سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 14

سندس ڪلام جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ، اوتون جوتون، گيت گلابي ٻارن جا، ڪاري ڪڪر هيٺ، لهر لهر درياءُ، ڌرتي سرتي، ماندي ٿي نه مارئي، نه ڪم نبريو، نه غم نبريو، زندگي زندگي، سوچون ڀڻڪا واڪا، ولولو ۽ ووڪ، وطن ۽ ويساهه جستجو لا تقنطو، گيت اسان جا، ميلا ملهلا، لهري لهري ۾ لالاڻ شامل آهن.

استاد بخاري ڪجهه عرصو بيمار رهيو ۽ 9 آڪٽوبر 1992ع ۾ وفات ڪري ويو.

ڌڻي بخش مگسي:

ڌڻي بخش مگسي 1920ع ۾ ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ قادربخش جي گهر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سندس مدرسي ڪراچي ۾ داخلا ورتائين. اتي پنج درجا پڙهي واپس دادو آيو ۽ فائينل جو امتحان ڏئي استاد جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو.ا ستاد جي حيثيت سان جهانگارا باجرا، ڳوٺ خچر، ڦڪا ۽ ٻين اسڪولن ۾ رهيو. ان کان علاوه گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادو ۾ ڏهن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ درس و تدريس ۾ ماهر هو. سندس ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تي پهچي چڪا آهن. ڌڻي بخش مگسي ٻائيتاليهه سال تعليم کاتي سان وابسته رهيو ۽ 1983ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. ڌڻي بخش درس و تدريس کان علاوه سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ پڻ ملهايو. پاڻ ڳوٺ سڌار تنظيم چنڊتارا ڪلب ج ميمبر عورتن جي فلاحي تعليم بالغان آرگنائيزيشن جو سرپرست اعليٰ ميان يارمحمد ڪلهوڙو يادگار ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوه سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا دادو جو باني ڪارڪن سرپرست اعليٰ ۽ صدر پڻ رهيو هو. سواڪا 1978ع ۾ قائم ڪئي وئي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان سنڌ جي قومي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. هن تنظيم کي اهو اعزاز حاصل آهي جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ۽ هن تنظيم جي ڪوشش سان پوري سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وئي. ان ڪارنامي تي روزانه اخبار عبرت حيدرآباد ايڊيٽوريل نوٽ لکي سواڪا کي ساراهيو.

ڌڻي بخش مگسي سماجي خدمتن کان علاوه ادبي خدمتن ۾ پاڻ ملهايو. سندس ڪيترائي مضمون سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. هن تقريباً ويهه ڪتاب لکيا آهن. جن ۾ عورت ۽ مرد جا حق دادو ضلع جي متعلق ڪتاب ۽ ٻيا مسودا شامل آهن. ڌڻي بخش مگسي 31 جنوري 1996ع ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب سول اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس اباڻي قبرستان پير محمد مراد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس فرزندن ۾ پروفيسر عبدالله مگسي، غلام نبي مگسي ايڊووڪيٽ ڊاڪٽر لياقت مگسي، دين محمد مگسي جوڊيشنل مائجسٽريٽ، انجنيئر سهيل مگسي، اقبال احمد مگسي ۽ سڪندراعظم شامل آهن. سندس تازو ڪتاب دادو منهنجون يادون منظر عام تي آيو آهي.

پروفيسر عبدالله خان مگسي:

پروفيسر عبدالله مگسي ولد ڌڻي بخش مگسي 17 ڊسمبر 1947ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ۽ انگريزي گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. انٽر ۽ بي.اي ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. ايم.اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پروفيسر عبدالله مگسي پهريائين پي.ڊبليو.ڊي کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري علم سياسيات واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت دادو، سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن دادو، هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي دادو سپلا دادو، ميان يارمحمد ڪلهوڙو يادگار ڪاميٽي ۽ ڪاڇو بچايو تحريڪ سان پڻ لاڳاپيل رهيو.

پروفيسر عبدالله مگسي کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان چاهه هو. سندس پهريون مضمون هفتيوار اخبار شهباز دادو ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه سندس ٻيا ڪيترائي مضمون مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا آيا آهن. جن ۾ روزانه جاڳو ڪراچي روزانه عوامي آواز ڪراچي ٽه ماهي مهراڻ ڄام شورو شامل آهن. سندس مقالن مضمونن  ڪالمن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. سندس ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ” جان جان هئي جيئري“، ”عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو“، سٺن ڪتابن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.(1)

پروفيسر عبدالله مگسي ڳچ عرصو بيمار رهيو ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. پاڻ 1 اپريل 1993ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس اباڻي قبرستان پير محمد مراد ۾ دفن ڪيو ويو.

ابوبڪر خان مگسي:

ابوبڪر خان مگسي ولد مولوي عبدالرحيم مگسي 1920ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو. تعليم به ڪراچي مان حاصل ڪيائين. بي.اي ۽ ايل.بي جا امتحان پاس ڪري استاد جو پيشو اختيار ڪيائين. هن اين.جي.وي اسڪول ڪراچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ به استاد جي حيثيت سان درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏنا. ان کان پوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن وڪالت دادو، سيوهڻ ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪئي. وڪالت کان علاوه صحافت ۾ به رهيو، هن هفتيوار قلندر دادو ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ميان ابوبڪر مگسي کي علم ادب سان گهرو لڳاءُ هو، هن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. ترجما مضمون ۽ مقالا لکيا. جن ۾ ولايت سنڌ، حيدرآباد جي تاريخ، عربي پاڪستان ڪي قومي زبان، عربن جي جديد تاريخ، اسلامي تهذيب و تمدن، ڪٽنب ذاتي ملڪيت ۽ رياست ترجمو شامل آهن. ابوبڪر مگسي 4 اپريل 1981ع ۾ وفات ڪئي.

پروفيسر زاهد علي مگسي:

پروفيسر زاهد علي مگسي ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي دادو ۾ 4 اپريل 1942ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولانا عبدالرحيم مگسي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ عربي ۽ اسلاميات جو استاد هيو. هو وڏو عالم ۽ اندازاً 30 ڪتابن جو ليکڪ هو. پروفيسر زاهد علي مگسي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادو مان حاصل ڪئي. پوءِ سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ورتي. پر سندس وڏو ڀاءُ محبوب مگسي کيس حيدرآباد وٺي آيو ۽ کيس نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا وٺي ڏني. جت ان 1962ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان امتيازي پوزيشن ۾ پاس ڪيو. ان کان پوءِ 1964ع ۾ سچل ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ بعد ۾ ساڳي ڪاليج مان 1966ع ۾ بِي. ڪام جي تعليم مڪمل ڪري سنڌي يونيورسٽي ۾ ايم. ڪام ۾ داخلا ورتي. سال 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي ڊگري ورتي، ملازمت جو باقاعده آغاز 1970ع ۾ سنڌ مسلم ڪامرس ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ڪيو. جتي آخري وقت تائين پروفيسر جي حيثيت سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پروفيسر زاهد علي مگسي درس و تدريس کان علاوه ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو. آرٽس سائنس قانون ۽ تاريخ تي سٺي ڄاڻ هيس. پاڻ مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو سرگرم ڪارڪن هو. ڪجھه عرصو سيڪريٽري به رهيو، ڪجھ وقت سنڌ ماڊل اسڪول ڪراچي جو اعزازي پرنسپل به رهيو. سگا ۾ به سندن شموليت رهي. زاهد علي مگسي ترقي پسند اديب ۽ کاٻي ڌر جي سياست جو حمايتي هو. هو جاگيرداري نظام کي سنڌ جي زوال جو ذميوار سمجهندو هو. پروفيسر زاهد علي مگسي ڪيترائي ڪتاب لکيا. اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين. انگريزي ۾ لکيل ڪجھه ڪتاب ۽ مضمونن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. پروفيسر زاهد علي مگسي کي 22 جون 1998ع تي رات جو 4 وڳي ڌاري ڪراچي ۾ سندس گهر ۾ گهڙي دهشتگردن گولين جو شڪار بنائي، شهيد ڪري ڇڏيو. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.

عادل سخيراڻي:

غلام الرسول ولد محمد خان تخلص عادل سخيراڻي جو جنم اسڪول رڪارڊ موجب 10 مارچ 1957ع سومر جي ڏهاڙي ريلوي ڪالوني دادو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم لوڪوشيڊ اسڪول دادو ۾ ورتائين. پرائمري ۾ سندس استاد محمد هاشم سومرو هو. پنجون ڪلاس پاس ڪري گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو ۾ داخلا ورتائين اٺين ڪلاس تائين پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اسڪالرشپ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ اسڪالرشپ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ سندس پيءُ جي بدلي ڪوٽڙي ٿي. جتي هن محنت ڪري ميٽرڪ جو امتحان پوزيشن ۾ پاس ڪيو. انٽر 1977ع ۾ بي. اي، 1979ع ۾ ۽ ايم. اي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 14 فيبروري 1974ع تي ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ عارضي طور جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. پوءِ اتان استعيفا ڏئي سنڌ ايگريڪلچر سپلاءِ آرگنائيزيشن ساسو ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. ڪلارڪ ٿيڻ کان پوءِ ترقي ڪندو آفيس اسٽنٽ ٿيو.

عادل سخيراڻي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو آيو. سال 1986ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو ٻه سال لڳاتار سيڪريٽري ٿي رهيو. آخري ڏينهن ۾ ڪاروباري ڪاميٽي جو سرگرم ميمبر هو. هن ڪيترائي مضمون مقالا ۽ ڪالم لکيا. جن ۾ سنڌ جون رانديون اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٻيا مقالا مضمون شامل آهن. هن جا ڪيترائي مضمون مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. جن ۾ روزانه عبرت، مهراڻ، ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه ماهي مهراڻ شامل آهن. عادل سخيراڻي سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو آيو. سگا شاخ دادو جو به جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪز ۾ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ٻه سال رهيو. ساسو ايمپلائيز يونين حيدرآباد ڊويزن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو. عادل سخيراڻي کي تاريخ 23 مارچ 1992ع ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس مڙهه کي بخاري جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

تاج صحرائي:

تاج محمد صحرائي 12 سيپٽمبر 1921ع ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو نور محمد ميمڻ هيو. تاج صحرائي صاحب ابتدائي تعليم ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پرائي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان 1942ع ۾ پاس ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو. سال 1945ع ۾ سندس والد جي وفات بعد واپس اچي سيوهڻ هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سال 1948ع ۾ سيوهڻ کي ڇڏي دادوءَ ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. تاج صحرائي صاحب 1952ع ۾ دادو ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو. جنهن جو سرپرست مخدوم طالب الموليٰ هو. هي اسڪول سنڌ جي مشهور هاءِ اسڪولن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن اسڪول مان شاگرد تعليم حاصل ڪري اعليٰ عهدن تي پهچي چڪا آهن. تاج صحرائي هڪ جفاڪش محنتي بلند حوصله باشعور شاعر ۽ تاريخدان جي حيثيت سان پاڻ کي متعارف ڪرايو. سندس زندگي جو اڪثر حصو تعليم حاصل ڪرڻ مطالع ڪرڻ ۽ سير سفر سان وابسته رهيو آهي. پاڻ صحافت سان به وابسته رهيو. صحافت ۾ سندس هفتي وار اخبار آواز دلڪش مضمونن ۽ ادب لطيف تي مشتمل هوندي هئي. اها اخبار طويل عرصي تائين دادو مان شايع ٿيندي رهي. تاج صحرائي کي آثار قديم سان گهرو لڳاءُ رهيو ۽ هن سنڌ جو چپو چپو گهمي ڦري ڏٺو.

هن ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جي قدرتي نظارن ۽ آثار قديم جو بذات خود مشاهدو ڪيو. انهن ماڳن ۾ بٺين، ڪوٽن، ڪوٽيرن، دڙن، بندرن، چشمن، واهن، عارن ۽ قبرستانن جو عيني مشاهدو ڪيو. هن صاحب آمري ۽ ڪوٽڏجي جي تهذيب، ڪائي ڀرسان ست گهرين، سيوهڻ ڀرسان يڪ ٿنڀي، خون جي قرباني ۽ سنڌو ماٿري بابت معلومات گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

تاج صحرائي صاحب جي ڪوشش سان دادو ۾ سال 1968ع ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي لائبريريءَ جو بنياد پيو. هن لائبريريءَ مان تعليم يافته نوجوان ۽ محقق ڪافي لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. هن سنڌ صدين کان سيمينار ۾ حصو ورتو. سن 1977ع ۾ تاج صحرائي جو نالو ٽريپولي ۾ دنيا جي ماهر نمائندي جي حيثيت سان منتخب ڪيو ويو. سال 1981ع ۾ رني ڪوٽ تي هڪ قومي سيمينار ٿيو. سندس ڪوشش سان هي سيمينار ڪامياب ٿيو. هن سيمينار ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي ماهر شامل ٿيا ۽ رني ڪوٽ کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويو. تاج صحرائي 1964ع کان شهباز ميلا ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. تاج صحرائي يار ويس انسان هيو. سندس سير سفر ۾ جن دوستن جو ساٿ رهيو. انهن مان امام بخش گهرياڻي، وڪيل حافظ خليل احمد طارق، نظر محمد شيخ، علي احمد قريشي وڪيل، اعجاز قريشي، منير احمد چنا، مٺا خان مري، صاحب خان چنو، جمال ميراڻي، انور سولنگي، بخش علي شاهه، جيئندل شاهه شامل آهن. تاج صاحب وٽ ٻاهرين ملڪن جا ڪيترائي محقق مهمان ٿي رهيا ۽ انهن سان گڏجي ڪوهستان ڪاڇو منڇر ۽ لاڙ جو سير ڪيو. انهن ٻاهرين محققن ۾ ڊاڪٽر لوئس فليم آمريڪا ڊاڪٽر مائيڪل جانسين پروفيسر ليڊي اليگزيندريا جانسين، ڊاڪٽر هنس لنسان جرمن ڊاڪٽر جي ويرار ڊي اٽلي پروفيسر ماساتوشي ۽ تاڪيشي گوتوهه جپان ۽ ايل لاويزري سئزرلئنڊ شامل آهن. تاج صحرائي جا ڪيترائي مقالا ۽ مضمون سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا آهن. جن ۾ سنڌو تهذيب، سنڌ جي پڻي لوڪ، نيڻين ننڊا کوڙ، انگريزي ۾ ڪتاب ”ليڪ منڇر“ مشهور آهن.

تاج صحرائي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان محبت هئي ۽ ڀٽائي جي ڪلام کي پرکڻ ۽ پرجهڻ جو ماهر هو. تاج صحرائي صاحب سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ننڍي هوندي کان حصو وٺندو آيو. هن خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ ان جي پليٽ فارم تان ڪافي سماجي ڪم سرانجام ڏنائين. 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري زماني ۾ شاگردن جو هڪ جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار ماريلن جي مدد ڪيائين. هن آزادي واري تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو ان ڪري انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو 10 آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين دهلي جيل ۾ قيد رهيو.

تاج صحرائي صاحب کي علم ادب تهذيب ثقافت سياست ۽ تاريخ سان محبت هئي. پاڻ 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪري ويو.

مخدوم احمد محبتي غالب ملڪاڻي:

مخدوم احمد مجتبي ولد مخدوم غلام محمد ملڪاڻي 15 مئي 1930ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف جيڪو صدين کان علم ادب جو گهروارو رهيو آهي، ان ۾ اک کولي، جڏهن سندن عمر پنجن سالن جي ٿي ته سندن والد بزرگوار کين حافظ محمد احسن چنا وٽ مڪتب ۾ ويهاريو. ان سان گڏ پوءِ کين قرآن شريف عربي ۽ فارسي جا بنيادي ڪتاب کين پاڻ پڙهايائون. ان کان پوءِ کين عربي جي وڌيڪ تعليم لاءِ سجاول شهر ۾ حاجي حسين شاهه جي مدرسي ۾ مولانا حمادالله صاحب جن وٽ موڪليو اتي به سخت محنت ڪري دستاربند ٿيا، عربي جي تعليم دوران فائينل جو امتحان نمايان نمبرن سان پاس ڪيائون ۽ ان سان گڏ مئٽرڪ به پاس ڪيائون. دستاربندي بعد واپس اچي پنهنجي والد بزرگوار جن وٽ تصوف جا طريقا جهڙوڪ: قادري ۽ نقشبندي حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ غالب صاحب جن کي سرڪاري نوڪري جو شوق پيدا ٿيو ۽ گورنمينٽ جي مختلف شعبن جهڙوڪ: روينيو، پوليس ۽ تعليم کاتي ۾ تقريباً اٺ سال نوڪري ڪيائون جيئن ته سندن گهراڻو درس و تدريس سان منسلڪ هو. ان ڪري کين ماستري جو شوق جاڳيو، سال 1950ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 1980ع ۾ درگاهه ملڪاڻي شريف جو سجاده نشين مقرر ٿيو ۽ اها خدمت اڃان جاري ساري آهي.

غالب ملڪاڻي صاحب جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي شاعرانه هئي. ان جو سبب اهو به هو ته سندن والد بزرگوار جن علم ادب سان گڏوگڏ روحاني پير پڻ هئا. تنهنڪري غالب ملڪاڻي به شاعري سان گڏوگڏ نثر ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ مضمون لکيا. هن وقت تائين چاليهه ڪتاب لکي چڪو آهي. شاعري ۾ سندس استاد جنهن هن کي غالب جو تخلص ڏنو سو محمد بخش واصف هو غالب ملڪاڻي چئن زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين شاعري جا ڇهه ڪتاب جهڙوڪ: ديوانِ غالب، ڪلام ِ غالب، آتشڪده رباعيات قلمي صورت ۾ آهن، جيڪي وٽس موجوده آهن. غالب ملڪاڻي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو آيو آهي، دادو شهر جي جهوني انجمن آفتاب ادب جو ميمبر ٿي رهيو. هن انجمن جو جنرل سيڪريٽري به رهيو.

سال 1954ع ۾ دوستن جي تعاون سان غالب ملڪاڻي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنائين. 1956ع ۾ شفيع محمد سولنگي ۽ ابوبڪر مگسي جي سهڪار سان هڪ ادبي تنظيم جوهر ادب جو بنياد رکيائين. سندس دوستن ۽ شاگردن گڏجي بزمِ غالت جو بنياد رکيو ۽ غالب صاحب ادب جي ميدان ۾ ڪافي شاگرد پيدا ڪيا آهن. جن ۾ اشرف منصور دائودپوٽو، عبدالله همدم، ملنگ حيدري، ذوالفقار زلفي، تابش بخاري، عاشق دادوي، رجب آزاد، دانش ملاح، امداد جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن. غالب ملڪاڻي جن جي همعصري ۾ احسن الهاشمي، تاج صحرائي، نواز رڪڻائي، سومرو سودائي ۽ شفيع محمد سولنگي شامل آهن. غالب ملڪاڻي سنجيده طبيعت ۽ مهمانواز آهي، هو نه رڳو سنڌي جو پخته ڪلام شاعر آهي پر ان سان گڏ فارسي جو به پخته ڪلام شاعر آهي. پاڻ انجمنِ دوستداران فارسي ضلع دادو جو سرپرست اعليٰ آهي. هن انجمن جو دائره ڪار پورو دادو ضلعو آهي ۽ سال 1995ع کان فارسي ادب لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، فارسي ادب جي حوالي سان سندس رهاڻيون هميشه بشير سيتائي ۽ خليل احمد طارق سان رهنديون آهن.

شفيع محمد سولنگي:

شفيع محمد سولنگي ولد غلام حسين سولنگي 8 آڪٽوبر 1920ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو مان پاس ڪئي. دادو مان انگريزي جا ٽي درجا پاس ڪري ورنيڪيولر فائينل جي امتحان ۾ ويٺو. سخت محنت سبب سڄي سنڌ مان ستون نمبر حاصل ڪيائين. جڏهن سندن عمر 21 سال ٿي ته استاد پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. 1952ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين. شفيع محمد سولنگي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. نوڪري دوران ماستري جي تربيت لاءِ کيس چونڊيو ويو. اتي به سخت محنت ۽ لگن سان ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پهريون اعزاز حاصل ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج تان موٽڻ بعد مين اسڪول دادو ۾ استاد مقرر ٿيو. پهرين ٽي چار سال فائينل جا شاگرد تيار ڪندو هو. فائينل جي بند ٿيڻ کان پوءِ چوٿون ڪلاس پڙهائيندو هو. شفيع محمد سولنگي ڪيترائي مضمون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن کي موڪليون. جيڪي شايع ٿينديون رهيون. سندن لکڻين مان يادگار لکڻي مغربي پاڪستان جو ثقافتي اتحاد آهي. هن لکڻي سڄي سنڌ جي 370 لکڻين مان پهريون نمبر حاصل ڪيو ۽ ان مضمون تي کيس ٽي سؤ روپيه انعام طور ڏنا ويا. جيڪا پاڻ ادبي سرگرمين تي خرچ ڪيائين.

شفيع محمد سولنگي ڊرامن ۽ موسيقي جي به ڄاڻ رکي ٿو. هن وقت بزمِ غالب ملڪاڻي جو صدر آهي. شفيع محمد سولنگي سنڌي ۽ اردو تي عبور رکي ٿو، انڪري اردو اسڪول دادو جو ڏهه سال هيڊ ماستر ٿي رهيو. ان سان گڏوگڏ مانٽيسوري جي ٽريننگ حاصل ڪندڙ استادن کي سنڌي مادري زبان ۾ مضمون پڙهائيندو هو. پاڻ واحد پرائمري استاد آهي جنهن انگريزي استادن سان گڏ بيورو آف ڪريڪيولم جي ٿيندڙ ضلعي ٽريننگ ۾ حصو ورتو. انهي اداري سندن خدمتن رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به حاصل ڪيون.

الهنواز رڪڻائي:

الهنواز تخلص نواز رڪڻائي ولد محمد عرس ملاح دادو جي ڳوٺ رُڪڻ ۾ 10 مئي 1930ع تي ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. پرائمري تعليم مڪمل ڪري فائينل جي تياري ڪيائين. فائينل جو امتحان پاس ڪري استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو، ڪجهه سالن جي سروس کان پوءِ مٺياڻي ڪاليج ۾ ايس.وي امتحان پاس ڪيائين. نوڪري دوران ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاديءَ جا فرائض نڀايائين. وڌيڪ تعليم جاري رکندي اديب جو امتحان پاس ڪيائين. علوم مشرقي جا ٽئي سال فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

نواز رڪڻائي 1951ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. سندس شاعريءَ تي مرحوم حافظ محمد احسن چنا جا اثر نمايان آهي. قديم ۽ جديد شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. نواز رڪڻائي جي ڪوشش سان بزمِ طالب الموليٰ شاخ پير بخش ميربحر جو بنياد پيو. پاڻ ان شاخ جو صدر به رهيو. سال 1979ع ۾ بزمِ شعراءِ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. بزمِ نواز رڪڻائي جو سرپرست آهي. ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو اچي ٿو. پاڻ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن، شعبه ڪلچر جو عهديدار به رهيو آهي.

سندس شعرن جو مجموعو (ڇُليون منڇر ڇوليون) 1999ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ سندس ٻيو ڪتاب (دادو سنڌ جي دل) سيد هدايت علي شاهه جي مالي معاونت سان شايع ٿيو. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو دريائي لهجو“ 2007ع، دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منهنجي دل“ 207ع ۾ ڇپيو. نواز رڪڻائي جي شاگردن جو وسيع حلقو آهي. جيڪي کانئس ڪلام جي اصلاح ڪرائيندا رهيا. پاڻ 13 فيبروري 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

سيد حاڪم علي شاهه بخاري:

سيد حاڪم علي شاهه 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو. ڄمڻ وقت سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو ويو. پر اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ وقت سندس نالو حاڪم عيل شاهه لکرايو ويو. غلام چانڊيو اسڪول مان سنڌي فائينل جو امتحان سال 1950ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال مائٽن انگريزي پڙهڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ پهرين درجي ۾ داخلا وٺي ڏنس. جتان 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.

سال 1957ع ۾ ئي ڊرائنگ جو انٽرميڊيٽ امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال ڊپٽي ڪمشنر دادو جي دفتر ۾ ڪلارڪي ملي ويس. روينيو کاتي جي 1962ع ۾ نوڪري ڇڏي واپس آيو. 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جو هيءَ به استاد مقرر ٿيو. جتي 1966ع تائين نوڪري ڪيائين، ان وچ ۾ سنڌ يونيورسٽي اختياري وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو. ان ڪري جوهي هاءِ اسڪول مان نوڪري ڇڏي پشاور روانو ٿيو. سال 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري واپس وريو، سنڌ يونيورسٽي اختياري وارن کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري آرڪيالوجي کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ 1969ع ۾ سندس مقرري بحيثيت گيلري اسسٽنٽ موهن جي دڙي تي ٿي، اهڙي ريت 29 سال نوڪري ڪري 14 فيبروري 1998ع تي اوڻيهين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو، سيد حاڪم علي شاهه کي نوڪري دوران مختلف وقتن تي اٽلي جپان ۽ برطانيه وڃڻ جو موقعو مليو، نوڪري دوران سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ سير سفر ڪرڻ جا انيڪ موقعا مليا. سيد حاڪم علي شاهه کي تعليم تربيت ۽ اضافي ڪورسن جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. سيد حاڪم علي شاهه بخاري کي ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسپي هئي. راڳ رنگ ۽ موسيقي سان ڪي قدر سڃاڻپ اٿس، سيد حاڪم علي شاهه فنون لطيف سان به وابسته رهيو آهي، هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪجھه ڊراما لکيا به آهن، جيڪي پوءِ ٻين مختلف هنڌن تي اسٽيج ڪيا ويا، سيد حاڪم علي شاهه ڪيترين ئي ننڍين وڏين سماجي ادبي تاريخي ۽ ثقافتي تنظيمن جو رڪن ۽ عهديدار ۽ يا سربراهه به رهيو آهي.

کيس لکڻ جو شوق 1965ع کان هو. ان ڪري سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن، اڄ ڪلهه دادو جي قديم تاريخي، ثقافتي، مذهبي ۽ فطري ماڳن تي ڪم پيو ڪري انهي کان سواءِ ٻين ڪن نالي وارن ادارن لاءِ ضلعي بابت مختلف قسمن جي ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ ۾ مصروف آهي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جو سڳو ڀاءُ آهي.

محمد عثمان ميمڻ:

محمد عثمان ميمڻ ولد محمد بچل ميمڻ 1 اپريل 1952ع ۾ بوبڪ شهر تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم دادو ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم دادو هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽي ۾ پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان حاصل ڪندو رهيو، ذهانت ۽ صلاحيتن سبب هميشه فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندو آيو آهي، محمد عثمان ميمڻ شاعريءَ جي شروعات ٽئين درجي کان ڪئي. سندس تخلص بيخود آهي. سندس شعر سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو، هن ڪيترائي ڊراما لکيا آهن، تقريباً چار پنج کن ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن.

محمد عثمان ميمڻ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم به لکيا آهن وٽس سنڌ جي ڪيترن عالمن، شاعرن، مصورن، اديبن، فنڪار، جانورن ۽ پکين جي آوازن جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون موجود آهن. پاڻ فنون لطيف جي سٺي واقفيت رکي ٿو، طبلو شرناءُ ۽ بين وڄائي ڄاڻيندو آهي. هن وقت سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا سيل ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. مستقل رهائش دادوءَ ۾ اٿس.

ڊاڪٽر لياقت مگسي:

دادو شهر جي اوڀر ۾ ڳوٺ گل محمد مگسي واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر لياقت مگسي 1 اپريل 1953ع ۾ علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيت ڌڻي بخش مگسيءَ جي گهر ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل محمد مگسي ۾ حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم حاصل ڪري ميٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڊي. وي. ايم ڊاڪٽر آف وٽنري ڪاليج آف اينيمل هسبنڊري لاهور مان پاس ڪيائين. هن وقت ڊاڪٽر اينيمل هسبنڊري طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر لياقت مگسي کي ابتدا کان ادب سان واسطو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس والد ڌڻي بخش مگسي بهترين استاد ۽ اديب ٿي گذريو آهي، سندس ڀاءُ پروفيسر عبدالله مگسي پڻ سٺو اديب، دانشور ۽ تاريخ جو ڄاڻو هو. ازانسواءِ ابوبڪر مگسي ۽ پروفيسر زاهد علي مگسي جو پڻ ادبي دنيا سان تعلق رهيو آهي. ان ڪري کيس ابتدا کان ئي کيس ادبي ماحول مليو. هن مضمونن مقالن ۽ تنقدي ڪالمن ذريعي پنهنجو ادبي سفر شروع ڪيو، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا آهن. جن ۾ ”تيمورلنگ ۽ انساني کوپريون“ ”روزانه سنڌو حيدرآباد“، ”سنڌو جي ٻلهڻ“ ”روزانه سنڌو حيدرآباد“، ”سنڌ ۾ ڏوهه ۽ ان جا سبب“ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، معاشري جو ناسور پنڻ، هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌ ۾ جانورن جون ٻوليون ۽ آواز روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، مهدوي تحريڪ کان ميانوال تحريڪ تائين روزانه جاڳو ڪراچي، ميان نصير محمد جو قبرستان ۽ گمنام سپاهي روزانه پڪار ۽ جاڳو ڪراچي ڳاڙهي تاريخ جو وکريل ورق روزانه جاڳو ڪراچي بلاول زرداري فقير (تنقيدي مقالو) ماهوار عوامي آواز ڪراچي، ”قبر سان ڪارو“، ماهوار سنڌ دوست، مائي ڀاڳ ڀري، جو ڌرون ئي ڌاريا، روزانه بختور حيدرآباد، ڪلهوڙا دور جا هندو درباري شامل آهن. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ڇپيل شامل اٿس، ازانسواءِ ڪجھ ڪتاب سهيڙيا اٿس، جن ۾ پروفيسر عبدالله مگسي جا ٻه ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالع ۽ جان جان هئي جيئري شامل آهن.

ڊاڪٽر لياقت علمي ۽ ادبي تنظيمن کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور نموني سان بهرو وٺندو اچي ٿو، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن دادو، سنڌي ادبي سنگت دادو، ميان يار محمد ڪلهوڙو، يادگار ڪاميٽي دادو، نوجوان مگسي تنظيم دادو، چنڊ تارا ڪلب دادو، شاهه لطيف ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.

رجب آزاد سولنگي:

رجب علي ولد محمد بچل سولنگي تاريخ 15 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڳوٺ ننڍي سيتا ضلع دادو ۾ ڄائو. جڏهن ته رڪارڊ موجب سندس جنم ڳوٺ آباد تعلقي وارهه ضلع لاڙڪاڻه آهي. سندس ادبي نالو رجب آزاد سولنگي آهي. ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيائين. هن وقت سندس تعيلم ايم. اي اڪانامڪ ۽ بي. ايڊ آهي. موجوده وقت ۾ مين اسڪول دادو ۾ استادي جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ڪجھه دوست کيس مليا جن هتان جي ڪنهن مشق شاعر حافظ احسن سان متعارف ڪرايو. هتان جي معزز استاد شفيع محمد سولنگي جي شفقت جي ڇانو هيٺ رهي مطالع جو شوق ٿيس. ان سان گڏ شعر شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. شعر شاعري کان علاوه مضمون ڪالم ۽ خاڪا پڻ لکڻ لڳو ۽ اهي هفتي وار اخبار آواز سنڌ دادو ۾ شايع ٿيندا هئا. ادبي سرگرمين کان علاوه فني دنيا سان پڻ وابسته ٿي ويو ۽ اسٽيج شو ڊرامن ۾ پڻ مختلف ڪردارن ۾ ڪم ڪيو اٿس. هن ٽي وي تي پڻ ڪم ڪيو آهي.

دادو ۾ ادبي سرگرميون جمود جو شڪار ٿي ويون هيون، ان ڪري سال 1989ع ۾ بزم غالب ملڪاڻي وجود ۾ آئي. هيءَ ان جو عهديدار پڻ رهي چڪو آهي. ازانسواءِ نيو انجمن آفتاب ادب جو عهديدار به آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ سنگت سان اڃا تائين واڳيل آهي.

تابش بخاري:

سيد غلام شبير ولد رسول بخش شاهه تخلص تابش بخاري تاريخ 12 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير محمد ڏاوڇ ۾ حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان حاصل ڪيائين. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪئي اٿس. هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادو ۾ استاد آهي. تابش شعر شاعري تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي، هن سال 1968ع کان باقاعده شاعري جي ابتدا ٻارن جي شاعري سان ڪئي. تابش بخاري جو پهريون شعر روزنامه آفتاب حيدرآباد ۾ شايع ٿيو هو.

ماهوار گل ڦل ڄام شورو ۾ ڪيترائي ٻاراڻا شعر ڇپيا اٿس. ان کان علاوه غزل، گيت، وائي ۽ بيت وغيره لکندو اچي ٿو. تابش بخاري مختلف ادبي تنظيمن سان وابسته رهندو آيو آهي. جن ۾ بزم غالب ملڪاڻي ۽ بزم نواز رڪڻائي جو سيڪريٽري رهيو آهي، سنڌي ادبي سنگت دادو جو سيڪريٽري به رهيو آهي، هن بزم غالب ملڪاڻي ۾ ڪيترائي مشاعره ڪرايا. تابش بخاري هن بزم جو چار سال سيڪريٽري رهيو آهي.

عاشق دادوي:

عبدالغفور ولد حاجي عبدالڪريم ذات چارڻ تخلص عاشق دادوي 12 مارچ سال 1958ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد دادو مان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو آهي. هن وقت محنت ۽ مشقت ڪري رهيو آهي.

ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. عاشق دادوي سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ پنجابي ۾ شاعري ڪئي آهي.

عاشق دادوي جو مختلف تنظيمن سان تعلق رهندو آيو آهي. بزم غالب ملڪاڻي جو بنياد وجهندڙ ۽ باني آهي. ازانسواءِ ماروئڙا ادبي فورم، بزم نواز رڪڻائي، بزم طالب الموليٰ، ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو، شهيد مخدوم بلاول ادبي ثقافتي فورم، استاد بخاري اڪيڊمي، بزم آصف مصراڻي جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو آهي. هنن تنظيمن جي پليٽ فارمن تان ڪيترائي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي پروگرام ترتيب ڏئي چڪو آهي.

عاشق دادوي کلمک ۽ يار ويس آهي، سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهي، سائين جي ايم سيد جو معتقد آهي. هن وقت سنڌ قومي محاذ سان تعلق رکي ٿو. قوم پرستي جي سوچ رکندڙ آهي.

اختر لڪياري:

سيد عباس علي شاهه ولد عالم شاهه تخلص اختر لڪياري تاريخ 21 ڊسمبر 1948ع ۾ ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ اسڪول مان حاصل ڪئي اٿس. ميٽرڪ 1965ع ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ مان حاصل ڪيائين. انٽر 1968ع ۾ بي. اي 1975ع ۾ ايم. اي 1987ع ۾ بي. ايڊ 1985ع ۾ پاس ڪيائين.

اختر لڪياري 1965ع ۾ مڊل اسڪول پيارو ڳوٺ ۾ استاد مقرر ٿيو. هن اسڪول کي سرتاج سنگت هلائيندي هئي. 1971ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ شاگردن کي تعليم سان همڪنار ڪندو رهيو. 1996ع ۾ سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين.

اختر لڪياري شاعري جي شروعات 1965ع ۾ ڪئي. هن شاعري ۾ نظم، غزل، وائي، بيت، ٽيڙو، نعت، مرثيه وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل وڌيڪ لکيل اٿس. سندس شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپي آهي. ڪافي مواد موجود اٿس. جيڪو ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي.

اختر لڪياري ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌي ادبي سنگت دادو، سرتاج سنگت دادو، بزم نواز رڪڻائي دادو، بزم طالب الموليٰ شاخ پير بخش ملاح ۽ ٻين تنظيمن ۾ مختلف عهدن تي رهندو آيو آهي. کيس موسيقي سان دلچسپي آهي. خاص طرح ڪلاسيڪي موسيقي سان گهرو شغل اٿس. اختر لڪياري سماجي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.

غلام مصطفيٰ مگسي:

غلام مصطفيٰ ولد حبيب الرحمٰن مگسي تاريخ 1 ڊسمبر 1976ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول گل محمد مگسي تعلقي دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. مصطفيٰ مگسي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. سندس شعر سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو.

مصطفيٰ مگسي جو دادو جي ڪافي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ ۾ عهديدار آهي. ان کان علاوه شهيد مخدوم بلاول ادبي ثقافتي فورم جو عهديدار به رهيو آهي. هن دوستن سان گڏجي ڪيترائي ليڪچر پروگرام ڪرايا. انهن ليڪچر ڪارن ۾ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ تاج صحرائي شامل آهن. غلام مصطفيٰ مگسي غزل، گيت، نظم، چوسٽن ۽ ڪافي تي طبع آزمائي ڪئي آهي.

ذوالفقار علي زلفي ميمڻ:

ذوالفقار علي ولد جيئندل خان ميمڻ تخلص زلفي 22 ڊسمبر 1972ع ۾ دادو شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو ۾ پڙهيو، ميٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان ڪيائين. هن وقت ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊپلوما ڪئي اٿس.

زلفي ميمڻ کي ادب سان چاهه آهي، هن غزل، ڪافي، گيت ۽ چوسٽا لکيا آهن ۽ انهن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن اڪثر مزاحيه شاعري ڪئي آهي. سندس مزاحيه شاعري جو ڪتاب ”تنهنجا ٺينگ منهنجا ٽپا شايع ٿيو آهي.

عبدالنبي آزاد جوڻيجو:

عبدالنبي ولد محمد عارف جوڻيجو ڳوٺ محمد مراد جوڻيجو تعلقي دادو ۾ تاريخ 1 مارچ 1966ع تي جنم ورتو. پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ پاس ڪري استادي جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. نوڪري دوران انٽر، بي. اي پاس ڪيائين ۽ ان سان گڏ پي ٽي سي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي مان پاس ڪيائين.

عبدالنبي جوڻيجو سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سال 1995ع ۾ ساڳي شاخ جو خزانچي ۽ سال 1997ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن غزل، نظم، گيت ۽ چوئسٽن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا اٿس. سندس ادبي نالو آزاد جوڻيجو آهي.

بشير سيتائي:

بشير سيتائي جو اصل نالو بخشل خان آهي. سندس والد جو نالو آخوند محمد موسيٰ ڀٽي آهي. بسير سيتائي تاريخ 8 جولاءِ 1949ع تي سيتاوليج تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ آهي ۽ ايل. ايل. بي به ڪيل اٿس. فارسي زبان جي ڄاڻ به پنهنجي وڏڙن جي مدرسي مان حاصل ڪيائين.

بشير سيتائي شاعري جي ابتدا 1966ع کان ڪئي ۽ هن وقت تائين سندس پنج ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ سج سريکو سچ (شاعري) ڏات نه ٿيندي مات (شاعري)، جهرڻو منهنجو جيءُ (شاعري) ۽ اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (خط)، ڏاها ڏات ڌڻي (ڊائريڪٽري) شامل آهن.

ان کان علاوه اڻ ڇپيل ڪتاب جن ۾ اداس من جي اداس موسم (شاعري) جيون گهاڻي جيئن (ڪهاڻيون)، منهنجو آئينو (يادون)، مون جي ڏٺا ماءُ (خاڪا) گوهر ناياب (فارسي غزلن جو سنڌي ترجمو) خوشبو جدا جدا (فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو) ڏاها ڏات ڌني (حصو ٻيو) ڊائريڪٽري فارسي گرامر ۽ رباعيون عمر خيام جون (سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو) ٿيل آهن. ان کان علاوه گوهر ناياب (ڀاڱو ٻيو)، اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (ڀاڱو ٻيو)، اچو ته فارسي سکون، ابو سعيد ابوالخير جون رباعيون (ترجمو)، امير خسرو جي چونڊ بيتن جو انگريزي (ترجمو)، شامل آهن. انهن اڻ ڇپيل ڪتابن کان علاوه ڪيترائي مقالا، مضمون وغيره جيڪي سالن کان مختلف رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپيل آهن، جن کي ترتيب ڏيڻ سان چند ڪتاب ٺهي پوندا.

پاڻ پخته ڪلام شاعر، محنتي اديب آهي. سنڌي کان سواءِ پاڻ فارسي زبان ۾ به ڪجھه شاعري ڪئي اٿس. جيڪا مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد طرفان شايع ٿيندڙ ٽه ماهي رسالي فصل نامه دانش ۾ ڇپجندي رهي ٿي. خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد طرفان سندس هڪ ڪتاب رباعيون عمر خيام جون ڇپايو پيو وڃي. جنهن ۾ هن عمر خيام جي رباعين کي ٻن ٻولين سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان اداري سندس ٻيا ڪتاب ڇپائي لاءِ منظور ڪيا آهن.

بشير سيتائي ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ عهديدار رهيو آهي. موجوده وقت سرجڻهار پبليڪيشن دادو جو سرپرست اعليٰ ۽ انجمن دوست داران فارسي ضلعي دادو جو صدر پڻ آهي. کيس ڪجھ ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا آهن. سندس موجوده رهائش شاهه آباد محلي دادو ۾ آهي. وٽس چونڊ ڪتابن تي مشتمل پنهنجي ذاتي لائبريري آهي جنهن ۾ ڪتابن جو تعداد 2000 کان مٿي ٿيندو.

وزير منگي:

وزير احمد ولد محمد فاضل منگي تاريخ 10 مارچ 1965ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم دادو ۾ پڙهيو. ثانوي تعليم به دادو مان ئي حاصل ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري، استاد پيشي سان منسلڪ ٿيو. سماجي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي. مضمون، مقالا ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. شعر و شاعري به ڪندو آهي. غزل، گيت، نظم، چوسٽا ۽ آزاد نظم به لکيا اٿس. سگا جو ميمبر به آهي. صحافت سان به واسطو اٿس. وٽس ڪجھه ڪتاب ترتيب ڏنل آهن جيڪي ڇپجڻ جا منتظر آهن.

مقبول گهلو:

مقبول گهلو دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو شهر مان پاس ڪيائين. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪري بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. مقبول گهلو شروع کان ئي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هن ڪيترائي مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون ڪالم لکيا. جيڪي بيحد پسند ڪيا ويا. سندس مضمون ڪهاڻيون مقالا ۽ ڪالم سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. ڪجھه وقت صحافت سان به وابسته رهيو. هن وقت به سندس مضمون ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

نور گهلو:

دادو شهر ۾ ڪيترين ئي ادبي شخصيتن جنم ورتو. ان ۾ نور گهلو جو نانءِ به شمار ڪري سگهجي ٿو. نور گهلو دادو شهر جي مشهور محلي جڳت آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪري گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. تعليم مڪمل ڪري استاد جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. تعليم سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. ان عرصي دوران هن ڪيترائي مضمون، مقالا، ۽ ڪالم لکيا، جيڪي بيحد پسند ڪيا ويا. اڃا تائين ڊراما، ڪالم، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو رهي ٿو. سندس ڪافي ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن.

فاروق سولنگي:

فاروق سولنگي دادو شهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ ۽ انٽر به دادو مان ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. فاروق سولنگي ابتدا کان ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن مضمون، مقالا، ڪالم ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. جيڪي سنڌ جي ڪيترن ئي نامور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون اهن. فاروق سولنگي ڪيترائي ڊراما لکيا، جيڪي پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تان نشر ٿيا. انهن ڊرامن ۾ گامون سچار بيحد پسند ڪيو ويو. فاروق سولنگي اڃا تائين ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو. هن وقت سندس رهائش حيدرآباد ۾ آهي.

دانش ملاح:

غلام شبير ولد محمد هاشم ملاح جنهن جو ادبي نالو دانش ملاح آهي. تاريخ 26 ڊسمبر 1964ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ميٽرڪ تائين دادو شهر ۾ پڙهيو.

ميٽرڪ پاس ڪري پنهنجي خانگي ڪاروبار سان لڳي ويو آهي. شاعري جي شروعات 1983ع کان ڪيائين. شاعري ۾ سندس استاد مخدوم احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي آهي. بزم غالب جو باني ۽ پايو وجهندڙ آهي. بزم غالب ملڪاڻي جو خزانچي نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو. بزم غالب ملڪاڻي جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعره ڪرائي چڪو آهي. هن غزل، گيت، بيت، وائي، دوها، قطعا، مخمس ۽ ڪافي تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڪلام سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳايو آهي. جنهن ۾ امام بخش زرداري، پٺاڻ ملاح، غلام حسين ميراڻي، روشن جلا، اڪبر بروهي، خادم حسين سخيراڻي ۽ شهمير لنڊ شامل آهن.

دانش ملاح جو شعر ماهوار ادب، نئين سوچ، خوشبوءِ، جوت، ڇوليون ۽ ماڪ ڦڙا ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. ان کان علاوه هفتيوار انصاف پاڪستان لاڙڪاڻه رفتار ڪوٽڙي ۽ هڪ تاثر مرحوم لقمان حڪيم تي روزانه آفتاب حيدرآباد ۾ ڇپيو آهي. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروگرام شعر ۽ نغمو ۾ سندس شاعري هلي آهي.

شاهد علي سولنگي:

شاهد سولنگي ولد محبوب علي سولنگي دادو شهر ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم گورنمينٽ ماڊل اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪري انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. هن وقت پرائيويٽ فارم ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.

شاهد سولنگي شاگردي واري دور کان ئي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ شموليت اختيار ڪيائين، سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. شاهد سولنگي شعر شاعري به ڪندو رهي ٿو. غزل گيت چوسٽا ۽ آزاد نظم لکيا اٿس ۽ انهن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. ان کان علاوه روزانه سنڌ جو ضلع رپورٽر رهيو آهي.

دلشاد ڀٽو:

دلشاد ڀٽو ولد محمد بخش ڀٽو تاريخ 1 اپريل 1972ع تي ڳوٺ سعيد خان ڀٽو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ جان محمد خشڪ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پرمانند هرداس سيڪنڊري اسڪول دادو مان حاصل ڪري ڪلارڪ مقرر ٿيو. ان کي شروع کان ئي ادب ۽ سياست سان لڳاءِ رهيو آهي.

اسڪول جي زماني ۾ ٻارڙن جي تنظيم ساٿي ٻارڙا سنگت جو بنياد وڌائين. ميٽرڪ کان پوءِ وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ شامل ٿيو. پاڻ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلع دادو طرفان نظرياتي شعبه جو انچارج به رهيو. ان کان علاوه ترقي پسند پارٽي جو ضلعي سينئر نائب صدر، مهراڻ سوشل ويلفيئر ايوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي وائس چيئرمين، روزانه عبرت حيدرآباد جو اسٽنٽ ايڊيٽر، پريس ڪلب دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٽريڊ يونين ايڪشن ڪاميٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو.

دلشاد ڀتو روزانه امن، جنگ ۽ نواءِ وقت ۾ فرضي نالن سان ملڪي ۽ بين الاقوامي صورت حال تي اردو ۾ مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن جو صحافت سان به تعلق رهيو آهي. هن روزانه پڪار ۽ سنڌ ايڪسپريس ۾ نمائندي جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر به رهيو آهي. دلشاد ڀٽو ڪافي مضمون مقالا ۽ ڪالم لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا آهن.


(1) پروفيسر عبدالله مگسي سنڌ جي جديد دور جو سٺو مؤرخ، اديب ۽نقاد هو. هن خاص طور تي سنڌ جي تاريخ کي نئين انداز ۾ لکڻ ۽ مطالعي هيٺ آڻڻ جون روايتون رکڻ جون ڪوششون ڪيون. هو روايتي طور لکيل سنڌ جي تاريخ تي ناقدانه نطر رکي ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ جي عنوان تي هڪ ڪتاب لکيو. ان کان لاوه هن ”عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو“ ۽ ”جان جان هئي جيئري“ جي عنوانن تي پڻ موچارا ڪتاب لکيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org