سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ 9

صفحو ؛ 9

 

باب نائون

نفشڪ جي جنگ - ڪليبارن جي فوج جو پوئتي هٽڻ - ڀاڳ ڏانهن واڌ - ملڪ جي تشويشناڪ حالت - لهڙي - گنداوا جو ساڙڻ - شڪارپور ڏانهن واپسي

منهنجو رستو هاڻي دادر ڏانهن هو، پر مون کي مجبورن جاني ديري واپس اچڻو پيو، ته جيئن پنهنجي منزل کي پهچي سگهان. اڃا منهنجو تنبو کتو ئي ڪونه هو ته مون وارو منشي مون وٽ آيو، پر منهن اهڙو هوس جهڙو انهيءَ ماڻهوءَ جو، جنهن وزير اعظم جي دروازي وارو پردو، اڌ رات جو اچي کوليو هو. چيائين ته صاحب ٻاهران عجيب خبرون پيون پهچن. چيو پيو وڃي ته توبن جو آواز ڪالهه سڄو ڏينهن پئي ٻڌو، ڇوته ڪليبارن صاحب ٽڪرين ۾ مرين سان جنگ ڪئي هئي، ائين به چون ٿا ته ڪمپنيءَ جو ستارو هاڻي لهندو پيو وڃي. مون چيومانس ته منشي! توکي انهن ڪهڙي خاڪ کارائي آهي، جا هاڻ پيو اوڳارين! ڪٿان ٿو توبن جو آواز اچي. مرين جون ٽڪريون سوين ميل پري آهن. اهو به ممڪن نه آهي ته ايڏي فاصلي تي ٿيل ڪالهوڪيءِ جنگ جو احوال اڄ پئجي سگهي. اهي تنهنجي ڏاڙهي ڏسي پيا کلندا هوندا! ائين چئي مون منشيءَ کي دفعي ڪيو ۽ ساڻس گڏ جنگ متعلق سڀني خيالن کي به وساري ڇڏيم. منشيءَ کي ٽاري ٻاهر نڪتس، ته جيئن پنهنجي ڪارنامي يعني ته مسافرن جي بنگلن تي ٿيل ڪم جو اُڪلاءُ ڏسان.

”آهستي اُڪلاءُ“ اهو اٿئي سنڌين جو متو. مون ڏٺو ته منهنجي هڪ ڏينهن جي غير حاضريءَ ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيو هو. وڏي مستريءَ يا رازي کي صبح جو پتو پيو ته ڪي مزور پيشگي وٺي ڀڄي ويا هئا، ان تي هن باقي رهيل مزورن کي وٺي گاريون ڏنيون. جنهن تي ڊگهو تڪرار ٿي پيو ۽ هرڪو پنهنجو منهن جهلي ويهي رهيو. اهڙيءَ ريت، هڪ ڏينهن جو ڪم ضايع ٿيو.

منهنجي سمجهائڻ تي مزورن مس مس ڪم ڪرڻ تي دل ٻڌي ۽ آءٌ به ڏينهن - ٻه رهي پيس ته جيئن مٿن نظرداري ڪريان ۽ کين همت به ڏياريندو رهان. آخر آءٌ کين ڪم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيس پر سندن ڪم ڪرڻ جي رفتار اهڙي هئي جو مون کي به لـڄ پئي آئي، ڇو جو هڪڙو ته تمام آهستي آهستي ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ ٻيو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني هر هر اٿي ٿي ويا. پر ان هوندي به شڪر آهي جو ڪم شروع ٿيو.

ٻئي ڏينهن خبر پهتي ته اسان جي فوجن کي نفشڪ وٽ شڪست پهتي. مون اها خراب خبر شڪارپور پهچائي ۽ جواب ۾ حڪم مليا ته آئون ميجر ڪليبارن کي لکان، جنهن ۾ کيس اها صلاح ڏيان ته لهري يا ڦلجي وٽ ڪنهن جبل جي آڙ ۾ ترسي پوي، جيسين کيس اتان آجو ڪيو وڃي، يا مددي فوج پهچائي وڃي. پر هن جي خيال ۾ سندس فوج بيهڻ جهڙي حالت ۾ ئي ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته هنن چئن مان ٽي توبون ۽ پڻ چار سؤ اٺ سامان سميت وڃايا هئا. ازانسواءِ وٽن ڪوبه تنبو وغيره نه هو. ۽ سپاهين جو ٽيون حصو زخمي پيو هو، انڪري سندس خيال هو ته جيترو جلد ٿي سگهي شڪارپور واپس پهچجي. عجيب لقاءَ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا فوج ڏاڍي ٽيڙيءَ ۾ انهيءَ اميد مان وڌي هئي ته ڪاهان وڃي، پنهنجي ڀائرن کي ڇڏائيندي، اڄ سا شڪست کائي موٽي هئي. فوج جي اهڙي ته حالت هئي، جو اتر سنڌ ۾ اسان جي رهيي کهيي اثر کي به ختم ڪرڻ واري هئي. انڪري پوليٽيڪل اختياريءَ وارن اهو ضروري سمجهيو ته ميجر ڪليبارن جي شڪست کي جيترو ٿي سگهي اوترو لڪايو وڃي، جيئن سندس  فوج ساهي پٽي، وري انهيءَ ساڳيءَ سطح تي اچي وڃي، جنهن تي اها اڳ هئي. ڇوته شڪست کائي پوئتي موٽڻ ڪري لهڙيءَ کان وٺي شڪارپور تائين هڪ وسيع علائقو بلوچي ڌاڙيلن جي حملن ۽ ڦر لاءِ هر وقت کليو رهي سگهيو ٿي.

آءٌ اڃا انهيءَ تٿا پٿا ۾ هوس، ته ڪهڙو رستو اختيار ڪجي، ۽ ڪهڙو وڌيڪ ٺيڪ رهندو، ته ايتري ۾ ڪي رولو سپاهي جانيديري پهچڻ لڳا. اهي گهڻو ڪري رستي جا ماريل هئا ۽ کين ڏسڻ سان ئي شڪست جا اُهڃاڻ نظر پئي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ سڄي فوج به اچي ڦهڪو ڪيو. افسوس، ڪهڙي نه شان ۽ شوڪت سان اُهي وڌيا هئا. پر هاڻي سندن حالت انهيءَ جي بلڪل ابتڙ هئي. فقط هڪڙو تنبو وڃي رهيو هو، جنهن ۾ اسان سڀني گڏجي ويهي ماني کاڌي. آفيسرن جو ٽيون حصو مارجي ويو هو ۽ جيڪي باقي بچيا هئا، سي گهڻو ڪري ڦٽيل هئا. اتي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سا پوءِ ٿيل واقعن بابت هئي ۽ هئي سادي سودي، جهڙوڪ:

لهڙي ڇڏڻ وقت کين ڪو وهم گمان ئي ڪونه هو ته اڳتي سندن مقابلو ٿيندو. پهرين ٽن يا چئن منزلن ۾ دشمن جو نانءُ نشان ئي ڪونه هو، پر پوءِ ڪن ٻروچن پاڻ پـَـسايو. جيئن ته رستو جبلن جي وچان اڻانگو هو، ان ڪري اُٺ ڀٽڪڻ لڳا. ڪي مري پيا ته ڪي وري ڳري بار هئڻ ڪري ڪنجهڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ اچي گڙٻڙ ٿي ۽ دشمن وڏي انداز ۾ اچي پرگهٽ ٿيو. انهن اسان جي ماڻهن کي نه فقط هيسايو پر اسان جي فوج جي اڳتي واڌ ۾ سخت رخنو وجهڻ لڳا. ڪيتريون ئي جهڙپون لڳيون، جن مان هڪڙيءَ ۾ پونا گهوڙيسوارن جي ڪمانڊنگ آفيسر تلوار هٿ ۾ کڻي مقابلو ڪيو ۽ ٻه سگهارا ٻروچ ماري وڌائين. انهيءَ هوندي به دشمن طاقتور ثابت ٿيا ۽ اسان جو ڪجهه لڏو ڦري کڻي ويا. آگسٽ جي پوياڙي هئي پر ان هوندي به اهڙي ته گرمي هئي، جو ڪيترا ماڻهو ڏينهن گرم لڳڻ جي ڪري مري ويا. انهن ۾ گرينڊير وارو اهو ديو جهڙو آفيسر به هو، جنهن کان شڪارپور جو داروغو ڊنو هو. کيس لشڪر جي پڇاڙيءَ واري حصي کي آڻڻ جي ذميواري سونپيل هئي. رستو اهڙو ته ڏکيو هو، جو توب کڙي ڪرڻ ۾ منجهند جو ٽي لڳي ويا. اها انهيءَ ڏينهن جي جاکوڙ هئي، جنهن ان طاقتور ماڻهوءَ جي پڄاڻي آندي. ڏٻرا بچي ويا پر اهو ڌڱ مڙس، جو ٻانهن جي ڌڪ سان ڏاند ڪيرائي وجهي ها، اک ڇنڀ ۾ مري ويو ۽ اهو پتو نه پئجي سگهيو ته موت مٿانئس ڪيئن ۽ ڪهڙو وار ڪيو. ٻئي ڏينهن جي سفر، فوج کي هڪ اوکيءَ ۽ اجڙيل ٽڪريءَ وٽ آڻي ڪڍيو. رستو ڀڳو پيو هو ۽ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي دشمن جي فوج پئي ڏٺي. انهيءَ ماڳ جي پٺيان ٿورن ميلن جي پنڌ تي ڪاهان هو. هي اهڙو هنڌ هو، جتي پاڻي ملڻ محال هو، انڪري منزل ناممڪن ٿي پئي. حملي ڪرڻ جي نيت سان پٺتي ورڻ جو خيال به اجايو هو، ڇاڪاڻ ته دشمن مٿان ويٺو هو. وڏين توڙي ننڍين توبن کي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تائين رستي کي دشمن کان صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻو هو، پر گولا پوري هنڌ تي نٿي لڳا. اهو حال ڏسي حملي ڪندڙ پارٽيءَ جا چاليهه ماڻهو گهوڙن تان لهي پيا ۽ مٿي چڙهڻ شروع ڪيائون. جامڪيدار بندوق اسان جي هلڪي بندوق کان وڌيڪ موتمار آهي، ڇاڪاڻ ته اها پري کان مارو ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪي انهيءَ کي ڪم آڻيندا آهن، تن کي نشاني وٺڻ جي اسان جي سپاهين کان وڌيڪ مهارت حاصل هئي. ڪيترائي سپاهي مارجي ويا. سندن آفيسر، جو انهيءَ مهم جو مهندار هو، زخمجي پيو پر ان هوندي به رڙهندو ويو مٿي. اهو آفيسر ۽ سندس خانگي ماڻهو وڃي چوٽ تي پهتا. پر فوج جو جٿو اڃا پنڌ تي ٽڪريءَ جي وچ تي هو، ته مرين مٿن ائين ٿي لوهه ڪئي، جيئن نئين جو پاڻي هيٺ وهندو آهي ۽ جيڪي منهن ۾ ايندو اٿس تنهن کي پاڻ سان کنيو ويندو آهي. حملي ڪندڙ سڄيءَ جماعت ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيا سڀ مري ويا. هي جوان وري اهو هو جنهن ڳپل ڏينهن اڳ هڪڙي حملي ۾ دشمن جا ٻه ماڻهو ماري وڌا هئا، پر اڄ سندس وارو هو رت ڳاڙڻ جو. کيس ترار جي ڌڪ سان وڍيو ويو هو ۽ جيڪڏهن سندس ديسي اي - ڊي - سي (1) ٻيو ڌڪ روڪي، حملي ڪندڙ کي بندوق هڻي ماري نه وجهي ها، ته پوءِ هي همراهه به پورو ٿيو پيو هجي ها. پر ان هوندي به ڪو خطرو ٽري ڪونه ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيئن هي ريجمينٽ جي ماڳ تائين، جو ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ هو، پهچڻ لاءِ وٺي ڊوڙيو، تيئن هڪ همٿ ڀريو ٻروچ اچي ٿو پٺيان پويس، نيٺ آڻي پاڻ کي توبن جي ڀر ۾ پهچايائين ۽ اتي بيهوش ٿي ڪري پيو. هڪ توب- مار کيس مئل سمجهي مٿانئس چڙهي بيٺو ۽ توب جا فئر ڪرڻ لڳو. حملي ڪندڙ انهيءَ پارٽيءَ جا ويهه ماڻهو به ڪو نه بچيا، ان تي ٻروچن ڇا ڪيو جو هڪ هٿ ۾ وڏو پهڻ ۽ ٻئي ۾ تلوار کڻي توبن جي منهن تائين حملو ڪري وڌي آيا. جيئن ته هنن پهرين اسان جي ماڻهن تي پٿرن جي وسڪار ڪئي، انڪري اهي وائڙا ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته حملي ڪرڻ جو اهو طريقو عجيب هو ۽ اسان جي سپاهين لاءِ اهڙو ته ڏکيو ثابت ٿيو، جو بيان نٿو ڪري سگهجي. مرين جي هڪڙي نامور سردار جنگ هلندي اهڙي وقت پنهنجي ڍال هڪ توب جي منهن تي رکي، جنهن وقت اها ڇٽڻ تي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو توب جي گولي سان گڏ هو پاڻ به اُڏامي وڃي پري ڪريو. ٻين ٻروچن وري لوهه ڪري اسان جي سپاهين کان بندوقون ڦريون ۽ ڪن ته کڻي پاڻ کي سنگينن مٿان ڦٽو ڪيو. سچ پڇو ته اهي چرين وانگر وڙهيا ٿي، يا ائين کڻي چئجي ته جهنگلي جانور جيان- ان وقت اسان جي فوج لاءِ ايڏو ته خطرو هو، جو ميجر ڪليبارن پنهنجن هٿن سان اهو لکيو هو ته جيڪڏهن آخري وقت ۾ توبن رستي گوليبازي نه ڪجي ها ته جيڪر سڄي ريجمينٽ تباهه ٿي وڃي ها. جڏهن دشمن موٽ کاڌي تڏهن فقط اهو خيال پئي اسان جي دماغ ۾ ڦريو ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد پوئتي هٽڻ جي ڪجي. پر اسان جا ماڻهو اُڃ جي ڪري مري رهيا هئا. رستي جي سونهين ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ پاڻي ملندو، پر اهو رڳو ڪوڙ هو. ڪهڙي خيال کان هنن گشا هنيا هئا، انهيءَ جو گمان ئي نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي به دشمن جي ور چڙهن ها، ته هو کين به جيئرو ڪين ڇڏين ها. ان هوندي به هڪ پارٽيءَ کي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ موڪليو ويو هو، پر انهن تي ٻروچن حملو ڪري سڀني کي ماري وڌو، فقط هڪ سونهون بچيو. اعتبار خان نالي سونهون ميجر ڪليبارن جي اڇي گهوڙي تي چڙهي وٺي ٿو ڀڄي ۽ ائين ڪندي پنهنجي جان بچايائين. سندس چوڻ هو ته پاڻي هٿ ڪرڻ واري جماعت سان گڏ وڃڻ کان اڳ هن پهرئين مقابلي کان پوءِ جيڪا ماٺ هئي، تنهن جو پورو پورو فائدو ورتو. جنگ جي ميدان تي جيڪي ٻروچ ڪـِـريا پيا هئا، تن جا هن وڃي ڪنڌ ڪپيا. انهن ۾ هڪڙو نالي وارو سردار هيبت خان به هو جنهن سان سندس پراڻي عداوت هئي. ان بدنصيب ڪـِـريل ماڻهن جا ڪپڙا به ٻـَـري رهيا هئا، جن ٽانڊن وانگر سندن بدن کي پئي ڏنڀيو. ميجر ڪليبارن جڏهن ڏٺو ته پاڻيءَ جي ڳولا لاءِ موڪليل پارٽي واپس نه پهتي آهي، تڏهن هن حڪم ڪيو ته اڳئين واري منزل تي واپس هلجي. لهريءَ تائين سڄي رستي تي مرين ڪيترائي ڏينهن اسان جي فوجن جي پٺ ورتي. جيڪي جنگ مان ڇڙو ڇڙ ٿي ڀڳا هئا،سي سڀ مارجي ويا ۽ باقي رهيل سامان به دشمن جي هٿ چڙهي ويو. جانيديري ۾ به ڪي اهي کؤنس کان بچيل ڪونه هئا. جيئن ئي اسان ماني کائي رهيا هئاسين تيئن هڪ سپاهي اندر ڌوڪي آيو. سندس هٿ ڪپيل هو. جيئن ئي هو ڪئمپ کان ٻاهر ٿورو پنڌ نڪري ويو هو، تيئن ئي ٻه - ٽي ٻروچ گهوڙيسوار اچي مٿانئس ڪڙڪيا. هي انهن کي ڏسي وٺي ڀڳو ۽ پنهنجي ٻانهن جيئن سـِـر بچائڻ لاءِ مٿي کنيائين، تيئن هڪڙي سوار سندس هٿ ٻن ٽڪرن ۾ وڍي ڇڏيو. تلوار جي تيز هئڻ ۽ انهيءَ جي پوري سـَـنڌ تي پوڻ ۾ ڪوبه شڪ نٿو ڏسجي. اهو ويچارو غريب ڏاڍي سور ۾ هو ۽ اسين سڀ ٻاهر ڀڳاسين ته ڏسون ته ٻروچن جو ڇا ٿيو. ڪجهه سوار جوئر جي پوک ۾، جا اسان جي چوڌاري هئي، ڳولا لاءِ نڪتا پر واپس موٽي آيا ۽ اهي ماڻهو کين هٿ لڳائي ڪونه. ماڻهو ويچارو کلندڙ جانور آهي ۽ جيتوڻيڪ ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي فوج تي تباهي آيل هئي، پر ان هوندي به اسان ريجمينٽ جي ڊاڪٽر تي ڏاڍا کلياسين. هن جڏهن ڏٺو ته توبخاني جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا هئا، تڏهن هن ڏاڍي بهادريءَ سان توبخاني ۾ گهڙي، هڪ توب هلائڻ شروع ڪئي. هن پهرين ته ڏاڍي بهادريءَ سان حملي ڪندڙ کي فائر ڪري ڪيرائي وڌو، پر توب کي ڇوڙڻ واري ڌمڪ، وري ساڳي هنڌ نه رکي سگهيو. اهو ڏاڍو قيمتي وقت هو، ڇاڪاڻ ته ٻروچ ٻيو حملو ڪري ذري گهٽ اچي توب وٽ پهتا هئا. ڊاڪٽر ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڌمڪ چـُـري ئي ڪونه. ”هيٺ مٿي ڪرينس“ هڪ آفيسر رَڙ ڪئي، جو ان وقت توب ڇوڙڻ وارو هو. ”آئون انهيءَ کي چوري نٿو سگهان“ ڊاڪٽر وراڻيو. ”جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر“. اڃا ڊاڪٽر پاسو ورايو ڪونه ته هڪ وڏي ٺڪاءُ سان توب وٺي ٿي ڇٽي ۽ جيڪي به ويجهڙائيءَ ۾ هوس تن کي پاڻ سان کنيو ويئي.

ٻئي ڏينهن صبح جو ڪليبارن جي فوج جانيديري کي ڇڏي، شڪارپور پهتي. ڪئمپ جي پويان هلندڙن کي رستي تي بـِـيرَ جو هڪ وڏو انداز مليو، جو ڦلجي ۽ ٻين اسٽيشنن تي انهن اُڃايل روحن لاءِ پئي ويو، جي اتي هئا. پر هنن انهيءَ جو بلڪل ابتڙ ڪم ورتو، يعني ته سڊنيءَ جي اصولن تي هليا ته ”مون کي توکان وڌيڪ ضرورت آهي.“ انهن گهڻو ڪري هر ڪا بوتل هڪ مذهبي ڪرستان وانگر ڏاڍي شوق ۽ شڪراني جي انداز ۾ کولي پيتي. چڱو جو مون وٽ بير ڪونه هو، نه ته اهو به ڪونه بچي ها. اهڙيءَ طرح ڪاهان کي بچائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون ناڪام وييون. ميجر ڪليبارن تي انڪوائريءَ جي ڪورٽ مقرر ڪئي ويئي پر انهن ڪو ٺيڪ فيصلو ڪونه ڏنو. انڪري کين وري پنهنجي فيصلي تي غور ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر انهن ساڳيو ۽ اٽل فيصلو ٻڌايو، جو منهنجي خيال ۾ بي انصافيءَ تي ٻڌل هو. چڱو ٿيو جو ڪو سياسي ماڻهو فوج سان ڪو نه ويو هو، انڪري آئون پاڻ کي خوش قسمت سمجهڻ لڳس. غريب شيطان يعني ته هڪ پوليٽيڪل ڪٿان اهي مضبوط ڪلها آڻي ها، جن تي انهيءَ بدناميءَ جو بار کڻي سگهي ها. برگيڊير ميجر اي. ڌڪار وچان پنهنجو نڪ موڙي اها رڙ ضرور ڪري ها ته ”لعنت اٿوَ سياستدانو!“ ايجوٽنٽ بي. به اهو آواز ڪئمپ جي چئني ڪـُـنڊن ۾ پکيڙي ڇڏي ها، ۽ هر هنڌ اهو بي سـُـرو ۽ ڀونڪ جهڙو آواز ته- ”لعنت اٿوَ سياستدانو!“ پيو ٻڌجي ها. مون کي هڪڙي درويش جي يادگيري پوي ٿي، جو جڏهن به ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو هو يا بخت ياوري نه ڪندو هوس يا ڪو حادثو ٿيندو هو، تڏهن هو هميشه مذهب جي خلاف پنهنجا ريمارڪس پاس ڪندو رهندو هو.

جانيديري ڇڏڻ کان اڳ، رحمان ڌاڙيل اچي اسان کي مليو. کيس هڪ سهڻي لونگي ٻڌل هئي، ۽ هو هاڻي اسان وٽ هڪ ايماندار شخص وانگر نوڪريءَ ۾ بيٺل هو. مون جڏهن وٽس سندس ڪاري گهوڙي ڏٺي، تڏهن ڏينهن - ٻن لاءِ کانئس گهريم. هو پاڻ انهيءَ تي خوش ٿيو ۽ اجازت ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ جڏهن آءٌ ٻاهر ويندو هوس، تڏهن سندس گهوڙيءَ تي چڙهي ويندو هئس. ڏاڍي طاقت واري هئي، اُها پري جي پنڌ لاءِ بلڪل موزون هئي. پر پنڌ ٺيڪ ڪونه هئس، ڇاڪاڻ ته اها ٿوري ٿوري پنڌ تي گهه ڪري بيهي رهندي هئي، ڄڻڪ ڪجهه ٻڌي رهي آهي. هوءَ هڪڙي پاسي ڪنڌ جهلي بيهي رهندي هئي، تيسين ڪانه چـُـرندي هئي، جيسين پنهنجي عادت نه پوري ڪري. رحمان پنهنجي گهوڙي واپس وٺڻ لاءِ ڏاڍو آتو ٿي ڏٺو، ۽ جيئن ته هو وڪڻڻ لاءِ به تيار ڪونه هو انڪري مون اها گهوڙي کيس واپس ڪئي، جنهن تي هو اتان ترت هليو ويو. ٻئي ڏينهن مون ٻڌو ته هن کي ٻين بڙدي ڌاڙيلن سان گڏ ڪنهن ڦر تي وڃڻو هو، جنهن ۾ هنن کي چڱو مال هٿ آيو. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي سواريءَ کي واپس وٺڻ لاءِ ايڏو ته آتو هو. اهي وهٽ جن تي ڏيهي ماڻهو چڙهندا آهن، يورپي ماڻهن جي ڏانوَ جا ڪونه آهن، ڇاڪاڻ ته هـُـو انهن جا ٻوٿ ۽ پنڌ وڃايو ڇڏين، ۽ کين اجايو گهنڊ ۽ ٻڌو ٽپ سيکاريندا آهن. انهيءَ ڪري انهن جي سواري سڻائي ٿئي ئي ڪانه، جيسين ماڻهو ڪاٺ جي هني تي هريل نه هجي.

هڪ دفعي مون کي هڪ افغان جي گهوڙي جي ٽپڻ ۽ ڪڏڻ ڏاڍو مزو ڏنو. مون دل ۾ خيال ڪيو ته آءٌ به انهيءَ جو مزو وٺي ڏسان. سو آئون وڃي مٿس سوار ٿيس. هن مون کي پنهنجي پٺيءَ تي محسوس ڪندي وٺي ڊڪ پاتي. جيتوڻيڪ مون معمول وانگر سندس بشڪون قابو جهليون، پر هڪڙي يا ٻن ٽپن کان پوءِ مون ڏٺو ته مون واري ويهڻ جي جاءِ ڪا گلن جي سيج يا بخمل جي ٺهيل ڪانه هئي. مون ڀانئيو ته گهوڙو بيهاريان پر اهو بيٺو ئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته ان کي به رونشو لڳي ويو. جيئن آءٌ کيس جهلڻ ۾ هئس، تيئن پاڻ وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. مون ڏٺو ته هاڻي ٿو منهنجو بدن رهڙجي، ڇاڪاڻ ته هنو هو ڏاڍو کهرو ۽ مون کي وري فقط سنهون پاجامو پيل هو. ”خدا توکي غارت ڪري“ مون دل ئي دل ۾ انهيءَ وهٽ کي پٽيو. ”تنهنجي هني تي فقط اهوئي ماڻهو ويهي سگهي ٿو، جو لوهه جو ٺهيل هجي!“ آخر آءٌ گهوڙي تان بنا جوکم جي لهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.

جيئن ئي آءٌ روجهاڻ وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو هئس، تيئن مون کي وردان وٽان هڪ خط پهتو، جو ڀاڳ (1) ۾ گهوڙيسوار فوج جو مهندار هو. هن لکيو ته بروهي هڪ وڏي انداز ۾ گنداوا لڪ کان لهي رهيا هئا، جن ۾ هزارين ته سوار هئا، پيادن جو ته انت ئي ڪونه هو. روجهاڻ لفظ کي ٿوريئي ڦيري سان فارسي جي محاوري ۾ ”مرڻيڪ روح“ ۾ بدلائي سگهجي ٿو. اتي آءٌ هڪ ڏينهن رهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي کوهه صاف ڪرائڻو هو. انهيءَ کوهه ۾ جيڪو پاڻي موجود هو، تنهن کي پيئڻ لاءِ قبول ڪرڻ تي جيڪر هيرو گيٽ جا چشما ۽ ٽاور کاهي جو بيٺل دٻو، رشڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ها. ايراني نار جي وسيلي جڏهن اسان سندس پاڻي مٿي ڇڪي ورتو، تڏهن منجهس ايتري ته ڌپ هئي، جو ماڻهو ويجهي نٿي وڃي سگهيو. ڀانئجي ٿو ته جيڪي جانورن جا ڍونڍ منجهانئس ڪڍيا ويا هئا، تن انهيءَ ڌپ جو واڌارو ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته صفائي ڪرائڻ کان 24 ڪلاڪ پوءِ مس مس اها ڌپ ويندي رهي ۽ سائو ڄارو، جيڪو انهيءَ جو رنگ به بدلايو بيٺو هو، سو به ختم ٿي ويو. مون روجهاڻ ۾ جمالين جي رئيس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنهن ٻڌايو ته گذريل رات واريءَ جنگ ۾ سندس قبيلي جا تمام گهڻا ماڻهو ڪلپر بگٽين هٿان مارجي ويا، ۽ پاڻ به زخمي تي پيو هو. ٻيءَ رات جو آءٌ برپٽ اڪريس، جو سڄوئي سخت زمين وارو پوٺو هو. جيڪڏهن سونهان ساڻ نه هجن ها ته پوءِ انهيءَ کي پاڻيءَ وانگر طرف معلوم ڪرڻ لاءِ قطب نما سان هر هر ماپڻو پوي ها. روجهاڻ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي هڪ سيد جو مقبرو هو، جو 30 ميلن جي مسافريءَ ۾ مون کي فقط زمين تي هڪڙي نشان وانگر ڏسڻ ۾ آيو. اڃا اڌ پنڌ مس ڪيو هوسين ته اسان کي چڻنگون اڏامندي ڏسڻ ۾ آيون، جن مان ظاهر ٿي ٿيو ته جامڪيدار بندوقون پري ڪونه هيون. منهنجا جمالي سونهان جاچ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ويا، پر پوءِ ستت ئي موٽي آيا ۽ ٻڌايائون ته اهي ٻه افغان مسافر هئا. اسان جڏهن کين ويجهو پهتاسين، تڏهن ڏٺوسين ته انهن پنهنجا اُٺ ويهاري ڇڏيا هئا ۽ مٿن جامڪيدار بندوقون جهليو بيٺا هئا. هن ٻڌايو ته ڪيترائي ٻروچ ڌاڙيل مٿن اچي ڪڙڪيا هئا، پر اسان جي ويجهو هئڻ ڪري اهي حملي کان بچي پيا. انهن پٺاڻن پوءِ اسان جي پارٽيءَ سان شامل ٿيڻ جي اجازت گهري، جا مون کين ڏني ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ اسين برشوري پهتاسين، جو هڪ ويران ڳوٺ هو. سندس نالي مان ظاهر ٿي ٿيو ته اهو ٻن لفظن بر - شوري مان ٺهيل هو، جنهن جي معنيٰ آهي کاري پاڻيءَ تي ٻڌل. ۽ هو به ائين، ڇاڪاڻ ته اتي جو پاڻي نهايت کارو هو. اُتي جي رئيس جو آءٌ ڀانئيان ٿو، ته هيءُ مـَـتو ٿي ڏسڻ ۾ آيو: ”جنت ۾ غلام تي رهڻ کان بهتر آهي ته دوزخ ۾ بادشاهي ڪجي.“ جڏهن مون کوهن بابت پڇا ڪئي، تڏهن مون کي ڪي ڦٽل کڏون ڏيکاريائون، جن ۾ فوٽ جيترو پاڻي مس هو. انهيءَ کوٽڻ سان مورڳو پاڻي ئي غائب ٿي ٿي ويو. مون اتي هڪ بنگلي اَڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ فخر سان ڇانوَ ۾ ويهي ان کي ڏسندو رهيس. مون کي ان وقت سنڌي لباس پيل هو، خاص ڪري منهنجو مٿو هڪ ننڍيءَ ٽوپيءَ سان ڍڪيل هو، جنهن جي چوڌاريءَ ويهه وال ململ جو ڊگهو پٽڪو ويڙهيل هو. ان هوندي به مون محسوس ڪيو ته منهنجو مٿو هڪ گرم ٿانوَ ۾ پيل هو، ڇاڪاڻ ته پگهر هر هڪ پور مان لارون ڪري وهڻ ٿي لڳو. ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته پاڻي تمام ٿورو هو، انڪري مون اُتي ڪـَـمين کي ڪم تي لڳائي، اها جـُـوءِ ڇڏي، جتي هڪ ڪلاڪ جي دير به سالن جي برابر پئي لڳي.

اهي اُجڙيل جايون ساوڪ جي پوشاڪ پائي سگهن ٿيون، سو هيئن ته انهن تائين سنڌو درياء مان واهن جي رستي پاڻي پهچايو وڃي. اڳين سالن ۾ ٻه وڏا واهه اُتان وهندا هئا، ميرواهه، جو حيدرآباد جي ميرن جو هو، ۽ مراد واهه، جو خيرپور وارن جي مـِـلڪ هو، پر کاٽي نه کڄڻ ڪري ۽ ملڪ جي حالتن جي مدنظر، اهي آهستي آهستي زبون ٿي ويا ۽ وري نه ٺهي سگهيا. سفر تي وڃڻ کان اڳ انهن واهن بابت مون هڪ خط پنهنجي بالادست کي لکي موڪليو، جنهن انهن جي کاٽيءَ بابت صلاح مشورو ڪري ڪي هدايتون به جاري ڪيون هيون. اُهي ٻروچ جيڪي منهنجو خط کڻي وڃي رهيا هئا، تن مون کان ڀنگ خريد ڪرڻ لاءِ، ڪجهه پئسن جي گهـُـر ڪئي. سندن چوڻ هو ته برپٽ کي منهن ڏيڻ خاطر، دل جي ڏڍ لاءِ کين ڪجهه مقوي شئي جي ضرورت هئي. مون کين ڪجهه روڪڙ ڏني، جنهن تي هنن چيو ته، ”هاڻي اسين سڄو رستو ڳائيندا وينداسين.“ برشوري ڇڏڻ کان پوءِ ٻارهن ميل پنڌ ڪري ميرپور پهتس. اهو سڄو رستو اُجڙ هو. مونکي ماڻهوءَ جي ٻن کوپڙين ۽ ڪجهه زبون ٿيل ڳوٺن کان سواءِ، سڄي رستي تي ڪي ڪين ڏسڻ ۾ آيو. پراڻو ميرپور هڪ وڏو ڳوٺ هو پر هئو گهڻي ڀاڱي ويران. اُتي وڻن جو هڪ گهاٽو جهڳٽو هو، جنهن جي هيٺان مون پنهنجو تنبو کڻي کوڙيو. رات جو ڏاڍي گهـُـٽ ٿي ۽ صبح جو اها خبر ٻڌم ته سوارن جو هڪ جـَـٿو ويجهو اچي رهيو هو. ڪن چيو ته اهي بروهي آهن. ۽ جيڪڏهن اهي هجن ها، ته پوءِ ڀانئجي ٿو ته بلڪل معمولي مقابلو ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته مون وٽ فقط چار سپاهي ۽ چار سوار هئا. پر حقيقت ۾ اهو ڀاڳ جو قاضي هو، جنهن کي اَسي سوارن سان وردان مون ڏانهن ڏياري موڪليو هو ته جيڪي به فوجون مان گڏ ڪري سگهان، اهي گڏ ڪري جلدي ڀاڳ پهچان، ڇاڪاڻ ته بروهين جو هڪ وڏو ڪٽڪ ڪيترن ئي سردارن جي هٿ هيٺ ڀاڳ کي ويجهو پهچي چڪو هو. مون جڏهن پنهنجن ماڻهن تي نظر ڦيرائي، تڏهن ڏٺم ته مون وٽ فقط نوَ ماڻهو هئا. انهيءَ تي مون کان ٽهڪ نڪري ويو. قاضي به توائي پئي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته هن جو خيال هو ته مون وٽ گهٽ ۾گهٽ هڪ سؤ ماڻهو ته ضرور هوندا. حقيقت هيئن آهي ته مون وارو بالادست ڪڏهن به سؤ ماڻهن کان گهٽ حفاظتي جـَـٿي کان سواءِ ٻاهر ڪونه نڪرندو هو ۽ پڻ فوج جو چڱو حصو به پاڻ سان کڻندو هو. مون لاءِ وري سندس اهو خيال هو ته ٻه - چار نائڪ منهنجي حفاظت لاءِ ڪافي هئا. بهرحال، مون وٽ ڪَـمين کي اُجوري ڏيڻ لاءِ ڪجهه هزار رپيا هميشه ساڻ رهندا هئا. سو، مون قاصدن کي پنا ڏيئي بروهين جي انهيءَ حملي جي خبر هڪدم سکر ۽ لاڙڪاڻي ڏياري موڪلي ۽ قاضيءَ سان گڏجي ڀاڳ ڏي وڌيس. اسان رستي تي هڪ ڪلاڪ لاءِ قاسم جي جهوڪ نالي ڳوٺ ۾ ترسياسين، جو ڪاڊرنگٽن جي خيال موجب قاسم لاءِ هڪ چرچو ٿئي ها، پر اهو ٿي ڪونه سگهيو، ڇاڪاڻ ته اتي رسد جو سامان هئوئي ڪونه. ڳوٺ جو مالڪ قاسم خان، جو زميندار به هو، اچي اسان سان مليو. هو ڏسڻ ۾ سهڻو مڙس هو. سندس ڏاڙهي ڪاري ۽ شاندار هئي. ساڻس گڏ محمد خان ابڙو به آيو هو، جو هاري پئي ڏٺو، پر هو ڏاڍي سٺي طبعيت جو ماڻهو، انڪري مون پنهنجو تنبو کيس سونپي ڏنو.

آءٌ ڀاڳ ۾ صبح جو ٻين بجي پهتس. انهيءَ وقت تائين اسي گهوڙيسوارن مان جيڪي مون وٽ ميرپور آيا هئا، فقط هڪڙو قاضي وڃي بچيو، باقي ٻيا سڀ هڪ - نه ٻيو بهانو ڏيئي کسڪي ويا. جڏهن شهر جي در وٽ پهتاسين تڏهن قاضيءَ مون کي خبردار ڪيو ته جيئن ته اسين نـِـوا جي وقت پهتا هئاسين، انڪري ٿي سگهيو ٿي ته ڪا گولي نه اچي ٺڪاءُ ڪري. ڇاڪاڻ ته قلعي جي حفاظتي فوج بروهين جي تاڙ ۾ ويٺي هئي. هن مون کي عرض ڪيو ته بندوق جي نشاني کان مڙيئي پري رهجي، جيسين سج ڪـَـني ڪڍي يا روشني ٿئي، پر جيئن ئي اسين مٿي دروازي ڏانهن وڌياسين، تيئن ڊپ ۾ قاضيءَ جا ڏند ٺڙڪڻ لڳا. مون دروازي وٽ پهچي، انهيءَ کي زور سان کڙڪايو. ڏٺم ته ٻن- ٽن بندوقن جون ناليون اچي منهنجي مٿي جي سنوت ۾ بيٺيون، ۽ مون کي هڪل ڪئي ويئي ته ڏهه قدم دروازي کان پري ٿي بيهه، نه ته اهي بندوقون اِجهي ٿيون ڇٽن. ايتري ۾ ماڻهن جو منڍيون دروازي جي مٿان، تڪڙو تڪڙو اندر ٻاهر ٿيڻ لڳيون، جنهن تي مون کين دڙڪو ڏيئي چيو ته هاڻي اها بيوقوفي ڇڏيو ۽ دروازو کوليو. جيئن ئي آءٌ اندر گهڙيس، تيئن سڌو وردان جي گهر ويس ۽ کيس ننڊ مان اُٿاري صورت حال بابت گفتگو ڪيم. هن ٻڌايو ته وٽس نوي (90) سوار هئا، جي گهڻو ڪري بيقاعدي فوج جا هئا، ۽ نوان رنگروٽ هئا. دادر ۾ جتي اسان جا پنج سؤ ماڻهو ۽ ڪيتريون ئي توبون هيون، پر اتان فقط هڪڙو ماڻهو آيو، جنهن کي ڀاڳ ۾ موجود ڪـَـٽيل توبن جي سنڀال جو ڪم ڏنو ويو. هڪڙي توب جي ٽرائي وٺندي هن شهر جي ويران پاسي انهيءَ جو منهن ڦيرائي وٺي ڇوڙيو. اهو ويرانو ٻه سؤ وال کن پري هو پر ڌڪ لڳو ئي ڪو نه. اها توب ڪا پويان ڌڪ هڻندڙ هئي، سو جيئن ئي پويان ڌڪ هنيائين، تيئن وڃي ديوار کي لڳي ۽ ان کي پنهنجي مٿان ڪيرائي وڌائين. اها توب اڃا به انهيءَ ديوار جي هيٺان پئي آهي. هن جي راءِ هئي ته شهر کي بچائڻ ناممڪن هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جا هزارين رهاڪو اسان جي خلاف هئا، ۽ جي خلاف نه به هجن، تڏهن به کين اسان جي مٿا ڪـُـٽ سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي ۽ اهو به قلات جي نوجوان خان خلاف، جو ان وقت بولان جي لـَـڪ تان هيٺ لهي رهيو هو. ساڳئي وقت ڪمال خان به ٽن - چئن هزار سوارن سان گنداوا جو لڪ لهي چڪو هو. ڀاڳو شهر جي ڀـِـت ڪيترن هنڌن وٽ ڏهن فوٽن کان به گهٽ هئي. ازانسواءِ پاڻي هٿ ڪرڻ خاطر شهر کان ٻاهر به ضرور وڃڻو ٿي پيو. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڏي خرابي هئي محمد شريف جي، جو پنهنجي شرارتي ذهن جي ڪري مشهور هو. هو شهر ۾ موجود هو، ۽ بروهين سان به ملت ۾ هو. اهي خبرون ٻڌي مون صلاح ڏني ته شهر جي چڱن مڙسن کي گهرايو وڃي، ۽ کانئن پڇجي ته انهن جي ڪهڙي ڪهڙي راءِ آهي. راڄ جي چڱن مڙسن، جن ۾ غلام نبي مغيري ۽ حيدرخان ابڙو وغيره شامل هئا، تن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان کي فوجون آهن ته پوءِ ڀلي مقابلو ڪريو، نه ته چڱو اهو آهي ته نوجوان خان سان صلح ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته طاقت کان سواءِ جيڪڏهن اوهان منهن ڏنو ته پوءِ اسان جون زمينون به ويران ٿي وينديون، ۽ اسان جي جان به جوکي ۾ رهندي. اهي ماڻهو حقيقت ۾ اسان جي فائدي ۾ هئا. پر انهن کي اسان جي ڪمزوريءَ جي پوري پوري خبر هئي. کين محمد شريف جي ڪرتوتن جي به ڄاڻ هئي، جو بروهين جي اچڻ تي هڪدم دروازا کولي ڇڏي ها، ۽ دوستن جيان سندن آڌرڀاءُ ڪري ها. جيئن ته اسان جا ڀاڳ ۾ اَنَ جا انبار پيل هئا، انڪري اسان جو مقصد هو ته شهر جو بچاءُ ٿئي. انڪري آخر اها صلاح ٿي ته آءٌ پنهنجا سپاهي وردان وٽ ڇڏي ڦلجيءَ وڃان، ۽ اتان مددي فوج ڏياري موڪليان. پوءِ انهيءَ ڪم ۾ ڪاميابي ٿئي يا نه، پر ٻن ڏينهن ۾ واپس ڀاڳ پهچي وڃان. آءٌ ان وقت ڏاڍو ٿڪل هوس پر ان هوندي به هڪ مـَـهري اُٺ تي چڙهي ڦلجيءَ ڏي پنڌ پيس. برپٽ جا ارڙهن ميل لنگهندي، ڇڇر تي اچي پهتس. هي ڳوٺ لـَـهري نديءَ تي ٻڌل هو، جنهن جي چوڌاريءَ جوئر جي فصل بيٺو هو. آءٌ پوءِ وزيره ويس جو بجرخان نالي هڪ مشهور ڊومڪي سردار جو ڳوٺ هو.

ان وقت آءٌ اتفاق سان بجر خان جي اُٺ تي چڙهيل هوس، جيڪو گهڻو اڳي، سندس پيش پوڻ وقت کانئس ڦـُـريو ويو هو. اهو هڪ عجيب وقت هو. آڌيءَ رات جو بجر جي قبيلي جي ماڻهن ۾ هڪ اڪيلو ٿڪل ٽٽل ۽ ويڳاڻو شخص هوس. منهنجي پهچڻ سان بجر جو پٽ وزير خان ۽ سندس ڀاءُ مبارڪ خان ٻاهر نڪري آيا، ۽ سندن پٺيان ڊزن - ٻه ٻيا به ٻروچ هئا. انهن نڪرڻ سان ئي پنهنجو اُٺ سڃاڻي ورتو، ۽ ان کي سندس نالو وٺي سڏ ڪيائون. مون کي هڪدم سڃاڻي ورتائون، ڇاڪاڻ ته شڪارپور مان گذرندي مون ڪيترا دفعا کين مانيءَ جي دعوت ڏني هئي. هنن هڪدم گهـَـٽو ۽ ڪجهه شيخون گهرايون ۽ اسان سڀني گڏجي کاڌو کاڌو. گهـَـٽي کي هتي دنبو سڏيو وڃي ٿو، ۽ آهي به ڏاڍو متارو! سندس پــُـڇ اچرج جهڙو ٿلهو هوندو آهي.

اتي اسان نفشڪ جي جنگ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن مون کي ٻڌايو ته انهيءَ جـُـوءِ جا سڀيئي ٻروچ مرين جي مدد لاءِ ويا هئا ۽ جنگ ۾ حصو ورتو هئائون. مون پڇيومان ته انهيءَ ۾ گهڻا ماڻهو مئا هوندا، تڏهن جواب ڏنائون ته، ٻه سؤ اوهان جا ماڻهو ۽ اسي ٻروچ.

اڌ ڪلاڪ يا ٿورو وڌيڪ آرام ڪرڻ کان پوءِ مون وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. مبارڪ خان، ڦلجيءَ تائين رستي جا ڇهه ئي ميل، جي گهڻو ڪري جهنگ هو، مون سان گڏ هو. ڦلجي هڪ تمام سهڻو ڳوٺ هو ۽ بگٽي - مري ٽڪرين جي پاڙ ۾ هو. پهرين اهو ڳوٺ ڪهيرين وٽ هو پر پوءِ کين بجر خان اتان ڪڍي ڇڏيو هو. جيئن ته ڪهيرين اسان جي اچڻ وقت سڀني کان پهرين اسان جي ملازمت اختيار ڪئي هئي، انڪري سندس خدمتن جي صلي ۾کين ڦلجي ۽ ان جو آسپاس وارو علائقو ڏنو ويو هو.

ڀاڳ کان ڦلجيءَ تائين ڊگهي سفر ۾ معاملن کي سمجهي، تاڙي ويس ته اسان کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي. معاملا ڏاڍا مشڪل هئا، ۽ سکر جي اختياريءَ وارن کي انهيءَ طوفان جي- جيڪو تمام ويجهو اچي پهتو هو- ڪا به خبر ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته کين مون وارا خط پهتا ئي ڪونه هئا. بروهين ڪڇيءَ تي ٻه - طرفو حملو ڪيو. هڪ طرف کان ڪمال خان التازئي ٽن - چئن هزارن ماڻهن سان گڏ گنداوا پهچي ويو هو، اتي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني هئائين. ٻئي پاسي وري نصير خان پنجن - ڇهن هزار سوارن سان دادر جي ويجهو پهچي چڪو هو. ڪمال خان جيڪڏهن چاهي ها ته ٻن - ٽن منزلن ۾ ڀاڳ تائين پهچي وڃي ها. اتي اسان جي حفاظتي فوج ڪانه هئي ۽ ٻيو ته اسان جو مقرر ڪيل نائب محمد شريف بروهين سان اڳيئي ملت ۾ هو، انڪري شهر تي آسانيءَ سان سندن قبضو ٿي وڃي ها. ڀاڳ هٿ اچڻ کان پوءِ ڪمال خان جو ان جي گودامن تي قبضو ٿي وڃي ها، جنهن جي وسيلي هو دادر کي ٻن باهين جي وچ ۾ وجهي سگهيو ٿي. ساڳئي وقت هو ڪاجڪ جي ماڻهن، مرين ۽ بگٽي ٻروچن سان رابطو قائم ڪري سگهي ها. انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونه آهي ته ڪو دادر نه وٺي سگهي ها. ائين ڪرڻ سان هو اسان جي فوجي جٿن کي ڪٽي سگهيا ٿي.

اسان جون فوجون جيڪر نصير خان جي حملي کي منهن ڏيئي وڃن ها پر ڀاڳ هٿان نڪري وڃڻ کان پوءِ ۽ دشمن کي توبن هٿ اچڻ کان پوءِ سندن مقابلو نه ڪري سگهن ها. انڪري بهتر طريقو هي هو ته آءٌ ڪافي طاقتور فوج جمع ڪري ڀاڳ پهچان ۽ پيادل فوج کي اتي ڇڏي، جيڪي به سوار جمع ٿي سگهن، تن سان بروهين جي ڪئمپ طرف گنداوا ڏانهن ڪوچ ڪريان. مون کي پنهنجي دوست بالادست وٽان ڪي به اهڙيون هدايتون ڪونه هيون، پر ڇا اهڙي نازڪ وقت ۾ انهن لاءِ ترسڻ ضروري هو؟ ائين ڪرڻ سان دير ٿي وڃي ها ۽ بروهي تيسين ڀاڳ کي ڦـُـري چٽ ڪري ڇڏين ها. مون کي حيدر خان ابڙي، امام بخش رند، غلام نبي مغيري ۽ احمد خان مغازي جهڙن زميندارن جي مدد جو آسرو هو، جي نه فقط ڪي سوين سوار پيدا ڪري سگهيا ٿي، پر ساڳئي وقت اسان کي دشمن جي نقل و حرڪت جي به خبر پهچائي سگهيا ٿي. سندن وفاداريءَ جي بهترين ضمانت سندن زمينون هيون، جي فصل سان ڀريون بيٺيون هيون، انڪري جيڪڏهن اسان سان ساٿ نه ڏين ها ته بروهين جو اٿاهه لشڪر سندن زمينون تباهه ڪري ڇڏي ها. اسان سڀئي طريقا استعمال ڪري، هزار سپاهي جمع ڪري وڃون ها، جي ڪمال خان کي ڊوڙائي وڃي ٽڪرين تائين ڇڏين ها، پر ائين ڪونه ٿي سگهيو. ۽ نتيجو اهو نڪتو جو رسد جو سڄو مال ساڙيو ويو. منهنجي ڦلجيءَ پهچڻ کان هڪدم پوءِ، ٻه سؤ سوار ۽ سؤ پيدل لهري کان پهچي ويا هئا. انهن ٻڌايو ته ريجمينٽ جو هڪڙو بازو ٻن توبن ۽ ڪجهه سوارن سان دادر ڏانهن وڌي رهيو هو، پر ڀاڳ جي رستي کان نه، ڇاڪاڻ ته کين انهيءَ خطري جي ڪابه خبر ڪانه هئي. مون ارادو ڪيو ته آءٌ پاڻ لهري وڃي ڪمانڊنگ آفيسر تي زور آڻيان ته هو ڀاڳ ڏانهن ڪوچ ڪري. اتي پهچڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته اسان کي پنهنجي رٿن کي عملي جامي پهرائڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. دادر کي مدد پهچائڻ کان اڳ اهو ضروري هو ته گنداوا جي بروهين خلاف ڪو موثر قدم کڻجي، ڇاڪاڻ ته دادر تي نصير خان جي حملي کان وٺي ان وقت تائين 18 ڏينهن گذري چڪا هئا. لهريءَ وڃڻ کان اڳ مون بجر خان ۽ بيبرگ سان ملاقات ڪئي، جن کي ان وقت آزاد ڪرڻ خاطر ڦلجي آندو ويو هو. پر ان هوندي به مٿن چوڪسي رکيل هئي. ملاقات مڙيئي چڱو وقت هلي، ۽ انهيءَ ۾ حاضر معاملن تي بحث مباحثو ٿيو، بيبرگ گهڻو وقت نظر بند رهڻ ڪري ڏاڍو خفي پئي لڳو ۽ پنهنجي آڻ مڃڻ واري ڏينهن کي پٽي رهيو هو. بجر ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ سهڻو ۽ فهميدو پئي لڳو. هن فقط هيئن چيو ته، ”صاحب! جيڪڏهن آءٌ  تنهنجي ڀاءُ جي اڳيان پيش پوان ها، ته هو مون سان ٻيءَ طرح پيش اچي ها ۽ مون کي انگريز سرڪار جو دوست بنائي وجهي ها!“

پيادل فوجي آفيسرن ۾ منهنجو پنهنجو هڪ مائٽ به هو، جو ڪاجڪ جي گهيري ۾ شامل هو. ڳالهين ڪندي اسان ڪاجڪ جي ڪوٽ جو به ذڪر ڇيڙيو، جنهن تي هن چيو ته، ”اوهان کي ڏاڍي ڏکي جنگ ڪرڻي پوندي“. اتي مون کان کـِـل نڪري ويئي. انهيءَ تي هن دعويٰ ڪئي ته، ”اوهان جون فوجون اسان جي توبخاني اڳيان بيهنديون ئي ڪونه!“ منهنجو وري اهو چوڻ ته اهي بيهنديون. اهڙيءَ طرح ڳالهين ڪندي اسان هڪٻئي کان موڪلايو. اڃا ٻه مهينا ئي ڪونه گذريا ته خبر پيئي ته اهو نوجوان آفيسر ڪاجڪ تي حملو ڪندي مارجي ويو. اهو حملو ٽي دفعا ڪيو ويو پر هر ڪنهن ڀيري انهيءَ کي ناڪامي ڏسڻي پئي. لهري پهچڻ تي مون اهي به فوجون ڏٺيون، جي گهڻي وقت تائين ڪاهان ۾ گهيري هيٺ آيل هيون. انهن مون کي مرين جي طرز عمل بابت دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون. انهيءَ بهادر قبيلي نه فقط اسان جي حفاظتي فوج کي پوئتي هٽڻ جي اجازت ڏني پر ساڳئي وقت مٿن رحم ۽ مهربانيءَ جي نظر به ڪئي هئي. مثال طور اسان جو هڪ سپاهي جڏهن ساڻو ٿي ڪـِـري پيو، تڏهن هڪ مري سونهون کيس پنهنجي خچر تي چاڙهي هيٺ وٺي آيو. انهن جي سردار دودا خان مريءَ انهيءَ سپاهيءَ هٿان هيءُ يادگار نياپو ڪمانڊنگ آفيسر کي ڏياري موڪليو: ”چئو وڃي پنهنجي صاحب کي، ته مرين جيڪي به ماڻهو ماريا آهن، اهي جنگ ڪندي قتل ڪيا آهن. باقي رهيا زخميل، ڪئمپ جي پويان هلندڙ، ۽ قيدين جو خون، انهن جي جوابداري بگٽين تي آهي. اسان جا هٿ مقابلي نه ڪندڙ ماڻهن جي رت سان ڪڏهن به نه رڱيا ويا آهن.“ ڪوبه تاريخدان مرين کي دلير ۽ فراخ دل مردن جي فهرست ۾ داخل ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. سندن زالون به اهڙيون ئي بهادر آهن. اهي جنگ ۾ زخمين جي سنڀال کان سواءِ، سخت جنگ جي وقت، مڙسن سان گڏجي جنگ ڪنديون آهن. ٻروچن ۾ گهڻو ڪري هڪ زال ڪبي آهي ۽ زالن جي وفاداري پهاڪي طور ياد ڪئي ويندي آهي. اڳين وقتن ۾ جڏهن پٺاڻن جي شڪارپور تي حڪومت هئي. تڏهن اتي جي هڪ پٺاڻ حاڪم جي هڪ مري ٻروچ جي زال سان دل ٿي ويئي، جو سندس نوڪريءَ ۾ هو. حاڪم جڏهن ڏٺو ته هوءَ کيس سنوت نٿي ڏئي، تڏهن هن سندس مڙس کي ملازمت جي سلسلي ۾ ٻاهر موڪلي ڏنو ۽ پاڻ وڃي هن جي گهر ۾ وارد ٿيو. حاڪم جو خيال هو ته جيڪڏهن خوشيءَ سان راضي نه ٿي ته پوءِ ساڻس زوري به ڪبي. سج لٿي کان پوءِ حاڪم غائب ٿي ويو. هڪ رازدار نوڪر کي سندس نيت جي خبر هئي، تنهن وڃي کيس انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڳولي هٿ ڪيو. ڇا ڏسي ته حاڪم هٿين - پيرين ٻڌو پيو هو، ۽ اهڙي ته مار کاڌي هئائين جو مڙس جهلڻ کان سواءِ پيرن ڀر بيهي ڪونه ٿي سگهيو. انهيءَ قصي جي سموري خبر ته ڪانه پئجي سگهي، پر ٻڌڻ ۾ آيو ته اها مائي پنهنجي نامراد عاشق لاءِ پاڻ ئي بس هئي. مائيءَ هن کي ڏاڍي مار ڏيئي رسن سان کڻي ٻڌو ۽ پاڻ وڃي پنهنجي مڙس ڀيڙي ٿي، ۽ وري شڪارپور واپس ڪانه آئي.

مون جڏهن پنهنجي راءِ سينئر ملٽري آفيسر جي اڳيان ظاهر ڪئي، تڏهن هن انهيءَ کي معقول سمجهي، ڀاڳ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اسان انهيءَ ساڳيءَ رات پنڌ پياسين ۽ اڌ رات جو اڍائي بجي ڇڇر پهتاسين، جتي اسان منزل ڪئي. هتي مون کي جوئر جي پوک ۾ آسمان جي هيٺان سمهڻ جو موقعو مليو. مون واري جبي مون کي هنڌ جو ڪم ڏنو، پر اتي مڇر ڏاڍا هئا. ولهه تي سمهڻ جي ڪري، ٺنڀجي پيس ۽ جڏهن اٿيس تڏهن هٿ - منهن ڌوئڻ خاطر تنبوءَ ۾ وڃي ٽوال گهريم. تنبوءَ ۾ رهندڙ آفيسر هڪدم ورجايو، ”ٽوال کپيئي دوست! حاضر - ڇوڪرا ٽوال کڻي وٺ جلدي.“ پر مون واري دوست جو نوڪر به ڪلب بالڊرسٽن وانگيان پنهنجي مالڪ جي ٽوال کي ڪٿي ٿو هٿ لائڻ ڏئي. تنهن ڇا ڪيو جو ڪوڙ ڪري ويهي ٽوال ڳولڻ لڳو. نيٺ جڏهن گهڻي دير ٿي، تڏهن هن هڪل ڪري چيس، ”اڙي ٽوال ڏيڻ ۾ ايڏي دير!“ تڏهن جواب ڏنائين ته، ”سائين آهيئي هڪڙو ٽوال ۽ اهو اوهان اڳيئي کنيو ويٺا آهيو.“ ٻئي ڏينهن صبح جو اسان ڀاڳ پهتاسين. مون گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ سؤ ويهه ميل سفر ڪيو هو، انڪري مون چاهيو ٿي ته ڪجهه آرام ڪجي. اسان جو اتي ڏاڍي سٺي وقت پهچڻ ٿيو، ڇاڪاڻ ته بروهي گنداوا کان نڪري ڏکڻ ڪڇي ۾ ڇڙو ڇڙ ٿي ويا هئا ۽ انهن جون ڪي ٽوليون ڀاڳ جي ويجهو ٿورن ميلن اندر ڏسڻ ۾ آيون. محمد شريف، جو ٻه ڏينهن اڳ مون کي اڪيلو ڏسي رُکيءَ طرح پيش آيو هو، سو هاڻي عزت سان اسان جي خوشامد ڪرڻ لڳو. اڃا مون نيرن ئي ڪانه ڪئي هئي، ته پري کان مٽيءَ جو هڪ وڏو ڪڪر اڏامندو نظر آيو. اسان جا چار سوار جانچ پڙتال لاءِ اڳتي وڌي ويا ۽ توبن کي، جي برج جي ويجهو هيون، سنوت ڏيئي تيار ڪيو ويو. برج ۾ ان وقت اسان جي پيادي فوج جا 350 ماڻهو مقيم هئا. پر خبر پئي ته مڙئي خير هو. ٻيو ڪوبه ڪونه هو. الف خان جو پٽ، جيڪو گهوڙيسواري ڪري رهيو هو، سو گهوڙي تان ڪري پيو هو ۽ سندس ٻانهن ڀڄي پيئي هئي. نينگر جي ٻانهن ڇوڪرين جهڙي ڀوري ۽ لسي هئي، پر شابس هجيس، جو ڌڪ دليريءَ سان جهلي ويو. مون صلاح ڏني ته جيسين  اسان جي هتي اچڻ جو اطلاع بروهين تائين پهچي، تيسين اسان کي تڪڙو تڪڙو ڪوچ ڪري گنداوا پهچڻ گهرجي. منهنجي صلاح گهڻو ڪري پسند پيئي ۽ مون انهيءَ وقت عاميل ۽ ٻين آفيسرن کي، جي ويجهڙائيءَ ۾ هئا، خط لکيا ته چوويهن ڪلاڪن اندر اچي اسان سان شامل ٿين. ساڳئي وقت اها صلاح به بيٺي ته شهر جا دروازا بند رهن ته جيئن ڪوبه قاصد دشمن ڏانهن نه وڃي سگهي. اسان واري اها رٿ چڱي هئي يا خراب، پر پوري ڪانه ٿي سگهي. اڃا مون اهي بندوبست پئي ڪيا، ته هڪ قاصد منهنجي بالادست وٽان نياپو کڻي اتي اچي پهتو، جنهن ۾ هدايت ڪيل هئي ته آءٌ هڪدم کيس وڃي شڪارپور ۾ ملان. مون لاءِ انهيءَ حڪم جي مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ڪانه هئي، انڪري وري شڪارپور جي رستي تي پنڌ پيس. پر مون کي اهو اطمينان رهيو ته مون مڙسي ڪري ڀاڳ کي بروهين کان بچائي ورتو، نه ته ڏينهن - ٻن ۾ ڀاڳ جي به اها ساڳي حالت ٿئي ها، جيڪا ڪانڌاهه ۽ گنداوا جي ٿي هئي. انهن ٻنهي شهرن کي نه فقط ڦريو ويو، پر کين باهه ڏيئي ساڙي رک ڪيو ويو هو.

-----------


(1) اي- ڊي- سي: هميشه گڏ رهندڙ مددگار زيردست کي چئبو آهي.

(1) ڀاڳ، ناڙي جي علائقي کي سڏبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org