پيپلز پارٽي (ش. ڀ):
پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ 15 مارچ 1994ع تي وجود
۾ آئي. ان جو صدر مير مرتضيٰ ڀٽو هو. جڏهن ته ضلعي
دادو جو صدر ڪامريڊ علي محمد جمالي کي مقرر ڪيو
ويو، جيڪو اڃان تائين صدارت جا فرائض سرانجام
ڏيندو رهي ٿو.
سنڌ نيشنل فرنٽ:
سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه ممتاز علي ڀٽو آهي. هن
تنظيم جون شاخون سڄي سنڌ ۾ قائم ڪيون ويون آهن،
دادو ۾ به هيءَ تنظيم، ڪم ڪم رهي آهي.
جمعيت العلماء اسلام سنڌ:
جمعيت العلماء اسلام وفاقي پارٽي آهي. جنهن جو
اڳواڻ مولانا فضل الرحمٰن آهي، سڄيءَ سنڌ ۾، هن
تنظيم جا دفتر ۽ يونٽ آهن. دادو ۾ به هيءَ تنظيم
فعال آهي. مولانا منظور احمد سومرو دادو جو صدر
آهي.
جماعت اسلامي:
جماعت اسلامي وفاقي تنظيم آهي. هن جو اڳواڻ مولانا
مودودي مرحوم هو، دادو شهر ۾ به هن جي آفيس قائم
هئي. پر هن وقت جماعت جون سرگرميون محدود ٿي ويون
آهن.
جئي سنڌ محاذ:
سائين جي. ايم سيد 18 جون 1972ع ۾ سنڌوديش جو نعرو
هنيو ۽ جئي سنڌ محاذ پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جئي
سنڌ قومي محاذ جا بنيادي نقطا هي آهن:
1.
قومي پرستي، سيڪيولرزم. جمهوريت ۽ سوشلزم
هوندا.
2.
جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ملڪ جي قومي آزادي
(سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي آزادي) لاءِ
قومي ٻڌي ۽ قومي جذبو جهد ۾ ايمان رکي ٿو.
3.
جيئي سنڌ قومي محاذ جو نصب العين، آزاد سنڌو
ديش ۾ طبقاتي، نسلي، مذهبي، جنسي ۽ ٻئي هر قسم جي
استحصال کان پاڪ قومي رياست جو قيام آهي.
4.
جيئي سنڌ قومي محاذ، قومي آزادي ماڻڻ لاءِ
سنڌي قوم جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي کي اصلي ۽ متحرڪ
قوت سمجهي ٿو.
5.
جيئي سنڌ قومي محاذ، آزادي پسند ذميندار ۽ محب
وطن اسرندڙ قومي سرمائيدار کي پنهنجي اتحادي سگهه
سمجهي ٿو.
6.
جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ جي قومي آزادي جي
تحريڪ جو رهبر سائين جي ايم سيد کي سمجهي ٿو ۽
سندس سنڌو ديش جي آزادي ۾ دنيا جي اتحاد امن ۽
ترقي لاءِ ڏنل فڪر کي پيغام سنڌ جي ايم ازم جي
اصطلاح ۾ اظهار ڪندو.
7.
آزاد سنڌ رکڻ ۽ سمورا ملڪي وسيلا سنڌي قوم جي
ترقي تعمير ۽ تحفظ لاءِ ڪم آڻڻ.
1972ع کان جيئي سنڌ هلچل جي باني محترم سائين جي
ايم سيد، جي فڪر جا فڪري پوئلڳ ڪردار ۽ شخصيتون،
جن ۾:
1. علي احمد قريشي وڪيل |
2. مرحوم شوڪت سنڌي |
3. ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ آريجو |
4. غلام مصطفيٰ جانوري |
5. اقبال پنهور |
6. منير احمد ڪوريجو |
7. مجيب الرحمٰن شيخ |
8. سهراب مگسي |
9. خان شيخ |
10. حبيب الله ڪابورو |
11. حبيب جمالي |
12. اعجاز احمد شيخ |
13. ولي محمد شاهه |
14. ذوالفقار شيخ |
15. منظور سخيراڻي |
16. سڪندر اعظم مگسي |
17. عمر الدين زرداري |
18. پير مٺل |
19. عاشق علي پتافي |
20. بشير مگسي |
21. مجيد مگسي |
22. سڪندر مگسي |
23. ضمير احمد ڪوريجو |
24. جبل سنڌي |
25. نظام الدين شيخ |
26. غوث جهتيال |
27. پير خان |
28. وزير ڀٽي |
29. ظفر ڪوريجو |
30. عبدالرزاق پنهور |
31. علي اڪبر نثار باغي |
32. ڊاڪٽر نثار چارڻ |
33. ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ |
34. ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ کوسو |
35. سرفراز احمد کوسو |
36. ڪبير احمد پنهور |
37. عبدالڪريم ٻٻر |
38. الطاف سهاڳ |
39. سرور سهاڳ |
40. نبي بخش هاليپوٽو |
41. غلام حسين لنڊ |
42. نبي بخش هاليپوٽو |
43. سعيد احمد ٽڳو |
44. مختيار علي خشڪ |
45. روشن علي خشڪ |
46. عزيز احمد کوسو |
47. گلزار علي انصاري |
48. غلام نبي لنڊ |
49. محمد هاشم لنڊ |
50. خان محمد ساٽي |
51. نياز حسين پنهور |
52. لياقت علي لغاري |
53. روشن علي جهتيال |
54. خادم حسين جويو |
55. منور علي جهتيال |
56. سڪندر علي جهتيال |
57. شوڪت علي پنهور |
58. ستايل کوسو |
59. عبدالرحيم پنهور |
60. سڪندر علي ڇڄڙو |
61. سليم رضا ڪوريجو |
62. شفيق احمد شيخ |
63. علي خان جمالي |
64ذوالفقار علي ساٿي وڪيل |
65. غلام رسول مگسي |
66. شاهد حسين مگسي |
67. غازي عاشق چهواڻ |
68. اعجاز ميمڻ |
69. محمد علي پنهور |
70. مختيار علي پنهور |
71. غلام ياسين چانڊيو |
72. اقبال ديشي لاشاري |
73. علي سنڌي جمالي |
74. منير ديشي جمالي |
75. غلام رسول زئنور |
76. مجيب الرحمٰن پنهور |
77. حبيب احمد ڪوريجو |
78. خالد حسين پنهور |
79. امر سنڌي ٿهيم |
80. سني ڪمار بجاج |
81. چندر لعل آسيجاڻي |
82. سڪندر ڪوريجو |
83. اڪبر علي ڪوريجو |
84. مقبول احمد ملاح |
85. اعجاز علي کوسو |
86. اعظم کوسو |
87. قاسم لغاري |
88. ذوالفقار علي کوسو |
89. عاشق دادوي |
90. سيد قربان علي شاهه مرحوم |
91. احمد پنهور |
92. ممتاز علي پنهور |
93. غفار پنهور |
94. شاهنواز سومرو |
95. آس رمضان پنهور |
96. ظهير احمد پنهور |
97. ذوالفقار علي ابڙو فقير |
98. ڊاڪٽر ذوالفقار پنهور |
99. محمد حيات پنهور |
100. نياز احمد چنو |
101. ڊاڪٽر خادم حسين لاکير ۽ ٻيا شامل آهن. |
موجوده سرگرم دوست:
1.
ڊاڪٽر عبدالجبار ٻٻر
2.
منصور احمد جمالي
3.
غلام مصطفيٰ پنهور وريام سنڌي
4.
محبوب علي لاشاري
5.
سرفراز ڪوريجو
6.
انجنيئر مير مقصود احمد چانڊيو
7.
سردار الهه بخش ڇڄڙو
دادو تعلقي جو آبپاشي نطام
سکر بئراج جي تعمير کان اڳ، سنڌ ۾ واهن جو ڪو به
مناسب بندوبست نه هو. سموري پوکيءَ ۽ آباديءَ جو
دارومدار سنڌو درياءُ ۽ ان جي ڦاٽن جي ٻوڏن ۽
پاڻيءَ جي وهڪرن، ڇرن ۽ لاهه چاڙهه تي هوندو هو.
درياءُ جي چاڙهه سبب ماڻهو نار چاڙهي آبادي ڪندا
هئا. نتيجي ۾ فصلن جي پوکڻ ۽ لڻن وارو عمل غير
يقيني هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ
هٿراڌو واهه کوٽايا ويا. جن تي آبادي ڪئي ويندي
هئي. اهي واهه به اونهاري جي موسم ۾ درياءُ جي اٿل
سبب وهندا هئا. انهن واهن تي به محدود آبادي ٿيندي
هئي. سکر بئراج تعمير نه ٿئي ها ته سنڌ جو زرخير ۽
سرسبز علائقو آهستي آهستي ويران غير آباد ريگستان
۽ ڀڙ ڀانگ ٿي وڃي ها، سکر بئراج جي تعمير ٿيڻ سنڌ
جي زراعت کي مستقل ۽ يقيني بنايو آهي. انگريزن جي
حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ هڪ طرف مواصلات جي نظام
کي درست ۽ سهل بنائڻ لاءِ سنڌ ۾ ريلوي جو ڄارو
وڇايو ويو، ته ٻئي طرف سنڌ کي زرعي ميدان ۾ پاڻ
ڀرو بيهارڻ لاءِ آبپاشي نظام کي سڌاريو ويو. ۽ سکر
بئراج جي رٿا هٿ ۾ کنئي وئي، سکر بئراج جي رٿا سال
1923ع ۾ منظور ڪئي ويئي ۽ بئراج جي تعمير ساڳي سال
کان شروع ٿي ۽ سکر بئراج 1931ع ۾ وهڻ شروع ڪيو،
سکر بئراج جو ڪم سرڪارلٽن هيرسين جي سپرد ڪيو ويو.
جنهن 1 جولاءِ 1923ع کان وٺي فيبروري 1933ع تائين
ڪم ڪيو ۽ سندس هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو.
سکر بئراج جي تعمير تي هيڊ ريگيوليٽرن سميت 44
ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. سکر بئراج جي رٿا هيٺ ڪل 1989
پليون ۽ ريگيوليٽر تعمير ٿيا.
سکر بئراج ۽ ڪئنال اسڪيم بابت مسٽر ايم. ايڇ گزدر
اي. اي. سي لکي ٿو ته:
Sukkur Barrage and Cannals
by M.H Gazdar A. A. C.
One of the greatest boon that the British
Government have conferred on Sindh is that of
completion of the lioyd Barrage and Canals
Scheme. On account of the gradully increasing
withdrawls of water from the Indus and its
Punjab Tributaries, the irregation facilities in
Sindh would have decreased to such and extent
that it would have have been impossible to grow
even on kharif crop in Sindh was in a very
preacarious condition before the construction of
the Barrage, it depended wholly on the vagaries
of inundation in the River Indus and by rise and
fall surface water level. No cultivator could
ever be certain as to wheather he would get
water in proper time to grow his seddilings of
wether the water would maintain its level
sufficientely hight the end of the inundation
season to permit him to nature his crops.
Delayed rise on the beginning and earlier fall
at the end spelt ruin completion of many schemes
in the Punjab were making the condition of
irrigation in Sindh very precarious and the
economic condition of Zamindars in Sindh would
have grown from bad to worse. But fort his
Scheme the whole of the Sindh Indus valley
instead of being a fertile country as it used to
be in the good old days. Due to a abundance of
water coming from the punjab, would be a
desolated and depulated country. The
construction of the scheme has not only secured
irrigation facilities all the year round to
cultivators and holders of lands in the barrage
Zone but it promises to convert the whole
country in to a Garden of Eden.
HIGHEST BARRAGE IN INDIA
The Loyed Barrage (1923-1932) built for
irrigation purposes across the
Indus at Sukkur, in the
province of Sindh. Is nearly a mile long. Its
seven main canals total 400 miles in length and
it will irrigation area larger by 500000 Acres
than the whole arable area of Egypt at the time
of its completion it was be for the most
impressive structure of its kind outside North
America.
At bhatgar, 32 miles from poona, in the Deccan,
as lioyed Dam, Not to be confused with the
Barrage. Completed in 1928 after 15 years of
Labour, it makes possible the raising of about
40 Lac worth of crops every year, the highest
barrage in india is at Bhakra in the punjab. Its
creisst will then completed rise 500 feet, from
the foundations.
The highest barrage in Europ is the Dnieprostio,
on the
Dnieper riverL 2500 feet long and 200 feet high, it forms a lake 10 miles wide.
Its primary objection it’s the production of
electric power.
]حوالو: سکر بئراج اسڪيم مقالو تاج صحرائي صفحه 9،8 ماهوار نئين زندگي جون
جولاءِ 2002ع[. |