يار محمد جهانگي:
يار محمد ولد محمد عمر پنهور 17 جولاءِ 1936ع تي
دادو ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ميٽرڪ آهي. استادي
پيشي مان رٽائر ڪري اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ سيلز
مئنيجر بڻيو. پاڻ جواني کان وٺي شاعري ڪندو پيو
اچي. وٽس مظلوم، زبيده، غريب جي عيد، غريب جو
انصاف ۽ ٻيا ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. پاڻ
مزدور آباد محلي دادو ۾ رهائش پذير آهي.
ناز ڪاظمي:
ڊاڪٽر ڪرم علي شاهه ولد سيد عالم شاهه اصل کوسا
وليج نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. پوءِ مستقل رهائش
دادو ۾ ڪئي. پاڻ 7 مارچ تي جنم ورتائين. ايم. بي.
بي. ايس تائين تعليم حاصل ڪري، ڊاڪٽر بڻيو. پاڻ
سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور فرائض سرانجام ڏئي رهيو
آهي. 1967ع کان ادب ۾ پير پاتائين ۽ وٽس شاعري جا
هينئر تائين ٽي مجموعا اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
شام جو ڀٽائي ڪلينڪ شاهه آباد (ڇاڻو) ۾ ادبي دوستن
۽ فنڪارن سان سندس رهاڻيون هونديون آهن. اديبن،
شاعرن ۽ فنڪارن جي خاطر تواضح توڙي علاج معالجي ۾
تمام فراخ دل آهي.
سيد محمد شاهه فيروز:
سيد محمد شاهه ولد سيد علي شير شاهه سيتا ڳوٺ ۾
جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ بعد
۾ ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڦلجي ۾ حاصل ڪيائين.
انگريزي استاد بڻيو ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
سيتاوليج مان ئي رٽائر ڪيائين. علم ۽ ادب سان کيس
چاهه رهيو آهي. پاڻ گيت، ڪافي، وائي ۽ غزل جو شاعر
آهي ۽ فيروز تخلص استعمال ڪري ٿو. وٽس شاعري جو
ڪافي مواد آهي. هيل تائين سندس ٻه ڪتاب ڇپجي
منظرعام تي اچي چڪا آهن.
ڪريم ميمڻ:
عبدالڪريم ميمڻ ولد عبدالحڪيم ميمڻ 7 فيبروري
1954ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادوءَ ۾ جنم
ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي.
1883ع کان شاعري جي دنيا ۾ پير پاتائين. وٽس شاعري
جو ڳپل مواد آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادو جو فعال
ڪارڪن آهي.
منير گوزائي:
ڄام منير احمد راهوجا ولد شمس الدين راهوجا 20
جولاءِ 1941ع تي زندگي جي ايوان ۾ قدم رکيو. سندس
جنم هنڌ ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجا تعلقو خيرپور
ناٿن شاهه آهي، پر ڪافي سالن کان سندس مستقل رهائش
دادو ۾ آهي. سندس تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي ۽
ڪجھه ڊپلوما ڪورس ڪيل اٿس. موجوده وقت پير الاهي
بخش لا ڪاليج دادو جو پرنسپال آهي. سال 1959ع کان
ادبي ميدان ۾ پير پاتائين. بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ پانڌي،
منهنجي منزل تنهنجي مرڪ ۽ چنڊ ڦرين ڇوگول شامل
آهن. سندس شاعري جو ڪتاب موجوده وقت پريس ۾ آهي ۽
عنقريب منظر عام تي ايندو. وٽس اڻ ڇپيل صورت ۾ به
ڪجھه ڪتاب آهن. جن ۾ ڇپائڻ لاءِ وٽس ڪافي اتساهه
آهي. ممڪن آهي ته سندس رهيل کهيل اڻ ڇپيل ڪتاب جلد
منظر عام تي اچن. پاڻ ادب دوست شخصيت آهي، ان ڪري
اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهاتو گهرو سٻنڌ آهي. سنڌي
ادبي سنگت جو فعال ڪارڪن آهي. دادو ۾ رهي ٿو.
رياض شاهه:
پير رياض احمد ولد محمد عارف شاهه 10 فيبروري
1967ع تي ڳوٺ پير بدرالدين شاهه ۾ جنم ورتو. پاڻ
استاد ۽ تعليم بي. اي اٿس. 1991ع کان ادب ۾ پير
پاتائين. ڪهاڻيون خاڪا ۽ مضمون لکندو رهي ٿو. سندس
مستقل رهائش دادو ۾ آهي.
غلام محمد در منگي:
غلام محمد ولد محمد صالح منگي 4 اپريل 1947ع تي
ڳوٺ پيارو آرائين تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو. سنڌي
فائينل 1952ع ۾ پاس ڪيائين ۽ سال 1960ع کان محسن
ڪڪڙائي جي رهبري ۾ شاعري ۾ قدم رکيائين. عشق ۽
آدرش سندس ڇپيل ڪتاب آهن، جڏهن ته ڪافي ڪلام ڇپجڻ
جا منتظر اٿس، سندس ڪلام ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي.
پاڻ به ترنم سان شعر پڙهندو آهي ۽ پنهنجا غزل
سريلي انداز ۾ ڳائيندو آهي.
اقبال شينو:
اقبال حسين ولد محمد مٺل شينو 1973ع کان بحيثيت
شاعر جي ادبي کيتر ۾ آيو ۽ هميشه مشاعرن جي جان
رهيو آهي. پاڻ 26 جون 1953ع تي جنم ورتائين.
انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ هينئر هاءِ وي
ڊپارٽمينٽ ۾سب انجنيئر آهي. ٻاراڻي شاعري تي مشتمل
هڪ ڪتاب جهڙا گل گلاب جا ڇپيل اٿس. جڏهن ته شاعري
جا ٽي مجموعا وٽس اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. سندس
ادبي رهبري الهه نواز رڪڻائي ڪندڙ آهي. دادو شهر ۾
رهائش اٿس.
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال:
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ولد احمد خان جهتيال 1
جنوري 1957ع تي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال دادو ۾ جنم
ورتو. 1975ع کان ڪاليجي دور ۾ شاعري شروع ڪيائين.
تعليم ايم. بي. بي. ايس اٿس، پيشي جي حوالي سان هو
هڪ ڊاڪٽر آهي. شاعري کان علاوه هن ڪهاڻيون ۽ مضمون
لکيا آهن. مئگزين ريڊيو پبليڪيشن جو ايڊيٽر آهي.
سنڌي ادبي سنگت لاءِ سندس ڪيل خدمتون نمايان آهن.
هن وقت به سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو جو ضلعي رابطه
سيڪريٽري آهي. سندس ڳپل ڪلام ڇپجڻ جو منتظر آهي.
پاڻ سگا سان به واسطو رکي ٿو. ڊاڪٽر قربان سال
2012ع ۾ وفات ڪئي.
صائب ميمڻ:
غلام مصطفيٰ ولد عبدالغفور ميمڻ جيڪو صائب ميمڻ جي
نالي سان لکندو پيو اچي. صائب ميمڻ 11 جنوري 1965ع
تي ڳوٺ دوآٻو تعلقه دادو ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي
اٿس ۽ واپڊا ۾ ملازم آهي. سندس ادبي سفر 1990ع کان
بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي جاري آهي. وٽس ٻن ڪتابن
جيترو مواد آهي. جيڪو ڇپائي هيٺ اچڻ وارو آهي.
ملڪ وحيد:
غزل جي پختي ۽ باهنر شاعر ملڪ وحيد 10 آڪٽوبر
1981ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي الهه
ورايو ملڪ آهي، سندس اباڻو ڳوٺ فيض محمد ملڪ تعقلو
دادو آهي. جتان سندس والد لڏي مستقل طور تي دادو
شهر ۾ اچي رهيو. ملڪ وحيد دادو ۾ جنم ورتو ۽ شهري
فضا ۾ پليو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي ادب آهي.
موجود وقت پرائيويٽ جاب ڪري ٿو. کيس شاعري سان
لڳاءَ آهي. سال 2000ع کان محترم بشير سيتائي جي
رهبري ۾ شاعري ڪري ٿو. موجود وقت تائين ڳپل شعري
مواد ڪٺو ٿي چڪو اٿس. هڪ شعري مجموعو آئون منسوب
تنهنجي سان ترتيب ڏئي ڇپائي لاءِ تيار ڪيو اٿائين،
جو پريس ۾ وڃڻ وارو آهي ۽ عنقريب منظر عام تي اچي
ويندو.
ثنا ايس:
شبانه ڌي غلام نبي سانوڻاڻي جو جنم دادو شهر ۾
1984ع ۾ ٿيو. پاڻ شاعره ۽ ڪهاڻيڪار آهي، ليکڪا هما
ايس سندس ڀيڻ آهي. ثنا ايس جي تعليم انٽر آهي، ۽
سندس تعليم جو سفر اڃان جاري آهي، ادب جي ميدان ۾
1998ع کان پير پاتائين سندس ڪجھ لکڻيون ڪن اخبارن
۽ رسالن ۾ ڇپيون آهن.
جاويد اختر:
جاويد اخبر 4 ڊسمبر 1979ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو.
سندس والد جو نالو محمد بخش عرف بخشل سولنگي آهي.
1995ع کان ادبي سفر جي ابتدا ڪيائين. ڪهاڻيون ۽
شاعري تخليق ڪري ٿو. پاڻ انٽر پاس آهي ۽ موجود وقت
خانگي ملازمت ڪري ٿو. وٽس تخليق ڪيل مواد ڪافي
آهي، جو ڇپجڻ جو منتظر آهي.
تبسم ماجد علي چنو:
سليم رضا چنا ولد محمد ابراهيم چنا جنهن دادو ۾ 2
آڪٽوبر 1975ع تي جنم ورتو. تبسم ماجد علي چنا سال
1987ع کان لکندو اچي ٿو. سندس تعليم انٽر سائنس
آهي. خانگي ڪاروبار ڪري ٿو. هڪ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار
طور سندس ادبي سفر جاري آهي. وٽس ٻن ڪتابن جيترو
مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
ساگر شهزاد جاگيراڻي:
شهزاد خان جاگيراڻي ولد غلام اڪبر جاگيراڻي 4 آگسٽ
1986ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ۽ پوءِ دادو شهر ۾
سڪونت اختيار ڪئي. تعليم ميٽرڪ تائين اٿس. سال
2001ع کان سنڌ جي نامياري غزل گو شاعر بشير سيتائي
کان علم عروض جي ڄاڻ وٺي شاعري جي ميدان ۾ قدم
رکيائين ۽ هڪ سٺي غزل گو شاعر جي حيثيت سان پاڻ کي
مڃرايائين، پاڻ هڪ ذهين ۽ جدت پسند شاعر آهي. سندس
شعري مجموعو خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن تيار آهي، جيڪو
چپجڻ جو منتظر آهي.
صائمه مگسي:
صائمه مگسي، ڊاڪٽر لياقت مگسي جي دختر نيڪ اختر
آهي. ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ 24 مارچ 1982ع
تي جنم ورتائين. ايم. بي. بي. ايس جي شاگردياڻي
آهي. 2001ع کان ادب جي ميدان ۾ قدم رکيائين. ادبي
لکڻين جي اصلاح پنهنجي والد کان وٺندي رهي ٿي.
سندس ڪجھه لکڻيون ڇپيون آهن.
رفيق جتوئي:
رفيق احمد ولد امام دين جتوئي 3 اپريل 1984ع تي
ڳوٺ گهرام خان گوپانگ ۾ جنم ورتو. سال 2000ع کان
عبدالستار کوسي کان ادبي رهبري حاصل ڪيائين ۽ هڪ
غزل گو شاعري جي حيثيت سان اڀريو آهي. پاڻ محلي
قلندرآباد دادو ۾ مستقل طور تي رهي ٿو. وٽس هڪ عدد
ڪتاب جيترو مواد آهي.
راهي سانوڻاڻي:
سندس اصل نالو فدا حسين ۽ سندس والد جو نالو محمد
بخش سانوڻاڻي آهي. پاڻ 15 فيبروري 1971ع تي دادو ۾
جنم ورتو ۽ بي. اي تائين تعليم حاصل ڪري سرڪاري
ملازمت اختيار ڪيائين. هو واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي،
پاڻ وائي، بيت، گيت ۽ غزل جو سٺو شاعر آهي. سندس
رهائش ڇاڻو شاهه آباد محلي ۾ آهي.
سعيد سچائي:
عبدالله پنهور ولد قلندر بخش پنهور سعيد سچائيءَ
جي نالي سان شاعري ڪري ٿو. سندس اصل جنم هنڌ
خيرپور ناٿن شاهه آهي، پر سندس مستقل رهائش شهباز
ڪالوني نزد موندر ناڪو دادو ۾ آهي. 1998ع کان کيس
شاعريءَ سان لنءُ لڳي، جنهن سان هينئر تائين
نڀائيندو اچي ٿو.
زمان سومرو:
محمد زمان سومرو ولد محمد الياس سومرو سنڌ جي
تاريخي ڳوٺ پاٽ ۾ جنم ورتو. سندس جنم تاريخ 1 مارچ
1979ع آهي. گريجوئيٽ آهي ۽ ملازمت ڪري ٿو. 1998ع
کان گلزار علي ڪلهوڙي جي رهنمائيءَ ۾ شاعري جي
ميدان ۾ قدم رکيائين. پاڻ ڳپل شاعري تخليق ڪري چڪو
آهي.
ساقي جتوئي:
محمد يوسف ولد علي محمد جتوئي 18 اپريل 1984ع ۾
جنم ورتو. سندس جنم سندس ڪٽنب جي سعودي عرب رهائش
دوران ٿيو. هينئر سندن مستقل رهائش دادو ۾ آهي.
سندس تعليم انٽر تائين آهي. سنڌي ۽ اردو زبان ۾
پخته ڪلام شاعر آهي. 1997ع کان شعر چوڻ شروع
ڪيائين. ڳپل فارسي سکيو. انجمن دوستداران فارسي
ضلع دادو جو سيڪريٽري پڻ آهي. نهايت ذهين زيرڪ ۽
ترقي پسند سوچ جو مالڪ آهي.
شمس چارڻ:
عبدالفتاح ولد عبدالستار چارڻ غريب آباد دادو ۾
1982ع ۾ جنم ورتو. شمس چارڻ جي نالي سان لکندو رهي
ٿو، تعليم انٽر اٿس. ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري رهيو
آهي، شاعر جي حيثيت سان 1999ع کان ادبي ميدان ۾
پير پاتائين ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو،
وٽس شاعري جو ڪافي مواد موجود آهي.
مست علي گوپانگ:
مست علي گوپانگ ولد ڪفايت علي گوپانگ ڳوٺ گهرام
خان گوپانگ دادو شهر ۾ 12 اپريل 1981ع ۾ جنم ورتو.
سندس تعليم ميٽرڪ آهي، سال 2000ع کان عبدالستار
کوسي جي رهبري ۾ شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيائين.
هينئر تائين ڪافي غزل، قصيده ۽ نظم لکي چڪو آهي.
وٽس هڪ عدد ڪتاب جيتري شاعري موجود آهي. پاڻ
قلندرآباد محلي دادو ۾ مقيم آهي. سندس شاعري سان
چاهه بدستور قائم آهي.
نور محمد ڪنڀر:
نور محمد ڪنڀر ولد محمد اسماعيل ڪنڀر ڳوٺ محبت علي
چانڊيو دادو ۾ 30 آگسٽ 1980ع ۾ جنم ورتو. تعليم
بي. اي اٿس، سال 1993ع کان بحيثيت شاعر ڪهاڻيڪار ۽
ڊرامه نويس ادب ۾ پير پاتائين.ڪيتريون ڪهاڻيون ۽
اسٽيج ڊرامه لکيا اٿائين.
محبوب سنڌي:
محبوب عالم ولد غلام مصطفيٰ ڪنڀر 24 مارچ 1982ع تي
دادو ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائين.
1995ع کان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادب جي
آڪاش تي اڀريو. سنڌ منهنجي جند سندس اڻ ڇپيل ڪتاب
آهي. شاعري سان گڏ ڊرامه ۽ افسانا لکيا اٿائين. ۽
سندس ادبي شوق بدستور قائم آهي.
ظفر احمد لهٻر:
ظفر احمد ولد حاجي غلام رسول لهٻر 10 مارچ 1982ع
تي پيارو ڳوٺ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پاڻ گريجوئيٽ
آهي ۽ خانگي ڪاروبار ڪري ٿو. 1996ع کان بحيثيت
شاعر، ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادب ۾ پير پاتائين.
هينئر تائين شاعري کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون
لکيون اٿس. وٽس چئن پنجن ڪتابن جيترو مواد موجود
آهي. جيڪو ڇپجڻ جو منتظر آهي. پاڻ ادبي ۽ سماجي
سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو رهي ٿو. ظفر احمد
لهٻر روزگار خاطر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
غني ٻٻر:
عبدالغني ٻٻر ولد حاجي نياز حسين ٻٻر ڳوٺ ستين شاخ
تعلقي جوهي ۾ 11 مارچ 1977ع تي جنم ورتو ۽ پوءِ
سندس خاندان دادو ۾ ڇاڻو شاهه آباد محلي ۾ مستقل
رهائش اختيار ڪئي. سندس تعليم بي. اي آهي. 1998ع
کان ادبي دوستن سان رهاڻيون ڪندي کيس شاعري سان
چاهه پيدا ٿيو. وٽس هينئر تائين ڪافي شعري مواد
موجود آهي. ڇاڻو شاهه آباد روڊ سان سندس ٽيلر شاپ
آهي. سندس ڪلام ڪن فنڪارن پڻ ڳايو آهي.
قادر شيخ:
غلام قادر شيخ ولد محمد بخش شيخ 1 جنوري 1968ع تي
دادو ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو هنڌ ڳوٺ وليد شيخ
آهي. پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. تعليم انٽر
سائنس اٿس. 1995ع کان بحيثيت شاعر جي ادبي ميدان ۾
پير پاتائين. گيت، غزل ۽ ڪافيون ٺاهي، ڪيترن ئي
فنڪارن کان ڳارايون اٿائين. شاعري سان سندس شوق
بدستور جاري آهي.
گلاب گل ابڙو:
گلاب گل ابڙو ولد حاجي خان ابڙو 3 جون 1981ع تي
ڳوٺ شير محمد ابڙو تعلقو دادو ۾ پيدا ٿيو. سال
1998ع کان کيس شاعري ادب جي ميدان ۾ وٺي آئي. ڳپل
ڪلام تخليق ڪري چڪو آهي. وٽس شاعري جو مجموعو ڪلام
گل اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
گلاب گل محمد سومرو:
گلاب گل محمد ولد احمد خان سومرو سيتا روڊ ۾ جنم
ورتو. سندس جنم جي تاريخ 1 آڪٽوبر 1949ع آهي. سيتا
روڊ کي ڇڏي راءِ بازار دادو ۾ پنهنجو مسڪن
بڻايائين. سول اسپتال دادو ۾ ڪجھ وقت ملازم رهيو.
مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيائين. جن مان ڪجھ مختلف رسالن
۾ پڻ ڇپيون آهن. موجوده وقت قرآن پاڪ جو ٻن ٻولين
سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي.
عبدالغفار ملڪ:
عبدالغفار ولد محمد بچل ملڪ انٽر پاس آهي، ۽ شاعري
سان شوق کيس سال 2000ع کان ٿيو. پاڻ دادو ۾ 15 جون
1983ع تي جنم ورتائين. شاعري سان سندس شوق بدستور
قائم آهي. ادبي ۽ علمي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ آهي.
گلاب چانڊيو:
گلاب خان چانڊيو ولد حاجي محمد سومر چانڊيو تاريخ
2 اپريل 1968ع تي ڳوٺ خير محمد چانڊيو لڳ سيتا ڳوٺ
۾ جنم ورتو. پاڻ استاد آهي. تعليم انٽر اٿس. ڪافي،
گيت، غزل ۽ بيتن جو شاعر آهي. سندس ڪلام ڪن فنڪارن
پڻ ڳايو آهي.
وفا مشتاق سيتائي:
مشتاق حسين ولد محمد روشن سومرو 1 نومبر 1975ع تي
سيتا ڳوٺ ۾ ڄائو. 1992ع کان اسحاق راهي ۽ پيرل
پرديسي کان رهنمائي وٺي شاعري جي دنيا ۾ قدم
رکيائين. پاڻ ادب کان علاوه سماجي تنظيمن ۾ پڻ
سرگرم عمل رهيو آهي.
مقسوم ثناگر:
محمد اسماعيل ولد حاجي محمد ادريس ملاح مقسوم
ثناگر جي نالي سان شاعري ڪري ٿو، مقسوم ثناگر دادو
شهر ۾ 3 مارچ 1976ع تي جنم ورتو ۽ بي. اي تائين
تعليم حاصل ڪري چڪو آهي وٽس شاعري جو ڳپل مواد
موجود آهي، جيڪو ٻن ڪتابن جيترو ٿيندو.
امان الله لهٻر:
امان الله ولد الهرکيو لهٻر ڳوٺ صاحب خان لهٻر
تعلقي دادو ۾ 2 نومبر 1983ع تي جنم ورتو. تعليم
ميٽرڪ تائين حاصل ڪئي اٿس. 1990ع کان لکڻ شروع ڪيو
اٿس. غزل، نظم، چوسٽا، افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندو رهي
ٿو. ادب ۾ سندس اصلاح ظفر احمد لهٻر ۽ احسن ابڙو
ڪندا رهن ٿا.
غلام عباس سومرو:
غلام عباس سومرو ولد تاج محمد سومرو 30 ڊسمبر
1960ع تي سيتاوليج تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس
تعليم بي. ايس. سي، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي.
پنهنجي زندگي جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيائين.
اتان استعيفيٰ ڏئي ڪسٽم ۾ ملازمت اختيار ڪيائين.
هن وقت ڪسٽم ۾ بطور ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت سان
پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ادب جي ميدان
۾ 1976ع کان پير پاتائين. سندس ادبي رهنمائي بشير
سيتائي ڪئي. هڪ نثر نگار، شاعر ۽ فيچر رائيٽر جي
حيثيت سان سندس تحريرون ڪيترن ئي ماهوار رسالن ۽
اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن. انهن اخبارن ۽ رسالن ۾
منڇر رسالو، عبرت مئگزين، روزانه اخبار عبرت ۽
روزانه خلق شامل آهن.
غلام عباس سومري جون ادبي ۽ سماجي خدمتون نمايان
رهيون آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي ثقافتي
سنگت سيتاوليج جو عهديدار به رهيو آهي. ڳوٺ سڌار
سنگت سيتاوليج جو سرگرم ڪارڪن به رهيو آهي. ان کان
علاوه سگا جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو اچي ٿو. هي
کلمک، يار ويس ۽ مهمان نواز آهي.
اداسي ڦلجائي:
ڏاتل خان عرف اداسي ڦلجائي ولد غلام قادر چنا
تاريخ 1 مئي 1969ع تي ڳوٺ محمد عثمان چنا لڳ ڦلجي
وليج تعلقي جوهي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڦلجي
وليج مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ مان،
انٽر ۽ بي. اي ڊگري ڪاليج دادو مان حاصل ڪيائين.
سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. آل پاڪستان چنا
ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر، ذيشان انٽرنيشنل ريڊيو
لسنرز ڪلب جو صدر، شهيد مخدوم بلاول پبلڪ لائبرري
جو صدر ۽ ٻين ڪيترن ئي تنظيمن سان وابسته آهي.
ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺي رهيو آهي. سندس ڪالم ۽
شعر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. اداسي
ڦلجائي ڪافي وقت کان دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي
آهي. دادو ۾ رهي ٿو.
شير زمان سومرو:
شير زمان ولد شير محمد سومرو 2 اپريل 1962ع تي ڳوٺ
شاهه آباد ڇاڻو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو
ڇاڻو شاهه آباد مان حاصل ڪيائين. هن وقت تائين
ايم. اي، ايم. ايد ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل
ڪري چڪو آهي. پاڻ ادبي ۽ چترڪاري گهراني سان تعلق
رکي ٿو. 15 سالن جي ننڍي وهي ۾ شاعري جي دنيا ۾
پير پاتائين. پائيلٽ هاءِ اسڪول دادو طرفان شاگردن
جي مشاعري واري مقابلي ۾ پنهنجو پهريون انقلابي ۽
قومي ڪلام جوش جذبي سان پڙهي ناظرين و حاضرين کان
خوب داد حاصل ڪيائين. ان وقت کان ننڍين وڏين ادبي
گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. شير زمان سنڌ جي مشهور
مصور مرحوم محمد وريل عرف ايم. وي سومرو جو وڏو
ڀائٽيو ۽ معروف استاد شير محمد سومري جو فرزند
آهي.
شير زمان سومرو هن وقت 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ آفيسر
آهي. سندس اڻ ڇپيل شاعري ۽ افسانا پريس ۾ اچي رهيا
آهن.
حيدر ڪلوچ پاٽائي:
حيدر ڪلوچ مشهور فارسي شاعر ٿي گذريو آهي. ڪلوچ،
ڪليچه ۽ ڪليچ انهن ٽنهي لقبن سان مشهور آهي. سندس
ولادت جي جاءِ ڪلوچ نالي هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو طارم جي
آس پاس خراسان ۾ آهي. حيدر وڏو ٿي پوءِ اچي هرات ۾
رهيو. هو شاهه اسماعيل ۽ شاهه طهماسب صفوي جي
زماني جو شاعر هو. هو پوري طرح لکي پڙهي ڪونه
سگهندو هو پر موزون ڪلام چوندڙ ۽ پڪو پختو شاعر
هو. عروض جي بحرن جو واقف هو. هرات ۾ مرزا شاهه
حسن بيگ حاڪم سنڌ جي هاڪ ٻڌائين ته تمام گهڻي شوق
سان سندس درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. مگر درباري آدابن
کان تنگ ٿي آخر پاٽ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ۽ اتي ئي وفات
ڪيائين، کيس پاٽ ۾ دفن ڪيو ويو. حيدر ڪلوچ تي نالو
ڪيئن پيو ان بابت روايت آهي ته پاڻ جيرا پچائي
روزگار ڪندو هو. سندس سمورو ڪلام فارسي ۾ آهي جيڪو
10 هزارن کان مٿي ٿيندو.
عبدالوحيد صديقي پاٽائي:
عبدالوحيد ولد مولانا محمد شفيع صديقي پاٽائي پاٽ،
تعلقي دادو ۾ 1939ع ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي ڪري
ملازمت پاڪستان ٽيڪسيشن ۾ ڪيائين. سندس شمار سنڌ
جي سٺن نثرنگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس تصنيفون انسان جا
ابا ڏاڏا (1960ع) سچوارين (1960ع) تاريخ الاسلام 5
جلد (1962ع) پٿر جي دور جو انسان (1967ع) ۾ ڇپيل
آهن. ۽ ٻيون ڪيتريون سندس تحريرون مذهب، تاريخ ۽
ٻاراڻي ادب جي موضوعن تي منظرعام تي اچي چڪيون
آهن.
ڪريم بخش چنا:
ڪريم بخش چنا ولد عبدالعليم چنا 5 سيپٽمبر 1916ع
تي پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ڊسٽرڪٽ
ايجوڪيشن آفيسر بڻيو. سندس ڪيتريون تحريرون ۽
تصنيفون مشهور آهن. جن ۾ مختصر تاريخ تمدن اسلام 2
ڀاڱا (1951ع) تاريخ تمدن اسلام 2 ڀاڱا (1953ع)
تاريخ اسلام 2 ڀاڱا (1966ع) قابل ذڪر آهن.
عبدالله چنا:
عبدالله چنا 23 مئي 1902ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي
دادو ۾ جنم ورتو. عبدالله چنا سنڌي ادب ۽ زبان سان
پيار ڪندڙ ڀٽائي سرڪار جو عاشق ۽ سماجي خدمتگار ٿي
گذريو آهي. عبدالله چنا کي شاگردي واري دور ۾ ئي
ادب سان چاهه هو. پاڻ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾
زير تعليم هو ته ان وقت مولانا شبلي نعماني جي
مشهور تصنيف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو
ترديدالزامات عالمگير جي نالي سان ڪراچي ۾ شايع
ٿيو. سندس زندگي ۾ جيڪي شاندار ادبي سرگرميون اوج
تي پهتيون، انهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون رهاڻيون جشن
روح رهاڻ وارا ادبي جشن قابل ذڪر آهن هن پنهنجي
شريڪ حيات زينت چنا کي مارئي رسالي جي جاري ڪرڻ ۾
تمام گهڻي مدد ڪئي.
عبدالله چنا تاريخي ڪارنامن ۾ ڪڇ جي رڻ متعلق اها
پورٽ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. جيڪا رپورٽ 1965ع ۾
رڻ ڪڇ تي هندستاني فوج جي جهڙپ ۽ تعلقي ڇاڇري جي
ڪن ديهن تي قبضي کان پوءِ ۽ جنيوا ۾ منعقد ٿيل بين
الاقوامي ٽربيونل جي ميمبر جي حيثيت ۾ هن مرتب ڪئي
هئي. هن اهم رپورٽ کي بنياد بنائي حڪومت پاڪستان
اهو ڪيس کٽي ورتو. ۽ اهو رڻ ڪڇ سان لاڳو سرسبز
علائقو پاڪستان کي ڏياريو. ان رپورٽ تي تبصرو ڪندي
سوئيڊن جي اخبارن لکيو ته مکڻ پاڪستان کي مليو آهي
۽ لسي هندستان کي. عبدالله چنا 1957ع تي 60 سالن
جي عمر ۾ سرڪاري کاتي مان رخصت ٿيو. سندس انتقال
23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
زينت چنا:
زينب بيگم 1919ع ۾ سيوهڻ ضلع دادو ۾ جنم ورتو.
عبدالله خان چنا جي گهر واري هئي. صحافت ۾ قدم
رکيائين. ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ فيچر لکيائين.
پاڻ سٺي ڪهاڻيڪار به هئي. ماهوار رسالي مارئي جي
ايڊيٽر به رهي. سندس تصنيف يادگار لطيف (1958ع)
لطيفيات جي موضوع تي ترتيب ڏنل آهي. پاڻ 12 جولاءِ
1974ع ۾ وفات ڪري وئي.
تنوير جوڻيجو:
تنوير صاحبه، صدرالدين جوڻيجو جي نياڻي 6 فيبروري
1952ع ۾ ڄائي. سندس تعليم ايم. اي هئي. سندن
شاهاڻي پاڙي دادو ۾ رهائش هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
ملازمت اختيار ڪيائين. سندس شمار سنڌ جي ناميارين
ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ سندس
ڪهاڻين جو مجموعو 1974ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ادبي
حلقن ۾ مقبوليت ماڻي.
دادو تعلقي جا سگهڙ
جلال کٽي:
سگهڙن جو بادشاهه جلال کٽي ڳوٺ موندر تعلقي دادو
جو رهواسي هو. سندس جنم جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي
سگهي آهي. تاهم روايت آهي ته 18 صدي جي شروع ۾
پيدا ٿيو، جلال کٽي ننڍي هوندي کان ئي ڪپڙن رڱڻ ۽
ڌوئڻ جو ڪم ڪندو هو. اتي ئي سڪائيندو هو. اتي ئي
کيس محبت جي مهميز لڳس، رچي ريٽو ٿيو. ڌُلائي وسري
ويس ۽ فقيري اختيار ڪيائين. مستيءَ ۾ بيت شروع
ڪيائين. بيتن جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سينگار
جي بيتن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار جي ساراهه
هوندي آهي. هنديءَ ۾ هن صنف کي ”شرنگار رس“ چيو
ويندو آهي.
جيئن ته سنڌي ۾ به هندي شاعري جي معرفت هي صنف
رائج ٿي. انهي ڪري سنڌي زبان جي سينگار جي بيتن ۾
به هندي شاعري جون صنفون آنديون اٿس، هن قسم جا
بيت شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت رضوي جي رسالن ۾
به ملن ٿا. پر سينگار جي بيتن جو خاص شاعر جلال
کٽي آهي. سندس سينگار جي بيتن ۾ خاص تاثير آهي،
سندس سمورا بيت عشق رسول جي رنگ ۾ رڱيل آهن. جلال
کٽي جي مزار پير ترهي ڳوٺ ۾ آهي. جتي هر سال سگهڙن
جي ڪچهري ٿيندي آهي، سنڌ جي ڪهني مشق شاعر احمد
خان مدهوش جو چوڻ آهي ته جلال کٽي اصل تڙکٽي لڳ
ڊرگهه بالا تعلقي جوهي جو رهواسي هو. هڪ ٻئي استاد
عمران سومري جو چوڻ آهي ته جلال کٽي ڳوٺ گولو فقير
تعلقي دادو جو رهواسي هو ۽ سندس مزار به ڳوٺ گولي
فقير واري مقام ۾ آهي. تاهم پڪي ثابتي ملي آهي، ته
پير ترهي مقام ۾ مدفون ٿيل آهي ۽ اها ئي سندس مزار
آهي جتي هر سال سگهڙن جي ڪچهري ٿيندي آهي ۽ ان ئي
مزار تي سنڌ جا مشهور اديب دانشور ۽ سگهڙ کيس ڀيٽا
ڏيندا آهن.
جلال کٽي جي ولادت ۽ وفات جي باري ۾ به صحيح
معلومات نه ملي سگهي آهي، پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پنهنجي ڪتاب سنڌي سينگار شاعري ۾ لکي ٿو ته جمن
چارڻ ۽ جلال کٽي هڪ ٻئي جا ساٿاري ۽ همعصر هئا.
درويش جمن چارڻ 1151هه (1739ع) ۾ وفات ڪئي. يعني
ته شاهه عبداللطيف کان چوڏهن سال اڳ گذاريائين.
انهي لحاظ سان چئي سگهجي ٿو. ته جمن توڙي جلال ٻئي
شاهه صاحب جا معاصر هئا. جلال به غالباً 1150،
1160هه واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.
جلال کٽي پنهنجي دور جو هڪ وڏو سگهڙ ۽ سالڪ ماڻهو
هو. هن پنهنجي قابليت ۽ سگهڙپائيءَ سان هنر،
سينگار ۽ بيت جهڙين صنفن مان ماڻڪ موتي ميڙي اسان
تائين پهچايا آهن، هو وڏو ڏاهو ۽ هرفن مولا هو.
جلال کٽيءَ جو شعر و شاعريءَ جو سڄو ذخيرو صحيح
سلامت اسان وٽ پهچي نه سگهيو آهي. زماني جي ستم
ظريفيءَ سبب سنس سمورو ڪلام گم ٿي ويو آهي. جلال
کٽي، سينگار ۽ بيتن کان علاوه ڪافيون به چيون اهن.
سندس هڪ ڪافيءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
ڪافي
دل به وئي دلبر به ويو، ڪيئن سهان مان سور ٻئي
خواه مارين خواه جيارين، سي ڪيم منظور ٻئي
هڪ سڄڻ سرمو وڌئي، ٻيا وار سڀ ڇوڙي ڇڏيئي
خلق ساري خون ڪيئي، گهوڙا وڌئي گهل گهور ٻئي.
خاص خدمت ۾ رهي ٿو، چنڊ چوڏهين مان حسين
در تنهنجي ٻانهيون ڏٺم توڙي پري يا حور ٻئي
جوش چاڙهين جان تي جلوه پسي ميان هي جلال
هاڻ ٿو ويراڳ جاڳي سي گڏ يا بيتور ٻئي
هڪ ٻي ڪافي جيڪا به جلال کٽي جي نالي سان منسوب
ٿيل آهي. اها ڪافي به محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پنهنجي ڪتاب، سنڌي سينگار شاعري ۾ ڏني آهي. جلال
کٽي سان منسوب ٿيل ڪافي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
وئڙ ۾ سانگ سنگهار جيڪس وڙهيچن آءٌ وساري
قضا آندس ڪوٽ ۾ لکئي جي لغار
اچي عمر ڪوٽ ۾ ٿيس ڌراڙن ڌار
ميخون محبت سنديون هينئڙي منجهه هزار
اٿم اهڙو آسرو پر چن مان پنهوار
جاني ميڙ جلال چئي جنهن سڪان سڀ ڄمار
جلال کٽي هنر بيت سينگار ڏهس ۽ ٻئي لوڪ ادب جو
بادشاهه هو. اڄ به سنڌ جا سڀ سگهڙ کيس پنهنجو امام
تسليم ڪن ٿا.
فقير رجب علي چانڊيو:
فقير رجب علي چانڊيو ولد رسول بخش چانڊيو 15 جنوري
1966ع تي ڳوٺ دٻي لڳ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم
ورتو. فقير رجب علي چانڊيو ننڍپڻ کان ئي مداحون،
غزل ۽ مولود چوڻ لڳو. سندس ڳائڻ ۾ استاد واحد بخش
سولگي آهي. هن ڏور، بيت ۽ سينگار تي طبع آزمائي
ڪئي آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پڻ پروگرام پيش ڪري
چڪو آهي. سگهڙ ڪانفرنسون يا سگهڙ ڪچهريون ٿينديون
آهن ته ان ۾ به هي شرڪت ڪندو رهي ٿو.
سليمان چارڻ:
سليمان چارڻ سنڌ جي تاريخي ۽ قديم ڳوٺ فتح پور جو
رهواسي هو. هي ڳوٺ دادو شهر کان اتر ڪنڊ تي ڦلجي
اسٽيشن کان 6 ڪلوميٽر اوڀر ۾ درياءُ جي ڀرسان آهي.
هي ڳوٺ دادو تعلقي ۾ واقع آهي. هن محبوب جي حسن
جمال ۽ سينگار جي تعريف ڪئي آهي. سهڻي سڄڻ جي صورت
خود سارنگ جي سونهن کي به مان ڏئي گهٽ ڪري ڇڏيو
آهي.
صدرالدين چارڻ:
صدرالدين چارڻ ڳوٺ فتح پور تعلقي دادو جو رهواسي
هو. فتح پور جيڪو دادو شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي
دادو کان 15 ڪلوميٽر پري آهي. جڏهن ته ڦلجي اسٽيشن
کان 6 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڏور بيت ۽ سينگار ۾
شاعري ڪئي اٿس. سندس هڪ سينگار جو چيل بيت هيٺ ڏجي
ٿو.
رڀون ناهن راس، برگ ناهي برابري
نوي تر نمي پيا، آهو هرڻ اڳياس
ترسي تت طائوس ويا، جت ڳهرن ڳالهه ڳياس
ون ونئون وتري گهڻو، آ لالائي ته لباس
ٺاٺي ٺامر ٺيڪ ٿيا جزي نه جوڙ جڳياس
سڀئي سينگار اس، آهن سوايا صدرالدين چئي.
گلاب چارڻ:
گلاب چارڻ به دادو جي مشهور چارڻ قبيلي مان هو.
هيءُ اصل ڳوٺ فتح پور تعلقي دادو جو رهواسي هو،
بيت هنر ۽ سينگار تي بيت چيا اٿس. هي جلال کٽي جي
دور جو معلوم ٿئي ٿو. ان ڪري امڪان آهي ته
گلابچارڻ 1155هه ڌاري وفات ڪئي.
عبدالله خان پنهور:
عبدالله خان پنهور اصل ڳوٺ درو شيخ تعلقي دادو جو
رهواسي هو. اتان لڏي دادو شهر ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. سندس جنم 1920ع ڌاري ڳوٺ دڙو شيخ ۾ ٿيو.
عبدالله پنهور وڏو ڏاهو، داناءُ، سگهڙ ۽ ڳالهائڻ
جو مٺڙو ماڻهو هو. ساڻس پهريون دفعو جنهن ملاقات
ڪئي، اهو سندس قرب جي ڪڙي ۾ ونگجي ويندو هو. ڏاهن
سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ
سندس خاص مشغلو هو. شاهه، سچل، بيدل، بيڪس، رکيل
شاهه ۽ مصري شاهه جو عارفانه ڪلام شوق سان ٻڌندو
هو. سائين جي ايم سيد جو عقيدتمند هو. هر سال سندس
سالگره ۾ شريڪ ٿيندو هو.
دادو شهر جو هيءُ ڏاهو علم دوست سال 1992ع ڌاري
انتقال ڪري ويو.
محمد بچل کوکر:
محمد بچل کوکر ولد غلام حسين کوکر ڳوٺ لڌو خان
کوکر تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. اتان لڏي
دادو شهر جي محلي سورج آباد ۾ رهڻ لڳو. هو ڏاهو،
داناءَ ۽ ناميارو سگهڙو هو. هن ڏور بيت چيا آهن.
گفتي جو پڪو ۽ پختو هو. ڪچهرين جو مور ماڻهو هو.
هن ڏاندن جو شوقين هو. ڏاندن جي گوءِ ۾ حصو وٺندو
هو. سندس جنم 1920ع ڌاري ٿيو. 1991ع ۾ وفات
ڪيائين. کيس پير محمد مراد مقام ۾ دفن ڪيو ويو.
محمد يوسف منگي:
محمد يوسف منگي ولد خدا بخش منگي 1972ع تي جوهي
شهر ۾ ڄائو. 8 درجن تائين تعليم اٿس. ننڍپڻ ۾
سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اتان سگهڙپائي
جاگڻ سکيو، سنڌ جي مشهور سگهڙن جا ڏور بيت ڏهس ۽
سينگار رچا بيت ياد اٿس. انهن جا بيت ڪچهري ۾ پيش
ڪندو آهي. پاڻ به ڏور بيت چوندو آهي ۽ انهن تي طبع
آزمائي ڪندو آهي. سالن کان دادو شهر ۾ رهائش
اختيار ڪئي اٿس.
عبدالرؤف پلهه:
عبدالرؤف پلهه ولد ميهر خان پلهه ويٺل پاٽ شريف
تعلقي دادو ۾ 1958ع تي جنم ورتو. ننڍي ساند سگهڙن
جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. سگهڙائپ جو شوق ٿيس.
ان ڪري فن ڏانهن راغب ٿيو ڏور بيت ۽ ڏهس وائي ۽
سينگار جا بيت ٺاهي ڪچهرين ۾ پيش ڪندو آهي. ميلن
ملاکڙن ۾ جيڪي سگهڙ ڪچهريون ٿينديون آهن، انهن ۾
پنهنجي شاعري پيش ڪندو رهندو آهي. ريڊيو ۽
ٽيليويزن تي به پنهنجي فن جو مظاهر ڪري چڪو آهي.
امير بخش سولنگي:
امير بخش ولد محمد اسماعيل سولنگي سال 1935ع ڌاري
سنڌ جي علمي ادبي ۽ تاريخي شهر پاٽ شريف جي ڀرسان
ڄائو. تعليم پرائي چوٿين درجي تائين پڙهيو.
نوجواني ۾ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ ويندو هو. اتان کيس
شاعري جو شوق پيدا ٿيس. هن ڏور بيت سينگار ڳجهارتن
۽ ڏٺ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سگهڙن جون جتي به
ڪچهريون ٿينديون آهن. اتي شريڪ ٿيندو آهي. ۽ ڏور
بيت ٻڌائي داد حاصل ڪندو آهي. قلندر لعل شهباز ۽
جلال کٽي جي ياد ۾ جيڪي سگهڙ ڪچهريون ٿين ٿيون
انهن ۾ شريڪ ٿيندو آهي.
ميرل چانڊيو:
ميرل چانڊيو ڳوٺ ڏاتاڻي چانڊيه تعلقه دادو جو
رهواسي هو. هي ڳوٺ سنڌ جي قديم تاريخي شهر پاٽ
شريف جي ڀرسان آهي ميرل چانڊيو 1937ع ۾ ڳوٺ ڏاتاڻي
چانڊيه ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي سگهڙن جي ڪچهري ۾
شريڪ ٿيو. اتان سگهڙائپ جون ٻيون صنفون به شاعري ۾
ڪتب آنديون. ميرل چانڊيه سال 2003ع ۾ وفات ڪري
ويو.
غلام نبي سومرو:
غلام نبي سومرو پاٽ شهر جو رهواسي آهي. سندس جنم
1945ع ڌاري ٿيو. پاٽ شريف ڀرپاسي سگهڙن جون
ڪچهريون ٿينديون هيون. انهن ۾ شرڪت ڪندو هو، جتي
ناميارا سگهڙ ڏور، بيت، سينگار، ڳجهارتن کان علاوه
ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا. هن انهن سگهڙن
جي ڪچهرين مان فيض حاصل ڪيو ۽ پاڻ به ڏور، بيت،
سينگار، ڳجهارتن کان علاوه ٻين لوڪ صنفن تي طبع
آزمائي ڪئي. ڪيترن ئي سگهڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو
آهي ۽ داد حاصل ڪندو آهي.
محرم خان تيوڻو:
محرم خان تيوڻو پاٽ شريف جي ڀرسان رهائش پذير آهي.
سندس جنم 1955ع تي ٿيو. ننڍپڻ کان ئي سگهڙن جي
ڪچهرين ۾ وڃڻ ٿيندو هيس. جتان کيس فيض حاصل ٿيو.
پاڻ ڏور، بيت، ڏٺ، ڏهس، سينگار ۽ ڳجهارتن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. اڃان تائين سگهڙن جي ڪچهرين ۾
شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
لطف علي ملاح:
لطف علي ملاح محله غريب آباد شهر جو رهواسي آهي.
سندس جنم 1935ع ۾ ٿيو. قديم دور کان ٻهراڙي جون
اوطاقون سنڌ جي تهذيب، ثقافت علم، ادب ۽ ٻولي جون
درسگاهون هيون. سڄو ڏينهن هاري ناري ڪم ڪار ڪري
ٿڪجي پوندا هئا. ۽ رات جو ماني ٽڪي کائڻ کان پوءِ
اوطاقن جو رخ ڪندا هئا. جتي رات جو رهاڻيون
ٿينديون هيون. لطف علي ملاح به رات جو ٿيندڙ اهڙين
رهاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. انهن اوطاقن ۾ ناميارا
سگهڙ، نڙ، بيت، ڏور، وائي، سينگار ۽ ٻين صنفن تي
طبع آزمائي ڪندا هئا. لطف علي ملاح به انهن سگهڙن
مان فيض پرايو ۽ لوڪ ادب تي طبع آزمائي ڪئي. هن
ڏور، بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن تي شاعري ڪئي آهي.
ميلن ملاکڙن ۽ لوڪ ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي.
ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان پڻ
ڪيترائي دفعا پنهنجي فن جو مظاهر ڪري چڪو آهي. هن
وقت بيماري جي بستري تي آهي، اکين جي نور کان به
محروم ٿي ويو آهي.
|