20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :16

(11)  قاضي الحاجات رفيع الدرجات برآرنده،

مدارت حضرت پير آسات

پير آسات مخدوم عربيءَ (متوفي سنه 990 هه) جو ڀاءُ ۽ حضرت ميران محمد جونپوريءَ جو مريد هو. هالا اباڻون ڳوٺ هئس، ليڪن زندگي ٺٽي ۾ گذاريائين. باڪمال بزرگ ۽ صاحب ڪرامات ولي بيان ڪيو ويو آهي. سندس اولاد مان محمد حسين، ۽ ان جي پٽن احمد ۽ محمد جو ذڪر مير قانع تحفة الڪرام ڪيو آهي. احمد دهليءَ جي شاهه غلام محمد صوفيءَ جو مريد هو ۽ مرشد وٽ گذاري زندگي پوري ڪيائين. (*) (0)

 

پير آسات جي مزار، عبدالله شاهه ”صحابيءَ“ جي چوديواريءَ ٻاهران، اونهائين طرف رستي جي رند تي ڊٺل ۽ ڦٽل چوڪندي ۾ آهي. مڪلي نامه ۾ سندس مزار جي ڀر ۾ جنهن چشمي جو ذڪر (ص27) ڪو ويو آهي، غالباً اهو چشمو اهو آهي جيڪو عبدالله شاهه جي صحن ۾ پهاڙيءَ منجهان اندران اٻڙڪي نڪري ٿو ۽ مٿانس بيان ڪيل وڻ موجود آهي. (*)

 

مڪلي نامه ۾ ٻن قلاون جو __ انهيءَ جاءِ تي (8 2 -9 2 ) بيان ڪيو ويو آهي. هڪ پير آسات جو تلاءُ  ۽ ٻيو تلاءَ شيخ جئي جو. برسات ۾ انهن ٻنهي تلاون جو پاڻي گڏجي پوندو هو. وڏي تلاءَ يعني پير آسات واري تلاءَ مٿان هڪ پُل هئي، جنهن جي تشبيهه ڪابل جي ”پل مستان سان ڏني وئي آهي.

هن وقت نه آهي تلاءَ ۽ نه اها پل موجود آهي __ جنهن تان مير قانع واري زماني ۾ __ جوانان سيار ۽ امردان آئينہ رخسار ٽولا ڪيو آرپار ٿيندا هئا. انهيءَ وڏي تلاءَ جي ڪناري تي خسرو خان جي رانڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن جو ذڪر هن کان پوءِ اچي ٿو.

(12)  ) ميرزا خسرو چرڪس

مڪلي نامه ۾ مذڪور ٿيل  رانڪ خسرو خان __ ميرزا خسرو چرڪس ڏانهن منسوب آهي __ جيڪو ترخاني دؤر جو امير ڪبير هو ۽ ملڪي سياست خواه سلطنت جي سموري نظام ۽ انتظام تي حاوي هو--.(*)

ابتدا ۽ اصل نسل:  مير علي شير قانع جو قول آهي ته: خسرو خان ابتدا ۾ ملا جاني بندريءَ جو ملازم هو، جتان ميرزا عيسيٰ ترخان اول (2 6 - õ4 7 9 هه) کيس پاڻ وٽ آڻي پهريان آفتابچيءَ جي عهدي تي رکيو ۽ پوءِ سندس ذاتي خوبيون ڏسي کيس مختلف پرڳڻن جي عملداري  ڏنائين.

خسرو خان چرکس منسوب بچرکس خان، از اولاد چنگيز خان که در دشت قبچاق حکومت کرده، نخست پيش ملاجاني بندري بود. ميرزا عيسيٰ از او گرفته آفتابچي ساخت، و بمائنهء جوهر ذاتيش، عنقريب عملداري پرگنات فرموده، در عهد ميرزا باقي(4 7 - 993 هه) ترقي نمود، در عهد ميرزا جاني امير والا اعتبار شد(*)

 

ميرزا جانيءَ جو دؤر: خسرو  جي روشن مستقبل جي ابتدا گرچه ميرزا عيسيٰ جي زماني ۾ ٿي چڪي هئي ۽ ميرزا باقيءَ جي دؤر ۾ به کيس اهميت حاصل رهي، ليڪن سندس اقتدار جو اصلي زمانو ميرزا جانيءَ جي وقت ۾ شروع ٿيو ۽ ميرزا غازيءَ جي ڏينهن ۾ سندس شهرت ۽ عظمت جو آفتاب نصف النهار تي رسيو.

خان خانان ۽ ميرزا جانيءَ جي وچ ۾ جيڪو مقابلو ٿيو، ان ۾ جوانمردي ۽ بهادريءَ جو اصلي نمونو ميرزا خسرو چرڪس جو وجود هو. هُن سنڌ کي هندي مغلن هٿان بچائڻ خاطر وڏا وس ۽ ڏاڍا جتن ڪيا. جوانمردي ۽ جنگي قابليت جا جوهر قدم قدم تي ڏيکاريا، ليڪن سندس چارو چلي ڪونه سگهيو. خان خانان جي تحريڪ تي جاني بيگ صلح لاءِ مجبور ٿيو، لاچار ٿي خسرو پڻ پنهنجو سندرو کولي ميدان مان ٻاهر نڪري آيو.

جاني بيگ کي جڏهن خان خانان هندوستان وٺي هليو ته ٻين ترخاني اميرن سان گڏ خسرو خان کي به ساڻ ورتيون  ويو خان خانان جي سفارش تي جڏهن اڪبر بادشاهه سيوهڻ جي سموري سرڪار ۽ ٺٽي مان بندر لاهري ڪڍي پنهنجي حڪومت سان ملائي سرڪار نصرپور سرڪار چاچڪان __ بقيه سرڪار ٺٽو ۽ سرڪار چاڪر هاله ۽ جوڻ، جاني بيگ کي واگذاشت ڪيو ، ان وقت ٻين ترخاني اميرن سميت ملڪ جي سنڀال ۽ انتظام لاءِ خسرو هندوستان مان واپس اچي ٺٽي پهتو(0)(*)(+)

 

ميرزا غازي جو دؤر: ميرزا جانيءَ جي انتقال (7 2  رجب 1909هه) بعد سنڌ جي ترخاني حصي تي، سندس پٽ ميرزا غازي برقرار رهيو. ميرزا ڪمسن هو، جنهن ڪري خسرو چرڪس صحيح معنيٰ ۾ ملڪ جو مختار ڪل ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ پاڻ ۽ سندس خاندان جي فردن ايترو نفوذ حاصل ڪيو ۽ ايڏو تسلط پيدا ڪري ورتو، جو جڏهن ميرزا غازيءَ منجهان جند ڇڏائڻ گهري ته کيس سخت تڪليفون درپيش آيون ۽ پنهنجي تيرهن ورهن جي دؤر اندر، مڪمل طرح ڪڏهن به ميرزا خسرو کان اختيارات ڇڏائي ڪونه سگهيو.

سنڌ جي معاملات ۾ انهيءَ نفوذ جي بناءَ تي، جڏهن 1011هه ۾ اڪبر بادشاهه ميرزا غازيءَ کي پاڻ وٽ گهرائڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو ته، ميرزا خسرو کي ساڻ وٺي اچڻ لاءِ پڻ ان ۾ خاص هدايت ڪئي وئي ليڪن خسرو جي روش، سنڌ اندر اهڙو نازڪ صورتحال پيدا ڪيو جو ميرزا غازيءَ کي لاچار ٿي کيس پٺيان ڇڏي وڃڻو پيو ۽ سندس بجاءِ سندس پٽ لطف الله کي ساڻ ورتيون ويو.(*)

 

ميرزا غازي ۽ قنڌار:õ ميرزا غازي هڪ دفعو جو 2 1 0 1 هه ۾ سنڌ مان نڪتو، ته وري ٻيهر کيس سنڌ جا وڻ ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيا. آگري پهتي کان پوءِ چند مهينن بعد، اڪبر هي جهان ڇڏيو. جهانگير تخت تي ويٺو ته شهزادي خسرو جي بغاوت درپيش آئي. اها مس ختم ٿي ته قنڌار تي ايراني قزلباش چڙهائي ڪري آيا ۽ ميرزا غازيءَ کي درٻار مان 1015هه ۾ سڌو قنڌار وڃڻو پيو 6 1 0 1 هه ۾ هڪ دفعو واپس وريو، ليڪن ٺٽي ڪونه  آيو __ رجب 7 1 0 1 هه ۾ دربار مان قنڌار جي مستقل صوبيداريءَ تي راست هليو ويو.

   اهو سنڌ جي وڻن کي سندس آخري سلام هو. جنهن بعد 1 2 0 1 هه ۾ سندس لاش ٺٽي پهتو.

خسرو جو دؤر: 1001 هه کان 7 1 0 1 هه تائين، چند درمياني وقفن کان علاوه خسرو جي مسلسل اقتدار سبب پيدا ٿيل حالتن ميرزا غازيءَ کي هن دفعي به مجبور ڪيو ته __ سنڌ جي ترخاني حصي جون واڳون وري به خسرو خان جي حوالي ڪري وڃي. چنانچه سندس پٽ لطف الله ڀائي خان ميرزا سان گڏ قنڌار ويو، ۽ خسرو خان پاڻ پنهنجي سر ساڳيءَ طرح سنڌ اندر قائم مقام حاڪم رهيو.

مغلن جي فتح کان پوءِ، يعني ترخانن جي زوال واري دؤر اندر سنڌ جي مذڪوره حصي تي، درحقيقت ٻن ترخاني امير خاندانن کي اقتدار ۽ تسلط حاصل رهيو __ نصرپور واري پاسي تي امير شاهه قاسم بيگلار جو خاندان قابض هو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان امير خسرو چرڪس جو گهراڻو با اقتدار رهيو.

ميرزا غازيءَ جي ٻئي دفعي قنڌار وڃڻ بعد ميرزا خسرو نصرپور واري علائقي کي بيگلارن جي حوالي ۾ ڇڏي، باقي حصي جي مختلف صوبن کي پنهنجي ڏهٽن ۽ پوٽن ۾ هن ريت ورهائي ڇڏيو:-

·       چاچڪان جو صوبو فتح الله کي ڏنو ويو.

·       نيرن ڪوٽ، محمد بيگ بن رستم بيگ جي حوالي ٿيو. ۽

·       ٺٽي جو شهر شيخ عبدالباقي بن شيخ ڪالي قريشي جي تحت آيو.

سنڌ اندر صورت حال:- انهيءَ اقتدار ۽ ڪامل اختيار، ملڪ اندر ڪيئي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا. سڀ کان وڌ هي ته ميرزا غازيءَ جو پنهنجو اقتدار ملڪ مان زائل ٿي ويو __ ملڪ جي آمدني ۽ سموري حاصلات انهيءَ خاندان جي تصرف ۾ اچي وئي. ميرزا غازيءَ تائين پائي به ڪا نه ٿي پهتي __ خسرو جي انهن عزيزن پيٽ ڀرائيءَ سبب ملڪ ۾ ظلم تشدد ۽ لاقانونيت جي فضا پيدا ڪري ڇَڏي. جنهن ڪري عام بيزاري ٿي پئي. اهي حالتون جڏهن حدون ٽپي ويون، تڏهن مس ميرزا غازيءَ جا ڪن کڙا ٿيا ۽ سندس مقربن ۾ پاڻ عام انتشار پيدا  ٿيو ۽ منجهائن ڪيترن کيس چئي ڏنو ته:

”__  همه تحت تصرف خسرو خان ميرود. از بي پروائي صاحب فترت معاملات آن ملڪ ابتر  گريده. شيرازه بندي از جمله ضرور است __“

سنڌ مان جيڪي ماڻهو پهتا ٿي انهن پڻ خسرو جي متعلق ساڳي شڪايت ڪئي ٿي:-

” او (خسرو خان) خود را گماشتہ شما نمي پندارندنواسهائي خود را در صوبه با سرانجام تمام صوبه ساخته __ که هر يک تقليد شما مي دارد __“

محمد بيگ ولد رستم بيگ نيرن ڪوٽ جي حاڪم جو صورت حال هن ريت بيان ڪيائون ٿي:

”از غرور، جواني نخوت کامراني، به نوعي دماغ بهم رسانيده، که اکثر بر ارغون و ترخان  تعدي ميداشت . و کسي که بديدن او مي آمد، بجائ دست دادن، پا دراز ميکرد __“

فتح الله بن ڀائي خان جيڪو بدين جو حاڪم هو، ان جي پندار جي حالت صاحب تاريخ طاهريءَ هن ريت بيان ڪئي آهي:

”روز عيد مرشد خان را__ که ميرزا (غازي)  او را از پدرش بائيخان بيشتر ميخواست __ به تکليف تمام از جاگير که دران صوبه داشت، طلب نموده، ازين قسم، آن نکته چين سخن آفرين  او را آزاد داد، و به بي تورگي پيش آمد، که ميرزا  خود هرگز برين مردم، چنين ارامائ ناشايسته نکرده باشد. عاقبت، چون به انباري فيل سوار  گرديده متوجه عيدگاه گشت، موميٰ اليہ از آمدن منفعل گرديده، بجا گير رفت.“ (*)

 

شيخ عبدالباقي ولد شيخ ڪاله جي حرڪتن جو نقشو ساڳي مصنف هن ريت چٽيو آهي:-

”شيخ عبدالباقي نواسه دُختري الشان (خسرو) باوجود اصالت و آدميت __ که جبلي در خاندان غوث العالم مخدوم شيخ بهاءُ الدين زکريا بود و هست __ چنين بي رسمي پسند داشته روا دار ازين قسم ناشا يسته گيهائ گرديده که .... عبدالعزيز.... نجاست در صحبت او و ياران مذکور ميريخت که در عين معرکه گوزها ميزد، و ايشان از ذوق خنده فراحت حاصل ميداشتند“ (+)

 

هڪ دفعي ميلي هلندي، هندن جي هڪ خوبصورت ڇوڪري مٿيئن عبدالعزيز جي ذريعي عبدالباقي ڏينهن ڏٺي جو عام ماڻهن جي روبرو زوريءَ کڻائي ڇڏي. صاحب تاريخ طاهري لکي ٿو ته انهيءَ عبدالعزيز:

” تشنه تفت حرارت بي شرمي و ملحد گرسنہ جوع بي ناموسي .. او را در بغل، چون جامي، آن خوش پروين را درميان عزيزان و خويشان رو کشيده  __ درپيء آن گرديد که از ميان برداشته درکنار برده کار ديگر نيز سازد  __“.

ليڪن عوام ۾ انهيءَ ظلم تي وڏو هنگامو مچي ويو جنهن ڪري ڇوڪري فوراً پنهنجن کي پهچائي وئي.

صاحب تاريخ طاهري لکي ٿو ته: انهيءَ موقعي تي ننڍي  خواهه وڏي جي زبان تي هي لفظ هئا:-

”__ دران وقت از زبان اهل عبرت، چه هندو چه مسلمان برآمد: آخر همچنان بچشم معائنده ديده شد که الٺهي اين حڪومت و حاکمان با صاحب خويش، نگوسار و آواره روزگار گرديده شوند__ چون ناموس غربا برهم مي زنند __ همچنان خود بي ننگ و نام شوند__“.

اڳتي هلي چوي ٿو:

” مردم بر افعال ناپسنديده چنين بزرگ زاده__ که باعث بدين کار برهم زننده هنگامه ايشان و حکم صاحبش بود، خون مي گريستند__“.

رعايا جي اها حالت هئي ۽ هوڏانهن شيخ عبدالباقيءَ جي تفريح جو هي عالم هو:

”خود چنين عار و عيب را هنر پنداشته چون گل مي خنديد“.

سنڌ مان خسرو جي بي دخلي:- جڏهن اهي حالتون انتها کي پهتيون ۽ ميرزا غازيءَ کي سنڌ مان متواتر شڪايتون ۽ ماڻهن جون عام بيزاريون پهچڻ لڳيون، تڏهن هُن خسرو جي معزوليءَ جو پروانو ڏئي پنهنجي ٻن هندو اميرن، هرهڪ هندو خان ۽ ماڻڪ چند کي، سنڌ ڏانهن موڪليو. جيڪي پهريون سڌو اچي نصرپور پهتا. سندن خيال هو ته قاسم بيگلار جي خاندان کي__ جيڪي نصرپور جا حاڪم هئا __ پاڻ سان هموار ڪري، پوءِ ٺٽي وڃن. ليڪن هو جئين اتي پهتا تئين بيگلارن فساد کڙو ڪري ماڻڪ چند کي ماري رکيو، ۽ هندو خاندان محاصري ۾ بند ٿي ويو. ميرزا غازيءَ کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن هن ماڻڪ چند جي پٽ راءِ سنگ کي وڌيڪ لشڪر ڏئي قنڌار کان سنڌ اُماڻيو، جنهن جي اچڻ بعد وڏن جهدن کان پوءِ بمشڪل خسرو بي دخل ٿيو. تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته:

” خسرو خان را از معاملت ملڪ بي دخل ساخته و در هر صوبه عمال تعين داشته به تحصيل مال و معامله مشغول گشتند__“.

ميرزا غازيءَ جو انتقال: ميرزا خسروءَ جي بي دخلي غالباً 9 1 0 1 هه جي آخر يا 0 2 0 1 هه جي محرم مهيني ۾ ٿي. هو ٺٽي منجهان پنهنجي سڀني رفيقن سميت نڪري، قنڌار طرف روانو ته ٿيو، ليڪن هلندي وقت به پنهنجي ماڻهن کي سمجهائيندو هليو.

” همه را بموجب برهم زدگي معاملا اشارت نمود که: از او (هندو خان وغيره) رو گردانيده، در مالگذاري فصل، تا توانند، تقصير دارندا و هر طرف فتنه برپا نمود، شورش پيدا نمايندا تا ميرزا بداند که بي وجود فلاني، چنين حا ثه در ملک هويدا گشته“. (*)

 

بهرحال خسرو خوش قسمت هو، ٺٽي مان هلي هالين پهتو جو مرزا غازيءَ جي اوچتي انتقال 1 1 _ صفر 1020هه  جي خبر اچي سنڌ ۾ پهتي.(+)

 

خسرو جو دربار تسلط ۽ ميرزا عبدالعلي:  ميرزا خسرو پنهنجي لاءِ ان کي نيڪ فال سمجهيو، ۽ ارادو رکي ٺٽي ڏانهن موٽيو ته سڀ کان پهريون، ميرزا جي انهن ڪارندن کي جن کيس بي دخل ڪيو هو __ اهڙي سزا ڏئي جيئن آئنده ٻين لاءِ سبق ٿي پئي.

”_ آن هندوي جانشين خود را بکيفر و مکافات  چنان رساند که عبرت ديگران شود“ (0)

 

خسرو ٺٽي پهچي راءِ سنگ ۽ هندو خان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ ان جي خبر خدا کي، ليڪن پهريون ڪم هن اهو ڪيو جو بقول صاحب ترخان نامه:

” ميرازا عبدالعلي بن ميرزا فرخ بن ميرزا شاهه رخ بن ميرزا باقي _ که از نبائر ميرزا محمد باقي همون مانده بود_ برائي گفت و شنود، برمسند حکومت تهته نشانده، ملک و حکومت بدست خود در آورد__“ (*)

 

چنانچه لوڪ لڄا لاءِ انهيءَ ٻار کي تخت تي وهاري پاڻ نئين سر ملڪ تي قبضو ڪيائين ۽ اڳئين وانگر پنهنجا خويش ۽ عزيز جتي ڪٿي مقرر ڪري وري سفيد و سياه جو مالڪ بڻجي ويٺو.

سندس خيال هو ته، عبدالعلي ترخان ميرزا غازيءَ جي خاندان جو فرد آهي، تنهن ڪري جهانگير بادشاهه  __ پيءُ جي نقش قدم تي هلي __ ترخاني سلسلي کي سنڌ تي قائم رکندي، ضرور عبدالعلي کي نامزد ڪندو. جنهن بعد ميرزا خسرو هوندو ۽ سنڌ جو ترخاني حصو __ عبدالعلي پاڻ ٻار آهي، سندس وجود ۽ عدم وجود، هڪ جهڙو ٿيندو.

ميرزا رستم جو تقرر: خسرو جو اهو خواب پورو ٿي ڪونه سگهيو. جهانگير کي جڏهن اجمير ۾ اطلاع پهتو ته:

خسرو خان غلام ميرزا غازي   بي حکم، اقدس  از ابنائ ميرزا محمد باقي، خورد ساله را بدست کرده، باغي شد ميرزا رستم قندهاري را صاحب صوبه تهته نموده، برسر خسرو خان تعين فرمودند“. (*)

 

جهانگير پنهنجي حڪم جو نفاذ جلد از جلد چاهيو، کيس ميرزا خسرو منجهان خطرو هو. ميرزا سنڌ جو طاقتور امير ۽ وڏو سياست مدار هو، ٿي سگهيو ٿي ته وقت مان فائدو وٺي هو سرحدي حڪومت سان ساز باز ڪري، عبدالعليءَ جي نالي ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت قائم ڪرائي ڇڏي، تنهن ڪري جيسين ميرزا رستم هلي هلي، تنهن کان اڳ، جهانگير مير عبدالرزاق معمولئ کي بخشيگيريءَ جو عهدو ڏئي ٺٽي اُماڻي ڇڏيو. تاڪه خسرو منصوبو سٽي ئي سٽي، تنهن کان اڳ پهچي مٿس قبضو ڪري.(+)

 

مير عبدالرزاق ٺٽي پهچي ميرزا عبدالعليءَ کي معزول ڪري خسرو کي سردست پنج صدي منصب جي لالچ ۾ رکي ملڪ ۽ حالات تي قابو حاصل ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ميرز رستم پڻ 1 2  محرم 1021هه جو پنهنجي لشڪر سميت ٺٽي پهچي ويو.(0)

 

خسرو جي بيدخلي ۽ اجمير ڏانهن روانگي: ميرزا رستم جي پهچڻ بعد مير عبدالرزاق، ترخانن جي سموري قبيلي کي، معزول شده عبدالعليءَ سميت، سنڌ منجهان ڪڍي جهانگير وٽ پيش ڪرڻ لاءِ اجمير ڏانهن وٺي هليو. ترخاني اقتدار جي اها آخري پڄاڻي هئي. ستر ورهين جي راڄ داريءَ بعد، سنڌ منجهان سندن اها پوئين موڪلاڻي هئي__ انهيءَ کان پوءِ ارغون هجن خواهه ترخان، جيڪي پٺتي بچيا، سي سنڌين جهڙائي رعيتي ۽ راڄ ٿي پيا. هنن قنڌارئون ڪهي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ وڌو مغلن هندوستان مان اچي ساڳي ڪار ساڻن ڪئي ذخيرة الخوانين جي مؤلف سندن حالت جو هڪ سٽ ۾ نهايت عبرتناڪ نقشو ڏنو آهي:

”__ نام و نشان آن سلسله، بلکه علامت تمام قوم ارغون، ترخون، در آن ديار نماندہ، اگر احياناً تاحال خالي زنده باشد، ازان زندگي مرگ اوليٰ تر است __“ (*)

 

تاريخ پنهنجو پاڻ دهرائيندي آهي __اهو انهيءَ ڪري چيو اٿن.

جنهن صورت ۾ سنڌ جي سڄيءَ سياست  ۽ ملڪ جي سڀني معاملات مٿان ميرزا خسرو حاوي هو، ۽ سچو پچو مهندار پاڻ هو، تنهنڪري مير معموريءَ کي به ساڳي قافلي سان سنڌ منجهان بيدخل ڪري، جهانگير جي سامهون وڃي پيش ڪيو __ اها ڪاميابي هئي، جنهن کان متاثر ٿي، بادشاهه کيس، مظفر خان جو لقب ڏنو. ۽ هو مظفر خان معموريءَ جي نالي سان، پوءِ ايترو مشهور ٿي ويو جو، سندس اصلي نالو ڪنهن کي  به ياد ڪونه رهيو. (*)

 

انجام: ترخان نامه جي مؤلف جو قول آهي ته:- جهانگير بادشاهه ميرزا عبدالعليءَ سان گڏ خسرو خان کي به قيدخاني ۾ وجهي ڇڏيو.

ڪجهه عرصي گذرڻ بعد عبدالعلي نورجهان بيگم جي شفاعت سبب رها ٿيو، ليڪن خسرو خان کي رهائيءَ جي ضرورت درپيش ڪانه آئي، هن جيل خاني ۾ رهندي، مرڳو زندگيءَ جي قيد منجهان ئي رهائي حاصل ڪئي.

”__ چون عبدالعلي ترخان و خسرو خانه وغيره منسوبان ميرزا غازي ترخان ... بنظر اشرف اقدس گذشته اند، حکم شد که: عبدالعلي و خسرو خان در بندي خانه فوت شد ..... و ميرزا عبدالعلي و لطف الله پسر خسرو خان که بائيخان باشد، شفاعت مهد عليا نورجهان بيگم خلاص شدند __“ (+)

 

انهيءَ قافله سان خسرو جي وڃڻ جو مذڪور ذخيرة الخوانين جو صاحب به ڪري ٿو:

”__ خسرو با جميع توابع و لواحق ميرزا غازي، بدار البرکة اجمير بملازمت بادشاهه عالم رسيد. و عبدالعلي ترخان ورثه ترخانيه را، درتته__ بجائي ميرزا غازي بيگ_  خسرو خان نشانده بودند، اورا بدرگاهه آور دند. آن غريب محبوس الابد گرديد__“ (*)

 

ليڪن خسرو جي بندي خاني ۾ وڃڻ ۽ اتي فوت ٿيڻ جي روايت، فقط ترخان نامه جو مؤلف ڪري ٿو، تحفہ الڪرام جي روايت خسرو جي باري ۾ انهن ٻنهي کان مختلف آهي، قانع لکي ٿو:

”__ بقولي، وي از تته سوئ بندر لاهري شد. و از اينجا بايران شتافته __ و بقولي، همين جا در گذشة__“ (+)

 

ٺٽي مان بيدخل ٿيڻ بعد، ميرزا خسرو جي متعلق فقط اهي روايتون ملن ٿيون. سنڌ ڇڏڻ بعد مٿس ڇا وهيو واپر يو؟ پاڻ ڪڏهن مئو؟ ڪٿي مئو؟ مٽيءَ پنوڙي ڪهڙيءَ سرزمين ۾ مقام ڪيو؟ اهي سڀئي ڳالهيون اخفا ۾ آهن.

خسرو جي تعريف: سنڌي مؤرخن خسرو جي بيحد تعريف ڪئي آهي. علم پرور هو، سخي نيڪ ۽ فقير دوست هو. عبادت گذاري ۽ پرهيزگاري سندس شعار هو. علاوه ازين ملڪداريءَ جي سڀني صلاحيتن جو صاحب هو. شيخ فريد بکري لکي ٿو:

”__ او مؤصوف بصفات حسنه بود، اولاً زاهد، عابد، متدين، فقير دوست، و سخي بيد ريغ بود. سوال هيچ کس اصلاً رد نه نموده. و حسن سلوڪ بمرتبه داشت که اگر او دعواي سرداري ميکرد مردم بطوع و رغبت سردارئ او قبول ميکردند. و ميرزا غازي را از ميان بر ميداشتند، بنابران مرزا دست انداختن او، قادر نشد__“ (*)

 

اهو قول مرزا جي هڪ معاصر مؤرخ جو آهي. جيڪو پاڻ سنڌي هو ۽ مغل دؤر جو تمام باخبر ۽ فعال نويسندو هو. ازانسوءِ ميرزا جي پٽ لطف الله ڀائيخان سان پڻ سندس ذاتي ملاقات ۽ تعلق هو. سندس اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته: ميرزا خسرو ايتري اثر ۽ رسوخ وارو هو، جيڪڏهن گهري ها ته پاڻ سنڌ مٿان تمام آسانيءَ سان قبضو ڪري ٿي سگهيو. ليڪن هن ائين نه ڪيو شايد کيس نمڪ جو ننگ هو. اهو اقتدار ۽ ايڏي قوت ئي ته هئي، جنهن جي خوف کان مرزا غازي شروع کان خسرو جو اقتدار ختم ڪرڻ ٿي گهريو، ليڪن ائين ڪرڻ سندس لاءِ ناممڪن هو. ۽ پڇاڙيءَ تائين ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.

آثار: خسرو جي سخاوت، دريا دلي ۽ نيڪ طبعي ۽ صالح طينت جي تعريف ڪندي مٿيون مصنف آخر ۾ لکي ٿو ته:

”__ صاحب خير و توفيق، مثلش کسي درين زمين برنخاسته، آثاري که از و در سند ماندند، احدي از ملوک و امرا بر عشرش موفق نشده“

مير قانع تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ٺٽي ۽ اُن جي گرد و نواح ۾ خسرو خان ٽي سو سٺ (360) رفاه عام جون عمارتون جوڙايون __ جهڙوڪ: مسجدون، تلاءَ، کوه، رانڪون، پُليون ۽ مسافرخانه وغيره __ ۽ انهن تي هن ڏاڍي دريا دليءَ سان بيدريغ پيسو خرچ ڪيو.

مير قانع جو قول آهي ته انهيءَ ڪار خير ۾ هُنَ، هيِن ڪري هٿ وڌو، جو هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي جاءِ جي ڇٿ تي بيٺو هو، اوچتو سندس نظر پاڙي واري گهر ۾ پئي، جتي گهر جي مالڪياڻي اگهاڙي تڙ ڪري رهي هئي، خسرو بيحد متقي پرهيزگار ۽ نيڪ بخت هو، اگرچ اهو گناهه کانئس بيخبريءَ ۾ سرزد ٿيو، ليڪن ڪفاري ادا ڪرڻ جي خيال کان هن چاهيو ته پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏي. وقت جي علمائن کي جڏهن سندس انهيءَ ارادي جي خبر پئي، تڏهن کيس روڪيائون، ۽ انهن جي تجويز ۽ صلاح تي اِهي عمارتون عوام جي آسائش لاءِ هن ٺهرائي پنهنجو ڪفارو ادا ڪيو. عمارتن جو اهو تعداد (360) علمائن کيس مقرر ڪر ي ڏنو هو.

مير قانع لکي ٿو ته: وفات کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کيس خواب ۾ نهايت ئي خوش ۽ خورم ڏٺو، کانئس پڇا ڪيائين ته انهيءَ مهربانيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ ٿيو؟ جنهن تي ميرزا جواب ڏنو ته جيڪي خير جا ڪم مون ڪيا هئا، ۽ رفاه عام جون جايون، مسجدون، خانقاهون ۽ پليون وغيره جوڙايون هيم، تن جو ته مون کي ڪوبه هتي فائدو ڪونه رسيو، انهن جو اجر ۽ جزا مون کي دنيا ۾ ئي ملي وئي، ڇاڪاڻ ته اتي منهنجي نيڪنامي ٿي. هتي مون سان جيڪو پسڻ ٿيو، سو هڪ غير محسوس ۽ معمولي واقعي ڪري ٿيو: هڪ ڏينهن آءٌ ڪاغذ لکي رهيو هوس، مس جي ڦڙي تي مَک اچي ويٺي ۽ ان کي چوسڻ لڳي، مان تيسين قلم روڪي ويهي رهيس جيسين مک مس چٽي پنهنجو پاڻ اُڏامي نه وئي انهيءَ واقعي سبب  جيڪو نه منهنجي ڌيان ۾ هو ۽ نه مان ڪنهن خاص خيال ڪري ئي ائين ڪيو هو  منهنجا سمورا گناهه ڌوپي ويا. (*)

 

”مقالات الشعرا ۾ مير قانع مَکِ وارو واقعو لکندي، مثال طور هيٺيون شعر ڏنو آهي:

خاطر موري چوکني شاد تو

خانه بجنت کني آباد تو(0)

 

اهو واقعو غلط هجي يا صحيح، اهو خواب سچو هجي يا جڙتو، ليڪن ان مان اهو ته اندازو ٿئي ٿو ته ماڻهن کي خسرو جي لاءِ ڪيڏي نه خوش اعتقادي هئي، جو هُنن چڱين چڱين ڳالهين کي ڏانهس منسوب ٿي ڪيو.

360 رفاه عام جون جيڪي جايون ميرزا خسرو ٺهرايون سي سڀ گهڻيون ڪري نابود ٿي چڪيون آهن. ممڪن آهي اڄ، ڪو کوه يا ڪا ننڍي مسجد يا خانقاهه موجود هجي، ليڪن ان جي خبر ڪنهن کي ڪانه آهي، هن وقت فقط ٻن جاين جا آثار ملن ٿا. جن مان هڪ ٺٽي جي مسجد دابگير آهي ۽ ٻي سندس نالي سان منسوب مڪليءَ تي هڪ رانڪ آهي، جنهن کي هن وقت ”ست چڙهڻي“ چيو وڃي ٿو.

مسجد دابگير: ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي حضرت ننگر ٺٽي جو جيڪو ڦٽل حصو آهي، اهو عروج دؤر ۾ محله دبگران سڏبو هو. خسرو جي پنهنجي حويلي به شايد انهيءَ محله جي آس پاس ۾ هئي ۽ غالباً اهو سبب ٿيو جو  هُن اها خوبصورت ۽ عمارتي نقطه نگاهه کان شاندار جامع مسجد ٺهرائي. انهيءَ مسجد جي ڦٽل آثارن جو ذڪر ڪندي مسٽر کوزنس لکي ٿو:(*)(0)(+)

 

Upon the out skrits of the town to the South, is the old brick Mosque known as the Dabgir Masjid, which has been very badly ruined. It is perhaps, the oldest Mosque in the place? and may have been the older Jami Masjid in which Shah Jeahan worshipped when he was in ThaThah, as it dates bock to A.D. 1588` It is also known as Amir Khusro Khan's Masjid............. (121)

The Mosque measures 98 by 48 feet, and has three bays surmounted by one large and two small domes` It still contains some very fine coloured tile work; and the mihrab, whih is of stone, covered with the most delicate tracery, is a superb piece of work(*)

 

زماني کان مسجد محڪمه آثار قديمه جي سنڀال هيٺ آهي. ڪلر ٽائيلس جا ڪي حصا وڃي بچايا آهن، سڄي مسجد سم سيڪ ۽ ڪلر کان متاثر ٿي چڪي آهي. محراب جي پيشانيءَ مٿان هيٺيون ڪتبو آهي:

بسم الله الرحمان الرحيم محمد رسول الله والذين معه اشداء علي الکفار رحماء  بينهم 7 9 9 هه.

خسرو مسجد ۾ پهريون پيش امام خطيب ۽ متولي، سيد ابوالمڪارم کي مقرر ڪيو. هو صاحب بزرگيءَ جي سڀني صفتن سان سينگاريل ۽ سيد احمد بن محمد عابد مشهديءَ جي اولاد مان هو. اهو بزرگ رهندو به انهيءَ مسجد سان لڳ هو. وفات جو سال  ستون دين فتاد مان ڪڍيو ويو.  (1065هه) (0)

 

درس للو ٺٽي جو مشهور بزرگ پڻ انهيءَ مسجد جي ڀر ۾ مشهدي سيدن جي پاڙي سان گهڻو وقت رهيو. مخدوم محمد هاشم عليه رحمته لموفي 1174هه) هر جمع جي صبح تي انهيءَ مسجد ۾ واعظ فرمائيندو هو. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم عبدالطيف پيءُ واري طريقي کي قائم رکندو آيو. 7 8 1 1 هه ۾ هو ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي ملازمت اختيار ڪري ٺٽي مان هليو ويو، جنهن بعد سندس فرزند مخدوم محمد ابراهيم (عرف موليڏنو) __ جنهن کي مڏئي ۾ فوت ٿيڻ ۽ دفن ٿيڻ سبب ”مڏئي مرقد“ سڏيو وڃي ٿو__ انهيءَ مسجد ۾ وعظ ڪندو هو. (*)

 

رانڪ خسر:  مڪلي نامه ۾ ”رانڪ خسرو“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن جي تعريف ڪندي مصنف لکي ٿو:

  رسد اين جا اگر ارواح قدسي    شود بازمره سيّار آنسي

  بنام ايزد چه نيکو جايگاه است  فضايش جملہ پاکيزه نگاه است

مڪلي نامه ۾ رانڪ جي جاءِ وقوع ۽ عمارت جون مکيه نشانيون بيان ڪيون ويون آهن. غالب گمان آهي ته اها رانڪ مڪليءَ تي اُها آهي جنهن کي ست چڙهڻيءَ جو عوامي نالو ڏنو ويو آهي. اهو نالو انهيءَ ڪري پيو جو مٿئين طبقي تي چڙهڻ لاءِ ستن پاسن کان عمارت ۾ ڏاڪڻيون (چڙهڻيون) آهن. محڪمه آثار قديمه جي سابق ڊائريڪٽر مسٽر ڪوريل جو قول آهي ته فني لحاظ ۽ عمارت سازيءَ جي نقطه نگاهه سان انهيءَ عمارت جو مثال مڪلي ۾ موجود ڪونه آهي.

عمارت جو مٿيون حصو ڊهي چڪو آهي __ هيٺئين طبقي ۾ پاسي وارا نشيمن ۽ ديواريون موجود آهن. اندر ڪي قبرون هونديون، جن جو هن وقت ڪو به نشان ڪونه آهي. ”ست چڙهڻيءَ“ کي مڪلي نامه جي ذريعي رانڪ خسرو متعين ڪرڻ لاءِ راقم الحروف ذمه دار آهي. ڇاڪاڻ ته مڪلي نامه ۾ ڏنل نشان مطابق فقط اها ئي جاءِ ٿي سگهي ٿي. جنهن کي خسرو جي رانڪ چئي سگهجي ٿو.

خسروءَ جي علم دوستي ۽ شاعري: ميرزا خسرو علم دوست ۽ شعر و سخن جو دلدادو ۽ سرپرست هو. وقت جا ڪيترا عالم ۽ اديب سندس سرپرستيءَ هيٺ گذر بسر ڪندا هئا. سيد عبدالقادر جنهن سندس نالي تي پنهنجو ڪتاب ”حديقة الاولياءُ معنون ڪيو، سو پڻ ساڻس وابسته هو.

خسرو پاڻ به شاعر هو، مقالات الشعرا جي مؤلف نموني لاءِ هي شعر ڏنا آهن:

خسر و خاني تو در وقتي که از جان کرم

هر صباح و شام ميخواني بسر اهل همه

خائني درگام رب العالمين باشي اگر

از تو ناراضي رود جاني ز تن سوئي عدم

جهد کن، گرد آر، دلهائ خلايق، و آنگهي

هرچه باشي باش يکسانست گداؤ محتشم

مير ابو القاسم بيگلار جنهن ميرزا غازيءَ خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ پوءِ 1 1 0 1  ڌاري کيس گرفتار ڪري انڌو ڪيو ويو، تنهن ميرزا خسرو چرڪس لاءِ شڪايتاً هڪ طويل نظم چئي آهي، جنهن جا هيٺيان چند شعر صاحب ذخيرة الخوانين محفوظ ڪيا آهن:(*)

 

نيک بختا باکسي از بهر دنيا، بد مباش

چون زمهر بي وفا ، هرگز وفا راکس نديدا

دل منہ برطرف دنيا هرگزي پيرکهن

کين زني مکارہ دارد ميل بر مرد جديد

از بنفشه يا سمن گشته بمويت کن نگاه

ظلمت شب آخر آمد، صبح صادق بر دميد

قامتي گويم چو سروي داشتي، اي نوجوان

از زمان از ضعف پيري جانب پشتي خميد

امير خسرو دهلويءَ جي غزل جو هيٺيون شعر ميرزا سجم طور استعمال ڪندو هو:

خسرو از تو پناه ميطلبد

اي پناهه من و پناه همه(0)

 

حديقة الاوليا:  سنڌ جي صوفياڻي ڪرام جو هيءُ ٻيو قديم تذڪرو سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمدالحسيني ٺٽوي 1016هه ۾ __ جنهن وقت ميرزا خسرو ميرزا غازي ءَ جي طرفان اڌ سنڌ تي قابض ۽ ملڪ جي سياه و سفيد جو مالڪ هو__ لکي سندس نالي معنون ڪيو. (+)

 

   سيد عبدالقادر ديباچه ۾ سندس متعلق هيٺين عبارت آرائي ڪئي آهي:

” چون درين روزگار خجسة آثار گلبانگ عدالت کسريٰ و فضل پروري امير کبير صائب رائ ثاقب تدبير، بيت:

هر کجا جزمش کند خلوت زمانه پرده را

هر کجا عزمش دهد فرمان جهان فرمان پذير

مغيث کافہ انام، معين مراسم اسلام. مشيد ارکان دولت و جهان باني، مويد اساس سلطنت و کامراني. فائض سحاب جود و افضال، جامع مراسم فضل و کمال . بيت:

آنکه آثار صفائي دلش از چهره عيان

نور خورشيد هدايت زجبينش زخشان و آنکه

شد همہ عالم و آفاق چو باغ رضوان

رافع لوائ شريعت، ناصب رايات طريقت، خافض آيات ضلالت و بدعت. جامع کمالات علمي و عملي، حاوئ مراسم صوري و معنوي. المولفہ:

جمال صورت و معني، کمال دين و دول

نهال دولت و جاه و گل حديقہ جان

خليل حلق و مسيحا نفس علي همت

خليل قدر، رفيع المکان، عظيم الشان

زهي کريم که دست سخايش غارت کرد

همہ ذخائر بحر و همہ دفائن کان

سحابِ دستِ نوالش چو قطره بار شود

ز قطره قطره شود رشحه قلزم عمٿان

مرجع افاضل روزگار و مهبط طوائف ابرار و احرار. صاحب معرفت، ايقان امير خسرو خان __ لازال دولتہ و ايالته، مستقيماً و اليٰ يوم الحساب، مصنوناً عن اسباب النقص والانقلاب. محبط آفاق و انفس گرديده و بمسامع سکان عالم قدس رسيده. و در عهد ميمونشن و روزگار همايونش کافه برايا و عامہ رعايا مرفه حال و فارغ بال، از شکوه روزگار مصئون و از اضرار اشرار محروس و مامون. صاحب خيري که تشنه لبان خشک سال نياز از فيضان سحاب بذل و افضال آن ذات بيهمال در عين تنعم و ناز سيراب ساخت و ملتجيان دربار فيض آثار آن بحر ذخار از خواهش و آز مستغني و بي نياز نمود لمولفه:

از فيض نشاءِ کرم او جهانيان

بامايهءِ نشاط و طرب همدم و نديم

بر خلق واجب است دعا و ثنائ او

کز حضرت کريم بود نعمت جسيم

صفدري که درهنگام کارزار حُسام ذوالفقار کردارش شعله ايست آتش بار که خرمن وجودِ اشرار و کفار بيک طرفة العين بسوزاند. آبي هست خوشگوار که حَلق تشنہ دشمن نکوهيده کردار را بيکدم سيراب گرداند. ديبائيست ملّون که بمجرد ديدن دشمن برتن بنقد جوهر جان خريدارئ آن باز نمايده و خدنگ تيز پّرش همايون مرغي است از آشيانهء قدس که نامه فتح و ظفر در بال و پر بسته دارد. عقابي است که از نشيمنِ قضا که درپئ شکار مرغِ روحِ اعدادهان و کشاده است. و همائ از قاف تقدير که بجهت استخوان دشمن شرير طيران گشته. و شبديزِ دلدل مثالش از سرعت گرمي جولان خوي چکان. و از نعل آتيشن شراره فشان. تندبادي ست وزان، و ابريست قطره ريزان. برقي لا مع درخشان. صاحب رائ که تدبيرش شگفته گلي است از گلبنِ عالم قدس که شاهد قضا عمامہ خود را بآن بيارايد. دست انبوي است که مشامِ دماغِ عروس فکرت و ذکا از رائحه آن بيا سايد. جهان باني که از پرتو خورشيد معدلتش کُلبه جهانيان روشن شده و از نسيم لطف مکر متش عرصهء بسيط غبراَ گلشن گشتہ. شعر:

بعهدش کارهائ يافت بنياد

که مانند تاکه بنياد جهان باد

حضرت حَق سبحانہ و تعليٰ تا انقراض عالم و انتهائ بني آدم، حديقه دولت و اقبال آن ڪريم الخصال از جوئبار بقا سرسبز و ريان گرداند. و نخل حيات  آن ذات ملکي صفات و متمر و بارور گرداناد، اليٰ يومالتناد يالنبي و آلہ الامجاد.

بنا علي ذالک، اين محقر از ذره کمتر، که از تراجم  فنون بليات و تصادم صنوف نکبات، سراسيمه و پريشان  و وله و حيران بود، از زبان حال ندائ اين مقال بگوش هوش شنود . شعر:

خيز و نزديک خداوند شوا اين حال بگوئ

چاره از کرم او که کريم است، بجويء

باستبشار اين بشارت و استبصار اين اشارت از روي صدق و عقيدت و التجا بدان درگامہِ والا آورد که عنوان اين صحيفه بنام ميمون و اسم همايون آن کريم الطبحَ موشح ساختہ، تابيمن لقب سامي و اسم گرامي او مشهور جميع امصار گردد و مقبول انظار اولوالابصار شود. و واضح اين دفتر نيازمند و جامع اين اوراقي چند، ادخار بچنگ آرد و از شدايد روزگار وفتن ليل و نهار وا رهد. انشاالله الڪريم.

مٿينءَ عبارت مان ٻن ڳالهين جو انداز ڪري سگهجي ٿو، پهريون ميرزا خسرو جي سلسلي ۾ انهيءَ زماني جي هڪ اديب جا جذبات ڪهڙا هوا؟ ٻيو انهيءَ دؤر جي سنڌ ۾ فارسيءَ جي تحرير جو ڇا انداز هو.

اولاد: خسرو جي اولاد متعلق صحيح علم ڪونه آهي، اسان کي جيڪي نالا ملي سگهيا آهن، تن جي سلسلي جو صورتحال هن ريت ٿو بيهي:

ڀائي خان: ميرزا جي سموري اولاد ۾ لطف الله ڀائي خان زياده مشهور ٿيو. ڀائي خان جو لقب ميرزا غازيءَ ”ڪوڪي“ هجڻ سبب، کيس ڏنو هو. ميرزا غازي جيسين جيئرو هو تيسين ساڻس گڏ رهيو. جڏهن ميرزا فوت ٿيو ته ميرزا کي زهر ڏئي مارڻ جو مٿس الزام لڳو. انهيءَ زماني ۾ ميرزا غازيءَ سندس پيءُ کي معزول ڪري پاڻ وٽ قنڌار گهرايو هو. جيڪڏهن ميرزا جي جيئري خسرو قنڌار پهچي ها ته يقيناً جهڙيون حالتون هيون ساڻس ناقابل برداشت عقوبت ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ميرزا غازي چئي چڪو هو ته:(*)

 

”همه غلامان حرام نمک را __ که پا از گليم بيرون آورده و سر از اندازه بدر برده مارا بنظر نمي آورند__  بدين عقوبت خوار و رسوا خواهم ساخت که خسرو خان را چوب در دست داده، دربان کنيزان چند گه درکار بست مي نمائيم__ فتح الله ولد لطف الله ڀائ بهائ خان را که حاڪم بدين شده، آفتابچي مي سازم، که پدرش در جرگه نشسته باشد و او آب بردست آن کسان بريزد، که آنران از جملئه نوکران خود نمي پنداشت محمد بيگ که بيسار نازک و بيشتر تقليد ما ميدارد، جلاجل جلوداران در کمرش مي بنديم و در جلو مي دوانيم تا بدانند که صاحب ماهست و نتيجهء بيديانتي خود مي يابيم__“ (*)

 

تاريخ طاهريءَ جي مصنف اهو لکندي پڇاڙيءَ ۾ لکيو آهي ته: ڏهن ميرزا ائين چيو ٿي ان وقت کيس اها خبر ڪانه هئي ته قضا و قدر جو فيصلو انهيءَ سلسلي ۾ ڪو ٻيو ٿي چڪو آهي کوه جيڪو ميرزا خسرو وارن لاءِ کوٽي رهيو آهي ان ۾ مرڳوئي کيس اُڇلايو ويندو.

”__ از قضا و قدر خبر نداشت کي حريفان چند پخة کار پيش ازين کار ما تمام خواهند ساخت. و چاهي که هنوز برائي افگندن ايشان کنده ايم  درآن مرا خواهند انداخت __“

اهو مصنف سيد طاهر نسياني،ميرزا غالب جو مقرب ۽ قندار ۾ ساڻس گڏ هو. اڳتي هلي لکي ٿو:

”از حاضران صحبت، چنين استماع داشته که چون از عمر آن جامع الکمالات و صاحب فراست تتمه نمانده، همين نا دولت خواهان چند، که در اهل عالم بصاحب کُشي شهرت يافته، بيموجب تغير و تبديل خواري و بي ناموسي، زهر در کام و کاسه اش ريختند و روئ خود در هر دو عالم سياه ساختند“ (*)

 

انهيءَ مصنف جيڪو تاريخي قطعو سندس موت تي چيو آهي، انهيءَ ۾ پڻ زهر ڏيڻ جو اشارو موجود آهي:

زهر درکامش غلامان ريختند از بهر آن

تا بگيرند، جائ او آيند اندر منزلش

قاضي محمود ٺٽويءَ پڻ ميرزا جي موت جي تاريخ کشتهء جور و جفا مان ڪڍي آهي. اهڙيءَ طرح ماثرالامرا ۽ تحفة الڪرام جا مولف پڻ واقعي جي انهيءَ نوعيت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. مثلاً: مير علي شير قانع واقعو بيان ڪندي لکي ٿو:

” بدست غلام خانه زادش عبداللطيف نام بقولي خفه و بقولي مسموم کردند (0)

 

يعني زهر واري روايت سان گڏ گُهٽو ڏئي مارڻ جي ڳالهه پڻ زبان زد عام هئي. ماثر رحيمي جي مؤلف لکيو آهي ته: وفات جو سبب قولنج چيو وڃي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو به مشهور آهي ته کيس زهر ڏنو ويو.

صاحب ذخيرة الخوانين ڀائي خان لطف الله جو واقف هو،  بلڪ پاڻ ۾ ٻنهي جا مراسم هئا، زهر ڏيڻ جي روايت لکڻ بعد مؤلف مذڪور لکي ٿو:

”بعد از وقوع اين حادثه __ که بهائي خان در  سلک جهانگيري منسلک شد __ در سفرمرتبه اول کشمير در 1028هه در رکاب سعادت جهانگير بود. در مقام بابا حسن ابدال مسّود اين اوراق شيخ فريد بکهري را با مير خواجه محمود مودودي چشتي __ از روئي هم وطني و معرفتهائ سابق __ بهائ خان بخانه خود طلبيده ضيافت کرد. در مجلس همين  مقدمه کشتن ميرزا، درميان آمد. بهائ خان مصحف مجيد برداشت که: از من اين آمر صدور نيافته و نه بدانستگي من شده __ ميرزا باجل طبيعي  در گذشته و از افراط شرب شراب ميرزا  ازين عالم رحلت کرده _“(*)

 

حسن ابدال جي منزل تي ڀائي خان ساک کڻي پاڻ کي انهيءَ الزام کان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي __ ليڪن اهو قطعي ناممڪن آهي ته هڪ ماڻهو ايڏي بدناميءَ ۽ چوپچو کان پوءِ ساک تي نمڪ حراميءَ ۽ خون جي ڏوهه جو قبولدار ٿئي.

ميرزا غازي واقعي شرابي هو، رات ڏينهن مخمور ۽ مدهوش رهندو هو، صحت پڻ خراب ٿي چڪي هيس.

ممڪن آهي ته هڪ شرابي جو جيڪو انجام ٿئي ٿو سو سندس به ٿيو هجي، ليڪن ڀائي خان تي ميرزا جي خون جو جيڪو الزام لڳي چڪو آهي، سو تاريخ جي صفحن تان ميسارجي ڪونه ٿو سگهي. جڏهن به ميرزا غازيءَ ۽ ڀائي خان جو ذڪر ڇڙندو تڏهن زهر ڏيڻ جو الزام لازماً سامهون ايندو نمڪ حراميءَ ۽ محسن ڪُشيءَ جا انگ ضرور اُڀري سامهون ايندا.

ڀائي خان لاءِ ميرزا جي فوت ٿيڻ بعد اهو به مشهور ٿيو ته هُن قنڌار تي تسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو. ترخان نامه جو مؤلف ان جو راوي آهي، لکي ٿو:

” بهائ خان ولد خسرو خان بعد از رحلت ميرزا، خيال فاسد قائم مقائ ميرزا بخاطر رسانيده، ادا هائ جنگ نمود، مردم او را متهم داشتند که: از روئ حرام نمکي آقائ خود را خفه کرد (*)

 

ڀائي خان جنهن صورت ۾، ميرزا غازيءَ جي برک اميرن منجهان هو، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته جيسين درٻار مان ڪو ٻيو صوبه دار مقرر ٿي اچي. تيسين قنڌار مٿان انتظام قائم رکڻ جي هُن پاڻ ڪوشش ڪئي هجي. ليڪن کيس ائين ڪرڻ جي __ مٿين بيان مطابق ماڻهن مهلت ڪانه ڏني ٿي ڏسجي. ازان سواءِ جهانگير پڻ کيس اتي رهڻ ڪونه ڏنو ۽ انهيءَ خطري کان ته متان ايران سان هو ڪا سازش ڪري، کيس فوراً واپس گهرائي ورتو.(0)


(*)  آسات لفظ جي معنيٰ معلوم نه آهي.

(0)  بخدمت سيد ميران محمد مهدي جونپوري (متوفي 9 1(  ذيقعد سنه 0 1 9 هه) شرف ارادت حاصل کرده (تحفة   الکرام خطي ص 0 2 2 ). سيد موصوف ٺٽي ۾ پهريون دفعو سنه 1 0 9 هه ۾ آيو ۽ ٻيو ڀيرو  906هه -õ7 0 9  ۾ افغانستان ويندي ڪجهه وقت اچي ٺٽي ۾ رهيو. پير آسات انهيءَ زماني ۾ سندس مريد ٿيو هوندو. اهڙيءَ صورت ۾، مخدوم عربيءَ جي جيڪڏهن وفات سال 0 8 9 هه تسليم ڪجي ته پير آسات سندس وڏو ڀاءُ ٿيڻ گهرجي.

(*) عقب اين درگاهه ... چشمه ايست... درعين مابين کوه ... وسايہ آزد درخت در آن ظل رحمت ا لا يزال. (ص 27)

(*)  ڏسو متن ص 30

(*)   تحفة الکرام خطي ص 64

(*)  بقول عبدالباقي نهاوندي ميرزا جاني 24 جمادي الثاني سنه 1001هه جو اڪبر جي دربار ۾ پهتو.

(+)  مظهر شاهجاني 2 ) اڪبر سنڌ جي ترخاني حصي تي پهريون شاهرخ ميرزا (متوفي 1016هه) کي مقرر ڪيو، ليڪن خان خانان جي سفارش تي اهو حڪم ڦيرائي حق حقدارن جي حوالي ڪيو.

(0)  خان خانان پنهنجي پويان __خان جهان لوڌيءَ جي پيءُ __ دولت خان لوڌيءَ کي، ملڪ جي نگرانيءَ لاءِ ڇڏي ويو هو (ذخيرة  الخوانين ص191) خسرو کائنس اچي ملڪ جي واڳ ورتي.

(*)  __  با ابوالقاسم نمڪين فرمان نافذ گشت که ميرزا غازي را پا خسرو خان غلامي __ که معتمد اوست  __ روانه درگاهه والا سازد. کبر نامه جلد 3  صفحه 6 1 8  واقعات سال 7 4  جلوس، مطابق 1 1 0 1 هه)

(*)   طاهري خطي تحت طلبيدن خسرو خان

(+)  ايضاء

(*)  ايضاء

(+)  ترخان نامه اها تاريخ ڏني آهي. تاريخ طاهري جي مؤقف ۽ قاضي محمود ٺٽوي خواهه صاحب ذخيرة الخوانين وفات جو سال 1 2 0 1 هه بيان ڪيو آهي.

(0) طاهري

(*)  مطبوع صفحه 3 9

(*)  ميرزا جي انتقال جي خبر بادشاهه کي اجمير ۾ 7 2  ربيع الاول 1 2 0 1 هه جو پئي اتزک جهانگيري صفحه 0 1 1  نولڪشور)

(+)  ترخان نامو صفحو 4 9

(0)  ترخان نامو صفحو 4 9

(*)  ذخيره خطي صفحو 2 2 1

(*)  بخشيءَ جي عهدي کان پوءِ مير عبدالرزاق معموريءَ کي ٺٽي جي مستقل صوبه داري به ملي. 5 1  ربيع الاول 5 2 0 1 هه جو سندس تقرر ٿيو ۽ ربيع الاول 0 3 0 1 هه تائين انهيءَ عهدي تي قائم رهيو (تزڪ جهانگيري 1 3 3 _3 4 3 _0 5 1  نولکشور) ٺٽي جي گدا بازار ۾ 2 2 0 1هه ۾ هن جامع مسجد ٺهرائي جيڪا اڄ تائين ”مسجد خضري“ جي نالي سان مشهور ۽ موجود آهي.

(+)  ترخانه نامو صفحو 94-95

(*)  ذخيره 163 قلمي

(+)  خطي صفحو 65

(*)  ذخيرة الخوانين صفحو 163

(*)  تحفة الڪرام مطبوعه ج 3 صفحه 91_92

(0)  مقالات الشعراء صفحه 202

(*)  دابگران جو محلو

(0)  تحفة الڪرام ۾ آهي ته خسرو اها مسجد سيد ابوالمکارم مشهدي جي حويليءَ جي ڀر ۾ ٺهرائي صفحو 7 2 1

(+)  سندس حويلي نهايت عظيم الشان، خوبصورت ۽ ٻه ماڙ هئي. پٽس لطف الله ڀائي خان جي حويلي ان کان اڳ هئي. شيخ ڪالو قريشي جيڪو خسرو جو ڄاٽو هو، سو پڻ خسرو جي حويليءَ ۾ گهر ڄاٽو ٿي رهندو هو. مير قانع   (1181هه)  لکي ٿو ته اها حويلي زبون ٿي چڪي آهي، پر اڃان به سڏجي خسرو جي نالي تي ٿي ۽ شيخ ڪالي جي اولاد منجهس رهي ٿي.

(*)  Antiquetes of Sindh 122

(0)  اها تحفة الڪرام جي روايت آهي فحه 7 6 1) __ خسرو خان چرکس چون تعمير مسجد جامع پهلوي حويلي وي باتمام رسانيد، توليت آن هم به سيد حواله کرد __ مسجد 7 9 9 هه ۾ تيار ٿي. سيد جي وفات جي سال (5 6 0 1 هه) کي نظر ۾ رکندي ظاهر ٿئي ٿو ته، سيد صاحب مسجد جي ٺهڻ وقت جيڪڏهن ڄائو هوندو ته به مشڪل 7_8  ورهين جو هوندو. تنهن ڪري اها روايت مشڪوڪ آهي ته هو مسجد ٺهندي پهريون پيش امام خطيب يا متولي ٿيو.

(*)  تحفة الڪرام

(*)  ذخيره صفحه 164

(0)  مقالات صفحه 201

(+)  پهريون تذڪرو ميرزا باقيءَ جي دؤر ۾ قاضي نعمت الله ٺٽويءَ لکيو، جيڪو اڃان دستياب نه ٿي سگهيو آهي.

(*)  صاحب ذخيرته الخوانين لکي ٿو:-  مردم ميرزا را به ڀائي خان لطف الله ولد خسرو خان کوکه تهمت نهادند، چراکه ميرزا اگرچه لطف الله را به خطاب بهائي خان ممتاز ساخته وکيل مطلق العنان خود ساخته بود و او مصاحب و لديم ميرزا بود اما ميرزا با پدرش خسرو خان بي عنايت بودند (قلمي 2 3 1 )

(*)  طاهري تحت طلبيدن ميرزا خسرو خان.

(*)  تحفته الڪرام ج 3 صه 28

(0)  ماثر رحيمي ج 2 ص 35

(*)  ذخيره 162

(*)  ترخان نامه مطبوعه ص 93

(0)  ذخيرة الخوانين صه 16

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org