ترخان جي
مؤلف
جي روايت
آهي ته
ڀائي
خان
ميرزا
خسرو
۽
ميرزا
عبدالعليءَ سان
گڏ جيل
۾
رهيو، جتان
عبدالعلي سان
گڏ نورجهان
بيگم جي
شفاعت تي
رها
ٿيو.
شيخ
فريد بکري
جو
قول آهي
ته
:
جهانگير کيس قنڌار
مان
وڏي
عزت ۽ احترام سان
پاڻ
وٽ
گهرايو.
”بعد از
وقوع اين
حادثه بهائ
خان
درسلک
جهانگيري
منسلک
شد
...
بعد
از
فوت
ميرزا
غازي بيگ
خليفه الٰهي
بتوهم آنکه
مبادا
بهائ
خان قندهار
را
بقزلباش
دهد، ابل
بي اوزبڪ
...
بقندهار
فرستادند
و بهائي
خان را
بصد
گونه
اعزاز
احترام
بحضور
طلبيدند “
سندس
متعلق آخري
اطلاع
اهو
ئي آهي
جيڪو
مٿي
ڀڙهي آياسون،
يعني
1028هه ۾ هو
ڪشمير
جي
سفر ۾، جهانگير
سان
گڏ
هو __
انهيءَ بعد
تاريخ بلڪل
خاموش آهي.
البته
هڪ
ڪتبي جي
ذريعي معلوم
ٿئي
ٿو
ته
ڀائي
خان
1032هه ۾ به
جهانگير جي
دامن دولت
سان
وابسته
هو.
مغربي
خانديش جي
شهر
نندربار
يا
نذربار
۾،
هڪ خدا
رسيده
بزرگ، سيد
سعادت علاؤالدين
اما
بادشاهه صاحب
جي
خانقاه
آهي
جنهن سبب
شهر
۾
روزانو معتقدن
جي
آمدورفت رهي
ٿي.
انهيءَ
بزرگ جو
مقبرو ڀائي خان
لطف الله جو
ٺهرايل
آهي. مقبري تي
لڳل
ڪتبي
جي عبارت
هن ريت
بيان ڪئي ٿي وڃي:
”در زمان
خلافت جهانگير
بادشاهه غازي
بنده درگاهه لطف
الله عرف بهئي
خان
ابن
خسرو تتئي بنا
نهاده
در
تاريخ غره
ماه
ذوالحجه
1032هه
باتمام
رسانيده
“
انهيءَ
ڪتبي
جي آڌار
تي چئي
سگهجي ٿو ته
پيءُ
وانگر ڀائي خان
جي مزاج
جو لاڙو
به يادگار عمارتن
ٺهرائڻ
طرف هو.
ازان سواءِ
انهيءَ مان
اهو به
اندازو ٿئي ٿو ته
هندوستان
۾ ڀائي خان
جي زندگي
ثروت
منديءَ سان
گذري.
ڀائي خان
ڪڏهن
فوت
ٿيو؟ ڪٿي دفن
ٿيو؟
انهيءَ
بابت
ڪوبه اطلاع
ڪونه آهي.
ميرزا
رستم
۽
زوجه ، شمير
بيگ اوزبک:
ميرزا
خسرو جي
اولاد
جو
ذڪر مٿي
ڪنهن
هنڌ
اچي چڪو
آهي.
سندس وڏي
پٽ
ميرزا
رستم
جو ذڪر
خلاصو
ڪٿي تاريخ
۾
ڪونه
آهي، سواءِ
تاريخ
”مظهر شاهه
جهاني“
جي جنهن
۾
پڻ
ضمناً
آيو
آهي.
ڪري، کيس فوراً
واپس گهرائي
ورتو.
ميرڪ
يوسف سرڪار
چاڪر هالي
جي سرڪش
قومن
جو ذڪر
ڪندي
شوره
قبيلي جي
بيان
۾ لکي
ٿو
ته:-
انهيءَ
قوم ترخاني
عهد ۾ پنهنجي
خودسريءَ سبب،
حڪومت
جو انتظام خواه
عمل دخل،
درهم
برهم ڪري ڇڏيو هو.
انهيءَ
قوم سان
جيڪي حڪومت
طرفان
مقابلا
ٿيا،
انهيءَ
مان
هڪ
۾
ميرزا
خسرو جو
وڏو
پٽ رستم
پڻ
مارجي ويو.
ميرزا
خسرو
وڏو ڪٽڪ جمع
ڪري
مٿن
چڙهي آيو،
ليڪن
ڪجهه
وري
ڪونه سگهيو.
شورا
نومڙين
سان
ملي
پهاڙن منجهه
لڪي
هليا
ويا.
ميرزا
خسرو
ڪوهيار
۽
وڻڪار
تائين سندن
پيڇو
ڪري موٽي
آيو.
ذخيرة
الخوانين مان
ميرزا
خسرو
جي
خاندان
جي
هڪ
نينگريءَ
جو
پتو
پوي
ٿو.
جنهن
جي
شادي
ٺٽي
۽
سيوهڻ
جي
هڪ
مغل
صوبيدار
شمشير
خان اوزبڪ سان
ٿيل
هئي.
ذخيرة
الخوانين جو مولف انهيءَ صوبيدار
جي
حماقتن جو ذڪر
ڪندي
لکي
ٿو:
”صاحب
صوبه
تهته شد،
در
آنجا
از سلسلہ
خسرو خان
چرکس
خواستگاري نموده،
باز
بجاگير
سرکار
سيوستان
آمد.
...
حکايات ساده
لوحي
ايشان، مکرر بسمع
اشرف
اقدس صاحب
قرآن ثاني
(شاجهان
بادشاهه) رسيد.
از منصب
و جاگير
اقتاد ...
از جملہ حکايات او
يکي اينسبت
که:
وزي
درون
محل
رفت
و آن
منکوچه چرکس
__ که
نو
در حبالہ
نکاح
خود آورده بود
او
بازيب و
زينت
نشسته بود.
خان
مشارا
اليہ
نگاه
بجانب
اوکرده پرسيدند
که: اين عورت
کيست؟
و
از
کجا
آمده؟
کيوانوي خانہ
بعد از
قسم
مغلظه خاطر
نشان
ايشان
ساختند
که:
او
منکوحہ
شما
است“
(13) شاهه
پريان
مڪلي
نامه
۾
”شاه
پريان“ جو ذڪر
ڪندي مير
قانع لکي
ٿو:- جائيست چار
ديواري
و
در
و
چند
قبرض
باعتقاد
عالم
اناث
آنرا
جائي شاهه پريان
نامند کہ
روز
خميس
هر
هفته،
هجوم
زيارت زنان
پري
طلعنان آن جام
حشر طاقت نظارگيان
ميشود__
مير قانع نظم
۽
نثر
جي
ذريعي
انهيءَ آستان
جي
تعريف
۾
پورا
اٺ
صفحه
صرف
ڪيا
آهن.
سبزه
زار، مينهوڳيءَ جي موسم، پرلطف نظارا،
مهوشن
جي
محشر خرامي:
پري
رويان
بلائ
دين
و
ايمان
در
آنجا
هر
طرف
محشر خرامان
سيہ
چشمن جي
سڄي
کٻي
غارتري،
ڪڏهن شوخي، ڪڏهن
عشوه
ته
ڪڏهن ناز:
لگاهِ
شان،
نمي
دارد،
يک
انداز
گهي
شوخي، گهي
عشوه، گهي
ناز
بچشمانِ
سيؤ،
غارتگري
هوش،
کمان
زه
کرده،
از
ابروئ تا
گوش
غرض
ته
تعريف
ڪندي
ڪندي
مير
قانع
انهيءَ
جاءِ
جي
ڪيفيت
۽
فضا
کي،
عشق
جي
شهيدن
لاءِ
ڪربلا
قرار
ڏنو
آهي،
چوي
ٿو:
رود
آنجا
کسي،
کورا
هوائيست
شهيد
عشق
را
خوش
کربلائيست
اهو
قصو
پراڻو
آهي،
ٻه
سؤ
ورهه
مٿس
گذري
چڪا.
شاه
پرين
جو
آستان
اڄ
به
موجود
آهي
__ ليڪن
ويران
ڀڙڀانگ
۽
بي
آب
و
گياه.
گرد
و
پيش
بي
رونق
۽
ماحول
دل
۽
دماغ
تي
ڏاڍي
اُداسي
۽
مايوسي
پيدا
ڪندڙ
__ ڏک
۽
ڏولاوا
ڪو
اتي
پهچي
اچي
لاهي،
سو
ته
خير،
پاڻ
غمن
جا
غوراب
کڻي
اچبا
۽
وساڻا
سور
جاڳي
پوندا
__ پٿر
جي
بي
ڊول
ٽوٽن
جي
ڪچيءَ
حدبنديءَ
اندر،
ڪکائين
اڌ
ڇنل
ڇپر
جي
اوٽ
هيٺ،
ٽي
لاوارث
۽
اداس
قبرون
آهن.
جن
جو
نڪو
اَهي
نڪو
ٻَهي
.__
پري
طلعتن
جي
محشر
خرامي
ته
رهي
پري،
هن
وقت
زيارتي
به
شايد
ئي
ڪو
اُڙيو
تڙيو
ايندو
ويندو
هجي.
مجاور
جي
بجاءِ
محڪمه
آثار
قديمه
جو
چوڪيدار
اختيار
جو
پٽو
چيلهه
۾
نشان
طور
ٻڌيون،
گاهي
مان
ڪنهن وزير
يا
امير
جي
مقبري
ڏانهن
ايندي
ويندي،
انهيءَ
آستان
جي
ڀڪ
وارو
پير
چارو
ڏئي
لانگهائو
ٿيندو
هوندو
جو
پڻ
نگاه
غلط
انداز
وجهون
ويندو
هوندو
__ هُن
کي
اها
خبر
ڪٿي
آهي
ته
ٻه
سؤ
ورهن
اڳ
جي
ڳالهه
آهي،
اها
جاءِ
ڏاڍي
متبرڪ
شمار
ڪئي
ويندي
هئي
اتي
پٽا
چيلهه
۾
ٻڌي
ڪونه
اچبو
هو،
بلڪ
ڳچيءَ
۾
ڳارو
پائي
حاضري
ڏبي
هئي
۽
پلئي
ڪچ
پائي
اچڻو
پوندو
هو.
اها
ويراني
ڪڏهن
آباد
هئي،
پرين
جو
آستان
هو،
انهيءَ
حد
اندر
ڪنهن
کي
مجال
ڪانه
هئي
جو
لاغرضائيءَ
سان
لنگهي
اچي.
جن وقت
اوسو
پاسو
سارو
سوڪ
۽
وڻواند
آهي ٽئي
قبرون
زمين
کان
فٽ
کن
مٿاهين
ٿلهي
تي،
چوني
گچ
سان
لتل
آهن.
اهو
آستان
ڪنهن
وقت
زناني
زيارت
لاءِ
مخصوص
هو.
هر
هفتي
خميس
ڏينهن
__ جيئن
قانع
جو
بيان
آهي
__ عورتن
جو
ميلو
لڳندو
هو .
مردن
جي
ميلن
جي
زيارتن
لاءِ
مڪليءَ
جي
مقام
۾،
ڪئي
خانقاهون
۽
درگاهون
هيون،
عورتن
هي
آستان،
پنهنجي
لاءِ
مخصوص
ڪيو
هو
__ جتي
اچي
باسون
باسينديون هيون__ سکائون
ڪنديون
هيون
__ ۽
دل
جون
مرادون
به
شايد
حاصل
ڪنديون
هجن،
ليڪن
زياده
تر
ساهيڙيون
۽
سهيليون
گڏ
ٿي،
هڪٻئي
سان
سور
سلينديون
هيون
__ اوران
اورينديون
هيون
__ دلين
جا
داغ
۽
ورهن
جا
ويڇا،
اتي
اچي
لاهينديون
هيون.
ٻاهران
پلئين
پايون
اينديون
هيون
۽
اتي
پهچي
هڪ
ٻي
کي
ڏينديون
وٺنديون
هيون.
قبران
ڪنهن
جون
آهن؟
انهيءَ
جو
ڪنهن
کي
پتو
ڪونه
آهي.
سواءِ
”مڪلي
نامه“
جي
ٻئي
ڪنهن
ڪتاب
۾
انهيءَ
آستان
جو
ذڪر
ڪونه
آهي.
خود
مير
قانع
به
پنهنجي
ٻين
ڪتابن
۾
ڪونه
لکيو
آهي.
بهرحال
قرين
قياس
اهو
آهي
ته
اهي
ٽئي
قبرون
ڪن
پاڪباز
عورتن
جون
هونديون جن
جي
برگزيدگي،
وجهه
آستان
بوسي
ٿي
هوندي.
انهيءَ
ساڳي
نالي
”شاه
پريان“
سان
ايران
۾
به
زيارتگاه
آهي،
جيڪا
پڻ
ساڳي
عورتن
لاءِ
مخصوص
آهي.
(14)
ميرزا
عيسيٰ ترخان ثاني
ميرزا
عيسيٰ
بن
ميرزا
عبدالعي بن
ميرزا
عبدالرزاق
ترخان
(1) شاهه
بيگ
۽
شاه
حسن
ارغون جي
جيد
اميرن منجهان
هو. شاه
بيگ سان
گڏ 6 2
(7 6 9 هه) سنڌ
۾
آيو
۽
شاه
حسن
جي دور
(8
2
( 2 6
9 هه) ۾ سندس
سڀني
اميرن ۾ برک
حيثيت
جو مالڪ
ٿي
رهيو. ٻين اميرن
جي مقابلي
۾
هن سببان
به
کينس اهميت
حاصل
ٿي،
جو
ساڻس گڏ
سندس
قبيلي جو
ڪٽڪ
ساڻ
هو
۽
ٻيا
امير
گهڻو ڪري اڪيلي
سر سنڌ
۾
پهتا
هئا.
شاهه
حسن لاولد
فوت (2)
(12
ربيع الاول
962هه)
ٿيو.
جنهن ڪري سنڌ
کي
ارغونن
جي ٻن
اميرن پاڻ
۾
ورهائي
کيون. اَپر
سنڌ تي
سلطان
محمود
کوکلتاش قبضو
ڪيو
۽
لوئر
سنڌ ميرزا
عيسيٰ
جي
تسلط هيٺ
آئي.
پهرين جو
مرڪز
بکر
ٿيو، پوئين
پنهنجي گادي
ٺٽي
۾
قائم رکي.
اهڙيءَ
ريت ڇٽيهن ورهن
جي
راڄ
بعد
ارغون ختم
ٿيا
۽
سنڌ مٿان
ترخان
(3) دؤر جو
آغاز
ٿيو.
(2)
ميرزا
عيسيٰ
974هه
۾
فوت
ٿيو.
ميرزا
جو
وڏو پٽ
ميرزا
محمد صالح
(4) سندس جيئري
هڪ
ٻروچ
هٿان
مارجي
چڪو هو،
تنهن
ڪري
ٻيو
پٽس ميرزا
محمد
باقي تخت
نشين
ٿيو (5) جنهن
سخت ظالمانه
(6) زندگي
گذارڻ بعد
993هه
۾
(8
شوال
ڇنڇر
ڏينهن) خودڪشي
ڪئي.
کائنس
پوءِ ان
جو پٽ
ميرزا
پائنده بيگ
(متوفي
1001هه)
تخت
تي ويٺو.
دماغ
۾ فتور
هيس، تنهن ڪري حڪومت
جو ڪاروبار
پٽس
ميرزا
جاني بيگ
جي
سپرد
ٿيو.
سال 999
هه ۾ ميرزا
عبدالرحيم
خان
خانان سنڌ
تي
چڙهي آيو ۽ سال
1000هه
۾
سنڌ ترخانن
کان نڪري
هندوستاني مغلن جي
سلطنت جو
جزو
بڻي
.
نه
فقط
سنڌ جي
جداگانه حيثيت
ختم
ٿي،
بلڪه ترخان
پڻ اٺٽيهن
ورهن جو
تسلط
وڃائي ويٺا.
سال
1000هه کان
وٺي
1021هه
تائين، سنڌ
۾
ترخانن جي حيثيت
جاگيردارانه رهي.
جاني بيگ
خان
خانان سان
گڏ اڪبري دربار
۾
پهتو، جنهن
جي
سفارش تي
اڪبر
سنڌ ترخاني حصي
مان
ڪجهه
ٽڪرا
سرڪاري خالصي لاءِ
ڪڍي، باقي
ميرزا
جانيءَ کي جاگير
۾
ڏنا.
جاني
بيگ زندگيءَ
جا
باقي
اٺ
ورهه،
اڪبر جي
حاضري
۾
رهي پورا
ڪيا. سنڌ
واري جاگير
پٺيانس سندس
ڪچ
بالغ پٽ
ميرزا
غازي بيگ،
تجربيڪار
اميرن
جي مشوري
نظرداريءَ ۽ تربيت
تحت
سنڀاليندو
رهيو.
1009هه ۾ ميرزا
جاني
بيگ
انتقال
ڪيو. پاڻ
ان
وقت
برهانپور ۾ هو،
اڪبر
اتي منزل
انداز
هو،
ڇاڪاڻ ته
آسير
جي مهم
درپيش هئي.
اڪبر
سنڌ ساڳن
ئي حقن
سان
ميرزا
غازيءَ
جي نالي
قائم رکي.
جهانگير نه
فقط
ساڳي جاگير
وٽس رهڻ
ڏني.
بلڪه
ملتان
۽ بکر
جا
ڪي
ٽڪرا
به
سندس حوالي
ڪيا
۽ بعد
۾
قنڌار
جي
صوبه داري
(71 - 1021هه)
تي پڻ
کيس
فائز
ڪيو. گهڻي
شراب
پيڻ
سبب ميرزا
غازي
ڦوهه
جوانيءَ ۾ (محرم
1021هه) قنڌار
منجهه فوت
ٿيو،
جنهن
بعد سنڌ
مٿان، ترخاني
بالادستيءَ جو
ٻيو
دؤر
ختم
ٿيو، جيڪو
ويهه
ورهه هليو.
(7)
جڏهن
مغلن جي
پهرين صوبه
داري براه
راست قائم
ٿي،
ان
وقت
ارغونن ۽ ترخانن
جي سمورن
پسماندن کي سنڌ
مان
ڪڍي هندوستان
روانو ڪري سنڌ
منجهان
سندن
پوٽو
ڪڍيو ويو.
ذخيرته الخوانين
جي مؤلف
نهايت عبرتناڪ
انداز
۾ ان
جو ذڪر
ڪيو
آهي،
لکي ٿو:
”نام
و
نشان
آن
سلسلہ،
بلکه
علامت
تمام
قوم ارغون
و
ترخون،
دران
ديار
نماند،
اگر
احيانا
تاحال خالي
زنده
باشد،
ازان
زندگي
مرگ
اوليٰ
تراست“
ساڳي
طرح
ملثر
الامرا
جو
مؤلف لکي
ٿو:
”ميرزا
رستم
قنڌاري را
بحکومت
آنديار
مامور
فرسود، و
بسعي
او، رگ
و
ريشہ ترخانيه
ازان
ولايت
بر
کنده گشت“
ٻنهي
قبيلن
سنڌ
مٿان
هڪ
صدي
حڪومت
ڪئي.
ترخانن
سنڌين
سان
سنڱابندي
به
ڪئي،
ليڪن
با
اين
همه،
هو
پاڻ
کي
ملڪي
بڻائي
ڪونه
سگهيا.
جڏهن
ختم
ٿيا،
ته
سندن
زوال
۽
زبونيءَ
مٿان
ڪنهن
جي
اک
آلي
ڪانه
ٿي.
ڪنهن
کي
افسوس
ڪونه
ٿيو __ سنڱابندي
ڪرڻ
۽
ڪنهن
به
ملڪ
۾
سؤ
ورهه
رهڻ
سان،
ڌاريو
پنهجو
ٿي
ڪونه
پوندو
آهي.
هو
ڌاريا هئا،
محض
حڪومت
ڪرڻ
آيا
هئا،
تنهن
ڪري
آخر
تائين ڌاريا
رهيا.
سندن
تمدن
جدا،
تهذيب
الڳ
۽
زبان
مختلف
هئي.
سو
ورهيه
رهيا
ليڪن
نه
ذهنيت
بدلائي
سگهيا
۽
نه
فڪري
هم
آهنگي
پيدا
ڪري
سگهيا.
سنڌيت
جو
هڪ
انگ
به
منجهن
ڪونه
هو__
پوءِ
ڪهڙو
ضرور
هو
سنڌين
کي،
جو
سندن
زوال
۽
بيخ
ڪنيءَ
مٿان
مرثيه
خاني
ڪن.
ڌاريا
هئا،
ڌاريا
ٿي
رهيا،
جڏهن
نڪتا
ان
وقت
به
ڌاريا
ئي
هئا،
فطري
امر
آهي،
ڪنهن
کي ڏک
ڇو
ٿئي.
(3)
ميرزا
عيسيٰ
ثاني:
ميرزا
عيسيٰ ثاني جنهن
جي خوبصورت رانڪ
مڪليءَ تي
آهي،
۽
جنهن کي
”مڪلي نامه“
۾،
مير علي
شاهه
تمام
گهڻو
ساراهيو آهي__ سو
مٿي ذڪر ٿي آيل
ميرزا
عيسي وڏي
جو
پوٽو، ميرزا
جان
بابا (8) جو
پٽ،
ميرزا
باقي
جو
ڀائٽيو
۽
جاني
بيگ جو
چاچو هو.
ناناڻي
آڪهه:
ميرزا
جان بابا
سنڌ
جي سميجن
منجهان
شادي
ڪئي
هئي، ميرزا
عيسيٰ
انهيءَ
گهر مان
پيدا
ٿيو.__ سميجن
جو
قبيلو سنڌ
اندر
،
نهايت نامور
،
اصيل، بهادر
۽
وڏي مان
۽
سومان
وارو
هو. جڏهن
ميرزا
باقي
پنهنجي آڪهه
مارائڻ شروع
ڪئي
۽
ميرزا
جان
بابا
به
مارجي
ويو، ان
وقت ، خواه
ان
کان
پوءِ
جڏهن ميرزا
غازي
۽
ميرزا
عيسيٰ وچ
۾
بي
اتفاقي ٿي پئي،
ميرزا
عيسيٰ پنهنجي
ناناڻن ۾ وڃي
پناه
ورتي
هئي. ميرزا
باقي جو
زور
انهن تي
هلي
ڪونه
سگهيو ۽ غازي
پڻ کيس هٿ
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي،
ليڪن ڪاميابي ڪانه
ٿيس.
ولادت:ميرزا
مؤصوف
جي ڄم جي
تاريخ ڪٿي آيل
ڪانه
آهي، البته
سندس عمر
جو
تخمينو مختلف
مؤرخن ڏنو آهي،
جنهن
کي
پيش نظر
رکندي تولد
جو
سال
متعين
ڪري
سگهجي ٿو.
مؤرخ
عمر جي تخميني
۾
متفق
نه آهن،
هر
ڪنهن
پنهنجي اندازي
تي جدا
جدا
عمر
بيان
ڪئي آهي.
مثلاً:
1_ ذخيرته الخوانين
2 1 1
۽
طبعيءَ کان
مٿي
2_ ترخان
نامه
5 9
3_ ماثرالامرا
0 0 1
4_
مراة
محمدي
0 0 1
ترخان
نامه
کانسواءِ
باقي
ٻن
مورخن
جو
ماخذ ذخيرته الخوانين آهي، ماثر ذخيري تان
ورتو
آهي
۽
مراته محمديءَ واري ماثر مان
اخذ
ڪيو
ٿو
ڏسجي.
اختلاف
جي مٿي
ڏيکاريل صورت حال
مطابق
عمر
95 – 100 – 112 سال
ٿئي
ٿي.
ميرزا
جي
وفات
واري
سال
(1021هه) کي نظر
۾
رکندي مٿين
ٽن
تخمينن مطابق،
ميرزا
جي
تولد جو
سال
هيٺين
طرح
بيهي
ٿو:
1_ ذخيره
2 1 1 ___
8 4 9 هه
2_ ترخان
نامه
5 9
___
6 6 9
هه
3_ ماثر
۽
مراة
0 0 1
___
0 6 9 هه
ليڪن
اهي ٽئي سال
غلط آهن،
ڇاڪاڻ ته
ميرزا
جو
ڏاڏو
ميرزا
عيسيٰ اول،
جنهن جو
نالو مٿس
رکيو
ويو __
سو مٿين
ڏيکاريل
سالن ۾ ، اڃان
زنده سلامت
هو. تنهن
ڪري
ظاهر آهي
ته
سندس زندگيءَ
۾
پوٽس
تي رواج
مطابق، اهو
نالو
ڪونه ٿي پئجي
سگهيو.
ميرزا
عيسيٰ
وڏو
973هه ۾ فوت
ٿيو
۽
ميرزاثاني جي
والد ميرزا
جان
بابا
کي
978هه
۾
قتل
ڪرايو
ويو. تنهن
ڪري
ميرزا
مؤصوف جي
ڄم
جو
سال
974هه کانپوءِ ۽
879هه کان
اڳ سمجهڻ
گهرجي.
978هه ۾ پيءُ جي
قتل
ٿيڻ
وقت ميرزا
ڄاول
هو، ۽ سدس
والده کيس ميرزا
باقيءَ جي
خوف
کان بچائي،
لڪائي کڻي وڃي
پيڪن ۾ پهچايو
هو.
جيڪڏهن
فرض ڪجي ته
ميرزا
عيسيٰ
75-976هه منجهان
ڪنهن
هڪ سال
۾
ڄائو،
ته انهيءَ
حساب
سان وفات
وقت
سندس عمر
85-86 سال
ٿئي
ٿي.
اها
ڄمار
اگرچ
ڪنهن به
صورت
۾ طبعي
عمر کان
زياده
ڪانه
آهي، ليڪن
مٿين
ڏيکاريل
دليلن جي
بناءَ
تي
في الحال اسان
جي
سامهون سواءِ
هن جو
ٻيو
ڪو
رستو
ڪونه
آهي، ته ميرزا
جي
انهيءَ
عمر کي تسليم
ڪندي،
سندس
ڄم
جو سال
975هه
يا
976هه
سمجهون.
ترخان
نامہ
جي
مؤلف
جو
تخمينو
ذخيري
۽
ماثر
جي
مقابلي
۾
حيقيقت جي زياده قريب بيهي
ٿو.
انهيءَ سلسلي
۾
هڪ
احتمال
جي
گنجائش موجود آهي،
ٿي
سگهي
ٿو
ته
ترخان
نامه جي
مؤلف
اصل
۾
هشت
و پنج
لکيو
هجي ۽ پوءِ
ڪاتبن
جي سهو
کان
نود و
پنج
رقم ٿي ويو
آهي.
اهو پڻ
ممڪن
آهي ته
ذخيرة الخوانين
جي مؤلف
ڪنهن
به
سبب ڪري پنهنجي
تخميني ۾ مبالغو
ڪيو
هجي يا
کائنس
عمر جي
اندازي ۾ غلطي
ٿي
وئي
آهي.
(4)
باقيءَ کان
جاني
تائين:
ميرزا
باقيءَ
جنهن
وقت پنهنجي
عزيزن جو
قتل
عام
شروع
ڪيو
۽
پنهنجي ڀاءُ
جان
بابا
کي
ڌوڪي
سان
مارائي
ٻين
مائٽن جي
پٺيان
پيو،
ان
وقت
ميرزا
عيسيٰ ورهه
ڏيڍ
جو
مس
(95-977هه) هوندو ۽ پيءُ
جي
مارجڻ بعد،
والده سان
گڏ ماماڻن
۾
وڃي
پناه گزين
ٿيو.
ڇاڪاڻ ته
انهن
کان
سواءِ
ٻئي
ڪنهن
هنڌ
سندس سلامت
رهڻ ممڪن
نه
هو. ميرزا
باقي اتهن
به کيس هٿ
ڪرڻ
جي
ڏاڍي
ڪوشش
ڪئي،
ليڪن سميجن
وٽان
سام ڇڏائڻ، باقي
جي اقتدار ۽ اختيار کان
سراسر
ٻاهر
هو.
ميرزا
عيسيٰ
977هه
کان
وٺي ڪم و
بيش
ست اٺ
ورهه
روپوش
رهيو.
983هه ۾ جڏهن
ميرزا
باقي خودڪشي
ڪئي
۽
ملڪ
جي واڳ
ميرزا
پائنده
جي
نالي ۾ پٽس
ميرزا
جانيءَ
جي
هٿ ۾ آئي،
ان وقت
ميرزا
عيسيٰ به موٽ
کاڌي__
ميرزا
جانيءَ انهن
سڀٰي مائٽن
کي
ڳولهي
ڦولهي
واپس آندو،
جيڪي
باقيءَ
جي
خوف کان
جان بچائي
ملڪ خواه
ملڪ کان
ٻاهر وڃي
لڪا
هئا.
ترخان نامہ
جو مؤلف
ميرزا
لاءِ
لکي
ٿو:
”... که
از
ملاحظه
ميرزا
محمد
باقي،
در
احشام
سميجه مختفي
بود.
(ميرزا
جاني)
بهزار
تملق
و
دلاسا،
باعزاز و
اکرام،
در
تته
آورده،
عمہ خود
را
در
حباله
نڪاح
او
آورد،
و
جاگير
و
منصب
مقرر
نمود
....“
اهڙي
ريت عيسيٰ
کي
منصب
جاگير
۽
سنڱ ڏئي ميرزا
جانيءَ موٽائي
ٺٽي
آڻي آباد
ڪيو.
جيڪڏهن
ميرزا
عيسيٰ
83-984هه ڌاري ٺٽي موٽي
آيو. ته ان
وقت سندس
عمر
بمشڪل نو
ڏهه
سال
هوندي.
ظاهر آهي
ته
اها
شادي، اچڻ
سان
ڪانه
ڪئي اُهوندائين،
بلڪه نامزدگي
ڪري
شادي بلوغ
جي
عمر ۾ ڪئي وئي
هوندي. اها
نينگر
جيڪا
ميرزا
جي
عقد
۾
آئي سا
ڪنهن
جي نياڻي
هئي؟
اهو
ڪونه
ڄاڻايو
ويو آهي.
البته
اهو ظاهر
آهي ته
ميرزا
پائنده جي
ڀائٽي
هئي.
جيسين
ميرزا
جاني
جئرو
هو، تيسين
معلوم ٿئي ٿو ته،
ميرزا
عيسيٰ جو
وقت،
نهايت اطمينان ۽ آرام
سان
گذريو.
انهيءَ دور
اندر
ڪوبه
خانداني خلفشار
۽
نفاق
پيدا
ٿيل
ڪونه هو.
البت
اهو سمورو
زمانو نه
فقط
سنڌ لاءِ
بلڪه خود
انهيءَ
گهراڻي لاءِ،
مجموعي طور،
وڏي
انقلاب
۽ رستاخيز
جو
هو.
999هه کان
1000هه تائين
مغلن ۽ ترخانن
وچ ۾، سنڌ
جي
مخلف گوشن
اندر،
جنگيون رهيون.
سال
1000هه ۾ سنڌ
هندي
مغلن جي
قبضي
۾
آئي. ميرزا
جاني
چند
ڏينهن
رکي پنهنجن
اميرن
سميت سنڌ
مان
نڪري
خان
خانان
جي معيت
۾
وڃي
اڪبري
دربار
پهتو.
سندس والد
ميرزا
پائنده
بيگ جو
انتقال
سندس
وڃڻ
کان
ستت
ئي پوءِ
ساڳي سال
جي صفر
مهيني ۾
ٿيو. جڏهن
سنڌ
بطور جاگير
جي موٽي
ميرزا
کي
ملي،
تڏهن هن
پنهنجا
امير
موٽائي سنڌ
موڪليا،
تاڪه
سندس پٽ
ميرزا
غازيءَ
جي
تحت، جاگيرداريءَ
جو انتظام هلائين.
1009هه
۾
ميرزا
جانيءَ
جو پنهنجو
قضيو
ٿيو
۽
سندس
لاش
کڻي آڻي
ٺٽي
۾
مڪليءَ تي
دفن
ڪيو
ويو. ميرزا
غازي جيڪو
هن
وقت تائين
پيءُ طرفان
نيابت
ڪري
رهيو هو،
سو
شاهي حڪم
سان
پيءُ
جو جانشين
ٿيو.
اهو
سڄو دڏور،
983 کان
وٺي
1009هه تائين
اٺاويهن ورهن
جو
آهي. ميرزا
عيسيٰ
جو
انهيءَ عرصي
اندر
ڪنهن به
سلسلي ۾ ذڪر
ڪونه
ٿو
اچي،
جنهن مان
ظاهر آهي
ته
وقت جي
حالتن
سارو سندس
خراب
بسر
ڪونه
ٿيو
هوندو، ليڪن،
ترخانن جا
ٻيا
امير
ايترا
نمايان
۽ مؤثر
هئا،
جو
تاريخ جي
صفحن تي،
انهن
جي مقابلي
۾
هي نوخيز
ترخان، جاءِ
پيدا
ڪري
ڪونه
سگهيو.
ميرزا
مؤصوف
جو ذڪر
پهريون دفعو
تاريخ جي
ورقن
۾
انهيءَ وقت
اچي
ٿو،
جڏهن ميرزا
غازي ۽ سندس
اميرن
جي وچ
۾
اختلاف
پيدا
ٿيو ۽ منجهن
خطرناڪ
حد تائين
ڪشاڪش
هلي.
ميرزا
غازيءَ سان اختلاف:
جيئن
مٿي
ذڪر
ڪيو
ويو
ميرزا
غازي اڃا
ڪچ
بالغ
هو
جو
پهريون
پيءُ
جي
نيابت
ڪيائين
۽
پوءِ
جانشين
ٿيو.
ڪمڪار
سڄو
قديم
اميرن
ٿي
هلايو، ميرزا
محض
نشانيءَ
طور
مٿان
هو.
جڏهن
پيءُ
جي
وفات
بعد
مسند
نشين
ٿيو،
انهيءَ
کان
پوءِ
صورتحال
گهڻي
وقت
تائين
ساڳيو قائم رهي
ڪونه
سگهيو.
ميرزا
غازيءَ
۾
شعور
پيدا
ٿي
چڪو
هو،
اميرن
جو
ايڏو تسلط
۽
ايترو قبضو هن پنهنجي اختيار
۽
اقتدار
جي
منافي سمجهيو. تنهن
ڪري
هن
سڀ
کان
پهريون
نوان
امير
تازا
منصب
ڏئي
پيدا
ڪيا،
۽
پوءِ
آهستي
آهستي
قديم
اميرن
کان
اختيارات
کسڻ
شروع
ڪيائين.
ميرزا
جي
انهيءَ
روش قدرتاً
قديم اميرن
کي
ناراض
ڪري وڌو
،
۽
ٿوري
وقت
اندر اميرن
جو طبقو
ٻن
گروهن ۾ وراهجي
ويو. نوان
امير هڪ
طرف
۽
قديم امير
ٻي
طرف. پراڻن
اميرن
جو
اثر ۽ اقتدار ايترو
مضبوط هو،
جو
کين
ختم ڪرڻ لاءِ
ميرزا
کي
ڪافي
جدوجهد
ڪرڻو پيو
۽
ڪئين
سال
انهيءَ
ڪشمڪش
۾
بسر ٿي ويا.
قديم
اميرن
مان
ٻه
ماڻهو
برک
هئا،
هڪ
امير
خسرو
چرڪس
جنهن
جو
تقريباً
سڄي
سنڌ
تي
اثر
هو.
۽
ٻيو
بيگلار
قبيلي
جو
امير
ابوالقاسم
سلطان
جنهن
جو
نصرپور
جي
صوبي
تي
خاص
طرح
۽
عام
طرح
پوري
ملڪ
مٿان
ضابطو
هو.
نوان
امير
نودولتا
هئا،
هر
چند
سندن
پشتيءَ
تي
ملڪ
جو
مالڪ موجود
هو،
ليڪن
ملڪ
کي
قديم
اميرن
جي
هٿن
مان
ڪڍي
۽
نون
اميرن
جي
نه
فقط
حوالي
ڪرڻ
بلڪه
انهن
جو
صحيح
معنيٰ
۾
اقتدار
پيدا
ڪرڻ،
ايترو
آسان
ڪونه
هو.
انهيءَ
سلسلي
۾
وڏي
ڪشمڪش
هلي
__ سال
1010هه
کان
وٺي
1012هه تائين
اهو
هنگامو
هلندو
رهيو.
ميرزا
عيسيٰ
قديم
اميرن
جي
پٺ
ڀرائ
۾
هو،
ليڪن
اندر
خاني.
ظاهراً
همدردي
مصلحت
جي
خلاف
هئي.
ميرزا
عيسيٰ
کي
در
حقيقت
خيال
هو
ته
انهيءَ
اختلاف
۾
جيڪڏهن
ميرزا
غازي
ناڪام
ٿيو
ته،
قديم
امير
کيس
مسند
نشين
ڪري،
شاهي
درٻار
مان
پروانو
حاصل
ڪري
وٺندا.
جنهن
صورت
۾
سندس
ناناڻن
جو
قبيلو
نهايت
طاقتور
هو،
تنهن
ڪري
سنڌ
مٿان
راڄ
هلائڻ
سندس
لاءِ
ڪو
مشڪل
مسئلو
ڪونه
هو.
مرزا
خسرو
چرڪس مرڪز
۾
موجود هو،
تنهنڪري کيس وڏي
اهميت
هئي. ميرزا
غازيءَ سڀ
کان
اول
انهيءَ
کي
ختم ڪرڻ جو
ارادو
ڪيو،
تاريخ طاهريءَ
۾
آهي:
”سرهمہ
شور
بختان،
خسرو
خان
چرکس
است،
اگر اول اورا
بچنگ
آريم،
کار
ديگران
بسي
آسان
است“
ميرزا
غازي اهو
خيال
دل
۾
ڪري
پروگرام
رٿيو
ته:
”__ قرار
ديگر
بر
اين
يافت
که
اورا
تنها
در
خلوت
طلبيده
از
مرکب
حيات
پياده
ساخہ
بخاک
تيره يکسان
نمايد
__“
تاريخ طاهريءَ جو صاحب
لکي
ٿو
ته
ميرزا
عيسيٰ، ميرزا
جي
انهيءَ نيت
کان
خسرو
کي
آگاهه
ڪري
بچائي ورتو:
”_ چون مابين
ميرزا
عيسيٰ ترخان
و مشاراً اليہ
اتحاد و اخلاص
از قديم
باز
بود.
ازين واقعه،
واقف
ساخته، بدم
عيسوي از
مرگ مامون
داشت__“
ميرزا
غازيءَ کي اها
حقيقت
معلوم ٿي جنهن
ڪري
ارادو
ڪيائين
ته عيسيٰ
کي
به
ختم ڪري ڇڏي:
”__ ميرزا
از موافقت
عيسيٰ ترخان
نفاقت معلوم
و
مفهوم گشت که او
نيز
از
خيرخواهان نيستا
لائق چنانست
که
اول اورا
بدار
سياست __
چون صليب
عيسيٰ __ برداشت،
تا
کسي
همراز
بوده
افشائ
راز پوشيده
نه
نمايد__“
ميرزا
عيسيٰ
کي
پتو
پئجي
ويو
ته
سندس
خير
ڪونه
آهي.
هن
سمجهيو
ٿي
ته
ڳالهه مخفي رهجي ويندي، ليڪن جتي نفاق، مخالفت
۽
هڪ
ٻي
جي
ٻيڙي
ٻوڙڻ
جا
سانباه
هجن،
۽
ماحول انتهائي شرآميز
ٿي
وڃي، اتي
ڪيٿ
ٿا
راز
راز
رهي
سگهن.
ميرزا
عيسيٰ،
جيسين
ميرزا
غازيءَ جا
ماڻهو پهچن پهچن، ان
کان
اڳ
ٺٽي
مان
کسڪي،
وڃي
ناناڻين پهتو.
”__ ميرزا
عيسيٰ
از
سياست
چيره
دساتن
اين
درگاه، چون
روح
الله
__،
از
زمين
بآسمان
ازين
جا
بدر
رفت.
و در
مردم
سميجه،
که
خويشان
مادري
او
بودند،
پا
برجا نموده،
منتظر
آن
ماند
که
امروز
فردا،
فتنه
قائم
خواهد گشت
و
مرا
نيز
از
ملک
يک
گوشہ
بدست
آيد__“
تاريخ
طاهريءَ
جو
مؤلف
لکي
ٿو: جيڪڏهن
ميرزا
غازيءَ
جو
بخت
ياور
نه
هجي
ها
ته،
هوند
اميرن
جيڪا
سٽ
سٽي
هئي،
تنهن ۾
سندس
پڄاڻي
هئي.
مخالفن
ميرزا
عيسيٰ
ترخان
۽
ميرزا
مظفر
کي
جانشينيءَ
لاءِ
تيار
ڪري
وهاريو
هو.
ميرزا
عيسيٰ
ماماڻين
پهچڻ
کان
پوءِ
به
ڪيترو
وقت،
انهيءَ
اميد
تي
ٺٽي
ڏانهن
اکيون
لايون
ويٺو رهيو
ته،
اجهو
ڪي
خسرو
وارن
جي
ساري
ٿئي
ٿي
۽
اجهوڪي
سندس
مسند
نشينيءَ
جو
وارو
اچي
ٿو.
ترخان
نامه
جي
مؤلف
مٿي
بيان
ڪيل
واقعي
متعلق
لکيو
آهي
ته: جنهن
وقت
ميرزا
غازي،
خسرو
چرکس
کي
ختم
ڪرڻ
جو
قلع
اندر
گهاٽ
گهڙيو،
ان
وقت
ميرزا
عيسيٰ
وٽس
ويٺو
هو.
ميرزا
کيس
سمجهايو
ته
قديم
اميرن
جي
بربادي
مصلحت
ڀري
نه
ٿيندي،
ليڪن
ميرزا
غازي
ڪونه
مڙيو.
حڪم
ڪيائين
ته
:
جيئن
اڄ
خسرو
سلام
تي
اچي،
تيئن
کيس
گرفتار
ڪيو
وڃي.
ميرزا
عيسيٰ
ڏکوئجي
درٻار
مان
اٿيو
هليو
ويو.
اتفاق
سان
قلعي
جي
در
وٽ،
کيس
خسرو
ملي
ويو.
اشاري
اشاري
۾
معاملي
جي
نوعيت
کان
کيس
آگاهه
ڪندو
پاڻ
ميرزا
اڳتي
وڌيو هليو
ويو.
خسرو
بچي
ويو،
فساد
هلندو
رهيو.
نصرپور
جي
صوبيدار
مير
ابوالقاسم
سلطان
آخر
کلم
کلا،
ميرزا
جي
خلاف
بغاوت
شروع
ڪئي.
لشڪر
وٺي
اچي
ٺٽي
جي
سرحد
وٽ
پهتو.
ميرزا
سچ
پچ
ته
خوش
قسمت
هو
__ نوجواني،
جوش
زياده
تجربو
گهٽ،
نوان
پيدا
ڪيل
امير
سڀئي
بزدل،
ڪم
همت
۽
پوءِ
ڍاوا،
هوڏانهن
سڀئي
امير
يڪمشت،
باقوت
۽
صاحب
اقتدار،
ماڻهن
۾
سندن
رهت،
ڪن
تي
احسان
۽
ڪن
کي
خطرو.
مير
ابوالقاسم
پنهنجي
سر
ايترو
دلير
۽
پهلوان
هو
جو
جڏهن
نصرپور
کان
اورتي
هليو
ته
ملڪ
اندر
هراس
پئجي
ويو.
ٺٽي
جي
رهاڪن
جي
حالت
ته
ڏسڻ
وٽان
هئي.
بظاهر
ڪا
اميد
ڪانه
هئي
ته
ميرزا
غازيءَ
انهيءَ
ڪشمش
مان
ٽپي
پار
پوندو.
ليڪن
اهو
سڄو
هنگامو
ختم
ٿي
ويو__ مير
ابوالقاسم
سلطان
پيش
پيو،
انڌو
ڪيو
ويو
۽
آخر
۾ قيدخاني
۾
وڃي
مڪين
ٿيو.
ميرزا
عيسيٰ
انهيءَ
واقعي
کان
پوءِ
آخري طرح
مايوس
ٿي ويو.
ابو
القاسم
سلطان
ختم
ٿي چڪو،
خسرو
چرڪس
صلح
ڪري
اختلاف
جي پڄاڻي
آندي، ٻيا
جيڪي
امير
انهن
جي آسري
تي هئا،
سي خود
بخود خاموش
ٿي ويهي
رهيا.
اهڙيءَ
ريت انهيءَ
ڪشمڪش جي
اچي
پڄاڻي
ٿي
.
اهو
اطلاع
۽
ڪتبي
جو
مضمون
جناب
محمد
منير
صاحب
قريشي__ سابق
سپرينٽينڊنٽ محڪمه
آثار
قديمه
__ جو
عنايت
ڪيل
آهي.
وٽس
ڪتبي
جو
چربو
پڻ
آهي،
ليڪن
في
الحال
اهو
دستياب
ٿي
ڪونه
سگهيو،
تنهن
ڪري
معلوم
ٿي
ڪونه
سگهيو
ته
عبارت
ڪيترن
سٽن
۾
آهي.
مڪلي
تي
ٻين
برگزيده
عورتن
جون
زيارتگاهون
پڻ
آهن،
جن جو
ذڪر
تحفة
الطاهرين
جي
صاحب
ڪيو
آهي،
مثلا
بي
بي
تاري،
بي
بي
فاطمہ
۽
هفت
عفيفہ
(48 – 91 – 175)
__ عمر
شريف
ايشان
زياده
از
يکصد
و
دوازده
سال
است.
شنوائي
و
بينائي
و
قوت
بدن
در
رجوليت،
بحال
خود
است.
فتوري
بسبب
کبرسن،
ايشان،
راه
نيافہ.
(ذخيره
خطي
نسخه
انجمن
ترقي
اردو
ورق
ص
83 )
__ عمر
شريف
ايشان
از
عکمر
طبي
زياده
است،
در
شنوائي
و
بينائي
و
رجوليت
و
قوت
اشتها
کمي
نيست.
بمثل
جوان
بيست
سالہ
دارد.
(ذخيره
ايضاً
ورق
131 الف)
سال
45 اڪبري
(1009هه)
ماه
بهمن
مورخه 13 جي روائداد
۾
اڪبر
نامه
جو
مؤلف
لکي
ٿو
”...
از
صوري
دانش
لختي
آگهي
داشت.
در
پارسي
شعر
و
نظم
و
موسيقي
توانا
دست.
ازان
باز
که
بدرگاه
والا
آمد.
اخلاص
از
پيشاني
گشتار
و
کردار
او
تابان
بود
و
شناسائي
و
آهستگي
از
نشست
و
برخاست
او
پيدا.
ليکن
از
خردي
باز
شيفته،
باده
بود.
شگرف
آنکه
از
ناهنجاري
سر
برنزدي
و
درکار
کرد
و
گفت
پاسبان
خود
بودي،
بکنج
خالنه
ساغر
کشي
از
اندازه
بيرون
بردي،
و
از
نابودن
اند
رز
سرا
عنان
بر
نگرفتي
...
آن
صافي
آب
زلال
زندگي
بر
آلايد،
و
آن
عشرت
مايد
جان
کاستي
بردهد.
از
مي
فزوني
رنجور
شد.
و
برعشه
و
سرسام
کشيد.
سيزدهم
(بهمن
13)
ازين
کارواني
سرا
رخت
بربست
و
آشنا
و
ببگالنه
را
دلبسوخت،
گيتي
خداوند
از
قدرداني،
آلکائي
او
را
به
پور
او
ميرزا
غازي،
غايبانه
باز
گذاشت.
و
منشور
والا
و
گرا
نمايه
خلعت
فرستاد__
(ج
3
ص
6 8
__
3 8
)
اڪبر
جو
5 4
سال
شب
دوشنبه
4
رمضان
8 0 0 1هه ماه
فرودرين
کان
شروع
ٿي،
شب
دوشنبه
0 1
رمضان
9 0 0 1هه
(فروردين)
تي
ختم
ٿئي
ٿو
(اکبر
نامه
ج
3
ص
8 7 _) اڪبر
ان
وقت
قلع
اسير
جي
فتح
لاءِ
برهان
پور
۾
منزل
اندز
هو.
آسير
جون
ڪنجيون
7
ماه
بهمن
جو
اڪبر
کي
مليون
،
۽
13 بهمن
جو
ميرزا
جاني
انتقال
ڪيو
(اڪبر
نامه
ج
3
ص
0 8 7) ذخيرة
الخوانين
جو
قول
آهي
ته:
|