سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 11

مخدوم حسن الله پاٽائي صديقي:

مخدوم حسن الله پاٽائي ولد وهب الله صديقي پاٽائي 1850ع تي ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي مخدوم حاجي فضل الله وٽ تعليمورتي. جيڪو پنهنجي دؤر جو عارف باالله هو. مخدوم صاحب آخري ڪتاب حضرت مولانا نورمحمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد صاحب شهداد ڪوٽيءَ وٽ ختم ڪيا. سندس هم درس علمائن مان مولوي محمد حسن حيدرآبادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسيني، مولوي عطاءَالله فيروزشاهي ۽ ٻيا ڪيترائي علماءُ شامل هئا.

مخدوم حاجي حسن الله سموري زندگي درس و تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ گذاري. هو هڪ وڏو عالم ۽ متڪلم، مناظر ۽ محقق فقيه هو. گهڻو ڪري پنهنجي خانداني عالمن جي فتويٰ ۽ راءِ تي هلندو هو. بياض واحدي سندس ڏاڏي مخدوم عبدالواحد جو لکيل آهي. هيٺين نامور علمائن وٽانئس فيض حاصل ڪيو ۽ فارغ تحصيل ٿيا.

1.      مولوي محمد صديق سيتائي

2.     مولوي خيرمحمد جوڻيجو پاٽائي

3.     مولوي مخدوم بصرالدين صاحب سيوستاني

4.     مخدوم معين الدين سيوستاني

5.     مولانا غلام عمر صاحب جتوئي

6.     مولوي سيد شهاب الدين هالاڻي

7.     مخدوم محمد دائود درٻيلائي

8.     پيرزادو غلام محمد متعلوي

اهي سمورا ماڻهو وقت جا وڏا مشهور عالم ۽ فاضل هئا. انهن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ماڻهن کانئن فيض پرايو. ساداتن، اهلِ بيت صحابين سڳورن ۽ پنهنجن استادن جو تمام گهڻو ادب رکندو هو ۽ آخرت کي ياد ڪري روئيندو هو. اهڙن پاڪ گُڻن وارو بزرگ سيوهاڻي ۽ پاٽائي خاندان جو پويون حنفي فقيا 21 جمادي الاول 1339هجري مطابق 1920ع ۾ هن دنيا فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو.

مولانا حافظ محمد شفيع صديقي پاٽائي:

مولوي قاضي حافظ محمد شفيع صديقي ولد احمدي صديقي دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ سن 1835ع ۾ ڄائو. سندن والد قاضي احمد ميرن طرفان پاٽ جو قاضي مقرر ٿيل هو. کيس ميرن وٽان ڪجهه جاگير مليل هئي ۽ پڻ مخدوم عبدالواحد صديقي مفتي سيوستانيءَ کي دهلي جي مغلن طرفان جاگير مليل هئي. حافظ محمد شفيع ابتدائي تعليم مخدوم مولوي حاجي فضل الله سيوستاني، جيڪو پوءِ لڏي اچي پاٽ ۾ ويٺو، ان وٽان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڦلجي ۾ ڪن وڏن عالمن وٽان وڌيڪ علم حاصل ڪيائين. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ جي پڳ ٻڌي، پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ آيو ۽ سورهن ورهين جي عمر يعني هڪ سال اندر پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏيندي، قرآن شريف ياد ڪري ورتائين. سڄو پڙهيل علم برزبان ياد هوندو هئس. ايتريقدر جو تفسير، حديث ۽ فقه وغيره جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا صفحي سميت به ياد ڪري ويندو هو. سندن لکيل ڪتابن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سنسڪرت زبان مان چڱي طرح واقف هو.(1) باطني فيض وٺڻ لاءِ پاڻ کنياري شريف (ضلعو نوابشاهه) جي نقشبندي خاندان جي ميان محمد يوسف کان ڪجهه فيض حاصل ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي شهر ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيائين. جو سندن وفات کان پوءِ بند ٿي ويو. ان ۾ سٺ ستر طالب العلم سندن ئي خرچ تي پڙهندا هئا ۽ اهو خرچ پنهنجي زمين جي برڪت ڪري پورو ٿي ويندو هو. سندن وفات 63 ورهين جي ڄمار ۾ 1898ع ۾ ٿي.

علامھ محمود صديقي پاٽائي:

مرحوم محمود صاحب جن جي ولادت ۽ خانداني بزرگي بابت روايتون آهن ته مغل بادشاهن طرفان پاٽ ۽ سيوهڻ جا عالم قاضي ڪري سنڌ ۾ رکيا هئا. فضل الله ۽ حاجي حسن الله سيوهڻ مان لڏي اچي پاٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. حاجي فضل الله عارف بالله ۽ يگانه روزگار عالم هو. سندس صاحبزادو نظام الدين به درويش ۽ عالم هو. انهن جو سلسله نسب حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي سان ملي ٿو. پاڻ عربيءَ ۽ فارسيءَ جو اديب به هو. عربي ۾ عام مسئلن تي هڪ ڪتاب به لکيو اٿن. ان جي لکڻ ۾ سخت انهماڪ سان محنت ڪئي اٿس. فرمائيندو هو ته اهو ڪتاب لکڻ ۾ محو ٿي ويندو هوس. آخر انهي غيرمعمولي مشقت جي ڪري رت وهي ڇڙيو ۽ مشڪل سان ان مان جانبر ٿيس. انهي ڪتاب جا ورق محبوب جي زلفن وانگر پريشان پيا آهن. وري نٿي همت جي انهن کي ترتيب ڏيان، مولانا صاحب پنجاهه ورهين جي عمر ۾ آچر ڏينهن 29 جمادي الآخر 1351هه جي سج لهڻ وقت وفات ڪئي.

شيخ رڪن الدين پاٽائي:

شيخ مخدوم رڪن الدين ولد شيخ معروف (خليفو مخدوم بلاول سهرورديه ڪبرويه طريقو ۽ بلاولي تحريڪ) 875هه 1970ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سال 952هه/1545ع ۾ رحلت فرمائي. پاٽ جي قديم روايتن ۾ مخدوم بلاول جي آمد ۽ جامع مسجد ۾ واعظ ڪرڻ جو احوال اچي ٿو. جنهن مان اهو دليل ڏنو ٿووڃي، ته شيخ رڪن الدين پاٽائيءَ جي دعوت تي مخدوم صاحب آيو هو يا سن 1501ع ۾ شيخ معروف جي وفات تي فاتح ۽ شيخ رڪن الدين جي دستاربنديءَ لاءِ آيل هوندو. مخدوم شيخ رڪن الدين جي حياتيءَ جو عرصو سمن جو اختمامي دور ۾ ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون جي حڪومت تي مشتمل آهي. ان عرصي دوران هن ٺٽي ۾ درس تدريس جي پيشي ۾ پنهنجي ڄمار صرف ڪئي ۽ مڪلي ٽڪري تي مدفون ٿيو.

شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي:

شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثاني جو همعصر شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ولد شيخ قاسم سنڌي پاٽائي برهانپوري لقب مسيح الاولياء 962هه/1555ع تي جنم ورتو ۽ 1031هه تي رحلت فرمائي، شيخ عيسيٰ لاءِ ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته هن پاٽ ۾ جنم ورتو. جڏهن ته ٻين مؤرخن جو چوڻ آهي ته هن ايرج پور ۾ جنم ورتو. شيخ عيسيٰ علم جي حصول لاءِ تمام گهڻو سفر ڪيو. پنهنجي مرشد لشڪر محمد عارف کان خرقو ڍڪي برهانپور ۾ رهيو ۽ وٽانئن ڪيترن ظاهري ۽ باطني علمن جو فيض حاصل ڪيو. ماڻهو کيس مسيح الاولياء، مسيح الزمان، مسيح القاب ۽ حبيب الله جي خطابن سان ياد ڪندا آهن. شيخ عيسيٰ جي معتقدن مان هڪ شيخ ابوالخيربن مبارڪ به هو. جيڪو ابوالفضل ۽ فيضي جو ننڍو ڀاءُ عالم ۽ صوفي هو. شيخ عيسيٰ جي مشهور خليفن مان شاهه ميران شيخ عبدالقدوس، شاهه نعمت الله سيد مير ڪلان، خواجه علي مسيحي، شيخ صدر جهان، شيخ اسماعيل ۽ شيخ حافظ صالح شطاري قابلِ ذڪر آهن. کيس ٽي پٽ هئا: شيخ عبدالستار، شيخ شهرالله رمضان ۽ شيخ فتح محمد انهن مان شيخ شهرالله رمضان سنڌ موٽي پاٽ کي وسايو ۽ صديقي خاندان آباد ڪيو.

شيخ شهر الله رمضان:

شيخ شهرالله رمضان ولد مسيح الله شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي سال 976هه/1568ع ۾ تولد ٿيو ۽ 1017هه/1608ع ۾ رحلت ڪئي. تحقيق مطابق سندن والد جو ننڍپڻ ۽ جواني پاٽ ۾ گذريا. جنهن کان پوءِ شيخ شهر الله پاٽ ۾ سندس جانشين مقرر ٿيو. سندس نالو اُنڪري شهرالله رمضان رکيو ويو جو سندس والد شيخ عيسيٰ جندالله کي پاٽ ۾ وڏي گهر واريءَ مان هيءُ فرزند ماهه رمضان ۾ پيدا ٿيو هو.

مخدوم محمد حسن قاري:

مخدوممحمد حسن قاري پاٽائي ولد شيخ شهرالله رمضان سال 990هه/1582ع ۾ تولد ٿيو ۽ 1082هه/1671ع ۾ وفات ڪئي. شيخ شهر الله رمضان برهانپور مان اچي ٻيهر پاٽ وسائي، جتي ٻئي اولاد کان علاوه کيس 1582ع ڌاري مخدوم محمد حسن قاري پيدا ٿيو.

شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي:

شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي ولد مخدوم محمد حسن قاري پاٽائي 1044هه/1595ع ۾ پاٽ ۾ تولد ٿيو. 1070هه/1659ع ۾ رحلت ڪئي. پاڻ پنهنجي وقت جو عالم ۽ معلم هو. حديث فقھ تفسير تي خاص عبور هوس. پنهنجي وڏن جي سَنَدَ قائم رکيائين ۽ سندن علمي روايت جو وارث بڻيو.

شيخ معروف پاٽائي:

شيخ معروف هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ هو. شيخ طاهر بن يوسف پاٽائيءَ جو سڳو سؤٽ هو. ان بزرگ جي ڀيڻ شيخ طاهر جي ننڍي ڀاءُ قاسم جي نڪاح ۾ هئي، جنهن مان مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري تولد ٿيو هو. سندس نسب هن ريت آهي: معروف بن شيخ عيسيٰ ڪبير پاٽائي بن رڪن الدين بن شهاب الدين سهروردي.

مخدوم عباس پاٽائي:

مخدوم عباس پاٽائي پاٽ شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جلال صديقي پاٽائي هو. تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪيائين ۽ پوءِ 947هه1540ع ۾ پاٽ لڏي هڱورجن ۾ مقيم ٿيو، تاريخ جي ڪتابن ۾ عباس هڱورجو سان به سڏيو ويو آهي. هزارين شاگرد پيدا ڪيائين جن وٽانئس فيض حاصل ڪري علميت جون سَنَدَون حاصل ڪيون ۽ عالم بنيا. جن مان حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سنڌي قابلِ ذڪر آهن. پاڻ تفسير حديث فقھ ۽ ٻين ديني علمن ۾ ماهر هو.(1) 96 سالن جي ڄمار ۾ 14 شعبان 998هه/ 8 جون 1590ع ۾ رحلت ڪئي.

مخدوم دين محمد پاٽائي:

مخدوم دين محمد ولد مفتي عبدالواحد ڪبير، پاٽ شهر ۾ 1113هه ۾ ڄائو. اڳتي هلي لڏي وڃي سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي شادي به ڪيائين. وڏو عالم، بزرگ ۽ فقيھ هو، جنهنڪري سيوهڻ شهر جو قاضِ ۽ مفتي ٿيو، سندس ٻه فرزند عبدالواحد صديقي ۽ محمد حسن صديقي پنهنجي دور جا وڏا عالم شخص هئا. مخدوم صاحب جا ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح سان دوستاڻا لاڳاپا هئا. هن بزرگ 1192هه ۾ وفات ڪئي.

مخدوم فضل الله پاٽائي:

مخدوم فضل الله پاٽائي، سيوهڻ جي صديقي خاندان مان هڪ وڏو عالم ۽ اهلِ دل بزرگ ٿي گذريو آهي. سيوهڻ کان لڏي پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ ۽ تدريس جي عمل ۾ مشغول ٿيو. پاٽ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ سبب پاٽائي مشهور ٿيو. ابتدائي تعليم مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ۽ عبدالواحد سيوهاڻي کان سيوهڻ ۾ حاصل ڪيائين. طريقت ۽ خلافت جو خرقو مخدوم محمد يوسف کنيارويءَ کان حاصل ڪيائين. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو وڏو خليفو هو.

مخدوم فضل الله هڪ وڏو عالم ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. سندس مختلف تحريرن جا مسودا سنڌ جي مختلف قديم ڪتبخانن ۾ موجود آهن. مخدوم فضل الله جي تصنيفن مان ”اصلاح المصلح“ (فارسي) گهڻي شهرت ماڻي. ان جو ترجمو مخدوم محمد نور لاڙائي ڪيو. هن وڏي فقيهه ۽ محدث 1290هه/1873ع ۾ وفات ڪئي.

مولانا محمد حسن قريشي:

مولانا محمد حسن قريشي ولد حاجي محمد قريشي ڳوٺ ڪنڊي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو، ديني تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ سندس والد شهدادڪوٽ ۾ مولانا نورمحمد ميڪڻ جي مدرسي ۾ کيس داخل ڪرايو. مولانا محمد حسن ديني علم جي تحصيل ڪري پوءِ روحاني تعليم به پنهنجي استاد وٽ وٺڻ لڳو. آخر ظاهري ۽ باطني علم حاصل ڪري استاد جي اجازت سان اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين. ٿوري وقت بعد ڳوٺ بقاپور تعلقي لاڙڪاڻي جي معزز زميندار ميان نورمحمد شاهه پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي کيس دعوت ڏيئي اچي مدرس مقرر ڪيو، مولانا محمد حسن قريشيءَ جي رفتي رفتي سڄيءَ سنڌ ۾ ناموس ٿي وئي. انڪري مولانا خواجه عبدالرحمٰن سرهندي ۽ قاضي فيض محمد ساڪن ٽپٽا تعلقو سيوهڻ جيڪو حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، انهن ٻنهي صاحبن جو زور ڀرڻ تي حيدرآباد ۾ مائي خيري واري مسجد ۾ ديني مدرسو قائم ڪيائين. جتي درس و تدريس جو ڪم جاري رکيائين. سوين ماڻهو سندن علم جي درياءُ مان سيراب ٿيا. انهن مان مولانا غلام محمد ملڪاڻي، مولانا محمد صادق ٿرڙي محبت وارو، مولوي خليفو عبداللطيف هالائي، مولوي ميان شاهه محمد مجاور هالائي، مولوي عبداللطيف حيدرآبادي ۽ مولانا حسن الله پاٽائي شامل آهن. مولانا محمد حسن قريشي جي ولادت جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. البته وفات وقت سندن عمر 60 سال هئي. سندن وفات 1309هه ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان سندن پيدائش 1249هه بيهي ٿِي.

قاضي احمدي (ڪبير) پاٽائي:

قاضي احمدي ڪبير بن قاضي محمد سعيد بن قاضي مسعود بن مفتي محمود، پاٽ شريف ۾ منصب قضاتي مامور هو. پاڻ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قاضي مقرر ٿيل هو. سندس ولادت جو سال معلوم ناهي البته سندس رحلت جو سال ڪتابن ۾ 1842ع ۾ آيل آهي. سندس ٻه فرزند قاضي حاجي علي گوهر 1823هه/1897ع ۾ مخدوم حافظ محمد شفيع 1826هه/1898ع پڻ کانئس پوءِ قضا جي منصب تي مقرر ٿيا.

قاضي احمدي (ڪبير) جي فرزند قاضي حاجي علي گوهر کي جيڪو فرزند ڄائو، ان تي به قاضي احمدي نالو رکيو ويو جيڪو قاضي احمدي ثاني چيو وڃي ٿو، جو پڻ قضا جي عهدي تي فائز آنرري مئجسٽريٽ پاٽ رهيو، قاضي احمدي (ثاني) جو جنم 1854ع ۽ 1923ع آهي.

اهڙي ريت پاٽ جون ٻئي شخصيتون قاضي احمدي ڪبير ۽ قاضي احمدي ثاني پنهنجي دور جو معتبر ۽ مقتدر هستيون ٿي گذريون آهن.

قاضي احمدي ثاني کي ٽي فرزند: قاضي احمد امين قاضي نصرالله ۽ قاضي عبدالقادر پيدا ٿيا. قاضي احمدي جهڙي معتبر نانءَ کي زندهه رکندي موجوده وقت هڪ تاريخي اسڪول قاضي احمدي ماڊل اسڪول پاٽ موجود آهي، جنهن مان ڪيترائي تعليم سان فيضياب ٿي رهيا آهن.

آخوند مولانا ڇُٽو ڀَٽي سيتائي:

سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد انگريز دور حڪومت کان اڳي جو پيل هو، پر آخوند مولانا ڇُٽي ڀَٽيءَ ان مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري، ان کي باقاعده ۽ باضابطه بڻايو هو، آخوند ڇُٽي جو جنم سندس خانداني روايت 1247هه بمطابق 1831ع چيو وڃي ٿو. آخوند مولانا ڇُٽي ڀَٽيءَ جي والد بزرگوار جو نالو آخوند گاهي هو. ديني تعليم ۽ عربي فارسي زبان سان وابستگي کيس خانداني ورثي طور ملي هئي. هو ڪيترا سال درس و تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ هن پٺتي پيل خطي ۾ ڪيترن شاگردن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ۽ پنهنجي وقت جا بهترين معلم، مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا.

کيس پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ بالترتيب عبدالرحمان، الهه بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرو ٿي آخوند جي لقب سان نمايان ۽ نروار ٿيا. جن جا نالا آهن: آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند الله بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند محمد دائود ڀٽي، اهي چارئي افراد پنهنجي دور جا عالم، فاضل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نه رڳو ديني علوم ۾ يڪتائي روزگار هئا، بلڪ بهترين خوشنويس ۽ خطاط هئا.

انهن جي تبرڪات ۾ ڇڏيل ڪجهه قلمي نسخا مليا آهن، جيڪي سندن بهترين خوشنويسي ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن، سندن ڳپل قيمتي ڪتاب ۽ ڇڏيل علمي آثار گردش زمانه جي رخ چڙهي ويا. انڪري هن علمي درسگاهه جو هڪ پورو عهد آخوند محمد دائود ڀٽيءَ کان پوءِ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، سندس وفات 1973ع ۾ ٿي.

آخوند مولانا ڇُٽي ڀَٽي جون ڪيل ديني ۽ علمي خدمتون ۽ سندس اولاد طرفان هڪ صدي جي عهد تائين سندس جلايل جوت کي قائم رکڻ واريون ڪوششون تاريخ ۾ يادگار رهنديون.

آخوند عبدالرحمان ڀَٽي سيتائي:

آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇُٽو ڀَٽي سال 1272هه/1855ع تي سيتا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پنهنجي والد بزرگوار کان علم جي تحصيل ڪيائين. اسلامي علوم ۾ ماهر بڻيو ۽ عربي فارسيءَ تي عبور حاصل ڪيائين. فقه، حديث ۽ تفسير ۾ ڳچ شاگرد پيدا ڪيائين، پاڻ سٺو خوش نويس ۽ خطاط هو، سندس ڇڏيل تبرڪات مان هڪ ڪتابچو سندس هٿ اکرن سان لکيل مليو آهي، جنهن ۾ هن ”محمود نامه“ کي پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي. هيءُ ننڍڙو فارسي قلمي نسخو سڄو ڪاري مس سان لکيو اٿس. جڏهن ته مشڪل فارسي لفظن جي معنيٰ به فارسيءَ ۾ لکي اٿس، جنهن لاءِ ڳاڙهي مس استعمال ڪئي اٿس. ان ڪتابچي جو پهريون پنو يعنيٰ پهريون غزل گردش زمانه سبب گم ٿيل آهي، باقي سمورا غزل صحيح سلامت آهن، آخر ۾ هيٺان الفاظ لکي اهو ڪتابچو پورو ڪيو اٿائين:

”تمام شدازدست پرتقصير مسکين عبدالرحمان

الاهي هر آنکس کـﮣ آنخط نوشت گناهش کني عفو، بخشي بهشت“.

ان کان پوءِ هيءُ شعر لکيو اٿائين:

”مرنويسنده را خداي عليم برهانيش ازعذاب اليم“.

آخوند خاندان جو هيءُ عظيم فرزند ڇاونجاهه سالن جي ڄمار ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت ڪري ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ آخوند مولانا الله بخش ڀٽي مڪتب هلايو.


(1) مولانا صاحب نه رڳو عالم هو پر هو سخنور شاعر به هو . هن ”قصيده برده شريف“ جو منظوم سنڌي ترجمو به ڪيو،  جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. (ايڊيٽر)

(1) مير معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ ۾ هن عالم بابت لکيو آهي ته، ”مخدوم عباس پاٽائي تفسير، حديث، فقھ ۽ ٻين علمن ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو، هرهڪ مسئلي تي تمام سهڻي نموني تحقيق ٿيل هئس، زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نه هو، رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو، حديث بيان ڪندي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئس.“ وڌيڪ ڏسو ”انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ جلد-3 ص 25، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org