659هه: جهانکشائي جويني:-
از عطا ملک جويني. تاليف 659هه_ هن ۾ جلال الدين
خوارزم شاهه جي آمد جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو مٿي ڏئي
چڪا آهيون.
682هه: آثار البلاد:-
قزويني متوفي 682هه. هن جو ماخذ اصطخري آهي.
734هه: نزهت القلوب:-
حمد الله مستوفي. ڪتاب 740هه ۾ تاليف ٿيو.
749هه: مراصد الاطلاع:-
از صفي الدين بغدادي (متوفي 749هه) هي ڪتاب معجم
البلدان ياقوت جو اختصار آهي.
821هه: صبح الاعشيٰ:-
قلقشندي متوفي 821هه. چوٿين جلد ۾ امام صاغاني جي
ڪتاب، العباب الذاخر جي حوالي سان ديبل جو ذڪر ڪيو
ويو آهي.
پويان چار ڪتاب قديم ڪتابن تان ورتل مواد تي
انحصار رکن ٿا، انهن ۾ ذڪر اچڻ سبب اهو نه سنمجهڻ
کپي ته، ديبل انهيءَ زماني تائين موجود هيو.
* * *
مٿين سالوار نقشي مطابق، امام صاغانيءَ ۽ منهاج
سراج جي قول مان ثابت ٿئي ٿو ته، ديبل 650هه-
658هه تائين موجدو ۽ آباد هيو. البته دارالسلطنت
جي بجاءِ قصبو بڻجي چڪو هيو، جيئن امام صاغانيءَ
ڄاڻايو آهي. 734هه ۾ جڏڌهن ابن بطوطه آيو تڏهن
ديبل يا ته صفا برباد ٿي چڪو هيو يا انجي بندرگاهه
واير حيثيت ۽ اهميت ختم ٿي وئي هئي، جنهن ڪري ابن
بطوطه لاهري بندر تان لهي سڌو سيوهڻ آيو. گويا
منهاج سراج کان پوءِابن بطوطبه تائين جو جيڪو
منيءَ صديءَ جو عرصو گذريو، ديبل جو وجود
انهيءَ عرصه اندر ختم ٿيو.
ديبل جي سلسلي ۾ سلسليوار حوالا مٿي نظر مان گذري
چڪا. هن هيٺ ساڳي ترتيب ساسن ٺٽي جا حوالا ڏجن ٿا،
جنهن مان ٺٽي جي قدامت، ۽ ديبل ۽ ٺٽي جي درميان
جيڪو سالن جو وقفو آهي، اهو ظاهر ٿي ويندو.
* * *
ٺٽو:
571هه:
سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوريءَ، بقول مبارک
شاهي (تاليف 838هه) ٺٽي ۽ اُچ تي چڙهائي ڪئي:
”.... در سنه احديٰ و سبعين و خمسمايه سمت ا چہ
و تهته و ملتان لشکرکسيد، طايفئه تهته در حصار اُ
چہ محصر شده، با سلطان محاربه کردند....“ ص 6.
طبقات ناصريءَ ٺٽي جي بجاءِ ديبل لکيو آهي. آثار
الوزراءِ (عقيلي) ۾ وزير نظام الملک جنديءَ جي تحت
آهي:-
”... چون سلطان شهاب الدين غوري فتح ممالک هند
نمود آن ملک را بغلامان خود سپرد ... و تته و اُ
چہ را بسلطان ناصرالدين قبا چہ داد...“ (329)
طبقات اکبريءَ (37/1) ۾ آهي ته:
”.... سال ديگر 578هه) بطرف ديول کہ عبارت از تهته
است، لشکر برده تمام بلاد بحر را در ضبط در...“
تاريخ مبارڪشاهيءَ ۾ جڄاڻايل ٺٽي جي لفظ لاءِ
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم و مغفور جو خيال، بلڪل
صحيح آهي ته دراصل اهو ٺٽو نه بلڪه ”بهاتيه“ آهي
(حاشيو معصومي).
حقيقت ۾ پوئين دؤر جا مورخ، ٺٽي جي مرڪزي حيثيت ۽
شهرت کي ٻڌي، ديول ۽ ٺٽي جي مابين ڪوبه تفاوت ڪري
نه سگهيا آهن.
667-671هه: ديوان تحفه الصغر:- امير خسرو (تولد
651هه وفات 725هه). هي ديوان 16 کان 19 ورهن جي
عمر تائين چيل غزلن کي مرتب ڪري، امير خسرو تيار
ڪيو. ان ۾ هڪ غزل آهي، جنهن جي مطلع ۾ ”تته“ جو
قافيو آندو اٿائين:
سروِ چو تو، در اُ چہ و در تته نباشد
گل مثلِ رخِ خوبِ تو، البته نباشد
(از تحفة الصغر (671هه) کليات عناصر دوا وين خسرو
نو لکشورکانپور 1916ع)
امير خسرو، خان شهيد وٽ ملتان ۾ (678-683هه) پٺ
هيو. صدر الدين بن بهاءَ الدين زڪريا ملتاني
انهيءَ دؤر جو آهي. قلندر لعل شهباز ڪجهه وقت لاءِ
ساڳي خان شهيد وٽ رهي، پوءِ هتي سيوهڻ ۾ آيو.
مٿي ڏنل شعر مان صاف ظاهر اهي ته: ٺٽو 667هه ۾ نه
فقط آباد، مشهور ۽ معروف هيو، بلڪه ايترو با رونق
۽ متمدن شهر هيو، جو شاعر، اتان جي خوصبورت گلن ۽
سر و قد سهڻن جي تشبيهه، پنهنجي محبوب جي تعريف ۾
ڪتب آندي آهي.
669هه:-
سلطان غياث الدين بلبن (64-686هه) جو پٽ محمد قاآن
جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، 668هه ۾ ملتان ۽ سنڌ مٿان
حاڪم ٿي آيو. 683هه ۾ مغلن جي لشڪر سان مقابلو
ڪندي شهيد ٿيو ۽ تاريخ ۾ ”خان شهيد“ جي عرف سان
مشهور ٿيو. ان جي حدن جو ذڪر ڪندي، صاحب تاريخ
مبارڪشاهي (تاليف 838هه) لکي ٿو ته: ”.... از مالم
تا حد جناتي اقطاع او داخل ملتان بود... جناتي شصت
کروه از تهته پيشتر بر سر درياست ...“ (43)
805هه: مکاتبات رشيدي: از رشيدالدين فضل الله طبيب
مشهور و رير (ابا قاخان ۽ غازان خان) ۽ معروف مورخ
(مئولف تاريخ رشيدي) جنهن کي سلطان خدا بندي 718هه
۾ قتل ڪرايو.
خواجه مذڪور پنهنجي پٽ عزيزالدين ابراهيم حاڪم
شيراز ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، لاهور ۽ سنڌ تي مغلن
جي حملي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪمان سند ٻيو پٽ
جلال الدين خواجه (حاڪم اصفهان) ڪري رهيو هيو.
انهيءَ خط ۾ ٺٽي جو نالو ورتو ويو آهي.
عزيز الدين کي پڻ 18 جمادي الاول 718هه (گزيده
1-603) جو خدابندي قتل ڪرايو. سندس گهر ۾
علاءالدين بادشاهه هند (695-715هه) جي نياڻي هئي.
مولانا محمد شفيع مرحوم (مرتب مکاتبات رشيدي) جو
خيال آهي ته مذڪوره خط ۾، مغلن جي جنهن حملي جو
ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو 705هه جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو.
خط جي ضروري عبارت هن ريت آهي__ ”... فرزند جلال
(جلال الدين خواجه، حاڪم بلدء اصفهان) ... قلعه
لهاور را... باندک حملدء کہ کرده، مسخر ساخت. و از
ان جا باجماعتِ امرائي مغول بطرف ولايت سنده
متوجهه شد. طايفئه مخاذيل کہ درسلک (کذا) انتظام
يافته بودندِ و در ثغور ولايتِ مذکور جمع آمده و
در راه لشکر ايران، دام خديعت انداخته و چون شيران
آدمي خوار کمين ساخته، چون دانستند کہ قهرمانانِ
لشکر ايران و قلب شکنانِ جند ايلخانِ همهمہء افراس
را نوائي قانون و غنائي ارغنون مي شمرند، و جمجمه
راس راکاس صهبا و جامِ حميا مي پندارند، وصفِ
هيجا وقلب و غا چون دريا در جوش، و چون رعد در
خروش مي آيند، چون باد، روئي بهزيمت نهادند، و در
جزاير و آجام مختفي شدند. امرائي مغول بتالانِ
منال و مواشي و تاراجِ جوانب و حواشي مشغول گشتند.
اما فرزند جلال، چون رُجوم نجوم کہ در پي عفاريت
رانند و روند، در پي ايشان بشتافت. و آن جماعت را
بحددو جزاير بکر و اُ چہ و دحال لاهري تته
بتافت... الخ
(ص 325)
720هه:
سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه ( 716-720هه) بن سلطان
علاء الدين خلجي (695-715) کي ، خسرو ملک 720هه ۾
قتل ڪري تخت تي ويٺو، جنهٿن کي وري ساڳي سال سنڌ
جي گورنر غازي ملک تبهه تيغ ڪيو ۽ هو پاڻ، سلطان
غياث الدين تغلق (متوفي 725هه) جي لقب سان تخت
نشين ٿيو.
تحفة الڪرام جو قول آهي ته:
انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي تي سومرن قبضو ڪيو. (تڪ فارسي –
تخت غازي ملک)
752هه:-
سلطان محمد تخلق ٺٽي کان چوڏهن ڪوه پري هيو جو پلو
کائي بيمار ٿيو ۽ 21 محرم 752هه جو فوت ٿيو. سلطان
فيروز انهيءَ جاءِ تي (23 مارچ 3151ع) تخت نشين
ٿيو ۽ سندس لاش کڻائي سيوهڻ کان ٿيندو، دهلي هليو
ويو. تاريخ مبارڪشاهي جو مصنف لکي ٿو: ”... معهذا
قصد تهته کرده تاطغي را کہ آنجا گرفته به آن
طابيفه بدست آوردء بکشند... چون سلطان نزديک تهته
رسيد، باز همان زحمت عود کرد بست و يکم ماه محرم
سنه اثنين و خمسين و سبعمائه بر لبِ آب سند، برحمت
حق پيوست...“
(117)
63-764هه:
تايرخ فيروزشاهي:عفيف برني (تاليف 801هه) سلطان
محمدجي فوت ٿيڻ بعد فيروز تغلق دهليءَ مان ڪاهه
ڪري ٺٽي تي آيو. تاريخ فيروزشاهيءَ مان معلوم ٿئي
ٿو ته: ٺٽو عظيم شهر هيو، قلعو ايترو مضبوط هيو جو
ان جو فتح ڪرڻ مشڪل ٿي پيو، پهريون دفعو فيروز
مايوس ٿي واپس ويو، ٻئي دفعي ٺهي جُڙي آيو. غفيف
جو قول آهي ته: ٺٽي جي ڄام مجبور ٿي سيد جلال
الدين جهانيان جهان گشت کي اُچ مان گهرائي، وچ ۾
وجهي، سلطان فيروز سان صلح ڪري پيش پيو. ليڪن
عبارت جي انداز مان ظاهر پيو ٿئي ته، جهانيان جهان
گشت کي گهرائڻ ۾ سلطان فيروز جو به هٿ هيو. بهرحال
هتي ته اهو موضوع خارج از بحث آهي. هن هيٺ اسان
اهي سڀيئي عبارتون نقل ڪيون ٿا جن مان ظاهر ٿيندو
ته: ٺٽو تمام وڏو ۽ مضبوط شهر هيو. ٺٽي جو قلعو
ناقابل تسخير هيو. قلعو ايترووسيع هيو جو منجهس
لکين لشڪر رهي سگهيو ٿي. سنڌي لڙائيءَ جا جوڌا ۽
ڪوڏيا هوا، حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جي احساس جي
شدت، انهيءَ حد تائين منجهن هئي جو سنڌ جي عامي
ماڻهن به پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان ڪين ٿي ڪيٻايو.
چنان چہ ڪڇ جي ”ڪونجي“ رڻ ۾ رهبر ٿي رولڻ جو
واقعو ان جو شاهد آهي.
”... آباداني تهته در دو محل بود، بک محل کرانهء
لبِ آب سندهه جانبِ دهلي، دوم محل گذارلبِ آب
سندهه جانب تهتيان بسيارو بيشمار مرد انبوه، هريکي
باشکوه بلکہ هر يک تن چو انجمن بود با گراني کوه،
جمله مرد جنگي، چنان چہ از احوال قوت و جلادت
ايشان، ميان و جهانيان معلوم و روشن. درا اليمان
جام برادر رائي اُنرو بانبهنه برادر زاده او،
ضابط تهتهه بودند، انواع رعنائي در ميدان خود
نمائي مينمودند... جميعت بسيار جمع کردند، ولايت
ايشان بسيار و بيشمار است“ (عفيف صه 199)
جڏهن جنگ شرو ٿي ان وقت جي ڪيفيت بيان ڪندي مولف
لکي ٿو:
”... جام و بانبهنهء خودکامِ، با جميعت تمام مستعد
شده، باسوار بسيار و پياده بيشمار از ميان حصار
بيرون آمدند... (201).
”... و جميعت تهتهيان موازنهء بيست هزار سوار
جرار_ هر يکي در زور دلاوري کند آور روزگار_ و
موازنهء چہ ار لک پيادهء نامدار. با اين جميعت
فراوان و قوت بي پايان طائفه تهتهيان در آويز کردن
نمي توانستند... (202)
”... تهتهيان با آن قوت بي پايان درون حصار
ميخزيديند ...“ (203)
انهيءَ دفعي جنگ مان فيروز، ناڪام مايوس ۽ نامراد
ٿي دهليءَ هليو ويو، ۽ وري ٻيهر موٽي آيو. انهيءَ
سلسلي ۾، تاريخ مبار جو قول آهي:
”... آن (فيروز نگر کوت رافتح کرده از آنجا عزم
تهته نموده. چون در تهته رفت، جام بابنهيه کہ ضابط
تهته بود، بقوت آبگير محصر شده، مد تي محاربه
کردند... بضرورت ناچار، بعد کوشش بسيار جانبِ
گجرات روان شد...“.
765هه: تاريخ فيروزشاهي:- عفيف (تاليف 801هه).
پهرينءَ ڪامي وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار
سوار، چار سو اسي هاٿي ۽ پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي
انداز پيادا هئا. ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار ۽ چار
لک پيادا هئا.
ڄام جو اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلع بند هيو. ان مان
قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي
حملي لاءِ عفيف لکي ٿو:-
”... وطائفه سندهيان با قوت فراوان و جلادت بي
پايان، گذاري لبِ آبِ سنده تا هفتاد کروه بحر،
سوار و مرد جرار حائل بودند، در قسم هوشياري و
بيداري کوشش مينمودند، گذارشدن ممکن نبود... (ص
234 عفيف).
”... ملک عماد الملک و ظفر خان با لشڪر نراوان و
افواج بي پايان، صد و بيست کروه باز گشته فرود
بکہر گذارشده در زمين تهتهيان درِ آمده، تهتهيان
نيز با جميعت انبوه سوار و پياده باشکوه، از درون
حصاربيرون آمدند. ميان هر دو طرف جنگ سخت شده کہ،
در تحرير نه گنجد. و سلطان فيروز درين بر بود.
اگر چہ حصار تهته مينمود...“
(ص 235).
ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو ڪٽڪ زير ڪر ڪو نه
سگهيو، آخر نئون لشڪر دهليءَ کان گهرائڻو پيس (ص
236) ۽ تقريبن سڄيءَ مملڪت مان آدم ذات اچي گڏ ٿي
(37-238) عيفف جو چوڻ آهي ته: ٺٽي وارن وٽ جيڪو
اَنُ هيو سو هنن فيروز کي پهرئين دفعي ڀڄائي ڪڍڻ
کان پوءِ، بي اُلڪو ٿي، پنهنجن زمينن ۾ ٻج ڪري
وجهي ڇڏيو هيو. هيءَ جو مٿن اوچتو، خلافِ اميد ٻي
چڙهائي ٿي، ان لاِءِ نه هو تيار هئا ۽ نه وٽن کاڌ
خوراڪ جو پورو بندوبست هيو. مقابلا ۽ مجادلا ڪندي،
آخر ڏڪار ۾ مبتلا ٿيا. تنهن ڪري ”ڄام ۽ بانهبنه“
سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي اُچ مان خاص
ماڻهون موڪلي گهرايو، (ص 240). عبارت جي انداز مان
ائين پيو بَکي ته سلطان پاڻ سيد ڏانهن ماڻهو
موڪليو هيو (ڏسو صفحو 241-242). آخر سيد صاحب جي
وچ ۾ پوڻ ڪري صلح ٿيو ۽ بقول عفيف جي: ڄام ۽
بانهبنه، فيروز جي اچي پيش پيا. ”انهيءَ طريقي“
جي فتح تي، عفيف بيت لکيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي جو نالو
اچي ٿو:
هم تهته بدست آمد و هم کار فراهم شد
المنته لله کہ، ابن هم شد و آن هم شد (ص 247)
ڄام ۽ بابنيهه کي فيروز پاڻ سان دهلي ورتيون ويو ۽
ٺٽو ڄام جي پٽ ۽ تماچيءَ برادر بانبهنه (پسر جام و
تماچي برادر بانهبنه) جي سپرد ڪيائين (ص 247) جن
چار لک تنڪا ساليانو خراج ڏيڻو ڪيو.
عفيف جو چوڻ آهي ته: اها (ٺٽي ۽ گجرات جي) سر
زمين فيروز شاهه جي دؤر ۾ فتح ٿي، جنهن کي سلطان
معزالد بن (شهاب الدين) محمد سام جي زماني کان
وٺي، هن وقت تائين ڪو به فتح ڪري ڪو نه سگهيو
هيو؟. سلطان علاءُ الدين خلجي (695-715هه) پنهنجو
ڪٽڪ سلطان روم خواه سلطان حسين جي امدادي لشڪر
سميت ڪاهي آيو. تاهم فتح ڪري نه سگهيو. (ص 251)
انهيءَ فتح تي عفيف ٻيو شعر پڻ چيو آهي، جنهن ۾
ٺٽي جو نالو آهي:
در تهته چو شاهه رخ نهاد.
شاهانش دويده پافتاد.
آورده همہ برابر خويش
گنجينه بداديش ز حد پيش (ص 253)
دهليءَ اندر جن جاين ۾ ڄام ۽ سندن ماڻهن کي رهايو
ويو ان جو نالو ”سرائي ڻهڻه“ مشهور ٿي ويو هيو.
(ص 253)
انهيءَ پوئين فتح جي سلسلي ۾ تاريخ مبارڪشاهيءَ جي
تحرير هن ريت آهي:
”... چون سلطان، بار دوم در تهته رفت، جام
بابنهنيه امان خواست بحضرت پيوست و بمراهم مخصوصي
شد. سلطان اورا باتمام مقدمان آن طرف، برابر خويش
در دارالملک دهلي آورد. چون مدتي خدمت کرد، سلطان
باز جام را اقطاع تهته داد. و با ترتيب تمام روان
گردانيد..“ (ص 131).
765هه: قصائد مطهر ڪڙه: (متوفي در حدود 790هه)
مطهر شاعر ڪڙي جو ويٺل ۽ فيريوزشاهه تغلق جو مدح
خوان هيو. ملک الشرق عين الملک ماهرو_ جيڪو انهيءَ
دؤر ۾ ملتان جو صوبه دار هيو_ ان جي مدح ۾ پڻ سندس
قصيدا آهن. مطهر ٻه قصيدٰ فيروز تغلق جي مدح ۾ چيا
آهن، جن ۾ ٺٽي جو ذڪر موجود آهي. انهن قصيدن مان
ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح ٿئي ٿي. هڪ قصيدي ۾
فيروز شاهه جي فتوحات، اخلاق، حسن انتظام وغيره
جي تعريف ڪندي ٺٽي جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو؛
وز جملهء فتوح، گُل فتح، تهته بود
کز استماع آن همہ خلق انتشاربود
فتحي کہ در هواد ئي همت، قلاده بست
فتحي کہ در سواعدِ دولت، سوار کرد
فتحي کہ ني تهمتنِ ايراني، آنچنان
در عمر، ني سکندر رومي نجار کرد
در موضعي چنان کہ ز سختيء او سپهر
انگشت حيرت از سر دندان فگارکرد
در يا و پنج آب، زهر چار سوئي او
گشته يکي دو چشمِ تو چندانکہ کار کرد
کشتيءَ بي نهايت و مردان بي قياس
هر يک يلي کہ نيزه چو رستم گذار کرد
جيئي چو مارو مور، کہ هر يک برائي تير
بر خاشِ چشم مورو هدف، گوشِ مارکرد
شاه جهان کہ خاطر اوهر مهم کہ خواست
کردن کفايت از کرمِ کردگار کرد
همت چو برکشادنِ ابين جايگاه بست
و آثار خسروي بجهادش جهار کرد
چندان سپاه برد کہ، از سمِ مرکبان
صحرا ستوده آمد و دريا غبار کرد
هر روز نهب و غارت و هردم نبرد و جنگ
ميکرد تا ديار عدو پُر دمار کرد
تا عاقبت چو کار، بسکانِ آن مقام
در اضطراب آمد و حال اضطرار کرد
دادند سر بطاعت و جستند امان شاه
شه داد امان و بر کرم اميدوارکرد
صفدارِ سنده بانبهنيا را، و راي جام
اندر رکاب با هم خلق و تبار کرد
تنها نه ابن فتوح، کہ در هر ولادي تي
صد ابين چنين فتوح، دگر بر مرارکرد
حصر صفات شاهه چو در وسع عقل نيست
ميخواهم از ثنا، بدعا اختصار کرد
تا باد صبحگاه در ايام نوبهار
دامانِ خاک بر گوهر، آبدار کرد
بادت بهارِ عيش منور، کہ در جهان
بختِ تو، خاک تيره چو مشکِ تتار کرد
خاص ٺٽي جي فتح تي مطهر هيٺيون ترڪيب بند چيو
آهي:
بزمي است بهر سويء و نشاطي بهر سري
باغي بهر رهي و بهشتي بهر دري
هر جا، نهاده نخلي و هرجائي مجمري
هر جانبي صراحي و هر سوئي ساغري
هر يک چنان کہ در شبِ تاريک اختري
مه روئي و مشک موئي و شکر خنده شمع تاب
هر لُعبتي لطيف، چو نورسته نا رون
گل روئي سروقد و سمن ساق و سيمتن
شکر لبي، کہ شهد شود در لبش، لبن
و آرد نبات را، ز هوس، آب در دهن
چشمان و ابروان و برو بازوان و تن
چون نرگس و بنفشه و نسرين و نسترن
رفتار شان قيامت و گفتار شان فتن
ديدار شان بهشت و جدائي شان عذاب
تا نهضتِ رکاب همايون، شنيده اند
خصان و خاصگان، کہ درين جايء بوده اند
صد گونه عيش و عشرتو شادي فزوده اند
صد گون
عوس به بستن ازي
نموده اند
سرهائي قبه، برسر افلاک سوده اند
و اعلام و بعالم علوي شنود اند
گوئي کہ: گوئي حسن، ز جنت ربوده اند
اين قبها بزينت و اين کلها پتاب
هر قبهء چو گنبدِ گردون چنبري
نقش و نگار او همہ مريخ و مُشتري
پوشيده اند رنگ همہ شقر و شستري
از سبز و سرخ و زرد و بنفش و مصعفري
يا بر مثالِ قصر سليمان، ز برتري
سقف و ستون، او، همہ از زر جعفري
گوئي کہ: گوئي حسن، ز جنت ربوده اند
اين قبها بزينت و اين کلها پتاب
ني ني کہ شهر نيست، بهشتي است دلپذير
آراسته بسندس و استبرق و حرير
حوران درو کواعبِ اتراب بينظير
سلسال و سلسبيل درو چشمه و غدير
و ز شربت و شراب خميرش در آبگير
جاري هزار جوئي مي و انگبين و شير
اَبش همہ گلاب و گلابش هم عبير
خشتش ززر سرخ و زمينش ز سيم ناب
اکنون کہ از شکوه شهنشاه، روز جنگ
بازِ ظفر رکاب عدو کرد چون کلنگ
مائيم و صحن گلشن و صهبائي لاله رنگ
و آواز نائي نغمهء رود و نوائي چنگ
با ساقيان دلبر و با شاهدان شنگ
در سابهائي تيره و در جابهائي تنگ
ايمن زدرد وانده، و فارغ زنا وننگ
گه در نشاط و نوش وگهي در خمار و خواب
فيروز شه کہ افسر شاهانِ عالم است
مهدي تاج بخش و سليمان خاتمست
دست و دلش کہ محيي ابناء آدمست
ترياک نوشدارو و اکسير اعظمست
فيضِ سحاب لجهء
دريائي قلزم است
دستش بگاه جود و سنائش گهِ حراب
شاهي کہ چرخ مسند و خورشيد افسراست
سلطان شش جهات و شهِ هفت کشور است
در فرويال، همچو فريدون و نوذ راست
در رزم و بزم همبر سام و سکندر است
کشورکشا و خصم کُش و ملک پرور است
دانش پزوه ودين طلب و داد گستر است
کين توز و تاج بخش چو محمود و سنجر است
صفدار و سرفراز چو سام و فرا سياب
ديدي کہ شهہ چہ معجزه بنمود در جهاد
کا انصاف رزم بستد و داد نبرد داد
در يک لگام ريز کہ شه دروغا نهاد
اقلهم سنده و مملکت و مولتان کاد
فتحي نمود رو کہ، نه دارد کسي بياد
ز امروز تا زمانِ کيومرث و کيقباد
بشنو کنون، حکايت اين فتح باعتقاد
تاه گويمت تمام بايجاز و انتخاب
تهته کہ آن جزيره، بلائيست پر کهف
درياش يک طرف شد و پنج آب يک طرف
صحراش بي نبات و بيابانش بي علف
زرها درو تبه شد و اقليمها تلف
کشتئ کوه کاف بگردش کشيده صف
جنگ آوران بد و همہ شمشيرها بکف
در موج او نه مدخلِ ماهي و ني کشف
بر اوج او، نه مهبط شاهين و ني عقاب
صفدار سنده بانبهان کہ در مقام سنده
باسرفراز راي تماچي و راي جام
برگرد شان، زخيل و تبارو خواص و عام
جيشي کثير همچو هجومِ نجومِ شام
غير از يلان جلد و جوانانِ تيزگام
هر يک بسانِ رستم و اسفنديار و سام
القصه، اين سرانِ ولايت همہ تمام
يکجان و يکزبان شده، درهم چنين حراب
برحکم آن غرور کہ داريم جائ تخت
اسپان باد پاي و فراوان سلاح و رخت
بالشکرِ گران کہ کند کوه لخت لخت
بر خاکبوس مانده درين بندگئ سخت
بر تافتند روئ بتلقين تيره بخت
هر تيع و نيزه شان چو يکي شاخ از درخت
شاهِ جهان ز خنجرِ خونريز کينہ اخت
و انديشه کرد کردن آن جا يگہ خراب
چندان سپاه برد کہ، دريا و دشت و کوه
از سم اسپ و آهن و پولاد، شد ستوه
صفها کشيده خيل اميران گران شکوه
هر يک صفي چو سدِ سکندر بصد کروه
با هول و هيبتي کہ کند شوکت و شکوه
در لرزه بد زمين و دل مرد، دين پزوه
ميخو استند صبحد مان بردمِ خروس
کز بيخ بر کنند بيکبار آن خراب
...... ....... ....... ........
کان قوم هم سيه روي تافتند
ناکرده رزم سينه زهيبت شگافتند
چندانکہ چاه غور، کز انہ يشه کافتند
جز عجز و مسکنت، رهِ ديگر، نيافتند
لا بد رسن ز موئي سر و ريش بافتند
بُردند روئ عجز، بدرگاهِ آن
|