تعارف
مير علي شير قانع ”مڪلي نامه“ جنهن جو تاريخي نالو
آهي ”بوستان بهار“ ۽ هيٺئين شعر مان ان جي اختتام
جي تاريخ نڪري ٿي:
سال وي گفت بلبلِ الهام
بوستانِ بهار تازه دل
سال 1174هه ۾ ”مقالات الشعرا“ کان ٿورو اڳ ختم
ڪيو. ”مقالات
الشعرا“ ساڳئي سال جي پوين مهين ۾ لکي پورو
ڪيائين، جنهن ۾ پهريون دفعو هن پنهنجي تصنيفات
”مڪلي نامه“ جو ذڪر ڪيو.
اڄ کان 20-25 ورهيه اڳ، جڏهن ”مقالات الشعرا“
منهنجي نظر مان گذريو، ۽ مون منجهس ”مڪلي نامه“ جو
نالو ڏٺو، تڏهن کان ئي ان جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي آرزو
دل ۾ رهڻ لڳي. اهي سمورا سال تلاش ۽ جستجو ۾ رهيس،
تانجو گذريل سال (1955ع) جڏهن سنڌي ادبي بورڊ مير
قانع مرحوم جي ذاتي ڪتب خاني جي منتشر اوراقن جو
انبار خريد ڪيو، ان وقت، مون کي به منهنجو گوهر
مقصود، سالن پڄاڻان هٿ لڳو.
اهو رسالو، قصيدن جي هڪ بياض ۾ مير صاحب پاڻ نقل
ڪيو آهي. بياض جو شروع ۽ آخرناقص آهي، تنهن ڪري
پتو پئجي نه سگهيو ته مصنف انهيءَ بياض جو نالو ڇا
رکيو هو، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب پهرئين
مسودي تان، ”مڪلي نامه“ انهيءَ بياض ۾ صاف ڪري
لکي ڇڏيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ ان جو ٻيو ڪو به نقل
ٿي نه سگهيو، جنهن ڪري اهوئي واحد نسخو دنيا ۾
آهي، جيڪو اتفاقاً محفوظ رهجي ويو.
قصيدن وارو مذڪوره بياض نهايت ئي خسته حالت ۾ ورق
ورق ٿيل هو. ڪاغذ انهيءَ حد تائين سڙي چڪو هو، جو
هٿ لڳڻ سان ڀُري ٿي پيو. نهايت احتياط ۽ محنت سان
بياض کي مرتب ڪري، جلد ڪرايو ويو، جنهن بعد پڙهڻ ۽
پروڙڻ جي قابل ٿيو. بياض اگرچ نامڪمل آهي، ۽ هنڌان
هنڌان ورق گم ٿيل آهن، ليڪن اها انتهائي خوش بختي
آهي. جو ”مڪلي نامه“ سڄو سارو_ ڇاڪاڻ ته وچ ۾ هو
تنهنڪري _ محفوظ رهجي ويو، سواءِ ٻن ورقن (134 ۽
156) جي، جن جو اڌ ضايع ٿيل هو ۽ منجهن تقريباً
يارهن شعر ۽ چند نثر جون سٽون هيون.
مير علي شير ”مڪلي نامه“ هونئن ته فقط پنهنجي زور
بيان ڏيکارڻ ۽ شاعراڻي ڪمال جي مظهر لاءِ لکيو،
ليڪن اڄ اسان لاءِ هن ڪري قيمتي وٿ آهي، جو ان مان
هڪ ته مير صاحب جو اديبانه ڪمال پرکي سگهجي ٿو، ۽
ٻيو ٺٽي جي معاشري تهذيب ۽ تمدن متعلق هڪ
تصويرمنجهانئس رچي سگهون ٿا. مير صاحب ان ۾
مڪليءَ جي چند مزارن ۽ مقبرن جو اديبانه ۽ شاعرانه
رنگ ۾ بيان ڪيو آهي، ليڪن بيان ۾ ضمناً ڪي اهڙيون
ڳالهيون اچي ويون آهن، جن جي حيثيت تاريخي ٿيو وڃي
ٿي. مثلاً، ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته: مڪليءَ جي
ڪهڙين ڪهڙين مزارن ۽ درگاهن تي ماڻهن جي زياده
آمدرفت هئي. ڪهڙن بزرگن تي عرس ۽ ميلا لڳندا هئا.
انهن لاءِ ڪهڙا مهينا
۽ ڪهڙيون تاريخون مقرر هيون. مرد خواه عورتون ٺهي
جڙي، لٽي ڪپڙي راس ٿي، ڪيئن ڏينهن جا ڏينهن راتين
جون راتيون انهن مزارن تي رهي ميلا ۽ مجلسون ڪندا
هئا. چانڊوڪين راتين، ڏکڻ جي هير، برسات واري
زماني ۾ ٺٽي جا ماڻهو ڪهڙيءَ طرح محفلون ڪندا هئا.
راڳ رنگ جون مجلسون، ساز سرود جي وڄت ۽ ميلن
ملاکڙن جو هلاچو، ڪهڙيءَ ريت رس رچائيندو هو. ٺٽي
۽ مڪليءَ جي وچ ۾ جيڪا هيٺاهين زمين آهي، ان ۾
پاڻي ايندو هو، مرد ۽ عورتون ٻيڙين ۾ چڙهي سير و
تفريح ڪندا هئا، ڳڀرو جوانن ۽ حسين عورتن جا ميلا
لڳا ٿي. نهايت ٺاهوڪيون عورتون پٽ پٽيهر پهري رنگ
روغن لائي ٺهي جڙي، جنهن وقت بزرگن جي مقبرن تي
باسون کڻي اچي پهچنديون هيون، انهيءَ وقت، نظرباز
جوانن لاءِ جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي. سڄي مڪلي
رنگ برنگي پوشاڪن ۽ سهڻين صورتن، سبب، ڄڻ باغ ۽
بستان بڻجي پوندي هئي، جاڏي کڻي ڏس، ڄڻ بهار
پنهنجي ڦوهه تي هر هنڌ منزل انداز ۽ خيمه زن هو.
مير صاحب لکي ٿو:
”_ نظر هارا هجوم تماشاي مه رويان از هوش ميخرد و
پيرهن شکيبا برتن ميدرد. جوانان عشرت دوست، همه
مغز، خالي از پوست، تمام روز در باغات سي بجامِ گل
خورند و آتش در آشيانه“ بلبل زنند.،_“
حسين جميل عورتن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
بتان، گلبدن در رنگ لاله بکف دارتن ازسهبان
پياله
بگيسو دام صيدِ خلق تابند چوصيادان بهر سوي
شتابند
بهر سوي خرامان دلبري چند جهاني راکشند و نا
شکيبند
زيارتگاهه ”شاه پريان“ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”_ روز خميس هر هفته هجوم زيارت زنان پري
طلعتان، آنجا محشر طاقت نظار گيان ميشود._“
انهيءَ سلسلي جا چند شعر اندازي لاءِ ڏجن ٿا:
پري رويان بلاي دين وايمان در آنجا هر طرف محشر
خرامان
*
نگاهِ شان نمي دارد يک انداز
گهي شوخي گهي عشوه گهي ناز
بچشمانِ سيه غارتگرِ هوش
کمان زه کرده
ازابروي تا گوش
زمزگان چنگلِ شاهين کشاده
بصيدِ مرغِ
دل هر حور زاده
*
نگارين دست حورانِ خرد شور بي دل بردنِ عاشق
قوي زور
چه گويم در صفاتِ ساعدِ شان
که باشد در صفايش عقل حيران
*
بلور و يشم را اين تاب نبود عديلِ رنگ او
سيماب نبود
کمر چون موي شان هنگام رفتن بود از ناز
اندازِ نشستن
*
شتابان سوي ”مڪلي“ خيل خوبان چو انجم برفلک
درشب نمايان
*
يکي را زعرفراني ”چيره“ بر سر
بسنتي ”پهيته“ ديگر راست افسر
تو گوي رنگِ گل کرده ست طغيان
و ياشد زعفران زاري نمايان
*
بهر گوشه نشسته حلقه حلقه
بتانِ ماه
رو وشک زهره
*
ازين غارت گرانِ شهر دلها کرا تابِ صبوري
وشکيبا
*
نه در در گوش اين خوبان قرين است
طلوعِ ماه و
مهر از مشرقين است
*
رخِ شان کعبه اربابِ اسرار غزالانِ حرم
چشمانِ طرار
*
کمان دارند ز ابرو و ز مزه تير
دلي يک عالمي شان را ست نخچير
کشيده قامتان چون سرو آزاد خرامِ شان کند صد
گلشن آباد
برخ برق و بگيسو ابر سيراب عرق رخسار شان
را عالمِ آب
*
کشيده ابووان بر روي چون حور
بود بسم اللٰهي
از سوره نور
عذارِ شان ندارد خط ريحان
بود تفسير_
بيضاوي و قرآن
باين خوبي و جمعي جمع گردند
جهان شيرين کنند از يک شکرخند
ٻيڙين ۾ چڙهي جڏهن سهڻيون صورتون تفريح ڪنديون
هيون، تڏهن جو نظارو چٽيندي مير صاحب چوي ٿو:
بکشتيها نشسته فوج خوبان
چو اختر در تِه
گردون نمايان
*
نه تنها اندرين جا سير ديده است
گريبانِ دلِ
عاشق دريده است
مير صاحب اها فقط شاعري ڪا نه ڪئي آهي، بلڪه اها
حقيقت هئي ته ٺٽي جا خوش باش ۽ زنده دل باشندا،
ميلن ملاکڙن، مجلسن محفلن، سکائن ۽ عرسن ۾ انهيءَ
حد تائين اهتمام ڪندا هئا، جو مڪلي ڄڻ بهشت جو
ٽڪرو معلوم ٿيندي هئي. غم ۽ غبار، ڏک ۽ ڏوجهري،
مصيبت ۽ زحمت جو ڏس پتو ڪونه پوندو هو. اهو ئي سبب
هو جو تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي:
”هرگز ساکنان و متوطنان آن، غمگين و حزين کسي
نيافته، بر کم و بيش قناعت داشته بعيش و طرب کام و
کامراني ميدارند، تا حال (1030هه) خوشدلي و خرمي
که درين خلق است، جاي ديگر نيست و نخواهد بود_“.
مڪلي هن وقت گهڻو ڪجهه تباهه ۽ تاراج ٿي چڪي آهي،
ڪيترا مقبرا مٽجي ويا آهن، ڪيتريون مزارون منهدم
ٿي ويون آهن، ڪيتريون خانقاهون ۽ عمارتون ڊهي ڍير
ٿي پيون آهن، تلاون، پُلين ۽ سير سپاٽي جي جاين جو
نالو نشان ڪونه آهي. ”مڪلي نامه“ مان اسان کي وڏو
فائدو اهو ٿو پهچي جو منجهانس ڪيترين اهڙين
عمارتن، تلائن ۽ پُلين جي نشاندهي ٿئي ٿي، جن جو
ٻيءَ صورت ۾ پتو پوڻ ناممڪن آهي. اڄ اسان انهن
نشانن، پارن ۽ پتن جي ذريعي جيڪڏهن گهرون ته اهي
برباد ٿيل شيون کوٽي لهي سگهون ٿا. ميرزا خسرو
چرڪس جي رانڪ، جنهن جو پتو ڪونه ٿي پيو ته ڪهڙيءَ
جاءِ تي هئي، ”مڪلي نامه“ جي ذريعي دريافت ڪئي
وئي.
اهڙيءَ طرح مڪلي نامو نه فقط سنڌ ۾ پيدا ڪيل فارسي
ادب جوهڪ قابل ذڪر شاهڪار آهي، بلڪه مڪليءَ جي
تاريخ خواه ٺٽي جي تمدن ۽ معاشري متعلق هڪ مستند
دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
مير صاحب ”مڪلي نامه“ ۾ ڇڙو پنهنجو شاعرانه ڪمال
ڪونه ڏيکاريو آهي، بلڪه فارسي زبان ۽ نثر تي جيڪا
کيس قدرت هئي، ان جو پڻ منجهس مظاهرو ڪيو اٿس.
مقفيٰ مسجع هئڻ سبب، نثر ۾ نظم جو مزو اچي ٿو.
فارسي ادب جو ذخيرو، جيڪو هن وقت تائين پاڻوٽ
دستياب ٿيو آهي، ان ۾ هيءَ رسالو انهيءَ قسم جي
مترنم ۽ نغماتي نثر جو واحد نمونو آهي. منجهس
تشبيهن، استعارن ۽ تلميحن جو آزادانه استعمال ڪيو
ويو آهي، جنهن مان نه فقط مير صاحب جي معلومات جي
وسعت جو پتو پوي ٿو، بلڪه زبان دانيءَ ۽ هڪ ڌاريءَ
زبان تي سندس قبضي ۽ قدرت جو پڻ اندازو ٿي وڃي ٿو.
”مڪلي نامه“ ۽ ”تحفته الڪرام“ جي آسان ۽ ساديءَ
عبارت کي سامهون رکي، جڏهن سندس ادبي تخليق جي
زبان اندازبيان ۽ مرصع ڪاريءَ کي ڏسجي ٿو ته بي
اختيار سندس علمي بلنديءَ ۽ فني گيرائيءَ جو
اعتراف ڪرڻو پوي ٿو.
1174هه ۾ هي رسالو تنصيف ٿيو، ۽ پورن ٻن سوَن ورهن
بعد 3174هه ۾ راقم پنهنجي ڪريم الطبع ۽ شفيق دوست
سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوريءَ
کان صاف نقل ڪرايو، ۽ انهيءَ حسن اتفاق تي هن صاحب
هڪ تاريخي قطعو چيو، جنهن جا آخري چند شعر هي آهن:
يه مخطوطه ملا دو سو برس بعد
هوئي جس سي دو بالا شان مکلي
اب اس کونقل کرني کي سعادت
ملي هي مجهه کو مين قربان مکلي
ضرورت هي که مين بهي پيش کردون
کوئي تحفه جو هو شايان مکلي
لکهو اس نقلکي تاريخ ”راشد“
”يه هي آثار کوهستان مکلي“ 1374هه
نقل تيار ٿي وڃڻ بعد، نسخي جي تصحيح ڪرڻ ۽ ان تي
وضاحتي حاشين لکڻ جو مرحلو پوري هڪ سال جي دير بعد
طي ٿي سگهيو. انهيءَ وچ ۾ حضرت راشد برهانپوري،
دوست محترم آغا بدرالدين ۽ مولانا اعجازالحق
قدوسيءَ هر قدم تي منهنجي مدد فرمائي، جنهن لاءِ
آئون سندن بيحد احسامند ۽ سپاس گذار آهيان. حقيقت
۾ آئون شايد اڃا به دير ڪريان ها، ليڪن آغا
بدرالدين خان
جي امداد ۽ همت افزائيءَ مون کي تيسين سک سمهڻ نه
ڏنو، جيسين هي سڄو ڪم پورو ڪري نه ورتم.
جن بزرگن ۽ جن مقبرن ۽ مزارن جو ”مڪلي نامه“ ۾
ذڪر آيو آهي، انهن تي راقم وضاحتي نوٽ لکيا آهن،
جيڪي ”مڪلي نامه“ جي آخر ۾ نمبرن سان نروارڪري،
شايع ڪيا وڃن ٿا. ميرزا عيسيٰ ترخان ثاني جي سوانح
وڏيءَ محنت بعد پهريون دفعو
تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا پڻ نوٽن واري سلسلي ۾ ڏني
وئي آهي. از ان سواءِ ميرعلي شير”قانع، جو تذڪرو
تفصيل سان تيار ڪيو اٿم، جيڪو ”مڪلي نامه“ جي
شروع ۾ شايع ٿي رهيو آهي.
اهڙيءَ طرح مير صاحب جي مهر جو
فوٽو به شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ”طومارسلاسل“ تان
ورتو ويو آهي. ”مڪلي نامه“ جي خطي نسخن جي ٻن صفحن
جا فوٽا پڻ ڏنا ويا آهن، جيئن مخطوطي ۽ مصنف جي خط
جو نمونو پڙهندڙن اڳيان رهي.
ضروري جاين ۽ مقبرن جا فوٽا به شامل ڪيا ويا آهن،
جيئن پڙهندڙ تذڪري سان گڏ انهن تاريخي عمارتن جون
تصويرون به ڏسن. مڪليءَ جو هڪ نقشو شامل ڪيوويو
آهي، جنهن مان انهن مقبرن ۽ آثارن جي جاءِ وقوع
معلوم ڪري سگهجي ٿي. اهو نقشو ۽ انهن فوٽن مان
ڪيترائي فوٽا محڪمهءِ آثار قديمه مان حاصل ڪيا ويا
آهن، جنهن لاءِ آئون محڪمي جي ڊائريڪٽر مونشور
ڪوريل
(Mons Curiel R)
۽ آفيس سپرينٽينڊنٽ مسٽر محمد ادريس جو ٿورائتو
آهيان. انهن ٻنهي صاحبن نه فقط اهي فوٽا ڏنا، بلڪه
مون سان گڏجي انهيءَ سلسلي ۾ ڪئي دفعا مڪليءَ تي
هليا.
پروفن پڙهڻ ۽ ڇپائڻ جي ذميواري ۽ بار ٻوجهو، سڄو
منهنجي دوست عزيز مسٽر محمد ابراهيم جويي پنهنجي
سر تي سٺو، جنهن جو آئون ممنون ۽ مشڪور آهيان.
ڪراچي،
6 جولاءِ 1956ع. حسام الدين راشدي
پهرين ڇاپي جو نوٽ
”مڪلي نامه“ ۾ جن بزرگن، مشاهيرن، مسجدن ۽ مقبرن
جو ذڪر آيو آهي، انهن تي ايندڙ صفحن اندر اسان
وضاحتي نوٽ (حواشي) پيش ڪري رهيا آهيون. ”مڪلي
نامه“ جي متن ۾ تشريح طلب جاين تي اسان نمبر ڏنا
آهن. انهن ئي نمبرن کي حاشيه جي عنوان سان هتي
ڏنو ويو آهي، تاڪه پڙهندڙن نمبرن جي ذريعي آسانيءَ
سان مطلوبه حاشيو ڏسي سگهن.
ڪوشش ڪئي وئي آهي ته متن اندر ذڪر ڪيل بزرگن ۽
مشاهيرن جو مڪمل احوال، جيترو ملي سو يڪجا ڪري
پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪري
نئين معلومات مهيا ڪئي وئي آهي. خاص طرح ڄام نظام
الدين، پير مراد شيرازي، خسر و چرڪس ۽ ميرزا عيسيٰ
ثانيءَ متعلق زياده تر نئون مواد پيش ڪيو ويو آهي،
جيڪو اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو. مواد ۽
معلومات جي فراهميءَ لاءِ جن ڪتابن کي اسان ڏٺو
آهي، انهن جا نالا ضرور صفحن سميت فٽ نوٽن ۾ ڌني
اٿئون، جيئن آئنده تحقيق ڪندڙ دوست انهن مان
وڌيڪ مدد وٺي سگهن.
مصروفيت سبب، مڪليءَ جي قبرستان کي، گهرج آهر اسان
ڏسي نه سگهيا آهيون، جنهن ڪري ”مڪلي نامه“ ۾ آيل
ڪن تشريح طلب مقامن تي حاشيا لکڻ کان رهجي ويا
آهن، خاص طرح چشمهءِ پير آسات، تالاب شيخ جيو، پل
پير جيو، شاه پريان، چشمه ناران سر، تالاب ڀراسر،
معبد هندران، تالاب کير سر، ارض پاڪ مصليٰ، حوض و
چاه مير محمد يوسف رضوي، تالاب سهسه لنگ، زمين
ميڪرا، چشمهء کنڊ سر، غار هاي جبل متصل چشمهء کنڊ
سر، پير غيب، موضع معين، تالاب اگهور، ملا داود
درس، وغيره. انهن پلن، حوضن ۽ چشمن مان ڪيترا ته
اڄ موجود نه هوندا، تاهم اسان ڪوشش ڪنداسين ته
”مڪلي نامه“ جي ايندڙ ڪتابي ايڊيشن ۾
تحقيقي ڪري وضاحتي نوٽ لکون ۽ جيڪڏهن ايڊيشن ۾ ڪمي
رهجي وئي آهي، اها پوري ڪيون. ”مڪلي“ نامه ۾ ذڪر
ڪيل سڀني مقبرن جا فوٽا ڏئي نه سگهيا آهيون. اميد
آهي ته ايندڙ ايڊيشن ۾ وڌيڪ فوٽا مهيا ڪري ڏنا
ويندا.
ڪراچي، 18 سيپٽمبر 1956ع _ سيد حسام الدين راشدي
مير
قانع جي مهر
مقدمو
مسلمانن تاريخ کي هڪ فن جي حيثيت ڏئي، ان جون
مختلف شاخون ۽ شعبا ايجاد ڪيا، جن مان هڪ شعبو
آهي، مزارن ۽ آثارن جي تاريخ، جنهن تي هر زماني ۽
هر دؤر ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. شهرن تي جدا ۽ ملڪن
تي جدا، انهن ڪتابن ۾ اصحاب ڪمال جي مقبرن ۽ ابدي
خوابگاهن جي صورت حال ۽ احوال ۾ نهايت قيمتي مواد
ڪٺو ڪيو ويو، جنهن تاريخ سوانح ۽ تذڪره نگارن جي
گهڻي رهنمائي ڪئي ۽ ڪيترا مشڪل مسئلا ۽ عقيدا حل
ڪري، کين سنئين رستي تي لاتو. مثال طور گهڻو ڪري
سوانح ۾ اهو ڪونه ڄاڻايو ويندو آهي ته صاحب سوانح
ڪٿي دفن ٿيو، ڪهڙي محلي يا ڪهڙي قبرستان ۾ ڪهڙيءَ
جاءِ تي سندس مزار ٺهي، وفات جي تاريخ، ڏينهن،
مهيني ۽ سال جو اهتمام پڻ ڪونه هوندو آهي. اهڙي
مشڪل مقام تي، انهيءَ قسم جا ڪتاب رهنمائي ڪندا
آهن ۽ انهن جي ذريعي ڪيئي منجهيل تاريخي اشڪال ۽
الجهنون دور ٿي وينديون آهن.
انهيءَ فن يا موضوع تي عربي زبان ۾ آڳاٽو ڪتاب
علامه هرويء (116هه) جو، الاشارات في معرفتہ
الزيارات، ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مؤلف مختلف شهرن ۽
ملڪن ۾ دفن ٿيل بزرگن، مشاهيرن ۽ اهل ڪمال جي
مزارن جو حال ۽ گهڻو ڪري اکين ڏٺو احوال ڏنو آهي.
ڪن بزرگن جي لکتن جو موضوع ئي فقط اهو فن رهيو
آهي، جهڙوڪ: ابن طولون دمشقي (953هه) جنهن دمشق
جي مزارن ۽ مقبرن تي ڪي ئي ڪتاب لکيا. مثال طور:
2) بهجة الحبيب في اخبار الکثيب (حضرت موسيٰ جي
قبر لاءِ مخصوص آهي)
3) تفريج الغم في زيارة مغارة الدم
4) قرة العيون في اخبار باب جيرون
5) ملجاء الخائفين في ترجمة سيدي اءبي الرجال
وسيدي جندل بمنين
6) مخ الجليل فيما ورد في مقام الخليل
7) المقصد الجليل في کهف جبريل
8) نشوة الصبوة فيما روي في الربوة
9) زينب الکبريٰ.
عربي زبان ۾ انهيءَ موضوع تي وڌيڪ هيٺيان ڪتاب
موجود آهن.
10) تحفة الاءحباب و بغية الطلاب في الخطط و
المزارات والتراجم والبقاع المبارکات، الحافظ علي
بن حامد السخاوي الحنفي.
11) المقابر المشورة والشاهد المزورة، تاليف علي
بن انجب بغدادي متوفي 674هه.
12) تحفة الزائرين و بغية الطالبين في مشهد الامام
زيد بن زين العابدين، و مشهد الامام الحسين بن
الامام علي رضه، تاليف محمد بن عبدالغفار بن صلاح
الدين الجمزوري الخلوتي.
13) کتاب الاشارات الي اما کن الزيارات، ابن
حوراني.
14) شد الازارفي حط الاوزار عن زوار المزار، معين
الدين شيرازي، تاليف 791هه. هي ڪتاب شيراز جي
مقبرن ۽ زيارتگاهن تي آهي. هي پهريون ڪتاب آهي،
جنهن ۾ شيخ سعديءَ جي صحيح ڪنيت ۽ نالو ڪنهن ٻئي
قديم ڪتاب تان نقل ڪيو ويو آهي.
15) الزيارات، قاضي نجم الدين الفرضي (1090هه).
16) الاشارات في اما کن الزيارات، ياسين الفرضي.
(1095هه) ۾ لکيو ويو.
18) ڪتاب الزيارات بدمشق، قاضي محمود عدوي (وفات:
1032هه)
19) جزءللنعيمي في مسجد عائلة وعويلته.
20) ذيل الروضتين، ابو شامة.
21) قبر الامام سيوطي، احمد تيمور پاشا.
22) الخطط والاثار. مقريزي.
23) وفاء الوفا يا خبار دارالمصطفيٰ. غلام المسودي
مدينہ طيبہ جي آثار ۽ مقبرن جي تاريخ تي.
24) الاعلام باء علام بيت الحرام، علامه قطب
الدين متوفي 988هه.
25) شفاء الغرام، مڪہ مڪرمہ جي تاريخ ۽ آثارن تي.
26) الجامع اللطيف في فضل مڪة واءهلها و آثارها.
هي مڪہ معظمہ جي تاريخ ۽ مقبرن ۽ آثارن تي آهي.
مٿيان ڪتاب، سواءِ ڪن جزوي ڪتابن جي، جن ۾ مقبرن
سان گڏ شهر جي تاريخ ۽ تاريخي مسجدن ۽ جاين جو
احوال پڻ ڏنو ويو آهي. باقي سڀيئي خاص قبرن جي
احوال ۾ آهن. ڪي اهڙا به آهن، جن جو تعلق فقط هڪ
يا ٻن قبرن جي احوال سان آهي. جهڙوڪ: زينب
الڪبريٰ، قبر امام سيوطي ۽ تحفة الزائرين و بغية
الطالبين.
فارسيءَ ۾ ساڳي موضوع تي ڪيئي ڪتاب موجود آهن، جن
مان هيٺين ڪتابن جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن
ٿا:
1) ملتمس الاحباءِ خالصاً من الرياءِ. هي ڪتاب
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب شدالاذشار جو فارسي ترجمو آهي،
جو مؤلف جي پٽ عيسيٰ جو ڪيل آهي. ڪتاب کي”هزار
مزار“ به سڏيو وڃي
ٿو.
2) مقصد الاقبال. مير عبدالله الحسيني هروي مشهور
به اصيل الدين شيرازي. هرات جي مزارات تي آهي.
3) باقيات الصالحات. ذيل مزارات هرات. عبيدالله بن
ابو سعيد هروي 1198هه
4) تاريخ ملازاده. احمد بن محمود معين الفقرا.
بخارا جي مزارن تي آهي.
5) قنديہ. سمرقند جي مزارات تي آهي ۽ القند في
تاريخ سمرقند جي تلخيص آهن.
6) سمريہ. ابو طاهر خواجه سمرقندي. سمرقند جي
مزارات تي آهي. غالباً 1251هه ۾ تاليف ٿيو.
7) روضاة الجنان و جنات الجنان. حافظ حسين ڪربلائي
تبريزي. تاليف 975هه. هي ڪتاب تبريز جي مزارات تي
آهي.
8) مزارات کرمان. محرابي کرماني. ڏهين صديءَ جي
پهرين اڌ ۾ ڪرمان جي مزارن تي لکيو ويو.
9) تاريخ مزارات بلخ. محمد صالح خان اوزبک
(1006هه).
10) روضہ اطهار. ملا حشري. تاليف 1011هه. دباره
مزارات تبريز.
11) تاريخ مدفونين بلخ و حالات سمرقند (981هه).
12) مناقب مزارات بخاراي شريف. (لينن گراڊ ۾ نسخو
آهي نمبر 390).
13) رساله مزارات بخارا شريف (پشاور يونيورسٽي ۾
نمبر 999 تي آهي). ممڪن آهي 12_13 هڪ ئي ڪتاب هجي.
14) تذکرة القبور. عبدالڪريم، اصفهان جي مقبرن تي
آهي.
انهيءَ تتبع تي هندوستان ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا
انهن مان هيٺيان مشهور آهن:
1_ آثار صناديد. سرسيد احمد خان. دهلي جي آثار ۽
مقبرن تي. (اردو)
2_ احوال گور و پانڊه. منشي شيام پرشاد (اڻويهين
صدي عيوسي.
گور ۽ پانڊه جي مزارن ۽ آثار جي احوال ۾.
3_ سيرالمنازل. سنگي بيگ. دهليءَ جي مقبرن ۽
آثارن تي.
4_ آثارخير. محمد سعيد مارهروي. (اردو) هندستان جي
تاريخي آثار ۽ ڪتبن تي آهي. آگري ۾ 1323هه ۾ ڇپيو.
5_ رساله سالار جنگ. حالات مقابر دهلي.(4)
6_ غرابت نگار، عبدالحق دهلوي. (اردو) تاريخي نالو
آهي جنهن مان 1874 نڪري ٿو. هندستان جي تاريخي
آثار ۽ مقبرن تي (اردو) آهي. دهليءَ ۾ 1876ع ۾
ڇپيو.
7_ مزارات اولياي دهلي. محمد عالم شاه فريدي دهلوي
(اردو) ٻه دفع ڇپيو 1330 _ 1346.
8_ سير دهلي. خواجه حسن نظامي (اردو). پنجون دفعو
1937ع ۾ ڇپيو.
9_ تاريخ عمارات شاهان مغليه. منشي کالي خان. اگره
پريس ۾ پنجون دفعو 1933ع ۾ ڇپيو. معروف به آگره
گائيڊ.
10_ مزارات حرمين شريفين. علي شبير. (اردو)
حيدرآباد 1347هه.
11_ ماثر دکن. علي اصغر بلگرامي ناظم آثار قديمه.
(اردو) حيدرآباد 1922. هن ۾ حيدرآباد جي ڪيترن
مقبرن جو مذڪور آهي.
12_ مرقع دلي. سيد احمد. دهلي 1903ع. سر سيد جي
آثار صناديد جي تتبع تي.
13_ ارمغان سلطاني. سير گلبرگہ. مولوي محمد سلطان
حيدرآباد 1343ه (اردو). گلبرگہ شريف جي مقابر ۽
آثار جو احوال.
14_ حيدرآباد کي مشهور عبادتگاهين درگاهين اور
مذهبي عمارتين (اردو). سرشته معلومات عامه سرکار
حيدرآباد.
1352 فصلي.
انگريزن هندوستان اندر پنهنجي عهد حڪومت ۾ محڪمه
آثار قديمه قائم ڪري نه فقط قديم مقبرن، تاريخي
جاين ۽ آثار کي محفوظ ڪيو، بلڪه مقبرن جي احوال ۽
ڪتبن تي خاص ڪتاب لکرائي هند و پاڪ جي تاريخ جون
اهم ڪڙيون ضايع ٿيڻ کان بچائي ڇڏيون. چنانهEPEGRAPHIA
INDOMUSLIMICA
جو پورو سلسلو انهيءَ موضوع تي آهي. هندوستان ۾
جيڪي انگريز فوت ٿيا ۽ دفن ٿيا، انهن جي مقبرن تي
پڻ خاص ڪتاب لکرايا ويا، جيئن انهن جون تاريخون ۽
مقبرن جا نشان پڻ گم ٿيڻ کان بچي وڃن، چنانچه:
A List of
Inscriptions on Christian Tombs and Monuments in
the Panjab. N.W.F Kashmir and Afghanistan.
(By M. Irwing, 1910)
انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
موجوده دؤر ۾ پڻ مسلمان انهيءَ موضوع کان غافل نه
آهن. چنانچه مصر، شام، عراق، ايران ۽ افغانستان ۾
هن وقت به ڪتاب لکجي رهيا آهن. مثلاً:
1_ آثار هرات از خليلي.
2_ خيابان از فکري.
3_ گازر گاه از فکري.
4_ مزاراة کابل از خليلي.
افغانستان ۾ ۽:
1_ اقليم پارس از مصطفوي.
2_ آثار اصفهان از ڊاڪٽر هزفر.
تازو ايران ۾ شايع ڪيا ويا آهن.
انهيءَ ساڳي موضوع تي سنڌ اندر قديم زماني ۾ ڪم
ٿيو آهي. چنانچه اسان جي ڄاڻ موجب انهيءَ سلسلي جا
ٽي ڪتاب خاص طرح اهم ۽ قابل ذڪر آهن:
1_ تحفته الڪرام.
جنهن ۾ مير قانع جابجا مقبرن جي ۽ نشاندهي ڪئي
آهي.
2_ تحفته الطاهرين.
جنهن ۾ شيخ اعظم ٺٽي شهر ۽ مڪلي جي مدفونين جو ذڪر
ڪندي، قبرن جا نشان پتا محفوظ ڪري ڇڏيا آهن.
3_ انهيءَ سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي مير قانع جو
”مڪلي نامه“ جنهن کي اسان ايندڙ صفحن ۾ مفصل حاشين
سان شايع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مصنف مڪليءَ جي
چند مقبرن ۽ ڪن آثارن جو احوال پنهنجي شاعرانه
انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي.
سنڌ تاريخي ملڪ آهي، سنڌ علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو
آهي. سنڌ اصحابن ۽ بزرگن جو آستان آهي. هن جو هر
شهر ۽ هر قصبو خواه
قريو،
ناميارن جي مزارن ۽ مقبرن سان ڀرپور آهي. ڀائنجي
ٿو انهيءَ سلسلي جا خاص ڪتاب ٻيا به ڪي ضرور
هوندا، ليڪن في الحال پاڻ کي ڄاڻ فقط انهن ٽن
ڪتابن جي آهي.
مڪلي نامه جو مصنف مير علي شير قانع
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب
مقاصدالاقبال
جي مؤلف
سيد اصيل الدين دشتڪي شيرازيءَ
جي سنڌي پويرن منجهان آهي. هن جنهن وقت _
مڪلي نامه
_ تاليف ڪيو يا _
تحفته الڪرام
_ ۾ جاءِ بجاءِ مزارن، مقبرن ۽ خانقاهن جي نشان
دهي ٿي ڪئي، ان وقت گويا هن پنهنجي پيشرو بزرگ
مير اصيل الدين
جي پيروي ۽ تتبع ٿي ڪيو.
درحقيقت سنڌ جي هن پر نويس ۽ همه گير مؤرخ ۽ مصنف
_ مڪلي نامه _ پنهنجي شاعرانه جذبي جي آسودگيءَ ۽
مقفع ۽ مسجع نثر نويسيءَ جي مظاهري لاءِ لکيو
آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ سندس ضمير خواه فطرت ۾
تاريخ داني ۽ تاريخ نويسيءَ جو چاه ۽ چسڪو موجود
هو، تنهن ڪري لکندي لکندي هو علي الحساب ڪيتريون
تاريخي حقيقتون آڻي ويو آهي ۽ پنهنجي دؤر جي ڪيترن
تمدني ڳالهين کي لکي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو
مڪلي نامه کي نه فقط ادبي اهميت آهي، بلڪه گڏوگڏ
تاريخ تي مواد هجڻ سبب اسان جي تاريخ ۾ به ان کي
خاصو درجو حاصل ٿي پيو آهي
مير قانع (متوفي 1203هه) مڪلي نامه ۾ مڪليءَ جي
مقبرن ۽ آثارن جو مذڪور ساموئي کان شروع ڪري، تغلق
آباد (ڪلان ڪوٽ) تي پهچائي ختم ڪيو آهي. يعني اتر
کان ڏکڻ طرف آثارن جي سلسلي جي سٽا هيٺين ريت رکي
اٿائين:
|