(9) – مير عبدالرزاق معموري:مير
عبدالرزاق معموري، عبدالعلي ۽ ٻئي ترخاني لڏي کي
وٺي 26 ربيع الاول 1023هه جو (جمعرات 8 جلوس
جهانگيري) اجمير ۾ جهانگير وٽ پهتو. بادشاه انهيءَ
ڪاميابيءَ تي کيس – بقول صاحب ترخان نامه – مظفر
خان جو کيس خطاب ڏنو. ساڳي مؤلف جو بيان آهي ته
:عبدالعلي ۽ خسرو چرڪس کي بادشاه جيل ۾ وجهي ڇڏيو.
خسرو جيل ۾ مري ويو (؟) ۽ ڪجهه عرصي بعد
عبدالعليءَ کي نورجهان جي سفارش تي بادشاه آزاد
ڪري، آصف خان جي سنڀال ۾ ڏئي ڇڏيو. جڏهن جوان ٿيو
ته سندس جزوي روزينو مقرر ڪيو ويو. ترخان نامه جو
صاحب لکي ٿو – عبدالعليءَ 1039هه ۾ انتقال ڪيو. –
سندس قبر جو ڪتبو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ وفات جي
تاريخ 9 رجب 1040هه آهي. قرين قياس اهو آهي ته
ميرزا عبدالعليءَ هندستان ۾ وفات ڪئي هوندي، جتان
دستور موجب لاش کڻي آڻي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو
ويو. ذخيرة الخوانين جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ هڪ
عجيب روايت لکي آهي، لکي ٿو ته: جڏهن ميرزا خسرو
عبدالعليءَ کي تخت تي ٿي ويهاريو، ان وقت هڪ درويش
ڏانهن اشارو ڪندي خسرو کي چيوته: تون هن معصوم کي
ڇو ٿو تخت تي ويهارين؟ چار ڏينهن تخت نشين ٿيندو ۽
سڄي ڄامر جيل ڀوڳيندو. – چرا اين جواب بيگناه را،
رائ سردارئ چند روز محبوس مخلد ميگرداني – (صه
418). شيخ فريد بکري لکي ٿو ته، ٿيو به ائين – از
آن تاريخ تا حال محبوس است-
اگرچه ٻين سلسلن ۾ شيخ فريد جي – تا حال – جو مطلب
گهڻو ڪري 1060 هه آهي. ليڪن هن معاملي ۾ 1040 هه
کان اڳ جو زمانو سمجهڻ گهرجي.
مير عبدالرزاق مظفر خان معموري 1021هه ۾ ٺٽي جو
بخشي ٿي آيو. 1022هه ۾ عبدالعليءَ وارن کي وٺي
دربار ۾ ويو. 1024هه ۾ ٺٽي جي گدا بازار ۾ مسجد
جامع جوڙايائين، جيڪا هن وقت مسجد خضريء جي نالي
سان موجود آهي ۽ ان جي محراب تي سندس نالي جو ڪتبو
موجود آهي.
15 ربيع الاول 1025هه جو شمشير خان اوزبڪ کي ٺٽي
جي صوبيداري ملي. اهو فرمان جهانگير اجمير جي منزل
تان جاري ڪيو – رجب 1027هه جو مير عبدالرزاق احمد
آباد جي منزل تي جهانگير جي دربار ۾ حاضر ٿيو. هڪ
سؤ مهر طلائ هڪ سؤ رپيو ۽ هڪ لک رپين جا زر و
جواهر ۽ اسلح نذر ۾ ڏنائين – 3 يا 4 رمضان 1027هه
جو بادشاه کيس خلعت ۽ هاٿي انعام ۾ ڏئي، ساڳي طرح
ٺٽي تي بحال رکيو (جمعرات 31 ماه امر داد) – ربيع
الثاني 1030هه ۾ مظفر خان مير عبدالرزاق معموريءَ
ٺٽي جي صوبيداريءَ تان تبديل ٿي آگري پهتو. (20
ماه اسفند يار)
(10) – راڌڻ پور:
شمالي گجرات ۽ ڪڇ جو هي مرڪزي شهر انگريزن جي
زماني ۾ بمبئي جي صوبي سان لاڳو هو. پٽن جي
ريلوي اسٽيشن کان 34 ميل پري آهي.
(امپيريل گزيٽئر ج 21 صه 24)
(11) – سنڀل:
ضلعي مراد آباد (اتر پرديش) تعلقي جو صدر مقام
آهي. مراد آباد کان 23 ميل جنوب مغرب ۾ آهي. اهو
شهر قديمي آهي. پرٿي راج جي چند کي انهن شڪست هئي
هئي. همايون ڪجهه زمانون بابر طرفان سنڀل ۾ گورنر
رهيو.
(امپيريل گزيٽيئر ج 22- صه 18-19)
(14) سيد محمد يوسف رضوي بکري
ولد مير محمد جادم، نسب جي لحاظ سان رضوي سيد،
سندس بزرگ ايران مان لڏي سنڌ ۾ آيا ۽ بکر ۾ سڪونت
اختيار ڪيائون. سيد محمد يوسف پاڻ بکر ڇڏي
ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو.
ٺٽي ۾ سيد مبارڪ جي ذريعي سلوڪ جون راهون
طئي ڪيائين، سيد مبارڪ سيد ميران محمد
جونپوريءَ جي مريد ميان
دانيال ٺٽويءَ جو مريد ۽ خليفو هو.
سيد محمد يوسف سيد مبارڪ جي بيعت ڪرڻ بعد ٺٽو ڇڏي
ملڪيءَ تي وڃي رات ڏانهن رياضت ۾ مشغول ٿيو.
ملڪيءَ ۾ انهيءَ جاءِ تي رهيو، جنهن جاءِ تي سيد
ميران محمد جونپوري قيام ڪيو هو ۽ انتقال بعد انهن
اتهن دفن ٿيو.
مير محمد يوسف رضوي فارسيءَ ۾ شعر پڻ چيو آهي. مير
علي شير قانع پنهنجي ڪنهن به ڪتاب ۾ انهيءَ طرف
اشارو ڪونه ڪيو آهي، تڪمله مقالات الشعراء جي مولف
مخدوم ابراهيم خليل هڪ رباعي ڏيندي لکيو آهي:
”الحمد لله که بفقير يک رباعي آنجناب، مسرت بخش
شده، بتحرير آن چار گهر گوش، شايقان را زينت
بخشم.“
رباعي هيءَ آهي:
هرکہ توجهه بدر حق کند توسن ِ فلاک شود رام
او
گرچه جهان جمله شود دشمنش کڄ نکند موئ ز
اندام او
مهدي نبست:
سيد ميران محمد جونپوريءَ جي طريقي ۾ داخل ٿيڻ بعد
اهو خاندان مهدوي نسبت سان مشهور ٿيو ۽ اڄ
تائين رضوي مهدوي سڏيو وڃي ٿو. سيد يوسف جا
هيٺيان ٻه عزيز سندس جئري ٺٽي ۾ آيا:
پير پرڏيهي:
سيد محمد يوسف ٺٽي پهچڻ بعد، عباسي قاضين مان شادي
ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي ٿي. سيد صاحب بکر کان
اڪيلو ٺٽي پهتو هو، سندس ٻيو قبيلو بکر ۾ رهيو ٿي،
جڏهن نياڻي ساماڻي، ان وقت سيد پنهنجي ڀائيٽي سيد
اسحاق بن سيد ڪمال الدين کي بکر مان لڏائي اچي ٺٽي
ويهاريو ۽ کيس نياڻيءَ جو سڱ ڏنائين.
اهو سيد اسحاق سيد جي فيض صحبت سبب پنهنجي
دؤر جو صاحب ِ دل ٿيو. پير پرڏيهي – جي لقب
سان سان غالباً انهيءَ ڪري مشهور ٿيو جو ٺٽي ۾
ٻاهران آيو هو. سندس مزار محمد يوسف جي پهلوءَ ۾
آهي – ٺٽي جا رضوي مهودي سيد انهيءَ بزرگ جو اولاد
آهن.
سيد عبدالرزاق:
سيد محمد يوسف جو ڀاءُ هو جيڪو سندس ئي زمان ۾ بکر
ڇڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. پاڻ روحانيت ۾ ڪمال هو. وفات
بعد قاضي عبدالله جي احاطي ۾ شيخ حماد
جماليءَ جي پٺيان اولهه ۾ دفن ٿيو.
چند اهل ڪمال:
ٺٽي جي انهيءَ مهدوي رضوي ساداتن جي خاندان مان
ڪيترا اهل ڪمال پيدا ٿيا، جن مختلف وصفن ۾ نالو
ڪڍيو. حقيقت ۾ اهو گهراڻو غير معمولي ذهين فردن جو
مجموعو ثابت ٿيو – شاعر، مصنف، امير ۽ اهل دل
درويش – غرض ڏهين صدي هجريءَ کان وٺي تيرهين صديءَ
جي آخر تائين، انهيءَ خانوادي ڪيترا مشاهير سنڌ کي
ڏنا، بلڪه چوڏهين صديءَ جي ابتدا تائين اهو خاندان
اهل ڪمال کان خالي نه رهيو.
هن هيٺ چند ناميارن بزرگن جو احوال ڏجي ٿو:
سيد ڪمال الدين احمد خان:
بن سيد عنايت الله. سيد محمد يوسف جو ڏهٽاڻ ۽ ٺٽي
جي مشهور انشا نويس فاضل خان
جو ناٺي هو. پاڻ فارسيءَ جو صاحب طرز شاعر ۽ نثر
نويس ٿي گذريو آهي – اصطلاحات رضويه –
شرح ديوان حافظ – سندس ٻه فارسي تصنيفون آهن.
1132هه ۾ انتقال ڪيائين. شيخ محمد رضا – کمال
داغ بدل – مان سندس تاريخ ڪڍي.
ڪمال الدين جي مدح ۾ سندس معاصر شاعر عبدالحڪيم
عطا ٺٽويءَ ڪيترا قصيدا چيا، جن مان فقط هڪ ناقص
قصيدو هٿ آيو آهي. قصيدو موشح آهي. پهرين نون
مصرعن جي ابتدائي لفظن کي گڏبو ته ڪمال الدين نالو
ڪري نڪري ايندو. هڪ شعر آهي:
که اسم تست زر بطِ همين نُہ مصراعي
زهي کمال اسم است يا مسمّيٰ را
مير مرتضيٰ الهام:
بن سيد ڪمال الدين فارسي ۽ عربيءَ جو جيد عالم ۽
اديب هو.
ميرزا صائب (1010-1081هه) جو شاگرد آقا تعظيماقمي
هندستان ويندي جڏهن ٺٽي ۾ ٻه سال رهيو، ان وقت سيد
مؤصوف جي شعر و سخن جي شهر ۾ ڏاڍي شهرن هئي. آقا
تعظيما ايترو چرچو ٻڌي ساڻس ملڻ ويو ۽ سندس
شاعريءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيو جو سندس شعر کي الهامي
شعر چوڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن سندس تخلص الهام تجويز
ڪيائين. عالمگير جي وفات بعد (1118هه) دهليءَ پهچي
پنهنجي ناني فاضل خان واري جاءِ ۽ منصب
حاصل ڪري اتي رهڻ لڳو. سندس انتقال ڦوهه جوانيءَ ۾
(1126هه) ٿيو. مقالات ۾ آهي ته: پاڻ بيحد خوبصورت
بلڪه يوسف ثاني هو. مير قانع سندس وفات – فاولٰئک
عَليِهم صلوات من رَبہِ – مان ڪڍي آهي.
مير محمد شفيع همت:
ولد سيد يار محمد 1125هه کان 1927هه تائين ٺٽي جو
گورنر ٿي رهيو. فارسيءَ جو شاعر هو، همت
سندس تخلص هو. لطف علي خان ۽ شجاعت علي
خان صوبيداريءَ واري دؤر ۾ دهليءَ جي حڪومت
کان خطاب مليس.مقالات ۾ آهي ته: شهر ۾ مرتبي مرجات ۽ مان شان ۾
جهڙس ڪو ماڻهو ڪونه هو.X
سيد پنهنجي ٻن پٽن غضنفر علي ۽ ذوالفقار علي
خان متخلص به شيدا لاءِ – طلسم سعادت-
نالي هڪ ڪتاب فارسي ۾ لکيو، جنهن جو نامڪمل نخسو
سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي. ڪتاب ۾ باب اول پورو ۽ ٻئي
باب جا فقط چار صفحا موجود آهن. اهو نسخو مصنف جي
پنهنجي ڪتب خاني جو معلوم ٿئي ٿو. ڪتاب سان گڏ
شوڪت بخارائيءَ جو ديوان آهي، جنهن جي آخر ۾ ڪتاب
جي تاريخ 2 صفر 1143هه آهي. يعني سيد جي وفات کان
ڪم و بيش هڪ سال کن اڳ جو لکيل آهي. ”طلسم سعادت“
۾ مقدمو ۽ ٻارنهن باب ۽ هڪ خاتمو هو. مقدمي جو
ڪجهه حصو ۽ ڪتاب جي مضمونن جي فهرست ڏجي ٿي، جنهن
مان معلوم ٿيندو ته ڪتاب جو موضوع اخلاقيات آهي.
مقدمي ۾ لکي ٿو:
”__ سبب تاليف اين ست کہ، رنگ روي بهار خوشدلي نور
چشم غضنفر علي و گرامي فرزند سعادت مند ازلي
ذوالفقار علي- که اولين پا بمرحله نهم دارد، و
دومين به پنجم – کمال آرزو خواستند که رسالہ بزبان
فارسي که نعم البدل بازي تواند شد، بتحرير آورم.
ناگريز نظر بپاس خاطر اين دو عزيز، کلپتره چند از
زبان قلم، گل کرده بر صفحہ کاغذ مي کشم__“
ڪتاب جي مضمونن جي فهرست هن ريت آهي:
باب اول:
در اخلاق و عادات و علوي رتبهء انبياء و اوصيا.
فصل اول:
در عالي فطري و فراخ مشربي و شکيبائ انبياء و
اوصياء در مقام ابتلا، و وا سپردن خود را در رضا.
فضل دوم:
در محبت ِ خيرالانبيا و آل آن برگزيده اصفيا و
شفعاء روز جزا. و قرب ِ کمال ايشان دربارگاه خدا،
عزم اسمه جلّ قدره.
فضل سوم:
در صبر و شکر و معراج خيرالانبيا، و اجر محبت آن
زبدهء اصفيا، و جزاء اعداء اين گروه پسنديده ء خدا
جل شانہ، و پستي مرتبهء دنيا و عدم جمع آن يا
آخرت (حکايت قصه بلوهر حکيم و بوزاسف بادشاهزاده)
باب دوم:
در توکل و تجرد انيباء و اوصياء و درويشان تجرد
متبع پيرو ِ اين، متضمن ست بر دو فضول.
فصل:
اول ؟
باب سوم:
در انزوا بسرماه دانش و آگاهي.
باب چهارم:
در آداب صحبت و فوائد سياحي.
پاب پنجم:
در لطف خموشي و آگهي از مرتاب دوريشي.
باب ششم:
در ضوابط دستور بادشاهي و سيرت پادشاهان
باب هفتم:
در عفو و عدم انتقام و طور معاش والامنشان در جوش
بهار عشق و جواني.
باب نهم:
در پيري و تجربه کاري و کمالاتِ انساني.
باب دهم:
در ترک دنيا و تجريد ازماسوا، و وحشت ازبيگانه و
آشنا.
باب يازدهم:
در احترام سادات عالي درجات و محبت عرفاءِ و
علماءِ راه نما.
باب دوازدهم:
در طرز شناسي آداب معاشي با ذرات کائنات و پاسداري
انفاس ليل و نهار در تحصيل مراتب ِ يقين.
فضل دويم: (؟)
خاتم: (؟)
سيد 1144هه ۾ وفات ڪئي. محسن ٺٽوي – ادخله في
الجنات بلا حساب – مان سندس تاريخ ڪڍي.
لطف علي خان همت جنهن وقت ٺٽي جو صوبيدار هو، ان
وقت سندس معاصر شاعر ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي سندس
متعلق ڪيئي قصيدا چيا. ڪن قصيدن جا شعر ڏجن ٿا،
جيڪي سندس ديوان ۾ ناقص ڇپيل آهن. مثلاً:
(1)
امير لطف علي خان، مهدي الاوصاف
خوشا امير ز پيرانِ دستگيران است
(مقدمه ص 44)
ٻيو قصيدو آهي:
(2)
امير لطف علي خان که واليء وطن است
خيابان بهار گل چمن است (مقدمه ص 48)
لطف علي خان ۽ عطر خان جي وچ ۾ 1127هه ۾ ٺٽي جي
نوابيءَ تي جنگ لڳي، نو مهينا محاصرو هليو. هڪ شعر
۾ محاصري جو ذڪر هن ريت ڪيو ويو آهي:
گذشته مدت نُہ ماه، در تحصن شهر
خزيده درکُو ِ خوف انتمائ خود رفتند
(مقدمه ص 49)
افسوس آهي جو اهو تاريخي قصيدو ٻين قصيدن جئين
ناقص آهي.
رفعت علي شاه رفعت:
فارسيءَ جو شاعر هو.
عسڪر علي شاه علي:
فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو.
موٽيل شاهه ڪمتر:
فارسيءَ جو مرثيه گو شاعر هو. هن گهراڻي جا افراد
آخر زماني ۾ شيعا ٿي ويا. جنهن ڪري سند شعر ۾ مرثئ
جو رنگ غالب ٿي ويو. سيد موٽيل شاه جو سمور، شعر
منقبت ۽ مراثيءَ تي مشتمل آهي. خلفاءِ راشدين خلاف
سندس شعر ڏسڻ جهڙا نه آهن. ڪمتر ۽ محمد ابراهيم
خليل جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو هو، شعر ۾ جواب
سوال جي ڏي وٺ ڪندا هئا. موٽيل شاه گهڻو پڙهيل
ڪونه هو پر ذهانت شعر جو سبب هئي. جوانيءَ ۾
1293هه کان پوءِ انتقال ڪيائين.
امام بخش شاه فدوي:
سنڌيءَ جو شاعر هو، مخدوم خليل سان رستو هيس، ڪڏهن
ڪڏهن فارسيءَ ۾ هڪ اڌ شهر چئي وجهندو هو. ليڪن
کيس پنهنجي فارسي گوئي تي اطمينان ۽ اعتماد ڪونه
هو. سنڌيءَ ۾ غزلن کان سواءِ ڪيترا داستان منظوم
ڪيائين. مرتضائي جو استاد هو. 1308هه کان
هڪ اڌ سال اڳ فوت ٿيو.
روشن علي شاه روشن:
بن سيد ذوالفقار شاه رشوي. خوشنويس ۽ شاعر هو،
پهريون روشن تخلص ڪندو هو، پوءِ رضوي
تخلص اختيار ڪيائين. پٽس مير مرتضائي ”يوسف
زليخا“ ۾ نسب هر طرح بيان ڪيو آهي:
روشن علي شاه ڪربلائي- بن حاجي سيد ذوالقار شاه بن
روشن علي شاه (مير ڪمال الدين احمد خان جو ڏوهٽو)
– بن سيد محمد افضل – بن سيد عبدالملڪ – بن سيد
عبدالرحمان – بن سيد حمزه – بن سيد اسحاق عرف پير
پرڏيهي (ڀائيٽيو ۽ جھاٽو سيد محمد يوسف رضوي
مهدوي) – بن سيد مريد شهيد (وڏو ڏاڏو شاه عنايت
شهيد جهوڪ واري جي مريد سان مير جان الله شاه
رضويءَ ”مير“ روهڙيءَ واري جو) – بن سيد شيخ (؟) –
بن سيد موسيٰ – بن سيد علاؤ الدين – بن سيد
صدرالدين خطيب بکري (10 رجب 609- محرم 669هه)
سيد صدر الدين کان پوءِ جو شجرو هن ريت آهي:- بن
قطب الاقطاب سيد محمد مڪي بکري (متوفي 691هه) شيخ
شهاب الدين سهرورديءَ جو نياڻو – مدفن سکر) هن
لاءِ ڏسجي:
تحفة الڪرام – معيار سالڪان طريقت – منبع الانساب
– تذکره السادات شيخ محمد اڪبر آبادي – شجره سادات
مڪي از قمبر علي شاه رضوي – سلسلة الانساب سيد لطف
الله ڪُروي – عمدة الطالب – رياض الانساب – نزهت
الخواطر) – بن سيد محمد شجاع (مدفن مقبره امام رضا
مشهد) – بن سيد حمزه – بن سيد هارون – بن سيد عقيل
– بن سيد اسمٰعيل – بن سيد ابو الحسن علي المختار
– بن سيد جعفر الکذاب – بن امام علي نقي – بن امام
محمد تقي – بن امام موسيٰ ڪاظم – بن حضرت جعفر
صادق – بن امام باقر – بن امام علي زين العابدين –
بن حضرت سيدنا امام حسين – بن حضرت سيدنا علي بن
ابي طالب.
سيد روشن علي شاه 1302هه يا 1303 هه ۾ فوت ٿيو آهي
مير نجم الدين عزلت:
بن مير محمد رفيع. شاعر ۽ مصنف هو. نخشبيءَ جي
طوطي نامه جي طرز ۾ ”طوطي نامو“ لکيائين، جيڪو مير
قانع جي قول موجب: پهرين کان بهتر هو. نظم خواه
نثر ۾ ڪي ئي تصنيفون ڪيائين، ليڪن سڀئي ڪتاب زماني
جي گردش ڪري گم ٿي ويا. سندس ديوان موجود آهي.
انهيءَ بزرگ 1160هه ۾ انتقال ڪيو.
مير ذوالفقار علي شيدا:
مير لطف علي خان همت جو وڏو پٽ هو. مير قانع ميان
غلام علي جي زبانيءَ سندس هڪ بيت نقل ڪيو آهي:
جانان ز هجري روئ تو بيتاب گشتہ اَم
شبها بشوق ِ وصل تو بيخواب گشتہ اَم
مير محمد پٺو:
مقالات ۾ مير قانع سندس ڪمال ۽ درويشيءَ جي ڏاڍي
ساراه ڪئي آهي. لکي ٿو:
_ و اغلب اهل بلده در مقام عقيدت بايشان سلوک
داشتند-
سيد 1112هه کان پوءِ به زنده هو.
سيد مير مرتضائي:
بن سيد روشن علي شاه. هي بزرگ آخري دہر جو اهم
سنڌي شاعر هو. ديوان کان علاوه ٻه مثنويون ترجمو
ڪيائين. ”يوسف زليخا“ ۽ ”سڪندر نامو“ – فدوي سندس
استاد هو. ڪريما کي به مخمس ڪيو اٿائين، يوسف
زليخا ڇپيل آهي. ”يوسف زليخا“ جو ترجمو 1308هه ۾
ختم ڪري پريس ڏانهن موڪليائين. مخدوم خليل انهيءَ
جون ڪيئي تاريخون ڪڍيون آهن. ميرزا احمد علي بآبي
انهيءَ زماني ۾ ٺٽي ۾ مقيم هو، جهرڪن جي لوڻ کاڻ
جو اهتمام سندس حوالي هو. هن پڻ ”يوسف زليخا“ جون
تاريخون ڪڍيون آهن. ”يوسف زليخا“جو اهو سنگي ڇاپو
616 صفحن تي آهي.
مرتضائي سنڌي غزل جو چڱو شاعر هو. فارسي ۾ به ڪڏهن
ڪڏهن شعر چوندو هو.
مرتضائي کي هڪ پٽ سيد حسين بخش نالي 1301هه ۾ ڄائو
جنهن جي تولد جي تاريخ مخدوم خليل چئي آهي. ٻيو پٽ
سيد روشن علي شاه نالي 1304 هه ۾ ڄائو، جنهن جي
تاريخ پڻ مخدوم خليل چئي.
محمد زمان شاه زمان:
هن خاندان جو آخري سنڌي شاعر هو، جنهن بعد خاندان
منجهان علم ۽ ادب جي ڄاڻ سڃاڻ ختم ٿي وئي. محمد
زمان غزل گو شاعر هو.
تيرهين صديءَ جا مهدوي سادات:
مير مائل جي ديوان مان معلوم ٿو ٿئي ته تيرهن صدي
هجريءَ تائين انهيءَ گهراڻي ۾ ڪيترا هلنديءَ وارا
بزرگ هئا، جن جي والد جي پيدائش ۽ ڪن جي وفات تي
مير مائل تاريخي قطعا چيا آهن.
مثلاً:-
(1)
مير ارشاد علي کي 1224هه ۾ علي اڪبر نالي
فرزند ڄائو، جنهن تي ٻه تاريخي قطعا چيا ويا.
جو با مير ارشاد، از صد شرف عطا کرد اين پوره
اکبر علي
زطبعم شد اينگو نه تاريخ گل
شريف آمده مير اکبر علي
_______
چو به ارشاد مير، داد، علي مير اکبر علي،
مبارک نام
سال ميلاد اشرفش دل گفت، مير اکبر علي شريف
دوام
(ديوان 400)
(2) مير صابر علي مهدوي جي شاديءَ (1224هه) جي
هيٺين تاريخ ڪڍي وئي:
درين شادي چو از فرطر مسرت قران ِ نيرين آمد
بتنوير
زطبعم گل شداين (تاريخ مائل)
مبارک شادئ
صابر علي مير
(ديوان 403)
(3)
سيد محفوظ علي
بن سيد غلام مرتضيٰ مهدوئ جي شادي 1232هه) تي هي
قطعو چيو ويو:
کرد حق مير ذوالفقار علي کہ در اقبال
اوست شادي آل
با هزاران نويد خوبي و خير شاد ازين شادئ
مبارک فال
درخوشي هر کسش مبارک گفت
ديده اين تازه شادئ اجلال
شادئ عيش کتخدائي مير خلف ِ مير مرتضيٰ به
کمال
مير محفوظ نامور به علي
نوجوان نيک بخت و نيک خصال
بسکہ روشن علي درين شادي
کرد از مهر و ماه بزم وصال
”حبذا شادي وصال بعز“
بهر شاديش
گفت طبعم سال
(1232هه)
هم دگر سال تخدائي وي گفت بين کتخذائ
اقبال
خوش درين شادي است بشغل دعا
مائل حق مريد درگہ آل
(ديوان 416)
(4)
مظفر علي مهدوي جي وفات (1209هه) تي قطعه آهي:
آه کان مير مظفر از علي آنکہ و صفش آمده
جنت مکان
شد چو سوئ جنت الماوائ خلد در شب معراج ناگه
زين جهان
از سروش ِ غيب گاه ِ فکر سال سوئ جنت رفت –
آمد سال آن
(ديوان 424)
(مير اميد علي مهدوي فوت (1224هه) ٿيو. مير مائل
چيو:
مير اميد علي آه جواني مقبول کہ بود داغ جوانيش
بهريپرو جوان
رخت بربست چو نگاه زين دار خراب
در پنان همدم شہ گشت ز وصل يزدان
ملهم ِ غيب چنين سال وصالش فرمود:
مير اميد علي همدمِ شہ شد بجنان
(ديوان ص 429)
(6) مير ذوالفقار علي فوت (2234هه) ٿيو.
مير مائل چيو:
گشت چون بعد انتقال از دهر درجنان مير، همجوار
علي
سال فوتش بگفت هاتف غيب
باسرِ آه: ذوالفقار علي
باد من بعد ازپئي آلش بددعا يش مدام يار
علي
(ديوان ص 429)
(7) سيد رستم علي بن سيد ذوالفقار علي بن
سيد مير لطف علي خان مهدوي مرحوم جي وفات (1225هه)
تي مير مائل ٽي قطعا چيا، جن جا تاريخي شعر آهن:
دلم باسر ِ آه تاريخ گفت:
ببزم ِ شهان باد رستم علي
در عزا پرسي بشرح سال فوتش هاتفم
مير رستم با علي دائم بود هم بزم گفت
چنين گفت تاريخ فوتش سروش:
که دائم بحق مير رستم علي
(ديوان 430)
(8) سيد طاهر علي مهدوي جي فوت (1225هه) ٿيڻ تي
قطعو چيو ويو:
از اين دار غم چو در غم ِ شهدا بماہ غم
طاهر علي بقصر جنان گشت منتقل
تاريخ وصل او بجنان باسر ِ جنان
طاهر علي است واصل شهدا- بگفت دل
(ديوان 430)
(9) مير ارشاد علي پاڻ فوت ٿيو ته مير مائل لمبو
تاريخي قطعو چيو:
چون شد بجواني ز جهان سوئ جنان، آنکه
از ارشاد علي نامور ِ اهل جهان بود
جستم چو زدل سال وفاتش، خردم گفت:
صدا آه که ارشاد علي تازه جوان بود
دائم بجنان باد دعا گوئ احبا
در مقدم او ورد دلِ اهلِ جنان بود
ٻي قطعي جو تاريخي شعر آهي:
گفت با روئ يقين سال وصالش هاتف:
مير ارشاد علي واصل حسنين آمد
(ديوان 433)
(10)
مير ڪرم علي جي وفات (1228هه) تي مير ٻه قطعا چيا:
هنگام رحلتش خردم سال فوت او
جائ کرم علي ست بفردوس آل ِ گفت
هاتف بروئي ولوله تاريخ فوت گفت:
بوده کرم علي چه جواني خليق آه
(ديوان 435)
گورستان:
مير قانع مڪلي نامه ۾، سيد جي قبرستان لاءِ لکيو
آهي ته: - ارض مرقد ِ پاکش، نمک خوان ِ کنعان
ملاحت، و فضائ صحن ِ رشک افلاکش، قافلہ آباد مصر
نزاهت --- شعر ۾ چوي ٿو:
نشد سائل چو زين در، هيچگہ رد
رود گر بنده آنجا، شاه گردد
هر آن کو، رنج ز اخوان ِ زمان است
برايش، اين مکان، جائي امان ست
اهو
ڪنعان ملاحت ۽ اهو قافله آباد مصر نزاهت ۽ اها
جاءِ امان هن وقت اُجڙ ٿي چڪي آهي. ويران، سنسان ۽
چوڌاري شڪست ريخت. خاندان جا ڪي پوير موجود آهن،
جن ڪي سال اڳ احاطي جي اندرين قبرن جي مرمت ڪرائي
هئي، ليڪن احاطي کان ٻاهر وارو قبرستان سمورو
برباد ٿي چڪو آهي. قدم زماني ۾ انهيءَ قبرستان جو
وڏو مرتبو هو. سَنج ِ سُبَهن زائرين جو مجمع رهندو
هو. عرس، باسو، ميلا، مرادن جون پُڄاڻيون،
سُکائون، غرض اتي پهچڻ لاءِ سو صورتون ۽ هزارين
بهانا هئا. ڪلهوڙن جي دؤر جي ته ڇا ڳالهه ڪجي! هو
پاڻ به مهدوي هئا، جنهن ڪري سندن لاءِ سيد جو
قبرستان گويا مقام مقدس جو مرتبو رکندو هو. شاديون
مراديون ٿينديون هيون، ته پهريون انهن جو سُڳُ
ڀريندا هئا، سلاميون ڏيندا هئا ۽ شادمان اتي ڪري،
پوءِ گهرين تڙين وڃي ٻيون ريتون رسمون ادا ڪندا
هئا. شادمانيءَ لاءِ انهيءَ قبرستان ۾ هڪ جاءِ
مخصوص هئي.
راقم الحروف اهو قبرستان 1-8-1962 جو پاڻ وڃي ڏٺو.
خاندان جو هڪ بزرگ سيد غلام محمد شاهه ساڻ هو
جنهن هر شي جي نشاندهي ڪئي. انهيءَ گورستان جو
موجوده صورتحال هن ريت آهي:
جاءِ وقوع: قبرستان عيدگاه کان ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي
فرلانگ کن جي فاصلي تي ٿيندو. وچ ۾ ٻيو ڪوبه مقام
يا قابل ذڪر مقبو ڪونه آهي، نه اوستائين پهچڻ لاءِ
ڪو خاص رستو آهي. پير چارا چوڌاري آهن، ٿورا گهڻا
ٽڪريءَ جا لاها چاڙها به آهن.
قبرستان جي چوڌاري حفاظتي ديوار نڪتل هئي، جيڪا
هاڻي زبون ٿي چڪي آهي. ديوار جي اندر قابل ذڪر
جايون هيٺين ريت آهن:
حوض ۽ وڻ:
صحن ۾ هڪ حوض هو جنهن لاءِ مير قانع لکيو آهي ته:
از چاه کنعان عميق تر و از نيل بخوش طُعمي اکثر –
وڌيڪ لکي ٿو:
خود زان حوض، گر کنجشک، آبي
زبالش ميچکد هر سو گلابي
اگر زاغي خورد، زور رشحه، جاَمي
چو طوطي، ميشود شيرين کلامي
حوض جي مٿان هڪ سايه دار وڻ هو، جنهن جون چوٽيون –
مير قانع جي قول مطابق – ثريا تائين پهتيون ٿي ۽
ان جون پاڙيون پاتال تائين رسيل هيون. زائرين جي
آسائش لاءِ پاڇي جي پکيڙ ڏاڍي ڪريمانه ۽ مهر ڀري
هئي.
پئي آسايش زوار، يکسان دوانده سايه، در رنگ ِ
کريمان
هن وقت انهيءَ حوض جو خشڪ ۽ اجڙيل ٿانءُ موجود
آهي، انهيءَ ساڳئي وڻ جو ٿڏو پڻ بيٺو آهي، حفاظتي
ديوار جي اندران، اوڀر اتر جي ڪنڊ ۾، بلڪل ويران ۽
ڀڙبانگ، وڻ جو ٿڏو حوض جي اترين ڪناري تي آهي.
نماز لاءِ ٿلهو:
سيد يوسف جي احاطي کان ٻاهران، اوڀر ۾ هڪ ڊگهو
ٿلهو آهي، جيڪو انهيءَ زماني ۾ نماز پڙهڻ جي ڪم
آيو ٿي. ٿلهي جو محراب ۽ سيد جي قبر واري احاطي جي
ديوار جو داخلي دروازو، بلڪل آمهن سامهن آهن. اهو
ٿلهو هن وقت ڊهي چڪو آهي.
مٺيءَ ڪُنيءَ جي ڪوٺي:
مسجد واري ٿلهي سان لڳ ڏکڻ کان سِرن جي هڪ ڪوٺي
ٺهيل آهي، معمولي ۽ مختصر. ڪوٺيءَ ۾ ٻه مٽ رکيل
آهن، هڪ ديوار کان ٻاهر ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾، ٻيو
اندر اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ ديوار سان لڳ. پويون مٽ
ذوالفقار علي شاهه جو رکايل آهي.
شب ِ برات، معراج جي رات، ذي الحج جي پهرين رات،
خاندان جا ننڍا وڏا اتي ڪٺا ٿيندا آهن، مٺي ڪُني
شهر منجهان پچائي کڻي ايندا آهن، جيڪا انهيءَ ڪوٺي
۾ رکي خاندان جي سڀني فرندن ۾ ورهائيندا آهن. اهو
دستور قديم زماني کان اڄ تائين هليو اچي. انهيءَ
رسم جو غرض ۽ غايت معلوم ٿي ڪانه سگهي.
سيد يوسف جو احاطو:
مسجد واري ٿلهي جي ويجهو اولهه کان سيد يوسف جي
خاص قبرستان جي چوديواري آهي. دروازو اوڀر کان
اٿس. ديوار پنج فٽ کن اُڀي ٿيندي. دروازي کان وٺي
اولهائين محراب تائين، وچ سان چارو آهي ۽ ڏکڻ ۽
اتر کان قبرن جون قطارون آهن – دروازي کان داخل
ٿيندي اترئين حصي ۾ چوديواري اندر هڪ زناني قبر
سامهن اچي ٿي. جيڪا ممڪن آهي ته سيد جي نياڻي يعني
پير پرڏيهيءَ جي بيبيءَ جي هجي. مٿن کان ديوار سان
لڳ پٿر جو هڪ ڪتبو پيو آهي، جيڪو ڪٿان ٻاهران آڻي
رکيو ويو ٿو ڏسجي.
اترين حصي ۾ قبرن جا ٻه مجموعا آهن. دروازي کان
داخل ٿيندي جيڪو پهريون مجموعو ٻن قطارن ۾ سامهون
اچي ٿو، ان ۾ سترهن قبرون آهن. سڀئي ڪچيون گاري
سان لتل. ڪنهن تي به نالي جو پٿر يا نشان ڪونه آهي
۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه آهي ته خاندان جي ڪهڙن فردن
جون آهن.
سيد محمد 14 جمادي الاول سومر ڏينهن 847هه
(1413ع) جو، جونپور ۾ ڄائو. 869هه ۾ ديني
تعليم مان فراغت حاصل ڪيائين. 901هه ۾ ٺٽي
پهتو جتان حج ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو – انهيءَ
زماني ۾ شيخ جهنڊو پاتڻي سندس مريد ٿيو، 905هه
جو بريلي ۾ مهورت جو اعلان ڪيائين، جنهن تي
وقت جي عالمن ۾ سخت انتشار پيدا ٿيو ۽ سيد
صاحب جي سخت مخالفت شروع ٿي. 906هه ۾ انهيءَ
وڳوڙ سبب ترڪ وطن ڪري جيسلمير جي رستي سنڌ
اندر نصرپور ۾ پهتو، اتان ٺٽي آيو جتي ڪجهه
عرصو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي گذاري نون سون مريدن
سميت خراسان طرف روانو ٿيو. قنڌار ۾ شاه بيگ
ارغون جيڪو ان وقت اتهنجو حاڪم هو – سيد جي
گهڻي پذيرائي ڪئي. 910هه جي ربيع الاول ۾ فراه
(قنڌار ۽ هرات جي درميان) پهتو. 19 ذيقعد (23
اپريل 1805ع) 910هه سومر ڏينهن اُنهن انتقال
ڪيائين. ان وقت سندس عمر 63 ورهيه هئي. رج ۽
فراه جي وچ ۾ کيس دفن ڪيو ويو. شاه قاسم
عراقيءَ – عشق تم – مان سندس انتقال جو سال
ڪڍيو.
اصل
نالو عثمان ذات جو سميجو، عالمگير کيس فاضل
خان جو لقب ڏنو. دهلي ۾ شاهي مير منشي هو.
علامه مخدوم محمد معين جي ڏاڏي مخدوم طالب
الله جو شاگرد هو، مخدوم معين سندس ڏهٽو هو.
1125هه
۾ سيد ٺٽي جي ٻئي مغل صوبيدار نواب عطر خان
سان ڪيترا معرڪا ڪيا، نواب ٺٽي جي چارج کيس
ڪانه ٿي ڏني. مرڪز ۾ باهمي لڙاين سبب صوبن تان
بادشاهت جو اثر ختم ٿي چڪو هو. هڪ صوبيدار
خودمختار ٿيڻ ٿي گهريو. امو ئي ڪارڻ هو جو
نواب عطر خان ٺٽي جي جند نه ٿي ڇڏي. سيد مقامي
هو تنهن ڪري دهليءَ کان سندس نالي صوبيداري جو
پروانو آيو. نواب عطر خان انهيءَ جنگ ۾ قتل
ٿيو. سندس قبر مڪلي تي شيخ جئي جي قبرستان ۾
آهي، جنهن تي ڪتبو آهي:
- بتاريخ هفتم شهر مرحوم غياث الدين عطر خان
عرف سعد خان بن سعيد خان بنگلگلونہ شهادت رحلت
نمود – سنه 1126هه
X
مقالات 873
X
خان بهادر خدادا خان مرحوم ”لب تاريخ سنڌ“ ۾
لکيو آهي ته مير لطف علي همت جو ٻيو نمبر پٽ
مير ذوالفقار علي شاه ٽالپرن جي ماني ۾
مختيارڪار هو. ان جو پٽ حاجي سيد روشن علي
شاهه هو. جيڪو خان بهادر جي وقت ۾ ڪراچي سول
ڪورٽ جو ناظر هو ۽ پوءِ جهرڪن جو ڪاردار ٿيو.
|