نانگو شاهه:
هن درويش جي باري ۾ ڪابه صحيح معلومات نه ملي سگهي
آهي. ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته نانگو شاهه سترهين
صدي جي وچ ڌاري ڳوٺ سيال لڳ اچي ديرو ڄمايو. گهڻا
ماڻهو نانگي شاهه کان دعائون گهرندا هئا ۽ من جون
مرادون پوريون ڪري واپس ورندا هئا. نانگي شاهه جي
صحيح نالي جي ڪابه معلومات نه ملي سگهي آهي. روايت
آهي ته پاڻ مختصر لباس اوڍيندو هو. ان ڪري مٿس
نانگو شاهه نالو پئجي ويو. سندس مزار دادو شهر کان
ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي اوڀر ۾ آهي. نانگي شاهه جي
مٿان مقبرو ٺهيل آهي. هر سال مزار تي ميلو لڳندو
آهي. سرڪس، چوڏول، ڦرڻيون ۽ ناٽڪ لڳندا آهن.
ملاکڙو به لڳندو آهي. جتي ملهه پهلوان پنهنجي فن
جو مظاهرو ڪندا آهن. هن درگاهه جو متولي گلشير
کوکر فقير آهي. جو پڻ تازو وفات ڪري ويو آهي.
پير بخاري سيد:
پير بخاري سيد جي باري ۾ صحيح معلومات نه ملي سگهي
آهي. خيال آهي ته هيءُ بزرگ ارڙهين صدي جي وچ ڌاري
آيل معلوم ٿئي ٿو. پير بخاري سيد جي درگاهه ديهه
سونهيون تپي بکراڻي ۾ آهي. سندس مٿان مقبرو ٺهيل
آهي. ڪيترائي حاجتمند سندس مزار تي حاضريون ڀريندا
رهندا آهن ۽ دعائون گهري واپس ورندا آهن. پير
بخاري سيد جي مزار تي هر ماهه جي چوڏهين تاريخ تي
اسلامي جلسو ٿيندو آهي. علماءِ ڪرام واعظ ڪندا آهن
۽ مداحي، مدحون ۽ مولود پيش ڪندا آهن.
پير خيالي:
دادوءَ جي هڪ پنجاسي ورهين جي جهونڙي محمد اسحاق
منگي کان هن درويش جو مقبرو ڳوٺ لطف علي ڀنڊ جي
ڀرسان ديهه بند تپو، خداآباد ۾ آهي. هن درويش جي
مزار تي به ڪيترائي سوالي ماڻهو ايندا آهن، باسون
باسيندا آهن ۽ مرادون پوريون ڪري واپس ورندا آهن.
هن درويش جي حسب نسب جي ڪابه خبر نه آهي. روايت
آهي ته پير خيالي ذات جو پيرزادو هو. ڪن روايتن ۾
آهي ته پير خيالي ذات جو قريشي آهي ۽ حافظِ قرآن
هو.
پير حاجي اسماعيل:
پير حاجي اسماعيل جي پاٽ شريف جي ڀرسان مشهور
درگاهه آهي. مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. هن درگاهه
تي ديني جلسو ٿيندو آهي. جتي عالم سڳورا واعظ
فرمائيندا آهن. ان کان علاوه مولودن جي مجلس به
ٿيندي آهي.
پير حاجي اسماعيل جي ڏکڻ ۾ پير ناصر شاهه جي
درگاهه آهي. ان جي مزار مٿان سيد عبدالله شاهه
پنهنجي وڏ وزارت دوران اٽڪل ڏهه لک روپين جي لاڳت
سان مقبرو جوڙايو هو. هنن بزرگن جي درگاهن تي
ڪيترائي اڙيالي حاضريون ڀريندا آهن ۽ دعائون
گهرندا آهن.
عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري:
عالي شاهه ۽ ابو شاهه ٻئي ڀائر هئا، جيڪي اصل لڪي
شاهه صدر جا رهواسي هئا. جن لڪي مان سڪونت ترڪ ڪري
ڳوٺ لطف علي ڀنڊ جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي هڪ ڪلوميٽر
پنڌ تي اچي آستانو قائم ڪيو. ٻئي ڀائر الله لوڪ
فقير هئا، قرآن شريف جا حافظ هئا. سندن ڪيتريون
ڪرامتون مشهور آهن. ان ڪري ڪيترائي ماڻهو سندن
خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا. سندن مٿان مقبرو اڏيل آهي.
ان کان علاوه هڪ ننڍي ٻار جي به مزار آهي. جنهن
مان پتو پوي ٿو ته اهو ٻارڙو سندن اولاد ٿي سگهي
ٿو.
سيد عالي شاهه ۽ ابو شاهه جي مزار تي هر سال ميلو
لڳندو آهي. ميلي جي موقعي تي ملاکڙو به لڳندو آهي.
جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملهه پهلوان فن جو مظاهرو
ڪندا آهن. هن درگاهه جو سجاده نشين سيد ڪامل شاهه
هو. جيڪو ملهن جو قدردان ۽ شوقين هو. ملهن کي دل
کولي انعام ڏيندو هو. سندس وفات کان پوءِ هن وقت
سيد ممتاز شاهه (جيل سپرينٽيڊنٽ) سجاده نشين آهي.
سيد محمد شاهه:
مير محمد شاهه وڏي ؟؟؟ ڪرامت بزرگ ٻڌي ٿو. سندس
مزار ڳوٺ لطف علي ڀنڊ، ديهه ڀنڊ تپو خدا آباد ۾
آهي. سندس مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. هن اولياءُ
جي مزار تي ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن ۽ دعائون
گهرندا آهن. ڪيترائي سوالي ايندا آهن ۽ من جون
مرادون پوريون ڪري واپس ورندا آهن. هن درگاهه تي
ڪڏهن ڪڏهن راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي، جنهن ۾
ڳائڻا صوفي راڳ پيش ڪندا آهن.
دارا شاهه:
هيءُ سيد سڳورو ارغونن جي دور جو وڏو ڪامل ولي
ٻڌايو وڃي ٿو. سندس حالات ۽ واقعات نه ٿا ملن.
سندس ڇتائون ڇاپرو ٺهيل آهي. ماڻهو مزار تي
حاضريون ڀريندا رهن ٿا ۽ دعائون گهرندا رهن ٿا.
دارا شاهه جي نالي تي قبرستان به آهي. قبرستان ۾
ڪيتريون ئي معروف شخصيتون مدفون آهن. جن ۾ آخوند
محمد صالح ڀٽي سيتائي، آخوند محمد دائود ڀٽي
سيتائي، مولوي محمد صديق سيتائي، آخوند عبدالرحمان
ڀٽي، آخوند الله بخش ڀٽي، فقير نياز علي چنو، سيد
دوست محمد شاهه، مولوي عبدالغفور ميمڻ، سيد محمود
شاهه ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن. هن قبرستان ۾ هڪ بازيگر
جي قبر آهي، جنهن تي ڪنگيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٻار
وهنجاريندا آهن ۽ ماڻهن جو خيال آهي ته اهي صحت
ياب ٿي ويندا آهن. هن قبرستان ۾ جاڙا پير به آهن،
جن جي مزار تي پڻ ماڻهو حاضريون ڀريندا آهن.
چوڏهن شهيد:
دادو شهر کان 3 ڪلوميٽر پنڌ تي چوڏهن شهيدن جون
مزارون آهن، جيڪي دادو شهر جي ڏکڻ، اوڀر جي ڪنڊ تي
آهن. چوڏهن شهيدن جون لاڳيتيون قطارن ۾ مزارون
آهن. مزارن جي مٿان ڇاپرو ٺهيل آهي. هنن شهيدن تي
راڳ رنگ جون محفلون به ٿينديون آهن. جتي گائڪ
صوفيانه راڳ پيش ڪندا آهن. ان کان علاوه مقامي سطح
تي ميلو به لڳندو آهي. ان سان گڏ ملاکڙو به لڳندو
آهي. جتي ملهه پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا
آهن. شهيدن جي باري ۾ ڪابه صحيح معلومات نه ملي
سگهي آهي. ڪجھه روايتون آهن. جن جي آڌار تي ماڻهو
هت اچي ڀيٽا ڏيندا آهن. استاد الهه وسائي لاشاريءَ
کان روايت آهي ته چوڏهن شهيد اصل ۾ شهيد مخدوم
بلاول جا معتقد هئا. جڏهن مخدوم بلاول، ٽلٽيءَ کي
الوداع چئي باغبان ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، ته
شاهه بيگ ارغون اتي به سازشون سٽيندو رهيو. سندس
مريد ارغون جي ظلم ۽ ستم جو سمورو احوال کيس
پهچائيندا هئا. چوڏهن شهيد به سندس مريد ۽ معتقد
هئا، جيڪي ٽلٽي کان پنڌ باغبان طرف اچي رهيا هئا.
جڏهن چوڏهن سرفروش شهيد موجوده هنڌ وٽ پهتا، جتي
چوڏهن شهيدن جون مزارون آهن، ته پٺيان گهوڙن تي
شاهه بيگ ارغون جا سپاهي پهچي ويا. ان جڳهه تي
چوڏهن شهيدن سان مقابلو ٿيو. جن ۾ چوڏهن ئي سرفروش
شهيد ٿي ويا. سندن سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيا
ويا. انهن کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جا
سپاهي واپس ويا. مقامي ماڻهن شهيدن جا سر مبارڪ
کڻي ان جڳهه تي دفن ڪيا. ان مقام کي اڄ تائين
چوڏهن شهيدن وارو مقام سڏجي ٿو.
سيد محمد شاهه بخاري:
هن بزرگ جا حالات ۽ واقعات نه ٿا ملن. سندس مزار
دادو شهر ۾ آهي، جيڪا غريب آباد محلي ۾ واقع آهي.
مزار مٿان ننڍڙو مقبرو ٺهيل آهي. هن درويشن جي
مزار تي روزانه ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا
آهن ۽ دعائون گهرندا آهن. ڪجھه سالن کان درگاهه جا
مجاور علي اڪبر ابڙو ۽ محمد جمن سولنگي آهن. اهي
درگاهه جي سيوا ڪندا آهن. هن درويش جي مزار تي هر
مهيني جي 9 تاريخ تي راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي ۽
راڳيندڙ صوفيانه ڪلام ڳائيندا آهن، ان ڏينهن
مجاورن طرفان نياز جو بندوبست به ڪيو ويندو آهي.
سيد غوث حسين شاهه:
سيد غوث حسين شاهه جنهن کي غوث پاڪ به چون ٿا.
هيءُ درويش به ڪرامت جو مالڪ هو. سترهين صدي جو
آيل معلوم ٿئي ٿو. سندس مزار ڳوٺ شير محمد سولنگي
تعلقي دادو ۾ آهي. مٿس هڪ عاليشان مقبرو ٺهيل آهي.
روزانو ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن ۽
باسون باسي دعائون گهري واپس ورندا آهن. هر سال
ذوالحج مهيني جي 12 تاريخ کان ٽي ڏينهن ميلو لڳندو
آهي. ميلي ۾ ملاکڙو ۽ راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي
آهي.
سيد جهنگل شاهه:
معلوم ٿئي ٿو ته سيد جهنگل شاهه اول جي ولادت
سورهين صدي ڌاري ٿي آهي. سيد صاحب وڏو نيڪ دل ۽
صاحبِ بصيرت بزرگ هو. تر جي ماڻهن جا فيصلا ڪندو
هو ۽ هر هڪ سان انصاف ٿيندو هو. ڪنهن سان به
زيادتي نه ٿيندي هئي. جهنگل شاهه جي وفات بعد کيس
ان هنڌ دفن ڪيو ويو، جتي سندس خانقاهه هئي. ان
جڳهه ڀرسان سندس قريبن جون مزارون آهن ۽ مزارن جي
چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. جهنگل شاهه جو هر سال ميلو
لڳندو آهي. ملهه پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا
آهن. رات جو مشاعرو به ٿيندو آهي. جتي شعراءِ
حضرات پنهنجو تازو ڪلام پيش ڪندا آهن. مشاعري کان
علاوه مقالن جي نشست پڻ ٿيندي آهي. جنهن ۾ سيد
جهنگل شاهه جي زندگيءَ ۽ سندن ڪارنامن تي روشني
وڌي ويندي آهي.
ميان حبيب حضوري:
ميان حبيب حضوري سن 1624ع تي دادو شهر کان 5
ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ مڏ شريف ۾ تولد ٿيو. ميان
حبيب حضوري حافظ، معلم، مدرس ۽ فقيه هو. هو ولايت
جو صاحب هو. ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏانهس منسوب آهن،
ميان حبيب حضوري مڏ شريف ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيو،
اهو مدرسو اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي. هن مدرسي ۾
ڪيترائي طالب علم داخل ٿيا ۽ ديني تعليم حاصل ڪري
دستار بند ٿي وڃي درس و تدريس جي ڪم ۾ مشغول ٿيا.
سندن فيض برڪت جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. ميان
حبيب حضوري 60 سالن جي ڄمار ۾ 1687ع ۾ رحلت
فرمائي. سندس آخري آرام گاهه مڏ شريف ۾ آهي. سندن
مزار مٿان مقبرو جوڙايو ويو آهي. هر سال 27 رجب تي
سندس عرس ملهايو ويندو آهي. هن درگاهه جو متولي
ميان محمد پيرزادو آهي. ساڻس گڏ محمد عرس ڪنڀر،
ڊاڪٽر آر. ڪي ممتاز پنهور، وزير علي، عيسيٰ فقير ۽
عبدالغفار فقير، درگاهه جي سنڀال ۽ عرس ملهائڻ
لاءِ ساٿ نڀائي رهيا آهن.
سيد گل شاهه:
چيو وڃي ٿو ته سندس مزار ڳوٺ سيتا ۾ سيتا مائنر جي
ڳوٺ واري موري وٽ آهي. هيءُ سيد سنڌ تي مدد خان
پٺاڻ جي ڪاهه ۾ شهيد ٿيل آهي، مزار تي اڳ ڪچو
مقبرو هو، جيڪو ڊهي ويو آهي. هينئر ان مقام ۾ سنڌ
جو معروف شاعر سيد حاجن شاهه (هم وطن) سيتائي
مدفون آهي.
سيد ناصر علي شاهه لڪياري:
هي بزرگ لڪي شاهه صدر جي اولاد مان آهي. 16 صدي ۾
آيل معلوم ٿئي ٿو. بزرگ ڪامل ولي ۽ درويش هو.
هن بزرگ جي مزار پاٽ شهر کان اڌ ڪلوميٽر پنڌ تي
بند جي اندران ڪچي ۾ آهي. سندس مٿان سيد عبدالله
شاهه وزيراعليٰ سنڌ هڪ شاندار مقبرو جوڙايو آهي.
هن بزرگ جي مزار تي ڪيترائي سوالي اچي پنهنجون
مرادون پوريون ڪرائيندا آهن.
پير رکيل ريلائي:
پير رکيل ريلائي پير مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان
هو. مخدوم رڪن الدين ۽ مخدوم فخرالدين ٻئي ڀائر
ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيا. هنن جو
خانداني سلسلو خليفي اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق
رضه سان وڃي ملي ٿو. مخدوم نوح رحه هالن وارو
مخدوم فخرالدين جي ڇهين پيڙهيءَ مان آهي. مخدوم
رڪن الدين ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ اچي ساڪن ٿيو.
جتان سندس اولاد وڌي ويجهي سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ وڃي
سڪونت پذير ٿيو. جي ريلائي پير سڏجن ٿا. مخدوم پير
خاوند ڏنو پنهنجي سوٽ مخدوم پير غلام حيدر سان
ڪاوڙجي درسن مان لڏي اچي دادو تعلقي ۾ ويٺو. جتي
هينئر مشهور درگاهه مخدوم پير رکيل ريلائي جي نالي
سان آهي. مخدوم پير خاوند ڏني کي ٻه فرزند هئا.
مخدوم پير دورل (اول) ۽ مخدوم پير ڪريم ڏنو (اول)
پير ڪريم ڏنو (اول) درسن جي ڀرسان پنهنجي عزيزن
مان شادي ڪري آيو. سندس گهرواريءَ جا ٻه يتيم
ڀائٽيا، اتان اچي سندس سنڀال ۾ آيا. جن مان هڪ جو
نالو هو، پير بيگن سائين ۽ ٻيئ جو نالو هو پير
رکيل سائين.
پير رکيل ريلائي جي ولادت باسعادت ڳوٺ درس تعلقي
موري جي ڀرسان هڪ ننڍڙي واهڻ ۾ ٿي. جتي ٻه ٽي گهر
ريلائي پيرن جا هئا. سندس والد سڳوري جو نالو پير
خان محمد هو. سندس جنم جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي
سگهي آهي. ان وقت سندس عمر اٽڪل اسي پنجاسي ورهيه
چئي وڃي ٿي. سندس ڪرامتون مشهور آهن. پاڻ هڪ لاطمع
درويشن مان هو. سالڪ ۽ اهل دل هو. پاڻ شادي ڪانه
ڪئي هئائين ۽ جتي ستي هو. آخر عمر ۾ جڏهن بيمار
ٿيو. تڏهن لونگ فقير بردي وٽ ڪڪڙ ۾ رهيل هو، جتان
عزيز ۽ مريد کيس ڏوليءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ کڻي ويا.
پهريائين ضعيف آهي، مبادا هن جهان مان سفر پورو
ٿيڻ وارو هجي، ان ڪري پنهنجن ڪکن ۾ هلڻ بهتر آهي.
تڏهن صبر ڪري کڻي اکيون ٻوٽيائين.
درگاهه تي هر سال تاريخ 28،27 ۽ 29 محرم مهيني ۾
وڏو ميلو لڳندو آهي. 27 محرم پير صاحب جي وفات
وارو ڏينهن آهي. جنهن ۾ تمام وڏي خلق ايندي آهي.
بيبي ستي جتي
هن بيبي جي مزار پاٽ شهر جي اتر ۾ بچاءُ بند جي
اولهه ۾ 2 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن مزار تي
ڇتائون مقبرو اڏيل آهي. ڪيترائي ماڻهو زيارت ڪرڻ
ايندا آهن ۽ پنهنجي من جون مرادون حاصل ڪندا آهن.
نوٽ: دادو تعلقي جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ جي ڀرسان
اوليائن جون مزارون ۽ مقبرا آهن. انهن جو مڪمل
تفصيل نه ملي سگهيو آهي. ان ڪري سندن اسم مبارڪ
ڳوٺن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
فقيهه، معلم ۽ مدرس
شهاب الدين سهروردي پاٽائي:
ميان شهاب الدين سهروردي صديقي ولد نورالدين محمد
سهروردي سنڌ جي صديقي خاندان سيوهڻ، پاٽ ۽
برهانپور وارن جو وڏو ڏاڏو آهي. هن ئي سڀ کان
پهريان پاٽ جو شهر آباد ڪرايو. جنهن کي قبلة
الاسلام ڪري سڏيندا هئا. مگر هن وقت اهو شهر ڦٽي
ويران ٿي ويو آهي ۽ ٻيو نئون شهر آباد ڪرايو ويو.
پوئين پاٽ جو بنياد، مفتي عبدالواحد ڪبير، مخدوم
عبدالواحد سيوستانيءَ جي ڏاڏي جي زماني ۾ رکيو
ويو. هن بزرگ جي وفات سال 894هه ۾ ٿي.
شهاب الدين سهروردي پنهنجي دور جو وڏو عالم هو.
شيخ مبارڪ پاٽائي:
پاٽ جي شهر کي جن بزرگن اچي آباد ڪيو، سي شيخ
مبارڪ جا ڏاڏا ۽ شيخ عيسيٰ پاٽائي برهانپوري جا
وڏا هئا. شيخ مبارڪ مخدوم عباس (ابن جلال) محدث
پاٽائيءَ جو شاگرد هو، جنهن وٽ سمورا ظاهري علم
ختم ڪيائين. ان کان پوءِ تقدير کيس احمدآباد
(گجرات) ۾ پهچايو.
احمدآباد جي ناصرالملڪ جي مشهور مسجد ۾ صدر مدرس
مقرر ٿيو ۽ ڪيترا سال درس و تدريس ڏيندو رهيو. ان
کان پوءِ برهانپور اچي مقيم ٿيو. ان زماني ۾ صوبي
برار جو هاڪم، وزيراعظم تفاول خان هو، جنهن جي
سفارش تي وزير جي ملاقات لاءِ ايلچ پور پهتو.
وزيراعظم نهايت عزت سان کيس قضا جي عهدي تي رکيو ۽
آخر قضا جو عهدو ڇڏي، طاهر بن يوسف سنڌيءَ جي صحبت
حاصل ڪرڻ لاءِ برهانپور ۾ اچي رهيو، جتي وٽس شيخ
عيسيٰ جندالله ڪجھه ڪتاب پڙهيا.
جمع ڏينهن سنه 978هه/ 1570ع ۾ هو دار فاني مان
لاڏاڻو ڪري دار جاوداني ۾ وڃي آرامي ٿيو ۽ کيس شيخ
ابراهيم بن عمر جي گنبذ ۾ دفن ڪيو ويو.
مخدوم بلاول:
عالم، عارف محدث، مفسر، مخدوم بلاول بن مخدوم حسن
بن مخدوم ادريس سمو ڄام نظام الدني سمي جو سڳو
ڀاءُ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. مگر هن صاحب درويشي
اختيار ڪري باغبان ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.
زندگيءَ جو وڏو حصو خلق جي خدمت نصيحت ۽ ارشاد ۾
گذاريندو هو. زهد ۽ تقويٰ جي معاملي ۾ سندس ڪوبه
مٽ ڪونه هو. علم حديث ۽ تفسير جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو
هو.
ڄام فيروز جي زماني ۾ جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي
ڪاهه ڪئي ۽ باغبان وٽان اچي لنگهيو، تڏهن قومي
غيرت سبب مخدوم بلاول جي مريدن ۽ جماعت زبردست
مقابلو ڪيو. شاهه بيگ ڪاميابي سان وڌندو وڃي ٺٽي
پهتو. ٺٽي ۾ مرزا شاهه بيگ ڄام فيروز سان معاهدو
ڪري، اڌ ملڪ سندس حوالي ۽ اڌ پنهنجي قبضي ۾ رکيو.
جڏهن ٻيهر سيوهڻ جي رستي کان موٽيو. تڏهن ٽلٽي ۾
منزل انداز ٿي، انهيءَ علائقي جي زميندارن ۽ معزز
ماڻهن کي گهرايائين، کيس ٻڌايو ويو ته هتي جا
ماڻهو اوهان جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ تيار
آهن. مگر مخدوم بلاول جو حد جو وڏو عالم ۽ شيخ
آهي، سو ماڻهن کي روڪي رهيو آهي. بلڪه هو جنگ ۽
مقابلي لاءِ ماڻهن کي تيار پڻ ڪري رهيو آهي. هيءُ
بنيادي سبب هو. جو شاهه بيگ ارغون مخدوم کان وير
وٺڻ جو ارادو ڪيو. آخر جڏهن سنڌ پوري طرح ارغونن
جي هٿ ۾ اچي وئي، تڏهن مخدوم بلاول کي پهرين محرم
سن 935هه يا سن 929هه جي شام تي سندس شهر باغبان ۾
گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرايو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو.
شهيد مخدوم بلاول جي مٿان شاندار مقبرو تعمير
ڪرايو ويو آهي. مقبري تي شيشي جو ڪم نفاست سان ٿيل
آهي. هتان جي سماجي شخصيت محمد بخش پنهور 1990ع ۾
مقبري جو ڪم مڪمل ڪرايو.
هن مقبري تي شيشي جو ڪم ملتان جي مشهور نقاش محمد
يوسف ولد خدا بخش ڪيو آهي.
شيخ طيب سنڌي پاٽائي:
محدث طيب بن يوسف پاٽائي صديقي سنڌي، علم، حديث ۽
تصوف جو وڏو عالم، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ، شيخ محدث
طاهر سان پاٽ مان نڪري شهاب الدين واصل وٽ تصوف جا
ڪتاب ’منهاج العابدين‘ امام غزالي جو پڙهيائين ۽
سفر ڪندي برهانپور ۾ اچي رهيو. تذڪره گلزار ابراز
مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شيخ طاهر جو وڏو ڀاءُ هو.
گجرات ۽ برار جي سفر ۾ ساڻ هو. هيءُ بزرگ سن
950هه/1543ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مقبرو به سنڌ
کان ٻاهر آهي.
شيخ قاسم سنڌي پاٽائي:
شيخ قاسم بن شيخ يوسف محدث پاٽائي، سنڌي شيخ طاهر
محدث جو ننڍو ڀاءُ ۽ وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي مسيح
الاولياءُ شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو والد بزرگ هو.
تعليم، پنهنجي والد ۽ شيخ شهاب الدين سنڌي وٽ حاصل
ڪيائين. تقويٰ، توڪل، زهد، تصوف مطلب ته سموريون
نيڪ صفتون منجهس موجود هيون. اڃا هوش سنڀالڻ جو
زمانو ڪونه آيو هو، جو سندس والد وفات فرمائي ويو.
سندس خدا شناسي، وحدت وجود جي مسئلن سمجهڻ جي
ماڻهو تعريف ڪندا هئا ۽ سندس ڪرامتن جون ڳالهيون
ڪندا هئا.
مسيح الاولياءَ فرمائي ٿو ته مان پنهنجي چاچي بزرگ
کان فرمائيندي ٻڌو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ قاسم جو
مشرب صوفيانه هو، سندس دل آويز گفتار ۽ پسنديده
افعال مان اخيارن، ابرارن جون علامتون ظاهر هيون.
ميان جمال محمد گجراتي جو هڪ وڏو صوفي ۽ مفسر محدث
هو، تنهن جو چوڻ آهي ته شيخ قاسم علي ۾ يڪتاءِ
زمانه آهي.
شيخ قاسم جي وفات جي تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي.
پر اندازو آهي ته هن ڏهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾
يعني 968هه/1560ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مقبرو
برهانپور ۾ آهي.
شيخ طاهر بن يوسف پاٽائي:
شيخ طاهر هجري ڏهين صدي جي پهرئين ڏهي ۾، پاٽ شهر
۾ تولد ٿيو. طاهر رسمي علمُ، ڪجھ پنهنجي والد وٽ
پڙهيو ۽ ڪجھه مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ
وٽ هاصل ڪيو. ان کان پوءِ، سندس وڏي ڀاءُ شيخ طيب
کي پنهنجي والد سان سفر جو اتفاق پيش آيو. هي ٽيئي
بزرگ وطن کان روانا ٿي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا، جو شيخ شهاب
الدين سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هو. شهاب الدين،
وڏو عالم پاڻ حقيقتن جو واقف، صاحبِ درس ۽ فيض جو
مالڪ هو. سنه 950هه/1543ع ۾ سنڌ مان گجرات روانو
ٿيو. شيخ طاهر کانئس گهڻو ڪجھه پرايو. اتان روانو
ٿي ڏکڻ هندستان ۾ سير ڪندي، انهيءَ وقت جي وڏي
مرشد ۽ پير، مخدوم شيخ محمد ملتانيءَ جي حلقه
ارادت ۾ داخل ٿيو. اتان پوءِ موٽي اچي ايرج پور ۾
رهيو. سندس مرشد انهي ئي شهر ۾ کيس خرقه خلافت عطا
ڪئي. ايرج پور (ايلچ پور) ۾ شيخ طاهر تمام گهڻو
وقت ماڻهن کي درس ڏيندو رهيو ۽ تصوف جي تلقين به
ڪندو هو.
ڪجھ وقت کان پوءِ، احمد نگر جي حاڪم مرتضيٰ نظام
الملڪ ايرج پور تي ڪاهي اچي قبضو ڪيو ۽ ترناله
قلعي تي فتح حاصل ڪيائين. ملڪ ۾ وٺي ڀاڄڙ پئي ۽
پريشان حالي ٿي، ان وقت خانديش جي حاڪم شيخ طاهر
کي عرض ڪيو ته اوهين هلي برهانپور ۾ رهو. جنهن کان
پوءِ هميشه لاءِ اچي برهانپور ۾ رهيو. علي عادل
شاهه وقت جي حاڪم سندس درس تدريس ۽ تلقين لاءِ
خانقاه تيار ڪرائي. جتي ماڻهن کي فيض پهچائڻ ۾
سرگرم رهيو. سندس وجود ان وقت جي حاڪمن عارفن لاءِ
غنيمت ليکيو ويندو هو. هن بزرگ محدث درس تدريس جا
به هيٺيان ڪتاب تصنيف فرمايا.
1.
تفسير مجمع البحار طاهري جو امام قشيري جي
ڪتاب اللطائف جي طرز تي آهي ۽ هو صوفياء ڪرام جي
نُڪتن ۽ اشارن تي هاوي آهي.
2.
مختصر قوت القلوب
3.
انتخاب مواهب لديهه
4.
ملتقط جمع الجوامع سيوطي
5.
صحيح بخاري جي شرح قسطلاني جو اختصار جو 12
جلدن ۾ پورو ٿيو آهي.
6.
تفسير مدارڪ جو مختصر جو پنهنجي ٻن پٽن
عبدالله ۽ رحمت الله لاءِ لکيو هئائين.
7.
اسامي رجال صحيح بخاري
8.
رياض الصالحين هن ڪتاب ۾ 3 روضا (باغيچا) يا 3
باب آهن، جن مان پهرين باب ۾ امت جي بخشش ۽
ڪاميابي جون حديثون آهن ٻئين باب ۾ بزرگن جا
ناصحانه اقوال ۽ هدايتون آهن. جيئن ته سيدنا شيخ
عبدالقادر جيلاني، شيخ ابوطالب مڪي، شيخ شهاب
الدين سهروردي، زين الدين خوافي، شيخ علي متقي
هندي، ٽئين باب ۾ توحيد ۽ عشق وارن جا اقوال ۽
ارشاد آهن. جيئن شيخ محي الدين عربي عين القضاه
همداني، شيخ صدرالدين قونوي وغيره.
هن بزرگ، صوفي، عارف، عالم ۽ محدث جي وفات سنه
1004هه بمطابق 1595ع ۾ ٿي.
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي:
هيءُ بزرگ، پاٽ جو رهاڪو هو. دنيا جي سير واسطي
قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو. ڪيترائي ويران ۽
وسنديون ووڙيائين ملڪن جو سير ڪيائين. هر هڪ ملڪ
کي پوري غور سان ڏسندي، انهن جي جي اهميت ۽ حقيقت
کان واقف ٿيو. 958هه/1455ع ۾ سير سفر ترڪ ڪري
برهانپور (ڏکڻ، هندستان) ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ
محمد طاهر بن شيخ يوسف سنڌي محدث جي صحبت ۾ رهي
پيو. سندس تصوف ۾ طريقو اراديءَ جي مضبوطيءَ ۽
استقامت تي هو. آخر ۾ پنهنجي مرشد ۽ شيخ محمد طاهر
جي وفات کان پوءِ 7 سال هن دنيا ۾ گذاري سنه
1010هه/1594ع ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو.
هن بزرگ جو اصل نالو محمد اسحاق هو، پر قلندي
طريقي اپنائڻ سان اسحاق سنڌي قلندر جي نالي سان
مشهور ٿيو.
مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي:
مفتي عبدالواحد ڪبير ولد مولانا عبدالرحمان قاري
(متوفي 1080هه/1669ع بن محمود سهروردي (متوفي
1070هه/1659ع) بن شيخ عيسيٰ پاٽائي بن مخدوم حسن
قاري پاٽائي 1017هه بن شيخ رمضان شهر الله بن شيخ
عيسيٰ جندالله پاٽائي برهانپوري (متوفي
1051هه/1641ع) مفتي عبدالواحد سيوهاڻي ۽ پاٽائي
مخدومن جو ڏاڏو آهي. جنهن جو فرزند مخدوم امير
محمد اچي سيوهڻ ۾ رهيو ۽ ڪجھ وري پاٽ ۾ رهي پيا.
جتان نسل جون ٻه شاخون چالو ٿيون.
هو وڏو فقيهه ۽ عالم هو، سلطان اورنگزيب جي زماني
۾ پاٽ جي وسندڙ علائقي جي قضا ۽ فتويٰ سندس سپرد
هئي. مفتي صاحب جي تصنيفات مان ڪشف الااسرار فقه ۾
يادگار آهي. هن بزرگ سال 1123هه/1711ع تي پاٽ ۾
وفات ڪئي.
|