1_ سيد محمد حسين المعروف به شاهه مراد شيرازي
2_ سيد جمال. مزار گنبذ ۾ آهي (؟)
3_ شيخ عيسيٰ لنگوٽي. سيد محمد جمال (؟)
جي گنبذ
جي کٻي هٿ طرف شيخ جي درگاهه آهي. درگاهه جي
هيٺان ساموئيءَ جا باغ آهن ۽ تلاوَ. درگاهه وٽان
نظارو نهايت دلڪش آهي. مهيني جي 14 ۽ 20 تاريخ شيخ
جي مزار تي ميلو لڳي ٿو ۽ ماڻهو انهن باغن اندر
تفريح ۾ سڄا ڏينهن گذارن ٿا.
4_ شيخ حماد جمالي. گنبذ ۾ دفن آهي.
5_ جامع مسجد مڪلي.
6_ قاضي عبدالله. مسجد جي هڪ طرف (؟) قاضي عبدالله
جي مزار آهي. جتي هر خميس جي شام جو، استاد پنهنجي
شاگردن کي وٺي اچي دعائون گهرندا آهن، جيئن
شاگردن جو ذهن کلي ۽ علم ۾برک ٿين.
7_ ڄام نظام الدين. مسجد جي ٻئي طرف (اوڀر ۾) ڄام
نظام الدين جي رانڪ آهي. جنهن تي گنبذ ڪونه آهي.
8_ تلاءُ: ڄام جي مقبري جي هيٺان نهايت خوبصورت
تلاءُ آهي.
9_ شيخ جيئو. انهيءَ درگاهه تي هر هفتي سومر جي
رات جو ڪٽڪ ماڻهن جا زيارتي ايندا آهن. ۽ سڄي رات
اتي بسر ڪندا آهن. خاص طرح ماه پهرين سومر رات
نهايت عظيم الشان ميلو لڳندو آهي. پرڀات جو راڳ ۽
سماع شروع ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت شبِ برات تي پڻ
زبردست ميلو لڳي ٿو.
10_ پير آسات. مقبري تي 28 شعبان جو ميلو لڳندو
آهي.
11_ چشمو پير آسات. مقبري جي ڀر ۾ قدرتي چشمو آهي.
جنهن مان صاف پاڻي وهي ٿو ۽ مٿانس وڏو وڻ آهي.
(شايد اهو چشمو هن وقت عبدالله شاهه جي احاطي ۾
اچي ويو آهي.)
12_ تلاءُ پير آسات. ڏاڪڻ جي ڀر ۾ (؟) تلاءُ آهي،
جيڪو برسات ۾ ڀرجي بيهي ٿو.
13_ تلاءُ شيخ جيئو. شيخ جي درگاهه لڳ پڻ تلاءُ
آهي. برسات جي موسم ۾ جڏهن پير آسات واري تلاءُ جو
پاڻي اچي شيخ واري تلاءُ ۾ ملي ٿو، ان وقت ”ڪوثر
تسنيم“ جي آميزش ٿي پوندي آهي. شيخ جي تلاءُ مٿان
پل آهي، جتان برسات جي موسم ۾ اچ وڃ ٿئي ٿي.
14_ رانڪ خسرو خان. شيخ جئي واري تلاءَ مٿان خسرو
خان جي رانڪ آهي. اولهه کان کٻي ۽ سڄي منجهس
نشيمن آهن، جن جو منهن تلاءَ طرف آهي. (اها غالباً
اهائي رانڪ آهي، جنهن کي هن وقت ست چڙهڻ چيو وڃي
ٿو.)
15_ شاهه پريان. چؤديواريءَ اندر چند قبرون آهن.
عورتن جي اعتقاد مطابق اهي شاهه پرين جون قبرون
آهن. هر خميس تي انهن عورتن جو ميلو لڳي ٿو. (مير
قانع انهيءَ جاءِ جي تعريف ۾ وڏي مبالغي کان ڪم
ورتو آهي.)
16_ ميرزا عيسيٰ جي رانڪ. رانڪ جي دروازي اڳيان دو
رويہ دڪان آهن ۽ انهن جي آسپاس چشما آهن. (اهي
دوڪان هن وقت ڪونه آهن شايد دروازي کان جيڪو سڌو
چارو جان بابا جي مقبري طرف وڃي ٿو، اهي دڪان
انهيءَ جي ٻنهي طرفن کان هئا. هن وقت تازي کوٽائي
۾ پٿر جا بنياد نڪتا آهن.)
17_ چشمهء ناران سر. اهو چشمو ميرزا عيسيٰ جي رانڪ
جي ڀِڪَ ۾ آهي.
18_ ڀَراسَر تلاءُ. اهو تلاءُ ميرزا جي پاڙي ۾
آهي.
19_ معبدِ ڪالڪان. ٽڪريءَ جي دامن ۾ هندن جو معبد
آهي. انهيءَ کان وٺي شهر تائين نشيبي زمين آهي.
برسات ۾ جڏهن ڀرجي وڃي ٿي، ته شهر تائين ماڻهن جي
آمدرفت ٻيڙن جي ذريعي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو تفريح خاطر
انهيءَ زماني ۾ ٻيڙن ۾ چڙهي هيڏي هوڏي سير ڪن
ٿا.
20_ کير سر تلاءُ. ميرزا عيسيٰ جي رانڪ کان وٺي
انهيءَ تلاءَ تائين جي سر زمين سر سبز ۽ بخمل جهڙي
نرم آهي. عيد گاهه کان پهاڙيءَ جي دامن تائين پڻ
اها صورت آهي. ساوڪ سان گڏ وڻراه آهي.
21_ جلوه گاه امامين. جڏهن ماڻهو کير سر تلاءَ جو
سير ڪري رڄ ٿيندا آهن، ته وري هن طرف جلوه گاهه
امامين جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن. وضو کير سر جي
پاڻيءَ مان ڪندا آهن.
22_ ارض پاڪ مصلي (عيد گاهه ۽ کوه). جلوه گاهه
امامين کان ٿي ماڻهو سڌو ارض پاڪ مصليٰ ۾ ايندا
آهن. جنهن جي چؤڌاري ساوڪ جو فرش زمين تي وڇايل
آهي. ديوار جي ڀر ۾ محراب جي سامهون اونهون کوه
آهي، جنهن جي اندران وڻ ڦٽي سڌو مٿي هلي کوهه جي
مٿان ڇٽي ڪري بيٺو آهي.
23_ سيد محمد يوسف رضوي. ان کان پوءِ سيد محمد
يوسف جو مرقد آهي. جنهن جي صحن ۾ هڪ حوض آهي جيڪو
ڪنعان واري کوه کان اونهائيءَ ۾ وڌ آهي. انهيءَ
حوض جي ڪناري ڊگهو وڻ ڇانوهرو ڪيو بيٺو آهي. جنهن
جي چوٽي ثريا سان ڪلهو پئي هڻي ۽ ان جون پاڙون تحت
الثريٰ (پاتال) تائين پهتل آهي.
24_ سهسه لنگ تلاءُ. سيد جي مزار کان ٿي، جڏهن
ٽڪر کان هيٺ ٿيو ته بلڪل ٽڪر جي دامن ۾ سهسه لنگ
جي نالي سان تلاءُ آهي. (هن وقت انهيءَ کي بکر جي
ڍنڍ ڪري سڏين ٿا. ڏکڻ ۽ اوڀر طرفان آهي.)
25_ ميڪرا. انهيءَ ڍنڍ کي سر زمين ميڪرا سڏيو ويو
ٿي. اهو حصو نهايت خوبصورت ۽ روح پرور آهي.
26- پير شيخ عالي ميڪوا جي اولهه ۾ پير شيخ عاليءَ
جي درگاهه آهي.
27_ کنڊ سر کوه. انهيءَ درگاهه ۾ هڪ کوهه آهي جنهن
کي کنڊ سر چيو وڃي ٿو. پاڻي کنڊ جهڙو مٺو اٿس.
28_ غار. ميڪرا ڍنڍ وٽ درگاهه پيرعاليءَ جي اولهه
۾ جبل اندر ڪيترا غار آهن. جتي الله وارا اعتڪاف
ڪندا هئا.
(شايد انهن غارن مان هڪ ۾ شاهه جنيد عبادت ڪندو
هو.)
29_ هندن جي عبادت گاهه. اهڙيءَ ريت انهن ئي ڪنارن
جي قريب سنياسين ۽ جوڳين جا عبادتي آسٿان آهن. جتي
ڌوڻي هيون بڀوت مليون، ڪٿان ڪٿان جا آديسي دنيا کي
تياڳ ڏيو هر وقت رياضت ۾ رهندا هئا.
30_ پير غيب. ساڳيءَ پهاڙيءَ سان گڏ ليڪن ٿورو
پرڀرو هڪ جدا ٽڪري آهي. جنهن مٿان پير غيب جي مزار
آهي. زيارتين جو ميلو رهندو آهي. سالياني ميلي تي
سڄو شهر اچي پهچندو آهي. مينهن وسائڻ پير غيب جي
مشهور ڪرامتن مان هڪ آهي.
31_ طغرل آباد. (ڪلان ڪوٽ) مدتن کان ويران آهي.
برسات جي موسم ۾ خلق تفريح لاءِ اتي اچي پهچندي
آهي. ڊٺل قلعي جا آثار ۽ ڍير عمارتن جي سرن جا
ڊُنڍ موجود آهن. ڪيترا تلاوَ منجهس آهن، جيڪي پڻ
ويران آهن. (هڪ عظيم الشان مسجد آهي، جنهن جا ڊٺل
نشان ۽ ديوارون ان جي عظمت تي مرثيه خوان آهن.)
32_ اگهور تلاءُ. طغرل آباد يا تغلق آباد جي پهاڙن
هيٺان قلعي جي شمال کان اگهور تلاءُ آهي.
33_ ملا دائود درس. طغرل آباد کان ٻه ٽي ڪوهه پري
پهاڙ جي ساڳي شاخ تي ملا دائود درس جي درگاهه آهي.
ٽن ڏينهن تائين لڳو لڳ عجيب و غريب ميلو لڳندو
آهي. وڻراه اصل ڪا نه آهي صاف ميدان آهي، تنهن ڪري
ميلي جي وقت هرڪو تنبو ۽ چادرون تاڻي پنهنجي رهڻ
لاءِ لڪاڻو ٺاهيندو آهي. درگاهه ۾ مسجد آهي، جتان
جو هر رڪوع ملائڪن جي هزار سجدن جي قيمت لهي ٿو ۽
هر قيام قدسن جي اقامت برابر ٿئي ٿي. مسجد جي چئني
ديوارن سان بهترين آرام ده نشيمن آهن. جن جي
سامهون پهاڙن کان هيٺ نهايت صاف پاڻيءَ جا تلاوَ
آهن. چانڊوڪيءَ رات ۾ انهن نشيمن سان دلنشين نظارو
ڏسڻ ۾ ايندو، جيستائين نظر ڪم ڪندي اوستائين
چانڊاڻ هوندي، جيڪا روح کي تراوت بخشي ٿي. هر خميس
جي شام جو (جمعرات) ميلو لڳندو آهي. خاص طرح ماه
پهرين خميس وارو اجتماع ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو. ساليانو
ميلو ربيع الاول جي 11_12 تاريخ تي لڳندو آهي.
مڪلي نامه.
مان شاعرانه مبالغي ۽ رنگين طول ڪلام کي ڇڏي، باقي
ڪم جو احوال مٿين ريت ملي ٿو. 1174هه ۾ مڪلي نامه
لکيو ويو. اڄ انهيءَ مذڪور مٿان ٻن سون ورهن کان
ارڙهن سال وڌيڪ گذري چڪا آهن. ظاهر آهي ته جنهن
صورت حال جو مير قانع نقشو چٽيو آهي. سو ايڏي طويل
عرصي اندر تبديل ٿي چڪو آهي. درگاهون ويران، ميلا
ملاکڙا ختم، سبزو ۽ ساوڪ پامال، انهيءَ سموري سر
زمين تي گهڻي ويراني ۽ اداسي ڇانيل آهي.
* * *
مٿي ڄاڻايل آثارن سان، پهرين ايڊيشن ۾، ڪيترن تي،
انهن کي نه ڏسڻ سبب راقم حاشيا ڪونه لکي سگهيو هو،
موجوده ايڊيشن ۾ لکيل حاشين ۾ مواد جي غير معمولي
اضافي کان علاوه شيخ عالي، سيد يوسف ۽ شاهه پريان
متعلق نوان حاشيا ڏنل آهن، ليڪن هن دفعي اڃا به
ڪيئي آثار حاشين لکڻ کان رهجي ويا. باوجود هر ممڪن
ڪوشش جي به راقم انهن کي ڏسي ڪونه سگهيو، تنهن ڪري
نه جاءِ وقوع جو ڏس پتو پيو نه صورت حال جو مشاهدو
ٿي سگهيو، تنهن ڪري مجبوراً هيٺين آثارن کي وري
ٻئي ڪنهن وقت لاءِ رکيو ويو.
1_ ارض پاک مصلي
2_ چاهه محاذي محراب عيد گاهه
3_ غار هاي جبل مشرق رويه زمين ميکرا
4_ پير غيب
5_ تالاب اگهور (نزديڪ طغرلباد)
6_ ملا دائود درس، مسجد و تالاب
هيٺيان آثار اسان متعين ڪري ڪونه سگهيا آهيون ليڪن
موجوده ايڊيشن ۾ انهن متعلق جيڪي مواد مليو آهي
سو ڏنو اٿئون.
1_ چشمهء ناران سر
2_ چشمهء ڀراسر
3_ چشمهء کير سر
4_ تالاب سهسہ لنگ
5_ معبد هندوان (؟)
*
مڪلي نامه جو متن راقم
الحروف مختصر حاشين سان، پهريون دفعو 1956ع ۾،
سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جي ٻن اشاعتن (3_4)
۾ شايع ڪيو هو. ڪتاب جي افاديت کي نظر ۾ رکندي،
سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ ان جي ٻئي ڇاپي جو
فيصلو ڪيو، جنهن جي تعميل ۾ موجوده ايڊيشن تيار
ڪيو ويو آهي.
هن ايڊيشن جو متن 1959ع ۾ ڇپجي چڪو هو، ليڪن حاشين
جي تڪميل ۾ ڀريا 9 سال لڳي ويا. راقم الحروف
ابتدائي ٽن ورهن کان سواءِ، جيڪي بيماريءَ ۾
گذريا، باقي سڄو عرصو مواد گڏ ڪرڻ ۽ حاشين لکڻ ۾
گذاريو آهي. مختلف مشغولين يڪ ساهيءَ لکڻ ڪونه
ڏنو، جنهن ڪري موجوده ڪتاب ۾ آندل سوا ست سو صفحا،
ننڍن وڏن وقتن سان، گهڻو ڪري سفر جي دوران، ملڪ جي
مختلف شهرن ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر، ريلن ۽ هوائي جهازن
۾ لکيا ويا آهن.
آئون سمجهان ٿو ته لکڻ جي انهيءَ بي ربطيءَ سببان
مضمونن ۾ ڪٿي تشنگي هوندي. ڪٿي ربط نه هوندو ۽ ڪٿي
ڪٿي ضرور واقعن ۽ ڳالهين جو تڪرار به ٿي ويو
هوندو. انهيءَ هوندي به مون، وس آهر، اهائي ڪوشش
ڪئي آهي ته هر مضمون کي ممڪن حد تائين ڪوتاهين کان
پاڪ ۽ خامين کان خالي رکان، تاهم دعويٰ نه آهي،
پڙهندڙن کان خطائن تي چشم پوشيءَ ۽ مشوري جو
طلبگار آهيان. خاص طرح متن ۾ ٿيل غلطين لاءِ اصلاح
جو ملتجي ۽ منتظر آهيان. متن منهنجي غير حاضريءَ
۾، هڪ اهڙي ڇاپخاني مان ڇپايو ويو، جيڪو صحيح
معنيٰ ۾ ڇاپخانو هوئي ڪونه. نه فقط ڪمپوزنگ خراب ۽
ڇپائي ردي آهي، ليڪن ان ۾ ڪيئي غلطيون رهجي ويون
آهن، جنهن لاءِ راقم کي سخت شرمندگي ۽ نداست آهي.
حاشين جي ڇپائي، وفائي پريس ۾ ٿي آهي، وس آهر هر
ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي ته نه فقط ڪپوزنگ جي بيهڪ
ٺيڪ هجي، بلڪ عبارت ۾ڪا به غلطي نه رهي، انهيءَ
سلسلي ۾ آئون وفائي پريس جي مالڪ عزيزم علي نواز
وفائي ۽ پئرس جي مهتمم ميان عبدالرحيم صاحب جو
بيحد شڪرگذار آهيان، ٻنهي دوستن ذاتي زحمت ورتي
آهي ۽ دستوري سهولتن کان وڌيڪ سهولتون مون کي
ڏنيون اٿن. بعض پروف پنج دفعا به پڙهڻا پيا آهن ۽
ڪمپوز ڊاهي ڪي صفحا نئين سر ڪمپوز ڪيا ويا آهن.
يقين اٿم ته هن ڪتاب مان پئريس کي ڪابه ڪمائي ڪانه
ٿي آهي ۽ اهو احسان يقيناً شڪرئي جي رسمي رسم کان
تمام مٿي آهي.
مواد کي گڏ ڪرڻ ۾ مون پنهنجي وس ۽ وت آهر ڏاڍو
پاڻ پتوڙيو آهي، پڙهندڙن چڱيءَ پر ان جو اندازو
ڪري سگهندا. سنڌ جي تاريخ جو ڪافي ذخيرو هنن صفحن
۾ گڏ ڪيو ويو آهي، ديبل ۽ ٺٽي جي تاريخ _ سمن جو
نسب نامو ۽ ان تي نوٽ _ گجراتي سلطانن سان سنڌ جي
سمن جون مائٽيون_ عيسيٰ ترخان ثاني جو احوال _ نسب
نامو
دارا شڪوه جي سنڌ ۾ آمد _ ترخانن جا مقبرا ۽ انهن
جا نقشا ۽ ڪتبا _ ارغوني ۽ ترخاني دؤر جي اهم
ماڻهن جي قبرن جو احوال ۽ ڪتاب_ اهي سڀ، اهي مضمون
آهن، جن تي اڳ ڪڏهن انهيءَ تفصيل ۽ گهرائيءَ سان
لکيو ڪونه ويو آهي. يقين آهي، ته سنڌ جي تاريخ سان
تعلق رکڻ وارن لاءِ اهي حقيقتون ڪمائتيون ٿينديون.
سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه
لاتو آهي، اڙيا ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون
آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن
جاکوڙ ڪا نه ڪئي آهي. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً
هڪ اهو به آهي، جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي، ڪتابن
۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ڪتابن جو
مسئلو به ڪو آسان ڪم ڪونه آهي. سواءِ چند
متداول
ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو عام ۽ انهيءَ تائين
پهچ هر ڪنهن جي وس ۽ وت ۾ ڪا نه آهي. قبرستانن
تائين پهچڻ انهن جي ڪتبن کي تاريخ جي لکڻ ۾ ڪتب
آڻڻ_ سنڌ اندر_ ڪو دستوري ۽ مروج طريقو ڪونه آهي.
سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن
زير زمين دفينا کلن تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش
۽ تحقيق ٿئي، سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل
ڪتاب گڏ ڪجن، سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ
متعلق جيڪو مواد آهي، تنهنجي وڏي پيماني تي تلاش
ڪري ان کي يڪجاءِ ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به
پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ
لکڻ، ڪو آسان ڪم يا مسئلو، مسئلو نه آهي. مخصوصاً
سنڌي قوم، جنهن جا اصول عادتون ۽ اطوار، جنهن جو
نقطئه نظر ۽ مسائلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽
غير معمولي هجن، تنهنجي فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو
تجزيو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏي جاکوڙ
۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه
ڪئي آهي، سنڌ جي مفصل ۽ مستند تاريخ جي طلب ڪرڻ،
آئون ڀانيان ٿو، زيادتي آهي. پهريون ضرورت اهي
مواد ڪٺي ڪرڻ جي. هي وقت آهي جڏهن اسان کي،
انفرادي طرح نه، بلڪه اجتماعي قوت سان ۽ قومي
تحريڪ جن جزبي سان مواد ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ
لاءِ پهريون اسباب گڏ ڪرڻو پوندو آهي، اوساريءَ کي
اوسارڻ پوءِ جو ڪم آهي.
تاريخ جي بنيادي ڪتابن کي سڀ کان پهريون شايع ڪرڻ
متعلق جيڪي مون ڪوششون ڪيون آهن، انهيءَ جو به خاص
سبب اهو آهي. ڪتابن تي مون جيڪي مقدما ۽ حاشيا پي
لکيا آهن، انهن جو مقصد به ساڳيو ئي آهي. چنانچه
مڪلي نامه ۾ آندل مواد پڻ، مٿين اصول ۽ نقطئه
نگاهه کي مدنظر رکي ڪٺو ڪيو ويو آهي ۽ هن ڪتاب کي
به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي سمجهڻ گهرجي.
هي وقت آهي، جڏهن اسان مواد فراهم ڪريون. تاريخ
جيڪڏهن آئون نه لکي سگهيس ته اڳتي هلي ڪو ٻيو
لکندو. بهر حال جيسين مواد ۽ مسالو نه هوندو،
تيسين لکبو ڇاتي ۽ لکبو ڇا؟
مڪليءَ جي قبرستان ۾ درحقيقت اسان جي تاريخ جو
ايڏو اڻ کٽ خزانو مدفون آهي، جو سالن جا سال
تحقيق ۽ تجسس ڪجي. تڏهن به اها مهم مهائتي ڪانه
ٿيندي. بلڪه شڪ نه آهي ته، ڪن حالتن ۾ ڪاميابي
ناممڪن ٿي پوي. بهرحال جيئن جيئن سنڌ ۾ پنهنجي
اباڻي ۽ ملڪي تاريخ جي چاڻ جو چاه ويندو وڌندو،
تيئن تيئن مڪلي ۽ مڪليءَ جا مقابر ۽ ڪردار پيا هر
هر بحث هيٺ ايندا_ اهو نه هڪ وقت جو ڪم آهي ۽ نه
هڪ موقعي جو معاملو آهي.
آخر ۾ انهن سڀني دوستن جو، جن هن علمي ڪم ۾ منهنجو
ساٿ ڏنو آهي، شڪريو بجا آڻڻ اولين فريضو سمجهان
ٿو. مشهور سنڌ دوست جرمن خاتون انمري شميل جا لکين
احسان آهن، جيڪي ڪنهن پر لاهڻ جوڳا نه آهن.
درحقيقت ۽ سندس ئي باربار تاڪيد ۽ همت افزائي توڙ
تائين مون کي ٿڪجڻ نه ڏنو.
عزيزام محمد ابراهيم جوئي ۽ غلام ربانيءَ جو پڻ
ٿورائتو آهيان، جن سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪنن جي
حيثيت کان علاوه ذاتي طرح به منهنجون وڏيون مددون
ڪيون. اهڙيءَ طرح مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي،
عزيزام، علي نواز وفائي ۽ محڪمه آثار قديمه مان
دوست عزيز محمد ادريس صديقيءَ، ڊاڪٽر عبدالغفور،
جناب بيگ صاحب (لائبريرين) ۽ مجيد صاحب (اور سير
مڪلي) جو احسانمند آهيان، جن مختلف صورتن ۾ مون کي
سرهون منت ڪيو آهي. خدا عزوجل انهن مڙني دوستن کي
سلامت شاد ۽ آباد رکي. آمين!
ڪراچي حسام الدين راشدي
7 جولاءِ 1966ع)
|