ۾ نئين منصبدار
مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڏيندي هئي. ان وچ ۾ جيڪڏهن مري
ويل منصبدار جي پونير مان ڪو فرد، نواب جي معرفت
مغل سرڪار تائين رسائي حاصل ڪري ويندوهو ته کيس
منصبداري ملندي هئي، نه ته مغل سرڪار وري ڪو ٻيو
وفادار هٿ ڪندي هئي. سنڌ ۾ مغل ايامڪاريءَ دوران
پنهور ۽ ابڙا هڪ قوت هئا، جن کي نسل درنسل اهڙي
طريقي سان منصبداري ملندي رهندي هئي، پر ڪلهوڙن جي
جڏهن چانڊڪي پرڳڻي ۾ رهائش ٿي، تڏهن هنن کي ڪلهوڙن
مان خوف ٿيڻ لڳو ڇو ته ڪلهوڙا، مغلن جي منصبداريءَ
واري نظام جا سخت خلاف هئا. هو سنڌ ۾ کيتي ڪندڙ کي
زمين جو اصل وارث سمجهندا هئا. ”جيڪو کيڙي سو
کائي“ وارو نعرو به ميان آدم شاهه ڪلهوڙي ميانوال
تحريڪ جي پليٽفارم تان بلند ڪيو هو، پوءِ ان نعري
کي سندس اولاد مان الياس محمد، دائود محمد، ميان
شاهل محمد کان ميان نصير محمد تائين زور وٺايو
ويو، اسان جا ڪجهه محقق حضرات هڪ وڏي مغالطي ۾
اچي، اهو نعرو شاهه عنايت سان لاڳو ڪندا آهن، جيڪو
بزرگ، ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان نصير
محمد کان پوءِ ٿي گذريو.
سنڌ ۾ مغل منصبدار ۽ زميندارن جي ڪلهوڙن سان ڊگهي
ويڙهاند کان پوءِ ڪلهوڙن کي فتح نصيب ٿي ۽ سنڌ سمن
کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏيهي حڪمرانن جي هٿن ۾ آئي
۽ سنڌ جي ماڻهن طويل غلاميءَ جي پنجوڙ مان آزاد
ٿِي سُک جو ساهه کنيو ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ پنهنجي
حقيقي معنيٰ ۽ مزاج ۾ نئون جنم ورتو. ڪلهوڙن، اُتر
سنڌ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، اُتي ڪلهوڙڪي رياست جو
بنياد رکيو. هتي هيءُ نُڪتو اُٿارڻ ضروري آهي ته
ڪلهوڙا نج سنڌي هئا، هنن جو ڪنهن به عرب قبيلي سان
نسلي واسطو نه هو. هي اصل چني پوٽا آهن. سندن وڏو
ڏاڏو امير چينه خان هو، جنهن جي اولاد مان
دائودپوٽا ۽ ڪلهوڙا پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت کُوهارا
۽ کُهاوڙ گهراڻا پڻ ڪلهوڙا قبيلي جون شاخون آهن.
هنن (ڪلهوڙن) جا سنڌ سان ناتا ازل کان ئي جڙيل
هئا، پر زماني جي اٿل پٿل سبب هن خاندان ڪڏهن ڪٿي
ته ڪڏهن ڪٿي رهائش اختيار ڪئي. مولانا غلام رسول
مهر ۽ ٻين تاريخ جي ڄاڻوئن جي تحقيق مطابق:
’ڪلهوڙن جو وڏو ڏاڏو ابراهيم (وفات: 1534ع) موجوده
حيدرآباد جي اُتر ۾ واقع ’ڪلور‘ ٽڪريءَ تي رهيو،
جنهن سبب سندس اولاد ’ڪلورو‘ بعد ۾ ’ڪلهوڙو‘ مشهور
ٿيو.‘
منهنجي خيال ۾ هيءُ اشارو سيوهڻ جي ڪنهن جابلو
سلسلي ڏانهن آهي، جيڪو حيدرآباد جي اُتر- اولهه ۾
آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دور ۾ انهيءَ نالي سان ڪا
ٽڪري مشهور ٿي هجي. هيءُ مغالطو پنهنجي جاءِ تي
برقرار آهي، ڇو ته حيدرآباد جي ڀرسان اُتر ۾ اهڙي
ڪابه ٽڪري موجود نه آهي. حالانڪ دادو ضلعي جي
اوائلي تاريخ جاچبي ، ته اسان کي آڳاٽي انسان جي
آبادڪاري- آمري، سيوهڻ ۽ منڇر جي جابلو علائقن ۾
نظر ايندي. سيوهڻ لڳ جهانگارا، باجارا به ڪلهوڙن
جي وڏن جا آباد ڪيل شهر آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن
دور ۾ انهيءَ نالي سان ڪا ٽڪري مشهور رهي هجي.
تاريخدانن جي تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته امير چينه
خان ڀائرن جي ظلم کان تنگ ٿِي سنڌ ڇڏي، ملتان هليو
ويو هو، جتان سندس اولاد مان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي
جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ پنهنجي مريدن سميت آمد ٿي. ميان
آدم شاهه جي چانڊڪي پرڳڻي ۾ مستقل رهائش کان پوءِ
هيءُ گهراڻو پنهنجي منتشر قوت کي گڏ ڪري ورتو هو.
1700ع ۾ هي سنڌ اندر پنهنجي ڏيهي حڪومت ٺاهي چڪا
هئا. دادوءَ جي ڀرسان خداآباد شهر آباد ڪري، اُن
کي سنڌ جي راڄ ڌاني بڻايو هو. پر ڏاکڻي سنڌ تي
مغلن جو تسلط ٽُٽو نه هو، ٺٽي ۾ اڃا مغلن طرفان
نواب مقرر هو. پر پوءِ مغلن ڏٺو ته ڪلهوڙن سان ٻيا
ڪيترائي بهادر ۽ جنگجو قبيلا گڏ آهن، تڏهن هو
1732ع ۾ ڏاکڻي سنڌ به خالي ڪري هليا ويا. اُن کان
پوءِ سنڌ ۾ مغل منصبداريءَ واري نظام جو خاتمو
ٿيو.
هنن ڏينهن ۾ دادو جو سمورو علائقو، جنهن ۾ ميهڙ
کان وٺي سيوهڻ ۽ منڇر تائين اچي ٿي ويو، خوشحال
ٿيڻ لڳو. نوان ڳوٺ، شهر ۽ وسنديون آباد ٿيون ۽
نيون شاخون ۽ واهه به کڻايا ويا. هنن ئي ڏينهن ۾
دادوءَ جو به بنياد پيو. تاريخ جي مطالعي ۽ دادو
سان تعلق رکندڙ سينه به سينه روايتن جي آڌار تي
انهيءَ چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هيءُ شهر، ڪنهن
حڪمران جي فرمان يا اشاري تي، ڪونه جُڙيو بلڪه عام
ماڻهن جي گڏيل سهڪار ۽ مدد سان جوڙيو ويو. اها الڳ
ڳالهه آهي ته جڏهن ڪلهوڙا حڪمران هئا ته هن شهر تي
توجهه ڏنائون. ڪلهوڙا، بنيادي طرح آبادگار هئا،
سندن واسطو زراعت سان هو. هنن سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي
نظام کي زور وٺرايو، مهان سنڌوءَ مان نيون نيون
شاخون ڪڍيون ۽ مهان سنڌو جا بند ٻڌا. ان جو پوءِ
نتيجو اهو نڪتو جو ڳوٺ مستقل طرح آباد ٿيندا رهيا،
۽ ماڻهو بي اُلڪا ٿي پوکي راهيءَ کي لڳي ويا، ملڪ
سائوٿيڻ لڳو، ۽ عوام به حڪومت مان خوش ٿيڻ لڳو.
انهن ڪوششن کان پوءِ ٻين شهرن وانگر دادوءَ جا به
ڀاڳ کُلي پيا ۽ هنن ڪلهوڙن جي دور ۾ ترقيءَ جون
تڪڙيون ٻرانگهون ڀريون. نامور اسڪالر الهرکيو ٻُٽ
ڪتاب: ”سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ“ (مرتب: انور
فَگار هَڪڙو) ۾ دادو بابت لکيو آهي ته:
”ڪلهوڙن جي دور ۾ دادو ضلعو سنڌجي تاريخ ۽ سياست
جو مرڪز ٿيو. ڪلهوڙن هن ضلعي ۾ ڳاڙهي، خداآباد،
محمدآباد ۽ آخر ۾ الله آباد جا شهر آباد ڪيا، جيڪي
سنڌ جي گاديءَ جا هنڌ ٿيا. هن ضلعي جو اهو اوج
تڏهن ختم ٿيو جڏهن ڪلهوڙن اتان گادي کڻي اچي هالن
جي ڀرسان نئون خداآباد جو شهر ٻڌايو.“ هو وڌيڪ لکي
ٿو ته: ”ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ زرعي طرح گهڻي ترقي
ڪئي. ڪلهوڙن زمينداريءَ جي حيثيت ۾ تعميري ڪم شروع
ڪيو. هنن واهه کوٽايا ۽ زراعت کي زور وٺرايو.“
هن دور ۾ ڪلهوڙن تعليم ڏانهن به پورو ڌيان ڏنو.
دادوءَ سميت، خداآباد، پاٽ، سيوهڻ، ٽلٽي، بوبڪ
وغيره ۾ مدرسا ۽ مڪتب کوليا، جتي ماهر عالم ۽ مدرس
مقرر ڪيا. هنن ڏينهن ۾ فن خطاطي ۽ ڪتابت کي به
خاصي هٿي وٺرائي وئي. اڳ ڇاپخانا ۽ لٿو نه هئا،
اسان جا عالم، اديب ۽ مدرس، اهو سڄو ڪم پنهنجي هٿن
سان ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت ڪتابن جا ڪتاب پنهنجن
هٿ اکرن سان نقل ڪندا هئا ۽ لکندا هئا. اهڙي ڪم
ڪندڙ کي خطاط چوندا هئا. پاٽ، خداآباد، ٽلٽي، بوبڪ
۽ سيوهڻ وڏا مرڪز هئا، جتي هن فن جي آبياري ٿيندي
هئي.
هن دور ۾ هتي ڪا شيءَ ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم به
عروج تي هو. مغليه عمارت سازيءَ جا نمونا هن
علائقي جي سونهن ۾ ويتر اضافو ٿيا. ڪاشيءَ جي ڪم ۾
ته دادو جو پورو علائقو هنن ڏينهن ۾ عروج تي هو.
حڪيم نياز همايوني چواڻي ته: ”سنڌ ۾ ڪاشيءَ جو
رواج ته اڳ ئي پيل هو، پر ڪلهوڙن جي زماني ۾ اُن
کي وڌيڪ وسعت ملي. هتان جي هر تاريخي مقبري ۽ مسجد
جي مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاشيءَ جا هر هنڌ
نرالا نموناموجود آهن. ڪاٺ جي چٽساليءَ جو ڪم به
انهيءَ دور ۾ عروج کي پهتو. پراڻن ڪاٺ جي درن ۽
درين توڙي ڇتين تي جيڪا چٽسالي ملي ٿي، تنهن جي
ڪمال جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.“
ٽالپر دور:
هن دور ۾ دادوءَ ڪابه ترقي نه ڪئي، بلڪه زوال
ڏانهن ڌڪجڻ لڳو. ٽالپر، ڪلهوڙن وانگر دورانديش نه
هئا. هو سڄو وقت شوق شڪار ۾ بسر ڪندا هئا ۽ ملڪ جو
ڪاروبار وغيره منشين جي حوالي هو. زرخيز زمينن جون
وڏيون ايراضيون شڪارگاهن ۾ بدلائي ضايع ڪري
ڇڏيائون. حصي ۾ مليل زرعي زمينون ٺيڪي ۾ اڪثر
هندوئن کي ڏيندا هئا، ۽ ڪافي زرعي زمينون پنهنجن
خاص ماڻهن کي به بخشيش ۾ ڏنائون، سنڌ جي زراعت جي
اڪاناميءَ سميت سنڌ جي تشخص ۽ وحدت جو زوال،
ٽالپرن جي دور کان شروع ٿيو.
ٽالپرن، تاريخي طور سنڌ لاءِ جيڪو خطرناڪ قدم
کنيو، اهو هو سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهائڻ. انهن ستن
حصن مان، 4 حصا مير فتح علي خان ۽ سندس ٽن ڀائرن
کي، ٻه حصا مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري
خان کي مليو. مير فتح علي خان حيدرآباد کي، مير
سهراب خان خيرپور رياست کي ۽ مير ٺاري خان
ميرپورخاص کي، پنهنجو دارالحڪومت بڻايو. سنڌ، جيڪا
ڪلهوڙن جي دور ۾ ذرو ذرو ٿي جُڙي تاريخ جي نقشي تي
سنڌ ملڪ جي نالي سان حيثيت ماڻي هئي، اها سنڌ،
ٽالپر حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ فيصلن سبب وري هڪ
ڀيرو ٻيهر ذرو ذرو ٿي ٽُٽي وئي ۽ انگريز هنن تي
آسانيءَ سان حاوي ٿي ويا. انگريز وڏا چالاڪ ۽ مڪار
هئا، هو ٽالپر برادران کي هڪٻئي لاءِ هٿيار طور ڪم
آڻي، پنهنجا مقصد ماڻيندا هئا ۽ ٽالپر برادران
ويچارا ايترا ته اياڻا هئا، جو اِها کين ڪل ئي نه
پوندي هئي، ته جيڪو ڪجهه هو انگريزن جي چوڻ تي ڪري
رهيا آهن، اها سندن خلاف انگريزن جي سازش آهي.
انگريز دور:
هن دور ۾ دادوءَ وڏي ترقي ڪئي. خاص طرح سان زرعي
آبپاشي وارو نظام جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان پوءِ
بگڙجي ويو هو، اهو سنئين رستي تي اچڻ لڳو. مهان
سنڌوءَ مان ڪيتريون ئي نيون شاخون/بيراجون ڪڍيون
ويون ۽ انهن مان ڪئنال جوڙيا ويا. مثال طور: رائيس
ڪئنال، دادو ڪئنال، ڪلري- بگهياڙ ڪئنال وغيره. هنن
ڏينهن ۾ تعمير ٿيا. هن دور ۾ جيڪو زرعي حوالي سان
انقلابي قدم کنيو ويو، اهو هو- مهان سنڌوءَ جا بند
پڪا ڪري ٻڌا ويا. بيراج سسٽم چالو ٿيڻ سان پاڻيءَ
جي صحيح ونڊ ورڇ ٿيڻ لڳي. ان مان نتيجو اهو نڪتو
جو ٻين ضلعن جيان دادو ضلعي جا اهم
فصل:
ساريون، جوئر، ٻاجهر، مڪئي، ڪڻڪ، ڪمند، تِرَ،
جَوَ، چڻا، مٽر، ڄانڀو، وونئڻ، گدرا، هنداڻا، تيلي
ٻج وغيره ڀلا ٿيڻ لڳا.
هن ئي دور ۾ ريلوائي نظام قائم ٿيو، جنهن سان
واپار کي وڏي هٿي ملي، دادو ريلوي اسٽيشن جي قيام
کان پوءِ هن شهر جو واسطو سنڌ جي ٻين ڏوراهن شهرن
۽ علائقن سان جُڙي پيو. جديد ۽ انگريزي تعليم جو
بنياد به هن ئي دور ۾ پيو. هتي پرائمري اسڪولن ۽
هاءِ اسڪولن جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو.
انگريزن 1843ع ۾ جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي، ته هنن سنڌ
کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو هو ۽ هرهڪ ضلعي تي پنهنجو
انگريز عملدار، ڪليڪٽر ڪري مقرر ڪيو هو. انگريزن
جي اهڙي ورهاست ۾ هيءُ تعلقو، انتظامي طور ڪراچيءَ
۾ شامل ڪيو ويو. 1901ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي کي ضلعي جي
حيثيت ڏني وئي، ته دادو تعلقي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾
شامل ڪيو ويو.
ضلعي جو قيام:
1931ع ۾ انگريز سرڪار، ضلعن ۾ حد بندين ۾ ڪجهه
ڦيرڦار آندي ۽ نوان ضلعا پڻ ٺاهيا، جن ۾ دادو به
شامل هو. دادوءَ کي ضلعي جي حيثيت به 1931ع ۾ ڏني
وئي. هن ضلعي ۾ 7 تعلقا- دادو، ميهڙ، خيرپورناٿن
شاهه، جوهي، سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان (ٿاڻو
بولاخان) شامل ڪيا ويا.
13- ڊسمبر 2004ع ۾ هن ضلعي کي ٽوڙي نئون ضلعو ڄام
شورو جوڙيو ويو، جنهن ۾ (1) ڪوٽڙي، (2) ٿاڻو
بولاخان، (3) مانجهند ۽ (4) سيوهڻ- تعلقا شامل ڪيا
ويا.
طبعي لحاظ کان هيءُ ضلعو پنجن حصن تي مشتمل آهي.
(1)
ميل:
هيءُ حصو ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه جي ميداني پٽن تي
ٻڌل آهي. هتي برساتن، ٻوڏن ۽ واهن وغيره جو پاڻي
گڏ ٿئي ٿو. هتان جي زمين هموار نه آهي.
(2)
ڪاڇو:
هيءُ حصو، جابلو حصي جي ڪڇ يعني بغل ۾ هجڻ ڪري
’ڪاڇو‘ سڏجي ٿو. ڪاڇو معنيٰ- ڪڇ يا بغل وارو. هن
حصي ۾ جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ جي اولهائين
جابلو پٽيءَ جي ڪڇ واري ايريا، اچي وڃي ٿي. هن حصي
جي آباديءَ جو دارومدار قدرتي چشمن، جابلو سلسلن
مان ڦُٽي نڪرندڙ نئن ۽ برساتي وسڪارن تي هوندو
آهي.
(3)
پڪو:
هن حصي ۾، دادو سمورو ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه ۽
جوهي جا اوڀر وارا علائقا شامل آهن. هتان جي
آبادي، درياء جي پاڻيءَ تي ٿئي ٿي ۽ هتان جي زمين
سخت آهي.
(4)
ڪچو:
هيءُ حصو، چئني تعلقن ۾ درياء جي ڀر واري پٽيءَ تي
مشتمل آهي، هن حصي جي زمين وارياسي، لٽاشي ۽ نرم
آهي.
(5)
ڪوهستان:
هيءُ حصو، جابلو سلسلي تي ٻڌل آهي، دادوءَ کان
علاوه باقي ٽن تعلقن جو اولهائون حصو، ڪوهستان ۾
شامل آهي. هيءُ حصو، عام طور تي کير ٿر وارو جابلو
سلسلو سڏبو آهي. هن سلسلي/حصي ۾ جابلو ٽڪريون ۽
ٽڪر مختلف نالن سان مشهور آهن. هيءُ حصو، تفريح
گاهه جي حيثيت رکي ٿو. گورک هِل اسٽيشن هڪ وڻندڙ
تفريح گاهه هن حصي تي قائم آهي. گورک، کيرٿر جبل
جي اتاهين چوٽين ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءَ چوٽي،
سامونڊي سطح کان غالباً 7 هزار فوٽ اوچائيءَ تي
آهي. سياري جي مند ۾ ٿڌو وڌيڪ پوندي آهي، ۽ تمام
سنهي برف باري پڻ ٿيندي آهي. سنهي برف باري پوڻ
سبب مٿس نالو- ’گورغ‘ پيو، جو اڳتي ’گورک‘ مشهور
ٿي ويو. گورک، سياحت لاءِ تمام وڻندڙ تفريحي ماڳ
آهي. پڪي روڊ رستي جي سهوليت نه هجڻ ڪري، هيءُ
تفريحي ماڳ، عام ماڻهن کان ڪٽيل رهي ٿو.
|