(17) طغرل آباد
جاءِ وقوع:
اهو شهر ۽ قلعو، مڪليءَ جي ڏاکڻين ڇيڙي تي آهي ۽
مڪليءَ جي سرڪاري بنگلي کان تقريباً ست ميل پري
ٿيندو. ڳوٺ غلام الله ڏانهن ويندڙ رستو ڏئي
ڪلان ڪوٽ ڏانهن وڃبو، ڇهن ملين پنڌ کان پوءِ
ڪلان ڪوٽ جا کنڊر ڏسڻ ۾ ايندا.
اهو قلعو يا شهر اصل ۾ قديم دؤر جو آهي. جنهن کي
پوءِ مختلف وقتن ۾ مختلف حاڪم ۽ امير جوڙيندا
سڌاريندا ۽ وڌائيندا رهيا. شايد اهوئي سبب آهي جو
هر دؤر ۾ انهيءَ جا نالا به بدلبا رهيا آهن، مثلاً
ڪلاڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل
آباد.
تقريباً ٻن سون ورهن کان وٺي قلعو خواه شهر زبون
ٿيندي ٿيندي اڄ صفا نابود ٿي ڍيرن ڍڳن ۽ دڙن جي
صورت اختيار ڪري چڪو آهي. نه شهر سلامت، نه قلعو
قائم، نه ڪا اڏاوت باقي بچي آهي.
ڪلاڪوٽ:
مير عالي شير جي روايت آهي ته: اهو شهر اصل ڪلا
راجا (؟) جو ٻڌايل هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪلاڪوٽ
مشهور ٿيو. مؤلف موصوف هڪ ڏندڪٿا بيان ڪندي لکيو
آهي ته انهيءَ قلعي ۾ هڪ نانگ رهندوهو، جنهن جو
سِرُ ڪلان ڪوٽ ۾ ۽ پڇڙي هندستان منجهه هوندي هئي،
جيسين ان جو سر ڪلاڪوٽ ۾ رهيو، تيسين هندستان سنڌ
جو باجگذار ۽ محڪوم (؟) رهيو، جڏهن نانگ جو سر
ڦِري هندستان ڏانهن ۽ پڇڙي ڦِري ڪلاڪوٽ ڏانهن ٿي،
انهيءَ ڏينهن کان سنڌ غيرن جي ماتحت رهڻ لڳي.
ڪلياڻ ڪوٽ:
ميرزا قليچ بيگ پڻ هڪ ڏندڪٿا لکي آهي. سندس قول
آهي ته: انهيءَ شهر جو نالو ڪلياڻ ڪوٽ هو. يعني
آرامگاه، امن آرام ۽ راحت جي جاءِ. ميرزا مرحوم
لکي ٿو: اهو ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو ئي قديم آهي
۽ سڪندر اعظم جي دؤر ۾ به موجود هو. ميرزا لکي ٿو:
ستر اسي ورهيه ٿيا، جو انهيءَ قلعي منجهان کوٽيندي
سڙيل ڪڻڪ هٿ آئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شهر
باه لڳڻ سبب برباد ٿيو آهي.
تغلق آباد:
هڪ روايت آهي ته، سنڌ جي سومرن سلطانن جو تخت
”محمد طور“ جڏهن تباهه ٿيو ته ڪجهه عرصي لاءِ
انهيءَ شهر کي دارالحڪومت بڻايو ويو.
سمن جي دؤر ۾ اهو شهر شايد ڪجهه ويران ٿي چڪو هو،
جنهن ڪري سمن جي بادشاهه ڄام تغلق نئين سر ان جي
مرمت ڪرائي، محل ۽ ماڙن جا اضافا ڪري، ان کي
چنڱيءَ پر برسايو ۽ رونق وٺرائي. سومرن جي دؤر ۾
ان جو نالو ڪهڙو رهيو، ساڳيو قديم قائم هو يا
بدليو، اها سڌ نه ٿي پوي. ليڪن ڄام تغلق جي مرمت
ڪرائڻ بعد شهر تي تغلق آباد جو نالو پيو.
ڪلان ڪوٽ:
انهيءَ قلعي کي ڪلان ڪوٽ به چي وڃي ٿو. معلوم ٿو
ٿئي ته اهو ڪو مستقل نالو ڪونه آهي، بلڪ ڪلاڪوٽ
يا ڪلياڻ ڪوٽ جي نالي جو اسلامي بگاڙ
آهي.ڪلان ڪوٽ يعني وڏو ڪوٽ. مير قانع مڪلي نامه ۾
لکي ٿو:
در عرف کلان کوت اش گويند و بي غايله ريب آن
چنانکه محسوس است در اعتلايش بر سائر کوتها حرفي
نيست
طغرل آباد:
انهيءَ قلعي جو هڪ نالو طغرل باد پڻ آهي ۽ انهيءَ
ٻئي نالي سان مير قانع ملڪي نامه ۾ ان جو ذڪر ڪيو
آهي. هڪ شعر ۾ نالو آڻي ٿو:
نظارها شيدا بود، دل را سر سودا بود
قانع تمناها بود، مر سير طغرلباد را
چيو وڃي ٿو ته مغل دؤر جي هڪ امير طغرل بيگ
(متوفي 195هه) انهيءَ قلعي جي مرامت ڪرائي جنهن
کان پوءِ ان جو نالو بدلجي طغرل آباد ٿيو.
ارغوني دؤر:
معلوم ٿئي ٿو ته ارغونن جي دؤر (27-962هه) يا
ترخاني عهد (26-1000هه) ۾ تغلق آباد جو قلعو محڪم
۽ شهر آباد ۽ ٺٽي جي قريب هجڻ سبب حڪومت جو، ٻيو
مرڪزي ۽ حفاظتي نقطہ نگاه کان محفوظ ۽ مضبوط شهر
سمجهو ٿي ويو. ضرورت جي وقت حاڪم انهيءَ قلعي ۾
وڃي رهندا هئا. جنگ جي زماني ۾ ٻار ٻچا يا اهم ۽
نازڪ سامان اوڏانهين منتقل ڪيو ويندو هو. اهو قلعو
پهاڙيءَ تي هجڻ سبب يا جاءِ وقوع ۽ ساخت جي لحاظ
سان نهايت محفوظ خيال ڪيو ٿي ويو.
سنڌ جي آخري آزاد سلطان ڄام فيروز سمي ۽
شاه حسن ارغون جي وچ ۾ پوئين ۽ فيصلي ڪندڙ جنگ
چاچڪان ۽ راهمون طرف لڳي، جنهن ۾ طرفين جا ويهه
هزار سپاهي مئا ۽ ڄام شڪست کائي هميشه لاءِ ملڪ
ڇڏيون گجرات هليو ويو. انهيءَ جنگ تان موٽڻ بعد
شاه حسن سڌو تغلق آباد ۾ اچي رهيو.
قلعو محفوظ هو، کيس اڃا به فيروز مان خطرو
هو. حڪومت اتان ويهي هلائڻ لڳو. گجرات جي گهرو
حالتن سبب، جڏهن فيروز اتان مدد وٺي ٻيهر
ڪاهه ڪري نه سگهيو ۽ ڇهه مهينا کن وچ ۾ پئجي ويا،
تڏهن، مطمئن ٿي شاه حسن اتان بکر طرف
انتظام لاءِ روانو ٿيو.
پوئين دؤر ۾ شاه حسن جو ارغونن ۽ ترخانن
سان سخت اختلاف پيدا ٿي پيو. ارغونن ۽ ترخانن
شاه حسن کي بيمار سمجهي ۽ معذور تصور ڪري،
کائنس ملڪي انتظام کسڻ گهريو، تنهن ڪري هن لاچار
ٿي مقامي ماڻهن تي اعتبار ڪري، انهن کي پنهنجي پشت
پناهيءَ ۾ آڻڻ گهريو. سندس انهيءَ عمل کي مؤرخن
سخت ننديو آهي.
مقامي ماڻهن کي ذليل ۽ ڪمينو شمار ڪندي هن قسم جون
عبارتون لکيون اٿئون – اکثر مردم اوباش و ارزال و
اجلاف به محرميت و قرب او اختصاص يافتند. کار مردم
اوباش روز در ترقي بود. و ازين ممر مردم ارغون و
ترخان مدتي حيرت زده در تته مغموم ميبودند
غلامانه ذهن جا تصورات هميشه انهيءَ قسم جا ٿيندا
آهن. ٻاهرين کان بالاتر ۽ مقامين کي نااهل ارزل ۽
بيڪار سمجهيو ويندو آهي. عهدا ۽ اميريون ٻاهرين جو
حق سمجهيا ويندا آهن ۽ ملڪي ماڻهن لاءِ غلاميءَ جي
خواريءَ ۽ خجالت ۾ رهڻ، مناسب خيال ڪيو ويندو آهي.
بهرحال شاه حسن ارغون، پنهنجي قبيلي خواه
ترخانن ۽ مغلن جي مقابلي ۾ - جڏهن ٺٽي جي
اربابيءَ جو سوال آيو ته هن هڪ مقامي ماڻهو
عربي ڳاهي کي منتخب ڪيو ۽ حڪومت جي ٻئي
ڪاروبار هلائڻ لاءِ اسمٰعيل ٻهاري کي مقرر
ڪري، پاڻ پنهنجي علاج معالجي پٺيان وقت صرف ڪرڻ
لڳو. عربي ڳاهي کي ميرزا نه فقط ٺٽي جي نيابت ڏني،
بلڪ کيس پنهنجو جانشين مقرر ڪري تغلق آباد ۾ رهي
ڪم هلائڻ لاءِ حڪم ڪيائين. چنانچه قتل ٿيڻ (1-
محرم 961هه) تائين عربي ڳاهو تغلق آباد ۾
رهي شاه حسن جي نيابت ۾ ڪاروبار هلائيندو
رهيو.
ترخاني دؤر:
تغلق آباد جو قلعو ترخاني دؤر ۾ پڻ ساڳي اهميت سان
محڪوم ۽ قائم رهيو، 999هه ۾ خان خانان ٺٽي تي چڙهي
آيو، ميرزا جاني بيگ پنهنجا خواه پنهنجي
اميرن جا ٻار ٻچا ۽ ٻيو نازڪ سامان يا خزانو، اناج
خواه آذوقو، تغلق آباد ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ٺٽي جو
شهر دانسته ويران ڪيو ويو جيئن غنيم شهر تي قبضو
ڪري ته کيس ڪجهه نصيب نه ٿئي. ان جي مقابلي ۾ هر
لحاظ سان تغلق آباد کي حفاظتي ضرورتن سان آراسته
ڪيو ويو. قلعي جي مضبوطي ۽ ٻي ساز، سامان متعلق
ترخان نامه ۾ هن ريت صورتحال ڏنو ويو آهي.
--- از طرف قلعه تغلق آباد خاطر جمع است ... اهل
قلعه آذقه سه چهار سالہ دارند و توبخانه و آلات
واداوت حرب مکمل در آنجاست-
قلعو اهڙي جاءِ تي واقع هو، جو چيو وڃي ٿو ته: ٻن
ڪوهن جي گهيري تائين ڪوبه ويجهو اچي نٿي سگهيو---
بدو کروهي کسي نزديک و دور آن قلعه نمي تواند شد-
خان خانان،
پنهنجي لشڪر جو اڌ ٺٽي ۽ تغلق آباد جي تسخير لاءِ
ڏياري موڪليو. صورتحال هيءُ هو ته جيڪڏهن جاني
بيگ جا پنهنجا ماڻهن نمڪ حرامي ۽ غداري ڪري
خان خانان سان نه ملن ته هوند تغلق آباد جو
قلعو فتح ٿي ته ڪونه سگهي ها، پر سنڌ مٿان به سندس
هٿ پئجي نه سگهن ها.
تغلق آباد تائين غنيم جو ڪٽڪ پهچي ئي نه سگهيو جو
اڳ ۾ جاني بيگ ۽ خان خانان جي وچ ۾
صلح ٿي ويو.
خان خانان ۽ جاني بيگ
صلح ٿيڻ بعد، گڏجي ٺٽي پهتا ۽ ٻئي اتان تغلق آباد
جو قلعو ڏسڻ ويا. جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ پار ڪري
منهوڙي وڃي پهتا.
خان خانان
زندگيءَ ۾ سمنڊ جو سير اهو پهريون دفعو ڪيو هو.
لاهوري بندر انهيءَ زماني ۾ آباد هو، تغلق آباد
مان لاهوري بندر ويا، جتان ويهه ڪوه هيٺ سمنڊ ۾
منوڙو واقع هو. صاحب ترخان نامه ان کي – موضوع
منهره – لکيو آهي.
مغل دؤر:
معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو اورنگزيب جي زماني تائين
آباد هو ۽ سرڪاري ڪتب ايندو هو. جايون به سلامت
هيون ۽ قلعو به مضبوط هو. عالمگير جي دہر
جو هڪ صوبيدار مريد خان ٺٽي جي حڪومت تان
1101هه ۾ معزول ٿيو. هندستان رواني ٿيڻ کان اڳ هو
ڪجهه وقت تغلق آباد جي قلعي ۾ وڃي رهيو ۽ قلعي
خواه ٻين جاين جي ضرورت آهر مرمت به ڪرايائين.
قلعي جي سلسلي ۾، پاڻ وٽ اهو آخري اطلاع آهي. ان
کان پوءِ جتي به ذڪر آيو آهي سو ان جي برباديءَ
متعلق آهي.
قلعي جي بربادي:
تاريخي روايتن جي تسلسل منجهان قرين قياس اهو لڳي
ٿو ته عالمگير جي فوت ٿيڻ بعد جيئن جيئن
سنڌ ۾ مغل تسلط جو زوال ايندو ويو ۽ ٺٽي جو مرڪز
ڪمزرو ٿيندو ويو، تئين تغلق آباد جي آبادي به ويئي
ويران ٿيندي. ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ قَلعي جي هر
شئي ويران ٿي پوري آبادي شڪست ريخت هيٺ اچي چڪي
هئي.
1174هه ۾ مير قانغ ”مڪلي نامه“ تصنيف ڪيو.
طغرل باد جي تعريف ۾ هن زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو.
هن حد تائين جو لکي ٿو ته :-
خاکش بسيرابي بر کشمير تفوق دارد و هوايش بشادابي
برابر مطير سبقت مي آرد. صبحش را سوره والشمس
تفسير و شبش را آيات نور تعبير. ماه از آنجا
استکساب نور کند و مهر آلايش ِ تکدر از آن زمين
دور نمايد. شام غريبان را صبح اميد آنجا هست و سحر
شب بيداران را مهر ازان سو پيدا، سبزه زارش را
آهوان چين جويان و مرغزارش را غزالان حرم
پويان....
ليڪن اها سموري تعريف ۽ اها سڄي توصيف ۽ تصور
ويرانيءَ جي عالم جي آهي. محل ماڙيون جهري چڪيون
هيون، تلاءُ سڪي ويا هئا ۽ قلعو هنڌان هنڌان ڀري
ويو هو. تعريف ۾ نثر ۽ نظم جا ڪمال ڏيکاريندي،
ٿورو اڳتي هلي مير صاحب پاڻ لکي ٿو ته:
”هر چند اکنون از مد تها آبادي ظاهر ندارد، فاما
در ايام باران هجوم خلق آن جا اقصي الغايت صورت مي
بندد. ... عمارات مندرسہ قديمہ اش نور بار و شکسته
ريخة ديوار هاي قله اش منبع ِ انوار... سبحان الله
! آن را که در خرابي چنين حال، حين آبادي چه مثال
داشة باشد. هر گاه کسي درو پا مينهد هوش را اول
بيرون ِ درجا ميدهد.“
تحفة الڪرام مير قانع 1181هه ۾ لکيو جنهن ۾
به ڄاڻايو ويو آهي ته قلعي جون محل ماڙيون زبون ٿي
چڪيون آهن ۽ تلاون مٿان جيڪي اڏاوتون هيون سي پڻ
زمين دوز ٿيل آهن.
قلعي ۽ ان جي آباديءَ جي صورتحال منجهان انهيءَ حد
تائين ويران ٿيڻ جو سبب، معلوم نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه
وري ڪنهن ڪتاب ۾ ئي ڪارڻ ڄاڻايو ويو آهي. ميرزا
قليچ بيگ جي قول مطابق جيئن مٿي ڄاڻائي آيا
آهيون، اها آبادي ڪنهن وڏي باه لڳڻ سبب برباد ٿي
ويل آهي. ليڪن تعجب آهي ته جنهن باه ايڏو عظيم
قلعو ۽ ان جون مضبوط ۽ شاندار ماڙيون محل نيست
نابود ڪري ڇڏيون، انهيءَ جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيو
ويو آهي.
تغلق آباد آباد ۽ اهل الله:
اها آبادي ۽ ان جو آس پاس ويراني کان اڳ چاهي
ويرانيءَ کان پوءِ – ڪيترن اهل الله جو مسڪن رهيو
آهي. ميان لاکو مشهور ولي الله ۽ مجذوب
انهيءَ هنڌ جو هو. قلعي جي ويراني ۾ سرد هجي گرمي
هميشہ چمڙي جي هڪ چوتئي ۾ گذاريندو هو. سيد
ابراهيم گودڙيو به اتي رهندو هو ۽
شاه جيئند به اتهنجو هو ۽ جڏهن فوت ٿيو ته
قلعي جي پاسي ۾ دفن ٿيو. ملا دائود درس به
انهيءَ ايراضيءَ جو هو ۽ وفات بعد ٻٽن ڪوهن جي
دورئ تي کيس دفن ڪيو ويو.
موجوده صورت حال:
راقم الحروف تغلق آباد جي ايراضيءَ کي 27 مئي
1956ع جو پاڻ وڃي ڏٺو. قلعي جا نشان موجود آهن ۽
وڏي ايراضيءَ ۾ قلعي جي پکيڙ نظر اچي ٿي. منجهس
پڪيون سرون ڪتب آيل هيون، جن جا ڍير لڳا پيا آهن.
قلعي جي ديوار جو عرض بيل گاڏيءَ کان چئڻون ڏسڻ ۾
اچي ٿو. اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس، سر اتر قلعي جي
ديوار سان لڳ ڪشادي ڊنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو، جنهن
ڪري بيروني حملي کان هر لحاظ سان قدرتي طرح محفوظ
هو. انهيءَ ڍنڍ کي ”اکهور“ (؟) سڏيو ويندو
هو، جئين ملڪي نامه ۾ مذڪور آهي – تالاب اکهور
پائين کوه طرف شمال آن قلعه والا شکوه است – هڪ
لنبو قصيدو پڻ مير قانع انهيءَ ڍنڍ جي توصيف ۾
تصنيف ڪيو آهي.
قلعي جي اندرين ايراضيءَ ۾ پراڻين پڪن سرن جا ايڏا
وڏا انبار ڍڳ ۽ ڍير پيل آهن جو معلوم ٿو ٿئي ته
منجهس ڪيئي پڪيون عمارتون محل ۽ ماڙيون ٺهيل هيون.
ڪيترا چوڪور پڪا تلاوَ، شڪسته سهي، پر اڃا به
موجود آهن. مڪلي نامه ۾ انهن ڏانهن هن طرح اشارو
ڪيو ويو آهي:
”___ تالا بهائ چندي اند رونش بطراوت ِ آب و سبزهء
خود فريب. توگوئي خشت پزانش پنجہ خورشيد را بجائي
کالبد بکار بردند و سنگ تراشانش تيشہ هلال را برائ
مشق نقش کني آزمودند. گچاش مصفا تر از طباشير و
سفيده اش از ماهتاب بيش تنوير ___“
جامع مسجد جنهن جي لاءِ صاحب تحفة الڪرام لکي ٿو
ته: ٺٽي جي جامع مسجد کان اڏاوت ۾ ڏيڍوڻي آهي
هن وقت تائين جيتوڻيڪ شهيد ٿي چڪي آهي، ليڪن
ديوارون ڪنهن حد تائين موجود آهن، جن مان مسجد جي
عظمت جو اندازو بخوبي ٿي سگهي ٿو. اسان جو پنهنجو
قياس آهي ته، اها مسجد ترخان عهد جي آهي ۽ ساخت ۾
ٺٽي جي دابگر مسجد جهڙي طرز اٿس. مسجد ٻه
طبقي آهي، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منجهس ٽن طرفن کان
گيلريون ۽ ڪنڊن کان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون هيون.
مسجد جا منارا بلند ۽ موڪرا هئا، بنيادن مان ان جو
اندازو ٿئي ٿو. اندر ڪا شيءِ جو نهايت ئي خوبصورت
ڪم ٿيل هو ۽ غالباً ٻاهر نه هوندو. اندر اڃا ڪي
نشان موجود آهن. عمارت جي چوڌاريءَ پڪن سرن جا
ايڏا وڏا ڍير آهن، جو انهن جي اندازي مان عمارت جي
پکيڙ آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي.
مسجد جي اوڀر ۾ بلڪل قريب هڪ تلاءُ موجود آهي،
تلاءُ پڪن سرن جو ٺهيل آهي ۽ مٿس پڪو گچ لڳل آهي.
اهڙيءَ طرح مسجد جي ڏکڻ ۾ به اهڙو ئي پڪو تلاءُ
آهي. معلوم ٿئي ٿو ته مسجد شهر جي وچ ۾ هئي ۽ ان
جي آس پاس تلاوَ ۽ خوبصورت باغ هئا. قلعي جا رهاڪو
هواخوري ۽ سير تفريح لاءِ انهيءَ مرڪزي جاءِ تي
ايندا هئا. شهر جو نقشو نهايت ترتيب سان رٿيل هو.
جنهن سرزمين جي تعريف ڪندي مڪلي نامه جي مصنف لکيو
آهي ته:
__ بي باده اينجا کيفيت ِ سرور دست دهد، و جز
نواسر و برگ عشرت اينجا ميسر گردد. بسزان کان ِ
خوبي و مليحان ِ ريحان محبوبي. علي الرسم ِ تفنن
شبها بيرون قلعه در موضعه معين (؟) فرمايند و
روزها بقانون گل گشت اندرون قلعه در سبزه زارها
بساط عشرت گسترند ... ماشاء الله چه جائ با صفا
است؟ تا نظر راه رود جز آب و سبزه مري نه، و بدون
گل افشاني روح و سرور تماشائ را معاينه نيست –
(ص 77)
اها سر زمين اڄ بلڪل ويران ۽ سنسان لڳي پئي آهي ۽
پهچڻ سان ان جي ويرانيءَ ۽ بربادي مٿان تعجب پيو
لڳي ۽ حيرت وٺيو وڃي ٿي. بربادي برابر ٿيندي آهي،
پر اهڙي بربادي شل ڪٿي نه ٿئي.
ضميما
– اضافا – درستيون
ضميمو پهريون
مڪليءَ ۽ ان جي آس پاس ۾، مشائخن جا جيڪي مقبرا
آهن، انهن جي جاءِ تي وقوع جي سلسلي ۾ تحفة
الڪرام، تحفة الطاهرين ۽ مقالات الشعراء ۾ جيڪا
منتشر معلومات آهي، تنهن کي اسان جمع ڪري هن هيٺ
درج ڪيون ٿا. حاشي ۾ ڪتابن لاءِ هيٺيون تخفيفون
ڪتب آنديون ويون آهن:
تڪ: تحفة الڪرام مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ
تط : تحفة الطاهرين ”
”
مقالات : مقالاتاة الشعرا ” ”
تحفة الڪرام جو سنڌي ترجمو اسان جي پيش نظر رهيو
آهي. جتي فارسي ڇاپي جو صفحو ڄاڻايل آهي اتي (تڪ
فارسي) لکيو ويو آهي.
مٿين ڪتابن مان مليل مواد کان سواءِ راقم الحروف
پنهنجي طرفان پڻ جابجا، ذاتي ڄاڻ ۽ ڏٺل صورت حال
مطابق، اضافا ڪيا آهن. انهيءَ قسم جا اضافا اهي
سمجهڻ گهرجن جن جي آخر ۾ ڪتابي حوالي جو نشان ڏنل
نه آهي. هنن صفحن ۾ فقط انهن بزرگن جي مقبرن جو
ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي متعلق مذڪوره ڪتابن ۾ نشان
پتو ڏنو ويو آهي.
ملا احمد جي رانڪ
- . ملا احمد، جيڪو شاه فتح الله شيرازيء
جو شاگرد ۽ ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو همسبق هو، مڪليءَ
۾ مدفون آهي ۽ سندس رانڪ سندس نالي تي مشهور آهي.
شيخ ابوبڪر جي ٽڪري
-. شيخ ابابڪر، شيخ بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جي
اولاد مان هو. سندس مزار ٽڪريءَ تي آهي ۽ اها ٽڪري
سندس نالي تي سڏجي ٿي.4
پير آسات:
---- . پير آسات، عبدالله شاهه جي درگاه جي اولهه
۾، رستي جي ڀڪ تي مدفون آهي.
---. ميان مٺو. مزار پير آسات جي ڏاڪڻ
هيٺان آهي.
---. بهاء الدين گودڙيو: (مريد مخدوم نوح
هالائي)
سندس مزار ميان مٺي جي مزار سان گڏ آهي.2
---. پير آسات جي مزار راقم (10 جولاءِ 1966ع) پاڻ
ڏٺي، عبدالله شاه جي درگاه جي ڏکڻي ۽ اولهائين ڪنڊ
تي 50 قدم جي فاصلي تي ٿيندي. خانقاه جي عمارت ڊٺل
آهي. اوڀر کان داخلي دروازو آهي. دروازي واري
ڇتائين داخلي جي اتر ۾ ٿلهي تي، جنهن مٿان ڪنهن
وقت گنبد نما ڇت هئي، هڪ پٿر جي قبر آهي، جنهن
لاءِ چيو وڃي ٿو ته پير آسات جي منڱ جي آهي. پيرن
کان ڪتبو آهي:
بتاريخ چهار دهم
رجب 1076 عصمت پناه
دنبائ (کذا) برحمت حق پيوست
منڱ واري روايت درج ٿيل سال مطابق بعُد زماني ڪري
غلط آهي.
---. داخلي دروازي جي ڇتائين ڪوٺي ٽپي اولهه واري
ايوان ۾ پهچبو ته، پٿر جي ڪٽهري اندر پٿر جي قبر
آهي جنهن جي پيراندي کٻڙ جو وڻ آهي، اها قبر آسات
جي چئي وڃي ٿي. قبر تي ڪتبو ڪونه آهي.
---. انهيءَ قبر جي مٿن يعني اتر کان، مختصر ۽
معمولي مسجد آهي، جيڪا ويران آهي.
---. پير آسات واري قبر جي اولهه ۾ چند قبرون آهن،
جيڪي انهيءَ قبرستان جي احاطي اندر هيون ۽ احاطي
جي ديوار ڊهي وڃڻ سبب هاڻي الڳ پيون لڳن. ٻه قبرون
پٿر جون آهن، جنهن مان هڪ تي ڪتبو آهي:
تاريخ هشتم شهر صفر 1079هه
برحمت حق پيوست
ٻي قبر ٿورو وٿيءَ تي آهي ۽ لوڙهه جي اوڀارين
پهلوءَ جي مٿين ڪناري تي. هي شعر هڪ سٽ ۾ اُڪريل
آهن.
فاتحه بر روح، آن معصومه، کز لطف ِ الٰہ
يافت فردوس ِ برين ماويٰ بحسن ِ خاتمہ
سال تاريخ وفاتش از سر ِ ايقان نوشت
جاودان با زيب جنت در جوار ِ فاطمہ
پيرن کان سال 1090 اُڪريل آهي.
پير آسات جي قبر متعلق مٿين روايت عبدالله شاه جي
مجاورن جي آهي. حتمي ثبوت ڪونه ملي سگهيو.
شيخ اسحاق ڀوترو جو آس پاس:
---. سيد شڪر الله شيرازي شيخ اسحاق جي
جوار ۾ دفن آهي.
تحفة الڪرام ۾ آهي ته:
ملا احمد ٺٽوي قاضي محمد قاسم جو ڀاءُ هو، قاضي
محمد قاسم – از مشاهير انام معروف ايام و روزگار
بکمال فضيلت گذراند --، انهيءَ بزرگ جو خاندان علم
۽ روحاني سلسلي ۾ نهايت بلند درجي وارو ٿي گذريو
آهي. ٻنهي ڀائرن جو اولاد وڏن ديني مرتبن تي
سرفراز رهيو.
شيخ ابو تراب (شيخ ترابي):
__. گُجي جي ڀر ۾، سڻڪ کان ڏيڍ ميل سر ڏکڻ ٿيندو.
روضو شاهي سڻڪ تان ڏسڻ ۾ پيو اچي. گُجي کان ٺٽو 12
ميل آهي ۽ گجي کان ڪراچي 50 ميل ٿيندي. سڻڪ جي اتر
۾ گُجو آهي ۽ ڏکڻ ۾ شيخ جو روزو.
---. انهيءَ ڳوٺ کي – جنهن ۾ مقبرو آهي – کچي ڳوٺ
سڏيو وڃي ٿو، جو ناري ۽ لتي شهر جي برباد
ٿيڻ بعد انهيءَ جاءِ تي آباد ٿيو. اهو ڳوٺ کوڙي
ڳوٺ (جيڪو رسول آباد يا محمد طور ثانيءَ جي
بجاءِ وسيو) ويجهو آهي.2
---. گنبد جي تعمير 171هه ۾ ٿي.3
---. شيخ قندز راني – لال جوان – پير دادن –
قبول حبشي – ڇتي مشائخ ۽ پير ڪپور جون قبرون
به شيخ ترابيءَ جي ڀڪ ۾ آهن.
شيخ احمد ۽ شيخ محمد بغدادي:
--. اهي ٻئي بزرگ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهن.
--. مير ڪي ساداتن (سادات پوراني) جي مقام جي
اڀرندي ۾ آهن.2
--. سيد شڪر الله جي مزار سيد عبدالله شاهه
جي درگاه جي اولهه ۾ آهي.3
--. سيد جمال سيد شڪر الله جي ڀڪ ۾ آهن.4
تغلق آباد – ڪلان ڪوٽ:
--. سيد ابراهيم جي قبر ڪلان ڪوٽ جي قلعي جي ڀت
هيٺان آهي.5
--. ڪلان ڪوٽ سان لڳ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن کي دائود
داد رس جي ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. پاڻ درويش ڍنڍ جي ڀڪ
تي مدفون آهي. سيد مراد شيرازيءَ جو معاصر هو.6
--. درويش دادرس جي درگاه جي ڀڪ ۾ درويش سيد حليم
مدفون آهي.7
پير پٺو (پير آر):
--. پير پٺي جو قبرستان ٺٽي کان ڏکڻ طرف پندرهن
ميل کن ٿيندو.
---. سڄو ٽڪر آهي، جنهن تي قديم آباديءَ جا ڦٽل
نشان موجود آهن. نهايت دلڪش جاءِ تي آهي. هڪ طرف
کان نهر وهي ٿي ۽ نشيبي حصو سرسبز آهي.
---. پير پٺو ديولي 646هه ۾ فوت ٿيو.
---. شيخ جميل گرناري ۽ سيد عبدالهادي پير
پٺي جي ڀر ۾ مدفون آهن.2
---. شاه وجہ الدين (شيخ جميل جو خليفو)
شيخ جميل جي احاطي ۾ سندس پيرانديءَ کان دفن آهي.3
---. شيخ جميل جو ٻيو خليفو شيخ ڪرم پنهنجي
مرشد جي پيرانديءَ کان پوريل آهي.4
---. شاه آري جيڪو شاه وجيهه الدين جي
اولاد مان آهي، شاه جميل جي درگاه کان اتر ۾،
نشيبي زمين تي مدفون آهي.
درس علاء الدين سومرو شاه جميل ۽ پير پٺي جي وچ تي
دفن آهي.3
ميان پنجن شاه
---. ميان پنجن شاه ۽ سيد حاجي شاه، مڪليءَ تي هڪ
ٻئي جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهن.3
---. سيد محمد هاشم جي مزار سيد حاجيءَ جي ڀر ۾
آهي.4
شيخ جاڙي جي ٽڪري:
---. شيخ جي قبر سبب ٽڪري انهيءَ نالي سان مشهور
ٿي.
---. شيخ جي قبر تي هي ڪتبو آهي:
سيد حسين سلطان جاڙيو ولد امام سيد ابو احمد
عبدالله اڪبر بن امام سيد ابو صالح موسيٰ بن امام
ابي عبدالله المتوفي 7 رجب 666هه.
شاه جنيد:
---. شاهه جي مزار ملڪيءَ تي تغلق آباد جي ويجهو
آهي.5
جلوه گاه امامين:
---. اوڀارين ديوار سان گڏ نواب سيف الله (ٺٽي جو
گورنر) مدفون آهي. مولوي اسد الله جي چيل تاريخ:
-- دست وي با ادامن ِ آل ِ عباست – (1142هه)
اسد الله جي پنهنجي هٿ اکرين اُڪريل آهي
---. نواب جي قبر جدا چوديواريءَ اندر آهي، قبر
پٿر جي مٿائين ٿلهي تي آهي. ٻيون قبرون به انهيءَ
احاطي ۾ آهن. جيڪي سندس پٽن ۽ الاد جون آهن.
شيخ جئَي جو آس پاس:
---. ميان احمد ڪتابي: شيخ جي درگاه جي اتر ۾
مدفون آهي.2
---. شيخ جنيد ۽ شيخ جيئند درگاه جي اتر ۾ مدفون
آهن.3
---. ميان لال درگاه جي اوڀر ۾ دفن آهي.4
---. شيخ جئي جي والد شيخ نعمت الله جي درگاه، شيخ
جي گنبد جي پٺيان اتر ۾ آهي.5
__. شيخ جئي جي گنبد ۾ اندر جملي (41) ايڪيتاليهه
قبرون آهن. ڏکڻ کان داخلي دروازي مان اندر ٿيندي
کٻي هٿ تي هڪ قبر ممتاز نظر اچي ٿي، جنهن تي ڏئي
ٻارڻ جي جاءِ ۽ چراغئ جا نشان آهن، اها شيخ جئي جي
مزار آهي.
تڪ ص 618 ديولي نالي هڪ ڳوٺ جوناگڙهه جي قلعي
کان پندرهن ڪوهن جي فاصلي تي آهي. صاحب مراة
سڪندري سلطان بهادر گجراتيءَ جي سفر جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو:
”--- از استماع اين خبر، سلطان بهادر از
کنبايت بکوچ متواتر روانه لکہ سورتهه شد ... و
از آنجا بقصبہ ديولي. ديولي قصبه ايست برپا
نزده کروهي قلعه جهونا گڙهه---“
پير پٺو سنڌ ۾ ديوليءَ جي نسبت سان مشهور آهي
۽ هميشہ ديوليءَ جو اشارو بندر ڏانهن سمجهي
کيس ديبل جو باشندو خيال ڪيو وڃي ٿو. ٿي سگهي
ٿو ته پير پٺو، دراصل گجرات جي مذڪوره ڳوٺ
ديوليءَ جو هجي، جتان لڏي سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيو
آهي. سندس مرشد سيد جميل گرناري پڻ گجراتي هو،
جيڪو گجرات مان ترڪ وطن ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ پير
پٺي جي ڀر ۾ دفن ٿيو.
اهو مسئلو قابل غور ۽ وڌيڪ تحقيق جو مستحق
آهي.
|