ترخاني منصب: عيسيٰ ترخان
۽ سندس اولاد شاهجهان جي زماني تائين جن منصبن تي
پهتا، انهن جي فهرست عمل صالح جي مؤلف هن ريت ڏني
آهي:
1-
ميرزا محمد عيسيٰ: پنج هزاري چهار هزار سوار
2-
محمد صالح: دو هزاري دو هزار سوار
3-
عنايت الله: دو هزاري هزار و پانصد
سوار
4-
بهروز: پانصدي دو صد و پنجاه
سوار
5-
فتحي: پانصدي صد سوار
محمد صالح
کي مٿيون منصب سيوهڻ ۾ فوجدار ٿي اچڻ وقت
1066هه ۾ شاه جهان بادشاه ڏنو هو، جنهن جو ذڪر
اسان مٿي ڪري آيا آهيون. عالمگير وٽان سندس منصب ۽
مرتبي ۾ ڪهڙا اضافا ٿيا، انهن جو مذڪور ملي ڪونه
سگهيو.
(15)
رانڪ. گورستان: ميرزا عيسيٰ
جي رانڪ، جنهن لاءِ مڪلي نامہ جو مؤلف واکاڻي آهي،
سا هر لحاظ سان سچ پچ ته سڄيءَ ملڪليءَ جو نَڪُ
آهي. تعمير جو اهڙو نادر نمونو ورلي لڀندو. مير
قانع مبالغو نه ڪيو آهي بلڪ سچ ٿو لکي ته:
”- طرفه نشميني که اداراک حيرت زدهء بو قلموني صفت
بنايان اوست، و انديشه محو برجسته کارئ معماران
ويست. بيننده را خرد بيرون در وداع ميکند، و
نشيننده را فرحت يار غار ميباشد. چون کسي آنج
بفراغت چار زانو زند، هر سو صحرا صحرا سبزهء نو و
هر طرف جنگل جنگل رياحين خوشبو معاينہ کند. نسيم
فرحتي که آنجا وزد، نوح نبي بر کوه جودي نبرده
باشند. و مي آسايشي کہ در آن قصر عالي نوش گردد،
موسيٰ بر جبل طور سينا نخورده باشد. تا نظر کارکند
هرروز هر طرف عالمي آبادان، و تا ديده وا گردد همہ
سو جهاني نمايان. –“
اڄ عمارت آهي، پَر ويران ۽ سنسان. اها فضا ڪانه
آهي جنهن جو نقشو مير قانع چٽيو آهي، جنهن
دؤر جو ذڪر ڪري ٿو، انهيءَ دؤر ۾ اڃا ٺٽو ۽ انجو
آس پاس جوان ۽ جوان بخت هو، انهيءَ وقت واقعي اهو
صورت حال هوندو، جنهن جو بيان پڙهيو اٿئون.
تعمير ۽ سامان: مير قانع
تحفتہ الڪرام ۾ لکي ٿو ته انهيءَ عمارت لاءِ پٿر
ميرزا عيسيٰ هندوستان منجهان موڪليو هو ۽
ارڙهن سال عمارت جي تعمير ۾ صرف ٿيا. اڃا عمارت
مڪمل ڪانه ٿئي هئي جو سندس انتقال ٿيو. ميرزا جو
خيال هو ته چوڌاري هڪٻئي جي مقابل نشيمن پڻ تعمير
ڪرائي:
”- رو بروئ نشيمن بزرگ هر چهار طرف نشيمنهايء
شايان بجواب هم دگر ترتيب دهند .“
ميرزا
جي زندگيءَ جو گهڻو حصو گجرات اندر گذريو تنهن ڪري
قرين قيا اهو آهي ته هن پٿر هندوستان منجهان نه
بلڪه گجرات مان موڪليو هوندو.
مير قانع
اهو به لکيو آهي ته: انهيءَ عمارت جي تعمير تي
نورائي جاگير جي آمدني خرچ ڪئي ٿي وئي. اها جاگير
ابتدائي زماني کان وٺي خانداني مقابرن جي تعمير ۽
مرمت لاءِ مخصوص هئي.
تعمير جو عرصو: مير قانع
لکي ٿو ته: انهيءَ رانڪ جي تعمير تي ارڙهن سال صرف
ٿيا. هڪ خطي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته: ميرزا
1037هه ۾ ڪم شروع ڪرايو ۽ 1054هه ۾ ختم ٿيو.
اهو عرصو سترهن سال ٿيو. غالباً ان ۾ پهريون لاش
چئن سالن بعد 1058هه ۾ ميرزا عيسيٰ جي پٽ
ميرزا عنايت الله جو دفن ٿيو.
ميرزا عيسيٰ
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، هڪ دفعو ٺٽي جو
صوبيدار ٿي ٻن مهينن لاءِ سال 1037هه ۾ آيو. اسان
جو خيال آهي ته انهيءَ زماني ۾ هن فقط پنهنجي والد
جي رانڪ جي تعمير شروع ڪرائي هوندي. اها رانڪ خود
ايتريقدر اعليٰ ساخت ۽ ڪارڪردگيءَ جو نمونو آهي جو
ان جي تڪميل ۾ ڪي ئي سال صرف ٿي ويا هوندا. ميرزا
پاڻ انهيءَ زماني ۾ ٻن مهينن جي صوبيداريءَ کان
پوءِ به اٺ ڏهه مهينا ٺٽي ۾ رهيو، ليڪن اهو
عرصو ظاهر آهي ته فقط نقشن ٺاهڻ ۽ ابتدائي بندوبست
لاءِ به ڪافي نه هو، تنهن ڪري قياس آهي ته نقشا
درست ڪرائي ۽ تعمير جي طرح وجهي، پاڻ هليو ويو
هوندو، باقي ڪم پٺيانس هليو ٿيو ڏسجي.
پٿر جي فراهمي ۽ درستي:
جنهن صورت ۾ سمورو پٿر گجرات کان آندو ويو، انهيءَ
حالت ۾ هڪ گمان اهو به ٿي سگهي ٿو ته پٿر جي گهاڙ
۽ چٽساليءَ جو سڄو اهتمام گجرات ۾ ميرزا پاڻ
پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ڪرائي اتان ٺهيل ٺڪيل بوتو
موڪليو، جنهن کي هتي هڪٻئي مٿان رکي عمارت جي صورت
وٺرائي وئي هوندي. گجرات پٿر جي گهاڙ ۽ انتي
اُڪرجي ڪم ۾ هميشه مشهور رهي آهي. خود سنڌ اندر هن
وقت تائين جيڪو پٿر تي ڪم ٿئي ٿو سو گجراتي استاد
ڪن ٿا.
پٿرن جو هڪٻئي مٿان جوڙ اهڙيءَ طرح ڪيو ويو آهي
گويا وچ مان ڪٿان جوڙ هوئي ڪونه. مير قانع
سچ لکيو آهي ته:
”- سنگهائ اين قصر، چنان بالاي هم چيده اند که
گويا، همگي در قالبي ريخته اند و يا همچنين يک لخت
انگيخت اند __“.
گجراتي اثر: جان بابا
جو مقبرو هجي يا ميرزا عيسيٰ جي پنهنجي
رانڪ، ٻنهين جي طرز تعمير بلڪل جداگانه آهي. ڄام
نظام الدين جي رانڪ ۽ انهيءَ دؤر جي ٻين قمبرن جي
طرز تعمير سان ڪيترن صورتن ۾ اهي ٻئي مقربا هم شڪل
آهن. سمن جي طرز تعمير تي گجرات جو اثر آهي،
اهڙيءَ ريت هي ٻئي مقبرا پڻ تعمير جي نوعيت سان
مخصوص ۽ گجراتي اثرات جا آئينه دار آهن. چوڪور
ٿنڀا، پٿر جي ڪاٽ ۽ اُڪر، درن جا چورس فريم ۽
سردر، انهن جو مختصر طول ۽ عرض، ورانڊا ۽ وارنڊن ۾
وڌاوڙا، ڇت ۽ انجا شهتير، ونگن جو نمونو ۽ قبن جي
گهاڙ، اهي سڀ ڪجهه گجراتي طرز تعمير جو مظهر آهن.
اهو صورتحال ڏسي، گهڻي حد تائين يقين ٿئي ٿو ته،
نقشي نگار، رازا، ڪاريگر، اوستا ۽ اُڪر ڪندڙ
گجراتي هئا. انهيءَ ڪري قوي گمان آهي ته عمارت جو
سمورو بوتو گجرات ۾ ميرزا جي پنهنجي نظرداريءَ هيٺ
تيار ٿيو هوندو. اهو خيال هن ڪري به يقين جي حد
تائين پهچي ٿو ته ميرزا پاڻ خواه سندس اولاد سڀئي
گجرات ۾ هئا، پٺيان منجهان ڪو ڪونه هو جو نظرداري
ڪري. ميرزا پاڻ هڪ دفعو جو سنڌ مان نڪتو ته وري
ملڪ جو منهن ڪونه ڏٺائين. اهڙي حالت ۾ ڪيئن ممڪن
ٿي سگهي ٿو ته ميرزا اهڙيون سهڻيون عمارتون پرپٺ
ڌارين جي هٿ ۾ ڇڏي ڏئي.
عمارت:
رانڪ جي عمارت ٻه طبقي آهي. ايوان ۾ داخل ٿيڻ جو
دروازو اوڀر کان آهي ۽ مقبري ۾ اندر وڃڻ جو دروازو
ڏکڻ کان آهي. سڄي عمارت ٿلهي تي آهي. ورانڊا
هيٺئين خواه مٿئين طبقي جا، چوڪور نقشي دار پٿر جي
ٺلن تي بيٺل آهن. ڇت ۾ پڻ ساڳي نموني جا شهتير پيل
آهن. مٿينءَ منزل تي پهچڻ لاءِ اوڀارين ديوار
منجهان ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻ مٿي وڃي ٿي.
مرڪزي قبرون ڪمري جي وچ ۾ هڪ ٿلهي تي آهن، ڪمري
جون ديواريون ٻنهي طبقن مان نڪتيون مٿي وڃن ٿيون،
جن مٿان هشت پهلو گنبد آهي.
هيٺئين طبقي جا ورانڊا يا غلام گردش، خواه مٿين
طبقن جا آڳر تمام ڪشادا آهن. مٿئين طبقي تي پهچڻ
بعد مڪليءَ جو نظارو پيش نظر ٿئي ٿو.
دڪان:
پيءُ پٽ انهن ٻنهي رانڪن جي درميان، پٿر جي ديوارن
سان هڪ گهٽي وئي ٿي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان هجرا
هئا، جن ميلن ملاکڙن جي وقت ۾ دڪانن جو ڪم ڏنو ٿي.
هن وقت انهيءَ گهٽيءَ جي بنيادن جا آثار کوٽي ڪڍيا
ويا آهن. مڪلي نامہ ۾ انهن دڪانن جو ذڪر هن ريت
آيو آهي:
”- دو رسة دکا کين محاذي نرد بانش، شهر مصر را چون
نبات در آب ِ رشک گداخة، و آمد و شد خليل خيل
خوبان خلخ و نوشاد را چون کان نمک شور زار انفعال
ساختہ –“.
ناران سر ۽ ڀراسر تلاءُ: مير قانع
لکي ٿو: عمارت جي چؤطرف نهايت دلکش ۽ ديده افروز
تلاوَ آهن:
”- از چشمهائ لا تعد و تحصيٰ عالم آب مرئ و از
جلوه فروزيء حوفها، بيرون از عد احصيٰ، کانهايء
سيماب مشاهده-“
هر طرف چاه چشمه و تالاب قلب را فرح ديدها را اب
وه چه مردم فريب کان حِسن نمک زيب رويء
خوانِ حسن
سبز ها رسة درميانہ آب
بر گهايء زمرد و سيماب
مير قانع
مڪلي نامہ ۾ بن تلاوَن جو خاص ذڪر ڪيو آهي، هڪ
چشمه ناران سر ۽ ٻيو تلاوُ خوش آب ڀراسر.
انهن جي پاڻيءَ جي تعريف ڪندي شاعرانه مبالغي کان
هن ريت ڪم ورتو اٿائين:
-
آب هر يکي در عذوبت رشک ذايقہ نبات و در گواراي
شريک چاشنئ آبِ حيات:
قلم شڪر فروشد وقتِ تحرير
زبان طوطي بود هنگام ِ تقرير
اهي تلاوَ يا پاڻيءَ جا چاه ۽ چشما سڀ خشڪ ٿي لٽجي
۽ مٽجي چڪا آهن، اڄ انهن جا انگ يا آثار به نظر
ڪونه ٿا اچن.
معبد ڪالڪان: مير قانع
مڪلي نامہ ۾، ميرزا عيسيٰ جي رانڪ جو بيان
ڪندي، هندن جي هڪ معبد جو ذڪر ڪيو آهي:
”- پائين اين رانڪ در دامن کوه، معبد هندوان است.
و اغلب از آن مردم در آنجا جهان جهان نمايان –“
وڌيڪ لکي ٿو:
”- ازين معبد تا دامن بلده، از همہ جهات در ايام
برسات، تمام زمين از آب وباران بود. و کرا طاقت که
بي کشتي از آنجا رود. -“
مير قانع
در حقيقت جان بابا جي مقبري جو ذڪر ۽ جاني
بيگ جي رانڪ جو بيان حذف ڪري وڃي انهيءَ مندر جي
مذڪور تي پهتو آهي، جنهن کي ڪالڪا جو مندر چيو وڃي
ٿو، جيڪو موجوده شاهي رستي جي ڏکڻان جبل جي دامن ۾
آهي. ان جي پاڙ کان وٺي شهر تائين نشيبي زمين آهي،
جيڪا اڄ به سم جي پاڻيءَ سان ڀرپور رهي ٿي.
انهيءَ ڪالڪا مندر جو ذڪر اسان ضيمي ۾ ڏئي رهيا
آهيون هتي فقط چند شعر نموني طور ڏجن ٿا، جن مان
اندازو ٿيندو ته جنهن وقت اهو مندر آباد هو، انوقت
ڪيئن نه ماڻهن جا ميلا رهيا ٿي:
بهر گوشہ نشستہ حلقہ حلقہ
بتان ِ ماهرو و رشک زهره
بود خورشيد ومہ وقف يک آهنگ
بدسِت شان نباشد ”تال و مردنگ“
بلب گويند: رام – و رام سازند
دو گيسو بشکنند و دام سازند
ازين غارت گران ِ شهر دلها
کرا تاب ِ صبوري و شکيبا
مگر آن قشقه بر جبہِ عيان است
سمايء رويء شان را کهکشان است
نه دُرّدر گوش ِ اين خوبان قرين است
طلوع ِ ماه و مهر از مشرقين است
... ... ...
رخ ِ شان کعبہ ارباب اسرار
غزالان ِ حرم چشما طـّرار
کمان دارند ز ابرو وز مزه تير
دلي يک عالمي شان را ست نخچير
کشيده قامتان چون سرو ِ آزاد
خدام ِ شان کند صد گلشن آباد
... ... ...
باين خوبي چو جمعي جمع کردند
جهان شيرين کنند از يک شکر خند
بروز ِ مجمع ِ شان، اهل ِ تقويٰ
برايء بت پرستي داده فتويٰ
عجب حالي و طرفه اتفاق است
رهايء دل اينجا، امر شاقي است
بيا ساقي بده ذوقِ الستي
خرابم ميکند اين بت پرستي!
مير قانع
اها فقط شاعري ڪانه ڪئي آهي، بلڪ اها حقيقت هئي ته
اوج ۽ زندگيءَ واري زماني ۾ ٺٽي جا هندو
هجن چاهي مسلمان، مڙئي زنده دل هئا. ميلا ملاکڙا،
راڳ ۽ رنگ، خوشيون ۽ خوشفعليون، سندن رات ڏينهن جو
شعار ۽ وظيفو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو هنن، مختلف
پيرن ۽ بتڪدن تي، ميلن عرسن ۽ ساز سرود لاءِ،
مختلف تاريخون ۽ ڏينهن مقرر ڪري گورستان کي به
عشرتگاه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
جنهن شهر جي هر گهر ۾ شراب جون بٺيون پچنديون
هيون، جنهن شهر جي هر گهر مان سازن ۽ سرودن جي وڄت
فضا ۾ بلند ٿيندي رهندي هجي، جنهن جا جوان ابي چند
۽ جنهن جون عورتون راتيان ڏيهان عروسي جوڙا ۽
گلابي پوشاڪون پهريو، سرخيون ۽ ڏندن کي مسيون ۽
مساڳ لايو، وتنديون هجن ميلا مچائينديون، انهيءَ
شهر جي باشندن جي ميلان ۽ مزاج جو طبعيت جو رنگ ڇا
هوندو؟، هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ۽ سڀ کي اندازو ٿي
سگهي ٿو. تاريخ طاهريءَ جي مؤلف حقيقت لکي آهي ته:
”- هرگز ساکنان و متوطنان آن، غمگين و حزين کسي
نيافة، بر کم و بيش قناعت داشته بعيش و طرب کام و
کامراني ميدارند. تا حال خوشدلي و خّرمي که درين
خلق ست، جايء ديگر نيست و نخواهد بود .“
کيرسر تلاءُ::
ميرزا عيسيٰ پنهنجي مقبري خواه پيءُ جي
رانڪ لاءِ نه فقط عمارتون سهڻيون ۽ سٺيون ٺاهيون،
بلڪ انهن لاءِ مڪليءَ تي جيڪا زمين منتخب ٿي، سا
به نظاري ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ کان، سڄيءَ مڪليءَ
جو نڪ آهي. شهر جي بلڪل سامهون، اچ وڃ جي وچ تي،
چؤڌاري خوشنما تلاؤ ۽ چشما، زمين سرسبز ۽ حد نگاه
تائين سائي چهچ.
جان بابا
جو مقبرو بنهه مڪليءَ جي ڪناري تي آهي، هيٺان
نشيبي زمين شروع ٿي هڪ طرف شهر تائين ۽ ٻئي طرف
ڄام نظام الدين جي رانڪ تائين پهچي ٿي. سڄي پاڻيءَ
سان پُر ۽ سڄو سال منجهنس ڊونڊن ۽ ٻيڙين ۾ سير و
تفريح ڪرڻ وارن جا ميلا ۽ مجمعا.
هندن جو معبد ڏکڻ کان ۽ انهيءَ طرف کان ٻيو
خوبصورت ۽ بيمثل تلاءُ هو، جنهن کي ”کير سر“ لکيو
ويو آهي. رانڪ کان وٺي انهيءَ تلاءُ تائين سموري
سر زمين مخملي هئي. جئين مڪلي نامه ۾ مذڪور آهي:
”- ارض مابين رانک ِ مذڪور و اين تالاب همہ مخمل
باف ...... نساج قدرت ربايت منوال داراي آبي رنگ
نياقة، و نقاش صنعت صورتي بدين شادابي بر صفحہ
تکوين نکشوده. دهقان امل را هيچ ارضي به ازين مريء
نشده و معمار اميد را زميني بدين طراوت مشاهده
نرفقة. تا نظر کارکند سبزه در سبزه و تا ديده بار
بندد، جنس طراوت توده بر توده. و سوداگران شهر ختن
و خطا، خريدار عطريت اين زمين و تجاران ِ معمورهء
سبز و سبا، مشتريء متاع سرسبزي چنين ارض –“.
اهو تلاءُ مڪليءَ جي مشهور تلاوَن مان هڪ هو،
نهايت سرسبز خوبصورت ۽ پاڻيءَ سان ڀرپور، پاڻي صاف
۽ شفاف. اهو تلاءُ ماڻهن جي سير تفريح جو مرڪز هو.
زنده دل سڄا سڄا ڏينهن تلاو جي ڪنارن تي گذاري
ڇڏيندا هئا. مڪلي نامہ کان پوڻان ٻه سو ورهه اڳ جي
تاريخ ۾، انهيءَ تلاوَ ۽ انهيءَ تلاوَ تي ماڻهن جي
سير تفريح ۽ مشغوليءَ جو ذڪر، هن طرح آيو آهي:
”- بر بالايء کوه مکلي، تالابيست کہ آنرا کير سر
مينامند، يعني تالاب شيري. درين مدت تا باران، آب
در تالاب هست، مرد و زن اصناف چه هندو چه مسلمان
صف درصف، هرروز تا شب در آنجا طعام ميپزند و جشن
ميدارند. بنوعي جميعت يکجا ميگردد که کدام عيد و
چه طويء برابر آن باشد؟ هرکہ آنجا رسيده و تفرج
نموده، او ميداند و انصاف خواهد داد –“.
مٿين عبارت تاريخ طاهريءَ جي آهي، وڌيڪ آهي ته:
اهو طريقو ايامن کان وٺي هليو اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ
رسم جاري آهي، تنهن ڪري ان جو ترڪ ڪرڻ ڏکيو پيو
لڳي.
پوڻن ٻن سون ورهن بعد مير قانع جي زماني ۾
به انهيءَ تلاوُ تي ماڻهن جي ميڙن جي ساڳي حالت
هئي. مڪلي نامہ ۾ مير قانع پنهنجي شاعرانه
انداز ۾ ساڳي اهائي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا مير طاهر
نسياني پنهنجي تاريخ ۾ ڪئي آهي:
”- هر طرفش مجمع مرد وزن، و هر سوکلہ گوشہ عشرت در
بشکن بشکن. ساقيان سمين عذار بر لب آن چشمه سار
کوثر بکاسمه دهند، و مغنيان لالہ رخسار، بر کنار
اين تالاب، گوش طنبور و مسرت بر مالند. پاکوبئ
اطفال و دستک زنئ جوانان شيرين مقال، هر جانب شور
در بحر اخـضر سپهر مي افگند. رقاصہ مه طلعتان و
خينا گرئ پري رويان، زهره را بر فلک رامشگري
ميآموزد. جوانان امرد و امردان بيخود در آنجا خيل
خيل روان، و نازنينان هم صورت غلمان، جوق جوق
خرامان. پريرويان را خوش مجعي و سهي قدان را نيکو
مرجعي –“
مير قانع
مڪلي نامہ ۾ حسب دستور طويل نظم انهيءَ تلاوَ جي
توصيف ۾ چئي آهي. جنهن جا ابتدائي بيت وڏي اهتمام
سان چيل آهن:
بوصف کهير سر تالب کنم تر
دهن پر ميشود از شير و شکر
قلم از نيشکر بايد بدستم
بذوق آب اين تالاب مستسم
باب خضر بايد شستنم دست
شوم تا در صفاتش باک سر مست
ز چشم آهوم چيني دوات است
بجائ آبم آبي از نبات است
مدادم مشک ابري کاغذ اعليٰ
مگر در وصف او لب را کنم وا
انهيءَ تلاوَ تان وضو ڪري، ماڻهو جلوه گاه امامين
جي زيارت تي ويندا هئا.
انهيءَ تلاوَ جي سر زمين ڪهڙيءَ جاءِ تي هئي؟ هن
وقت اهو معلوم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ممڪن آهي تلاوَ
جو نشيب موجود هجي، ليڪن ڪنهن کي ان جي ڄاڻ نه
هجي.
بهرحال اهو خوبصورت آس پاس هو، ميرزا عيسيٰ
جي رانڪ جو. شرفا خان جو مقبرو ۽ طغرل بيگ جي
چوکنڊي يا ٻيون آس پاس واريون عمارتون، پوءِ جون
آهن.
رانڪ ۽ شعر: عمارت
جي خوبصورت ساخت، دو منزلي ورانڊي، پاون ۽ ديوارن
جي نقش و نگار ۽ دلڪشيءَ، هر دؤر ۾ ڏسندڙن جو
توجهه پاڻ ڏي ڇڪيو آهي. ديسن خواه پرديسن، جن ان
کي ڏٺو آهي، ٻه ڪلما تعريف جا، سندن زبان ۽ قلم
مان ضرور نڪتا آهن. ڪيترن شاعرن ان جي توصيف ۾
نظمون چيون آهن، مثلاً: ٺٽي جي هڪ شاعر،
جنهن جو تخلص ظاهر هو، ان جي قصيدي جا چند شعر
”مقالات الشعرا“ ۾ نمونتاً درج آهن:
رانک ميرزا عيسيٰ اندر کوه مکلي، طرفه جا
ست
در بهاران گوئيا، سر چشمہ نور ِ خدا ست
در صفايش هرکه بگمارد نظر، بي شک و ريب
ديده ديده باليقين ميگويد اينجائ هدات ست
بي تکلف گر کند ناگه گذر رضوان درو
در غلط افتاده گويد: آنکہ فردوس علا ست
چار ديوارش اگر از شش جهت ... صفا
باج گيرد در دو چشم منصفان، الحق بجا ست
انهيءَ عمارت ۾ ٺٽي جي عوام کان علاوه خواص
جون تفريحي محفلون ۽ مجلسون به منعقد ٿيون ٿي. صبح
کان شام تائين آمد و رفت جو سلسلو جاري رهندو ه.
شاعرن جا ميڙ ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. مخدوم
ابراهيم ”تڪملہ“ ۾ هڪ اهڙي مجلس جو ذڪر ڪندي
لکيو آهي ته: هڪ ڏينهن ٺٽي جو مشهور شاعر
مير عظيم الدين موجود هو، سندس سؤٽ يعني
مير قانع جو پٽ مير غلام علي مائل به ساڻس گڏ
هو. ٻئي سوٽ ميرزا عيسيٰ جي رانڪ جي وڏي
داخلي دروازي وٽ ويٺا هئا، آئي وئي جو نظارو ٿي
ڪيائون. دروازي وٽان هڪ نهايت ئي حسين ڇوڪرو اچي
لنگهيو، نڪ هيٺان ڪارو تر هئس، جنهن سندس چهري تي
ويتر دلڪشي پيدا ڪئي هئي. مير عظيم جي طبيعت ۾
جولان جاڳيو، هڪ مصرعو موزون ڪيائين:
ز بس حيرت، بلال از منبر افتاد
مير مائل
اڃا انهيءَ وقت غالباً شعر و سخن ڏانهن مائل ڪونه
هو، پر اوچتو سندس واتان ٻيو مصرعو نڪري ويو:
چو ديده، آن خال، زير بينئ يار
ز بس حيرت، بلال از منبر افتاد
مير عظيم
خوشيءَ وچان پنهنجي سؤٽ کي ڳراٽي پاتي. جيتوڻيڪ
ٻنهي شعرن ۾ شعريت بلڪل ڪانه آهي، ليڪن شاعرن جي
ڳالهه آهي، بلال جي مناسبت سان جو ڪارو خال مصرعي
۾ اچي ويو، تنهن شاعر کي ڦڙڪائي رکيو.
(16)
قبرون ۽ ڪتبا: ميرزا
جي رانڪ جي سموري عمارت پيلي پٿر جي ٺهيل آهي –
ديوارون، پاوا، ڇت، شهتير، چوڪٺون، اندر خواه
ٻاهرين ميدان جو فرش، الغرض سڀ ڪجهه پٿر جو آهي.
ڇتائين عمارت پوري وچ تي آهي، جنهن جي چؤڌاري
ڪشادو ميدان آهي ۽ چؤطرف عالم پناه. داخلي دروازو
اوڀر کان ۽ مرڪزي عمارت ۾ وڃڻ جو دروازو ڏکڻ کان
آهي. پوري عمارت ٿلهي تي جڙيل آهي جنهن تي چڙهڻ
لاءِ چئن پاسن کان ڏاڪڻيون آهن.
عالم پناه واري اولاهين ديوار وچ تي محراب ۽ ديوار
سان شامل ٿلهو آهي، جنهن تي ٻه سئو کن ماڻهو نماز
ادا ڪري سگهن ٿا.
مرڪزي عمارت ۾ خواه ڏکڻ ۽ اتر وارين ٻاهرين ديوارن
سان لڳ کليل ٿلهن تي، جملي ارڙهن قبرون آهن، جن جو
تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
مرڪزي قبرون:
مرڪزي عمارت ۾ قبرن جي ڪوٺيءَ اندر، ڏکڻ کان داخل
ٿجي ٿو. قبرون هڪ ٿلهي تي آهن جنهن جي سامهين
ديوار تي خوبصورت اُڪر جو ڪم آهي.
اسان هن گڏ پوري عمارت جو نقشو شامل ڪري رهيا
آهيون. جنهن ۾ هر هڪ قبر تي نمبر هنيان اٿئون.
انهن ئي نمبرن جي تحت هت هر هڪ قبر متعلق ضروري
احوال ڏجي ٿو.
1-
2- 4- 8- 10- 11- 16- 18 نمبر وارين قبرن تي
تاريخي ڪتبو ڪونه آهي. منجهان ڪن (2 -4) مٿان فقط
قرآني آيتن جي اُڪر آهي. پهرين ۽ ڏهين نمبر واري
قبر مرڪزي قطار کان علحده جدا ٿلهي تي آهي.
3- ميرزا بهرو:
تاريخ ۽ آيات جو ڪتبو خان بهادر خداداد مرحوم جي
بياض ۾ موجود آهي، تاريخي ڪتبو ميرزا جي
احوال تحت ڏنو ويو آهي. آيات هن ريت آهن:
”بسم الله ... الله لا الله الا هو الحي القيوم
... هوالعلي العظيم.
لا الٰہ الا الله محمد رسول الله. شهد الله انہ لا
الٰہ الا هو و الملائکه ... الہ ترجعون.
لقد صدق الله ... منهم مغفرة و اجراً عظيماً.
بسم الله .. تبارک الذي ... بماءِ معين.
5-
ميرزا عيسيٰ: پيلي پٿر جي قبر آهي. لوڙهه
جي پيرانديءَ وارو تاريخي ڪتبو ميرزا جي
احوال ۾ نقل ڪيو ويو آهي. قبر جي پاسن تي هي آيتون
اڪريل آهن:
لا الٰہ ... بسم الله ... تبارک الذي ... بماء
معين
بسم الله ... الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ...
هو العلي العظيم.
کل شيءِ هالک الا ... ترجعون.
قال الله تعاليٰ: ان الذي آمنوا و عملوا الصالحات
... ولا يشرک بعبادت ربہ احدا.
کل يا عبادي الذي اسرفو ... انہ هو الغفور الرحيم.
6- ميرزا عنايت الله: ميرزا عيسيٰ
جي پهلوءَ ۾، ساڳي پيلي پٿر جي لوڙه تي، پيرانديءَ
کان تاريخي ڪتبو آهي. آيات ۽ ڪتبو سندس احوال ۾
نقل ٿيل آهي.
8- ايرج ميرزا: عنايت الله جي ڀر ۾ دفن ٿيل
آهي. آيات ۽ ڪتبو، سندس احوال تحت ڏسجي.
9- فتحي ميرزا:
ميرزا عيسيٰ جي پٽ ميرزا فتحيءَ جي
قبر ساڳي پيلي پٿر جي آهي. ڪتبو ۽ آيات سندس احوال
۾ ڏسجن.
ٻه قبرون:
مرڪزي ٿلهي تي ٻه قبرون (2- 4) تاريخي ڪتبي کان
خالي آهن. قرآني آيات کي مرحوم خداداد خان
پنهنجي بياض ۾ نقل ڪيو آهي. هڪ قبر تي آهي:
بسم الله ... تبارک الذي ... اوليه النشور.
الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ... علي القوم
الکافرين.
ٻي قبر تي آهي:
لا الہٰ الله ... آمن الرسول بما انزل الہ ... علي
القوم الکافرين.
توکلت علي الحي الذي لايموت
کل شيءِ هالک الا ترجعون
کل من عليها فان ...
قال الله سبحان تعاليٰ: ان الذين آمنو و عملوا
الصالحات کانت لهم ... ولا يشرک بعبادت ربہ احداً
بسم الله ... تبارک الذي ... بمآءِ معين.
اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ وارو ٿلهو: نماز لاءِ اولهه کان جيڪو ٿلهو آهي، انهيءَ سان
شامل ٿلهي تي اتر ۽ اولهه واري ديوار جي ڪنڊ ۾ ٻه
قبرون ( 12- 13) هڪٻئي سان گڏ پهلو به پهلو آهن.
هڪ قبر (11) پيرانديءَ کان ڪجهه فاصلي تي آهي،
جنهن تي ڪبتو ڪونه آهي. قبر ڪچي سمينٽ جي آهي ۽
ننڍي ٻار جي ڀائنجي ٿي.
معلوم ٿئي ٿو ته انهن قبرن کي دستور مطابق چؤڌاري
احاطي جي ديوار هئي، جيڪا پوءِ ڊهي وئي آهي. ٻن
قبرن (12- 13) جا ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:
12- ولي نعمت:
هن قبر جي پيرانڌي کان ڪتبو آهي:
تاريخ وفات مرحومہ مغفوره ولي نعمت
بانزدهم شهر رجب المرجب 1080هه.
قرآني آيات:
لا الله الا الله ... قال الله تعاليٰ: قل يا
عبادي الذين اسرفوا ... الغفور الرحيم.
صديق الله العلي العظيم و صدق رسولہ الکريم.
بسم الله ... الرسول بما انزل الہ ... واليک
المصير.
بسم الله ... تبارک الذي ... بماء معين.
اسان جو گمان آهي ته هي قبر ميرزا عيسيٰ جي
گهرواريءَ جي هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دستور مطابق
”ولي نعمت“ مالڪ جي گهرواري لاءِ ڪتبو ايندو آهي.
انهيءَ خاندان جو مکيه بزرگ يا مالڪ ميرزا
عيسيٰ هو، تنهن ڪري ان جي گهرواريءَ لاءِ ئي
اهو اکر استعمال ڪري سگهجي ٿو. سال 1080هه ۾
انهيءَ مائيءَ جو انتقال ٿيو.
13- عمصت پناه
جهان بيگم: نمبر 12 قبر جي پهلوءَ ۾
آهي. شجري ۾ ڪٿي به اهو نالو ڪونه آيو آهي. فقط
ڪتبي مان مائيءَ جو نالو جهان بيگم ظاهر
ٿئي ٿو. ڪتب هن ريت آهي:
بتاريخ بست و ششم ذي الحجه
سنه 1082هه عمصت پناه
جهان بيگم
فوت شد.
آيات:
لا الٰہ الا الله ... بسم الله ... يٰسين و القرآن
الحکيم ... و متاعاَ الي حين.
ايوان جو ڏکڻيون ٿلهو:
ڏکڻ ۽ اولهه جي ڪنڊ ۾ ايوان اندر ٿلهي تي ٽي (14-
15- 16) خوبصورت قبرون آهن. چؤڌاري پٿر جو ڪٽهڙو
هو، جنهنجا هاڻي ڪي ٽڪرا موجود آهن. مٿي کان ڪٽهڙي
جي ديوار تي آيت جو هڪ ٽڪرو بچيل آهي.
مذڪوره قبرن مان (16 نمبر)
قبر تي ڪتبو ڪونه آهي، باقي ٻن جي پيرانديءَ کان
تاريخي ڪتبا ۽ پاسن تي آيات آهن. اهي ٽئي قبرون
زنانيون آهن. ڪتبن ۾ نالو ڏنل ڪونه آهي.
14- سعادت يافت:
هن قبر جي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:
بگفتا بي حجاب از غيب، هاتف:
سعادت جاوداني يافت بي بي – سنہ 1113هه
لوڙهه جي پاسن تي هي آيات آهن:
لا الله ... بسم الله ... يٰسين و القران الحکيم
...... و مما لا يعملون.
ان رحمت الله قريب من المحسنين.
صدق الله جل جلالہ.
15- عصمت پناه:
هي قبر جي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:
بتاريخ بست سويم
شهر رمضان سنہ 1081هه
وفات اين عصمت پناه مغفوره.
آيات:
لا الله ... بسم الله ... يٰسين و القران الحکيم
... و مما لا يعلمون.
ايوان جو اتريون ٿلهو:
مرڪزي عمارت جي مقابل اُترين ديوار سان وري وچ تي
ٿلهي مٿان فقط هڪ قبر (17) آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن
کان ڪايف زمين ڇڏيل آهي.
18- ولي نعمت
ميرزا مظفر: قبر پيلي پٿر جي آهي.
پيرانديءَ وارو تاريخي ڪتبو ۽ آيات
ميرزا مظفر
جي احوال ۾ ڏسجن.
ترخاني خاندان ۾ ميرزا مظفر ٻه ٿي گذريا آهن. هڪ
مخرزا باقي جو پٽ جيڪو پهريون چاچڪان جو حاڪم هو ۽
پيءُ جي وفات بعد ميرزا جانيءَ سان مقابلو
ڪري شڪست کائي ڪڇ ڀڳو هليو ويو – ميرزا مظفر
ثاني، ميرزا عنايت الله بن ميرزا عيسيٰ
ثاني جو پٽ. وفات جي سال کي ڏسندي ڀانئجي ٿو اها
بيبي پوئين ميرزا مظفر جي گهرواري هئي.
قرين قياس آهي ته، زنانن قبرن جي مڙني ٿلهن کي،
ابتدائي زماني ۾ دستور مطباق پردي لاءِ چؤديواريون
هيون. جيڪي بعد ۾ ڊهي ويون – اوڀارين ۽ اُترين
ديوار جي ڪنڊ ۾ انهيءَ قسم جي زناني چؤديواري اڃا
موجود آهي.
اُترين ۽ اوڀارين گوشي واري قبر 18:
هن اڪيلي زناني قبر (18) چؤڌاري پردي لاءِ، ڦڪي
پٿر جي ديوار آهي، جنهن کي اولهه کان هڪ دري آهي
داخلي دروازو يا ڇت ڪانه اٿس.
قبر جو موجوده لوڙهه بلڪل صاف آهي جنهن کي ڪڏهن
ڪتبو ڪونه هو.
عصمت پناه ؟:
مٿئين قبر (18) ۽ قبر (17) جي وچ ۾ هڪ ٻه ڊٺل قبرن
جا نشان آهن، ٿي سگهي ٿو ته خداداد خان جو
نقل ڪيل هيٺيون ڪتبو، انهن مان ڪنهن هڪ جو هجي
جنهن جو لوڙهه ڪنهن زماني ۾ ضايع ٿي ويو، جئين
هزارن قبرن جي مڪليءَ تي حال ٿيو آهي.
خداداد خان
جي بياض ۾ ڪتبي جو هي حصو نقل ٿيل آهي:
مرحومہ مغفوره عصمت پناه.
آيات:
لا الٰہ الا الله ... بسم الله ... تبارک الذي ...
ربهم با لغيب لهم مغفرة و اجر کبير.
(17)
عمارت جا باقي ڪتبا:
مرڪزي عمارت جي ٽه ڪنڊ محرابن جي پيشانيءَ تي، يا
عالم پناه وارين ٽن طرفن وارن ٽه ڪنڊ محرابن مٿان،
آيات جا ڪتبا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. اولهه واري
ديوار ۾ مسجد جو محراب آهي، انهيءَ طرف کان ڪوبه
ڪتبو ڪونه آهي.
داخلي دروازو:
رانڪ ۾ اندر گهڙڻ واري دروازي (20) جي پيشانيءَ
وارو ڪتبو:
بسم الله ... لا الٰہ الا الله محمد رسول الله ...
صدق الله .
هن وقت اهو ڪتبو موجود ڪونه آهي.
مصليٰ مشرق و جنوب:
قال الله سبحانه و تعاليٰ:
آمن الرسول بما انزل الہ ... القوم الکافرين.
مصليٰ غربي:
(1)
بسم الله ...: ان الذين آمنوا ... يو حي الي.
مصليٰ شمالي:
(2)
انما الهکم الله واحد فمن کان يرجوا ... ولا يشرک
بعبادت ربہ احدا.
ما کان محمد ابا احد ... بکل شيء عليما.
مسجد:
اولهائين عالم پناه جي ديوار جي وچ تي مسجد جو
محراب ۽ نماز لاءِ ٿلهو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي
چڪو آهي. ٿلهو ڏکڻي ديوار کان شروع ٿي اولاهين
ديوار کان ٿيندو اتر واري ديوار تائين پهچي ٿو.
13 کان 16 نمبر واريون قبرون انهيءَ ساڳي ٿلهي جي
ڪنڊ وارن حصن تي آهن. جنوب ۽ مغرب کان شايد هيٺيان
ڪتبا هئا، جيڪي هن وقت موجود ڪونه آهن:
جنوبي ڪتبو:
بسم الله ... انا فتحنالک فتحاً مبينا ... ليزدا
دوا.
مغربي ڪتبو:
يا ايها الذين آمنو اذا نودي للصلوة من يوم الجمعة
... کنتم تعلمون
.
صدق الله.
سہ محرابي:
شمالي مشرقي ۽ مغربي طرف واري سہ محرابيءَ جي
ٻاهران هي ڪتبو آهي:
بسم الله ... :
الحمد لله فاطر السموات والارض ... کذالک النشور
من کان يريد العزت فلله العزت جميعا الہ يصعد
الکلم الطيب و العمل الصالح يرفعه.
جنوبي طرف کان ٻاهران:
محمدا رسول الله والذين مہ اشداء علي الکفار ... و
عملوا الصالحات منهم مغفرة و اجراً عظيما.
مشرقي طرف کان اندرين پاسي زير مصليٰ:
قال الله تعاليٰ:
ان الذين قالوا ربنا الله ثم استقامو ... وفصاله
ثلٰثون شهرا حتي اذا بلغ. ؟
شمال
طرفان اندرين پاسي زير مصليٰ:
قال الله تعاليٰ:
وسق الذين اتقوا ربهم الي الجنة زمرا ... من الجنت
حيث نشاء فنعم اجر العالمين.
مغرب کان اندرين پاسي زير مصليٰ:
محمد رسول الله. والذين مہ اشدآء علي الکفار رحماء
... منهم مغفرة و اجراً عظيما.
جنوب کان اندرين پاسي زير مصليٰ:
قال الله تعاليٰ: لقد صدق الله رسولہ الرويا بالحق
... کفي باالله شهيدا.
گنبد جي دروازي مٿان: هي ڪتبو آهي:
اقم الصلوت الدلوک الشمس ... اعلم بمن هو اهديٰ
سبيلا.
گنبد جي اندران:
گنبد جي اندران ٽن طرفن (ڏکڻ- اتر – اولهه) کان
دويار جي ڪنارن تي هيٺين ريت ڪتبا آهن، جيڪي هر
طرف کان پٿر جي پنجن ٽڪرن تي اُڪريل آهن.
شمالي، غربي، جنوبي ديوار:
بسم الله ...: تبارک الذي ...
من دون الرحمٰن ان الکافرون لا في غرور.
اوڀارين ديوار تي ساڳي سلسلي جو ڪتبو ڪونه آهي.
محرابيءَ مٿان:
مٿين ڪتبي کان اڍائي فٽ مٿي چئن طرفن کان گبند ۾
روشن دان آهن، جن جي مٿان ڪتبا آهن، جيڪي هيٺين
ڪتبي جي ٽئين نمبر ٽڪري جي مٿان آهن. روشن دان
محراب جي طرز تي آهن تنهن ڪري خداداد خان
انهن کي محرابي سڏيو آهي.
جنوبي طرف:
قال الله تعاليٰ: ربنا فاغفرلنا ذنو بنا و کفر عنا
سياتنا و توفنا مع الابرار.
مشرقي طرف:
ربنا ظلمنا انفسنا و ان لم تغفرلنا و ترحمنا
لنکونن من الخاسرين.
شمال طرف:
ربنا و آتنا ما وعدتنا علي رسلک ولا تخزنا يوم
القيٰمة انک لا تخلف الميعاد.
صدق الله.
مغربي طرف:
علي الله توکلنا ربنا افتح بيننا و بين قومنا
بالحق خير الفاتحين.
(18)
مقبري جو نقشو: ميرزا عيسيٰ
جي مقبري (رانڪ) جو نقشو ايندڙ صفحي ۾ شامل ڪيو
وڃي ٿو، جنهن ۾ نمبرن جي ذريعي خاص جايون نروار
ڪيون ويون آهن.
نقشي ۾ ڏيکاريل 12- 13- 14- 15- 16- 17- 18
نمبر جي قبرن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
هيٺين قبرن جي رهيل ضروري شرح هن ريت آهي:
1 قبر-
ڪتبو ڪونه آهي ۽ نه آيتن جي اُڪر آهي.
2 قبر-
تاريخ جو ڪتبو ڪونه آهي، مٿن کان ڪلمو طبيہ اُڪريل
آهي ۽ لوڙهه جي ٻن پهلن تي آيات قرآني آهن. آيات
جو تفصيل گذريل صفحن ۾ ڏسڻ گهرجي.
3 قبر-
ميرزا بهرو، تاريخ وارو ڪتبو پيرانڌي کان آهي،
ليڪن مٽجي ويو آهي، فقط نشان موجود آهن. وڏي زحمت
سان پڙهڻ ۾ اچي ٿو. قبر تي قرآني آيات جي اُڪر
آهي. سندس احوال ۾ ڏسجن.
4 قبر-
ڪتبو ڪونه آهي فقط قرآني آيات جي اُڪر آهي جنهن جو
تفصيل مٿي ڏنو ويو آهي.
5 قبر-
ميرزا عيسيٰ (تاريخي ڪتبو احوال ۾ ڏنو ويو
آهي) آيات جا ڪتبا هن ريت آهن:
لا الٰہ ... تبارک الذي ... بماءِ معين
.
بسم الله ... الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ...
حفظهما و هو العلي العظيم
.
کل شئ هالک الا وجهه لہ الحکم واليہ ترجعون
قال الله تعاليٰ: ان الذين آمنو و عملوا الصالحات
کانت لهم جنات ... ربہ احدا
.
کل يا عبادي الذين ... انہ غفور الرحيم
6 قبر-
ميرزا عنايت الله (تاريخي ڪتبو ۽ آيات
احوال ۾ ڏسجن. آيات: الزمر صـ 53. القصص صـ 88.
الفتح صـ 27- 29. الجمہ صـ 9- 11. الکهف صـ 107-
110. الملک صـ 1. و دعا.)
7 قبر-
ميرزا ايلچ (ڪتبا سندس احوال ۾ ڏسجن. قرآني آيات
هي آهن الکسف ص 107 ”دعا“)
8 قبر-
ڪوبه ڪتبو يا آيت ڪانه آهي.
9 قبر-
ميرزا فتحي (ڪبتو ۽ آيات سندس احوال ۾ ڏنل آهن.
آيات هي آهن: الملک ص 1. الزمر ص 53. القصص ص 88.
آل عمران صـ 18. الرحمٰن صـ 27. البقر صـ 255.
البقر صـ 285- 286.)
اهي قبرون گنبد ۾ اندر ٿلهي تي آهن. ٿلهي جي
اوڀارين ديوار نقشيدار آهي جيئن مٿي ڄاڻايو اٿئون.
19-
مسجد جو محراب ۽ نماز لاءِ ٿلهو.
20-
داخلي دروازو هن وقت ڪتبو ڪونه آهي.
21- 22-
احاطي جي ديوار ۾ چئن طرفن کان سہ گوشا محراب آهن.
ڏيکاريل نمبرن جي محرابن تي آيات جا ڪتبا آهن.
جيڪي ڪتبن جي تحت ڏسڻ گهرجي.
23-
مرڪزي عمارت ۾ سہ گوشو محراب جنهن تي آيات جا ڪتبا
آهن، اتان چڙهي ٻنهي طرفن جي ڏاڪڻ تان مٿئين طبقي
۾ وڃي سگهجي ٿو.
24-
سہ گوشو محراب ۽ اندر وڃڻ جو دروزاو. محراب تي
ساڳي ريت آيات جا ڪتبا آهن.
25- 26 –
ساڳي ريت سہ گوشا محراب ۽ مٿن آيات جا ڪتبا.
ميرزا عيسيٰ
جي خوبصورت رانڪ منجهه جملي 18 قبرون آهن، جن جا
ڪتبا ۽ انهن جو موجوده صورتحال، مٿي ڏنو ويو. اهڙي
طرح عامر تي آات جا ڪتبا پڻ مٿي ڏئي آياسون. رانڪ
جي مرمت سنہ 1960ع کان محڪمه آثا قديمه جي نظر هيٺ
شروع آهي.
ميرزا عيسيٰ
جو سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ وري سنڌ ۾ اچڻ هڪ دفعو 1037هه
۾ ثابت آهي، جنهن زماني ۾ قرين قياس آهي ته هن
انهن عمارتن ٺهرائڻ جي رٿا ۽ سٽا ڪئي هوندي. سندس
زندگي هندستان جي مختلف صوبڀن ۾ جدا جدا عهدن تي
گذري، خبر نه آهي ته هن پنهنجي والد ۽ پنهنجي رانڪ
جئري ڏٺي به يا مرندي گهڙيءَ تائين پنهنجي انهيءَ
تخيليقي شاهڪار جي ڏسڻ کان محروم رهجي ويو؟ - خدا
کي خبر !
(19)
نسب نامو:
هن مضمون اندر گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني ترخانن جو ذڪر
اچي ويو آهي، تنهن ڪري سندن باهمي رشتن کي سمجهڻ
لاءِ هڪ مفصل شجرو
شامل ڪري رهيا آهيون. انهيءَ نسب نامي ۾ آيل فردن
متعلق هتي مختصر حاشيا ڏنا وڃن ٿا، جيئن هر فرد
متعلق پڙهندڙن کي ضروري احوال معلوم ٿي وڃي.
آسانيءَ خاطر نالن جي ترتيب حروف تهجي جي تحت ڪئي
اٿئون.
آنجہ بيگہ
بنت ميرزا عيسيٰ اول. وفات محرم 965هه. قبر
ميرزا سليمان سان گڏ آهي (نمبر 5). تاريخي
ڪتبو پيرانديءَ کان هيٺين ريت آهي:
وفات آنجہ بيگہ بنت
ميرزا عيسيٰ
في محرم 965هه.
ابراهيم،
سلطان اول. بن ميرزا عيسيٰ اول. هن
جي قبر مغلئ قسم جي گنبد دار مقبري ۾ (نمبر 1)
آهي. 16 ربيع الاول 966هه جو فوت ٿيو. سندس ذڪر
ڪنهن ڪتاب ۾ آيل ڪونه آهي. قبر تي هيٺين ريت ڪتبو
آهي:
مٿن کان:
وفات شاهزاده عالميان سلطان
ابراهيم
بن حضرت سلطنت شعاري ميرزا
محمد عيسيٰ ترخان بهادر مدظلہ
پيرن کان:
در تاريخ ليلة الاثنين شانزدهم
ماه ربيع الاول سنہ 966هه بوده.
آيات:
الله لا الٰہ الا هو الحي القيوم ... العلي
العظيم.
شهد الله انہ لا الله ... العزيز الحکيم.
صدق الله العلي العظيم.
و الحمد لله وعده العزيز.
لا الٰہ الا الله محمد الرسول الله.
مقبرو ميرزا ابراهيم: هي مقبرو
1871ع تائين خليل خان مهردار جي نالي سان
منسوب هو، اهو خليل خان ميرزا باقيءَ جي عهد جو
امير هو
تحفتہ الڪرام جو صاحب لکي ٿو:
سندس مقبرو مڪليءَ تي مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته هن
وصيت ڪئي هئي ته: کيس ان ۾ دفن نه ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ
ته اهو مقبرو سندس امارت جي دؤر ۾ جڙيو آهي، ممڪن
آهي ڪنهن مزدور تي ظلم ٿيو هجي، تنهن ڪري کيس
مقبري کان ٻاهر دفن ڪيو وڃي. چنانچه مقبري جي
ايوان ۾ کيس دفنايو ويو ؟.
بهرحال هن وقت نه مقبري ۾ اندر ۽ نه مقبري کان
ٻاهر سندس قبر جو نشان آهي.
مقبرو سرن جو اٺ محرابو خوبصورت گنبد ۽ ڪاشيءَ جي
ڪم سان ٺهيل آهي، ترخاني دؤر ۾ پنهنجي طرز تعمير
جي لحاظ کان، اهو واحد نمونو آهي. ترخانن جا سمورا
مقبرا ۽ گورستان پٿر جا ٺهيل ۽ ٽن نمونن جا آهن.
هڪڙا کليل ميدان ۾ مثلاً: عيسيٰ اول، باقي ترخان،
محمد صالح ۽ سليمان جا، جنهن جي چؤڌاري
عالم پناه جي ديوار آهي ۽ اندر کليل ٿلهن تي قبرون
آهن. ٻيو نمونو آهي اٺ ٿنڀي کليل ڇٽيءَ اندر قبر،
جهڙوڪ: ميرزا بديع الزمان جو آهي. ٽيون نمبر گنبد
سان آهي، جهڙيءَ طرح عيسيٰ ثاني، ميرزا جاني ۽
ميرزا جان بابا جا مقبرا آهن. ليڪن انهن جا
گنبد مقامي رنگ کان متاثر ۽ مغليه گنبد کان سراسر
مختلف آهن.
ترخانن جي گورستان تي سمن سلطانن جي تعمير – جيڪا
مقامي ۽ گجراتي طرز تعمير جي ميلاپ مان تيار ٿيل
آهي – جو اثر آهي، مثلاً: دريا خان جو گورستان،
ڄام نظام الدين جو مقبرو ۽ ساڳي دؤر جا هشت ٿنبي
ڇٽن وارا مقبرا.
سمن جي دؤر ۾ چند مقربا خشتي به ملن ٿا، جهڙوڪ:
همشيره فتح خان وارو مقبرو، يا ان سان گڏ ٻيو هڪ
اڌ انهيءَ طرز جو خشتي مقبرو. ليڪن پنهنجي عهد جي
عام رواج ۽ مخصوص طرز تعمير سان، انهن مقبرن جو ڪو
تعلق نه آهي، بلڪ انهيءَ قسم جا خشتي مقبرا ڪن خاص
غير معلوم محرڪات جو نتيجو معلوم ٿين ٿا.
ميرزا عيسيٰ
962هه ۾ سنڌ جي مسند تي ويٺو. سندس دؤر جو
پهريون خاندان گورستان اهو ئي کليل ايوان وارو
آهي، جنهن ۾ سندس نياڻين سان گڏ ميرزا سليمان
(964هه) دفن ٿيل آهي. ان کان ڏيڍ سال کان پوءِ
سندس پٽ ميرزا ابراهيم فوت ٿيو، جيڪو غير
معلوم سبب ڪري سليمان واري گوستان جي بجاءِ
– هن خشتي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن ۾ پهرين قبر
شهر بانو جي (950هه) موجود هئي، جيڪا شاه
حسن ارغون جي دؤر جي آهي.
مصليٰ:
مقبري جي احاطي ۾ دستوري طرح سرن جي ٺهيل مسجد
(مصلي) هئي جيڪا هن وقت زبون ٿي چڪي آهي، فقط ان
جي ديوار جا ڪي حصا موجود آهن. خداداد خان
مصلي جو ڪتبو هيٺين ريت نقل ڪيو آهي:
بسم الله ... سبح اسم ربک الاعلي ... صحف
ابراهيم و موسيٰ
ديوار جي چئن گوشن تي:
مقبري جي ديوار تي ٻاهر جي پهلو وارن محرابن مٿان،
چئن گوشن تي، هي ڪتبو بلو ٽائلس تي هو، جنهن کي پڻ
خداداد خان نقل ڪيو آهي، سڀني حصن تان ڪتبو
مٽجي چڪو آهي.
اقم الصلوات لدلوک الشمس ... هو احديٰ سبيلا
.
صدق الله جل جلالہ.
ديوار جي ٻاهران:
هيٺيون ڪتبو دروازن جي چئن (اولهه، اوڀر، اتر ۽
ڏکڻ) محرابن تي ٽن حصن ۾ هو. جيڪو هن وقت مٽجي چڪو
آهي فقط اتر ۽ ڏکڻ کان ڪجهه حصا موجود آهن:
وسيق الذي ... فادخلوها خالدين
.
مشقہ العبد الفقير المحتاج الي الله الباري احمد
الانصاري.
گنبد تي ٻاهران:
ٻاهران گنبد چؤڌاري هيٺين ڪناري تي هي ڪتبو ساڳي
طرح بلو ٽائليس تي هو جيڪو پڻ مٽجي چڪو آهي، فقط
ڪٿي ڪٿي نشان موجود آهن:
بسم الله ... ڪهـٰيـٰعص ... يرجعون
گبند تي اندران:
گنبد جي اندران چؤڌاري ڪناري تي هيٺيون ڪتبو
خداداد جي بياض ۾ منقول آهي:
بسم الله ... سبح اسم ربک ... صحف ابراهيم
و موسيٰ
.
قبر 2- ناهيد سلطان يا بيچہ سلطان 961هه:
هن قبر جو تاريخي ڪتبو گهڻي حد تائين مٽجي چڪو
آهي، محڪمه آثار قديمه وارن جي پڙهڻي هن ريت آهي:
مٿن کان:
هذه روضة الجناب الصالحہ العابده الواصلة
الي الله الملک المنان ناهيد سلطان بنت
امير خليل (عاشت)
پيرن کان:
في طاعتہ رب العالمين
في احدي و ستين و تسعمايته
.
آيات:
الله لا الٰہ الا هوالحي ... هو العلي العظيم
.
لا اڪراه في الدين ... والله سميع عليم
.
قل يا عبادي ... الغفور رحيم
.
صدق الله ... النبي الکريم.
قبر 3- شهر بانو 950هه:
قبر جي لوڙهه تي هيٺيون تاريخي ڪتبو گهڻيءَ حد
تائين مٽجي ويو آهي. لوڙهه پٿر جو آهي:
وفات يافت مستوره مغفوره شهر بانو في
سن (کذا) خمس و عشرين من شهر رمضان سنہ 950هه
آيات:
لا الله الا الله ... بسم الله ...
الله لا الٰہ الا هوالحي ... و هوالعلي العظيم
.
ربنا اغفرلي ... يوم يقوم الحساب
رب اغفر و ارحم و انت خيرالراحمين.
قبر 4- يادگار محمد 953هه:
هيءَ قبر ننڍي ٻار جي لڳي ٿي، بيتن مان يادگار
محمد نالو معلوم ٿئي ٿو:
نو بهرار آمد و گلهار همہ رستند ز خاک
تو هم از خاک بر آ اي گل خندان پدر
ريختي خون ِ دل از ديدهء گريان پدر
رحم بر جان پدر، بايدت اي جان پدر!
زير گل تنگدل اي غنچہ رعنا چوني
بي تو ما غرق خونيم، تو بي ما چوني
سلک جميعت ما، بي تو گسست است، ز هم
ماکه جمعيم چنينم ! و تو تنها چوني
پيرن کان:
هزار حيف و صد افسوس يادگار محمد
که جان سپرد به جانان و سوخت جان جهان
مٿن کان:
ز پير عقل چو تاريخ فوت طلبيدم
ز يادگار بهشتي
بجوئ !گفت روان
قبر. سلطان محمد بن امير حاجي بيگ مغل 963هه:
اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ مصلي اڳيان، پٿر جي ڪٽهڙي اندر
پٿر جي لوڙهه سان قبر آهي. سيرانديءَ کان ڊگهي پٿر
جي تخطيءَ تي هيءُ ڪتبو آهي:
الله. قال الله تعاليٰ:
کل شئ هالک ... واليہ ترجعون
کتبہ الفقير عبدالرحيم الصديقي.
قبر جي پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:
قد تو في الامير المرحوم سلطان
محمد بن امير حاجي بيگ مغل في يوم
الخميس سنہ ثلاث و ستين و تسعمائه.
لوڙهه جي مٿان ۽ ڪنارن تي:
شهدالله انہ لا ... هو العزيز الحکيم
.
الله لا الله الا هو الحي ... العلي العظيم
.
سلطان ابراهيم جي مذڪوره گورستان کي چؤڌاري
ديوار هئي ۽ اوڀر کان داخلي دروازو هو. ديوار ڊهي
وئي آهي دروازي وارو حصو قائم آهي.
ابراهيم،
ميرزا، ثاني. بن ميرزا ناصر. هي پنهنجي ڏاڏي
ميرزا عيسيٰ اول جي مقبري ۾ دفن آهي. سندس قبر
(3) جي ڪتبي تي 1047هه سال موجود آهي، قبر جي
پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:
لا الله الا الله محمد رسول الله.
ميرزائ زمانہ ابراهيم:
آن خليل الله از قنوت وجود
سال هجرش چو آمده بشمار:
چل و هفت از هزار افرزون باد
قبر جي پاسن کان آيات:
لا الٰہ الا الله ... بارک و سلم.
قال الله سبحان و تعاليٰ:
قل يا عبادي الذين اسرفو ... انہ غفور الرحيم.
آمن الرسول بما انزل ... القوم الکافرين.
بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.
ابو الفتح،
ميرزا، اول، بن ميرزا جاني بيگ.
ميرزا محمد باقيءَ جي قبرستان ۾ (نمبر 42)
دفن آهي. ڪتبي مان سال وفات 1001هه ظاهر ٿئي ٿو.
ميرزا جاني پاڻ غالباً هندوستان پهچي چڪو هو، پٽس
پٺيانس وفات ڪئي. ميرزا جانيءَ جو پنهنجو
مقبرو سندس پنهنجي وفات کان پوءِ غالباً ميرزا
غازي بيگ ٺهرايو. اهوئي سبب آهي جو انهيءَ کان اڳ
جا فوتي، ميرزا عيسيٰ اول ۽ ميرزا باقيءَ
جي گورستان ۾ دفنايل آهن. قبر تي پيرانديءَ کان
ڪتبو آهي:
وقد توصل الي
الملک
السبحان ابو الفتح
بن ميرزا جاني
بيگ ترخان تاريخ 1001هه
پاسن کان آيات:
قال الله تعاليٰ: ... کل من عليها فان ...
والاڪرام .
قل يا عبادي الذي ... هوالغفورالرحيم.
ان الذين آمنو و عملوا ... بعبادة ربہ احداً.
ان رحمت الله قريب من المحسنين. صدق الله.
قال الله تعاليٰ: ياايهاالذين آمنو استعينوا
بالصبر... هو الرحمٰن الرحيم.
صدق الله ... المختارالکريم. هوالکريم – يا غفار –
يا وهاب- يا ستار – يا رحيم.
ابو الفتح،
شاه قاسم خان بيگلار جي ڌيءَ مان هو. شاه قاسم جي
پٽ ابوالقاسم سلطان، ساڻس پنهنجي ڌيءَ منسوب ڪئي،
ليڪن شادي ڪانه ٿي جو ابوالفتح گذاري (1001هه)
ويو، جنهن بعد ساڳيو سنڱ، ميرزا غازي بيگ پاڻ لاءِ
ورتو.
ابو الفتح،
ميرزا ثاني. بن ميرزا ابراهيم بن ميرزا
ناصر بن ميرزا عيسيٰ اول. متوفي 1092هه. هن
جي قبر (نمبر 2) پنهني پڙ ڏاڏي ميرزا عيسيٰ
اول جي قبرستان ۾ آهي. جنهن تي ڪبتو آهي:
مہ کوکب ميرائ خورشيد علم
در عالم ِ جان شد بعيسي همدم
|