هن ضلعي سان تعلق رکندڙ ڪوهستان واري پٽيءَ جو
جنم، ارضيات جي ماهرن مطابق: اڄ کان ڪي 13 ڪروڙ 60
لک سال اڳ، ڪريٽئشس زماني ۾ ٿيو. ڪوهستان جي جنم
بابت ارضيات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته: اپکنڊ، اوتر
ڏانهن مسلسل حرڪت ۽ دٻاءَ سبب، جڏهن يوريشيائي
پليٽ/کنڊ سان اچي لڳو، تڏهن اُن ڀڪوڙ سبب کيرٿر
سميت ٻيا ڪي ئي جابلو سلسلا اُڀري آيا. يوريشيائي
ڌرتي ۽ اَپکنڊ جو هيءُ ٽڪراءُ ٽريشري زماني جي وچ
واري عرصي ۾ اٽڪل ٽيهه (30) ملين سال اڳ شروع ٿيو
۽ ان ٽڪراءَ سبب، جابلو سلسلن جي ٺهڻ جي ابتدا ٿي.
اٽڪل 70 ملين سال اڳ موجوده کيرٿر وارو علائقو
ٽيٿيس
(Tethys)
(مهاساگر) هيٺ ٻڏل هو. ڏکڻ کان ڇڄي آيل اُن زمين
جي ٽڪراءَ سبب، زمين مٿي اُڀرڻ لڳي ۽ سمنڊ پوئتي
هٽندو ويو، جنهنڪري هڪ وڏو گُهنجدار خِطو ٺهي پيو،
سنڌ ۾ کيرٿر واري پٽيءَ ۾ قنبر- شهدادڪوٽ، دادو ۽
ڄام شورو- ضلعا اچن ٿا. مهاساگر
]ٽيٿيس[
570 ملين کان 65 ملين سال اڳ پيليوزوئڪ ۽ميسوزوئڪ
عرصن دوران يوريشيا جي اڪثر حصن تي وريل هو. ان
زماني ۾ سمنڊ جي تري ۾ لٽ جا ٿلها تهه ڄمڻ شروع
ٿيا، لٽ جي انهن ٿلهن تهن جو مٽيريل ٽيٿيس سمنڊ ۾
ڪروڙين سالن تائين جمع ٿيل سامونڊي مخلوقن جي هڏن
۽ کوپن مان تيار ٿيو. انهيءَ مواد مان ٽڪرين ۽
جبلن جو ٿلهو (سخت) تهدار مادو تيار ٿيو.
ڪوهستان ۾ جيوت
هن حصي تي انساني آبادي ڇڊي ملي ٿي، هتي آبادي،
برساتن، جابلو نئن ۽ باراني چشمن تي ٿئي ٿي. زمين
هتان جي سنئين سڌي نه آهي، هتي جهنگلي جانورن ۾
ڦاڙهو، هرڻ، گڊ، سرهه، جهنگلي ٻڪر، گدڙ، سوئر،
جهنگ ٻلو، صحرائي سهو، جابلو سهو، سياهه گوش،
جهنگراڙ، چراخ، لومڙ، ڳورپٽ، سيڙهه، نور، نوريئڙو،
ڄاهو، مم، ڪوئو، چمڙو وغيره،
جيتن جڻن
۽ ريڙهيون پائيندڙن ۾ تيلهر، ڪاريهر، پدم، پيئڻ،
وئينس، ارڙ، ٻه مهين، کپر، سرنگهه، گهوڙيل، تير،
لُنڊي، گلوئي، ريگ ماهي، هڻ کڻ، سانڊو، ڳوهه، سيسر
وغيره، ڪنهن زماني ۾ هتي شينهن، بگهڙ، رڇ، هاٿي
سميت ٻيا وحشي جانور به جام هئا، پر هاڻي اهي هتي
اڻلڀ آهن.
پکين ۾
باز، شِڪرو، عقاب، هِل، ڳجهه، چِٻ، چٻرو، ڪانءُ،
ڳيرو، تتر، تلور، پاريهر، هورانڊڙي، چڪور، پٽ
ڳيري، جهنگلي ڪڪڙ، ٽيٽو، ٻگهه، ڪوڪڙاٽ، ڪٻر،
گُگهه، ٻاٻيهو، هُدهُد، ڪاٺ ڪُٽو، جهرڪي، بلبل،
ملاميٽر، ڦوسي، چنڊول، ڦدي، کيري، ڇاپاڪو، ملهالو،
ٻَٻَرُ، ابابيل، ٽڪلو، ڪڻڇي، ڪوئل، چانهه، طوطو،
هيڙو، هُڙي، چيهو، وهيو، بدڪ، ڪاز، لال سر، ٻُرڻو،
ڊگهوش، کيڻاٺي، ڪَرڙو، نيرڳ، ٽٻڻي، ٿورانڊو، پيڻ،
ڪانئرو، سانهه، لاکو ڄاڃي، ٽيٽيهر، ڪنگري، ٽوٻو،
ڪُهنگ، آڙي، ڪونج وغيره، آبي
جيوت ۾
لُڌڙو، سيسر، واڳون وغيره، مڇيءَ ۾ ڪَرو، شاڪر،
پوپريون، درا، ڊينڊ وغيره ٿين.
جهنگلي وڻن ۽ ٻوٽن ۾
ٻوڙا، کٻڙ، کجي، ڦيش، ٻٻر، لئو، ڪهو، توت وغيره
ٿين.
جهنگلي ٻوٽين ۾
هيءُ حصو مالدار آهي. هتي ڪجهه نالا ڏجن ٿا:
ڪهنگي، ڪپوهي، ٻٻري، کور، پُٺ ڪنڊا، متيرو، چريو
ڌاتورو، گدڙ ول، ڪتي ڪنو، گاؤزبان، پرسشيان،
ٻُوهه، ڪانڊيري، ٺونٺيو، ڀنڊري، ڀَتر، لنب، للر،
جهنگلي جَوَ، پٿري ٻوٽي، ڪورڙ، ڦوڳ، گهوڙا ول،
ڊامڻ، کٽالڙي، وڻ ويڙهي، پتار، سسئي، اڪ، ليسوڙو،
ڪرڙ، سنامڪي، سوناگيڙو، سنگجراج، جوڳيئڙو، ٽوهه،
ڌنارکٿوري، گگر، چڀڙ، ليار، گولاڙو، پوئي، کاٻار،
چيها، آڪاس ول، ڌرتيءَ ول، ڳنڍير، موٺ، ڊڀ، جهنگلي
بصر، ڪانهر، کير وَل، هنجير، ڊاماهو، ڳاڱي، جهِل،
ڀنور، کپ، ديش، نازبوءِ، ناڙو، ٻُڪن، اسپنگر،
ڪنڊي، سناٻوٽي، لوهيڙو، پَنِ، لاڻي، ڄاڱري، مَليرو
وغيره.
فصلن ۾:
تِرَ، مڱ، هنداڻا، گدرا، ڀنگ، مرچ، جَوَ، ڪڻڪ
وغيره ٿئي.
دادو ضلعي جي ايراضي
19070 چورس ڪلوميٽر آهي. 2010ع جي انگن اکرن مطابق
هن ضلعي جي آبادي 168900، خواندگيءَ جي شرح 35.56
سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي. هيءُ ضلعو، معيشت جي حوالي
سان زراعت، ماهيگيري، صنعت ۽ واپار ۾ سٺي اهميت
رکي ٿو، هن ضلعي ۾ گيهه، کنڊ، سارين ۽ ڪپهه جا
ڪارخانا به ڪم ڪري رهيا آهن. هن ضلعي جو مواصلاتي
نظام به مضبوط آهي، ٽيليفون، انٽرنيٽ، موبائيل
ذريعي سڄي دنيا سان رابطي ۾ آهي. روڊ ۽ ريلوي
لائين ذريعي ملڪ جي مڙني شهرن سان ڳنڍيل آهي. هن
ضلعي ۾ 1713 ڪلوميٽر پڪا روڊ آهن.
تعليمي لحاظ
کان به هيءُ ضلعو ٻين کان پٺتي نه آهي. پرائمري
اسڪول- 1961، مڊل اسڪول- 71، ايليمينٽري اسڪول-
44، سيڪنڊري اسڪول- 52، هاير سيڪنڊري اسڪول- 10،
ڪاليج- 8، ٽيڪنيڪل ڪاليج- 2 ۽ هنري سکيا جا ادارا-
7 آهن. ان کان علاوه خانگي تعليمي ادارا به ججهي
تعداد ۾ ڪم ڪن ٿا. صحت جي حوالي سان هن ضلعي ۾ سول
اسپتال- 1، تعلقه اسپتالون- 3، ڊسپينسريون- 33،
بنيادي صحت مرڪز- 46، جانورن جون اسپتالون- 43
آهن.
انتظامي حوالي
سان هن ضلعي ۾ هڪ ضلعي ڪائونسل، 4 تعلقا، يونين
ڪائونسلون- 52 آهن. ضلعي ۾ 98 سيڪڙو مسلم آبادي ۽
2 سيڪڙو هندو ۽ ڪجهه عيسائي، احمدي برادريءَ جو
تعداد به رهي ٿو.
قبيلن ۾:
سيد، پير، قريشي، جمالي، ڪلهوڙا، لغاري، عباسي،
پنهور، جتوئي، چانڊيا، رند، کوسا، شاهاڻي، مگسي،
آلکاڻي، رودناڻي، نوحاڻي، بروهي، گرماڻي، گراماڻي،
بليدي، مزاري، مغيري، ٽالپر، زنگيجا، جکراڻي،
برماڻي، سانگي، ٻرڙا، ابڙا، سولنگي، ماڇي، ميربحر،
ملاح، جت، ڀرڳڙي، دستي، جانوري، نظاماڻي، برفت،
مشوري، جسڪاڻي، سيال، ڏاوچ، لهٻر، پلهه، پليجا،
ڪورائي، ساند، ٻگهيا، ملڪ، کهڙا کيڙا، کهاوڙ،
گولا، چن، چنڊ، ٿيٻا، قطريا، مغل، ميتلا، شيخ،
ڪوري، ڪٽپر، گاڏهي، مهيسر، وسطڙا، وگهيا، وڪيا،
جاکرو، ٻاپڙاڻي، لالاڻي، بوزدار، راهوجا، ٽڳا،
وئينس، ميڻا، هُليا، شُهڻا، گڊا، حملائي، مانجهند،
کوماڻ، مڱڻيجا، نول، لوهر، لوهڙ، ڊکڻ، سومرا،
ڪابورا، کونهارا، ٻُوڪ، پيچوها، گورشاڻي، ٺيٺر،
لنجار، شيخ، سرگاڻي، گبول، شاهه، آخوند، ڀٽي،
رستماڻي، جويا، ڪاتيار، ٻٻر، پنهيار، ڀنگر، ڀونگر،
ڳهڙ، ججهه، گوپانگ، ڇلگري، نوناري، گشڪوري، ڪُڪا،
منگي، سهاڳ، ڀِريا، اوٺا، بهراڻي، آساڻي، ٻلهڙا،
ڏيپر، پلي پوٽا، لانڊر، هيسباڻي، ڦل، هاليپوٽا،
دائودپوٽا، بڪيرا، اُڄڻ، چنه، ڏيرا، جهتيال،
چنجڻي، جويا، پهوڙ، پتافي، اسراڻ، ڇڄڙا، جيسر،
ميتلا، کوکر، کرل، لاشاري، ڀٽي، ڪوريجا، مناهيا،
لاکير، مهيسر، ولها، ميراثي، ميراڻي،ڪاڇيلا،
جوکيا، ڏهوٽ، ڇُٽا، باريچا، چارڻ، مستوئي، ساهڙ،
ڳورڙ، سيهڙ، ملڪاڻي، ڪولاچي، خشڪ، ڇڇر، سنيهچ،
ترڪ، ڏيٿا، مانجهو، قنبراڻي، هندو، ٻاليشائي، ڀيل،
ڪولهي، باگڙي، اوڏ وغيره.
تعلقن جو تعارف:
دادو:
هيءُ تعلقي ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. هن تعلقي جو
قيام 1843ع تي عمل ۾ آيو، تعلقي جي ٺهڻ کانپوءِ
جلدئي ميونسپل ڪميٽيءَ جو اجراء ڪيو ويو ۽ انگريز
سرڪار پنهنجي معتمد ماڻهن کي هن تعلقي جي سنڀال ۽
نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو. هن تعلقي جون حدون، ۽
تڪبنديون وغيره به انگريز سرڪار ٺاهيون. 1889ع ۾
ڪوٽڙيءَ کان رُڪ اسٽيشن تائين ريلوي لائين وڇائي
وئي، جيڪا رٿا 1854ع ۾ تيار ڪئي وئي هئي، 1901ع ۾
دادو ڪئنال جوڙڻ جي رٿائن تي عمل ڪرايو ويو جيڪا
1931ع تي پايئه تڪميل تي رسي. شهر ۾ پرائمري اسڪول
جو بنياد 1886ع ۾ پيو. ٻيو اسڪول 1908ع ۾، ۽ ٽيون
مين اسڪول 1916ع ۾ قائم ٿيو. 16- مارچ 1940ع ۾
دادو سول اسپتال جو بنياد رکيو ويو، اهو بنياد،
سنڌ جي انگريز گورنر گراهم جي گهر واري ”ليڊي
گراهم“ رکيو. دادو شهر ۾ هڪ وٽرنري اسپتال،
ڪيترائي پرائمري اسڪول، مدرسا، طالب الموليٰ هاءِ
اسڪول، پرمانند هاير سيڪنڊري اسڪول، استاد بخاري
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وغيره موجود آهن.
شهر ۽ تعلقي ۾ مختلف ذاتيون آباد آهن: مثلاً: سيد،
پير، لغاري، جتوئي، ڪلهوڙا، پنهور، ابڙا، چانڊيا،
مگسي، ميمڻ، ٿيٻا، قريشي، چارڻ، سولنگي، سهاڳ،
منگي، ڀٽي، هندو، بروهي، سخيراڻي وغيره.
دادو شهر ۾ ٻه ڪوٽ هوندا هئا، جن مان هڪ ڪلهوڙن جي
دور جو هو، جنهن ۾ سرڪاري ڪارندا حڪومت جو
ڪاروهنوار هلائيندا هئا، اهو ڪوٽ موجوده ريلوي
اسٽيشن دادوءَ وٽ هو، جنهن کي ڊاهي پوءِ ريلوي
اسٽيشن ٺاهي وئي، ٻيو ڪوٽ، سيدن جو هوندو هو، جنهن
۾ نازڪ حالتن دوران ماڻهن کي پناهه ڏني ويندي هئي.
دادوشهر، سنڌجو مکيه شهر آهي، هن کي سنڌ جو
ويٽنام، سڏيو ويندو آهي. واپار جي حوالي سان به
هيءُ شهر مشهور آهي. زرعي حوالي سان هيءُ تعلقو،
آسودو آهي. هتي فصلن ۾ ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه،
مڪئي، جوئر، ٻاجهر، مڱ، راهان، چڻا، مٽر، تيلي ٻج
۽ سبزيون وغيره وافر مقدار ۾ ٿين.
جوهي:
هيءُ دادو ضلعي جو اهم شهر ۽ تعلقي هيڊڪوارٽر آهي.
لفظ ’جُوهي‘ جي معنيٰ آهي- ’ڇانورو.‘ ٻڌايو وڃي ٿو
ته اوائل ۾ هتان هڪ نئن وهندي هئي، ۽ اتان شاهي
رستو به گذرندو هو، اُتي سٺي راحت پهچائيندڙ
واڻراهه هئي، ايندڙ ويندڙ قافلا اُتي ڊاٻو ڪندا
هئا. آسيس وٺي پوءِ پنهنجي منزل طرف اُسهندا هئا.
اُن جوءِ جي ڀرسان اڳتي هلي ڪي ماڻهو بُنو هڻي
ويٺا ۽ پوءِ سندن ڳوٺ ’جُوهي وارو‘ سڏجڻ لڳو. اهو
ڳوٺ اڳتي هلي ’جُوهي‘ پوءِ ’جوهي‘ مشهور ٿي ويو.
جوهي جي نالي سان هڪ خوشبودار گُل به ٿئي ٿو.
جوهيءَ جو ڪنهن به تاريخ ۾ تذڪرو نه ٿو ملي، جنهن
۾ اِها ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي، ته هيءُ شهر/ڳوٺ
ڪڏهن وجود ۾ آيو ۽ هن شهر جو باني مباني ڪير آهي.
البته جوهيءَ جي پسگردائيءَ وارن قديمي ماڳن ۽
آثارن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ قديم ماڳ،
ٻڌمت جي پيروڪارن آباد ڪيو يا اُن جي علائقي ۾
شامل هو. جوهيءَ جي ڏکڻ ۾ تلاءَ جي ڪپ تي هڪ ٺُل
هوندو هو، ڳوٺ ڪنگراڻي ۾ به هڪ پراڻو ٺُل موجود
آهي، اهي قديمي ٺُل، ٻڌمت جي پيروڪارن جي
عبادتگاهن جا ماڳ هئا. اندازو آهي ته جوهيءَ وارو
علائقو، راءِ گهراڻي جي وقت ۾ ٻُڌمت جو گهوارو هو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد-3) ص 90-589 ۾ هن شهر
جي قدامت تي تفصيلي ويچار ونڊيا ويا آهن. مذڪوره
جلد ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”جوهيءَ وارو علائقو راءِ
گهراڻي جي ڏهاڙن ۾ ڦهليو هو. راءِ گهراڻي کان
برهمڻ گهراڻي تائين ٻوڌيه پرڳڻي ۾ چنا قبيلي جي
حڪومتن جون تاريخي شاهديون موجود آهن، جيڪي به
ٻڌمت جا پيروڪار هئا، ان کان پوءِ برهمڻ، عرب،
سومرا، سما دور تائين جوهيءَ بابت تاريخ نه ٿي
ملي.“
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ وڌيڪ هن طرح بيان آندل
آهي ته: ”مغل، ارغون ۽ ترخان دور، جي تاريخ به هن
ڳوٺ تي ڪا روشني نه ٿي وجهي البته ڪلهوڙن جي دور ۾
جوهيءَ بابت مقامي روايتن ۾ تذڪرو ملي ٿو. ميان
نصير محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هن علائقي ۾ اثر رسوخ
پيدا ڪيو، انهيءَ عرصي ۾ جوهيءَ ۾ کوسا آباد هئا.
ان وقت ميان نصيرمحمد ڪلهوڙي جي حامي ۽ معتمد
قبيلن ۾ جمالي قبيلو نمايان هو، ميان صاحب جي
حامين ۾ کوسا به هئا. مقامي روايتن موجب: مختلف
قبيلن ۾ زبردست ويڙهاند هلي ۽ ”ڇڏ جوهي، ڀڄ لوهي“
جهڙن محاورن جنم ورتو.
انگريز دور ۾ جوهيءَ کي ٻن شهرن وانگر اهميت ملي،
هتي انتظامي آفيسون ۽ دفتر قائم ٿيا. 1843ع ۾
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جوهيءَ کي ٻين
شهرن/تعلقن سميت ڪراچيءَ سان ڳنڍيو ويو. وري
ڦيرڦار ڪري هن کي شڪارپور ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي سان
شامل ڪيو ويو. 1931ع ۾ دادوءَ جي ضلعي ٿيڻ کان
پوءِ وري هن کي لاڙڪاڻي مان ڌار ڪري، دادوءَ ۾
شامل ڪيو ويو جو اڃا تائين هن ضلعي سان پيوست آهي.
هن کي تعلقي جي حيثيت به 1931ع ۾ ڏني وئي.
قديم زماني ۾ جوهي جي اوڀر لڳ اُتر کان ڏکڻ طرف
نئن وهندي هئي، جوهيءَ جو هاڻوڪو پهريون وارڊ
انهيءَ نئن جي پيٽ ۾ واقع آهي. وارڊ نمبر- 3 آڳاٽي
۽ قديم ڳوٺ جي ايراضيءَ ۾ آهي.
جوهيءَ جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو انحصار زراعت
۽ چوپائي مال تي آهي. خوشحاليءَ واري دور ۾ ”جوهي،
مکڻ موهي“ سڏبو هو ۽ ڏڪر وارن ڏينهن ۾ ”جوهي“ کنڀن
کوهي“ سڏبو هو.
2010ع واري خطرناڪ ٻوڏ، 8- سيپٽمبر 2010ع تي جوهي
تعلقي ۾ داخل ٿي ۽جوهيءَ جا 250 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي
ڇڏيا ۽ 13-سيپٽمبر تي پاڻي جوهي شهر کي وڪوڙي
ويو، ان صورتحال کي ڏسندي انتظاميا شهر خالي ڪرڻ
جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪافي ماڻهو جوهي شهر خالي
ڪري هليا ويا. شهر کي بچاءَ لاءِ رِنگ بند ٺاهڻ جو
انتظام شهرين پنهنجي ذمي ڪيو. 15- سيپٽمبر تي منڇر
کي 300 فوٽن جو کنڊ هنيو ويو، جنهن سان جوهيءَ تان
پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽيو. اهڙيءَ ريت شهرين پنهنجي
مڙسي ڏيکاريندي پنهنجي شهر جوهيءَ کي ٻڏڻ کان
بچائي ورتو.
خيرپوناٿن شاهه:
هيءُ ضلعي دادوءَ جو تعلقو ۽ سنڌ جو اهم تاريخي
شهر ۽ تعلقه هيڊڪوارٽر آهي، هيءُ شهر
24o.6o
اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽
67o.44o
اُتر ويڪرائي ڦاڪ تي آباد آهي. هن شهر جي مجموعي
آبادي 30286 آهي. هن جي اُتر- اوڀر ۾ 12 ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي ميهڙ، 41 ڪلوميٽر ڏکڻ تي دادو جو شهر
۽ اُتر-اوڀر ۾ 70 ڪلوميٽرن تي لاڙڪاڻو واقع آهي.
1931ع کان اڳ هن شهر جي حيثيت هڪ تپي جي هئي ۽
تعلقي ڪڪڙ ۾ هو ۽ ڪڪڙ تعلقو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هو.
دادوءَ جي ضلعي ٿيڻ کان پوءِ هن شهر کي ترقي ملي ۽
تعلقو ٿيو ۽ ڪڪڙ سندس جاءِ تي تپو ئي رهيو. هن
تعلقي ۾ خيرپور سميت، ڪڪڙ، سيتا، گوزو، ڳاڙهي،
خانپور وغيره اهم شهر آهن.
سنڌ ۾ خيرپور جي نالي سان ڪافي شهر آهن، جي انگريز
کان آڳاٽا آباد ٿيل آهن. انگريز دور ۾ جديد ٽپال
سرشتي قائم ٿيڻ کان پوءِ نالن جي هڪجهڙائي، ٽپال
واري محڪمي لاءِ مسئلو بڻجي پئي. اُن مونجهه کي
ختم ڪرڻ لاءِ لفظ خيرپور جي پٺيان- ’ناٿن شاهه‘
لفظ جو اضافو آندو ويو. ناٿن شاهه جي نالي سان هتي
هڪ بزرگ جي درگاهه آهي، جتي هر سال زبردست ميلو
لڳندو آهي.
سنڌ جا ڪافي قديم آثار هن تعلقي ۾ آهن، جيئن
خانپور مسجد، شِوِ مندر، لڳ ٻوڙي، برهان جا قبا،
ڪلهوڙن جو اهم ترين قبرستان ”ميان نصير جو
قبرستان“ به هن تعلقي جي ڳاڙهيءَ ۾ واقع آهي.
ڳاڙهيءَ لاءِ چون ٿا ته هڪ نيڪ ۽ پرهيزگار عورت
هئي، جنهن جو تعلق پنهور قبيلي سان هو، اهو علائقو
سندس نالي سان مشهور هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي
اُن نيڪ عورت کان اهو علائقو پئسن تي خريد ڪري،
اُتي رهائش اختيار ڪئي هئي.
هتان جا ماڻهو محبتي ۽ محنتڪش آهن. هن شهر جا ۽
تعلقي جا ماڻهو سياسي طرح باشعور ۽ سجاڳ رهيا آهن،
هتان جي ماڻهن ايم.آر.ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو
ورتو ۽ ان تحريڪ دوران شهر جي چوڪ تي ڪيترائي
بيگناهه ماڻهو شهيد ٿيا.
خيرپورناٿن شاهه کي 2010ع واري ٻوڏ دوران ڪافي
نقصان رسيو، جنهنڪري مقامي ماڻهن کي عارضي طور
لڏپلاڻ به ڪرڻي پئي. هيءُ شهر ۽ تعلقو جهڙيءَ ريت
سياسي طرح سجاڳ ۽ باخبر رهيو آهي، تهڙيءَ ريت هتان
جي علمي ۽ ادبي تاريخ به شاندار رهي آهي.
ميهڙ:
هيءُ شهر، تعلقي هيڊ ڪوارٽر، دادوضلعي جو نهايت ئي
خوبصورت ۽ معتبر شهر آهي. انگريز سرڪار هن شهر جي
اهميت ۽ موزونيت کي نظر ۾ رکندي 1872ع تي تعلقي جو
درجوڏنو، پاڪستان جي قيام کان 30 سال پوءِ يعني
1977ع ۾ هن کي سب ڊويزن جو درجو مليو.
”ميهڙ“ جي بنياد پوڻ ۽ اُن جو تاريخي قدامت بابت
ڪو به مستند تذڪرو ڪٿي به نه ٿو ملي، جنهنڪري
مختلف روايتن تي اڪتفا ڪرڻي پوي ٿي.
هڪ راويت آهي ته لفظ ”ميهڙ“ جو اصل ڌاتو/لفظ-
”مينهن واڙ“ آهي، جيڪو وقت گذرڻ سان تخفيف کائيندو
”ميهڙ“ ٿيو. هڪ ٻي روايت مطابق: ان لفظ جو بنياد-
”ميهر“ آهي. ”ميهر“ نالي هڪ نيڪ ۽ مالدار عورت جا
ايندڙ ويندڙ مسافرن ۽ مهمانن کي ماني کارائيندي
هئي. نئين روايت هڪ عشقيه لوڪ داستان ”الڪھ مڱڻهار
۽ ميهر راڻي“ جي ڪردار سان نسبت ڏيکاري ٿي. انهيءَ
روايت مطابق- ”ميهر“ موجوده ميهڙ شهر ۾ رهندي هئي
۽ ڦلوند راجا جي راڻي هئي (هن داستان بابت مختصر
تذڪرو منهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب- ”قنبر- شهدادڪوٽ
ضلعو تاريخ جي وهڪري ۾“ (2010ع) ۾ پيش ڪيل آهي).
چوٿين روايت مطابق- ”ميهر“ نالي ٿيٻه قبيلي جي هڪ
نيڪ مرد هن شهر جو نالو رکيو.
بظاهر هنن چئني روايتن مان آخري روايت، مٿين ٽنهي
روايتن جي ڀيٽ ۾ وسهڻ جوڳي آهي، پر اُن بابت به ڪي
ٺوس ثبوت ۽ شهادتون نه ٿيون ملن، پر هن تعلقي جي
آڳاٽن قبيلن ۾ ٿيٻا به شامل آهن، تنهنڪري ڪنهن حد
تائين انهيءَ راءِ کي امڪان ۾ رکي سگهجي ٿو.
ميهڙ شهر ۾ تعلقه اسپتال، ڊگري ڪاليج، مونو
ٽيڪنيڪل ڪاليج، هاءِ اسڪول ۽ ڪيترائي پرائمري/مڊل
اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه روينيو
ڊپارٽمينٽ سان واسطو رکندڙ آفيس سميت آبپاشي ۽
تعليم کاتي جون ننڍيون وڏيون انتظامي آفيسون ۽
ادارا قائم آهن. هن تعلقي جي ويجهڙ واري تاريخ ۾
جتوئي ۽ جوڻيجا قبيلن جو سياسي اثر رهيو آهي.
هيءُ شهر، مائي ۽ مينديءَ جي ڪري نه رڳو سنڌ ۾
بلڪ پوري ملڪ ۾ مشهور آهي، هن شهر جو مائو سنڌ
سميت سڄي ملڪ ۾ بيحد پسند ڪيو ويندو آهي. علمي،
ادبي، سياسي ۽ سماجي طور به هيءُ تعلقو سڄيءَ سنڌ
۾ نمايان ۽ ممتاز آهي. زرعي حوالي سان به هي تعلقو
شاهوڪار آهي.
هن ڪتاب بابت:
لکڻ ۽ پڙهڻ هڪ قسم جو فن آهي. اهو فن هر پڙهيل
لکيل ماڻهوءَ کي نه ايندو آهي. هڪ پڙهيل ماڻهو هڪ
سئو صفحن واري ڪتاب پڙهڻ ۾ 2-1 ڏينهن لڳائيندو
آهي، پر ان جي جاءِ تي هڪ ٻيو پڙهيل لکيل ماڻهو
هزار صفحن وارو ڪتاب ٻن ڏينهن اندر بلڪ هڪ ڏينهن
اندر پڙهي خلاص ڪندو آهي. پڙهيل ته ٻئي آهن، پوءِ
اهو فرق ڇا جو. اهڙيءَ ريت لکڻ به هڪ قسم جو فن
آهي، اُهو به هر ڪنهن پڙهيل کي نه اچي ۽ وري هر
لکندڙ به ڪو اهڙو لکي، جيڪو هئڻ گهرجي. اڪثر ٿيندو
ائين آهي ته ماڻهو عبارت پڙهندو ويندو ۽ سندس مغز
۾ هٿوڙا لڳندا ويندا، توڙي جو مضمون/موضوع به
سُريلا هجن، پر پڙهندڙ بجاءِ سواد ۽ لست وٺڻ جي،
مٿي تي بار ۽ دل ڪچي ٿيندي محسوس ڪندو. اهو مسئلو
هر لکت سان ته آهي ئي آهي پر گهڻو ڪري تحقيق جي
موضوع سان اڪثر لاڳو رهي ٿو. تحقيق، بنيادي طرح
خشڪ موضوع آهي. هن کي سوادي ۽ لذيذ بڻائڻ لاءِ
لکندڙ کي به هڪ ڪامياب سُگهڙ ۽ بورچي ٿيڻو پوندو
آهي ۽ هر بورچي به سٺو راڌو نه هوندو آهي، ان ۾ به
ڪيٽيگري ٿئي ٿي.
هيءُ ڪتاب به تحقيقي انداز ۾ اسان جي مهربان دوست
محمد عرس ’اظهر‘ سولنگيءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾
دادو ۽ دادو سان نسبت رکندڙ تعلقن جو بنياد، انهن
جي تاريخي پس منظر سميت سندن موجوده بيهڪ، پاڙا،
محلا، اوتارا، خانگاهون، رستا، عمارتون، بازارون،
قبيلا، شخصيتون، سرڪاري نيم سرڪاري ادارا،
ڪتبخانا، اولياء ڪرام، فقه، اديب، مدرس، شاعر،
سگهڙ، ڪلاڪار، فنڪار، صداڪار، سماج سڌارڪ، صحافي،
پهلوان، سياستدان، ڳائڻا، سماجي علمي، ادبي
تنظيمون، تحريڪون، اسپتالون، تاريخي ماڳ مڪان،
ڳوٺ، هنر ۽ دستڪاريون مطلب ته انسانذات سان واسطو
رکندڙ سمورن شعبن بابت ذري ذري جو مواد ڏيڻ جي حتي
الامڪان ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هر مواد بتدريج
شعبيوار ڏنو اٿس. هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ محقق کي
دادوءَ سان تعلق رکندڙ غالباً هر شيءِ جو اڀياس ۽
مشاهدو ڪرڻو پيو هوندو، تڏهن وڃي هيءُ اَٺ ڪاٺيو
ڪم ٿيو هوندو. حالانڪه تحقيق جو ڪم هلندڙ هوندو
آهي، اهو ڪڏهن به آخرين نه هوندو آهي، پر محقق جي
اها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تحقيقي ڪاوش بهتر کان
بهتر نتيجا ڏئي ۽ اُهي لڪل گوشا ظاهر ٿين، جنهن
سان اُن علائقي/خطي جي اهميت نروار ٿئي. محمد عرس
”اظهر“ سولنگي به دادو ضلعي تي وڏي جذبي ۽
دلجمعيءَ سان تحقيق ڪري نهايت ڪارائتو مواد گڏ ڪيو
آهي، جيڪو موجوده دادو ضلعي واري ايراضيءَ تي چڱي
خاصي روشني وجهي ٿو ۽ ايندڙ محققن ۽ ريسرچ اسڪالرن
لاءِ پڻ هڪ ميدان جو ڪم ڏئي ٿو.
ڪنهن به شهر جي تاريخ ۾ فردن جوڪردار تمام اهم ۽
بنيادي هوندو آهي، شهرَ، فردن سان ليکبا آهن ۽
فردَ، شهرن جي سڃاڻپ ۽ ڏڍ ٿين ٿا. ڪتاب جي مصنف به
پنهنجي هن تصنيف ۾ ٻين موضوعن کان وڌيڪ شخصيت تي
گهڻو توجهه ڏنو آهي. کيس معلوم آهي ته فرد ئي
تاريخ جا رُخ تبديل ڪندڙ آهن. مصنف، فردن جو ذڪر،
اولياء ڪرام کان شروع ڪيو آهي. دادو ضلعي جي
ماضيءَ ۾ هنن ڀلارن جي فيض کان دادو ضلعي سميت
پورو علائقو مستفيض ٿيو آهي. تذڪري ۾ ضلعي جي
نامور اولياء ڪرام کي شامل ڪيو ويو آهي، جن جو هن
ضلعي تي روحاني طرح وڏو اثر ويٺل آهي. ان کان بعد
دادو سان نسبت رکندڙ فقيهه، معلم ۽ مدرسن جو تذڪرو
آندو اٿس. ڪنهن به علائقي جي شعور ۽ علم جون
ڏياٽيون روشن ڪرڻ ۾ معلم ۽ مدرس جو ڪردار نمايان ۽
اهم هوندو آهي،. هن شعبي جو پوري اڀياس ڪرڻ کان
پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته دادو ضلعي ۾ تاريخي شهر پاٽ
جي علماء، فقهاء ۽ معلمن جو تمام وڏو بلڪه شاندار
ڪم رهيو آهي. هنن جي علمي، فقهي ۽ تدريسي فضيلت ۽
بصيرت جو چرچو سنڌ ٽپي پرڏيهه تائين به پهتو. پاٽ
شريف جا بزرگ مختلف دورن ۾ وڏن وڏن سرڪاري نيم
سرڪاري عهدن تي به فائز رهيا ۽ پنهنجي شاندار ڪم ۽
مثالي ڪردار جي ڪري نيڪ نامي حاصل ڪيائون.
پاٽ شريف کان پوءِ سيتا ڳوٺ جي آخوندن ۽ معلمن جو
ذڪر اچي ٿو. جن به درس و تدريس جي ذريعي هن ضلعي
جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
سياست جي شعبي ۾ دادو ضلعي پاڻ ملهايو آهي. سندس
اثر سڄيءَ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڇانيل آهي. هتي جيڪي
قبيلا سياسي حوالي سان نمايان رهيا آهن، انهن ۾
صديقي قريشي پير، جتوئي، جيلاني پير، لڪياري سيد،
جمالي، لغاري، لُنڊ، ڪلهوڙا، پنهور، چنه، گهلو،
چانڊيا وغيره اهم آهن. سياسي شخصيتن کان پوءِ دادو
سان تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو ذڪر
آندو ويو آهي. سماج ۾ اديب ۽ شاعر جو ڪردار هڪ
سونهين جي حيثيت رکي ٿو. قومن کي امڪاني خطرن کان
باخبر رکڻ ۽ شعور ڏيڻ ۾ جيترو ڪردار سياستدان جو
آهي، بنهه اوترو بلڪ ڪن حالتن ۾ انهن کان به وڌيڪ
رول شاعر، اديب ۽ دانشور جو آهي. هن ضلعي جي علمي،
ادبي، تعليمي سرگرميءَ جو سهرو علامھ آءِ.آءِ
قاضيءَ جي سر تي اچي ٿو، قاضي صاحب انتهائي غير
معمولي عالم، اديب، فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان هو،
اديبن ۽ شاعرن جي فهرست ۾ علامھ آءِ. آءِ قاضيءَ
سميت ضلعي سان واسطو رکندڙ اديبن ۽ شاعرن جو بيان
نهايت دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ
سگهڙن جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي. لوڪ ادب ۾ سگهڙ
شاعريءَ جو مقام مٿاهون آهي. ادب ته هونءَ ئي
انساني سماج جي پيداوار آهي، پر لوڪ ادب ۾ به وري
سگهڙ شاعريءَ جون پاڙون انساني سماج جي مٿئين طبقي
کان هيٺئين طبقي تائين، اونهيون کُتل آهن. هن
شاعريءَ مان جيتري قدر امير ماڻهو لطف اندوز ٿئي
ٿو اوتروئي غريب ماڻهو به محظوظ ٿئي ٿو. ڪتاب ۾
هنن سگهڙ شاعرن جو بيان آندو ويو آهي. جلال کٽي،
ڪلهوڙن جي دور جو سگهڙ آهي، ۽ سگهڙ شاعريءَ جو
امام يعني باني ليکجي ٿو. سگهڙ شاعرن جي تعارف کان
پوءِ سماجي شخصيتن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، انساني
سماج ۾ فرد جي اهميت وڏي هوندي آهي ۽ اهو فردئي
هوندو آهي، جيڪو سماج ۾ پنهنجن سٺن ڪارنامن جي ڪري
ماڻهن ۾ مقبول هوندو آهي. اهڙن فردن جي به هن ضلعي
۾ ڪمي نه آهي.
صحافت جو به انساني زندگيءَ سان دامن چوليءَ وارو
رشتو آهي. صحافي ۽ صحافت جي عنوان سان، فاضل ليکڪ
هن ضلعي سان واسطو رکندڙ صحافين جو تذڪرو آندو
آهي. ان کان پوءِ ملهه پهلوانن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. انهن بابت به ليکڪ نهايت دلپذير پيرايي ۾ ذڪر
ڪيو آهي. ان بعد دادو ضلعي جا ڪلب ۽ اداڪار جي
عنوان تي سٺي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڳائڻن جو به هن ضلعي ۾ ڪثير تعداد رهي ٿو، جن
پنهنجي فن جو مظاهرو ڏيهه توڻي پرڏيهه تائين ڪيو
آهي. ڳائڻن ۾ منظور سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، تاراچند،
ورندمل وغيره شامل آهن، ’پوليس جا شهيد جوان‘ جي
عنوان تي ليکڪ دادو سان تعلق رکندڙ انهن پوليس
اهلڪارن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي مختلف واقعن ۾ شهيد
ٿيا. ان بعد ”دادو جون مزاحمتي تحريڪون“ جي عنوان
تي دادوءَ سان تعلق رکندڙ انهن تحريڪن جو ذڪر آندو
آهي، جيڪي يا ته دادوءَ کان شروع ٿيون، يا انهن جو
گهڻو اثر هن علائقي تي رهيو. بلاولي تحريڪ، ميان
وال تحريڪ، خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ، 1960ع جي
ڏهاڪي واريون قوم پرست تحريڪون، ان کان پوءِ دادو
۾ ڪم ڪندڙ لائبريرين جو تعارف ڏنو ويو آهي. شهرين
جي علم، شعور ۽ آگهي کي وڌائڻ ۽ کين اڳتي وٺي وڃڻ
۾ لائبريرين جو وڏو ڪم هوندو آهي. جن شهرن ۽
علائقن ۾ لائبريريون فعال هونديون آهن، سمجهڻ کپي،
ته اتان جهالت جو خاتمو اوس ٿيڻو آهي. سنڌ جي هر
ننڍي توڻي وڏي شهر ۾ شعور وند ماڻهو پنهنجي هڙان
وڙان خرچ ڪري تعليم جي ڦهلاءَ ۽ تعليم جي تبليغ
لاءِ هن قسم جون ڪوششون وٺي رهيا آهن ۽ هن ڪم ۾
سرڪار به ڪم ڪري رهي آهي. دادو جا شعور رکندڙ
ماڻهو به پٺتي ڪين آهن ۽ هنن به پنهنجن پاڙن،
محلن، ڪالونين ۽ شهرن جي اهم مرڪزن تي ڪتبخانا
کوليا آهن، جن مان عام توڻي خاص، استفادو ڪري رهيو
آهي، اِها تمام ڀلي ڳالهه آهي. لائبريرين جي ذڪر
کان پوءِ سماجي تنظيمن جو احوال قلمبند ڪيو ويو
آهي. اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته ڪنهن سُڌريل
ملڪ جو انحصار اُتان جي سول سوسائٽيءَ جي بيدار
دماغ فردن تي هوندو آهي. هو سماج کي بهتر کان بهتر
حالت ۾ ڏسڻ جا نه رڳو خواهان رهندا آهن پر هو
پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به انهن مقصدن جي حاصلات
لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن. هن ضلعي ۾ سماج سڌارڪ
پٺتي نه آهن، ۽ مختلف تنظيمن جي پليٽفارم تان
پنهنجن شهرن ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ هر وقت رُڌل
آهن. سماجي تنظيمن جي تذڪري کان پوءِ ’ادبي
تنظيمون‘ جي عنوان تي هن تعلقي سان واسطو رکندڙ
علمي ۽ ادبي تنظيمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان
پوءِ ”پيشور تنظيمون“، ”سياسي تنظيمون“ جو بيان
سلسليوار ڏنو ويو آهي، تنهن بعد ”دادو ضلعي جو
آبپاشي نظام“ جي عنوان تي هن ضلعي جو زرعي
انفراسٽرڪچر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ فصلن جو به بيان
آندل آهي. دادو ضلعي جا پتڻ،د ادو ضلعي جون ڍنڍون
۽ ڍورا، برساتون ۽ ٻوڏون، دادو ضلعي جو تاريخي
ورثو، عنوانن هيٺ نهايت مفيد ۽ عمدو مواد ڏنو ويو
آهي.
عظيم سنڌ، اُملهه هيرن جي کاڻ رهي آهي، سندس جهولي
ڪڏهن به اهڙن انمول هيرن ۽ ماڻڪ پکراجن کان خالي
نه رهي آهي. سنڌ جو هر شهر، وسندي واهڻ هيرن
جواهرن سان ڀريو پيو آهي. دادو به اهڙن انمول هيرن
سان مالامال آهي. هونءَ ته هر شهر ۾ ڪي چند/مخصوص
فرد ڏيکارڻ جهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي نمايان
ڪارڪردگيءَ سبب پنهنجي تر سميت پوري ملڪ ۾ مقبول
هوندا آهن. اهڙي ريت موجوده دادو ضلعو به ڪجهه
اهڙين نامور شخصيتن جي ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ مقبول آهي.
هن موجوده ضلعي به سنڌ کي غير معمولي لياقت رکندڙ،
برجستا ۽ وڏا ماڻهو ڏنا آهن، جن ۾ مخدوم بلاول
باغبان، علامھ آءِ.آءِ قاضي، شمس الدين بلبل،
ايم.ايڇ پنهور، خانصاحب عبدالله چنه، جمال ابڙو،
مولانا غلام محمد گرامي، استاد بخاري ۽ عبدالله
مگسيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
مخدوم بلاول شهيد، عظيم سنڌ امڙ جو بهادر پُٽ،
عظيم سنڌ امڙ طرف ميري اک رکندڙ ڌارين ارغونن سان
مهاڏو اٽڪائي، پنهنجو پاڻ گهاڻي ۾ پيڙهائي هڪ سچي
محب وطن فرزند هئڻ جو هڪ اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو
جو سندس ڏنل قربانيءَ جو اهڙو لافاني مثال ڪٿي به
نه ٿو ملي.
علامھ آءِ.آءِ قاضي عظيم مفڪر، دانشور، فلاسافر،
اديب، تعليمدان، جنهن جي ڪوششن سان سنڌ
يونيورسٽيءَ جي لاءِ موجوده ڄام شوري واري ايراضي
تجويز ڪرڻ، ان تي ئي نئون ڪيمپس قائم ڪرائڻ ۽ پاڻ
اتي وائيس چانسيلر مقرر ٿي، سنڌ جي نئين نسل جي
علمي پرورش ڪرڻ، اهي سمورا ڪم ۽ ذميواريون سنڀالڻ
چڱي ڀلي ماڻهوءَ جي وس کان به ٻاهر آهي، پر قاضي
صاحب جنهن اورچائيءَ، دورانديشيءَ ۽ ڏاهپ سان سنڌ
يونيورسٽيءَ جو سمورو ڪاروهنوار هلايو، ان جو مثال
اڄ ڏينهن تائين نه ٿو ملي. گرامي صاحب، سنڌي ادب
جي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ
سان سنڌ جي ادبي تاريخ ڪوجهي نظر ايندي. پير علي
محمد راشديءَ جي لفظن ۾: ’جنهن ٻوليءَ ۾ هِن قسم
جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي.‘
سنڌي نثر توڻي نظم ۾ ظريفانه لهجي کي فلسفيانه
انداز ۾ پيش ڪرڻ جي روايت شمس الدين ’بلبل‘ وڌي.
هن کي ’سنڌ جو حالي‘ به سڏيو وڃي ٿو. اُهو اِنڪري
جو هن مولانا حاليءَ وانگر نظم توڻي نثر جي ذريعي
ماڻهن کي اخلاق جي واٽ وٺي هلڻ جو سبق ڏنو.
ايم.ايڇ پنهور- اديب، عالم، اسڪالر سميت هڪ زرعي
سائنسدان هو، جنهن پنهنجو گهر تجربيگاهه بڻايو هو.
معدنيات ۽ پاڻياٺ تي سندس ڪيل عرق ريز تجربن، ڏيهي
توڙي پرڏيهي نظرين کي لوڏي ڇڏيو هو. هن زير زمين
تي 13 ڪتاب لکيا ۽ ڪثير تعداد ۾ تحقيقي مقالا پڻ
لکيا، جن پرڏيهه ۾ وڏي مڃتا حاصل ڪئي.
جمال ابڙو، سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد ڪهاڻيءَ جو باني
ليکجي ٿو. هن صاحب ڪهاڻي لکڻ جو اندازِ بيان، ٻولي
۽ منظرنگاري وغيره پيش ڪرڻ جون نيون نيون روايتون
متعارف ڪرايون.
خانصاحب عبدالله چنه، پنهنجي غير معمولي ذهانت،
ڏاهپ ۽ قانوني مهارت سبب مشهور هو. هن ڪيترائي غير
معمولي ڪارناما سرانجام ڏنا، جن ۾ هڪ ڪارنامو
پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو، اهو هيءُ
ته 1965ع ۾ پاڪ- ڀارت، رڻ ڪڇ جي مسئلي تي ڇڪتاڻ ٿي
هئي. ڀارت جو مؤقف هو ته اهو علائقو سندس حد ۾
آهي. ان نبيري ۾ خانصاحب عبدالله چنه کان قانوني
مدد ورتي وئي، نتيجي ۾ اهو ڪيس پاڪستان کٽيو.
استاد بخاري، عوامي شاعر جي حيثيت ۾ اهڙي ته
مقبوليت حاصل ڪئي، جو جهڙس ٻئي ڪنهن حاصل نه ڪئي.
شاعريءَ ۾ عوامي رنگ پيدا ڪرڻ ۽ ان ۾ حُسن ۽
غنائيت پيدا ڪرڻ جهڙيون ڪمال روايتون ۽ اوصاف،
استاد بخاريءَ جهڙي بيدار دماغ شاعر جي طفيلي سنڌي
شاعريءَ کي نصيب ٿيا.
پروفيسر عبدالله مگسي، سنڌ جي تاريخ کي جديد ۽
سائنسي انداز ۾ لکڻ ۽ مطالعي هيٺ آڻڻ جون روايتون
وجهڻ جون ڪوششون ڪيون. هن اُن بنياد تي ”سنڌ جي
تاريخ جو جديد مطالعو“ جي عنوان سان هڪ قيمتي ڪتاب
به لکيو.
مجموعي طرح هيءُ ڪتاب، دادو ضلعي جو هڪ اڀياس پيش
ڪري ٿو، انهيءَ ڪتاب لکڻ تي ليکڪ مسٽر محمد عرس
’اظهر‘ سولنگي مبارڪن جو مستحق آهي. پڙهندڙ حضرات
جج هوندا آهن. هيءُ ڪتاب ڪيئن آهي، اُن جو فيصلو
لائق پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
آخرين لفظ:
مان ٿورائتو آهيان جناب پير مظهرالحق شاهنواز
سينئر وزير، وزيرِتعليم ۽ خواندگي، حڪومت سنڌ ۽
سنڌ جي سڄاڻ علمي ۽ ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي
منتظمين جو، جن هن ڪتاب جي تصحيح سميت واڌارن،
سڌارن ۽ مقدمي لکڻ لاءِ منهنجو نالو تجويز ڪيو.
مان پنهنجي لاءِ هيءَ سعادت سمجهان ٿو. حالانڪ مان
ڪو عالم اديب يا سَنَدَ يافته اسڪالر نه آهيان.
سنڌ جي نامور عالمن، اديبن، اسڪالرن ۽ سپورنج
ماڻهن سان ڪجهه عرصو گڏ گذارڻ جو موقعو نصيب ٿيو
آهي، انهيءَ صحبت جي اثر هيٺ هي ڪجهه رنڊا روڙڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿم. اميد اٿم ته اداري سميت لائق
پڙهندڙن جي خدمت ۾ هيءَ ڪوشش قبول پوندي.
آچر، 10- محرم الحرام 1434هه
بمطابق 25- نومبر 2012ع |
دين محمد ڪلهوڙو
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول
موسيٰ کٽياڻ، ضلعو حيدرآباد |
|