”- عرضداشت- کمترين خانه زادان فدوي محمد صالح
آداب ِ بندگي و تسليمات بجا آور ده، ناهيہ عزت
بدرگاه سلاطين سجد گاه سوده، بموقف عرض ايستاده
هاي پايہ سرير ِ خلافت مصير عرش نظير سليماني
ميرساند که: بادشاه دين و دنيا پناه سلامت! اين
فدوي چون بسرحد ِ سرکار بکهر رسيد، قيصر نام
زميندار سيوستان آمده و همچنين منزل بمنزل اکثر
زمينداران – که پيش ازين، راه تمرد مي پيمودند –
حلقہ اطاعت و انقياد درگاه خواقين پناه بگوش ِ هوش
کشيده رجوع آوردند.
امروز يکشنبہ سيوم محرم الحرام 1067هه در ظاهر
قبصهء سيوستان آمده منزل نموده، و مير ابوالمعالي
از قلعه برآمد روانهء عتبہ بوسي شده سينه گرديد -
انشاءَ الله تعاليٰ بساعت مختار که هفتم شهر مذکور
(محرم) باشد، اين فدوي داخل قلعه ميشود.
الحمدالله و المنة که مفسدان دست ِ تمرد و قطاع
الطريقي کوتاه ساخة، در استغفار جرايم ماضيہ
ميکوشند، و مترددين از سوداگر وغيره – که درعمل
فوجداران ِ سابق، بي بدرقہ عبور ِ آنها، ازين سر
زمين معتذر بود، بل باوجود بدرقہ، در خوف و رجا
ميبودند – درين ولا بيمن ِ اقبال ابد اتصال ِ
شاهنشاهي از مخاطرهء راه، جمعيت ِ خاطر حاصل
نموده، و بشکر اين عطيہ عظميٰ و موهبت کبريٰ
خاقاني، بدست دعا بر افراشة، از حضرت مجيب
الدعوات، دوام ِ دولت ِ ابد مدت مسئلت مي نمايند.
اميدوار است که در اندک روز، باقبال ِ لايزال
والا، اين کل زمين از لوث ِ وجود کوتہ انديشان پاک
سازد.
سايہ آفتاب عالم تاب، بر مفارق خانہ زادان فدوي –
تا انقراض ِ عالم – تاپنده و پاينده باد!-
مٿيون عريضو نهايت اهم ۽ قيمتي آهي. شاهجهاني
دؤر ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل صورتحال جا، ڪي تمام اهم
۽ تاريخي پهلو منجهائس معلوم ٿين ٿا. مثلاً:
الف: محمد صالح جي پهچڻ کان اڳ صورتحال
خراب ٿي چڪو هو. عوام جو حڪومت سان بلڪل اتفاق
ڪونه هو. انهيءَ نااتفاقيءَ سبب ملڪ ۾ امن امان جي
حالت ڏاڍي زبون هئي.
ب:- جن کي – قطاع الطريق ۽ مترددين – بيان ڪيو ويو
آهي، سي در حقيقت مغلن جي خلاف گوريلا جنگ لڙي
رهيا هئا. حڪومت جي ناڪاميءَ ۽ غير مقبوليت کي
ڇُپائڻ لاءِ محمد صالح عريضيءَ ۾، دستوري طرح
سرڪاري اصطلاح جي آڙ ورتي آهي.
ج:- بدنظميءَ ۽ امن امان جي فقدان جو هي حال ٿي
چڪو هو، جو سڀئي رستا غيرمحفوظ هئا، سوداگر هڪ
هنڌان ٻئي هنڌ وڃي ڪونه ٿي سگهيا، سندن نه مال
سلامت هو ۽ نه جان محفوظ ٿي رهي. – ڀائنجي ٿو ته
اهي سوداگر ۽ واپاري غير ملڪي هئا. جيڪي مغل
گورنرن جي پشت پناهيءَ سبب سنڌ ۾ پهتا ٿي، ملڪ ۽
ملڪي ماڻهن جي سموريءَ دولت کي ٻاهر ڍوئي نفعا
ڪمائي رهيا هئا. اهو ئي ڪارڻ جو سنڌين ۽ سندن وچ ۾
نفاق جي هڪ وڏي خليج حائل هئي. ملڪ جا ماڻهو بکيا
هئا، ملڪ جي سموري دولت چند غيرملڪين جي هٿ ۾ اچي
چڪي هئي، انهيءَ ڪري جڏهن به ملڪ جي ماڻهن کي وارو
۽ وجهه لڳو ٿي ته، هنن انتقامي ڪارروائي ڪندي دريغ
ڪونه ٿي ڪيو.
د:- نه فقط ابوالمعاليءَ جي دؤر ۾ اها
صورتحال هئي، بلڪه ان کان اڳ به جيڪي فوجدار رهي
چڪا هئا، انهن جي زماني کان وٺي، نفاق، اختلاف ۽
برهميءَ جو سلسلو چالو هو.
هه:- سنڌ جو زميندار – جهڙيءَ طرح هن صديءَ ۾ آهي
– انهيءَ زماني ۾ پڻ ساڳي مزاج جو هو، اڀرندڙ سج
جو سلامي، ڪردار ۽ عمل ۾ اخلاقي فقدان، فقط ذاتي
فائدو پيش نظر، نه ماڻهن جي ڀلائي مطلوب ۽ نه ملڪ
جي بهبودي سامهون – محمد صالح جي آمد جو
ٻڌي، سيوهڻ جو زميندار قيصر بکر تائين پيشوائيءَ
لاءِ پهتو، واٽ تي ٻيا زميندار پڻ حاضر ٿيندا
رهيا. شايد اهي وچ تي – ابوالمعالي جي دؤر ۾ -
حڪومت پرستيءَ جي رستي تان ڪي قدر هٽي چڪا هئا،
نئون فوجدار ايندو ڏسي، وري وڃي سرڪار ڀيڙو ٿيا.
و:- محمد صالح 3 تاريخ محرم 1067هه جو
سيوهڻ شهر ۾ داخل ٿيو. ساڳئي ڏينهن ابوالمعالي
قلعو خالي ڪري شهر مان نڪري، هندوستان راهي ٿيو.
ز:- محمد صالح پهچڻ سان 3 تاريخ تي، مٿين
عريضي جي ذريعي شاهي دربار ۾ پنهنجي پهچ جو اطلاع
ڏنو.
ح:- قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ ستين محرم مقرر ڪئي
وئي، جنهن جو اطلاع پڻ عريضيءَ ۾ درج ڪيو ويو.
ط:- خط ۾ محمد صالح شاهي دربار کي يقين
ڏياريو آهي ته: سڀني ”مفسدان“ ”قطاع الطريقيءَ“
کان توبه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪيل گناهن تي پشيمان
آهن. رستن جي آمد و رفت جي چالو ٿيڻ جو به اطلاع
درج آهي، محمد صالح اهو پڻ لکيو آهي ته:
هاڻي هر اهو ماڻهو – جنهن کي رستي جو خطرو هو –
پاڻ کي محفوظ سمجهي، شاهي اقبال جي سربلنديءَ لاءِ
دست بدعا آهي.
”__ جيڪڏهن انهن اطلاعن کي مبالغو تصور نه ڪجي، ته
پوءِ اعتماد ڪرڻ ۾ ذرا ڏکيائي ٿيندي. محمد صالح
اڃا قلعي ۾ داخل به ڪونه ٿيو آهي، ملڪ جو جائزو پڻ
ڪونه ورتو اٿائين، فقط بکر کان سيوهڻ تائين
پهچندي، اها ڪهڙي جادوءَ جي لڪڙي هئي، جنهن جي
ذريعي هن، چند ڏينهن اندر مدت جي برباد ٿيل انتظام
کي درست ۽ حڪومت جي زبون ٿيل وقار کي وري سر بلند
ڪري ڇڏيو؟.
بهرحال، مظهر شاهجهانيءَ جي تاليف وقت (1040هه)
جيڪو سنڌ جو صورتحال هو، سو ستاويهن سالن بعد به –
هن خط مان معلوم ٿئي ٿو ته – ساڳي طرح قائم هو –
اها ئي انتظام جي خرابي، ساڳي طرح عملدارن جي
نااهليت ۽ ناڪامي، اهو ئي حڪومت جي خلاف نفرت ۽
حقارت جو جذبو ۽ اهو ئي فاتح ۽ مفتوح جي وچ ۾
احساس برتري ۽ ڪمتري – تنهن ڪري نفرت ڪشيدگي ۽ عدم
تعاون.
الغرض اهڙي صورت حال جي موجودگيءَ ۾ محمد صالح
ترخان گجرات مان هلي اچي سيوهڻ جي فوجداريءَ
تي پهتو. اهو صورتحال غير معمولي ڪونه هو، بلڪه
اهو ئي دستوري صورت حال هو، جيڪو کانئس اڳ به
موجود هو ۽ کانئس پوءِ به قائم رهيو ۽ اوستائين
برابر رهيو، جيسين ڪه مغلن جو تسلط سنڌ منجهان ختم
نه ٿيو.
محمد صالح
کي اصلاح حالات جي فرصت به ڪانه ملي هوندي، ڇاڪاڻ
ته، سندس پهچڻ کان پوءِ ستت ئي شاهجهان ۽
سندس پٽن جي مابين اختلاف ۽ ان بعد فساد شروع ٿيو،
جنهن ٿوري وقت اندر مغل حڪومت جون مرڳوئي پاڙون
کوکليون ڪري ڇڏيون.
شاهجهان جو زوال، 1068هه:
شاهجهان جي پٽن ۾ سالن کان نفاق هلندو ٿي آيو،
دارا شڪوه وليعهد ۽ شاهجهان جو پيارو پٽ هو،
عالمگير سندس خلاف هو. اختلاف جو سبب تخت ۽
تاج هو، باقي ڀائر ۽ ڀينرون ڪجهه دارا شڪوه
سان ۽ ڪجهه عالمگير جا همدرد هئا. اهو
صورتحال جنهن وقت شدت اختيار ڪري چڪو هو، عين ان
وقت (1067هه) شاهجهان پاڻ بيمار ٿي پيو.
شاهزادن جي وچ ۾ تخت و تاج جي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا
ڪشمڪش هلندي ٿي آئي، تنهن بادشاه جي بيماريءَ سبب،
يڪلخت نازڪ صورت اختيار ڪئي.
محمد صالح
اڃان شايد ٺهي ٺڪي ويٺو ئي مس ته، مرڪز ۾ اها
داروگير شروع ٿي. هر شاهي ملازم جو توجهه مقامي
حالات کان هٽي مرڪز جي انهيءَ هنگامي طرف ٿي ويو.
هر هڪ جو ائندو انهيءَ هنگامي جي نتيجن سان وابستہ
هو، ظاهر آهي ته محمد صالح ترخان لاءِ به
سواءِ هن جي ٻيو ڪو چارو ڪونه هو ته هو پڻ سيوهڻ ۾
ويهي، انهيءَ ڊرامي جي انجام جو انتظار ڪري.
عالمگيري جي دؤر جو آغاز، رمضان 1068هه:
1067هه ۾ انهيءَ ڪشمڪش ۽ داروگير جو آغاز ٿيو ۽
1068هه تائين برابر فساد ۽ ڪشت و خون جو سلسلو
جاري رهيو. بلاخر – رمضان 1068هه ۾ اورنگ زيب
پيءُ کي بيماريءَ جي بستري تان اٿاري بندي خاني ۾
وجهي – پهرين تاريخ ذيقعد جو پنهنجي بادشاهت جو
اعلان ڪيو ۽ تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو.
دارا شڪوه سنڌ ۾، 1068هه:
عالمگير جي هٿان دارا شڪوه پهرين
شڪست 7 رمضان (1068هه) جو آگري ۽ دولپور جي وچ تي
ساموڳڙهه (فتح آباد)
وٽ کاڌي، جنهن کان پوءِ هو آگرو ڇڏي دهليءَ کان
ٿيندو پنجاب ۾ پهتو. عالمگير پنجاب تائين
سندس پٺيان آيو ۽ جڏهن دارا شڪوه سنڌ ڏانهن رخ
رکيو، ان وقت صف شڪن خان کي لشڪر سميت سندس پٺيان
راهي ڪري، پاڻ دارالسطنت طرف موٽي ويو.
دارا
اڳ ۾ ۽ پٺيان صف شڪن خان جي سرڪردگيءَ هيٺ
شاهي لشڪر. دارا اڃا سيوهڻ تائين نه پهتو هو جو صف
شڪن خان به بقول صاحب عالمگير نامه
3 صفر 1069هه جو اچي روهڙيءَ وٽ منزل انداز ٿيو.
صف شڪن خان
ٻئي ڏينهن، چوٿين صفر جو روهڙيءَ بکر ۽ سکر تي
هيٺين طرح نوان عملدار مقرر ڪيا:
بکر – آغر خان (امام قلي) کي فوجدار ڪري
کيس ساڍا ٽي سو سوار حفاظت لاءِ ڏنا ويا.
روهڙي:- محمد علي بيگ
جماعدار کي روهڙيءَ جي ڪوٽواري ڏني وئي ۽ ٻه سو
سوار برق انداز ۽ ٽي سو پيادا بندوقچي سندس حوالي
ڪيا ويا.
سکر: قوج علي بيگ سکر تي مقرر ٿيو. وٽس پنج سو برق
انداز ۽ ٽي سو پيادا بندوقچي پنجن توپن سميت ڇڏيا
ويا.
انهن عملدارن کي تاڪيد ڪيو ويو ته هو بکر جي قلعي
جو محاصرو ڪري منجهس رهندڙن جو عرصهء حيات چڱي طرح
تنگ ڪن.
”- از مداخل و مخارج قلعه باخبر باشد و حتي
المقدور تا معاودت لشڪر منصور، به توپ و تفنگ شعله
افروز نيران جنگ بوده، کار بر متحصنان تنگ نمايد-“
اهي بندوبست رکي صف شڪن بکر مان پنجين
تاريخ نڪتو ۽ منزلون طي ڪري، هلندڙ مهيني جي 12
تاريخ سيوهڻ کان تيرهن ڪوهن جي فاصلي تي پهچي،
منزل انداز ٿيو.
سيوهڻ:
ان وقت سيوهڻ جو فوجدار محمد صالح ترخان
هو. دارا شڪوه متعلق، عين انهيءَ وقت کيس
معلوم ٿيو ته سيوهڻ طرف اچي رهيو آهي، جنهن وقت،
صف شڪن تيرهن ڪوهن تي منزل انداز هو.
محمد صالح ڏانهنس نياپو موڪليو ته: شهزادو
پنجن ڪوهن تي اچي پهتو آهي، تنهن ڪري کيس انهيءَ
کان اڳ، سيوهڻ طرف رخ رکڻ کپي، جيئن شهزادي جي
خزاني جون ٻيڙيون جيڪي رستي ۾ آهن، انهن تي اچي
قبضو ڪري.
”- نوشة محمد صالح ترخانه فوجدار و قلعدار آنجها
رسد که: دارا بي شڪوه
به پنج کروهي قلعه رشيده، بايد که شما (صف شڪن)
خود را زود رسانيده کشتيهائ خزانه و اموال و اشيائ
اورا، که از عقب مي اَيد، درکنار دريا سد راه
شويد-“
صف شڪن
پنهنجي عزيز محمد معصوم کي ضروري سپاهه ۽
سامان سميت اڳ ۾ روانو ڪيو، جيئن هو، قلعي جي
نزديڪ – جتي درياءُ جي ويڪر سوڙهي هجي – پهچي،
دارا جي ٻيڙين جو اڳ جهلي بيهي. پاڻ به
راتورات ٻارهن ڪوه ڪري صبح جو ساجهر قلعي کان هڪ
کوه جي فاصلي تي اچي پهتو.
شهزادي، ٻيڙين کي خبر پئجي وئي، جنهن ڪري هنن
پنهنجو رخ موڙي ٻئي طرف ڪيو. صف شڪن وٽ
ايتريون ٻيڙيون ڪونه هيون جن جي ذريعي هو مقابل ٿي
روڪي سگهي. هُن محمد صالح ڏانهن پيغام
موڪليو ته: سيوهڻ مان ڏانهس ٻيڙيون موڪلي ۽ پاڻ به
فوج سميت قلعو ڇڏي مقابلي لاءِ پهچي:
”- پيغام نمود که: ازان طرف کشتي بفرستد و خود نيز
با سپاه و تابينان خويش، از قلع بر آيد و عقبہ صعب
دشوار گذاري، که نزديک بسيوستان واقع شده – و عبور
دارا بي شکوه ازان ميشد – گرفته، تا رسيدن جيش
منصور، حتي المقدور در مراتب ِ ممانعت، کوشش بکار
برد. باهل قلعه تاکيد نمايد که: هرگاه مخالفان
کشتيها را از جاي خود حرکت داده، خواهند که از پاي
قلعه بگذرانند، از قلعہ ابواب انداختن توب و تفنگ
مفتوح داشة شرايط ممانعت بتقديم رسانند-،
محمد صالح جو زوال- صفر 1069هه:
انهيءَ پيغام کان پوءِ محمد صالح ترخان جي
زوال جي ابتدا ٿي. محمد ڪاظم کيس ”بي جوهر“
۽ ”فرو مايہ“ سڏيندي لکيو آهي ته: پيغام پهچڻ بعد
هن ڏاڍي بزدلي ڏيکاري ۽ جواب ڏياري موڪليائين ته:
جيڪڏهن ٻيڙو موڪليندس ته دارا جا ماڻهو – جيڪي دڳ
جهليون ويٺا آهن – ٻيڙي کي جهلي وجهندا، تنهن ڪري
ايڏي همت ڪانه اٿم جو شاهي لشڪر جي امداد کان
سواءِ دارا جو مقابلو ڪري سگهان.
”- محمد صالح از بي جوهري و فرو مايہ همتي، توفيق
دخمتي بسزا نيافة، پيغام داد که: ... مرا بي امداد
عساکر بادشاهي، قدرت ِ گرفتن سرکتل و تاب مقاومت و
مصادمت جنود مخالف نيست، و چون ازين کنار عمق ِ آب
بمتربہ کم است که عبور کشتي امکان ندارد و
بالضرورت عبور کشتيها ازان کنار خواهد شد، ازان
طرف در مراتب ممانعت بايد کوشيد “
محمد صالح
جو اهو پيغام، سندس زوال جو سبب بڻجي پيو. صف
شڪن خان انهيءَ تي اعتماد رکي ته: واقعي
پرينءَ ڀر کان پاڻي پير ٻوڙ آهي تنهن ڪري دارا
جون ٻيڙيون ضرور بقول محمد صالح وٽانس
لنگهنديون، ڀر جهلي ويهي رهيو، ليڪن ڪجهه وقت کان
پوءِ ظاهر ٿيو ته دارا شڪوه جو ٻيڙو پرئين
ڀر ڏيو اڳتي هليو ويو. صف شڪن خان
جو انتظار ۽ اهتمام سڄو اجايو ويو. صف
شڪن خان پٺيان گهڻي ڪوشش ڪئي، ليڪن فاصلي ۽
وٿيءَ سبب ڪجهه ڪري نه سگهيو. محمد ڪاظم
لکي ٿو ته: سواءِ ٻه ڪشتين جي، شاهي لشڪر کي ٻيو
ڪجهه به هٿ ڪونه آهي، جن مان هڪ ڀڳل هئي ۽ ٻي گپ ۾
گتل – سڄو ٻيڙو ۽ لشڪر قلعي وٽان بي روڪ ٽوڪ
لنگهيو هليو ويو.
”- ديگر مجموع آنها بي ممانعتي از طرف قلہ عبور
کرده، از آن ورطہ تهلکه و بيم گذشت، و اين قسم
منصوبهء فتحي، بکج بازي محمد صالح باطل گشت-“
محمد صالح
جي انهيءَ ڪوتاهيءَ تي – جيڪا عمدن کانئس ٿي هئي
يا حالتن جي صورت حال جو نتيجو هئي-
محمد ڪاظم
جيڪا طويل عبارت لکي آهي، ان مان اندازو ٿي سگهي
ٿو ته شاهي ڪامورن ۾ ان وقت، محمد صالح جي
خلاف ڪيڏو نه اشتعال پيدا ٿيل هو. مؤلف لکي ٿو ته:
محمد صالح لالچ ۽ طمع ۾ اچي شاهي لشڪر سان
اها ڌوڪيبازي ڪئي:
”- آن بي بهرهء جوهر ِ دانش و تهي دست سرمايہ
سعادت را، افسون ِ وسوسهائ طمع و اميد فريفة، و
خيالات باطل مردم فريب پردهء بينش گشتہ، ديدهء
ناعاقبت بين، از شرائط دولتخواهي و خدمت گذاري
پوشيد، و مدار کار برسامحہ و تساهل نهاده، از که
باندک حُسن سعي و جوهر همتي، مصدر خدمتي نمايان
ميتوانست شد – سر رشتہ صلاح انديشي و خير سگالي از
کف داده، باداي حقوق ِ عبوديت و نيکو خدمتي و
احراز قصب السبق ارادت و هوا خواهي _ که در گرو
اتفاق اين قسم اوقات و رهن انتها ز اين چنين
فرصتها ميباشد – موافق نگشت.- و الا اگر بدلالت ِ
بخت و ياوري، سعادت کمر ِ همت بر ميان دولت خواهي
بستہ سر کتل را ميگرفت. چنانچه صف شڪن خان ازين
طرف تهيہ اسباب ممانعت نموده بود، او نيز از آن
ابواب مدافعت بر روي مخالفان ميکشود، نه دارا بي
شکوه باطل پزوه با لشکر ازان عقبہ صعب ميتوانست
گذشت و نه کشتيهاي آن غريق بحر ادبار را، عبور از
پاي قلعه باَساني ميسر ميگشت. و عنقريب زبدهء
نوئينان اخلاص کيش شيخ مير، با جنود اقبال و عسا
کر دشمن مآل از پي رسيده، آن سر گشتہ تيه نکال را
باتماميء اشيا و اموال بدست مياورد. و همدران زودي
ساحت ملک و دولت از غبار ِ فساد ِ او، پيرايش
مييافت“
صف شڪن خان
عالمگير وٽ محمد صالح جي خلاف جيڪا
رپورٽ پيش ڪئي، ان جو ماحصل محمد ڪاظم جي
مٿين بيان کي سمجهڻ گهرجي. شاهي ڪارڪنن جو خيال هو
ته:
الف: محمد صالح کي دارا جي طرفان لالچ مليل
هئي، جنهن جي بناءَ تي هن ڄاڻي واڻي اهو غلط پيغام
موڪلي، صفن شڪن خان کي گمراه ڪيو.
ب: محمد صالح ڏٺو وائٺو، شاهي لشڪر کي
گمراهيءَ ۾ رکي، قلعي وٽان دارا شڪوه کي
ٽپي وڃڻ جو موقعو ڏنو.
ج: جيڪڏهن صف شڪن خان جي صلاح تي
عمل ڪري ها ته دارا شڪوه ۽ سندس ٻيڙا يقيناً
گرفتار ٿي پون ها، بک کان شيخ مير به پهچي
پوي ٿا، نه فقط سڄو مال ملڪيت هٿ اچي ها، بلڪه
دارا بي شڪوه و باطل پزوه، جو سمورو فساد اتي
جو جو اتي ختم ٿي پوي ها.
محمد ڪاظم
لکي ٿو ته: محمد صالح سان سندس بخت ساڻي
ڪونه ٿيو، ورنه اهڙا موقعا ڪڏهن ڪڏهن هٿ ايندا
آهن. حسن خدمت ڏيکاري شاهي دربار مان سڀ ڪجهه حاصل
ڪري وٺي ها.
محمد صالح
خلاف جيڪا سٽا سيوهڻ جي سر زمين ۾ سٽي وئي،
عالمگير جي درباري مورخ ان کي اهڙو دوام
بخشيو، جو پوين مؤرخن به ان کي هوبهو نقل ڪندي ذري
ڀر خدا ترسيءَ کان ڪم ڪونه ورتو. ماترالامرا جي
مولف ته اها سموري حقيقت نقل ڪندي ايترو به لکي
ڇڏيو آهي ته: محمد صالح جي گهر ۾ دارا
شڪوه جي ڪوڪي جي نياڻي هئي، تنهن ڪري، هن اهو
طريقو اختيار ڪيو.
راجه جئي سنگ:
دارا شڪوه جي جنگين فرار ۽ گرفتاريءَ جي
سلسلي ۾ راجه جئي سنگ ۽ عالمگير جي
وچ ۾ هليل لکپڙهه – جنهن کي اورنگزيب جي
مرڻ کان پوءِ محمد صالح جعفري ڪتابي صورت ۾
مرتب ڪيو آهي – بيحد مفيد ۽ دلچسپ آهي.
انهيءَ سلسلي جا چند اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:
عالمگير
جيپور جي راجا جئي سنگ ڏانهن هڪ خط ۾
(جنوري 1659ع- 1069هه) جوڌپور جي راجا جسونت
سنگ جي غداريءَ جي شڪايت ڪندي دارا
متعلق لکيو آهي:
”- بي شکوه از تهتہ بجانب گجرات ورانه شده، انشاء
الله تعاليٰ دستگير خواهد شد-“
راجا جئي سنگ
ڏانهن (ربيع الاول) ۾ لکي ٿو:
”... آنچه از روي خانه زاد نوازي خبر واقعه بکهر
مرقوم خامہ الهام نگاه، گشة بود که: صف شکن خان
پيش راه بي شکوه گرفته و سيد مير و دلير خان و
ديگر بنده ها متعاقب درآمده اند، از آنجا که اقبال
مخالف مآل درکار کشاي و ظفر آرايء است، و بنده هاي
که به خدمت ِ مذکور مامور اند، کار طلب در دست
اعتقاد اند، يقين که دستگير شده باشد ...“
ڀائنجي ٿو ته عالمگير پنهنجي اميرن کي
بکر کان سيوهڻ موڪلڻ جو اطلاع جئي
سنگ کي ڏنو، جنهن جواب ۾ جئي سنگ ڏانهن
اهو خط لکيو:
راجا جئي سنگ
ذاتي طرح دارا جو سخت مخالف هو. هڪ دفعي جئي
سنگ رنگارنگي ڪپڙا پائي دربار ۾ آيو، دارا
مشڪندي طنز جي انداز ۾ کيس ٽوڪيندي چيو: اڄ
ميراثين جي ڏيک پوي ڏئين!. راجا اها ٽهول
کيس معاف نه ڪئي ۽ هميشه وجهه ۾ رهيو. دارا
کي جسونت سنگ پنهنجي مدد جو يقين ڏياريو
هو، جنهن جي آسري تي لڳي، هو سيوهڻ مان پاڻ
بچائي سڌو گجرات طرف راهي ٿيو. سندس خيال هو ته
جسونت سنگ جي امداد سان عالمگيري لشڪر سان ٻي
لڙائي لڙي سگهندو.
مٿي ذڪر ڪيل مجموعي ۾ اهي خط ۽ انهن جا جواب آهن،
جيڪي عالمگير راجا جئي سنگ جيپوري ڏانهن
جسونت سنگ کي ٺاهڻ ۽ دارا جي بجاءِ شاهي
لشڪر کي مدد ڏيڻ لاءِ لکيا آهن.
راجا جئي سنگ
نيٺ جسونت سنگ کي دارا کان باغي ڪري وڌو.
چنانچه جسونت سنگ، جئي سنگ جي ذريعي
عالمگير وٽ حاضر ٿي منصب ۽ جاگير بحال ڪرائي
موٽي جوڌپور پهتو. دارا جيڪو جسونت سنگ
جي صلاح سان اجمير پهتو هو، تنهن جڏهن اهو حال
ٻڌو، تڏهن پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کي ڏانهنس
موڪلي ڏنو. ليڪن شاهزادو نااميد ٿي موٽي اچي پيءُ
ڀيڙو ٿيو.
جسونت سنگ
جي بيوفائي دارا کي مجبور ڪيو ته، پنهنجي
لشڪر تي ڀاڙي عالمگيري لشڪر جو مقابلو ڪري.
چنانچه نتيجي ۾ اجمير وٽ ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ لڙائي
(11 کان 13 مارچ 1659ع) لڳي. جنهن ۾، دارا
شڪست کائي نهايت بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ڪڇ
جو رڻ اُڪري بدين کان ٿيندو ٺٽي،
سيوهڻ ۽ بکر کان ٿيندو سيويءَ پهتو،
جتي 29 رمضان 1069هه جو کيس گرفتار ڪيو ويو.
جئي سنگ
۽ عالمگير جي مذڪوره خط و ڪتابت جا وڌيڪ
اقتباس هن ريت آهن:
جئي سنگ
هڪ خط ۾ جسونت سنگ لاءِ لکي ٿو:
”- آنچه از بي سعادتي جسونت سنگهه مرقوم
خامہ اقبال گشة، کسي را که روز بد پيش آيد، راي و
روي او سياه و تباه ميشود، و مصدر اين قسم کار و
کردار ميگردد-“
جسونت سنگ، عالمگير
سان غداري ڪانه ڪئي، بلڪ حقيقت ۾ دارا شڪوه
کي هن ڌوڪو ڏنو، جنهن جو نتيجو اجمير واري شڪست
ٿي.
دارا شڪوه
انهيءَ شڪست بعد احمد آباد کان ٿيندو، جڏهن
سنڌ طرف راهي ٿيو، ان وقت جو اطلاع، جئي
سنگ هن ريت ڏنو آهي:
”- ميگو يند که: از آن سمت تهتہ با معدودي گذشته
رهگراي دشت ادبار و ناکامي است، بنده ها در تعاقب
او مرحله پيمائ جدوجهد اند. اميدوار است که به
عنايت ايزدي گرفتار شود.
و رسيدن خليل الله خان به بکهر و مسدود ساختن
جيسلمير، از اعجاز تدبير خاقان ملک ستان
عالمگير است. دو منصبدار سرکار شريفه باتفاق
عمده خواقين رفيع مکان بهادر خان نزد قباد خان
فرستاده که خبر بي شکوه واقعي بيارند. آنچه خان
مذکور بنويسد معروض خواهد داشت-“
ٻئي خط ۾ دارا شڪوه جي فرار ٿيڻ ۽ پٺيانس
سرڪاري لشڪر جي جفاڪشيءَ جو ذڪر ڪندي، جئي سنگ هن
ريت ابتدا ڪئي آهي:
”- ميرساند که: حقيقت آمده ديدن پيماجي زميندار
کچهه و مشخص شدن آوارگي بي شکوه به سمت سند و
عزيمت بندهاي درگاه به تعاقب آن و خيم العاقبت از
عرضداشت سابق به عرض معليٰ رسيده باشد.“
ڪڇ
جي رڻ ۾ جئي سنگ وارن جي لشڪر جو جيڪو حال
ٿيو، ان جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي – پاڻيءَ جي
قلت، رستي جي ڏکيائي ۽ واٽ جون تڪليفون زحمتون ۽
تباهيون، جانورن جي پياس ۽ انهن لاءِ گاه جي ڪمي
وغيره وغيره. اهو لشڪر احمد آباد کان اچي
ڪڇ جي ڳوٺ چهل ۾ پهتو، اتان رڻ 8- 9 ڪوه هو. رڻ
اُڪري ڪناري تي پهچڻ بعد کين پهريون ڳوٺ راهمان
مليو، جنهن جي تلاءَ مٿان منزل ڪئي وئي. ڪڇ جو رڻ
چاليهه ڪوه هو، راهمان ۾ هڪ ڏينهن ترسي
اتان بدين پهتا. حالت هيءَ هئي جو:
”- اسپان و شتران ... از تعب سفر دراز و محنت کم
کاهي و بي آبي و کم غلگي کشيده زبون شده بودند ...
اکثري ضايع شدند و در هر منزل تلف مي شدند ......
عسرت غله بمرتبه بود کي بعض منزل کمترين را روپيہ
سيري بهم رسيد و پيشتر يرا ميسر نشد و در بعض منزل
هيچ را بهم نرسيد. و از اشداد هر قسم مصائب و
متاعب احوال لشکري بجاي رسيده که از جمله چهار
هزاري سوار اين خانه زاد – که حسب الحکم ِ اشرف ِ
اقدس اعليٰ همراه آورده بود – شايد امروز هزار کس
سوار ِ اسپ بوده باشد. اَحوال ديگران از اينجا
متصور ميشود-“
دارا شڪوه
جي متعلق راجه جئي سنگ ساڳي خط ۾ لکيو آهي:
”- خبر بي شڪوه از نوشتجات مير معين و قاضي دائود،
آنچه پيش ازين بر ظهور پيو، اين بود که: بي شکوه
از رن گذشة ميخواست که به بدين بيايد. از ممر بودن
ِ قباد خان با جمعيت هزار کس از سوار و پياده فسخ
(کرد) و اراده آمدن قصبه مسطور نموده به سندودا
(کذا) منزل گزيده بجانب نصرپور و هاله کندي آواره
شده. پسر قباد خان در تعاقب اوست. اين خانه زاد
ازين طرف لشکر ظفر اثر کنار دريا گرفة به تعاقب او
ميرود. و از سمت بکهر خليل الله خان با فوج گران
روبرو او مي آيد.- فدوي به قباد خان نوشة که: آن
دولتخواهان والا درگاه، با جمعيت همراه و
زمينداران آن نواح – که بين سرحد تهتہ و سيوستان
است – آن سويء آب گرفة، از مسالک و معابر خبردار
شود. و به پسرش قلمي نموده که: به نيلوفري (کذا)
رفتہ، سلطان بيگ ارغون را برسر ِ سائر راه هائ
جيسلمير تعين نمايد، که نتواند ازان راه سري بدر
کرد-“
انهيءَ سلسلي ۾ محمد صالح ترخان کي پڻ
راجه جئي سنگ لکيو:
”- و به محمد صالح فوجدار سيوستان تاکيد نوشة و به
مصري افغان و فتح سنگ کچهواهه – که پيشتر روانه
نموده – بقدغن تمام قلمي ساخة که: در قطع منازل
جهد بليغ کنند-“
انهيءَ سان گڏ قباد خان ۽ پٽس ۽ خليل
الله خان جا نوشتا پڻ عالمگير ڏانهن
روانا ڪيا ويا:
”-نوشة جات قباد خان و پسرش و نقل نوشة خليل الله
خان که قباد خان فرستاده، خود بجنس ارسال داشت –
بعرض مقدس معليٰ خواهد رسيد.-“
اهو عريضو نصرپور جي منزل تان 17 رمضان جو
عالمگير ڏانهن راونو ڪيو ويو. ان کان پوءِ جي
موڪليل عريضي ۾ جئي سنگ مٿين خط جو حوالو
ڏيندي سنڌ مان دارا شڪوه جي نڪري
قنڌار طرف وڃڻ جو اطلاع هن ريت ڏنو آهي:
”..... قبل ازين، منزل نصرپور عرضداشت نموده بود
بعرض اقدس ريسده.“
بعد ازان چون بندهاي درگاه وقف تعاقب آن مخذول
العاقبت بودند، راضي به توقف يکشنبه ہ - رمضان به
هالہ کندي رسيدند، و از آنجا کوچ بکوچ عازم کوه
زمحري (کذا) که به سرحد سيوستان و بکهر واقع است،
گرديدند. آخر شهر مذکور، لشکر منصور اين سوئ آب ِ
سيوستان رسيده بود، که حقيقت رفتن آن آواره صحرائ
ادبار به قندهار، و گذشتن از آب سندهه باستصواب
سميجه هاي سيوستان، و عزيمت پيشتر بدرقه و امداد
الکهار و خانديہ و يکسان (کذا) بظهور پيوست.
بادشاه خواقين جهان سلامت، در وقت تعين اين خانه
زاد بخدمت لازم الانقياد حکم جهان متاع شرف ايراد
يافتہ تا بي شکوه دستگير نشود يا اسير سر پنجہ
تقدير- که عبارت از محروم گشتن اوست – نگردد، تا
از قلمرو خلافت ابد پيوند بر نتابد، دست از او باز
ندارد“.
انهيءَ سلسلي ۾، هڪ نامعلوم عملدار جو عريضو پڻ
خطن جي انهيءَ مجموعي ۾ موجود آهي، جنهن ۾
عالمگير ڏانهن دارا شڪوه جي گرفتار ٿيڻ
جي حقيقت موڪلي وئي آهي:
”- ميرساند که: در تهنيت ومبارکباد اوليائ دولت
ابد پيوند، عرضداشتي مشتمبر گرفتار شدن، بي شکوه
برطريق اجمال ارسال داشة، بعد ازان مفصل اينست که:
او چون از سروهي قاضي عنايت الله را نوشتجات
عمدةالملک بهادر خان به سمت زميندار بکهر و حدود
آن فرساده بود که: در اسير ساختن او جهد بليغ
نمايند، پس از رسيدن بندهاي ازين طرف، بنده (؟)
نوشة قاضي مذکور مشعر برين معني رسيد که: جيون
زميندار دهادهر اورا باپسرش دستگير نمود. بمجرد
استماع اين، فدويان والا درگاه، بلا توفق و اهمال
بهير و بنگاه راعقب گذاشة بطريق بلغر شتافة و از
معبر نزديک بکهر از آب سندهه گذشة آتش بيگ قلماق و
محمود قديمي را روانه پيش گردانيده، خود ها از عقب
روان گشة، عازم مطلب بودند. و از دوازد هم شهر
شوال آتش بيگ و محمود قديمي بي شکوه و پسر اورا
گرفة معاودت نمودند. و تاريخ هفدهم شهر مذکور از
آب سندهه عبور نموده، اين سوي آب در سواد قصبه
لوهري دهره (کذا) گردند. بجهت بعض مراکب سواري محل
و باربردار توقف ضرور بود، و نوشة بي شکوه نيز
مصحوب مقبول خواجه سرا و سيد خانديہ دلي وال بحضور
آن قلہ فرستاده مترصد آنست که قلعه را امروز فردا
به بندهاي درگاه تفويض نمايند-
|