سيڪشن:تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو:1

دادو ضلعو- هڪ اڀياس

(علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تذڪرو)

محمد عرس ”اظهر“ سولنگي

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان ئي اها ڪوشش رهي آهي ته وڌ کان وڌ سٺا ۽ معياري ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪيا وڃن، ته جيئن بورڊ پنهنجي اصلي مقصد ۽ منزل ڏانهن وِکون وڌائيندو هلي. قبله سائين مخدوم
جميل الزمان صاحب جن جي بورڊ جي چيئرمن شپ سنڀالڻ کان پوءِ بورڊ انهيءَ رٿا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تجويز آيل هئي ته سنڌ جي تاريخ تي نئين سر ڪم ٿئي، پر اُن ڪم جي شروعات تعلقي پوءِ ضلعي کان ڪجي. تجويز بهتر هئي، پر اُن تي ڪير ڪم ڪري. فيصلو ٿيو ته سڄيءَ سنڌ مان اهڙن فيلڊ ورڪرن جي لسٽ ٺاهجي، جيڪي پنهنجن پنهنجن تعلقن ۽ ضلعن مان ڊيٽا گڏ ڪري اسان کي ڏياري موڪلين ۽ پوءِ اها ڊيٽا ماهر اسڪالرن جي ڪميٽيءَ جي آڏو رکجي، جنهن تي ماهر اسڪالر ڪم ڪن. محترم محمد عرس ’اظهر‘ سولنگيءَ جو ڪتاب هن سلسلي جي پهرئين ڪڙي آهي. هن کان پوءِ انشاءالله ٻين تعلقن ۽ ضلعن تي انهيءَ نوعيت جا تذڪرا ڇاپي پڌرا ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.

هن ڪتاب ۾ محمد عرس ’اظهر‘ سولنگي تعلقي دادو سان نسبت رکندڙ تاريخي ماڳن، مڪانن، شهرن، ڍنڍن، تلائن، شاخن، مندرن، مساڻن، ادارن ۽ شخصيتن سميت تعلقي جي تاريخ ۽ جاگرافي تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪتاب جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ ۾ نوجوان محقق ۽ استاد ميان دين محمد ڪلهوڙي مفيد حاشين سميت واڌارا سڌارا ڪيا ۽ مقدمو پڻ لکيو. هن صاحب به هِن ڪتاب کي سهڻو ڪري پيش ڪرڻ ۾ اصل ليکڪ وانگر ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ادارو ڪتاب جي اصل ليکڪ ۽ ايڊيٽر ٻنهي جو ٿورائتو آهي ۽ انهن جي محنت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسان هيءُ ڪتاب ڇاپي لائق پڙهندڙن کان پڻ راءِ وٺڻ چاهيون ٿا ته جيئن اهڙي نوعيت جي ايندڙ ڪتابن ۾ انهن مشورن جي روشنيءَ ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪري سگهون.

ڄام شورو، سنڌ                        الهڏتو  وگهيو

5 محرم الحرام 1434هه                سيڪريٽري

اڱارو 20- نومبر 2012ع

مقدمو

 

عظيم سنڌ: انساني تهذيبن جو هندورو

عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌو تهذيب جا فرزند:

شروع ڪجي ٿو؛ انهن ٻن مقدم ۽ مقدس هستين جي نالن سان؛ جن جي سنجوڳ کان سواءِ، اسان جو وجود ناممڪن هو/آهي:

عظيم سنڌ اسان جي امڙ، مهان سنڌو اسان جو پيءُ!

عظيم سنڌ امڙ جي گود ۾ مون سميت هزارين، لکين بلڪ ڪروڙين فرزند پلجي وڏا ٿي، مَري وري به اُن ئي مهان ۽ شفيق هستيءَ جي هنج ۾ بي اُلڪا ٿي ابدي ننڊ سُمهي رهن ٿا. سنڌ امڙ اسان جي جيئري به پالنا ڪري ٿي، ته مُئي به وساري ڪين ۽ پنهنجي مقدس وجود ۾ اسان کي جذب ڪري ٿي. اِها مهانتا صرف اهڙي ئي هستيءَ کي سونهين ٿي. ساڳئي وقت مَهان سنڌو جَل ٿل بڻجي، اسان جي لاءِ طرح طرح جا ميوا، اناج، ڀاڄيون ۽ ٻيون بيشمار نعمتون تيار ڪري، اسان کي زندهه رکڻ جا نِت نوان جتن ۽ اسباب  مُهيا ڪري ڏيئي ٿو، ۽ اسان اُن جي نعمتن مان هر وقت سيرابجندا رهون ٿا. اسان سڀئي گڏ ٿي، اِنهن ٻنهي مَهان هستين جا ڳُڻ  ڳائي حق ادا ڪري نه سگهنداسون. اسان کي ايڏا يا ايترا موزون لفظ ئي نه ملندا، جي هنن ٻنهي مقدم، مقدس ۽ عظيم هستين جي شان ۾ گڏ ڪري ڪو قصيدو ٺاهي سگهون.

عظيم سنڌ ۽ ان جو اسين اولاد، مهان سنڌوءَ جي مرهونِ منت آهيون. مهان سنڌو جيڪڏهن موج مستيءَ ۾ اچي ته اسان جي عظيم سنڌ امڙ ۽ ان جو اسان اولاد به خوش آهيون.  اسان عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جا وارث ۽ انهن جا تحفظ ڪندڙ پُٽ آهيون. پاڪ هستي سنڌ ۽ مهان سنڌو جيترا اسان کي مٺا، اوترا ئي سندن شهر، ڳوٺ، واهڻ، وسنديون، ٿر، بر، جهنگ، جبل، اُتر، ڪاڇو، لاڙ، ڪوهستان وغيره مِٺا ۽ محبوب آهن. انهن سڀني تي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ بحث ڪرڻ تي، دل ور ور تيار ٿئي ٿي ۽ خوشيءَ مان ڍاپي نه ٿي.

مهان سنڌو تهذيب (سنڌوسڀيتا):

دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهو هزارين نه پر لکين ۽ ڪروڙين سالن کان هن ڌرتيءَ جا رکوال رهيا آهن. هنن ئي ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“ (Indus Civilization)  جو بنياد رکيو. سندن تهذيب و تمدن عالمگير اثر رکندڙ هئي. هنن ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“ کان اڳ وارا سڀئي دور ڏٺا، جهنگ ۽ غارن ۾ رهڻ وارو دور، پٿر جو اوائلي ۽ پوءِ وارو دور، ڪِنجهيءَ جو دور لوهي دور وغيره به ڏٺو. ڪِنجهي واري دور ۾ هي ماڻهو تهذيب يافته (Civilized) بڻيا ۽ نوان نوان شهر آباد ڪيائون، جو پوءِ اڳتي هلي سنڌو سلطنت (Indus Empire) جا بنياد رکيائون، وڻج واپار ڪرڻ ۾ به اڳڀرا ٿيا ۽ ٻيڙن وسيلي دنيا جي ٻين آبادين سان به لهه وچڙ ۾ آيا ۽ دنيا وارن تي پنهنجو تهذيبي اثر ۽ ڌاڪو به ويهاريائون.

سنڌو تهذيب جي ماهرن (جن ۾ اڪثريت ٻاهرين اسڪالرن جي آهي) جو رايو آهي، ته پهريان تهذيب يافته ماڻهو سنڌ جا آهن، جن ٻاهر وڃي ٻين نين تهذيبن کي جنم ڏنو. عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جا ماڻهو 4700 ق.م ڌاري موجوده بلوچستان جي رستي سان ايران، عراق ۽ مصر کان ٿيندا يروشلم (فلسطين) پهتا، جتان پوءِ هو ڪريٽ (Crete) جي ٻيٽن تي پهتا، وري اتان هو يونان ۽ پوءِ اوڀر يورپ کان اولهه يورپ سميت سڄي يورپ ۾ ڦهليا ۽ اتي وڃي نوان ملڪ آباد ڪيائون. سنڌ ۾ اهو برفاني دور هو، عظيم سنڌ ۾ ان کان اڳ به ڪي ئي برفاني دور ٿيا ۽ مها ٻوڏون آيون. ٻِي مها ٻوڏ 5000 ق.م ڌاري آئِي ۽ هتان جي ماڻهن وري ٻين خِطن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي. عظيم سنڌ ۾ چئن برفاني دورن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ موهن جي شهر جو وجود پيو. موهن کي آباد ڪرڻ وارا اوائلي سنڌي دراوڙ لوڪ هئا.

اِهي ڳالهيون ٻين پرڏيهي اسڪالرن ۽ عالمن سميت آمريڪا جي جڳ مشهور خاتون محقق اوميل (Aoumiel) به پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. هڪ ٻِي آمريڪي خاتون محقق ’ائن مورا‘ پنهنجي ڪتاب ‘Book of Shadows’ ۾ عظيم سنڌ جي قدامت جي وڏي ساراهه ڪئي آهي. هُن ته ائين به لکيو آهي ته انسانذات جي شروعات سنڌ کان ٿي آهي ۽ مغربي ثقافت به عظيم سنڌو ماٿريءَ جي مرهون منت رهي آهي. هن جي تحقيق مطابق: اولهه روم جي ايٽروسڪان (Etruscan) ثقافت دراوڙي ثقافت هئي. هي ماڻهو، سنڌوسڀيتا جي خاتمي کان پوءِ ليڊيا (ترڪي) ۾ پهتا، اتان وري روم جي ايٽروسڪان ۾ رسيا. هنن ماڻهن جي اُتي رهائش وارو زمانو محقق ’ائن مورا‘ 1200 ق.م کان 200 ق.م تائين ڏيکاريو آهي.’اوميل‘ ته پنهنجي تحرير ۾ واضح طور لکيو آهي ته:

”سميري پنهنجي واهپي جو سمورو سامان سنڌ مان گهرائيندا هئا، پر سميريا جو ڪوبه وکر سنڌ ڏانهن نه ويندو هو. اهو سنڌ جو ڪلاسيڪي بيٺڪي انتظام هو ۽ سنڌ ۾ مختلف قسمن جو سامان ٺاهڻ جي هڪ وڏي تاريخ موجود هئي. سميريا جا ڪيترائي حڪمران سنڌي الاصل ۽ سنڌي النسل هئا. جهڙوڪ: سارگان-I ۽ II (اصل نالو سري گياني- I ۽ II محترم يا ڏاهو).“

ان ريت اسان اهو چئي سگهون ٿا ته عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جا فرزند، پنهنجي دور ۾ پنهنجي سيهوڳي سڀيتائن (Contemprary Civilization) ۾ سڀ کان چست، ترقي يافته، امن ۽ اهنساء پسند ماڻهو هئا. ماهر ارضيات موجب: مهان سنڌوءَ جو جنم 70 ملين سال اڳ واري دور جي وچئين عرصي ۾ ٿيو ۽ عظيم سنڌ جو جنم، ان وقت ٿيو جڏهن هماليه جبل ٺهيو ۽ هماليه ٺهڻ جو عرصو 2 کان 7 ملين سال اڳ پلائيوسين عهد (Pliocene epoch) ٻڌايو وڃي ٿو.

سنڌ تي اهو نالو ڪيئن پيو:

سنڌ جي اِن نالي پوڻ تي ٻه روايتون ملن ٿيون:

(1)                               سنڌ کي اهو نالو مهان ’سنڌو‘ تان پيو. سنسڪرت ۾ ’سنڌو‘ کي سمنڊ يا وڏ درياء سڏين.

(2)                             ’سنڌو‘، حام بن نوح عليھ السلام جي اولاد مان هڪ فرد ٿي گذريو، جنهن تان هيءُ ملڪ ’سنڌ‘ سڏيو.

سنڌي ۽ سنسڪرت ٻولين جي ماهر ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ لفظ ’سنڌو‘ جو ڌاتو (بنياد) ’سيند‘(Syand) ڪڍيو آهي. سنسڪرتي لفظ ’سيند‘ جي معنيٰ آهي- ’وهڻ‘. انهيءَ بنياد مطابق ’سنڌو‘ جي معنيٰ ٿي- ”اها ندي جا سدائين پئي وهي.“ ڪاڪي ڀيرومل اِها معنيٰ امپيريل گزيٽيئر، بينفي صاحب واري سنسڪرتي لغت، پروفيسر آپٽي واري سنسڪرتي لغت ۽ ٻين ڪتابن تان ورتي آهي. پروفيسر مئڪس ملر جي راءِ موجب، ان لفظ جو ڌاتو ”سِڌ“ آهي. ”سڌ“، جي معنيٰ آهي- ”بچاءُ ڪرڻ“. مئڪس ملر جي خيال مطابق: سنڌو جن هنڌان وهي ٿو، تن هنڌن جي رهاڪن جو ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي/وحشي جانورن جي حملن کان، بچاءُ ڪري ٿو.

منهنجي نظر ۾ اهي ٻئي ڌاتو (بنياد) ڪمزور آهن. پيش ڪيل ٻئي ڌاتو- سيند/سڌ لفظ ’سنڌو‘ يا ’سنڌ‘ جي مڪمل طرح صحيح معنيٰ جو تعين نٿا ڪن. جيڪڏهن انهن مان ’سيند‘ تي جزوي طرح اِڪتفا ڪريون، ته وري به ان مان هيءُ سوال اُڀري ٿو ته ڇا ڪي بيٺل نديون، سمنڊ به ٿيندا آهن؟ ندي، واهه، درياء ۽ سمنڊ وغيره جو مطلب آهي ئي وهندڙ، ته پوءِ سنسڪرت ۾ سمورن دريائن، ندين ۽ سمنڊن کي ’سنڌو‘ ڇو نه چئون! ڪاڪي ڀيرومل مهرچند کان به هن لفظ جي ڌاتو ڪڍڻ جي سهو ٿي آهي.

منهنجي اڀياس ۽ سمجهه موجب: سنڌو/سنڌ لفظن جو بنياد، سنسڪرت جو لفظ ’ند‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي- ’طرف‘. ۽ ’س‘ اُن جي اڳياڙي (Prefix) آهي. ’ند‘ جي اڳيان ’س‘ ۽ پٺيان ’و‘ اضافي صورتن ملائڻ سان لفظ ٺهيو- ’سنڌو‘، جنهن جي معنيٰ نڪري ٿي- ’سامهون وارو درياء‘. جڏهن قديم آريا درياء ڏيئي سنڌ ۾ گهڙيا هئا، تڏهن هنن درياء جي ٻنهي ڪنارن تي آباد دراوڙي لوڪن کي ’سنڌو‘ ۽ سندن ملڪ کي ’سنڌ‘ سڏيو. ڇاڪاڻ ته درواڙن جو هيءُ ملڪ، هنن (آرين) کي سامهون واري طرف کان ٿئي نظر آيو. اهڙيءَ ريت هيءُ درياء منهنجي نظر ۾ قديم آرين جي آمد کان پوءِ ’سنڌو‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان کان اڳ هيءُ مهان درياء ڪهڙي نالي سان مشهور هو، سا ثابتي اڃا تائين نه  پئجي سگهي آهي. دنيا جو جهوني ۾ جهونو ڪتاب رگ ويد آهي، هن ۾ ”سنڌو“ ۽ ”سنڌ“ جو ذڪر هن طرح ملي ٿو:

”سنڌ، گهوڙن ۾ شاهوڪار، رٿن (گاڏين) ۾ شاهوڪار، ڪپڙي گنديءَ ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل سونن ڳهڻن ۾ شاهوڪار، کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازي هوا اُن ۾ شاهوڪار آهي.... ۽ سڀاڳي سنڌوءَ جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن.“ ]رگ ويد، منڊل-10،  سُوڪت-75[

هي ويد، آرين کان ٿورو پوءِ لکيا ويا، ان کان پوءِ سنڌ ۾ قديم ايراني آيا. هنن جي اچڻ کان پوءِ هي لفظ بگڙجي-’هندو‘/’هند‘ ٿيو. قديم ايرانين ’س‘ کي ’هه‘ ۾ بدلايو. اهڙيءَ ريت ’سنڌ‘ ۽ ’هند‘ لفظن جي معنيٰ ٿي:-’درياء جي ماٿر‘. بعد ۾ اُهي لفظ اڳتي هلي ٻه الڳ الڳ قومن ۽ خطن جي سڃاڻپ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. قديم ايرانين کان پوءِ يونانين سنڌ (هند) ماٿر ۾ رهندڙن کي ’انڊو‘ يا ’انڊوئي‘ ۽ درياء کي ’انڊوس‘ يا ’انڊس‘ سڏڻ شروع ڪيو. ’انڊو‘ يا ’انڊوئي‘ اڳتي هلي ’انڊيا‘ ۽ ’انڊوس‘/’انڊس‘ ٿيا. هن قسم جون لِساني تبديليون ڌارين قومن جي اچڻ بعد رونما ٿينديون رهيون آهن.

اسان طويل عرصي کان، انهيءَ مغالطي ۾ پڻ رهيا آهيون ته ’هندو‘ هڪ ڌرم جو نالو آهي، پر مٿئين بحث مان اِها ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿِي آهي ته ”سنڌو“ يا ”هندو“ ڪنهن ڌرم جو نالو نه بلڪه درياء جو نالو آهي. جنهن ڌرم کي ”هندو ڌرم“ چئجي ٿو، اهو اصل ۾ ”سناتن ڌرم“ آهي. رگ ويد ۾ لفظ ”ڌرم“ جي معنيٰ آهي- ”قاعدو“ يعني اهڙو جوڙيل قاعدو، جنهن جي بنياد تي هن ساري سنسار جو چرخو هلي. ”سناتن“ معنيٰ- آڳاٽو يا اوائلي. ”سناتن ڌرم“ ڪنهن جاري ڪيو يا ڪڏهن وجود ۾ آيو، تَنهن بابت به ڪنهن وٽ صحيح علم نه آهي، پر سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته هيءُ ئي ابتدائي مذهب/ڌرم آهي، جنهن جو اجراء حضرت آدم عليھ السلام جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٿيو. ”سناتن ڌرم“ ٻين لفظن ۾ ”هندو ڌرم“ ۾ رشي يا اوتار هوندا آهن جي ايشور (ربّ پاڪ) جي طرفان ڌرم جي رکيا ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيندا آهن، يا ايشور پاڻ انهن جي صورت ۾ اچي ٿو. اسلام موجب رسولؐ ۽ نبيؐ، رب پاڪ جا موڪليل ٻانها، ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا ۽ انهن انسان ذات کي صحيح راهه تي هلائڻ لاءِ الله پاڪ جا قاعدا قانون سيکاريا.” سناتن ڌرم“ ۾ سج، چنڊ، تارا، ڪَتيون، آسمان، ڌرتي وغيره ديوتائون آهن، جيڪي ايشور جي حڪم تي ساري ڪائنات کي هڪ خاص نظام تحت هلائين ٿا. اهي ايشور جي حڪمن جي پوئواري ڪن ٿا. ”سناتن ڌرم“ موجب ڪوبه ڌرم ڪنهن فرد نه ٺاهيو آهي، پر جيئن انهن کي الهام ٿيو، تيئن سنسار جو چرخو هلايائون. اسلام ۾ به اهڙي ئي تعليم ملي ٿي، سناتن ڌرم ۾ ايشور جا ڪئين صفاتي ۽ وجودي روپ آهن، جيئن ڀڳوان، رام وغيره. تيئن اسلام ۾ به الله تبارڪ و تعاليٰ جا ڪئين صفاتي نالا آهن. هن نُڪتي ۾ فرق رڳو هيءُ آهي ته اسلام ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات واحد ۽ اڪيلي آهي، جا ٻين ظاهري شڪلين ۽ شڪتين ۾ نه ٿي ملي. پر سناتن ڌرم ۾ ائين نه آهي، هر صفاتي نالو الڳ شڪتي ۽ وجودي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.

هتي اسلام مان مراد، اهو الهامي دين آهي، جيڪو حضرت آدم عليھ السلام جي ظهور پذير ٿيڻ کان پوءِ بتدريج مختلف رسولن ۽ نبين جي معرفت نافذالعمل ٿيندو رهيو. اسلام، اوائل کان جنهن خطي ۾ پرورش حاصل ڪري، بلوغت تي رسيو، اهو خطو هن خطي کان گهڻو اوجهل ۽ ڪٽيل رهيو، تنهنڪري هن خطي ۾ اُتان جا الهامي احڪام- ريتن ۽ رسمن جي صورت ۾ ٽوڙجي مروڙجي پهتا ۽ اهي بتدريج مروج ٿيندا رهيا. هر رسول ۽ نبيءَ جي دور ۾ وقت ۽ حالتن مطابق قاعدا قانون، الله تبارڪ و تعاليٰ جي حڪم ۽ منشا تي مٽبا رهيا، جن قومن ۽ قبيلن انهن حڪمن جي پوئواري ٿئي ڪئي، سي الهامي يعني راست باز سڏيا ۽ جن انهن جو انڪار ٿئي ڪيو، اهي ناراست يعني غير الهامي سڏيا ۽ انهن جون اهي ريتون رسمون ۽ طور طريقا سناتن ڌرم ۾ شامل ٿيندا رهيا ۽ پوءِ اهي پنهنجو تهذيبي ۽ ثقافتي سفر طئي ڪندي هڪ مستقل حيثيت حاصل ڪندا رهيا. ائين کڻي چئجي ته: ”سناتن ڌرم“ اوائلي اسلام جي بگڙيل صورت آهي.

عظيم سنڌ ۾ اوائلي يعني ابتدائي انسان جو وجود گِزري  (Gizri) کان وٺي کيرٿر ۾ لکين سال اڳ به نظر اچي ٿو. انهي آڳاٽي انساني وجود جا ثبوت آڳاٽن غارن وارن انسانن (Cavemen) جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. انهن انسانن جو وجود منڇر ۽ جابلو نئن (ڦاٽن) وارن علائقن ۾ پسجي ٿو. هيءَ ڳالهه وڌيڪ متوجهه ڪندڙ آهي ته دنيا ۾ عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جا پهريان هي فرزند هئا، جي شِوَ کي واحد (اڪيلو) رب ڪري مڃيندا هئا. هي  شِوَ کي سڄي سنسار جو اڪيلو پيدا ڪندڙ، سندن اڪيلو حفاظت ڪندڙ، انيڪ جهان پيدا ڪندڙ، وقت پڄاڻان کين ويڙهي (ماري) ڇڏيندڙ، دلين اندر رهندڙ ۽ ساهه جي رڳ کان به ويجهو سمجهندا هئا. شِوِ ديوتا 28000 ق.م پسوپتي (Lord of Beasts) جي مورتيءَ ۾ پسجي ٿو. سندس مٿي تي ٻه سڱ آهن ۽ جهنگلي جانور هن جي چوڌاري بيٺل آهن.

مٿين عالمن ۾ سنڌجي جڳ مشهور اسڪالر ايم.ايڇ پنهور جو رايو بنهه مختلف آهي،. هن صاحب جي راءِ موجب: سنڌ جي آڳاٽي انسان جو وجود 5 لک سال اڳ پيو. سرجان مارشل، رچرڊ برٽن، بارٽل فريئر، آسڪوپارپولا، ڪرنل پاٽينجر ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ اسڪالر، ان ڳالهه تي يڪسان متفق آهن، ته سنڌو لوڪ سنڌو ماٿريءَ ۾ آباد ٿيل  نيگرائٽ، آسٽرلائڊ، آسٽرڪ ڪولن، سنٿالن ۽ ٻين انيڪ نسلي رنگن سان گڏ (مهان) سنڌ جي عظيم تهذيب جو بنياد وجهڻ بعد، دجله- فرات واديءَ ۾ سميري تهذيب قائم ڪئي. قديم آثارن جي ماهرن- هڙپا، ڍول ويرا، موهن جي دڙي جي قديم شهري ماڳن مان لڌل ڪيراٽين جي ڳوڙهي اڀياس ۽ مشاهدي کان پوءِ، انهن کي عظيم سنڌ جي جتن/جاٽن جي کوپڙين جهڙو تصور ڪيو آهي. محقق ٽُئمبي (Toymbee) چندر گپت موريا کي موهن جي دڙي جي بادشاهن جو پونير قرار ڏنو آهي. ڪرنل جيمس ٽاڊ- سومرن کي چندرگپت موريا جو پونير ڪوٺيو آهي. مشهور چيني سياح ”هيون شانگ“ گُجر قبيلي جي ماڻهن کي جاٽ/جٽ لوڪن جهڙو قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر هينز ۽ ويسٽ فال پنهنجي ڪتاب: ‘The Jat’ ۾ لکيو آهي ته سانگي لوڪ، جيڪي مختلف قسمن جا پهرو ڌارڻ ۽ سانگ خاطر لڏپلاڻ ڪندا هئا، تن مان جيڪي لڏپلاڻ واري ڪِرتِ ڇڏي ٿانيڪا ٿيا، سي گُجر ۽ راجپوت جي نالي سان مشهور ٿيا.

سنڌو سڀيتا- سمير، مصر ۽ بابل جي تهذيبن کان گهڻي آڳاٽي آهي، جا موهن جو دڙو ۽ هڙپا جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هڙپا پنجاب ۾ آهي. هيءُ شهر، سنڌ ۾ موجود موهن جي دڙي کان پوءِ تعمير ٿيو آهي ۽ دراوڙي دور سان هنن شهرن جو تعلق آهي. سنڌو سڀيتا جون حدون هماليه کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل معلوم ٿين ٿيون.

سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو هاري سماج سان لاڳاپيل هئا، جيڪي وسيع آبپاشي نظام ذريعي پوکي راهي ڪندا هئا، جيڪو دنيا جو پهريون مثال هو. ڪڻڪ، جَوَ، مٽر، هنداڻا، گدرا وغيره اُپائيندا هئا، جانور تاتيندا هئا، ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم به ڪندا هئا، ڪپڙا به اُڻندا هئا، قديم مصري سنڌوماٿريءَ جي لوڪن جا اڻيل سوٽي ڪپڙا شوق سان پائيندا هئا. هتان جون ٺهيل ڪيتريون شيون فلسطين مان پڻ هٿ آيون آهن. انهيءَ واپار جو ذڪر پرڏيهي اسڪالرن پڻ ڪيو آهي. اهو مال سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽان ٻيڙن ذريعي ويندو هو. جڏهن 1500 ق.م ڌاري ويدڪ آرين سنڌو ماٿريءَ جي وڏن ۽ اهم شهرن تي حملا ڪيا ته انهيءَ واپار تي هاڃيڪار اثر پيا. پڪا پختا ثبوت ملن ٿا ته سنڌو سڀيتا جو مُک شهر موهن جو دڙو (شهر) 1200 ق.م تائين ميسوپوٽاميا سان واپار ڪندو رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org