آخوند مولانا الله بخش ڀَٽي سيتائي:
آخوند الله بخش ولد آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي، سن
1279هه/1862ع تي ڳوٺ سيتا ۾ جنم ورتو ۽ سال
1356هه/1937ع تي رحلت ڪئي پنهنجي دور جو جيد عالم،
مدرس ۽ خطاط هيو. ديني علوم جي مڪمل تحصيل ۽ دستار
بندي پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند مولانا عبدالرحمان ڀٽي
کان حاصل ڪئي ۽ ان جي رحلت کان پوءِ مدرسي کي اوج
تي پهچايائين.
آخوند الله بخش ڀٽي فقيرانه مزاج رکندڙ، شهرت کان
گريزان ۽ گوشه نشين عالم هو. درس تدريس کان پوءِ
سندس باقي وقت عبادت ۽ مطالعي ۾ گذرندو هو. کيس
ڪتابن سان بيحد محبت هئي، جن ۾ عربي صرف نحو،
منطق، حڪمت، اصول فقه، تفسير ۽ حديث جا ڪتاب اچي
وڃن ٿا. کيس ڪليات جامي ۽ شرح جامي سان زياده
لڳاءُ هو. فارسي شعر و ادب سان کيس خاص شغف هو. ان
شوق ۽ شغف سبب هڪ فارسي ديوان ابوطالب ڪليم کي
پنهنجي هٿ اکرن سان لکي پورو ڪيائين، جيڪو سندس
ڇڏيل ورثي مان دستياب ٿيو آهي. سندس طرز تحرير جو
ڪيترو ذخيرو زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيو،
تاهم سندس هٿن سان لکيل مٿيون ديوان سندس املهه
يادگار آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس علمي ورثي جو
وارث آخوند محمد صالح ڀٽي بڻيو، جنهن پنهنجي والد
کان سواءِ پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن يعني آخوند
عبدالرحمان ڀٽي ۽ آخوند الله بخش ڀٽي کان علم جو
استفادو حاصل ڪيو، بلڪه همايون شريف وڃي مولانا
عبدالغفور مفتون همايونيءَ وٽ پڙهيو هو ۽ آخر ۾
درٻيلي جي درسگاهه مان دستاربندي حاصل ڪئي.
جيتوڻيڪ آخوند مولانا الله بخش ڀٽي پنهنجي عمر جو
آخري حصو نهايت گوشه نشيني ۾ گذاريو. پنهنجي پيارن
دوستن ۽ همعصرن سان به ملڻ ترڪ ڪري ڇڏيو تاهم سندس
ڪيل علمي ۽ ديني خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.
مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاڻي:
مخدوم غلام محمد صاحب نه رڳو پنهنجي وقت جو جيد
عالم هو، بلڪه پنهنجي صدي جو مجدد عالم ۽ عارف هو.
سندن ولادت 14 رمضان المبارڪ 1276هه بمطابق 5
اپريل 1860ع تي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادوءَ ۾ ٿي.
والد صاحب سندن نالو غلام محمد رکڻ فرمايو، نه
معلوم اها ڪهڙي مبارڪ ساعت هئي، جنهن ۾ هڪ عاشق
رسول جو ايتري قدر موزون نالو رکيو ويو، جو حرف
بحرف صحيح ثابت نڪتو. پنهنجي مهر تي لکرايو
هئائين. (نازم ببخت خود که غلام محمدم) (سرور
ڪائنات جي غلامي سبب مون کي پنهنجي بخت تي ناز ۽
فخر آهي)
ستن اٺن سالن جي عمر ۾ کيس قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ
ڳوٺ جي نزديڪ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو. جتي هڪ سال جي
عرصي ۾ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪيائين. سندن
استاد هڪ فياض شخص آخوند عبدالڪريم نالي مخدوم
جنيد هڪ جيد عالم جي پوين مان هو. ان کان پوءِ
دادو جي لڳ سيالن جي ڳوٺ ۾ بهار دانش، انوار
سهيلي، تائين فارسي پڙهيو. ساڳئي ئي وقت ۾ دادو جي
پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ستن درجن جو امتحان پڻ
ڏنائين. ملڪاڻي صاحب فارسي پڙهڻ کان پوءِ عربي علم
حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. سن 1302هه ۾ 25 ورهين جي
عمر ۾ حضرت مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي جي
حلقه درس ۾ عربي جي دستاربندي فرمايائين. هن مدرسي
۾ ملڪاڻي صاحب جن تعليم حاصل ڪئي. انهن استادن مان
جيڪي بزرگ هئا، انهن ۾ حضرت مولانا حاجي حسن الله
صاحب پاٽائي، حضرت مولانا عطاءُالله صاحب فيروز
شاهي ۽ حضرت مولانا محمد حسن صاحب حيدرآبادي. هنن
ٽنهي حضرات جي حلقه درس ۾ پاڻ اگرچ چڱو عرصو رهي
جدا جدا علوم و فنون جي تعليم حاصل ڪئي هئائين.
مگر جيئن ته آخري عبور مولانا محمد حسن صاحب جن جي
ئي حلقه تدريس ۾ فرمايو هئائين، تنهن ڪري سڀني
عالمن کان مولانا محمد حسن صاحب کي ئي پنهنجو
استاد ڪري ڄاڻندو هو. پنهنجي تعليم جو مستند سلسلو
۽ سڀ کان وڌيڪ نسبت شهدادڪوٽي بزرگن سان ڳنڍيندو
هو. ڇو ته حضرت مولانا محمد حسن صاحب حضرت مولانا
نور محمد صاحب جن جو شاگرد هو. ملڪاڻي صاحب ڪم بيش
40 سالن تائين درس و تدريس ۾ مشغول رهيو. سندن
خدمت ۾ رهي تفسير حديث فقه ادب معاني ۽ بديع جي
اعليٰ تعليم حاصل ڪندو رهيو.
هن کان پوءِ سندس زندگي ۾ اهم انقلاب آيو، جنهن ۾
بيروني ملڪن ۾ هندستان، پنجاب، عراق وغيره جي سير
سفر ۾ گذاريائين. هن دوران ۾ هن گهڻن بزرگن جون
خانقاهون ڏٺيون ۽ گهڻن مشائخين طريقت شريعت جي
خدمت ۾ علوم ظاهري ۽ باطني ۾ ڪمال حاصل فرمايو،
عراق ۽ حجاز جي سفر ۾ جو سن 1307هه ۾ فرمايو
هئائين. بغداد شريف پهچي حضرت محبوب سبحاني جي
درگاهه فلڪ بارگاهه ۾ عبادت الاهي ۾ مشغول رهيو.
مخدوم صاحب عراق جي دوران سفر سيد مصطفيٰ قادري
کان طريقه عاليه قادريه ۾ دست بيعت ٿيو. هن سلسلي
جي سڌ حاصل فرمائي، مگر ٻين سلسلن ۾ اڃا کيس
مشائخين طريقت جي جستجو هئي. پاڻ اڃا هندوستان ۽
پنجاب جي سفر تي پوءِ روانو ٿيو هئو. ان کان اڳ
سنڌ ۾ آغا عبدالرحمان سرهندي مجددي کان طريقه دست
بيعت ٿي خلافت حاصل ڪيائين. هي سن 1315هه جو زمانو
هو جو هن هجرت ڪئي هئي. انهي ئي سال جڏهن خواجه
ولي محمد جي حلقه ارشاد ۾ ويهي ٻيهر طريقه
نقشبنديه ۽ سهرورديه جي تڪميل ڪيائين. تنهن کان
پوءِ وري مهڙا شريف واري مشهور اوليا حضرت خواجه
محمد قاسم نقشبندي جي خدمت ۾ پڻ نقشبندي طريقي جو
گهڻو فيض حاصل ڪيائين ۽ ان طريقي ۾ حضرت مولانا
خواجه سيد ميهر شاهه جيلاني گولڙي شرف واري کان
سند ورتائين.
تصوف ۾ پاڻ اگرچ چئن طريقن جو صاحب هيو. جن جو مٿي
بيان ٿي چڪو آهي. مگر پاڻ اجازت حاصل ڪرڻ بعد فقط
طريقه عاليه نقشبنديه کي ترويج ۾ آندائين. پنج وقت
نماز جا ڪڏهن به هٿان نه وڃائيندو هئو. ازان سواءِ
جن صاحبن کانئن عظيم محنتون ڪري مڪمل فيض حاصل
ڪيو، اهي خلفا ڪاملين ۾ درج ٿيل آهن. جن جو انداز
پڻ بي انداز آهي. مگر انهن حضراتن مان جيڪي بزرگ
خانقاهن جا مالڪ آهن ۽ جن دنيا ۾ فيض الاهي جا
واهڙ وهائي ڇڏيا. اهي هيٺيان حضرات آهن.
(1)
حضرت مولانا فقير محمد ويهڙائي (دادو ضلعو)
(2)
حضرت مولانا حافظ محمد صالح ڪرمپور (دادو)
(3)
حضرت مولانا شير محمد اٻاوڙائي (سکر ضلعو)
(4)
حضرت مولانا سيد خير شاهه جلبانوي (دادو ضلعو)
(5)
حضرت مولانا عبدالهادي بوبڪائي (دادو ضلعو)
(6)
حضرت مولانا محمد عبدالله (نواب شاهه ضلعو)
(7)
حضرت مولانا عبدالرحمان منڇرائي، (دادو ضلعو)
(8)
حضرت مولانا الحاج محمد موسيٰ منڇرائي (دادو ضلعو)
مخدوم ملڪاڻي صاحب تاريخ 22 جمادي الثاني سن
1354هه مطابق 22 سيپٽمبر 1935ع آچر ڏينهن هي آفتاب
علم و معرفت هن دارناپائدار مان هميشه لاءِ غروب
ٿي ويو.
آخوند محمد صالح ڀَٽي سيتائي:
دادو تعلقي جي قديم تاريخي ڳوٺ سيتا وليج ۾ هڪ
غريب مسڪين خاندان ۾ آخوند محمد صالح ڀٽي سال
1865ع ۾ جنم ورتو. جو پنهنجي دور جو بهترين مدرس،
معلم ۽ عالم دين هو. سندس والد جو نالو آخوند ڇُٽو
ڀَٽي هو. جنهن کان هِن ابتدائي ديني علم حاصل ڪيو
۽ پنهنجي بزرگ ڀائرن آخوند عبدالرحمان ڀٽي ۽ آخوند
الله بخش ڀٽي کان به علمي استفادو حاصل ڪيائين، ۽
پوءِ همايون شريف ۾ مولوي عبدالغفور مفتون
همايونيءَ کان ڪجھه علمن جي تحصيل حاصل ڪئي. ان
بعد هو درٻيلي ۾ مخدومن جي علمي درسگاهه ۾ پڙهي
قرآن، حديث، فقيهه، منطق ۽ مناظره تي دسترس حاصل
ڪئي. حضول علم بعد، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ مڪتب قائم
ڪيو. جتي هو هر عمر جي مردن، ڇوڪرن ۽ نياڻين کي
ديني تعليم جي زيور سان آراسته ڪندو رهيو. وٽانئس
ڪيترائي طالب علم عربي، فارسي، قرآن، حديٿ، فقه ۽
تفسير جي تعليم وٺي فيضياب ٿيا. مولانا آخوند محمد
صالح ڀَتي سيتائي طبيعت ۾ تمام سادڙو، دل جو فياض
۽ مهمان نواز هو. اسلام ۾ اخوت ۽ رواداري جو وڏو
قائل هو. ان سبب ڳوٺ جا هندو به سندس عقيدتمند
هوندا هئا. هن غريب مسڪين هوندي سڀني جي هڙان وڙان
مدد ڪئي ۽ جهالت خلاف جهاد ڪيو. آخوند کي ڪنهن به
مسئلي کي دليلن سان سمجهائڻ جو ملڪو حاصل هو. هن
جو منطقي انداز ۽ استدلال ماڻهن جي دلين تي ايترو
ته اثرانداز ٿيندو هو، جو اهي سڄي ڄمار قرب جي
ڪڙيءَ ۾ قابو ٿي ويندا هئا. آخوند صاحب وٽ روزانو
ماڻهن جي اچ وڃ هوندي هئي. هن جي همعصرن ۽ دوستن ۾
مولانا عبدالرزاق گهوٽڪي، مولانا غلام رسول هاشم
شڪارپوري، حافظ محمد صادق ڪنڀر ٿرڙي محبت، مولانا
خادم حسين رتوديرو، مولانا الاهي بخش ايري ٻانهو
لاکير، مولوي الهڏتو ٽنڊو شهبازي سيوهڻ، مولوي
عنايت الله آگرو، مولوي فضل محمد نوشهرو فيروز،
حافظ نور محمد ڳڙهي ياسينوي، مولانا غلام احمد
ملڪاني، مولوي محمد ملوڪ نزد ميهڙ، مولانا محمد
سليمان ٿرڙي محبت، مولوي محمد آگرو فيروز شاهه،
مخدوم محمد دائود درٻيلائي، حاجي شفيع محمد ڳوٺ
سوڍاري ۽ مولوي عبدالله بنگلديرائي شمار ٿين ٿا.
ان کان علاوه آخوند صاحب سان پنهنجي همدرسن جو
جيڪي هڪ ئي استاد مولانا همايوني وٽ پڙهيا، روحاني
رشتو هو، انهن ۾ مولوي عبدالرحيم شڪارپور، مولانا
الله بخش مهيسر ڳوٺ پپري ميهڙ، مولانا عبدالرحمان
ڳوٺ پيروز شاهه ۽ مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين
(جيڪو فارسي زبان جو بهترين شاعر هو) ۽ مولوي
عبدالرحمان ڌامراهو ضلعو لاڙڪاڻو شامل آهن.
مولانا عبدالرحمان ڌامراهو ۽ مولانا محمد قاسم
ڳڙهي ياسينوي ته ڪيترائي ڏينهن وٽس رهيا پيا هوندا
هئا ۽ ديني موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي
هئي. مولوي الهرکيو معرفاڻي چانڊيو قنبر جي ڳوٺ
ڊگهه سومر خان چانڊئي جو رهاڪو ته وٽس وڏيءَ ڄمار
۾ پڙهيو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم بڻيو. جنهن جو
ذڪر ٽه ماهي مهراڻ 3، 4، (1957) ۾ مولانا غلام
محمد گرامي پڻ ڪيو آهي.
آخوند ڀٽي صاحب جي وفات وقت عمر 73 سال هئي. هن
1938ع ۾ دارفاني ڇڏيو ۽ پوئتي پنهنجي هٿ جو لکيل
قرآن شريف جو قلمي نسخو مڪمل صورت ۾ ڇڏيو. ان کان
پوءِ سندس ڀاءُ آخوند محمد دائود ڀَٽيءَ مدرسو
هلايو. پر ان جي پڻ وفات کان پوءِ سندس قائم ڪيل
مدرسو جاري رهي نه سگهيو. آخوند محمد صالح ڀَٽيءَ
جي شاگردن ۾ مولوي الهرکيو معرفاڻي، مولوي خان
محمد سرڪي، مولوي علي نواز سرڪي، آخوند محمد دائود
ڀَٽي ۽ آخوند محمد موسيٰ ڀٽي قابلِ ذڪر آهن.
آخوند صاحب جن جو مٿي ذڪر ڪيل هٿ جو لکيل قرآن پاڪ
جو هي قلمي نسخو سندس ئي خاندان جي فرد سنڌ جي
مشهور معروف شاعر بشير سيتائي انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن کي
سنڌالاجيءَ جي تحقيقي لائبريري ۾ داخل نمبر 99039
تحت داخل ڪري محفوظ ڪيو ويو آهي. آخوند صاحب جو هي
نسخو قلمي قرآن جي نسخن ۾ سندس ڪيل ڪاوش جو بهترين
نمونو ۽ هڪ قابل قدر ڪارنامو آهي. جنهن کي صدين
تائين قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. سندس ٻيون به
علمي، ادبي تحريرون هيون. جيڪي پويان سنڀالي نه
سگهيا ۽ گردش زماني جي نذر ٿي ويون.
مولوي محمد صديق سيتائي:
مولوي محمد صديق سيتائي ولد عبدالرحمان عرف
عبدالرزاق سولنگي هڪ ماهر عالم ۽ وقت جو فقيهه هو.
سيتا ننڍي ۾ تعلقي دادو ۾ جنم ورتائين. هن پنهنجي
عمر جي وڏي حصي ۾ ديني علم حاصل ڪيو ۽ مخدوم حاجي
حسن الله پاٽائيءَ کي پنهنجو استاد بڻايو. پنهنجي
خداداد صلاحيتن سان جلد ئي مناظر ۽ عالم بڻيو. علم
طب ۾ پڻ مهارت حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي ڪٽنب کي پڻ ان
علم کان آشنا ڪيائين. جنهن سبب طب ۽ حڪمت جي حوالي
سان ڪيئي ماڻهو وٽس رجوع ڪندا هئا. ڳوٺ سيتا ننڍي
۾ مدرسو قائم ڪيائين.
هن بزرگ وٽان مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه
دائودپوٽو به پڙهيو. درس تدريس جي حوالي سان سندس
ڪيترائي شاگرد آهن. جيڪي علم ۽ فضيلت جا صاحب
بڻيا. سندس شاگردن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽
دائودپوٽه کان علاوه مولوي عبدالرزاق بوبڪائي،
مولوي عبدالله سيتائي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي،
مولوي عبدالقيوم بختيارپوري ۽ مولوي عبدالرحيم
بختيارپوري مشهور آهي. مولوي محمد صديق سال
1322هه/1904ع ۾ وفات ڪئي.
مولوي صاحب جي قائم ڪيل مدرسي ۾ تدريس جو سلسلو
سندس وفات کان پوءِ به ڪجھه سال جاري رهيو ۽ پوءِ
بند ٿي ويو.
آخوند محمد دائود ڀَٽي سيتائي:
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي ولد آخوند ڇُٽو ڀَٽي
سنڌ ڌرتي جي هڪ قديم تاريخي، علمي، ادبي ڳوٺ سيتا
۾ سال 1886ع ۾ جنم ورتو. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم
پنهنجي بزرگ ڀاءُ آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي کان
حاصل ڪئي. سندس بزرگ ڀاءُ جي رحلت بعد ساڳي مدرسي
۾ معلم ۽ مدرس جون ذميواريون سرانجام ڏنائين. ان
کان علاوه پنهنجي ڳوٺ جي پاڙي واري مسجد ۾ پيش
امام جون ذميواريون به نڀائڻ لڳو. آخوند صاحب
بهترين معلم، مدرس، خطيب ۽ خطاط هو. وٽانس جن علمي
فيض حاصل ڪيو. انهن ۾ ملا محمد، ڌڻي بخش چنا، محمد
ڇُٽل ڀٽي، ڊاڪٽر غلام قادر چنا، ماستر نبي بخش
ڀٽي، محمد بخش چنا، بشير سيتائي ۽ ٻيا ڪيترائي
طالب علم ۽ ڳوٺ جون نياڻيون شامل آهن.
آخوند محمد دائود ڀَٽي مهمان نواز، اهل علم ۽ اهلِ
دل انسان هو. سندس مدرسي ۽ اوطاق ۾ عالمن ۽ اڪابرن
جي اچ وڃ رهندي هئي. آخوند صاحب 1973ع ۾ رحلت ڪئي.
سندس آخري آرامگاهه قديم قبرستان دارا شاهه ۾ آهي.
هن مور ماڻهو جي رحلت بعد هيءُ مدرسو نه هلي
سگهيو. سندس شاگرد آخوند محمد موسيٰ ڀٽي، مدرسي کي
خيرآباد چئي فقط مسجد جي پيش امامي جون خدمتون
سرانجام ڏنيون ۽ درس تدريس جو سلسلو هميشه لاءِ
بند ٿي ويو. سندس گهاٽن دوستن ۾ مولوي احمد ملاح
(ڪنڊي شريف)، احمد خان سيال (گنجا)، مولوي عبدالله
اثر چانڊيو (ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو)، مولوي عبدالله بنگل
ديرائي، مولانا عبدالغفار صابري ميهڙ، محمد عالم
شبنم ڏوگر، مولوي عبدالغفار ميمڻ (سيتا ڳوٺ)، محمد
ايوب ناريجو، جمع خان غريب، محمد رمضان ثاقب منگي،
مولوي خان محمد سرڪي، محمد سومر سومرو (سيتا ڳوٺ)،
مولوي حاجي احمد خان جمالي (ڳوٺ بکر جمالي) ۽ ٻين
ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن جا نالا قابل ذڪر آهن.
مولانا سيد امير محمد شاهه:
مولانا سيد امير محمد شاهه ولد سيد سوڌل شاهه
1310هه/1892ع ۾ ڳوٺ اميناڻي تعلقي دادو ۾ ڄائو.
عربي، فارسي ٻيا ديني مذهبي علوم حاصل ڪري، ڳوٺ
اميناڻي ۾ مدرسو قائم ڪيائين. پاڻ هڪ ئي وقت معلم،
مدرس ۽ مفتي هئو. سندس مشهور استادن ۾ ميان الهندو
تنيو، مولوي محمد عارف (ڳوٺ پرهياڙ)، مولوي
عبدالواحد جلباڻي دري ديرو، مولوي محمد هاشم
انصاري شامل آهن. سندس ڪيترائي طالب علم جيڪي ديني
علوم حاصل ڪري معلم، ۽ مدرس بڻيا، انهن طالب علمن
مان هيٺيان مشهور آهن.
مولوي علي گوهر ملڪاڻي (مورو)، علي حسن ملڪاڻي،
ميان الهورايو، مولوي فيض محمد ڀرڳڙي (ٿلهو لڳ
سيتا)، مولوي محمد امين جلباڻي (پارو جو ڳوٺ لڳ
ڦڪا)، مولوي محمد صادق گلال (پارو جو ڳوٺ)، مولوي
حاجي محمد موسيٰ ڇڄڙو (جهلو)، مولوي حافظ نور محمد
ٻوڪ، مولوي حاجي محمد اڪتڙائي، مولوي عبدالله شاهه
ملتاني، سيد علي گوهر شاهه اميناڻي، مولوي حاجي
محمد قاسم پيرزادو (مڏ)، مولوي محمد علي برهماڻي
(واهي پانڌي جوهي)، مولوي محمد عثمان ڇڄڙو (جهلو)،
مولوي محمد دائود ٻگهيو (ڀاڻپوٽو مورو)، مولوي
حافظ عبدالقيوم راڄپر (نوشهروفيروز)، مولوي محمد
رمضان شاهاڻي (تعلقي جوهي)، مولوي حڪيم عزيزالله
ٻٻر (دادو)، مولوي عبدالڪريم حيدرآبادي، مولوي
حاجي محمد عابد ٻگهيو (نزد ڀان)، مولوي محمد
ابراهيم بختيارپوري، مولوي محمد صديق گلال (جوهي)،
مولوي حاجي محمود ٻگهيو (تعلقي مورو)، مولوي
عبدالباقي (سيوهڻ)، مولوي محمد رفيق خوشنويس
(لاڙڪاڻو)، مولوي محمد رحيم سومرو (ٿر)، مولوي فيض
محمد سيٺر (مورو)، مولوي حاجي عثمان ميمڻ (گچيرو
مورو) مولوي محمد موسيٰ ٻگهيو (تعلقي سيوهڻ)،
مولوي عبدالغفور ٻگهيو (لڳ ڀان)، مولوي سيد مير
محمد شاهه (جوهي)، مولوي محمد اسماعيل بروهي
(ڪوئيٽا)، مولوي عبدالله بروهي (ڊرگهه بالا)،
مولوي تاج محمد ٻگهيو، پير غلام نبي جان سرهندي
(ٽنڊو سائينداد)، مولوي غ:ام الرسول ڇڄرو (تعلقي
دادو)، مولوي حافظ محمد بلوچ (دادو) مولوي ميان
حمزو ٻگهيو (مورو) مولوي محمد ٻگهيو (دادو)، مولوي
سيد ڇٽل شاهه دادو، مولوي ڪريم بخش آگرو ميهڙ،
مولوي محمد سهراب چارڻ دادو، مولوي قاضي نور احمد
ديهات، مولوي در محمد بلوچ مورو، مولوي محمد بخش
عمراڻي سيوهڻ، مولوي محمد حسن پنهور دادو، مولوي
نجم الدين ڇڄڙو دادو، مولوي محمد دائود پنهور حاجي
خان جوهي، مولوي محمد الياس پنهور دادو، مولوي
محمد الياس بروهي، مولوي امان الله ڦلجي، مولوي
عبدالرحيم لغاري مورو، مولوي گل محمد چانڊيو
(سيال) ۽ ٻيا شامل آهن. مولانا امير احمد شاهه
تاريخ 29 شوال 1379هه (26 اپريل 1960ع) تي وفات
ڪري ويو.
مفتي نجم الدين ڇڄڙو:
مولانا مفتي نجم الدين ڇڄڙو ولد مولوي حاجي محمد
موسيٰ ڇڄڙو 1941ع تي ڳوٺ جهلو تعلقي دادو ۾ ڄائو.
کيس مولانا سيد امير محمد شاهه اميناڻي جي مدرسي ۾
داخل ڪرايو ويو. قرآن حديث فقه ۽ ٻيا ديني علوم
حاصل ڪري، مولوي عالم ۽ فاضل جي سند حاصل ڪيائين.
ان ئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل جاري رکيائين. ان
کان علاوه ڪجھ وقت ڪنري ۾ پڻ علمي ۽ ديني خدمتون
سرانجام ڏنائين. پاڻ معلم، مدرس، خطيب ۽ مفتي جي
حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. وتس
ڪيترائي ماڻهو ايندا ويندا هئا. ديني نقط نگاهه
سان مسئلا ٻڌي فتوائون جاري ڪندو هو. مولانا صاحب
11 آگسٽ 2002ع تي وفات ڪري ويو.
مولانا محمد هاشم انصاري:
مولانا محمد هاشم انصاري ولد مولانا محمد انصاري
تاريخ 28 نومبر 1887ع مطابق 12 ربيع الاول 1305هه
تي ڳوٺ ڦلجي تعلقي دادو ۾ ڄائو. عربي فارسي جي
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد معلم ۽ مدرس جي حيثيت سان
پنهنجون ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ سنڌ
جي مشهور عالم مولانا محمد حسن کوسي (ڊرگهه بالا)
واري جو شاگرد هو. مولانا محمد هاشم انصاريءَ وٽ
ڪيترائي طالب علم پڙهي درس تدريس جي پيشي سان
منسلڪ ٿي ويا. انهن ۾ مولانا سيد امير محمد شاهه
اميناڻي، مولوي ولي محمد برهماڻي، مخدوم ميان امير
محمد کهڙا، مولوي ميان عبدالله انصاري، پير غلام
مجددي سرهندي شڪارپوري، مولوي محمد عظيم شڪارپوري،
مولوي محمد صالح جمالي (ڳڙهي خيرو)، مولوي ڪمال
الدين خواجه (کهڙا)، مولوي عبدالعزيز اوڍو، مولوي
محمد عثمان جمالي، سيد غلام شاهه (درويشاڻي) مولوي
ابوبڪر (لسٻيلو)، مولوي امام الدين لغاري
(ڏندوبدين)، مولوي محمد قاسم پنهور (ڦلجي)، قاضي
حاجي محمد (ڪنڊي شريف) ۽ ٻيا شامل آهن. مولانا
محمد هاشم انصاري 14 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪري
ويو.
مولوي عبدالرحيم مگسي:
مولوي عبدالرحيم مگسي ولد سرائي پريو خان مگسي،
ڳوٺ پريو خان مگسي، تعلقي دادو ۾ سال 1879ع تي
ڄائو. ڇهن سالن جي ڄمار ۾ سندس چاچي ڌني بخش مگسي
ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مخدوم محمد ابراهيم
عباسي، (ڳوٺ سيال) وٽ ويهاريو. جتي هو قرآن شريف
ناظره پڙهيو، ان کان پوءِ مولوي غلام صديق
سولنگيءَ وٽ فارسي پڙهيو. فارسي جي تعليم مڪمل ڪري
پوءِ مخدوم مولوي غلام محمد ملڪاڻيءَ وٽ عربي
پڙهيو، تنهن کان پوءِ ڳوٺ رپ تعلقي بدين ۾ درس
نظاميءَ جي تعليم مڪمل ڪري، دستاربندي ڪيائين.
مولوي صاحب تعليم مڪمل ڪري ڪجھ عرصو لسٻيلي ۾ نائب
قاصي مقرر ٿيو. 1910ع ۾ مولوي صاحب کي سنڌ مدرسي ۾
معلم ۽ مدرس جي ملازمت ملي وئي، ان مدرسي ۾ مولوي
صاحب 30 سال علم، ادب ۽ ذهب جي خدمت ڪئي. مولوي
صاحب 1940ع ۾ نوڪري تان رٽاير ٿيو. ۽ 1943ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه اباڻي قبرستان پير
محمد مراد ۾ آهي.
مولوي محمد سهراب چارڻ:
مولوي محمد سهراب ولد محمد آچر چارڻ دادو تعلقي جي
ڳوٺ ڪنڊي شريف ۾ 1924ع تي جنم ورتو. مولانا صاحب
ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. ان بعد ديني
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سيد جيوڻ شاهه جي مدرسي ۾
داخل ٿيو. جتي مولانا محمد سليمان ميمڻ وٽ عربي،
فارسي ۽ تفسير پڙهي دستاربندي ڪيائين. مولانا محمد
سهراب چارڻ ديني علوم حاصل ڪري پنهنجي پاڙي ۾
مدرسو شمس العلوم قائم ڪيو. ان مدرسي ۾ ناظره قرآن
شريف کان علاوه عربي ۽ فارسي جي پڻ تعليم ڏني
ويندي هئي. اهو مدرسو اڄ تائين قائم آهي. مولانا
صاحب زهد ۽ تقويٰ جو قائل ۽ پرهيزگار هو. مولانا
صاحب 4 مئي 1964ع تي وفات ڪئي، کيس مسجد شريف جي
احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس شاگردن ۾ مولوي احمد
ڪوهستاني، مولوي عطا محمد ۽ مولوي علي حيدر شاهاني
قابلِ ذڪر آهن.
مولوي ميان محمد قاسم پيرزادو:
مولوي ميان محمد قاسم پيرزادو مولوي يوسف پيرزادو
1323هه/1905ع تي ڳوٺ مڏ شريف تعلقي دادو ۾ ڄائو.
سندس استاد سيد مولانا امير محمد شاهه هو. جتي
عربي، فارسي، تفسير، فقه ۽ ٻيا ديني علوم حاصل
ڪيائين. اميناڻي شريف ۾ دستاربندي ڪيائين. پاڻ
معلم، مدرس، فقيه ۽ مفتي هو. سندس ڪيترائي طالب
هئا. جن ۾ حافظ قربان علي وگهيو ۽ ميان محمد
پيرزادو شامل آهن. سندس نالي تي ٽي وڏا مدرسا آهن.
انهن ۾ مدرسه قاسم العلوم مڏ شريف تعلقو دادو،
مدرسو قاسم العلوم ڳوٺ طيب پيرزادو تعلقو سيوهڻ ۽
مدرسو قاسم العلوم هوسڙي ضلع حيدرآباد شامل آهن.
هنن مدرسن ۾ درس نظامي جي تعليم ڏني وڃي ٿي. سندس
وفات 26 جون 1985ع مطابق 6 شوال 1405هه ۾ ٿي.
مولوي ميان احمد پيرزادو:
مولوي ميان احمد پيرزادو ولد مولوي محمد عالم
پيرزادو 25 ڊسمبر 1920ع تي ڳوٺ مڏ شريف ۾ ڄائو.
ديني تعليم ميان محمد قاسم پيرزادي وٽان حاصل
ڪيائين. عربي، فارسي، تفسير ۽ فقه جي تعليم حاصل
ڪري دستاربند ٿيو. پاڻ عالم، فاصل، معلم ۽ مدرس
هو. سندس ٻه وڏا مدرسا قاسم العلوم جوهي ۽ فيض
العلوم ڀان سيدآباد ۾ قائم آهن. هن وقت اهي مدرسا
سندس ڀاءُ حافظ ميان عبدالخالق پيرزادو سنڀالي
رهيو آهي. مولانا ميان احمد پيرزادو 22 ڊسمبر
1988ع تي وصال ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ميان
حبيب حضوري جي قبرستان ۾ آهي.
مولوي محمد حسن ڪلهوڙو:
مولوي محمد حسن ولد مولوي محمد ابراهيم ڪلهوڙو سال
1874ع تي ڳوٺ سيال تعلقي دادو ۾ ڄائو. عربي ۽
فارسي مخدوم محمد هاشم وٽ حاصل ڪري دستاربندي
ڪيائين. مولانا صاحب ديني تعليم سان گڏ حڪمت جو ڪم
به سکيو. حڪمت ۾ وڏو ڄاڻو ۽ نبض شناس هو. مولوي
محمد حسن پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي وفات بعد مدرسي
طرف متوجهه ٿيو ۽ اهو مدرسو هلائڻ لڳو. سندس مدرسي
مان ڪيترائي طالب علم فيض حاصل ڪري، پنهنجن ڳوٺن ۾
وڃي درس و تدريس جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا. انهن نامور
طالب علمن مان مولوي محمد عمر لاکير ميهڙ، مولوي
محمد اسماعيل شاهاڻي موندر، مولوي عبدالله بروهي
خضدار بلوچستان، مولوي عبدالستار مري ڪوئٽه، مولوي
رحيم داد گبول ڪراچي ۽ ٻيا شامل آهن.
مولوي محمد حسن فقير طبع انسان هو. پنهنجي ڪمائي
مان شاگردن کي کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. ۽
سندن علاج به مفت ڪندو هو. مولوي محمد حسن 1957ع
تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
مولانا محمد سليمان ميمڻ:
مولانا محمد سليمان ميمڻ ولد محمد صالح ميمڻ دادو
شهر کان ڏکڻ طرف 7 ڪلوميٽر پري ڳوٺ دوآٻو ۾ سال
1911ع ۾ جنم ورتو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد
انتقال ڪري ويو، ڳوٺ ڇڄڙا تعلقي قمبر ۾ سندس پرورش
ٿي ۽ اتي ابتدائي تعليم ورتائين، اتان پوءِ عربي ۽
فارسي جي تعليم جامع نور الهديٰ ٺيڙهي جي مدرسي
مان حاصل ڪئي. جتي سندس ديني تعليم مولانا حبيب
الله جي نگرانيءَ ۾ ٿي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
مدرسي مظهر العلوم کڏو ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. جتي
پاڻ مولانا محمد صادق ۽ مولانا محمد صديق جهڙن
استادن جي زير نگرانيءَ ۾ ديني تعليم مڪمل ڪئي. ان
کان پوءِ مولانا صاحب هندستان جي درسگاهه
دارالعلوم ديوبند ۾ داخلا ورتي، جتي مولانا محمد
سليمان ندوي، مولانا مفتي محمد شفيع، مولانا اعزاز
علي وٽ مختلف موضوعن جي تعليم پرائي. ان کان پوءِ
مولانا محمد سليمان درسگاهه نعمانيه امرت سر ۾
داخل ٿيو. اتان فارغ تحصيل ٿي واپس ڳوٺ آيو ۽ ڇڄڙن
جي ڳوٺ ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. اتان
پوءِ مدرسه نورالهديٰ ٺيڙهي ۾ استاد مقرر ٿيو. اتي
چار سال عربي، فارسي، فقيه، تفسير ۽ ٻين علومن جي
تعليم ڏني. اتان پوءِ مدرسه مظهر العلوم ۾ استاد
مقرر ٿيو. ڪجھه سالن کان پوءِ دادو موٽي آيو ۽
جيوڻ شاهه مسجد ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد
سليمان ميمڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ طالب
الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ پڻ استاد جي حيثيت سان
خدمتون سرانجام ڏنيون. مولانا صاحب عربي، فارسي ۽
سنڌي ۾ به شاعري ڪئي آهي. پاڻ شاعري ۾ پنهنجو تخلص
صدائي استعمال ڪندو هو. پاڻ وڏو مقرر هو ۽ دليلن
سان مسئلا سمجهائيندو هو. مولانا صاحب کي استاد
محمد صالح ميمڻ، غلام مصطفيٰ ميمڻ، علي اڪبر ميمڻ
۽ محمد خالد ميمڻ نالي 4 فرزند آهن، جيڪي تعليم
کاتي ۾ اعليٰ عهدن تي آهن.
مولانا محمد سليمان ميمڻ 1984ع ۾ وفات ڪري ويو.
کيس جامع مسجد جيوڻ شاهه جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
|