20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :36

(3) شيخ عيسيٰ لنگوٽي

بوبنا جرار ۽ هجرو: شيخ عيسيٰ جو مقبرو پير مراد جي گورستان کان اوڀر اتر جي ڪنڊ ۾ اڌ فرلانگ جي وٿيءَ تي ۽ سيد علي ثانيءَ جي گنبد جي اترين پٺ ۾ پنجاهه کن قدم تي ٿيندو.

اهو گورستان چئن عمارتن جي مجموعي تي مشتمل آهي. ڏکڻ ۽ اولهه کان مٽيءَ جا دڙا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻيون عمارتون به هيون، جي ڊهي ويون آهن.

اولهه کان پير چارو ڏئي انهيءَ مجموعي وٽ پهچڻ تي، ڏکڻ کان پٿر جي هڪ هشت ٿنڀي ڇٽي ۽ اتر کان مقابل ۾ هڪ ڪمري ۽ پورٽيڪو تي مشتمل پٿر جي پيل پاون تي بيٺل ڇتائين عمارت حجري جي نموني تي ملي ٿي. انهن ٻنهي جي ساخت سمن واري دؤر جي ٻين ڇٽن ۽ عمارتن جي نموني تي آهي. ڇت گول گنبد نما آهي.

ڏکڻين ڇٽيءَ هيٺ ٽن قبرن جا نشان آهن. قبرون ڊهي ويون آهن. مجاورن جي روايت مطابق اها ڇٽي بوبنا جرار جي قبرن جي آهي. ڇت گول سٺي ۽ نقشيدار آهي.

اترين عمارت ۾ قبر ڪانه آهي، اندرين ڪمرن جي ڇت پاون تي بيٺل آهي. چوڌاري ديوار سان ساڳي پٿر جي آهي. اها عمارت شيخ عيسيٰ جي مقبري جي اولهائين ديوار سان لڳولڳ آهي.[1]

گمان آهي ته اهو شيخ عيسيٰ جو حجرو ۽ مڪتب هوندو، جنهن ۾ سيد محمد سيد احمد قاضي نعمت الله ۽ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي تاريخي ملاقات ٿي هئي.

شيخ عيسيٰ جو مقبرو: چوديواريءَ مٿان گول گنبد ڏکڻ کان دروازو. سڄي عمارت چوني سان لتل آهي. مقبرو تمام سادو آهي. اندر اولهه کان محراب جي لڳ شيخ عيسيٰ جي تنها قبر آهي. اوڀارين ديوار سان چار قبرون آهن، ٻه لڳولڳ مٿن کان ۽ ساڳيءَ ريت ٻه پيرن کان. معلوم نه آهي ته اهي چار خوش بخت ڪير هئا.

تاجو دل: مقبري جي اوڀارين ديوار سان لڳ ٻاهران ڇهن ٿنڀن تي بوبنا جرار واري ڇٽي جهڙي ٻي ڇتائين چوکنڊي آهي. جنهن ۾ هڪ قبر جا نشان موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته ان ۾ تاجو دل مدفون آهي.

ضميمو چوٿون

ڄام نظام الدين ۽ آس پاس جا ڪتبا:

اسان متن ۾ صفحو 112 تي ڄام نظام الدين جي اترين دروازي جي سردر وارو ڪتبو ڏنو آهي، جنهن مان مقبري جي جڙڻ جو سال ۽ نسب نامو ظاهر ٿئي ٿو. هن هيٺ عمارت جا باقي ڪتبا ڏجن ٿا.

اتريون دروازو: انهيءَ دروازي کي بند ڪيو ويو آهي. نسب نامي واري ڪتبي جي مٿان سردر جي پٿر تي آيتن جو هيٺيون ڪتبو ٻن حصن ۾ موجود آهي:

1)      - قال الله سبحانہ و تعليٰ:

. – و اِن للمتقين ... مالہ من نفاد.1

 

. – قال الله تعاليٰ:

. – ان المتقين ... مليک مقتدر.2

 

2)      - . صدق الله و صدق رسولہ الڪريم.

انهيءَ ڪتبي واري پٿر هيٺان اهو سردر آهي، جنهن تي تاريخ ۽ نسب نامي وارو ڪتبو آهي.

ڏکڻيون دروازو: ڏکڻ وارو دروازو اڌ بند ٿيل آهي، پيشاني مٿان ٻن سردرن تي هيٺين طرح مختلف حصن ۾ آيات اُڪريل آهن. پهرين سردر تي هيءُ ڪتبو آهي:

1)               -. الذين آمنو ... تاڪلون.1

 

2)              - . صدق الله العلي العظيم.

انهيءَ سردر هيٺان ٻيو سردر آهي، جنهن تي ٽن حصن ۾ ڪتبو آهي:

3)              - . قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

4)              - . و مثل الجنت التي ... من ربهم2

5)              - . يا فتاح

آخري لفظ ڪتبي جي هيٺان وچ تي اُڪريل آهي.

اولهائيون دروازو: هي داخلي دروازو ديوار جي ڏکڻين ڪنڊ ۾ آهي. هن جي سردر تي ٻن سٽن ۽ مختلف حصن ۾ ڪتبو آهي. مٿين سٽ ۾ هن طرح آهي:

1)     - . و سيق الذين ... سلام عليکم

2)    - . طبتم ... رب العالمين.3 سبحان ربک ... رب العالمين4

يا غفور – يا غفور – يا غفور – يا غفور-

3)              - . احمد بن ابراهيم1

 

4)               - . آغاز بنياد ابن مقام از هجرت نبوي عليه السلام

نهصد پانزده سال بوده.

انهيءَ ڪتبي جي هيٺان هي ڪتبو ٻئي سردر تي هڪ سٽ ۾ آهي:

1)               - . زعم الذين کفروا ... خبير.2

انهيءَ سٽ جي پاسن ۾ وچ ۾ هيءَ عبارت آهي:

2)              - . الهي مرصا بنا هذا المقام مزين جهان (؟) سلطان المغفور

3)              - . والمرحوم سلطان نظام الدين شاه بن سلطان صدر الدين شاه

4)                                - . بن سلطان صلاح الدين شاه بن سلطان رکن الدين شاه بن سلطان فيروز شاه خلد سلطنة.

اها آخرين سٽ پٿر جي ٽڪري اڏي وڃڻ سبب موجود نه آهي. اسان اهو حصو خداداد خان مرحوم جي بياض تان ورتو آهي.

چوطرف: ديوار جي ٻاهران چئن پاسن کان هيٺيون آيات هيٺين طرح جدا جدا حصن ۾ اُڪريل آهن:

 

اتر:

(1)             - . بسم الله الرحمٰن الرحيم. هل اتيٰ علي ... نبتليہ.

(اتريون بند ٿيل دروازو)

(2)           - . فجعلناه ... وسعيرا.

اوڀر:

(3)           - . ان الابرار ... الطعام.

  (دري وچ ۾)

    (4) - . عليٰ حبه ... شر ذالک

ڏکڻ:

(5)           - . اليوم ... يرون فيها.

 (ڏکڻيون اڌ بند دروازو)

(6)           - . (شمسا ... ظلٰها و) آيات جو اهو ٽڪرو ڪونه آهي، پٿر جون سرون خالي آهن، ڪنهن وقت مرمت ۾ اهو ڪتبو ضايع ٿي ويل ٿو ڏسجي.

اولهه:

(7)           - . ذللت قطوفها ... من فضة

     (داخلي دروازو)

(8)           - . و آڪواب ... قواريرا.

(آڳر جو آرائشي حصو)

(9)           - . من فضة ... ولدان 1

 

اندران محراب تي تيرهن حصن ۾ مختلف سٽن ۾ هيٺيون آيات آهن:

(1)            - . بسم الله الرحمٰن الرحيم.

(2)           - . قل يا عبادي ... لا تقنطوا من رحمت الله.

(3)                            - . ان الله ...الغفور الرحيم2 صدق الله العلي العظيم.

(4)           - . قال الله سبحانہ تعليٰ: ان المتقين ... مليک مقتدر3

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ النبي الڪريم.

(5)           - . بسم الله الرحمٰن الرحيم ... الله نور السموات ... شجره.

(6)           - . مبارڪته ... بکل شيء عليم4

(7)           - . الله لا الٰہ ... و مافي

(8)           - . السموات ... ڪرسيه السموات

(9)           - . والارض ... العلي العظيم.5

(10)        - . قال الله تعاليٰ: فنادته ... للمحراب

(11)         - . ان الله ... الصالحين6

(12)        - . قل اللهم ... و تنزع

(13)        - . الملک ... الخير7

احاطي اندر چند ٻيا مقبرا: ڄام نظام الدين جي آس پاس ۾ چند ٻيا مقبرا آهن، جن مان ڪيترن جون عمارتون ۽ چوکنڊيون ڊهي ويون آهن. جيڪي موجود آهن انهن جا ڪتبا لوڻاٺي هوا لڳڻ سبب مٽجي چڪا آهن.

اهي سڀيئي مقبرا نظام الدين کان اڳ جا ليڪن سمن جي عهد زرين جو يادگار آهن. خان بهادر خداداد پنهنجي بياض ۾ ڪيترن جا ڪتبا نقل ڪرايا آهن، جنهن تان ضروري ڪتبا هن هيٺ ڏجن ٿا.

گنبد هشت ستوني: هيءَ هشت ٿنڀي رانڪ نظام الدين جي احاطي اندر ڄاڻائي وئي آهي. هيٺيون آيتون اُڪريل هيون:

. – بسم الله الرحمٰن الرحيم.

. – قل هو ... احد. 1

 

. – قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

. – الله لا الہ الا هو الحي ... العظيم.2

گنبد هشت ستوني: هي هشت ستوني قبو ڄام نظام الدين جي احاطي ۾ ڄاڻايو ويو آهي. قبي جي پيشانيءَ تي اندران چوڌاري هيٺيون آيتون اُڪريل هيون:

      - قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

    - قل يا ايهاالذين هاد ... خير الرازقين. 3

     - صدق الله العلي العظيم

ڄام صلاح الدين: هي قبو مندرسہ (؟) دولهه دريا خان جي ويجهو آهي، جنهن جي اندرين ديوار تي هيٺيون ڪتبو آهي:

هٰذالمقام للراجي الي رحمة الله تعاليٰ ڄام صلاح الدين بن ملک انر بن ملک راهو بن ملک رائيدنه بن ملک راهو بن فيروز شاه سلطان 870هه

ڄام تماچي: هي قبو مندرسه (؟) سرن جو ٺهيل آهي، خان بهادر خداداد فقط هيءَ عبارت لکي آهي:

قبه مندرسه خشتي ڄام تغلق. بنا کرده

ڄام تماچي   821هه

همشيره ميان فتح خان: صفحه 128 تي اسان همشيره فتح خان وارو فارسي ڪتبو ڏنو آهي. ڪتبي جي ڏنل عبارت مٿان ٻن سٽن ۾ هيٺين عبارت آهي:

(1)      ومن الليل فتهجد به نافلة لک عسيٰ ان يبعثک ربک مقاماً

(2)                        محمودا1. هٰذاالمقام ...

 

هيٺيون عربي ڪتبو پڻ اُڪريل آهي:

  - وقل رب ادخلني مدخل صدق و اخرجني مخرج صدق و اجعل لي من لدنک سلطانا نصيرا2. وقل جاءَ الحق وزهق الباطل ان الباطل کان زهوقا3. ونزل من القران ما هو شفاء و رحمت المؤمنين.4

ملک تاج الدين: هن مقبري ۾ مختلف قبرون آهن، جن مان پهرينءَ تي هيٺيون آيات آهن:

   - شهدالله انه ... الاسلام.5

   - قال الله سبحانه و تعاليٰ:

    - الله لا اله الا هو الحي ... العظيم.6

  - صدق الله العلي العظيم.

ٻيو مقبرو:

     - قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

     - قال يا عبادي الذي ... الغفور الرحيم. 1

 

     - بسم الله الرحمٰن الرحيم.

     - ان الذين آمنو و عملو الصالحات ... ربہ احدا. 2

     - قال الله سبحانه و تعاليٰ :

   - من عمل صالح ... يعملون. 3

ٽيون مقبرو: مٿن کان هي آيتون آهن:

     - بسم الله الرحمٰن الرحيم.

     - رب اغفرو الرحم و انت خيرالراحمين.

    - الله لا الٰہ الا هوالحي ... العظيم.4

     - لا اکراه في الدين ... النور 5

   - قال الله سبحانه و تعاليٰ:

  - من عمل صالحا ... يعملون.

    - صدق الله العلي العظيم.

پيرن کان:

   - اللهم نور قبره و وسيع مضجعہ

دولهه دريا خان: دريا خان جي اوڀارين ۽ اولهائين دروازن جي پيشانيءَ جا ۽ قبر تي نالي وارو ڪتبو صفحه 110 ۽ 111 تي ڏنو ويو آهي. دريا خان جي قبر تي چوڌاريءَ هيٺيون آيات آهن:

 - يا الله ! يا الله ! يا الله ! يا الله ! يا الله

     - قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

 - شهدالله الٰہ لاالٰہ الاهو ... بصير العباد 1

 

  - قال الله تعاليٰ:

 - آمن الرسل بما انزل ... القوم الکافرين

  - الله لا الٰہ الا هوالحي ... العظيم.

 - قال الله تعاليٰ:

- قل يا عبادي الذين اسرفو ... الغفور الرحيم.

 

  - صدق الله العلي العظيم و صدق رسوله النبي الکريم5

ضميمون پنجون

مڪلي: جي سلسلي ۾ مشهور روايت صفحه 4 تي ڏني وئي آهي. جناب جي. ايم. سيد صاحب مڪليءَ جي نالي متعلق هيٺيون نوٽ موڪليو آهي، جيڪو مائي مڪلي يا مڪتلي جي مقابلي ۾ زياده صحيح معلوم ٿئي ٿو.

1)   – اسلام جي اچڻ کان اڳ سنڌ ٻڌ، جين ۽ شيو جي پڄارين جو مرڪز هئي. سيوهڻ شيو جي پرستارن جو اهم مذهبي شهر هو.

شيو پرستي جو باني گورڪناٿ هو، جنهن جا پوئلڳ جوڳي يا ايوڳي ٿيا . شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ انهن کي ياد ڪيو آهي.1

 

2)  – گورڪناٿن جو ٻيو اهم مرڪز هنگلاج هو جو مڪران ۾ هنگلو نديءَ جي ڀرواري ٽڪر تي آهي ۽ جنهن جي چوٽيءَ مٿان نانيءَ جو آستان آهي. هنگلاج جين ۽ شيو ڌرم وارن جو وڏو تيرٿ گاه رهيو آهي، جنهن جي زيارت لاءِ ڪڇ، ڪوڪن، بينگال ۽ گڏيل علائقن مان زائرين ايندا هئا.1

 

انهن زيارتن جي آمدورفت ٺٽي رستي ٿيندي هئي.2 خود ٺٽي ۾ پڻ انهيءَ فرقي جي گرن جو شاهي آسٿان ۽ مرڪز هو. زيارتي جڏهن هنگلاج تان موٽ کائيندا هئا، تڏهن ٺٽي جي آستان تي کين مالها پاتي ويندي هئي، جيڪا ننڍن پٿرن جي ٺهيل هئي ۽ جهرڪن مان اهي پٿر هٿ ڪيا ويندا هئا.

3)  – جين مذهب جا ڪيترا فرقا آهن، جن مان گوسائين ۽ اجيوڪا زياده اهم آهن. اجيوڪا فرقي جو باني گوسالو مڪلي پوٽو هو. مڪليءَ جي پڙهڻي جدا جدا هئي، مثلاً: مڪلي منگلي ۽ منڪلي.

4)  – گوسائين جي هڪ شاخ ڊيگامبر آهي. اهي ڊيگامبر پاڪستان بڻجڻ تائين مڪلي گنجي ٽڪر ۽ هنگلاج ۾ رهندا هئا.3

5)  – منڇا مائي جو آسٿان اڃا تائين مڪليءَ تي موجود آهي (هن جو ذڪر متن ۾ ڏسڻ گهرجي) جنهن جي سامهون مسجد اسلام آهي. انهيءَ آستان ۾ هڪ کوه آهي، جنهن جا نار گنگا جي پاڻيءَ سان مليل چيا وڃن ٿا.

6) مٿين ڳالهين کي مد نظر رکندي گمان ٿئي ٿو ته مذڪوره عقيدي وارن آستانن غفائن ۽ آمدورفت جي سببان ڊيگامبر فرقي جي باني مڪلي جي نالي پٺيان انهيءَ ٽڪريءَ تي مڪلي نالو پيو. اهو لفظ پالي آهي جنهن جي معنيٰ آهي يوگي يا نانگو فقير.1

 

مڪليءَ جي نالي متعلق تحقيق لاءِ مواد موجود آهي ۽ راهون کليل آهن، ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي.

اضافا ۽ درستيون

 

صفحو 9 مڪليءَ تي شعر:

ڪنهن نامعلوم شاعر جو مڪليءَ متعلق هيٺيون شعر موجود آهي:

زدست ِ چرخ کج رفتار غدار

دلاتا چند از غم خستہ گردي

بکوهستان مکلي شو، دل ِ زار

که از دنيائ دون، وارستہ گردي

صفحو 14 ديبل جي سلسلي ۾ جيڪي ماخذ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ المعجم ما استعجم ۽ فارس نامه جي وچ ۾ هيٺيون اضافو ڪجي:

605هه: جهان نامه از محمد بن نجيب بکران (تاليف 605)۾ ديبل جو ذڪر هيٺين ريت طرح آيو آهي:1

 

مهران: جيحوني بزرگ است در حدود سند و طرف مکران که آنرا نهر مهران خوانند. و او ببزرگي نزديک باشد به نيل مصر. و در وي نيز گويند تمساح باشد چنانکه در نيل. و اون جيحون را نيز دسيس خوانند. و او ظهر کوهايي خيزد که بعضي شاخهاءِ جيحون خوارزم از آنجا آيد. پس همچنين مي آبد تا بدرياءَ سند و مکران ريزد بر جانب مشرق از شهر ديبل. و سند رود ازسه منزلي مولتان در مهران ريزد.

صفحو 36               786هه کان پهريون 772هه جو ٺٽي لاءِ حوالو موجود آهي، جنهن سال ڄام تماچيءَ کي جهانيان جهان گشت ٺٽي مان دهلي وٺي ويو. (ڏسو ص 136)

صفحو 37 سٽ (8) جام در تته ... دراصل جام جونہ درتته رسيد.

صفحو 104 سٽ (18) فيروز تغلق ٻيو دفعو 765هه ۾ ڪاهه ڪري ٺٽي آيو. (ڏسو فٽ نوٽ ص 160)

صفحو 105 سٽ (1) پاڻ 769هه ۾ دهلي ويا. جي بجاءِ پاڻ 65-766هه ۾ دهلي ويا.

صفحو 108 سٽ (6) فيروز تغلق 782هه کان اڳ ... جي بجاءِ فيروز تغلق 776هه ۾ علاءُ الدين جوڻي کي ...

صفحو 110 سٽ (7) شرح شمسيه نالي هڪ ڪتاب نيشنل ميوزم ۾ (27 ڊسمبر 1965) ۾ خريد ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جو پورو نالو آهي: شرح الشمستہ في الميزان.

ابتدا جا الفاظ آهن:

الحمدالله الذي تفرس من ان ... مؤلف سند جي ڄام سان ڪتاب کي منسوب ڪيو آهي. جنهن جو نالو هن طرح درج آهي:

محمدالمعروف به انر بن فتح خان بن صدرالدين بن طوغاچي بن جان – لازالہ لہ من.

صفحو 131 سٽ (12) فيروز شاهه 63-764 ڌاري دهلي کان روانو ٿيو.

صفحو 131 سٽ (16) 765هه ۾ گجرات کان ...

صفحو 236 شاه پريان انهيءَ نالي ۽ ساڳي مفهوم سان ايران ۾ به هڪ زيارتگاه آهي. ان کان سواءِ هڪ پريءَ جو نالو پڻ شاه پري آهي. ميرزا عبدالغني قبول جو شعر فرهنگ انند راج ۾ آهي (ج 4-2572 طبع ايران):

کني دمي که چو طائوس ساز جلوه گري

نظر گدائ تو کي افگند بشاه پري

شاه پري عنمبر جي مفهوم ۾ پڻ ڪتب آيل آهي:

صبا چو کرده پريشان دو زلف دلجويش

ببوئ شاه پري گشت بر دماغ سحر

فرهنگ دهخدا ۾ آهي:

شاه پريان: رئيس و بزرگ پري. شاه اجنہ، قهرماني که در افسانها و فکلور ايراني نقش هائ مهم بعهده دارد. و آن وجودي افسانہ اي که اصلش از آتش و بچشم نيابند. و غالباً نيکوکار است بعکس ديو که بدکار باشد. و در بر خي از افسانها، بنوعي از زنان جن کي خوبرو باشد، اطلاق گردد.

(دهخدا لفظ ش 154)

ايراني ادب ۾ ڪي ئي عوامي قصا ”شاه پريان“ جي سلسلي ۾ مشهور آهن. قاچاري دؤر جي شاهزادن مان هڪ شهزادو ”شاه پريان“ تي عاشق ٿيو هو جنهن لاءِ ڪيترائي لطيفا بيان ڪيا وڃن ٿا.

”شاه پريان“ جي باس پڻ باسي ويندي آهي ۽ انهيءَ نالي تي ايران ۾ ڪونڊا پڻ ڏنا ويندا آهن.

صفحو 272 سٽ (14) ميرزا رستم: بادشاه 26- تاريخ جمادي الثاني 1021هه جو رستم کي ٺٽي تي مقرر ڪيو (تزڪ) 11 محرم سنه 1021هه جو ميرزا بقول ترخان نامه ٺٽي پهتو.

ص 324 سٽ (1) ميرزا عيسيٰ جو ڄم: ميرزا جي ڄم جي تاريخ دستوري رسم مطابق ڪٿي ڄاڻايل ڪانه آهي، طاهريءَ لکيو آهي ته ميرزا محمد صالح وڏي ۽ محمد باقيءَ جي درميان پنهنجي والد جي حياتيءَ ۾ نفاق پيو، محمد صالح ميرزا باقيءَ کي تنگ ۽ مجبور ڪري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو ۽ جان بابا پڻ ٺٽي مان نڪري سميجن ۾ وڃي رهيو. سميجن سندس خدمت گذاري ۾ رتيءَ جيتري ڪوتاهي ڪانه ڪئي ۽ کينس سڱ پڻ ڏنائون:

”جان بابا را مردم مذکور درختر داده، آنچہ وسعت داشتند بامکان و قدرت آن، در خدمتگاري کوشيدن گرفتند. ميرزا عيسيٰ ترخان ولد ِ او، درهمان محل توليد يافت.“1

 

طاهريءَ جي لکيل مذڪور مطابق، ميرزا باقي پهريون ڪڇ ويو، اتهن جي مدد سان صالح سان جنگ ڪيائين، جنهن ۾ شڪست کائي محمود خان بکريءَ وٽ وڃي پناه گزين ٿيو. خيال هيس ته محمود خان جي ذريعي اڪبر بادشاه کان مدد وٺي محمد صالح کي ختم ڪري ليڪن ميرزا باقي اڃا بکر ۾ ئي هو جو کيس سڌ پئي ته ميرزا صالح مريد بلوچ هٿان مارجي ويو. (23 شعبان 970هه).1

 

جنهن کانپوءِ ميرزا باقيءَ کي ٺٽي ۾ گهرائي ورتو.2 ميرزا عيسيٰ 984هه3 ۾ انتقال ڪيو، جنهن بعد ميرزا باقي تخت تي ويٺو. ميرزا جان بابا پيءَ جي تعزيت لاءِ سميجن مان نڪري، سلطان محمد بکريءَ جي معرفت 986هه ۾ ميرزا باقيءَ وٽ ٺٽي آيو. 4

طاهري واري جنهن نموني ۽ سلسلي سان مٿيان مطالب لکيا آهن، انهن مان ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي توليد جو سال متعين ڪرڻ مشڪل آهي. بلڪ اهو گمان ٿئي ٿو ته:

الف:   جان بابا جيئن 970هه کان اڳ سميجن ۾ پهتو تيئن کيس سڱ ڏيئي شادي ڪرائي وئي.

ب: فطرتاً پهريون اولاد سال جي اندر ٿيڻ کپي. گويا 71-972 ڌاري ميرزا عيسيٰ جو تولد ٿيو.

ج:  جيڪڏهن اهو فرض ڪجي ته ان حالت ۾ پنهنجي ڏاڏي عيسيٰ اول جي حياتيءَ ۾ ميرزا عيسيٰ ثاني ڄائو.

ليڪن اهو صحيح هن ڪري نه آهي ته ڏاڏي جي جيئري ساڳيو نالو پوٽي تي رکجي نٿو سگهجي. تنهن ڪري قرين قياس هي آهي ته جنهن وقت ميرزا وڏي وفات (973هه) ڪئي ان وقت عيسيٰ ثاني پيٽ ۾ هوندو، اهڙي حالت ۾ سندس ڄم 73-974هه جي درميان فرض ڪرڻ گهرجي.

اسان متن ۾ سندس تولد جي بحث ۾ اندازناً سال 974 (243) 75-976هه (324) ڄاڻايا آهن.

صفحو 324 سٽ (4) ميرزا عيسيٰ اول جو دفن ٿيڻ:

ميرزا عيسيٰ اول جي وفات جي تاريخ ۽ ڏينهن ڄاڻايل نه آهي، تاريخ معصومي (ص 210) ۽ طاهري (ص 114) سندس وفات جو سال اربع وسبعين و تسعماية (974هه) – نهصد و هشتاد و چهار – غلط ڏنو آهي. قبر جي ڪتبن تي واضح طرح سال 973 ڄاڻايل ۽ اُڪريل آهي. (ڏسو صفحو 546-547) تاريخ معصوميءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا عيسيٰ جنهن وقت فوت ٿيو ته ماه بيگم سندس وفات جي خبر کي ٻٽي ڏينهن مخفي رکيو جيسين محمد باقي سيوهڻ کان اچي ٺٽي پهتو. جنهن ڏينهن باقي پهتو ان جي ٻئي ڏينهن صبح تي ميرزا جو لاش اڳ ٺهرايل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. عبارت هيءَ آهي:

”خبر فوت ميرزا عيسيٰ را چند روز بنا بر مصلحت ملک پنهان داشتند، تا آنکه ميرزا باقي از موضع سهوان به بلدهء تهته رسيده آمد. صباح آن، ميرزا عيسيٰ را به مدفن برده در مقبرهء که ساخته بودند، سپردند.“1

 

صفحو 551 سٽ (10) ميرزا غازي متعلق تاريخ طاهري جو مؤلف لکي ٿو ته هو 16 ورهين جي ڄمار ۾ مسند نشين ٿيو، جنهن جو مطلب هو 992هه ۾ ڄائو.

ترخان نامه جو صاحب لکي ٿو ته: جنهن وفات ڪئي ان وقت سندس عمر 27 ورهيه هئي (ص 93). انهيءَ حساب سان سندس ڄم 993هه ٿيو.1

 

ميرزا ابو الفتح وڏو ڀاڻس 1001هه ۾ فوت ٿيو، ميرزا غازي ساڻس گڏ عماريءَ تي هلندو هو ته ماڻهو مٿس کلندا هئا. (طاهري)

صفحو 659 سٽ (18) نواب سيف الله جي قبر ايامن کان وٺي خراب ٿيل هئي. مٽيءَ جا ڍير ۽ مٿانس خودروگاه ۽ جهنگلي وڻ ڄمي ويا هئا. 12-10-1966 جو راقم جي ڪوششن سان صاف ڪرائي قبر نروار ڪئي وئي  ڪتبو مذڪور کوٽي ڪڍيو ويو. ڪتبو پٿر جي هڪ وڏيءَ سر مٿان بد خط اُڪريل آهي. اشعار پڻ غير مربوط نموني اُڪريل آهن. پورو ڪتبو هن ريت آهي:

1)   – يا الله

2)  – الّلهم صل

3)  – علي محمد المصطفيٰ و عّٰلي

4)  – المرتضيٰ و فاطمة الزهراءِ

5)  – والحسن والحسين و علي

6)  – زين العابدين و محمد الباقر و

7)  – جعفرالصادق و موسيٰ الکاظم

8)  – و علي الرضا و محمد النقي و علي

9) – التقي والحسن العسکري و محمد

10)       – المهمدي صاحب الزمان صلوات

11)        – الله و سلام عليهم

12)       – اجمعين

13)       – سيف جنگ خلد منزل از دلي

14)       – کز و فاتش خلق مشتاق ِ فناست

15)       – از برائ جستن ِ تاريخ او. نکته

16)       – سنجان راز فکرش جان بکاست. بلبل ِ

17)       – طبعم ز غم ناليد و گفت. دست وي بادامن ِ

18)       – آل ِ عباست

19)       – 1142 هجري               نهم ذي قعده

ڪتبو مٿين طريقي سان اُڪريل آهي. سيف الله خان جي وفات جي تاريخ هن کان اڳ معلوم نه هئي، ڪتبي جي ذريعي معلوم ٿيو ته سندس وفات 9 ذيقعده 1142هه جو ٿي.

انهيءَ قبرستان ۾ ٻي پٿرائين قبر اوڀارين ديوار سان گڏ هڪ ٻار جي آهي، جنهن جي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:

1)   – بتاريخ سلخ جمادي الثاني 1159هه (؟)

2)  – حسنعلي فرزند مرزا عبدالله

3)  – حکيم از دارالفنا بدارالبقا رحلت نمود

اترين ديوار طرف 3 قبرون آهن، جيڪي نه ٿلهي تي آهن ۽ نه پٿر جون آهن. مٿن ڪتبو به ڪونه آهي. ڀائنجي ٿو ته اهي نواب جي پٽن جون هيون، جيڪي اصلي حالت ۾ نه آهن، بلڪ ڪنهن وقت مرمت ڪري انهن کي چوني گج سان لتو ويو آهي.

احاطي جي ديوار کان ٻاهر هڪ پٿر جي ٿلهي تي عاشق صفاهانيءَ ۽ سندس هڪ ٻئي ساٿيءَ جون قبرون هيون، جن جو ڪتبو راقم مقالات الشعرا ۾ ڏنو آهي. اهو ڪتبو هن وقت قبر تي ڪونه آهي بلڪ اتهن کڻي آثار قديمه وارن پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي. سيرانديءَ کان هڪ قبر تي هي ڪتبو اڃا موجود آهي:

1)   – هو الغفار

2)  – و فدت الي الکريم بغير زاد. من

3)  – الحسنات بالقلب السليم. فحمل الزاد

4)  – اقبح کل شئ. اذا کان الوفود الي الکريم

5)  – بتاريخ 15 شهر شعبان 1151هه (؟)1

 

             تمت باالخير

ڪراچي 18 آڪٽوبر 1966ع

4 رجب المرجب 1386هه


[1]  هي ضميمو 11 جولاءِ 1966ع جو لکيو ويو.

1   ص 49-54

2  القمر 54-55

1  الزخرف 69-76           2  محمد 15           3 الزمر 73-75

4  اصافات 180-182

1  اهو نالو غالباً ڪتبه نويس جو آهي. پويون نالو صاف نه  آهي. راقم ابراهيم سمجهيو آهي.

2 تغابن 7-8

1   دهر 1-19       2  زمر 53         3  قمر 54-55

4  نور 35          5  البقر 255      6  آل عمران 39       7  آل عمران 26

      مقبري اندر تازو کوٽائي ڪري قبرون ظاهر ڪري سيمنٽ سان  انهن کي پڪو ڪيو ويو آهي. 5 قبرون وڏيون ۽ 3  ننڍيون آهن.

1         الاخلاص 1

2          البقر 255

3         الجمعة 6-11

1  الاسراء  79            2 الاسراء 80                 3 الاسراء  81

4  الاسراء 82             5 آل عمران 18-19         6 البقر 255

1  الزمر 53            2  الکهف 107-110         3 النحل 97

4  البقر  255         5  البقر 252-257            6 النحل 97

1  آل عمران 18-20             2  البقر 285-286

3 البقر 255                     4 الزمر 53

هي سڀ ڪتبا خدا داد خان جي بياض ۾ 693 صفحه کان 716 تائين نقل ٿيل آهن. ڄام نظام الدين وارا عربي ڪتبا بياض ۾ غلط ۽ هيٺ مٿي نقل ٿيل هئا، جيڪي راقم پاڻ وڃي (8 ۽ 11 آڪٽوبر 1966ع جو) ڀيٽيا.

1  انسائيڪلوپيڊيا رليجن اينڊ اٿيڪس ج 2 صه 93-94

1      انسائيڪلو پيڊيا اينڊ اٿيڪس ج 6 ص 715

2     مار واڙ جو راجا هنگلاج ڏانهن ٺٽي رستي ويو. سندس نالو اگر پرڀو هو، (انسائيڪلو پيڊيا ج 6 ص 216)

3     انسائيڪلو پيڊيا ج 1 ص 259 ص 260

 

1  وڌيڪ احوال ڏسجي: انسائيڪلوپيڊيا يا ريليجن اينڊ اٿيڪس ۾ گوسائين، گورڪناٿ، گورڪناٽيز، ڊيگامبر، ناني، گوسالا، گوساوني جين، ٽٽي، ٽاٽي اکرن جي تحت.

1  مطبوعه ابن سينا، تهران 342 اش. ص 50

1   طاهري مطبوعه ص 99

1   طاهري مطبوعه ص 106

2 طاهري مطبوعه ص 110

3 طاهري مطبوعه ص 114 تاريخ طاهريءَ ۾ اهو سال غلط آهي. ڪتبي تي 973هه آهي

4 طاهري مطبوعه ص 125 مير معصوم سال 974هه ڏنو آهي. جيڪو پڻ غلط آهي (معصومي ص 210)

1  معصومي ص 210

1   عمر شريفش همگي بست و هفت سال بود. و ايام حڪومتش ده سال، سه در تته و هفت سال در قنڌهار ص 93.

      ترخان نامه جي هڪ نسخي ۾ وفات: عشر بن و الف شب جمع از شهر صفر مرقوم آهي. ٻئي نسخي ۾ يازدهم صف ۽ ڪٿي احدي و عشرين و الف ڄاڻايل آهي.

2  هي ضميمو 2 آڪٽوبر 1966 تي پورو ٿيو.

1  هي ڪتبا 17-10-1966ع جو قبرن تان نقل ڪيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org