20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :8

(1) مڪلي

مڪليءَ جي ٽڪريءَ جو ذڪرڪندي، مير علي شير ”قانع“ لکي ٿو:

”کوچک ترين شعبہ جبال هاره و پٻ... وغيره. منشعب و موصل جب مڪران، و محيط کناره عمان است، اگر چہ  آخرين جبال و فرود ترين شعباتست، اما بروح و سرور برهمہ تفوق دارد.“ (تحفة الڪرام جلد 3، ص 184)

- يعني مڪلي، هاڙهي جبل ۽ پٻ ٽڪر جي هڪ ننڍي شاخ آهي! انهيءَ دؤر ۾ نه نقشا هئا ۽ نه پيمائش جا طريقا مجود هئا، مير علي شير اگر چہ  ذهين ۽ جغرافريه سان دلچسپي رکندڙ مصنف هو، ليڪن عدم و سائل ۽ قلت معلومات جي بناءَ تي، جيڪي ڪجهه زبان زد عام هو، ان کي هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو. هن وقت جڏهن ته سڄي دنيا جهان جي پيمايش ٿي چڪي آهي، انچ انچ جو نقشو ۽ جغرافيو موجود آهي، ان وقت حقيقت حال جو پتو پوي ٿو، ته مڪلي هاڙهي جبل ۽ پٻ ٽڪر جي شاخ نه آهي، بلڪه کير ٿر جبل جي هڪ دؤر افتاده ٽڪريءَ جو ٽُڪرو آهي.

هالار جبل جي هڪ شاخ، جنهن جي ٽُڪَرن جا هيٺ تي ايندي مختلف نالا ٿيندا وڃن ٿا، يعني ڪرو، ۽ ان جي شاخ ڏاڙهيارو ۽ ان جي شاخ کيرٿر، جتي اچي کٽي ٿي اتي، مُچي جي صورت اختيار ڪري ٿي. دادو ضلعي ۾ تونگ وٽ انهيءَ مچي مان مختلف ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ڦٽي، مختلف سمتن ڏانهن رخ رکن ٿيون. ڪانبو رينج، سوُرجاڻو، هَمِليگ، دينار، ڪوهستان رينج، لڪي رينج وغيره وغيره، انهن ڦٽي نڪتل شاخن جا نالا آهن. انهن شاخن مان ڪي مڪران طرف وڃن ٿيون ۽ ڪن جو رخ سنڌ ۾ ڏکڻ ۽ اولهه طرف ٿئي ٿو. لڪي رينج جو اختتام ۽ ڪوهستان رينج جي پڄاڻي اوڀر اتر وٽان اچي لڪيءَ جي سامهون ٿئي ٿي. نقشي مان معلوم ٿيندو ته مڪلي، کير ٿر جبل جي هڪ بلڪل دؤر افتاده شاخ آهي، جيڪا اتر کان ساموئيءَ وٽان شروع ٿي، ڏکڻ طرف ٻارهن ميل هلي، ڪلان ڪوٽ وٽان ٿيندي، پير پٺي تي ختم ٿئي ٿي.

هالار جون جيڪي شاخون سنڌ ڇڏي بلوچستان طرف وڃن ٿيون، انهن مان هاڙهو، پٻ ۽ هنگور وغيره آهن، جن جو سنڌ سان ڪو به تعلق ڪو نه آهي، ۽ نه وري، جيئن مير علي شير جو خيال آهي. مڪلي انهن جي شاخ ٿي سگهي ٿي.

ٺٽي وٽان مڪليءَ جي پهاڙيءَ کي ڪراچيءَ وارو رستو ڪٽي ٻه اڌ ڪري ٿو. ڏاکڻي اڌ ۾ عيدگاهه، مخدوم محمد هاشم، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم آدو، پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ جلوه گاه امامين وغيره آهن، ۽ ان جي ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ عمارتن جا ڦٽل آثار موجود آهن. اترئين حصي ۾ ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ هديرا آهن، سر اتر جي ڇيڙي تي سمن سلطانن جا روضا، جامع مڪلي، پير مراد ۽ شڪر الاهي ساداتن جا قبرستان آهن. شيخ جيئو، حماد جمالي، عيسيٰ لگنوٽي وغيره به انهيءَ حصي ۾ آهن. ٽڪريءَ جي اختتام تي اتر طرف نشيب ۾ ساموئيءَ جي سر زمين آهي.

روايت مشهور آهي ته، انهيءَ ٽڪريءَ تي سوا لک اولياءَ الله ۽ برگزيده ٻانها رب جا مدفون آهن ۽ وڏي خير برڪت ۽ انوار الاهيءَ جو مظهر، اها پهاڙي آهي. نه فقط اهو، بلڪه سنڌ جي ڇهن سون ورهين جي تاريخ انهيءَ ٽڪريءَ جي پيٽ ۾ آهي: بادشاهه، حاڪم، وزير، امير، شاعر، اديب، مصنف مُلڪي خواه غير ملڪي، انهن مقبرن، رانڪن، روضن، هديرن ۽ قبرن ۾ ستل آهن، جن جو سلسلو اسان کي ٻارهن ميلن ۾ اتر کان ڏکڻ تائين مسلسل نظر اچي ٿو. مقبرن جي عجيب و غريب ساخت، پٿرن تي خطاطيءَ ۽ گلڪاريءَ جي نادر نمونن، ۽ رانڪن خواه قبرن جي مختلف نمونن ۽ فني ڪمال سبب، اهڙيءَ مدفن گاه جو مثال سموريءَ دنيا ۾هڪ جاءِ ملڻ مشڪل آهي. ازان سواءِ ڀلن سان گڏ برا، بادشاهن سان گڏ غريب، اميرن سان گڏ مسڪين، ظالمن سان گڏ مظلوم راعيءَ سان گڏ رعيت ۽ راجا سان گڏ پرجا، انهيءَ پهاڙ تي روز جزا جي انتظار ۾ آهي.

مڪليءَ جو نالو انهيءَ ٽڪريءَ تي ڪيئن پيو؟ ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق ڪا نه آهي. ”تحفة الڪرام“ جي روايت مطابق، هڪ بزرگُ حج تي ويندي، انهيءَ ٽڪريءَ تي اچي مقيم ٿيو، رات جو ڪو خواب ڏٺائين، ان مان ڇرڪ ڀري جڏهن اٿيو، ته سندس زبان تي ”هذا مکة لي“ جو فقرو جاري هيو. يعني ”هي منهنجو مڪو آهي! هي منهنجو مڪو آهي!“ انهيءَ بزرگ جو اهو فقرو ايتري قدر مشهور ٿي ويو، جو زبان زد عام ٿي، آخر ”مڪليءَ“ جي تخفيف شده صورت اختيار ڪري چڪو.

ٻيءَ هڪ روايت موجب هڪ پاڪباز ۽ زاهده عابده مائي، فوت ٿيڻ بعد، انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ٿي، جنهن جي مزار سان متصل شيخ حماد جماليءَ پنهنجي جامع مسجد ٺهرائي. انهيءَ مائيءَ جي نالي پٺيان، ٽڪريءَ جو نالو شيخ حماد ”مڪة لي“ رکيو ۽ اهو مشهور ٿي ”مڪلي“ ٿي ويو. مسجد جامع جي عين محراب سان متصل انهيءَ مائيءَ جي زبون ٿيل مزار موجود آهي. (”تحفة الڪرام“، ص ص. 184_185). مير علي شير آخر ۾ فرمائي ٿو:

”بهر حال جاي ديدن است، علي الخصوص در موسم برشگال ک تالابهاي مملو آب شرين دارد، سبزه خود رو هر کنار نشان قدرت الاهي است، و وقف سائر و زائر“ (ص 185.)

ٺٽي جي شهر لاءِ، اها ٽڪري نه فقط دفن گاه ۽ عبرت گاهه هئي، بلڪه سندس رهواسين لاءِ تفريح گاهه جو پڻ ڪم ڏيندي هئي. مزار يت ميلا ملاخڙا لڳندا هئا، عورتون، رمد، خوش باش نوجوان، عالم ۽ اديب، شاعر ۽ سخت فهم _گرمي هجي يا سردي، بهار هجي يا سرءُ، اُس هجي يا لُک، بارش هجي يا خشڪي_ روزانو ٽڪريءَ تي ايندا هئا، سڄو ڏينهن سير تفريح، ميلن ۽ ملاکڙن مجلسن ۽ محفلن ۾ گذاري، راڳ رنگ جون صحبتون ۽ چوڪڙيون ڪري، شام جو گهرين تڙين هليا ويندا هئا، ڪن بزرگن جي درگاهن تي ته سڄي رات سماع هلندو هيو، چانڊوڪين راتين ۽ ڏکڻ جي هوائن سبب راتين جون راتيون ماڻهو رهي پوندا هئا. ”مڪلي نامه“ مان انهيءَ سلسلي ۾ وافر معلومات ملي ٿي. ”تارخ طاهريءَ“ جو مصنف مڪليءَ جو بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”در هر ماه چند عيد دارند، اول جمعہ کہ در ماه نومي آيد و آن را بزبان سندي، ايشان ماه سپهر جمعہ (سڦرو جمعو يا ماه پهريون جمعو) مي نامنده در آن روز، کوه مڪلي چنان انبوه و ازدهام از مرد و زن ميگردد، کہ جاي پاي ماندن نمي ماند، .... تمام روز تفرج و طواف قبور ميدارند، .... همہ روز بکامراني تا نماز شام آنجا بسر مي برند، باز بخانه خويش مي آيند... بر بالاي کوه مڪلي، تالابي ست کہ آن را کير (سر) مي نامند، يعني تالاب شيرين، درين مدت تا آب باران در تالاب هست، مرد و زن اصناف  چہ  هندو  چہ  مسلمان صف در صف هر روز تاشب، در آنجا طعام مي پزند و جشن ميدارند، بنوعي جميعت يکجا مي گردد، کہ کدام عيد و  چہ  طوي برابر آن باشد. ره کہ آنجا رميده و تفرج نموده، او ميداند و انصاف خواهد داد. اما اين قرار داد از همان وقت تا حال بحال ماند ست، و چون قديم باز عرف گريده، ترک نمي دارند. (ص_ 86_87)

ٺٽي جي خوش باش ۽ خوشدل ماڻهن لاءِ، جن جو مشعلو  انهيءَ قسم جا ميلا ٺيلا، ۽ رنگ راڳ هو_ مصنف لکي ٿو:

”بدين خوشدلي و خرميکہ اگر يکروز کسب ميکنند، هفته فراغت نمايند و کسب نمي کنند، حرص کم و فراغت بيشمار بهمين ها ميسر گشت.“

ٻئي هنڌ ٺٽي جي باشندن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:-

”هرگز ساکنان و متوطنان آن، غمگين و حزين کسي نيافته، برکم و بيش قناعت داشتہ بعيش و طرب کام و کامراني ميدارند، تا حال خوشدلي و خرمي،کہ درين خلق  ست، جاي ديگر نيست و نخواهد بود.“ (ص 84)

انهيءَ مصنف جو ٻيو معاصر ٺٽي جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي خوشدليءَ جو ذڪر هيٺيئن طرح ڪري ٿو:

”تته را بحسب آب و هوا و ميوه ترشحات باران بهشت روي زمين ميتوان گفت، و عورات جميله سبز رنگ، مثل حوران بهشتي پيدا مي شوند، و در هر خانه بهتي شراب و آواز دهولکي است،.... و پوشاک دختر  باکره و زال فر توت صد ساله، از رخت رنگين گل معصفر کہ پوشاک عروسانه است، و بانهين دندان فيل هر کدامي در دست دارد، و مردم آنجا بکو چہ  غم نگذشته اند، عيش و نشاطبر آنها غالب است. ظهور اولياءَ الله، و فضلا و شعرا هم در آنجا زياده از تعدادند،  و فسق فجور هم بيسار نشان ميدهد. گويند روز  عيد بناي اين شهر شده. و علم نحو و صرف و فقهه و نظم دران شهر بسيار است، و مي توان گفت کہ عراق ثاني است. (ذخيرة الخوانين، ص ص 166-167)

مٿيان ٻئي مورخ مير علي شير کان تقريباً سؤ ورهه اڳ جا آهن، جن پنهنجي دؤر جو اهڙي ريت اکين ڏٺو حال لکيوآهي. هڪ صديءَ کان پوءِ، مير علي شير جي دؤر ۾ به ٺٽي شهر جي رونق ۽ ٺٽي جي شهرين جي مشغلن جو اهو ئي حال هو. ”مڪلي نامه“ جي مقفيٰ عبارت ۽ حسن بيان، خود ٺٽي جي رنگين ماحول ۽ شهر جي ذهني خوشگواريءَ جو نتيجو آهي.  اهو شهر جڏهن کان وٺي ٺهيو (1)، انهيءَ ڏينهن کان وٺي، رنگ محل رهندو آيو آهي. حسن ۽ عشق جا ميل ۽ ملاقاتيون، شعر و سخن جون مجلسون ۽ محفلون، خوش باشي ۽ خرمي، انهيءَ شهر جون خاص وصفون هيون. سرمد شاعر انهيءَ  ئي شهر ۾ ابيچند جي وَر چڙهيو، سڄو ايران ڦريو، سمورو هندستان ڏٺائين، ڪٿي دل ڪا نه اٽڪيس، نشاني تي تير نيٺ اچي حضرت ننگر ٺٽي ۾ لڳو ۽ نعرو بلند ٿيو:

خدايت کيست؟  اي سرمد! درين دير

نمي دانم ابيچند است يا غير

”ذخيرة الخوانين“ جي مصنف ٺٽي جي فسق فجور، ۽عورتن جي رنگين لباسن، عاج جي ٻانهين، شراب جي بٺين، طنبورن ۽ ڍولڪن طرف جيڪو اشارو ڪيو آهي، سو ٺٽي جي ماڻهن جي عيش و نشاط تمدني ڪيفيت ۽ روزمره جي خرميءَ ۽ خوش باشيءَ تي روشني وجهي ٿو، ان مان اسان بخوبي اندازو  ڪري سگهون ٿا ته ٺٽي جي رهاڪن ۽ انهن جي معاشري جي ڪهڙي ڪيفيت هئي، ڪنهن شاعر چيو آهي:

کسي را تمنايء تتہ بود کہ پس کوچہ ۽ عالمش جا بود

ٻئي هڪ ظريف شاعر جو شعر آهي:

شک نيست کہ ..... مرده خيزد از غمزدهء لوليان تتہ

ٺٽي جي انهن خوش باش باشندن جي سير و تفريح جو مرڪز مڪليءَ جو پهاڙ هوندو هو، جيئن ”طاهري“ جي مصنف يا ”مڪلي نامه“ ۾ مير علي شير جا بجا لکيو آهي.

مڪليءَ جي نظارن، مقبرن، مجلسن ۽ روح ريجهائيندڙ ميلن ملاکڙن جو مذڪور ڪيترن فارسي گو شاعرن به ڪيو آهي. ٺٽي جي ”رونق“ شاعر جو هڪ طويل قصيدو مڪليءَ جي شان ۾ آهي، جنهن جا چنده شعر  هي آهن:

بهارِ کوه مڪلي طرفه سير است

تماشائي بداند خرم آباد

بهر گوشه خرامان سر و قدي

اگر  چہ  نيست در وي سرو آزاد

هواي روح افزائش همہ وقت

هواي جنت الماويٰ دهد ياد

بلي! آنجا مزار سيدي هست

کہ اکثر نامرادان را کند شاد

پوئين شعر ۾ پير مُراد شيرازيءَ جي مزار ڏانهن اشارو آهي.

شاعرن جي مجلس آرائيءَ جو وڏو اَڏو به مڪلي هو. ٺٽي مان ڪهي اچي مڪليءَ جا لقاءَ لٽيندا هئا. جمالياتي جلوا به کين اتي ئي افراط سان ڏسڻ ۾  ايندا هئا. ٺٽي ۾ ته هرڪو پيو هوندو هو ديوارين اندربند، نظر بازيءَ جا مواقع  مڪليءَ تي، پيرن فقيرن جي مزارن درگاهن ۽ زيارتگاهن تي کين نصيب ٿيندا هئا: ”مڪلي نامه“ جي هر نظم ۽ عبارت جو هر فقرو انهيءَ روئداد لاءِ گواه آهي.

جيئن ٺٽي جو شهر اڄ نابود ۽ زبون آهي، تيئن مڪليءَ جواهو اوج ۽ اقبال به زوال پذير آهي. مقابر ڊهي  ويا آهن، رانڪون زمين دوز ٿي چڪيون آهن، ۽ درگاهن جا دروازا بند ٿيا پيا آهن. خود ٺٽي جي ماڻهن ۾ به اها خوشي ۽ خرمي ڪانه رهي آهي، هرڪو وسوڙهل ۽ موڙهل نظر اچي ٿو، اڳ هڪ ڏينهن ڪمائيندا هئا ته هفتو برابر عيش و عشرت ڪندا رهندا هئا، ليڪن اڄ اها حالت ڪانه آهي. شايد اڄ سڄي هفتي ڪمائڻ کان پوءِ به کين پل جي خوشي نصيب ڪا نه ٿي ٿئي. زماني جا ڦير ۽ ڏينهن جا ڏڦيڙ آهن. ڪالهه ۽ اڄ ۾ ڪيڏو فرق آهي!

 

(1)  تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته: ڄام نظام الدين تخت تي ويهڻ (25 ربيع الاول 866) کان پوءِ ٺٽي جو شهر آباد ڪيو:

”بخاطرش رسيد کہ شهر نو،  بوقت اسعد بنا بايد ساخت کہ آنجا، خرمي و خوشدلي هميشه و همہ وقت بوده باشد.

بر همنان و منجمان اختر شناس ساعت سعيد ديد، در اطراف و پيرامون ساموئي گرديده، جائي کہ شهر تتہ است، آن زمين را پسند طبيعت داشتہ، بعرض  جام بعرض نمموده، بناءِ شهر تتہ نهادند ...... الخ“

ليڪن اهو قول صحيح نه آهي، ڄام  نظام الدين جي زماني کان ڪم و بيش  ٻه سو ورهه اڳه ٺٽي جو شهر آباد ۽ سنڌ جو دارالاسلام بڻجي چڪو هيو.

*             *             *

لوور سنڌ ۾ جيڪي تاريخي شهر آهن، انهن مان اول ديبل ۽ ان کان پوءِ ٺٽي کي خاص اهميت ۽ شهرت حاصل رهي آهي. انهن ٻنهي شهرن جي سلسلي ۾ محققن جي درميان ڪئين مسئلا تصفيه طلب آهن، جن جو قطعي طرح اڄ سوڌو ڪو به فيصلو ٿي نه سگهيو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ هي آهي، جو ڪنهن به ڪڍ پئي انهن مسئلن جو حل تلاش ڪونه ڪيو آهي، اهي منجهيل مسئلا هن ريت آهن:-

الف- ديبل انهن متعدد جاين مان واقعتن ڪهڙي هنڌ آباد هيو؟ جن ڏانهن قيس جي بناء تي سنڌيالوجيءَ جي انگريز محققن اشارو ڪيو آهي.

ب- ديبل ڪڏهن برباد ٿيو؟

ج- ٺٽو ڪهڙي زماني ۾ آباد ٿيو ۽ ڪير انجو باني هيو؟

د- ٺٽو جدا هنڌ يتآباد ٿيو يا ديبل جي ڊٺل  ڍيرن مٿان اڏيو ويو؟

هه- تاريخن ۾ ”ديول ٺٽو“ گڏ نظر اچي ٿو، ان جو مطلب ڇا آهي؟

اهي سوال طئي ٿي سگهن ٿا بشرطيڪ، تحقيقات جا سمورا جديد ذريعا انهيءَ  ڏس ۾ استعمال ڪيا وڃن.

هن هيٺ اسان سال وار اهي ماخذ پيش ڪيون ٿا جن ۾، ديبل خواه ٺٽي جو ذڪر آيو آهي. تاڪه، پڙهدنڙن کي معلوم ٿئي ته مسلمانن جي ڪتابن ۾ ديبل جو ذڪر ڪڏهن کان شروع ٿيو، ڪهڙي زماني ۾ ان جو نالو تاريخ جي صفحن تان گم ٿيو، ٺٽي جو نالو سڀ کان پهريون ڪڏهن تاريخ ۾ آيو ۽ ديبل جي ختم ٿيڻ ۽ ٺٽي جي نروار ٿيڻ ۾ ڪيترن سالن جو وقفو پيو.

*             *                *

ديبل:

150هه: طرائف الادبيه: (مرتبه مولانا عبدالعزيز الميمني مطبوعه قاهره 1937 ص 102) خالد قناص جو نائون  نونيه قصيدو جنهن کي ”عروس“ سڏيو وڃي ٿو، اُن جي پهرين ٻن شعرن ۾ ديبل جو ذڪر هن طرح آيل آهي:

عو جو اعلي  طلل بالقفص خلاني

اقوي فقطانه ار آل هيقان

کا لد يبليات او اجل قراهته

من بين احمد يرعا ها و يثران

___ قُفُص (عراق جي تفريحي شهر) ڏانهن هلو! اي منهنجا دوستو! جيڪو ويران ٿي رهيو آهي، ۽ هاڻي منجهس شترمرغ جا ٻچا رهن ٿا. ديبل جي نيل گاين جيان،  يا جهنگلي نيل گاين وانگر، جيڪي لال رتيليون آهن.  پاڻ جهڙن ڍڳن  جي درميان __ شايدان دؤر ۾ ديبل جي آس پاس نيل گايون رهنديون هيون، جن کي ديبل جي نسبت سبب ”ديبليات“ سڏيو ويو آهي. اهو شاعر ٻيءَ صدي هجريءَ جي وچ ڌاري هيو.

231هه: المعجم ما استعجم: جي مصنف ابي عبيد عبدالله بن عبدالعزيز المتوفي 487هه، ديبل جي تحت هڪ شعر اندو آهي (569/3) جنهن ۾  ديبل جو ذڪر آهي، اهو  شعر ابن الاعرابي، محمد ابن زياد 150 – 231هه – زرکلي 365/2) کان ثعلب ٻڌو، جنهن کان ابو عمر (زاهد) ٻڌو، جنهن کان ڪتاب جي مصنف ٻڌي لکيو. شعر آهي:

کان ذراَعُه الَمثکُولَ منه

سَليبُ من رجال الديبُلان

__ انهيءَ مٽڪي جي منهن جي گِرنوَ ٻڌي وئي آهي، گويا ديبل جو ڪو (ڪارو) ماڻهو آهي، جنهن جا ڪپڙا لاٿا ويا هجن__ معلوم ٿو ٿئي، ته ديبل جا ماڻهو ڪارا هوا، جن جي ڪارپ کي، شراب جي پراڻي مٽ جي اودي پڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِ، بطور تشبيهه جي ڪم آندو ويو آهي.

مصنف وڌيڪ لکي ٿو_ ”اهو شعر هڪ مٽ جي تعريف ۾ آهي، مشڪول بمعني مشدود، ديبلان کاڻ آهي ڪارن جي.“

650هه:- المسالڪ والممالڪ:- 250هه از ابن خرداز به المتوفي 300هه

279هه: فتوح البلدان: بلاذري المتوفي 279هه

287هه: تاريخ يعقوبي: احمد بن يعقوب المتوفي 287هه

303هه: مروج الذهب: المسعودي المتوفي 346هه هي ڪتاب 332هه ۾ لکيو ويو ۽ پاڻ 303هه ڌاري هتي جو سفر ڪيائين.

303هه: التنبيهه والا شراف:- المسعودي المتوفي 346هه

331هه: صورت الارض:- ابن حوقل 331هه ۾ هندستان آيو.

340هه: المسالڪ والممالڪ:- اصطخري 340 ۾ هندستان آيو.

373هه: حدود العالم:- مصنف نامعلوم. ڪتاب 372هه ۾ لکيو ويو.

375هه: احسن التقاسيم:- بشاري مقدسي. 375هه ۾ ڪتاب لکيو ويو.

416هه: کتاب الهند:- ابو ريحان بيروني تاليف 416هه

430هه: قاتون مسعودي:- ابو ريحان بيروني.  المتوفي 440هه ڪتاب  مسعود بن محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ تصنيف ٿيو.

487هه: المعجم ما استعجم: ابي عبيد، عبدالله بن عبدالعزيز البکري الاندلسي المتوفي 487هه. ديبل جي مس سلسلي ۾  ڪتاب جي مصنف جو قول مٿي ڏئي آيا  آهيون..

510هه: فارس نامه: ابن بلخي_ تاليف 510هه کان اڳ موقف ذڪر ڪيو آهي ته بهرام گور بن يزدگرد بن شاپور ساساني (442 _ 465هه)کي ديبل ڏاج ۾ مليو. (تاريخ گزيده، کامل ابن اثير ۽ تاريخ غر رالسير لثعالبي وغيره ۾ پڻ اهو ذڪر آهي).

459هه: نزهت المشتاق:- شريف ادريسي، ڪتاب سال 549هه ۾ لکيو ويو. مصنف 493هه ۾ ڄائو.

562هه: ڪتاب الانساب: سمعاني متوفي 562هه.

587هه: طبعقات ناصري:- سلطان شهاب الدين محمد غوريءَ (بن شام) جو__ جنهن 578هه ۾ سنڌ کي فتح ڪيو. ذڪر ڪندي، مصنف لکي ٿو:- ... و ديگر سال کہ (شهور) سنه ثمان (وسبعين و خمسمائته) شد، سلطان غازي  (محمد غوري) لشڪر بطرف ديول برد، و تمام آن بلاد کنار بحور را، در ضبط آورد و اموال بستد و مراجعت فرمود...... (467)

607هه: ساڳيو مصنف ملک  ناصر الدين قباچي جي مذڪور ۾ جنهن، (22 جمادي الاول سنه 625هه يا 19 جمادي الاخر) جو، سلطان شمس الدين التتمش جي هراس کان پاڻ کي بکر جي قلعه تان درياه ۾ اڇلائي خودڪشي  ڪئي لکي ٿو: ”ملک ناصر الدين قبا چہ  بادشاهه بزرگ و بندهء سلطان غازي (شهاب الدين محمد بن سام غوري) بود... بعد از حادثهء سلطان قطب الدين (ايبڪ 607هه)  بطرف ا چہ  رفت،  شهر ملتان را صبط کردند و سندستان و ديول تالب دريا، جمله در تصرف  او آمد. و قلاع و قصبات شهر هاءِ مملکت سنڌ را خود گرفت....“ (492)

614هه: چچ نامه: علي بن حامد الڪوفي تاليف 613هه.

618هه: جلال الدين خوارزم شاهه، چنگيز خان جي چڙهائيءَ سبب ملک ڇڏي 8 شوال 618هه  جو سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ 619هه جو هتان واپس ويو. صاحب طبقات ناصري (تاليف 658هه)( سندس ذڪر ڪندي لکيو آهي:

”جلال الدين خوارزم اهه بزمين سند آمد، و برطرف ديول و مکران  رفت ...“ (492)

618هه: جهانکشائي جو ني: (تاليف 659هه) ۾ ساڳيو مذڪور هن ريت آهي:- .... و بر جانب ديول و دميرله  __ (مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي قياس مطابق دمبرلا مڪران جي سرحد تي هيو)__ نهضت کرد. و چنيسر کہ حاکم آن ولايت بود، بگربخت و در کشتي بدريا رفت. سلطان نزديک ديول و دمريله فرود آمد .... و سلطان در ديول، مسجد جامعي بنا فرمود، در موضعي کہ  بتخانه بود__“ (تاريخ معصومي ص 286 بحوالهءِ جهان کشائي ج 2- ص 164- 148 ترجمه انگريز 17-416 Boyle Vol II – آثار الوزراء عقيلي مطبوعه طهران 1337ش – ص 0271)

625هه: طبقات ناصري جو مصنف، قبا چہ  جي مرڻ بعد سلطان شمس الدين التتمش (607-633هه) جي قبضي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ....  آن بلاد تا آب محيط فتح شد، و ملک سنان الدين جنيسر (چنيسر) کہ واليء ديول و سند بود بخدمت درگاهه شمس الدين پيوست ... (523)

626هه: معجم البلدان:- ياقوت حموي متوفي 626ه.

634هه: سلطان رضيه، (634- 637هه) جو  ڪندي، طبقات ناصيرءَ جو مئولف لکي ٿو ته: ”از ممالڪ لکہنوتي تا ديول همہ ملوک وامراء انقياد نمودند...“ (537)

650هه: العباب الزاخر و اللباب الفاخر:- از امام صا غاني (متوفي 29 شعبان 650هه جمع جي رات) امام صاغاني ڪيترن سالن تائين، سنڌ ۽ هند جي مختلف شهرن جو سفر ڪيو، هن ديبل جو شهر پاڻ ڏٺو.  پهريون سفر 590هه کان 595هه تائين ڪيائين، 595هه ۾ سنڌ مان ٿيندو، عراق هليوويو. 606هه ۾ وري هندوستان آيو ۽ 610هه ۾ موٽي حج تي هليو ويو. 613هه ۾ حج کان فارغ ٿي هندوستان پهتو ۽ 615هه ۾ بغداد واپس ٿيو. وري 616هه ۾ خليفه الناصر الدين جو سفير ٿي التتمش جي دربار ۾ آيو. هو ڪتاب العباب لکندي لفظ (بکم) تي پهتو جو 650هه ۾ اوچتو انتقال ڪيائين ۽ ڪتاب نا مڪمل رهجي ويو. جيڪي شهر هن ڏٺا تن جو ڪتاب ۾ جابجا ذڪر ٿيل  آهي، چنان چہ  ديبل جي سلسلي ۾ هيٺين عبارت لکي ٿو، جنهن مان معلوم پيو ٿئي، ته 650هه ۾ جنهن وقت ڪتاب هٿ ۾ هيس، ديبل موجود هيو. __ ”ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندر گاهه آهي ۽ ٻيڙا پگهه ڪن ٿا. هتان جا عام رهاڪو نيڪ طينت آهن، پر قديم امير ۽ حاڪم، خواه هاڻوڪا حاڪم ۽ امير بد باطن آهن. بحري ڌاڙيلن سان سندن تعلق آهي، ۽ لٽ ڦر جي مال مان پنهنجو حصو اڳاڙيندا رهن ٿا.“ _ (عربي عبارت ڏسو معارف نمبر 3 جلد 83ص 223- ڪتاب جو روٽوگراف سينٽرل اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. تاج العروس ۾ زبيديءَ (مادهء دبل) ۾ مٿئين عبارت کي نقل ڪيو آهي. صاحب  تاج العروس قصبي جي بجاءِ ديبل کي سنڌ جو پايهء تخت ڄاڻايو آهي.)

658هه: طبقات ناصري:- قاضي منهاج سراج جرجانيءَ 658هه ۾ مرتب ڪئي. پاڻ ڪيترو وقت قبا چہ  وٽ، اُچ ۾ رهيو. هن ديبل جو ذڪر ڪيو  آهي، جيڪو مٿي ڏنو ويو آهي. (اسان جي سامهون آقائي حبيبيءَ جو پهريون ايڊيشن آهي.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org