20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :34

سيد يوسف ۽ پير پرڏيهي: انهيءَ حصي ۾ پهرين مجموعي کان ٿورو وٿيءَ تي، محراب جي ڀڪ ۾ ٻه قبرون نمايان آهن. چوني سان لتل ۽ مٿان ِ نازبوءِ جا سڪل پن پيل، ڏئي جي تيل جا ڪارا نشان به مٿن کان موجود – انهن ٻن قبرن مان اولهائين پير پرڏيهي جي آهي ۽ اوڀر واري سيد محمد يوسف جي. انهن ٻنهي قبرن تي پڻ ڪتبو ڪونه آهي.

پير پرڏيهي جي اولهه ۾ لڳ مٿن کان نئين قبر آهي، جنهن جي متعلق پتو ڪونه آهي ته ڪنهن جي آهي.

زمان شاهه: ڏکڻ واري حصي ۾ ساڳئي طرح قبرن جا ٻه مجموعا آهن. دروازي کان داخل ٿيندي، جيڪو پهريون مجموعو اچي ٿو ان ۾ اٺهتر قبرون آهن. ٻيو مجموعو آهي اولهه طرف ٿورو وٿيءَ سان، بلڪل سيد يوسف ۽ پير پرڏيهي جي آمهن سامهن، جنهن منجهه ڏهه قبرون آهن.

انهيءَ پوئين مجموعي ۾ سيد يوسف ۽ پير پرڏيهي جي پيرن کان آمهن سامهن، پوئين دؤر جي مشهور سنڌي شاعر سيد زمان شاهه زمان جي قبر آهي. جنهن تي نالي جو نشان ڪونه آهي.

احاطي کان ٻاهر: سيد يوسف جي احاطي واري ديوار کان ٻاهر قبرن جا ڪيئي مجموعا آهن، ڏکڻ اولهه ۽ اتر ۾ جدا جدا ۽ وٿن سان.

لطف علي همت ۽ ذوالفقار علي شاهه شيدا: احاطي جي ڏکڻيءَ ديوار سان لڳ ٻه قرون آهن، سرن جون ٺهيل – شڪست ريخت جي هڪ وڏي ڍير ۾. اُهي ٻه قبرون جيتوڻيڪ زبون ٿي چڪيون آهن، ليڪن اتفاق سان اڃا ظاهر آهن. ٻئي هڪٻئي جي لڳولڳ. اولهه واري نواب مير لطف علي همت جي چئي وڃي ٿي، ۽ اوڀر واري سيد ذوالفقار علي شاهه شيدا جي.

سلطان سامٽيو: تحفة الڪرام جو موقف لکي ٿو ته: ڪلهوڙن جو مشهور امير ۽ ٺٽي جو صوبيدار سلطان سامٽيو انهيءَ قبرستان ۾ مدفون آهي. سيد محمد يوسف جي احاطي کان ٻاهر اولهه کان بلڪل ديوار جي لڳ، ڏهن فوٽن کن جي وٿيءَ تي، سرن جي هڪ ڊٺل رانڪ موجود آهي. جنهن منجهه هڪ قبر آهي. اسان جو گمان آهي ته رانڪ سلطان ساميٽي جي آهي.

انهيءَ رانڪ سان گڏ اتر ۾ ٻي رانڪ به ساڳيءِ طرح سرن جي آهي، جيڪا ڊهي ڊُنڍ ٿي پئي آهي. رانڪ ۾ هڪ شڪسته قبر جا آثار آهن. خبر نه پئي ته اها رانڪ ڪهڙي اهم ماڻهوءَ جي آهي.

انهيءَ پوئين رانڪ جي اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ ٿورو وٿيءَ سان هڪ پٿر جي الڳ ٿلڳ قبر آهي. جنهن جي ڪتبي جي عبارت هن ريت آهي:

خرد تاريخ اين مرحومه گفتا

بيامر زيد اورا حق تعاليٰ       1106هه

اُتريون ٿلهو: احاطي واريءَ ديوار سان لڳ اتر کان ٽي قبرون آهن بنا نالي ۽ نشان جي انهن قبرن جي اتر ۾ ٻاهرين حفاظتي احاطي جي اترين ديوار سان گڏ، هڪ لمبو ٿلهو آهي، جيڪو مسجد جي ٿلهي کان شروع ٿي، سيد جي احاطي جي اولهائين ديوار کان به ٿورو اڳتي وڌي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ٿلهي جا ٻه حصا آهن، پهرين حصي ۾ قبرن جون ٻه قطارون آهن. مٿن واري قطار ۾ ٻه قبرون آهن ۽ پيرن واري قطار ۾ پنج قبرون آهن. انهيءَ قطار ۾ اولهه وارن ٻن قبرن مان اوالهائين سيد عبدالله شاهه جي ۽ اوڀر واري سندس پٽ مير مراد علي شاهه جي چئي وڃي ٿي. انهيءَ ٿلهي جو ٻيو حصو اولهه ۾ هڪ الحاقي ٿلهي جي صورت ۾ آهي. جنهن تي ٻه گمنان قبرون هڪٻئي جي پهلوءَ ۾ آهن. انهيءَ ٿلهي کان هيٺ هڪ قبر جدا آهي.

قبرستان جي ٻاهرين حفاظتي ديوار جي اندر اهي ئي قابل ذڪر جايون آهن، جن جو مٿي مذڪور ڪيو ويو. هن هيٺ انهيءَ حفاظتي ديوار جي ٻاهران وارن ملحقه جاين جو ذڪر ڪجي ٿو.

سيد ميران محمد جو آستان: اوڀارينءَ ديوار کان چئن سؤن قدمن تي هڪ شڪسته چوديواري آهي، جنهن جا نشان اڃا قائم رکيا وڃن ٿا. چيو وڃي ٿو ته: اهو سيد ميران محمد جونپوريءَ جو آستان هو. ملڪيءَ تي پاڻ سمورو وقت انهيءَ جاءِ ۾ گذاريائين.

انهيءَ جاءِ جي اوڀر ۾ ٻين ڀڳل ديوارن جا آثار موجود آهن. ڀائنجي ٿو هڪ اڌ هجرو انهيءَ آستان سان گڏ هو، جيڪو برباد ٿي چڪو آهي.

مشهدي ساداتن جو قبرستان: انهيءَ آستان جي ويجهو ڏکڻ ۾ ٺٽي جي مشهور مشهدي ساداتن جو قبرستان آهي، جيڪو پڻ خراب ۽ برباد ٿي چڪو آهي.

ميان آسودو بودلو: تحفة الطاهرين ۾ آهي ته: ٺٽي جو مشهور اهل الله ميان آسودو بودلو، سيد يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي.

ميران سيد محمد جونپوري جي آستان جي اتر ۾ پنجهتر قدمن جي فاصلي تي هڪ ٿلهو آهي، جنهن تي چوني جي گچ سان لتل هڪ نمايان قبر آهي، مٿس چراغ دان به آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها مرزا ميان آسودي مجذوب جي هجي.

انهيءَ ٿلهي تي اولهه طرف پرڀرو ٻي هڪ قبر پٿر جي لوڙهه سان آهي، ٿلهي جي اولهه اتر واري ڪنڊ ۾، سرن جو جدا مختصر ٿلهو آهي، جنهن تي پٿر جون ٻه قبرون آهن. انهيءَ ٿلهي تي اتر کان مٿي چڙهجي ٿو انهن هڪ جدا ٿلهي تي قبر آهي. اهي سڀ قبرون بينام و نشان آهن. اهڙي ريت ٿلهي جي آس پاس هيٺ ڪي قبرون آهن، جن جي متعلق به چئي نٿو سگهجي ته ڪنهن جون آهن.

بکر جي ڍنڍ: سيد يوسف جي قبرستان جي اوڀر کان هڪ ڍنڍ جو پيٽ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڏکڻ ڏيون وڃي ميڪرا ڍنڍ سان لڳي ٿو. انهيءَ لاءِ ٻڌايو ويو ته بکر ڍنڍ جو پيٽ آهي.

بک جي نسبت متعلق پتو پئجي ڪونه سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته سيد محمد يوسف بکريءَ جي نبست سبب انهيءَ ڍنڍ جو نالو بکري ڍنڍ پيو هجي.

تالاب سهسہ لنگ: مير قانع لکي ٿو ته: اتهن ماڻهون جڏهن پهاڙي کان هيٺ لهي ٿو ته سهسہ لنگ جي تلاءُ سان مهن مقابل ٿئي ٿو__ هر گاه ازکوه فروشوند، پائين کوه به تالاب سهسه لنگ، که با چشمہ مهر يک رنگ است، دچار گردنه-،

تلاءَ جي تعريف ۾ هي شعر چيا اٿس:

زبان، و صاف آب ِ سهسه لنگ است

نظر بينائ تاب ِ سهسه لنگ است

چه گويم وصف ِ آن تالاب ِ صافي

نگہ آموزد آن جا نور ِ صافي

مير قانع سهسہ لنگ جو مذڪور ختم ڪري ميڪرا ڍنڍ جي تعمير شروع ڪري ڏئي ٿو.

سيد يوسف جي قبرستان کان هيٺ لهندي، سهسہ  لنگ جا نالي سان ڪوبه تلاءُ موجود ڪونه آهي. سيد جي قبرستان وٽان پهاڙ تان هيٺ لهندي فقط بکر واريءَ ڍنڍ جو پيٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي پڇڙي وڃي ميڪرا ۾ پوي ٿي.

مير قانع جيڪو جاءِ وقوع جو صورت حال بيان ڪيو آهي، انهيءَ منجهان گمان ٿئي ٿو ته، سهسہ لنگ دراصل انهيءَ بکر واري ڍنڍ جو نالو هو.

رضوي ساداتن جون درگاهون: روهڙي ۾ سيد جان الله شاه رضويءَ جو خاندان سيد حيدر حقانيءَ جي خاندان ۽ نصرپور جي مشهور سنڌيءَ شاعر شاه عنايت رضويءَ جو خاندان ۽ ٺٽي وارا مهدوي هڪ ڏاڏي (سيد محمد مڪي بکري) جو اولاد آهن. 

(14 الف) جلوه گاه امامين

روايتون: تحفة الڪرام خواه تخفة الطاهرين جي روايت مطابق، جنهن جاءِ تي هن وقت جلوه گاه امامين آهي، سو شروعات ۾ بلڪل صاف ميدان هو، سڀ کان پهريون هڪ ٻڪرار انهيءَ ”پراسرار سر زمين“ جي ”اسرار“ کي دريافت ڪيو.

ڳالهه ڪن ٿا ته: اهو ٻڪرار روزانو ملڪيءَ تي ٻڪريون چاريندو هو، ٻڪريون چرندي چرندي جڏهن انهيءَ خاص ميدان وٽ پهچنديون هيون ته نهايت خاموشيءَ ۾ هڪ غير معمولي حالت سان پاسو ڪيو اڳتي وڌي وينديون هيون. ٻڪرار روزانو اهو تماشو ڏسندو رهيو، ليڪن خبر نه ٿي پيس ته ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ هڪ ڏينهن انهيءَ جاءِ تي ٻڪرار ڪنهن بزرگ کي نهايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرندو ڏٺو. ٻڪرار کانئس حقيقت حال پڇي ۽ پنهنجي ٻڪرن جو قصو به ڪري ٻڌايائينس.

بزرگ کيس چيو:- اين جاءِ پاکان و برگزيدگان الٰهي استکه که عالم ملک و ملکوت گردن ِ اطاعت بزير ايشان نهادند-،

اها روايت ۽ اهو واقعو ڄام نظام الدين جي زماني (866-914هه) کان اڳ جو چيو وڃي ٿو. ڄام جي پنهنجي دہر ۾، مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (ولدان مخدوم اسحاق ڀٽي هالائي) هڪ دفعي ملڪيءَ جي زيارت لاءِ آيا ۽ مختلف زيارتون ڪندي، جڏهن انهيءَ جاءِ تي پهتا، ان وقت ادب وچان جتيون لاهي نهايت خشوع ۽ خضوع سان دعائون گهرڻ لڳا. ماڻهن کائن پڇيو ته: خالي پَٽَ مٿان دعائون ڇو ۽ ايڏو ادب ڇا جي ڪري؟ جنهن تي پاڻ چيائون: ”اين جائيست که بر عرش مجيد تفوق دارد.“ انهن ٻنهي بزرگن اها ڳالهه ظاهر ۽ مشهرو ڪئي ته انهيءَ سر زمين تي ”جلوه جمال جهان آرائ حضرت امامين کريمين، ڏسڻ ۾ ايندو آهي“ – جنهن بعد هرڪو انهيءَ ايراضي جو احترام ڪرڻ لڳو ۽ جاءِ زيارتگاه ۽ مرجع خلائق بڻجي وئي.

حدبندي ۽ ساخت: معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جي زماني ۾ انهيءَ ايراضيءَ جو فقط شرف ۽ مرتبو عام ۾ مشهور ٿيو، ليڪن حدبندي يا زمين جا نشان نروار ڪونه ڪيا ويا. انهيءَ علائقي جي سڀ کان پهرين حدبندي ميان ملوڪ شاهه نالي هڪ بزرگ ڪئي. روايت آهي ته: هڪ دفعي ”حقايق آگاه ۽ معارف دستگاه، حضرت ميان ملوڪ شاه اتاهون لانگاهو ٿيو، اهل دل ۽ صاحب طريقت هو، پهچڻ سان کيس امامين ڪريمين جي جمال جهان آرا جا جلوا ۽ انوار ڏسڻ ۾ آيا. هن لاءِ ايترو ڪافي هو. هِتان هُتان پٿر کڻي چوڌاري هڪ ديوار ڏئي، انهيءَ ماڳ کي ظاهر ڪيائين. – جيسين جيئرو هو، تيسين روزانو ٻهاري سهاري ۽ ٽهل ٽڪور پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندو رهيو. اها پهرين حدبندي ۽ اها پهرين ديوار هئي، جيڪا جلوه گاه جي چئني طرفين ڏني وئي.

نواب سيف الله پنهنجي صوبيداريءَ واري دہر ۾، ميان ملوڪ شاه جي ديوار کي ڊهرائي، 1140هه ۾ پڪي پختي ديوار ڪڍرائي. جنهن کان پوءِ مختلف وقتن تي مختلف مخير ماڻهن انهيءَ ايراضيءَ ۾ جدا جدا اڏاوتون ڪري پنهنجا پنهنجا نشان ڇڏيا.

اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ ٿَلهي مٿان چوديواري کڻي مٿان گنبد ڏنو ويو آهي. دراصل اهوئي اهو مخصوص ٽڪرو آهي جنهن کي جلوه گاه چيو وڃي ٿو. اها عمارت ميان نور محمد ڪلهوڙي جوڙائي. اهڙيءَ ريت ٽالپرن جي زماني ۾ به انهيءَ ايراضيءَ ۾ ڪيتريون درستيون ٿيون ۽ ان کان پوءِ به هر دہر ۾ مرمت درستي ۽ ڪونه ڪو جوڙجڪ ٿيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين گهڻو ڪري سڀ ڪجهه سلامت ۽ سالم آهي.

احاطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اتر کان اڀرائين ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو ڪاٺ جو دروازو آهي. انهيءَ دروازي جي مٿان هيٺيون ڪتبو پٿر جي ننڍيءَ تختي تي معمولي خط ۾ اُڪريل آهي:

ان الله و ملائکة يصلون علي النبي

ياايها الذين آمنو صلوا عيلہ وسلَموا تسليما

1140هه

قدم شريف: پهريون صحن طئي ڪري ڏکڻين ديوار کان ٻاهر ٿبو ته هڪ ٺل نظر ايندو. ان جي مٿان هڪ پٿر نصب ٿيل آهي جنهن تي ٻن انساني قدمن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. روايت آهي ته: اهي قدم مبارڪ حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا آهن. هن روايت مطابق اهي نشان حضرت علي ڪرم الله وجہ جي قدمن جا آهن.

نواب سيف الله جي قبر: ٺٽي جو صوبيدار نواب سيف الله (1137-1142هه) جي جلوه گاه امامين جي ايراضيءَ سان، شيعه هجڻ سبب، خاص عقيدت هئي. چنانچه وفات بعد وصيت مطابق کيس جلوه گاه جي جوار ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر جلوه گاه جي اوڀارين ديوار سان لڳ هڪ چوديواريءَ اندر آهي. قبر ٿلهي تي آهي ۽ پٿر جي آهي. سندس وفات جي تاريخ مولوي اسدالله ولد ملڪ برخوردار خان چئي، جيڪا قبر تي مولوي مذڪور جي خط ۾ اُڪريل آهي.

دست وي يا دامن ِ آل ِ عباست            2411هه*

 

قبر ڊهي چڪي آهي، انهيءَ قبر جي ڀر ۾ آس پاس، احاطي اندر ٻيون چند قبرون پڻ آهن. جن تي ڪتنو ڪونه آهي. اهي سڀ قبرون نواب مذڪور جي پٽن ۽ خاندان جون آهن. ٺٽي ۾ ساڻس سندس ٻئي پٽ صادق علي خان ۽ تقي خان عاشق به گڏ هئا. صادق علي خان مغلن طرفان ٺٽي جو آخري صوبيدار هو (1149-1150هه). انهيءَ جي زماني ۾ ميان نور محمد ٺٽي جو علائقو مغل حڪومت کان اجاري تي وٺي سنڌ کي مرڪز کان آزاد ڪرائي ورتو. ٺٽي جو مشهور فارسي گو شاعر محسن ٺٽوي انهيءَ گهراڻي جو ممدوح هو. مثنوي طراز دانش محمد صادق خان جي چوڻ تي (1149هه) تصنيف ڪيائين. محسن نواب جي ٻن پٽن جي سلسلي ۾ ڪيترا قطعا ۽ قصيدا چيا آهن. جيڪي سندس مطبوعه ديوان ۾ موجود آهن.

محمد تقيءَ جي سلسلي ۾ هيٺيان قصيدا آهن، محمد تقي نواب مهابت خان کان پوءِ ٺٽي جو نواب ٿيو هو:

(1)    بهار آمد و گلبار بچهره آرائ   خبر دهيد بهر عندليب ِ سودائي

(قصيدو ص 309)

(2) زلطف ِ باد شمال و ز فيض ابر بهار

زمانہ عطر فشان و زمين زمرد کار

(قصيدو ص 321)

(3)  زبس جوش زد لشکر برشکال

شده رستم ِ عرصہ چرخ زال

(قصيدو ص 363)

(4)  اي نجم ِ دولت ِ تو بر اوج ِ کمال باد

نعل ِ سم ِ سمند ِ تو جرم ِ هلال باد

(قصيدو ص 364)

(5)  1154هه ۾ تقي محمد خان شيعي عقائد ۾ هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو. محسن تاريخ قطعو چيو جنهن جو تاريخي شعر آهي:

گفت هاتف بسال ِ تاريخش      چمن دين هشت و چار امام

(قطعوص 468)

(6)  محمد تقي خان (11150هه) هالين ويو محسن تاريخ چئي:

پئي سال اين گل ز هاتف شگفت

بگلگشت هاله رسيد اوچو ماه                (قطعو 477)

(7)   ان کان پهريون (1149هه) ۾ ويو قطعه جو تاريخي شعر آهي:

از مردم ِ ديده ميشنيدم       اي صاحب ِ مابخير مقدم

(قطعه 748)

(8)        تقي محمد خان ٺٽي ۾ (1157هه) جاءِ جوڙائي محسن قطعه تاريخ چيو:

بتاريخ سالش گهر سنج کلک عجب جائ عشرت فزاي-نوشت

(قطعه478)

(9)       غالبن ميرزا صاحب جي ڪلام جو انتخاب تقي محمد خان جي فرمائش تي 1151هه ۾ تيار ٿيو، محسن تاريخي قطعو چيو:

گفت هاتف بسال اتمامش     ”در معني خزانهء صائب“

(قطعو 479)

(10)   ساڳي تقي محمد خان ٻي جاءِ (1151هه) جوڙائي، محسن تاريخ ۾ قطعو جوڙيو:

پئي تاريخ و بهر ِ تهنيت، دل      بعشرت گفت: دولت خانه دائم

(قطعو 481)

(11)    تقي محمد خان ڪنهن طرف تيار ٿيو. محسن به ساڻ هلڻ جي استدعا ۾ قطعو تصنيف ڪيو:

تمام عمر ندانم که نيل گاو ِ سپهر

بوفق ِ خواهش ِ من ساعتي کند دوران

(12)   تقي محمد خان جي مدح ۾ محسن هڪ رباعي چئي آهي

تا پر تو ِ مهر ِ عالم افروز بود      آغا بهار ِ عيد ِ نوروز بود

گلزار نشاط از تقي محمد خان      سرسبز تر از طالع ِ فيروز بود

(رباعي ص 493)

مقالات ۾ آهي ته تقي محمد خان ٺٽي ۾ فوت ٿيو ۽ پيءَ جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيو. مقالات ۾ سندس شعر جو نمونو موجود آهي. (ص 388)

صادق علي خان جي مدح سرائي پڻ ساڳيءَ طرح محسن ڪئي آهي. هڪ قصيدي جو مطلع آهي:

(1)                         سحر که دارائ هفت کشور به تخت فيروز گون بر آمد

     چونخل مؤموي سپاه ِ ظلمت بابت تيغش ز پا در آمد

      (قصيدو ص 359)

صادق علي خان جي مدح ۾ 32 شعرن جي مثنوي (1150هه)  لکي وئي آهي، مطلع آهي:

(2)                         مطلع ديوان کتاب ِ کريم بسم الله الرحمٰن الرحيم

        (مثنوي 461)

هن مثنويءَ ۾ ڪن تاريخي واقعن ڏانهن پڻ اشارا آهن. بدين جي ڪڇن مٿان صادق علي خان کي فتح (1150هه) حاصل ٿي، محسن قطعو چيو:

(3)   چو از تيغ ِ نواب صادق علي خان

گل ِ فتح از باغ ِ نصرت شگفت

آخر ۾ تاريخي شعر آهي:

ز هاتف شنيدم بتاريخ سال

که: انا فتحنا لي الفتح- گفت

   (قطعو ص 469)

سندس پٽن جا ختنه (1151هه) ٿيا محسن تاريخي قطعو چيو

(4)   بهر سوز هاتف همين حرف بود

بدين ِ محمد زهي سنّٰت است

  (قطعو ص 469)

تهنيت ۾ هڪ رباعي آهي:

(5)    اي نامِ نامدار تو، چون صبح صادق است

زان هر سيہ گليم گريزد زصولتت

بهر بحاليت خرد اين تهنيت بگفت:

اقبال باد زيب گل ِ صبح دولتت

 (رباعي ص 487)

تاجن مندري جي جنگ تي صادق علي خان ويو. محسن ساڻ هيس پهرين منزل تي رباعي چيائين:-

(6)  اين منزل اوّل تو مانند هلال

از بدر نشان دهد به ارباب کمال

يعني که، بهر مرحله انوار فتوح

بر چهرهء دولتت فزايد اقبال

 (رباعي ص 491)

ساڳي منزل تي ٻي رباعي چيائين:

(7)  اي در سفرت ظفر باقبال قرين

ياست رفيق مالک يوم الدين

اين منزل اوّلت مبارک بادا

بالحق نبي و آلہ المعصومين

 (رباعي ص 491)

غالباً صادق علي خان جي مدح ۾ رباعي چئي اٿائين:

(8)   تا هست بلب لفظ و بدل معنئ بکر

تا هست زبان را بدهان قوت لب ِ ذکر

 (رباعي ص 491)

هر وقت و بهر مقام و هر حال که هست

”محسن“ زمديح تونہ بندد لبِ فکر

(رباعي ص 491)

مدح ڪندي هڪ رباعي ۾ پٽس ڏانهن به اشارو ڪيو اٿائين:

(9)  اي جوهر آبروئ سيف اللهٰي

وي زيب ده ِ مسند والا جاهي

رخسارهء شوم ِ خصم ِ جاهت بادا

از جذ بهء کهربائ تيغت کاهي

 (رباعي ص 495)

هيءَ رباعي به غالباً صادق علي خان جي مدح ۾ آهي:

(10) تاکعبهء حق قلبہ عالم باشد

و ز سجدهء اوجَبہ مکرم باشد

بردر گههِ اقبال پناهِ تو مدام

پشت ِ فلک و گردن ِ مه خم باشد

 (رباعي ص 495)

مسجد ۽ تلاءَ: اوڀر کان هڪ معمولي مختصر مسجد آهي ۽ لڳو لڳ هڪ تلاءَ جا نشان آهن. مسجد زبون ٿي چڪي آهي ۽ تلاءُ به ختم ٿي ويو آهي. تلاءَ جي مرمت 1211هه ۾ سيد ابراهيم شاهه ٺٽويءَ ڪرائي هئي، جنهن جو قطعهء تاريخ مير مائل ٺٽويءَ تصنيف ڪيو:

به مکلي اين گزين تالاب ِ خوش آب

که آبش در صفا چون مهر و ماه هست

برائ خرچ درگاه ِ امامين

نشان ِ سيد ابراهيم شاه هست

خرد تاريخ تعميرش چنين گفت

که اين تالاب وقف ِ جلوه گاه ست

1211هه

قبرستان: عالبن نواب سيف الله جي دفن ٿيڻ بعد احاطي جي ٻاهر واريءَ زمين کي، اهل تشيع پنهنجو قبرستان. بڻايو. چنانچه انهيءَ قبرستان ۾ شيعي حضرات جون سوين قبرون موجود آهن. ڪتبن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترا نامي گرامي ماڻهو انهيءَ بستيءَ ۾ محو خواب آهن.

عاشق صفاهاني: ايران جو مشهور شاعر آقا محمد ڪريم صفاهاني جنهن جو تخلص عاشق هو ۽ پاڻ مدتون ٺٽي ۾ رهيو، سو اتي دفن ٿيو آهي. سندس قبر صدر دروازي کان ٿورو اور ڀرو اوڀر ڏانهن هڪ چبوتري تي آهي. ٻيون 3 قبرون پڻ ساڳي چبوتري تي آهن. جيڪي غالباً سندس عزيزن جون هونديون. سندس انتقال 1155هه ۾ ٿيو. سندس مزار جي سيرانديءَ کان هڪ وڏي پٿر جي سر تي ڪتبو ڪنده آهي، جنهن جو تاريخي شعر آهي:

بتاريخ هرسو شنيد اين ندا           مکان يافتہ در جوار ِ حسين

محسن ٺٽويءَ ”محک کمال“ سندس تحريڪ تي مرتب ڪئي هئي*

 

(15)  ميڪرا

مير قانع ملڪي نامه ۾ چوي ٿو:

مکرا چيست؟ قطعہ ز بهشت

ارض پاکش، همہ عبير سرشت

پاک تر از قلوب ِ اهل الله

صاف تر از سرشت ِ اهل صفا

خندهء حور، جلوهء آبش

اشکِ عشاق، خاک ِ سيرابش

نثر ۾ لفظن جي بندش ۽ عبارت آرائيءَ جو زور هن ريت ڏيکاريو اٿائين:

__ ميڪرا نام زميني ست مطرا و اسم ارضي ست فرح افزا، که سبزه اش با سبزهء عذرا ِ مہ رويان همرنگ، و بر فضايش فضائ گلشن ِ خصراي سما صد پير هن تنگ، غباري که از آن زمين خيزد، رنگ فائوس نمايد. و شراري که از سنگهايش انگيزد، بگونہ سند رودسي باشد. خضرت آسمان رشحہ از تراوش رنگ او وکان ِ زمرد عکس آئينہ هر سنگ او__

اها ميڪرا ڍنڍ مڪليءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي، عيدگاه کان هڪ ميل ڏکڻ طرف. جنهن دور جو نقشو مير قانع پيش ڪيو آهي، ان وقت واقعي انهيءَ ڍنڍ جو نظارو بهشت جي ڏِکَ ڏيندو هوندو، ليڪن هن وقت صفا سڪ ۽ سڃ لڳي پئي آهي، نه سبزو نه پاڻي نه وڻراه نه وڻڪار.

هن وقت ڍنڍ جو پيٽ جيتريقيدر موجود آهي، انهيءَ منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پير عاليءَ جي قبرستان جي اتر کان شروع ٿي اڀرندو ڏيندي ڏکڻ کان وڃي ڪلانڪوٽ واري چشمي ۾ پئي ٿي. اهو طول تقريباً چار ميل کن ٿيندو. پيٽ جو عرض ڪٿي وڌ ڪٿي گهٽ، زياده ۾ زياده اڌ ميل جيترو آهي.

مڪلي نامهہمان معلوم ٿئي ٿو، ته مڪليءَ جي ٽڪري نه فقط قبرستان جو ڪم ٿي ڏنو، بلڪه ٺٽي وارن خواه پري اوري وارن لاءِ هڪ عظيم تفريح گاه هئي. جاءِ بجاءِ چشما سبز و ساوڪ، باغ گلڪاري ۽ وڻراه. اُتس ميلا محفلون مجلسون ۽ ساز و سماع— ماڻهو ڏاڍا مليح خوشباش ۽ خوش گذران، سندن فطرت حُسن پسند ۽ طبعيت لطيف نازڪ. سير تفريح جا ڪوڏيا سبزي ۽ ساوڪ جا رسيالا، باغن ۽ وڻڪارن جا شايق – ٺٽي جو سدا گلاب ۽ موتيو ملڪان ملڪ مشهور هو. مڪلي نامه ۾ جتي ڪنهن وڻراه، چشمي ۽ سبزي جو ذڪر اچي ٿو، ته عبارت ۾ از خود حسن ۽ نزاڪت پيدا ٿيو پوي ٿي. ٺٽي وارن جي حسن تخيل ۽ رنگينئ فڪر تي اها شئ دلالت ڪري ٿي. تغلق آباد جا تلاءَ ناران سر، ڀراسر ۽ کيرسر جا چشما، اگهور جو تلاءُ ۽ سهسہ لنگ جي ڍنڍ. غرض جتي ڪٿي ذڪر ڪندي مير قانع جي دل باغ و بهار ٿيو پوي ٿي. اها ڇڙي شاعري نه آهي، بلڪ جيسين قلم جي پٺيان طبيعت جي حسن ۾ واقعاتي تصورات جي پشتي نه هوندي، تيسين ناممڪن آهي ته ڪو ماڻهو عبارت ۾ ايڏا گوناگون رنگ ڀري سگهي.

ميڪرا جي ڪنارن سان سايہ دار درختن جي وڻراه هوندي هئي، پاسن تي سبزو، ڪنڌيون ڪنارا ساوا، اندر پاڻيءَ ۾ سائو گاهه، حدنظر تائين اکين اڳيان بهشت ئي بهشت هوندو هو. مير قانع ڪنارن جي واڻره جي تعريف ڪندي چيو آهي:

درختانش بگردون سر کشيده     به آزادي ازين دنيا رميده

فروزان برگ ِ برگش از تجلي         مکاني حيرت ِ ارواح قدسي

بسايہ ظل ِ رحماني کشيده      برفعت سدره را دامن دريده

سبزه زار جي توصيف ڪندي هن ريت چٽ چٽي ٿو:

”....اسمي که مسميٰ از و جلوه دهد، همين است. زيرا که سبزه اش آميختہ مائ معين است. ارض ِ خُتن گرد بوئ او و خاک ِ تبت بطينت بهرهياب ازو!. خارش ببويائ رشک ِ گل و خاشا کش آتش زنہ آشيانہ بلبل...“

(16) پير عالي

احوال: حضرت شيخ بهاءَ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. ترخاني عهد (962-1000هه) ۾ سير سفر ڪندي ٺٽي اچي پهتو. تحفته الڪرام جي روايت آهي ته: پاڻ سيد علي ثاني شيرازيءَ جي باغ ۾ وڻ هيٺان اچي ويهي رهيو. شام جو مالهي کوه مان ڏاند ڇوڙيون گهر هليو ويو. ليڪن پير عاليءَ جي ڪرامت سبب، نار پوءِ به هلندو رهيو ۽ پوري رات باغ کي پاڻي ايندو رهيو. صبح جو باغائيءَ اچي ڏٺو ته باغ سڄو ٽمٽار لڳو پيو آهي.

سيد علي (متوفي 981هه) تائين اها حقيقت پهتي، سيد سمجهي ويو، پاڻ هلي اچي پير عاليءَ وٽ پهتو. ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو، هڪٻئي کي پرکيو ۽ گهڻي تائين رهاڻ ڪندا رهيا.

پير عاليءَ ان کان پوءِ ڪاڏهين ڪونه ويو. مستقل بود و باش ٺٽي ۾ ٿيس. شادي ڪيائين جنهن مان کيس چار فرزند ٿيا.

ابو محمد- صالح محمد معروف به فاضل محمد، ولي محمد ۽ محمد فاضل. پهريان ٽي، پيءُ جي جئري جهان ڇڏي ويا. چوٿون پٽس محمد فاضل پي کان پوءِ مسند تي ويٺو ۽ پنهنجي والد جهڙو ڪامل ۽ اڪمل ٿيو. انهيءَ بزرگ سيد عليءَ جي پٽ سيد جلال سان ساڳيءَ طرح مٺ ۽ محبت قائم رکي، جهڙي سندن بزرگن جي وچ ۾ هئي.

سيد عليءَ جو انتقال 981هه ۾ ٿيو. ترخانن جو دؤر 962هه کان شروع ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته پير عالي ڪيئي سال سيد علي جي وفات کان اڳ آيو هوندو. ممڪن آهي ته ميرزا عيسيٰ جي ابتدائي دؤر ۾ وارد ٿيو هجي (62-973هه).

صحيح خبر نه آهي ته پير عاليءَ ڪهڙي سال ۾ هي جهان ڇڏيو. هڪ خطي بياض ۾ سندس وصال جو سال 998هه لکيل آهي، جيڪو سال ترخاني دؤر جي آخري ايامن جو هو. ميرزا جاني بيگ ان وقت حاڪم هو ۽ هڪ سال کان پوءِ يعني 999هه ۾ هندستاني غنيم سنڌ مٿان ڪاهي آيو.

قبرستان: مڪليءَ تي جنهن هنڌ سندس قبر آهي، انهيءَ جاءِ تي عبادت ۽ رياضت جو آستان هيس. قبرستان هن وقت ويران ۽ هڪ قسم جو خرابو نظر اچي ٿو. راقم الحروف 24 جنوريءَ  1926ع جو وڃي سڄي قبرستان جو جائزو ورتو.

قبرستان ملڪيءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي، عيدگاهه کان هڪ ميل اولهه طرف اچبو ته پهريون ميڪرا ڍنڍ جو نشيبي پيٽ نظر ايندو، ان کي ٽپي مٿي اچبو ته ميڪرا جي ڪنڌيءَ کان سر اولهه قبرستان آهي.

ميڪرا ڍنڍ، قبرستان جي اتر کان شروع ٿي اوڀر کان ٿيندي ڏکڻ ۾ وڃي ڪلان ڪوٽ واريءَ ڍنڍ سان ملي ٿي.

قبرستان جي ايراضي ٻن حصن ۾ وراهيل آهي، ڏکڻ کان داخل ٿبو ته پهريون حصو اچي ٿو، جنهن ۾ مسافرن، زيارتن ۽ ميلي وارن جي لاءِ ڪچيون اوطاقون وارنڊن جي نموني ٺهيل آهن. وچ تي ڪشادو آڳڻ آهي، جنهن ۾ وڻ هيٺان پاڻيءَ جا مٽ رکيا آهن.

اوڀارن ۽ اولاهن ورانڊن کي وچ تان سنهي گهٽي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ٿي. اها گهٽي انگهي ٻئي حصي ۾ داخل ٿبو، جيڪو حصو قبرستان جو آهي.

پير عاليءَ جي قبر: جئين گهٽي مان ٻاهر ٿبو ته سامهن هڪ ڪچي ٿلهي تي ڪيترن قبرن جي وچ ۾ پير عاليءَ جي قبر نامايان نظر ايندي. جيڪا ڪچي آهي ۽ پڪن سرن جي ٽوٽن ۽ پٿر جي ٽڪرن سان ڍڪيل آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪچيءَ قبر بڻائڻ لاءِ خود پير جو پنهنجو حڪم هو، تنهن ڪري قبرستان جون سڀئي قبرون اهڙيءَ طرح ڪچيون آهن. ساڳيءَ ريت ٿلهو به ڪچو آهي.

ٻيون قبرون: ساڳي مرڪزي ٿلهي تي پير جي قبر سان گڏ اولهه کان اٺ قبرون ۽ اوڀر کان ٻه قبرون آهن. ڀائنجي ٿو ته، اهي قبرون پير جي پٽن ۽ انهن جي اولاد جون هونديون. انهيءَ ٿلهي سان لڳولڳ اولهه ۾ ٻيو ننڍو ٿلهو آهي، جنهن تي ٽي قبرون آهن. انهن سڀني قبرن جي صورت حال ساڳي آهي، يعني ڪچيون لوڙهه تي پٿر ۽ سرن جا ٽڪر ٽوٽا پيل. خود اهي ٻئي ٿلها به ڪچا آهن ۽ پٿرن جي ٽڪرن کي آڏ ڏئي مٽيءَ سان ڀريا ويا آهن.

ننڍي ٿلهي جي مقابل اترينءَ ديوار سان گڏ، قبرن جون ٻه قطارون آهن، پهرين قطار ۾ ڇهه قبرون ۽ ڀت سان لڳ واريءَ قطار ۾ اٺ قبرون آهن.

اڀرنديءَ ديوار سان مستورات جون قبرون آهن.

قبرستان جي احاطي جي ديوار ٽنهي طرفن اولهه اتر ۽ اوڀر کان سرن ۽ پٿرن کي هڪٻئي مٿان رکي ٺاهي وئي آهي. ٽي فٽ کن اُڀي ٿيندي.

مسجد: مستورات جي قبرن جي ويجهو اترين ديوار سان لڳ ۽ اوڀارينءَ ديوار کان پنڌرهن وکون پري مختصر ڪچي مسجد آهي. مسجد جي اندران اڀرندي ۽ اترينءَ ڪنڊ ۾، اتر واري ديوار اندر هڪ جارو آهي، جنهن ۾ ڏيو ٻرندو آهي ۽ خاڪ پيل آهي.

محفل سماع جو طريقو: راقم الحروف کي ٻڌايو ويو ته: ميلي جي موقعي تي، يا هر جمع رات جو، سماع جي محفل شروع ٿيڻ کان اڳ، هڪ فقير مسجد ۾ داخل ٿي، انهيءَ جاري مان خاڪ جو ٻُڪ پنهنجي وات ۾ وجهي، ڍُڪ ڀري جيئن وڃي محلف ۾ پهچندو، تئين سماع شروع ٿي ويندو آهي. اها رسم آهي، جيسين ائين نه ٿيندو، تيسين سماع شروع ڪونه ٿيندو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته، انهيءَ رسم جو ڪارڻ ڪهڙو آهي.؟

شاه لاکو: اترين ۽ اوڀارين ديوار جي ڪنڊ ۾، مسجد جي مقابل لڪين اوڀارين ديوار کان ٻاهر، شاهه لاکي جي قبر آهي، اها پڻ ڪچي ۽ جهنگلي جهاڙن ۾ لڪل آهي. اهو بزرگ اولياءَالله مان هو. قبر ديوار کان پنجن وکن جي فاصلي تي ٿيندي.*

 

انگريز جي قبر: قبرستان سان گڏ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ ۾ هڪ انگريزي سپاهيءَ جي قبر آهي، جنهن جو لوڙهه پٿر جو آهي ۽ لوڙهه مٿان فوتيءَ جي نالي جو ڪتبو هن ريت اُڪريل آهي:

MR MADROD

REGIMENT OFFICER

گل غيب يا کَنڊُ سَر: پير جي قبرستان کان ڏکڻ ۾، پنجويهه قدم کن پرڀرو هڪ ننڍي اونهيءَ کڏ وڻن جي جهنڊ ۾ لڪل آهي. انهيءَ کڏ کي ”گل غيب جو تلاءُ“ سڏيو وڃي ٿو. هن وقت خشڪ آهي، ڪنهن وقت ان ۾ پاڻي هوندو. انهيءَ کڏ کان پري ڪلان ڪوٽ جي ڍنڍ جو نشيب ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

اسان جي خيال ۾ اهو گل غيب جو تلاءُ نه آهي، بلڪ اهو اهوئي کوه ڦٽي چڪو آهي، جنهن جو نالو مڪلي نامه ۾ ”کنڊسر“ بيان ڪيو ويو آهي:

”__ نوش زائران و برائ خرج مجاوران آنجا چاهيست، از زمزم متبرک تر و از چشمہ عيون اهل ِ صفا انور، بس که همچاشنئ شکر است، در عرف نامش کهنڊ سر است___“

ميلو ۽ سماع: قبرستان اگرچه ويران آهي، ليڪن شيخ عاليءَ جا متعقد اڄ تائين برابر مهيني جي پهرين جمع رات جو سون جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. سڄي رات سرود سماع جي محفل ڪري، جمع جي صبح جو ٽڙي پکڙي ويندا آهن. اها رسم ۽ اهو رواج سون سالن کان هليو اچي ٿو. ممڪن آهي معتقدن جو ايترو هجوم هاڻي نه هجي، تاهم رسم جو قائم رکڻ به گهٽ تعجب انگيز نه آهي.


*  مولوي مذڪور نواب جي دور ۾ عدالت جو داروغو هو. سندس پٽن کي به پڙهائيندو هو. پاڻ شاعر ۽ خوشنويس هو (مقالات 76)

*  مقالات صه 390

*  احوال ڏسو تحفته الطاهرين صه 14

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org