سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 21

حڪيم محمد پريل منگي:

حڪيم محمد پريل والد الهڏني منگي 1932ع ۾ دادو شهر ۾ جنم ورتو. دادو ۾ پڙهيو حڪمت جي ڪم کي لڳو، ڪواليفائيڊ حڪيم آهي. حڪمت ۾ ماهر لکيو وڃي ٿو. نبض شناس حڪيم آهي، دادو شهر ۾ الله والي مسجد جي ڀرسان سندس شفاخانو آهي. حڪيم محمد پريل منگي حڪمت کان علاوه سماجي ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي، دادو شهر ۾ جيڪي ادبي سماجي ۽ ثقافتي پروگرام ٿين ٿا. انهن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو رهي ٿو.

امام بخش پنهور:

امام بخش پنهور ولد حاجي خان پنهور 16 آگسٽ 1968ع تي ڳوٺ غلام پنهور تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. پنجون درجو پاس ڪري هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ داخلا ورتائين. اٺ درجا هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان پڙهي گورنمينٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ دادو ۾ داخلا ورتائين. جتان ميٽرڪ ٽيڪنيڪل مڪينيڪل ٽريڊ ۾ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪراچي سنڌ مان پوزيشن حاصل ڪئي. ساڳئي بورڊ مان ارڙهين جنوري 1993ع ۾ ڊپلوما آف ايسوسيئيٽس انجنيئر (سول) جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئر اينڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو سنڌ مان انڊسٽريل ٽيڪنالاجي جي پڻ ڊگري حاصل ڪئي اٿس، ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڊگري پڻ حاصل ڪري چڪو آهي.

امام بخش پنهور تعليم کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. نياڻين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۽ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، هن ڳوٺ جي سماجي ثقافتي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، هن وقت سندس رهائش بخاري محلي دادو ۾ آهي، محلي جي فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺندو اچي پيو. امام بخش سگا شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر، ڳوٺ سڌار سنگت غلام پنهور جو باني ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ڪور گروپ دادو جو ميمبر پڻ آهي.

مير مظهر ٻٻر:

مظهر حسين عرف مير مظهر حسين ٻٻر ولد حاجي گلاب خان ٻٻر تاريخ 3 سيپٽمبر 1959ع تي ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو پرائمري اسڪول ٿرڙي جادو شهيد مان حاصل ڪيائين ميٽرڪ تائين ڪڪڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. هوشياري سبب هميشه ڪلاس جو مانيٽر رهيو. تعليم بي. اي ۽ بي. ايس. سي ۽ ايم. اي ڪيل اٿس.

مير مظهر ٻٻر سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز سان حصو وٺندو اچي ٿو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سماجي سرگرميون آهن. جن ۾ هن وڏي جاکوڙ ڪئي. ٿرڙي جادو شهيد ۾ مفت ڪوچنگ سينٽر قائم ڪيو ۽ استاد محمد صالح سومرو جي نالي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. مير مظهر ٻٻر سماجي سرگرمين جي شروعات سال 1985ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ڪئي. سال 1985ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو حاجي محمد هارون ميمڻ کي ڳوٺ دعوت ڏيئي گهرايو ۽ ان دعوت ۾ ڊي. سي اڳيان سماجي مسئلا پيش ڪيا ۽ حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن دوستن سان گڏجي 1989ع ۾ سنگت شو، سال 1999ع ۾ ماحول ڊرامون پيش ڪيو. ان کان علاوه هر سال عيد ميلادالنبي وڏي پيماني تي ملهائيو ويندو آهي. جنهن ۾ علماءُ حضرات حضور جن جي شان ۾ واعظ فرمائيندا آهن.

مير مظهر ٻٻر ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان وابسته آهي. جنهن ۾ پاڪستان يوٿ فيڊريشن جو ميمبر، پاڪستان ڪريسينٽ يوٿ آرگنائيزيشن ضلعي دادو جو چيئرمين، گورک ڊولپمنٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جو باني ۽ مدني ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو ميمبر ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن سان واڳيل آهي. ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. ان کان علاوه هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ۽ لاهور ۾ عورتن جي حقن لاءِ ريلين ۾ شرڪت ڪئي.

عابد حسين گهلو:

عابد حسين گهلو ولد دائم الدين گهلو 9- نومبر 1960ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادو مين اسڪول مان حاصل ڪيائين. ثانوي ۽ اعليٰ تعليم به دادو مان ئي حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي مان بي.اي جي ڊگري وٺي، پنهنجي زمينداري پيشي سان وابسته ٿي ويو. عابد حسين گهلو 1977ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي. سياست جي شروعات ڪئي. ايم.آر.ڊي تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ جيل ويو. سنڌگريجوئيٽس ايسوسئيشن دادو جو ميمبر پڻ آهي، عابد گهلو سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو، ٻوڏن ۽ برساتن ۾ متاثرين جي مدد ڪندو رهي ٿو.

مهاتما ڏيو ڏنارام:

مهاتما ڏيو ڏنارام ڳوٺ ڪانهري تعلقي دادو ۾ سال 1842ع تي جنم ورتو. ڪن روايتن ۾ آهي، ته مهاتما ڏيو ڏنارام ڳوٺ تاجو جي تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. مهاتما ڏيو ڏنارام جي والد مهاراج لعل ڏنا رام منگترام هو، مهاتما ڏيونارام درويش صفت انسان هو. روايت آهي ته مهاتما ڏيوڏنا رام پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي اچي دادو ۾ رهائش اختيار ڪئي. مهاتما ڏيوڏنا رام درويش صفت ۽ اڪيلائي پسند هو. ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر راند سان ورونهن نه هيس، پر هو اڪيلائي پسند هو. راندين کان کيس نفرت هئي. هو اڪثر وقت پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران بيٺل هڪ کوهه تي وڻ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ وقت گذاريندو هو. مهاتما ڏيوي ڏنا رام صبح جو سنان ڪري وڻ هيٺان پلٿي هڻي، اکيون بند ڪري ويهي رهندو هو. اهڙي ريت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌيان ۾ گذاريندو هو.

مهاتما ڏيو ڏنا رام اڌ رات جو اٽڪل ٽين بجي ڌاري مٺڙي ننڊ ڦٽائي ڀڳوان جي شيوا ڪندو هو. ان وقت جڳهه جا دروازا بند ڪري شيوا ڪندو هو ۽ اهو عمل اٽڪل ڏيڍ بجي ٻن پهرن تائين جاري رهندو هو. مهاتما ڏيو ڏنا رام درويش صفت انسان هو انڪري دادو جا هندو معتقدين سندس سيوا ڪندا هئا.

سرڳواسي ڏيو ڏنا رام سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي. سنت ڀڳترام کي پنهنجو پٽ سمجهي پيار ڪندو هو. ننڍي عمر وارن کي اولاد ڪري سمجهندو هو. سرڳواسي آخري وقت ۾ بيمار گذارڻ لڳو، ۽ بيماري جي حالت ۾ 1906ع ۾ ديهانت ڪري ويو.

ديوان آسنداس وڪيل:

ديوان آسنداس پٽ جيئراءِ ڇاڻو شاهه آباد ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ميٽرڪ بمبئي ۽ ايل.ايل.بي ڪراچي مان ڪيائين. اصل هي زميندار هو. سندس پي کي ان وقت آنرري مئجسٽريٽ جا پاور هئا. ديوان آسنداس وڪيل هڏ ڏوکي انسان هو، هن ڪيترن ئي شاگردن کي وظيفا ڏيئي پڙهايو. هن جي زمين ڊي.سي.او آفيس کان وٺي سول اسپتال روڊ تائين ڀلائي لاءِ ڏنل هئي. جنهن ۾ مختلف کاتن جون آفيسون، لائبرري ۽ سول اسپتال دادو ٺهيل آهي. سندس نالو سنڌ جي  مشهور زميندار ۽ قانوندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس دادو واسين تي ٿورو صدين تائين زنده ياد رهندو. سال 1942ع ۾ ٻوڏ جو پاڻي جيڪو دادو شهر کي کنڊرات بڻائي ڇڏي ها. هن مرد مجاهد پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري آسپاس جا ماڻهو گڏ ڪري دادو شهر کي بند ٻڌايو. جنهن جا نشان اڄ به موجود آهن. جنهن کي سندس نالي پٺيان آسن بند سڏيندا آهن. ديوان آسنداس وڪيل جي آفيس ڪچهري روڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل جي سامهون هئي. آفيس جي پٺيان بهترين پارڪ هو. سندس ٻار ٻچا، اهل عيال سڀ هندوستان لڏي ويا هئا. پاڻ اڪيلي سر هتي رهندو هو. عمر رسيده هئڻ ڪري پاڻ پنجهتر سالن جي ڄمار ۾ پٽن سان ملڻ لاءِ 1971ع ۾ ڀارت ويو. اتي کيس دادو شهر جي سڪ ڏاڍو ستائيندي هئي. پوءِ ضعيفي جي ڪري واپس نه اچي سگهيو ۽  ۽ سال 1976ع ۾ ديهانت ڪري ويو. پاڻ پٺيان هڪ لائبريري ڇڏي ويو. جيڪا پنهنجي شاگرد امام بخش گهرياڻي وڪيل کي لکي ڏئي ويو. جيڪو اڃا به ان آفيس ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.

ديوان واڌومل لهاڻو شامناڻي:

واڌومل پٽ کيئل داس لهاڻو جيڪو دادو جو وڏو زميندار ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس جايون ۽ پلاٽ اڃا به دادو شهر ۾ محلي جڳت آباد ۾ آهن، سندن اولاد اڃا به دادو شهر ۾ آباد آهي. واڌومل جو ٽيون نمبر پٽ سيٺ تاراچند جيڪو قيامِ پاڪستان بعد دادو شهر جو وڏو مُکي هو ۽ ٻيا مُکي سندس ماتحت هئا. سيٺ گنگارام يڪراءِ سان مُکي چونڊجي آيو. جيڪو سندس ديهانت تائين مُکي رهيو. ان خاندان جون زرعي زمينون ڪچي توڙي پڪي ۾ تقريباً ڏهن ديهن ۾ هيون جن مان ڪجهه زمين وڪرو ڪئي ويئي آهي. ديوان واڌومل لهاڻو وڏو سماج سڌارڪ هو ۽ دادو شهر ۾ عوام جي ڀلي لاءِ ڪيترائي فلاحي ڪم ڪيا.

ڪوي رامچندر ٽهلرام موٽواڻي:

ڪوي رامچندر (رام) موٽواڻي 1880ع ڌاري دادو شهر ۾ ڄائو سنڌي فائينل تائين دادو ۾ پڙهيو. فائينل امتحان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. شاعري به ڪرڻ لڳو سندس شعر ڌرمي آهي، ڪجهه قومپرستي تي به شعر ٻڌل اٿس. سنڌ کي هن ڏاڍو ياد ڪيو آهي. ان جي شان ۾ به شعر چيو آهي. سندس شعرن جو هڪ مجموعو هندو هندوستان 1931ع ڌاري شايع ٿيو، جنهن ۾ اٺ باب آهن ۽ مختلف ڌرمي موضوعن تي شعر چيل اٿس. سندس وفات جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، ته ڪڏهن فوت ٿيو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هندستان ويو يا هت فوت ٿيو، بهرحال سندس شعر پڪو ۽ پختو آهي. سندس هڪ غزل جنهن جو عنوان ئي سنڌ آهي. ان جون مختصر سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:

سنڌ مان ٿيو هند هندوستان نالو ديش جو
سنڌ جي روشن ستاهر فن گڻ واپار ۾
اي هري شل تون ڪرين سنڌ جو وري روشن گگن
گگن رام چئي پرڪاش ٿئي هر ڪار ۽ وهنوار ۾.
 

گنگارام شامناڻي:

گنگارام اصل دوآبه ڳوٺ جو رهواسي هو، جيڪو دادو شهر جي ڏکڻ ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي اتي ڄائو. سندس خاندان زميندار گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو. پرائمري تعليم دوآبه ۾ ۽ سيڪنڊري تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪجهه سال پوليس کاتي ۾ شيٽ ڪلارڪ به رهيو، پر ذميوارين جي ڪري وڌيڪ نوڪري ڪري نه سگهيو ۽ نوڪري کي ڇڏي ڏنائين. زمينداري سنڀالڻ لڳو. ان سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هرهڪ جي ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ وارو هو. هرهڪ سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو. گنگارام هڪ دفعي ڪائونسلر ۽ هندو پئنچائت دادو شهر جو مُکي به رهيو. اوطاقي مڙس هو. هرهڪ آيل جو آڌر ڀاءُ ڪندو هو. هن ٻه پٽ ڄيٺومل ۽ سنتوش ڪمار ڇڏيا آهن. جيڪي به سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

مُکي ٻڌرمل هري راماڻي:

مُکي ٻڌرمل ڳوٺ رڪن تعلقي دادو ۾ ڄائو. سندس وڏا زميندار هئا. پرائمري رڪن ۾ حاصل ڪيائين. جواني به اتي گذاريائين. سنڌ ۾ جڏهن انگريزن خلاف تحريڪ هلي ته ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ هڙئون وڙئون مدد ڪيائين. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ لڏي دادو شهر ۾ آيو، سندس کي ان وقت رهندڙ هندو ڀائرن پڳ ٻڌائي. هو هڪ سٺو شيواداري هو، هرهڪ سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو. ڪچهري جو مور هو. سندس جو ٿلهو جيڪو ٻڌرمل وارو ٿلهو ڏاڍو مشهور هو. پاڻ چوندو هو ته جيسين آءٌ آهيان ته هي ٿلهو به متل رهندو نه ته پويان خير هوندو. ڏاڍو مهماننواز هو. هر آيل ديسي پرديسي جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. گفتار جو ڏاهو ۽ دروانديش هو.

ديوان هوتلداس نانڪاڻي:

ديوان هوتلداس اصل کاٽ ڪولاچيءَ جو هو، جيڪو پاٽ شهر جي ڀرسان آهي. سندس وڏا زمينداري پيشي سان واسطو رکندڙ هئا. هن پرائمري تعليم کاٽ ڪولاچي ۾ ورتي. جواني اتي گذاريائين. 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنهنڪري اتان لڏي دادو شهر جي شاهاڻي پاڙي ۾ اچي رهيو. انگريزي جي خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتائين. سنڌ مان چندو گڏ ڪري ڪانگريس کي موڪليندو هو. ڏاڍو مهمان نواز ۽ اوطاقي هوندو هو. سخي مرد هو. زمينداري سان گڏ حڪمت به ڪندو هو. ڪنهن به مريض کان پيسا نه وٺندو هو. فيصلي ڪرڻ جي وڏي همت هئس. ڪنهن سان به رياءَ نه ڪندو هو. غريبن جي مالي سهائتا ڪندو هو، ڪيترن ئي شاگردن جون فيون ادا ڪندو هو. سندس اولاد هن وقت شاهاڻي پاڙي ۾ رهي ٿو. انهن ۾ ڀڳوانداس، ڪشنچند نانڪاڻي، سڳنو مل نانڪاڻي ۽ ڀڳت رام نانڪاڻي شامل آهن.

چوڌري مينگهراج تلجارام:

چوڌري ميگهراج اصل ڳوٺ ڊرگهه بالا تعلقي جوهي جو رهواسي هو، پرائمري تعليم ڊگهه بالا مان حاصل ڪيائين. جتان لڏي مُکي گهٽي دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ ۾ اٽڪل پنجويهه کن گهر هئا، هو ميرن جي وقت کان ئي آسودا ۽ زميندار ۽ برک واپاري هئا. دادو شهر جا مُکي هئا. ڏيهه توڙي پرڏيهه سان سندس واپار هلندو هو. انڪري هن کي سنڌ ورڪي به چوندا هئا. سندن پٺيان هن گهٽي جو نالو مُکي گهٽي پيو.

پرمانند هرداس مل:

پرمانند هرداس مل دادو شهر جي ڀرسان سيالن جي ڳوٺ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم ڪراچي مان ورتائين. سندس خاندان شاهوڪار هو، ان ڪري کيس تعليم لاءِ  بمبئي موڪليو ويو. اتي ڪليڪٽري جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ٽريننگ تي هئو ته ڳوٺ پئي آيو، رات جي وڳڙي ۾ سيالن واري بند تي ٽانگو اُلٽي پيو. جنهنڪري سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون. معزور ٿي ويو. ان وقت سندس عمر 28 سال مس هئي. ڪجهه وت کان پوءِ ڀائرن کان ملڪيت جو حصو ورتو ۽ ان مان کيس ٽي لک ٻاهٺ هزار مليا. ان رقم مان هاءِ اسڪول لاءِ هڪ پلاٽ ورتو ۽ ان پلاٽ تي هاءِ اسڪول ٺهرايو. هاءِ اسڪول جو پلاٽ چاليهه هزارن ۾ آخوند نجم الدين کان ورتو. باقي رقم بلڊنگ تي خرچ آئي. بلڊنگ ۾ نو ڪمرا، هڪ سينٽر هال، هڪ ڊرائنگ هال، سائنس هال ۽ ورانڊو شامل آهي. هي عمارت سال 1938ع ۾ ٺهي راس ٿي، هن عمارت تي ٽوٽل لاڳت هڪ لک ڇاونجاهه هزار آئي اسڪول جو نالو پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول رکيو ويو. پاڻ 1938ع ۾ گذاري ويو. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو ته هن جو نالو تبديل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو رکيو ويو. ان طرف ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ته هن اسڪول جو نالو ڇو مٽايو ويو. جڏهن سنڌ وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه ٿيو، ان هن اسڪول جو دورو ڪيو ۽ سينٽر هال ۾ معززين کي خطاب ڪندي چيو ته آهي ڪو مرد مجاهد جيڪو اهڙو سينٽر هال ٺهرائي ڏئي! پر هال ۾ ڪنهن به هام نه هنئين. سيد عبدالله شاهه چيو ته سخت افسوس آهي جو هن هال مان ڪنهن به همت ساري، پوءِ ڪهڙو ڏوهه ڪيو ان ماڻهو، جنهن لکين روپيه خرچ ڪري هي بلڊنگ ڏني؟ مان اڄ اعلان ڪيان ٿو ته آئنده هن اسڪول جو اصلوڪو نالو پرمانندهرداس سيڪنڊري اسڪول دادو سان سڏيو ويندو ۽ آءٌ ڪراچي وڃي ان جو نوٽيفڪيشن ڪڍي اوهان تائين پهچائيندس. هن وقت اسڪول ساڳي اصلوڪي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

منگهارام سڌاڻي:

منگهارام پٽ شام داس سڌاڻي اصل ميرپور ماٿيلي جو رهواسي هو. سندس هڏ ڪاٺ مضبوط رنگ جو سهڻو جو ان ۽ قدآور شخصيت هو. ڊي.جي. ڪاليج ڪراچي مان پڙهي آيو، سندس تعليم بي.ايس.سي تائين هئي. گورنمينٽ پرمانند هرداس پائلٽ اسڪول دادو ۾ سائنس جو استاد رهيو. سنڌ جي نامور استادن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. حسابن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ڪڏهن به ڪتاب کولي نه ڏسندو هو. سڄو ڪتاب برزبان ياد هوندو هئس. جڏهن به شاگردن کي پڙهائيندو هو ته ائين محسوسو ٿيندو، هو ته ڄڻ ڪا غيبي طاقت آهي. جيڪا سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪري رهي آهي. سندس قول هو ته پڙهو ۽ پڙهايو. سڌواڻي صاحب پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ٿيو. سندس ڪيترائي شاگرد سڄي ملڪ ۾ اعليٰ عهدن کي پهتا. سڌواڻي صاحب آخري پساهه هن دادو شهر ۾ ڇڏيا.

رميش ڪمار نانڪاڻي:

رميش ڪمار پٽ ڀڳوانداس نانڪاڻي دادو شهر جي صاف سٿري علائقي شاهاڻي محلي ۾ رهندڙ آهي. دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مين اسڪول دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان حاصل ڪيائين. بي.ايس.سي، ايم.اي، ايم.ڊي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. تعليم کاتي ۾ آفيسر جي عهدي تي فائز آهي، رميش ڪمار سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. پنهنجي ڌرمي سرگرمين ۾ به نمايان طور تي سرگرم آهي حڪمت جي ڌنڌي سان به واڳيل آهي. حڪمت تي هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو اٿس. جيڪو منظر عام تي اچي ويو آهي. رميش ڪمار يارويس ماڻهو آهي. ڪابه ڳالهه دل ۾ نه رکندو آهي، جيڪا ڳالهه هوندس منهن تي چئي ڏيندو.

موهن لال هاشاڻي:

موهن لال پٽ مينگهراج هاشاڻي 20- ڊسمبر 1952ع دادو شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان انٽر تائين تعليم دادو مان پاس ڪيائين. ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي جا به امتحان پاس ڪيا اٿس. شروع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ان مان ترقي ڪندو تعليم کاتي ۾ سپروائيزر مقرر ٿيو. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان علاوه سماجي ۽ ڌرمي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. گذريل ٽيهن سالن کان مندر جي شيوا ڪندو اچي ٿو، جتي هندو برادري پنهنجون ڌرمي رسومات احسن طريقي سان ادا ڪري رهي آهي.

صحافي ۽ صحافت

صحافت معزز پيشو آهي، معاشري تي ٿيندڙ ڏاڍ، ڏمر، ظلم، جبر ۽ بيواجبين خلاف هتان جي صحافين مظلومن جو آواز ارباب اقتدار تائين پئي پهچايو آهي. سچ لکڻ سبب سرڪاري مشينري صحافين تي ڏمرجي پوندي آهي. هتان جي صحافين پاڻ ملهايو آهي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪري سرخرو ٿيا آهن. هن شهر جا ڪيترائي صحافي جن ۾ مرحوم غلام قادر ناريجو، محمد اسماعيل ناريجو، غلام رسول ناريجو، حافظ محمد احسن چنا، علي حسن لغاري، قاضي نصير محمد، نورمحمد جيسر، دوست علي جيسر، سرائي علي گوهر ٻٽ، حسين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، قمرالدين جويو، انور شاهي، ذوالفقار شيخ، يوسف ڪابورو، ضيا قريشي ۽ ٻيا شامل آهن. دادو شهر ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. هن شهر مان ڪيتريون ئي هفتيوار اخبارون نڪرنديون آهن. انهن ۾ دادو گزيٽ، اظهار، روشن طب، آواز سنڌ، محافظ سنڌ، قلندر ۽ شهباز مان آهن. انهن اخبارن مان ڪجهه اخبارن مان ڪجهه اخبارون بند ٿي ويون آهن. تڏهن به هتان جا صحافي هن وقت صحافتي ذميواريون احسن طريقي سان نڀائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ٻين اخبارن سان منسلڪ آهن. دادو جي صحافين جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.

دادن خان ڀنڊ:

دادن خان ڀنڊ ولد محمد حسن ڀنڊ جو اصل ڳوٺ غلام علي ڀنڊ تعلقو دادو آهي. 1940ع ۾ جنم ورتائين. هن صحافت جي شروعات 1972ع کان ڪئي. هفتيوار محافظ سنڌ دادو جو ڪيترائي سال ايڊيٽر رهيو. هن اخبار جي ذريعي دادو جي گنڀير مسئلن تي ڪيترائي اداريه ۽ ڪالم لکيا. ان کان علاوه روزانه اخبارن سان پڻ منسلڪ رهيو آهي. هن وقت پي. پي. آءِ سان واسطو اٿس.

قربان علي خشڪ:

قربان علي خشڪ ولد الله بخش خشڪ دادو ۾ ڄائو. تعليم بي. اي تائين ٿيل اٿس. هن صحافت جي شروعات 1998ع کان ڪئي. روزانه هلال پاڪستان ۽ مهراڻ جو ضلع رپورٽر به رهيو آهي. هن ڪافي ڪالم، فيچر ۽ مضمون لکيا آهن. جيڪي اخبارن جي زينت بڻيا آهن.

غلام فريد شيخ:

غلام فريد شيخ ولد الاهي بخش شيخ دادو شهر ۾ ڄائو. تعليم به دادو مان حاصل ڪئي اٿس. سال 1990ع کان اخباري دنيا سان وابسته آهي. هي روزانه مهراڻ، تعمير سنڌ ۽ ڪوشش اخبار جو ضلع رپورٽر به رهيو آهي. هن وقت به روزانه تعمير سنڌ سان واڳيل آهي. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اخبارن تائين پهچائڻ ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي.

رياض قادر ناريجو:

رياض قادر ناريجو ولد غلام قادر ناريجو 1 سيپٽمبر 1975ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم به دادو مان حاصل ڪيائين. هن وقت سندس تعليم بي. اي. سي ميٿس آهي. سندس پيشو صحافت آهي. هن ڪيترائي ڪالم ۽ رپورٽون اخبارن ۾ موڪليون آهن، جيڪي سڀ جون سڀ اخبارن ۾ شايع ٿيون اٿس. رياض قادر ناريجو سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو.

گلڻ خان ڀنڊ:

گلڻ خان ڀنڊ ولد رانجهو خان ڀنڊ 27 آڪٽوبر 1964ع تي ڳوٺ مينهون خان ڀنڊ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول ڀان مان حاصل ڪيائين. هن وقت سندس تعليم گريجوئيشن آهي. هيءُ اصل مَلُهه آهي. هن جا وڏا به ملهه آهن. صحافت به ڪري ٿو. عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو آهي. گلڻ خان ڀنڊ مختلف اخبارن سان وابسته رهيو آهي. هن صحافت جي شروعات 1996ع کان ڪئي. روزانه پاڪ حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر رهيو. هن وقت روزانه برسات جو ضلعي رپورٽر آهي.

غلام محمد کهرو:

غلام محمد کهرو اصل ڦلجي اسٽيشن جو رهواسي آهي. هي مختلف اخبارن جو تعلقي ۽ ضلعي رپورٽر به رهيو آهي. هن صحافت جي شروعات 1985ع کان ڪئي. موجوده وقت ۾ روزانه امن ڪراچي جو ضلعي رپورٽر آهي.

نياز علي چانڊيو:

نياز علي چانڊيو ولد بخشل خان چانڊيو ڳوٺ دانو خان چانڊيو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. صحافت سان واسطو اٿس. روزانه هلچل حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر آهي.

محمد شفيع قريشي:

محمد شفيع قريشي ولد نظير احمد قريشي 19 جولاءِ 1950ع تي دادو شهر ۾ اک کولي. پرائمري ۽ ميٽرڪ دادو شهر مان حاصل ڪيائين. صحافت جي شروعات 1985ع کان ڪئي اٿس. اڄ تائين مختلف اخبارن سان وابسته رهيو آهي. جن مان يو. پي. پي نيوز ايجنسي، جسارت، آفتاب، مهراڻ، پاڪ ۽ پاڪستان اخبار شامل آهي. يو. پي. پي نيوز ايجنسي جو هن وقت ضلعي رپورٽر آهي.

ولي محمد چانڊيو:

ولي محمد عرف ولي چانڊيو ولد بخشل خان چانڊيو ڳوٺ دانو خان چانڊيو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ دادو مان حاصل ڪئي اٿس. هن وقت سندس تعليم ايم. اي ۽ بي. ايس. سي آهي. صحافت 1990ع کان ڪئي اٿس. هن ڪيترين ئي روزانه اخبارن ۾ پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀايون آهن. انهن ۾ روزانه الغوث، عوامي آواز، سوال، سفير، شام ۽ سچ شامل آهن. موجوده وقت ۾ روزانه شام حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر آهي. سندس ڪيترائي فيچر، رپورٽون ۽ ٻيو مواد شايع ٿيندو رهي ٿو.

محمد عظيم لغاري:

دادو شهر جو نوجوان صحافي محمد عظيم لغاري ولد شفيع محمد لغاري 4 جنوري 1972ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر تائين اٿس. محمد عظيم لغاري سنڌ جي ڪيترين ئي نامور روزانه اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون آهن. جن ۾ خلق، آفتاب، سرواڻ، الک، ايڪسپريس، سچ، سوال، پاڪ نيوز، حريت، هلچل، مهراڻ، پڪار ۽ ٻيون اخبارون شامل آهن. روزانه سچ اخبار جو ضلعي رپورٽر به رهيو. شهيد ٿي ويو.

نويد الزمان قريشي:

نويد الزمان قريشي ولد حڪيم لطف الله قريشي 26 آگسٽ 1975ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس والد لطف الله قريشي نامور استاد ٿي گذريو آهي. والد صاحب جي تربيت ۽ رهنمائي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. بي. اي تائين تعليم ٿيل اٿس. هن سال 1994ع کان صحافت جي شروعات ڪئي. روزانه پڪار، بختور، خلق، جاڳو، سنڌ ۽ ٻين اخبارن جو ضلعي رپورٽر رهيو آهي. هن وقت روزانه پڪار جو ضلعي رپورٽر آهي.

راجا ڪوريجو:

راجا ڪوريجو اصل نالو محمد ياسين ڪوريجو تاريخ 14 آڪٽوبر 1971ع ۾ حاجي نظير احمد ڪوريجي جي گهر اک کولي. مڪمل تعليم دادو شهر مان حاصل ڪئي اٿس. هن وقت سندس تعليم ايم. اي اڪانامڪس آهي. ڪجھ عرصي کان صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو آهي. روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، حريت، خبرين ۽ ٻين اخبارن سان وابسته رهيو آهي. هن وقت روزانه خبرين ۽ جدت جو ضلعي رپورٽر آهي.

محمد اسلم ٻٻر:

محمد اسلم ولد حافظ محمد عرس ٻٻر ڳوٺ مريد ٻٻر تعلقي جوهي ۾ تاريخ 3 مارچ 1971ع تي ڄائو. تعليم بي. اي تائين اٿس. صحافت جي دنيا ۾ سال 1988ع ۾ پير پاتو. هن وقت روزانه امت ۽ اين. اين. آءِ جو ضلعي رپورٽر آهي.

عبدالفتاح شيخ:

عبدالفتاح شيخ ولد عبدالله شيخ تاريخ 19 مئي 1975ع تي ڳوٺ وليد شيخ دڙو ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي تائين ٿيل اٿس. هن اخباري دنيا سان پنهنجو ناتو سال 1995ع ۾ جوڙيو. روزانه سنڌ جاڳو، ڪوشش، تعمير سنڌ جو ضلعي نمائندو به رهيو آهي. هن وقت روزانه ڪوشش سان منسلڪ آهي.

نظام شيخ:

نظام الدين شيخ ولد احمد علي شيخ ڳوٺ دڙو وليد شيخ تعلقي دادو ۾ 15 آڪٽوبر 1975ع تي جنم ورتو. پنجون درجو مين اسڪول دادو ۾ پڙهيو. ميٽرڪ دادو مان ڪيائين. هن وقت سندس تعليم بي. اي آهي. جيڪا پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي اٿس. صحافت جي شروعات 1985ع کان ڪيائين. روزانه جاڳو، خادم وطن ۽ ڪاوش جو ضلعي رپورٽر رهيو. هن وقت به ڪاوش حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر آهي.

نظام شيخ جا ڪافي ڪالم، فيچر ۽ رپورٽون روزانه ڪاوش ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سرڪاري عتاب ۾ به رهيو آهي. ان ڪري جيل جون صعوبتون به برداشت ڪرڻيون پيون اٿس. روزانه ڪاوش کان علاوه ڪي. ٽي. اين جو ضلعي رپورٽر به آهي.

شفيق احمد شيخ:

شفيق احمد شيخ ولد احمد علي شيخ دادو شهر ۾ 10 مارچ 1984ع ۾ جنم ورتو. پنجون درجو مين اسڪول دادو مان پاس ڪري، هاءِ اسڪول دادو ۾ داخلا ورتائين. هن وقت انٽر تائين تعليم حاصل ڪري چڪو آهي. صحافت 1996ع کان شروع ڪئي اٿس. هلچل، هلال پاڪستان ۽ شام ۾ به صحافتي ذميواريون ادا ڪيون اٿس. موجوده وقت ۾ روزانه ”هلچل“ جو ضلعي رپورٽر آهي.

جاويد قادر ناريجو:

جاويد قادر ناريجو ولد غلام قادر ناريجو دادو شهر ۾ 1965ع ۾ ڄائو. دادو شهر مان تعليم حاصل ڪيائين. بي. اي تائين تعليم ٿيل اٿس. صحافت سان 1986ع کان لاڳاپيل آهي. هن وقت روزانه جنگ ڪراچي جو ضلعي رپورٽر آهي.

پرويز قادر ناريجو:

پرويز قادر ناريجو ولد غلام قادر ناريجو دادو شهر ۾ 17 آگسٽ 1968ع تي جنم ورتو. تعليم بي. اي تائين اٿس. صحافت ورثي ۾ مليل اٿس. سندس والد غلام قادر ناريجو به دادو شهر جو ناميارو صحافي هو. پرويز قادر ناريجو روزانه اخبار عبرت جو ضلعي رپورٽر به رهيو آهي. هن وقت روزگار سانگي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

سرور جلال سولنگي:

سرور جلال ولد لعل بخش سولنگي تاريخ 10 مارچ 1970ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪئي اٿس. صحافت 1994ع کان شروع ڪئي اٿس. هن وقت روزانه عوامي آواز ۽ ايڪسپريس ڪراچي سان وابسته آهي.

ولي محمد لنڊ:

ولي محمد لنڊ ولد ڀائي خان لنڊ تاريخ 25 مارچ 1958ع تي محلي مزدورآباد دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر تائين ڪري چڪو آهي. 1995ع کان صحافت سان لاڳاپيل آهي. روزانه سرواڻ، خلق جو ضلعي رپورٽر به رهيو آهي. هن وقت روزانه سنڌو حيدرآباد، روزانه جرعت ڪراچي جو ضلعي رپورٽر آهي.

سعيد سنڌي:

سعيد سنڌي جو دادو شهر جي سينيئر صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو. دادو شهر جي ميمڻ محلي ۾ 1947ع ۾ ڄائو. صحافت جي ابتدا سال 1968ع کان ڪيائين. روزانه هلال پاڪستان ۾ به ضلعي رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو اٿس. سندس ڪيترائي تجزيا ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

علي دمساز لاکير:

علي دمساز لاکير اصل ڳوٺ دائود ديرو تعلقي ميهڙ جو رهواسي آهي. تاريخ 10 سيپٽمبر 1965ع تي غلام قادر لاکير جي گهر اک کولي. سندس تعليم ايم. اي اڪانامڪس آهي. صحافت ۾ سال 1988ع کان پير پاتائين. هن وقت عوامي آواز ڪراچي جو چيف بيورو آهي.

عبدالعزيز رانجهاڻي:

عبدالعزيز رانجهاني 7 سيپٽمبر 1968ع تي ڳوٺ ڇني تعلقي جوهي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇني مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو مان، انٽر گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان، بي. اي پيٽروليم ۽ گئس انجنيئرنگ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو مان پاس ڪيائين. 1996ع ۾ آئل اينڊ گئس ڊويلپمينٽ ڪمپني او. جي. ڊي. سي. ايل ۾ بطور ٽيڪنيڪل انجنيئر مقرر ٿيو. اڃا تائين گئس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. ملازمت دوران سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ۾ تيل ۽ گئس فيلڊن ۾ گذاري آهي. عزيز رانجهاڻي جو ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو آهي. انهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت، شهري اتحاد، پريس ڪلب دادو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ميمبر لال شهباز ميلا ڪاميٽي ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.

عزيز رانجهاڻي صحافت ۾ به سرگرميون جاري رکندو آيو آهي. هن جن اخبارن ۾ لکيو آهي انهن ۾ روزانه هلال پاڪستان، جاڳو، برسات، ڊيلي سنڌ ٽربيون، ڊيلي دي نيوز ڪراچي، پي. پي. آءِ ۽ ٻيون اخبارون شامل آهن. عزيز رانجهاڻي کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. 1993ع ۾ لال شهباز قلندر جي ميلي ۾ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي ڦوٽوگرافي، نمائش ۽ ميلي جي انتظامن تي ايوارڊ مليس. سال 1998ع تي منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ بابت مسلسل لکڻ تي اقوام متحده جي عالمي اداري آءِ. يو. سي. اين پاران ”ڇا منڇر سن 2000ع ۾ تباهه ٿي ويندي“ تي لکيل مضمون ۽ سال 1998ع ۾ ماحولياتي مسئلن تي لکڻ تي مڃتا طور 10000 روپيه نقد ۽ ايوارڊ ڏنو ويو. عزيز رانجهاڻي ماحولياتي مسئلن، ڪاڇي جي ثقافت، سياحت، آثار قديم تي ڪافي مضمون لکيا آهن. سندس ادبي ۽ تاريخي سفر جاري آهي.

اشفاق احمد شيخ:

اشفاق احمد ولد احمد علي شيخ تاريخ 8 مارچ 1980ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پنجون ڪلاس ماڊل مين اسڪول دادو مان پاس ڪيو. ميٽرڪ پائلٽ دادو هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان حاصل ڪيائين. صحافت ۾ 1994ع کان آيو. هن روزانه مهراڻ، بختور، آفتاب، عبرت، ڪائنات ۽ روزانه جنگ ڪراچي ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن وقت روزانه ڪاوش جو ڦوٽوگرافر آهي.

محمد خان لاکو:

محمد خان لاکو ولد حبيب الله لاکو 23 آگسٽ 1969ع تي ڳوٺ پيچوها تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. بي. اي تائين تعليم ٿيل اٿس. 1994ع تي صحافت ۾ قدم رکيو. شروعات ۾ روزانه حيرت حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن وقت روزانه خبرون حيدرآباد جو ضلعي رپورٽر آهي. ان سان گڏ لال شهباز قلندر ويلفيئر ايسوسيئيشن اينڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن دادو جو جنرل سيڪريٽري آهي.

ملهون ۽ ملهه

سنڌ قديم دور کان تهذيب ۽ ثقافت جو گهروارو رهيو آهي. تهذيب ۽ ثقافت کي پروان چاڙهڻ لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن هميشه پاڻ پتوڙيو آهي. اخلاقي، تهذيبي ۽ مالي مدد ڪري ثقافت کي زنده جاويد رکيو آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ ساز، آواز، لباس ۽ راند کي خصوصي اهميت آهي. سنڌ جا مشهور ساز چنگ، چڙا، چڙيون، بوڙيندا، نفيلون، دهل، ڍولڪ، شرنايون، ٽليون، بينيون، بانسريون، کڙتال، سارنگيون، سرندا وغيره شامل آهن. جڏهن ته راندين ۾ ٻلهاڙو، ونجهه وٽي، ڪٻٽي، ڪوڏي ڪوڏي، ڏڪي ڏڪر، ملهه ۽ ٻيون رانديون تمام گهڻيون مشهور آهن.

ملهه راند جيڪا سنڌ جي قديم ۽ قومي راند آهي. ان جي قدامت ۽ اهميت تي نظر ڊوڙائينداسين ته هي راند جيڪا روايت موجب 2000 سال قبل مسيح به کيڏي ويندي هئي. ان وقت کان اڄ تائين هن راند ۾ ڪافي سڌارا آيا آهن. سنڌ جي حڪمرانن، سومرن، سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هن فن کي تقويت ملي. هن فن کي عروج ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ مليو. ٽالپر حڪمران ملهه ۽ ملاکڙي جا وڏا شوقين هئا. انگريزن جي دور ۾ به ملهه جا وڏا وڏا مقابلا ٿيندا هئا. جتي ملهه پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. انگريز حڪمران پڻ هن راند ۾ دلچسپي رکندا هئا ۽ ملهن کي وڏا انعام اڪرام ڏيندا هئا. ملهه راند سنڌ کان علاوه ٿوري تبديلي سان پنجاب، بلوچستان، افغانستان، روس ۽ ڀارت ۾ به کيڏي ويندي آهي.

جتي ملهه کيڏي ويندي آهي. ان کي پڙ چوندا آهن. پڙ ۾ ڪيترائي پهلوان موجود هوندا آهن. پڙ جي چوڌاري گول دائرو ٺاهي عام ماڻهو ويهي يا بيهي ملهه ڏسندا آهن. امير ماڻهو ڪرسين تي ويهي راند مان لطف اندوز ٿيندا آهن. ڪي ماڻهو گهوڙن ۽ اُٺن تي چڙهي ايندا آهن ۽ اُٺن ۽ گهوڙن تي ويهي مقابلو ڏسندا آهن. ڪجھه ماڻهو وڻن ۽ ڀتين تي چڙهي به ملهه جو مزو ڏسندا آهن. ملهه پهلوان جڏهن پڙ ۾ داخل ٿيندا آهن ته نوڙي زمين تان مٽي کڻي نڪ ۽ ڪنن کي مليندا آهن ۽ عاجزي ۽ نيازي ڪري ميدان ۾ پير پائيندا آهن ۽ ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي طاقت تي غرور ۽ تڪبر کان ڪناره ڪشي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ملاکڙي جي پڙ ۾ سٺا نامور ۽ مڱڻهار مخصوص انداز ۾ واڄو ڪندا آهن. شرناءُ ۽ دهل تي ملاکڙي جي مخصوص ڌن وڄائي ملهه پهلوانن ۽ شائقين کي وجد ۾ وجهي ڇڏيندا آهن ۽ ڏسندڙن تي هڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي ويندي آهي، سنڌ جي قديم رسم ۽ رواج موجب جڏهن ڪو ملهه پهلوان پنهنجي مد مقابل کي ملهه دسي سرسي ڪندو آهي، ته مخصوص انداز ۾ ڊانس ڪري شائقين کان داد حاصل ڪندو آهي ۽ گول دائري ۾ چڪر ڏيندو آهي. سڀ کان پهريائين درگاهه جي سجاده نشين کان انعام وٺندو آهي ۽ پوءِ دائري ۾ موجود شائقين کان انعام حاصل ڪندو آهي. شائقين پهلوان جو قدر ڪندي نوٽن جي ورکا ڪندا آهن ۽ پهلوان جون مٺيون نوٽن سان ڀرجي وينديون آهن. هر طرف واهه واهه ٿي ويندي آهي. ملاکڙو گهڻو ڪري 3 ڏينهن هلندو آهي. آخري ڌمال تي کٽندڙ پهلوان کي چاندي يا سون جا ٻلا ڏنا ويندا آهن. ملهه راند عيد جي ڏهاڙي کان علاوه اڪثر پيرن فقيرن جي مزارن تي يا ماهه پهرين جمع يا سومر تي ميلا لڳندا آهن. جتي به ملاکڙي جو انتظام ڪيو ويندو آهي.

سنڌ ۾ ڀٽائي گهوٽ، قلندر لال شهباز، سمن سرڪار، ساجن سوائي، پير پٺو، راڻيپور، شاهه گودڙيو، امير پير، ناٿن شاهه، ملان رحماني، بهليل شاهه، الهداد فقير، جمال شاهه، مهر شاهه، نٿو شاهه بخاري، صدر الدين شاهه جا ملاکڙا ڪافي مشهور آهن. جتي ملهه پهلوان پنهنجي فن جو مظآهرو ڪندا آهن. ملهه پهلوانن لاءِ سٺي خوراڪ تمام ضروري آهي. سندن خوراڪ کير، مکڻ، گيهه آهي. کير 2 ڪلو کان 4 ڪلو استعمال ڪندا آهن. مکڻ يا گيهه بسري جي صورت ۾ واپرائيندا آهن. ملهه اڪثر ڪري زميندار نه آهن. انهن کي ملهن جا شوقين پاليندا آهن. انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست به ڪندا آهن. قيام پاڪسان کان اڳ هندو زميندار ملهن کي پاليندا هئا ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست بهترين طريقي سان ڪندا هئا. قيام پاڪستان کان پوءِ مسلمان نوابن ۽ زميندارن ملهن جي سٺي پرورش ڪئي. انهن کي پاڻ وٽ رهائي، کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري، ملهه لاءِ تيار ڪري، ٻين ملهن سان ويڙهائي مقابلا ڏسندا آهن.

سنڌ ۾ ڪيترائي ملهن جا شوقين ٿي گذريا آهن. جن ڀرپور طريقي سان ملهن جي پرورش ڪئي. انهن ۾ مير عبدالله خان ٽالپر، مير علي ڏنو خان ٽالپر، مير غلام حسين ٽالپر، علي بخش شاهه عرف علڻ سائين، سيوهڻ جو سيد گل محمد شاهه، مٽيارن جو پير الهيار شاهه، ٽنڊي محمد خان جو مير محمد خان ٽالپر، ملڪ سهراب خان، مديجي جو مرحوم رسول بخش لوهر، ڀانن جو مرحوم غلام محمد ڳچل، دادو جي سيد ڪامل شاهه جا نالا قابل ذڪر آهن.

ملڪ ۾ جيڪي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. انهن جا طور طريقا ٿين ٿا. اهڙي طرح ملهه راند جا به انگ اکر، داع پيچ به الڳ ٿين ٿا. انهن ۾ جانٺو، وارو، اندرين، منڙي، کس، ونگ، ڦڙتي، ڦيرائڻ، اٺ ڏانوڻ ۽ بيا داع پيچ شامل آهن. ملهه گهڻو ڪري بوسڪي جو پٽڪو، جيڪو ساڍا 7 وال هوندو آهي اهو ٻڌندا آهن. 8 وال سلوار ۽ 4 وال قميص پائيندا آهن. جڏهن ملاکڙي ۾ پهچندا آهن ته ڏاڍا ٺاهوڪا لڳندا آهن. ملهن ۾ بردباري ۽ جيورت ڏاڍي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو سندن مدمقابل ڌڪ ڏيندو آهي ۽ ملهه پهلوان بيهوش ٿي ويندو آهي ۽ هوش ۾ اچڻ بعد به هو ٽهڪ ڏئي ويهي رهندو آهي. ڪڏهن به انتقام نه وٺندو. جڏهن ته دنيا جون جيڪي به رانديون، جن ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ريسلنگ شامل آهن. انهن ۾ رانديگر ڪرسيون کڻي، پنهنجي مدمقابل کي زخمي ڪري ڇڏيندا آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي نالي وارا پهلوان ٿي گذريا آهن. انهن ۾ شير مير بحر، بخشل ڊکڻ، انب شيدي، شير شيدي، غوث بخش پٺاڻ، مولا بخش مبيجو، قاضي بروهي، در محمد عالماڻي، نورالدين ٻٻر، يڪو خاصخيلي، رحيم جهتيال، سيد سمن شاهه، الهجڙيو سمون، غلام قادر لغاري، بکر شيدي، حاجي خشڪ، شير گوپانگ، گلشير راهو، سائينداد ٿريو، الله بخش لاشاري، دوسو زردري، نبن جمالي، صيفل برهماني، علي نواز دکڻ، قلب علي جتوئي، دائود سولنگي، چهواڻ سولنگي، سرور جتوئي ۽ ٻيا ملهه پهلوان شامل آهن.

سنڌ جي پهلوان شير مير بحر کي اهو اعزاز حاصل آهي. جو ڏيهي توڙي پرڏيهي پهلوانن کي دسي سرسي حاصل ڪئي. انهن ۾ جاپان جي پهلوان انوڪي انگريز پهلوان ۽ هندستان جي پهلوانن کي دسي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. هالن ۾ ملاکڙي جو اهتمام ڪيو هو. ان ۾ جاپان جي پهلوان کي سندرو ٻڌي، مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته انوڪي پهلوان کان اکين مان ڳوڙها نڪري آيا ۽ ملهه وڙهڻ کان نابري واري بيهي رهيو.

آءٌ دادو تعلقي جي ملهه پهلوان جو مختصر ذڪر ڪندس، جيڪي ملهه ۾ زور آزمائي ڪري دادو جو نانءُ روشن ڪري رهيا آهن. انهن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.

حاجي خان ڪنڀر:

حاجي خان ولد گل محمد عرف گلو ذات ڪنڀر ويٺل ڳوٺ مرادآباد تعلقي دادو ۾ 1950ع ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ گل محمد عرف گلو ملهه پهلوان هو. 12 سالن جي عمر کان ئي ملهه وڙهڻ شروع ڪيائين. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي، الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي بارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. ملاکڙن ۾ کيس ڪيترائي انعام مليا هئس.

احسان ڪنڀر:

احسان ولد خير محمد ڪنڀر 1975ع ڌاري ڳوٺ مرادآباد ۾ چائو. ننڍپڻ کان ملهه سکيو. سنڌ جي مختلف ميلن ۽ ملاکڙن ۾ زور آزمائي ڪئي. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان مورو، مٽياري، آراضي، سبيل،بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي، الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

حاجي منظور چنا:

حاجي منظور چنا ڳوٺ مرادآباد تعلقي دادو ۾ 1977ع ۾ ڄائو. سنڌ جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان مورو، مٽياري، آراضي،سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ،واهڙ ٽلٽي، الهداد فقير، نانگوشاهه،ملا رحماني ۽غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

صديق ٻٻر:

پهلوان صديق ٻٻر اصل جوهي تعلقي جو رهواسي آهي. هن وقت دادو شهر ۾ رهي ٿو. ننڍپڻ کان ملههسکيو.هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

ابراهيم ڇڄڙو:

ابراهيم ڇڄڙو ڳوٺ جهلو تعلقي دادو جو رهواسي آهي. ننڍپڻ ۾ ملهه وڙهڻ سکيو، ڪيترن ئي ناميارن ملهه پهلوانن سان زور آزمائي ڪري چڪو آهي. دادو ضلعي جي ميلن ملاکڙن کان علاوه سنڌ جي ڪيترن ئي ٻين ميلن ملاکڙن ۾ ملهون وڙهي انعامات حاصل ڪندو رهيو آهي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه ۽ ٻين ميلن ملاکڙن تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

محمد پنهور:

محمد پنهور تمام سٺو ملهه پهلوان آهي. جيڪو ڳوٺ عبدالرحيم جي کوهه جو رهواسي آهي. امير پير جي ميلي تي ملهه وڙهي سرسي حاصل ڪيائين اتان ئي پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. سنڌجي ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

مري لنڊ:

مريد لنڊ ڳوٺ نونر تعلقي دادو جو رهواسي هو. ننڍي هوندي ملهه سکيو. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. مريد لنڊ 1980ع ڌاري وفات ڪري ويو.

يارو ٻڪرار:

يارو ٻڪرار دادو شهر جي ڀرسان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي 7 ڪلوميٽر پنڌ تي ڀرڳڙي ڳوٺ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ملهه سکيو. وقت جو سٺو پهلوان هو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي. هي پهلوان 1978ع ڌاري وفات ڪري ويو.

جمع ملاح:

دادو شهر جي اوڀر ۾ 1 ڪلوميٽر پنڌ تي ڌڻي بخش ملاح جو ڳوٺ آهي. جمعو ملاح ان ڳوٺ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ملهه سکيو. هن ڪيترائي انعام حاصل ڪيا. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

مولا بخش ٻوڪ:

مولا بخش ٻوڪ دادو شهر جي ڏکڻ ۾ انڊس هاءِ وي سان گڏ بچل خان ٻوڪ جو ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ ۾ مولا بخش ٻوڪ جنم ورتو. هي ٻئي جوڙ جو پهلوان آهي. سنڌ جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهيو آهي ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا اٿس. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. اڃا تائين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو.

رسم جمالي:

رسم جمالي دادو شهر جي بلڪل قريب ڳوٺ دوداڻي جمالي ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي ملهه جو شوق هئس. پنهنجي ٽهي جي نوجوانن سان ملهه وڙهندو هو. جوان ٿيڻ تي مخلتف ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي. هي پهرين جوڙ جو ملهه پهلوان هو. هن وقت ملهه کان ڪناره ڪشي ڪري چڪو آهي. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي. رسم جمالي ڪيترائي انعام حاصل ڪيا هئا.

چهواڻ سولنگي:

چهواڻ سولنگي اصل ڳوٺ حاجي خان تعلقي جوهي جو رهواسي هو. جو پوءِ دادو شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. پهرين جوڙ جو ملهه پهلوان هو. سال 1959ع ۾ جوهي شهر ۾ ڳوٺ سڌار کاتي طرفان نمائش لڳائي وئي. ان ۾ ملاکڙي جو خصوصي انتظام ڪيو ويو هو. ان ملاکڙي ۾ چهواڻ سولنگي 3 ملهن کي دسي سرسي حاصل ڪئي ۽ کيس انعام ۽ شيلڊ ڏني وئي. هي پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪئي.

شهداد جمالي:

شهداد جمالي ولد الهڏنو جمالي ڳوٺ دوداني جمالي تعلقي دادو ۾ ڄائو. ننڍي عمر ۾ ملهه سکيو. سندس استاد رسم جمالي آهي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

رحيم جمالي:

رحيم جمالي ولد الهڏتو جمالي دادو شهر جي ڀرسان دوداڻي جمالي جو رهواسي آهي. ملهه ۾ سندس استاد رسم جمالي آهي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

اڪبر جمالي:

اڪبر جمالي دادو جي ڀرسان ڳوٺ دوداڻي جمالي جو رهواسي آهي. رسم جمالي سندس استاد آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ وڙهي چڪو آهي ۽ انهن ملاکڙن ۾ داد حاصل ڪري چڪو آهي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

گلڻ لُنڊ:

گلڻ لنڊ ڳوٺ ناڙيوال تعلقي دادو جو رهواسي آهي. هن سنڌ جي هر ميلي ملاکڙي ۾ شرڪت ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

حسين جمالي:

حسين جمالي دادو شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي ڳوٺ دوداڻي جمالي ۾ ڄائو. رسم جمالي جي شاگردي ۾ ملهه شروع ڪئي. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

اسحاق مڱڻيجو:

اسحاق مڱڻيجو ڳوٺ مڱڻيجا لڳ خداآباد تعلقي دادو ۾ ڄائو. ملهه جو شوق ننڍپڻ کان هيس. جوان ٿيڻ بعد باقائده ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ لڳو. هن پهلوان قلندر لال شهباز، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، خيرپور ميرس، جهانگارا باجارا، شاهپور جهانيان، مورو، مٽياري، آراضي، سبيل بوبڪ، ميان موٽڻ، واهڙ، ٽلٽي،الهداد فقير، نانگو شاهه، ملا رحماني ۽ غوث جي ٻارهي تي زور آزمائي ڪري چڪو آهي.

محمد فضل وگهيو:

محمد فضل ولد حاجي خان وگهيو ڳوٺ ڪاڪڙي تعلقي دادو ۾ سال 1940ع ڌاري ڄائو. ننڍپڻ ۾ جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو ويندو هو ته استاد ٻارن ۾ ملهه جي چٽاڀيٽي ڪرائيندا هئا. اسڪول جي زماني کان ملهه سکيو. جڏهن جوان ٿيو ته پهريون دفعو امير پير جي ميلي ۾ ملهه وڙهيو ۽ داد حاصل ڪيائين ۽ انعام به حاصل ڪيائين. هي پهلوان سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ناميارن ملهن سان وڙهيو. هن سمن سرڪار، ڀٽائي گهوٽ، قلندر لال شهباز، امير پير، غوث جي ٻارهي کان علاوه ڪيترن ئي ميلن ملاکڙن ۾ شرڪت ڪئي. اتي ڪيترن ئي پهلوانن سان زور آزمائي ڪئي. هن وقت ملهه ڇڏي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org