سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

 

صفحو ؛ 1

نئين مصر جا پراڻا ورق

اِي - بي اِيسٽوِڪ

 

 

مير رستم خان، خيرپور

عمر 81 سال، انگريزن جو خيرخواهه پر انهيءَ هوندي به قيدي

 

 

ڇپائيندڙ  پاران

هن ڪتاب جو مصنف مسٽر اِي.بي اِسٽوڪ 1843ع ۾ انگريزن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ اپر سنڌ ۾ سياسي ايجنٽ مقرر هو. ليڪن سندس لکت مان خبر پوي ٿي، ته هو سنڌ واسين ۽ ٽالپرن جو خيرخواهه هو. سنڌي، بلوچي ۽ فارسي ٻوليون چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هن اپر سنڌ ۾ رهي سنڌي ماڻهن ۽ برطرف ٿيل ٽالپر حڪمرانن جو احوال روزنامچه جي صورت ۾ قلمبند ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ’نئين مصر جا پراڻا ورق‘ جو عنوان سان 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب اصل انگريزيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن کي نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ سنڌي ويس پهرائي عام سنڌي پاڙهن جي خدمت ۾ پيش ڪيو، هيءُ ٽيون ڇاپو آهي، هن جو ٻيون ڇاپو 1978ع ۾ ڇپيو ويو هو.

هيءُ ڪتاب سنه 1843ع ۾ انگريزن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ وارين حالتن جو سرسري جائزو آهي. اميد ٿي ڪجي، قارئين حضرات هن ڪتاب کي پڙهي سٺو لاڀ حاصل ڪندا.

 

ڄام شورو، سنڌ                                انعام الله شيخ

خميس 29- صفرالمظفر  1427هه                سيڪريٽري

بمطابق 30- مارچ  2006ع                  سنڌي ادبي بورڊ

 

تعارف

چارلس نيپئر 1843ع ۾، سنڌ جي ميرن سان اڳرائي ڪري، مٿن حملو ڪري، ملڪ فتح ڪيو. تنهن کان اڳ ئي خدا ترس ماڻهن جي دلين ۾ هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ نيپئر جي ارادن بابت شڪ شبها پيدا ٿيا هئا ۽ هنن هندستان ۽ ولايت جي اخبارن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

نيپئر جي سياسي ڪمشنر ميجر آئوٽرام جي شروع کان ئي ميرن سان همدردي هئي ۽ هو کيس جارحانه ڪاروائي ڪرڻ کان روڪيندو ايندو هو. ساڳئي وقت، بمبئي ٽائيمس جو ايڊيٽر، مسٽر بيوسٽ به دل کولي پنهنجي اخبار ۾ گورنر جنرل نيپئر جي ڪارواين تي نڪته چيني ڪندو رهندو هو. لڙائيءَ کان پوءِ بيوسٽ صاحب لنڊن جي “ٽائيمس” اخبار جو هندستاني - خاطو به هو. اهڙيءَ طرح، لنڊن جي اخبارن کي به صحيح خبرون پهچنديون هيون ۽ اهي انهن خبرن کي وقت بوقت مشهوري ڏينديون هيون. لڙائيءَ کان پوءِ آئوٽرام بمبئيءَ موٽي ويو ۽ گورنر سان مليو ۽ کيس نيپئر جي زيادتين کان واقف ڪيائين ۽ اهو به ظاهر ٿيو ته نيپئر پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل کي ڪيترين حقيقتن کان غافل رکيو هو يا انهن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو هو. نيپئر ڏاڍو غصي وارو آدمي هو. ڪراڙي کي جڏهن انهن ڪارواين جي خبر پيئي ته باهه ٿي ويو! هوڏانهن اخبار به باهه ٻاري ڏني. 1845ع ۾، چارلس نيپئر جي ڀاءُ وليم ”سنڌ جي فتح“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن فاتح سنڌ جي، حد کان وڌيڪ تعريف ڪئي ۽ ميجر آئوٽرام تي حملا ڪيا.

آئوٽرام ان جو جواب پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي فتح بابت ٽيڪا ٽپڻي“. Conquest of Sindh -- a Commentary. ۾ ڏنو، جنهن ۾ هن سمورين حقيقتن بابت نيپئر جي حرڪتن کي بي نقاب ڪيو. انهيءَ جو جواب وري رچرڊ نيپئر ڏنو. پوءِ ته عام بحث شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي حمايتين بهرو ورتو. جنرل جان جيڪب ان معاملي ۾ آئوٽرام جو طرف ورتو. هوڏانهن نيپئر جي ڄاٽي ۽ اي - وي - سي مانٽگو مئڪمرڊي وري
چارلس نيپئر جي وڪالت شروع ڪري ڏني. چارلس نيپئر جي ٻئي ڀائٽي ۽ اي - ڊي - سي، وليم نيپئر، جو سندس ڄاٽو به هو، پڻ خاصيءَ سرجوشيءَ کان ڪم ورتو. حيدرآباد جو ڪلڪٽر رئٿبورن به هن جي مدد ڪندو هو ۽
Omega جي نالي سان پنهنجا ليک ڇپائيندو هو. انهيءَ جا مضمون Karrachee Advertiser ۾ ڇپيا هئا، جو هفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿيندو هو ۽ شايد حيدرآباد يا ڪنهن ٻئي ضلعي جي ليٿو پريس ۾ ڇپبو هو. پر اهي همراهه چارلس نيپئر جا نادان دوست ثابت ٿيا ۽ سندس شهرت کي ڪافي نقصان پهچايائون. هوڏانهن ولايت ۾ Edinburgh Review  ۽  Examiner Times پڻ انهيءَ ويڙهه ۾ خاص بهرو ورتو. انهن سڀني اخبارن جا فوٽو اسٽيٽ نقل، ضروري آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لاءِ حاصل ڪرڻ کپن، جو اهي اخبارون ۽ رسالا ان وقت جي تاريخ جو سرچشمو آهن.

ڪئپٽن ڊبليو. جي. ايسٽ وڪ، جيڪو شايد Dry leaves جي مصنف جو ڀاءُ هو، تنهن اهو سوال ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل ڪورٽ ۾ اٿاريو. تان جو معاملو وڃي برطانيا جي پارليامينٽ ۾ پهتو. 1894ع ۾، اچانڪ Dry leaves From Young Egypt  شايع ٿيو، جنهن ۾ 1839ع ۾ سنڌ ۾ جيڪي حالتون هيون، تن جي چٽي تصوير ڏني وئي ۽ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن نه ڪوڙين تهمتن جي بنياد تي ميرن سان ڏٺي وائٺي ارهه زورائي ڪئي ويئي هئي. دراصل، انهيءَ ڪتاب جو مصنف E.B.Eastwick هو، ليڪن اهو ساڳيو ماڻهو نه هو، جنهن لنڊن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل ڪمپنيءَ ۾ تقريرون ڪيون هيون ۽ شايد مصنف جو ڪو ڀاءُ يا ويجهو عزيز هو. 1851ع ۾ انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ظاهر ٿيو، جنهن ۾ مزيد معلومات ڏني وئي هئي. ڪتاب جو برطانيا ۾ چڱو اثر ٿيو ۽ ميرن لاءِ همدردي پيدا ٿي، جيتوڻيڪ ان جو ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. انهيءَ وقت تائين سنڌ تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا هئا، تن ۾ تعصب کان ڪم ورتو ويو هو، سواءِ ڊاڪٽر برنس جي ڪتاب A Visit to the Court of Sindh جي. ايسٽوڪ صاحب سفارتي عملي جو رڪن هو ۽ سنڌي، بلوچي ۽ فارسي زبانن کان چڱيءَ طرح واقف هو. هن ۾ سنڌين ۽ ميرن سان همدردي هئي. شايد Cap. Browne سان، جو اپر سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، هن جي اڻبڻت هئي. هن کي اپر سنڌ ڏانهن 1839ع ۾
ڪرنل پاٽنجر، جيڪو ڪڇ ۾ ايجنٽ هو، موڪليو هو. رچرڊ برٽن پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌين تي ڇوهه انهيءَ ڪري ڇنڊيا آهن، جو هو اڃا سنڌ ۾ نئون آيو هو ۽ چارلس نيپئر کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيائين. هونءَ به هن جي مشرق جي ماڻهن سان همدردي گهٽ هئي.

ڪن ماڻهن کي گمان آهي ته هي ڪتاب ميرن يا سندن ڪن وڪيلن، مسٽر ايسٽ وڪ جا کيسا ڀري، کانئس لکرايو هو. پر مون کي پنهنجي مطالعي مان اهڙي ڪا ڳالهه معلوم ڪانه ٿي آهي. جي واقعي ائين هجي ها ته چارلس نيپئر جا حواري ضرور پنهنجن ڪتابن ۽ ليکن ۾ ان ڳالهه ڏي اشارو ڪن ها. مان ان ڳالهه جو ذڪر اڳي ئي ڪري چڪو آهيان ته اهڙا گهڻائي مرد مولا جا ان وقت هئا، جن سچ جو هوڪو پئي ڏنو.

جن به ڌارين ماڻهن سنڌ ۽ سنڌين کي ويجهو ڏٺو آهي ۽ انهن سان گڏ گهاريو اٿن، تن سنڌين ۽ انهن جي ڪردار ۽ سادگيءَ جي تعريف ڪئي آهي.

 

 

حيدرآباد، سنڌ.                           محمد حنيف صديقي


 

 

نئين مصر جا پراڻا ورق

مصنف: هڪ اڳيون پوليٽيڪل عملدار

”... ۽ ڪيئن نه اهي راڪاس پنهنجن ٻارن کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. پهريائين ته هو هڪ قسم جو اوڊالسڪيز نالي عرق، زالن کي ڏيئي ٻار ڪيرائي ڇڏيندا هئا. پر جيڪڏهن اهو طريقو ڪامياب نه ويندو هو، ته پوءِ هـُـو ٻار کي ڄمڻ کان پوءِ پنهنجن هٿن سان ٽڪر ٽڪر ڪري ماري ڇڏيندا هئا. نه ته گهڻو ڪري ٻارن کي طـُـول يا گـَـديءَ هيٺان رکي پوءِ بيفڪريءَ سان انهيءَ تي چڙهي ويهندا هئا، ۽ کائيندا پيئندا ۽ تماڪ جا دونهان ڪڍندا رهندا هئا. انهيءَ ظالماڻي ڪم تي هو هڪٻئي سان چرچا ۽ گهٻا به ڪندا رهندا هئا، ۽ ٻار سندن هيٺان دٻجي مري ويندا هئا“. (”سنڌ جي فتح“ حصو ٻيو. ص 348.)

”تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏنل آهن، جن جي پٺڀرائي ڪرڻ يا جن کي غلط ثابت ڪرڻ، ڪابه اهميت نٿو رکي. ماڻهن جي ڪيل چڱائيءَ نيٺ به چڱائي پيدا ڪئي آهي، بشرطيڪ انهيءَ جو دارومدار سچ تي هجي. پر جڏهن ڪنهن فرد جو ڪردار خطري ۾ اچيو وڃي ته پوءِ هڪ ڏاهو ليکڪ مٿس لڳل بهتانن تي غور ۽ ويچار ڪندو ۽ انهيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهو ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح وجود ۾ آيو آهي. اهو بهتان ڪهڙي طريقي ايجاد ٿيل آهي ۽ پڻ ڪيئن هـُـلايو ويو آهي، انهيءَ تي به هـُـو پنهنجو خيال ڊوڙائيندو. پر انهيءَ ڪم لاءِ کيس هڪ اهڙي ڏکئي دؤر مان گذرڻو پوندو، جنهن ۾ کيس تمام ٿورا وَجـَـهه انهيءَ کي ڪوڙو يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ملندا.“

-- ”گريٽن جون تصنيفات“ جلد 2، ص 242.

 

 

 

نئين مصر

 

جا

 

پراڻا ورق

 

 

انتساب

ليفٽيننٽ ڪرنل جيمس آئوٽرام سـِـي - بـِـي.

جي نالي تي- سندس اوچي ۽ بلند ڪردار،

سندس بي لوث خدمت ۽ مستقل مزاجي،

”سندس عوامي خدمت ۾ اڻٿڪ چاهه جي مدنظر

واقعن جا هي مختصر نقش

جن ۾ هـُـن مشهور ڪردار ادا ڪيو آهي“

پڻ انهن ماڻهن لاءِ، جن سان انصاف ٿيڻ لاءِ

هـُـن گهڻوئي پاڻ پتوڙيو

مصنف نهايت احسانمنديءَ ۽ دلي محبت سان

هي ڪتاب کيس منسوب ڪري ٿو.

                                            --- مصنف

 

پهرئين ڇاپي جو ديباچو

هن ياداشتنامي جي پهرين سٽ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، ته مون انهيءَ کي انهيءَ وقت کان ٽي سال اڳ لکڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌ جي ميرن جا وڪيل پنهنجي ملڪ لاءِ انصاف وٺڻ جي سڀني ڪوشش ۾ ناڪام ويا. مون انهيءَ اميد سان ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو، ته خيرپور جي ميرن سان جيڪو اڻسهائيندڙ سختيءَ جو وَرتاءُ ڪيو ويو آهي، اهو ثابت ڪريان ته ٿيڻ کپندو هو. جيئن ته اڳرائي اسان جي طرفان ٿيل هئي، ان ڪري اسان کي کين اهڙيءَ طرح ستائڻ نه کپندو هو، پوءِ ڀل ته انهن جي اسان ڏانهن دشمني ثابت به ٿي هجي ۽ پڻ ”بلو بڪ“ ۾ جيڪي لکيل آهي، انهيءَ کان به وڌيڪ سندن خلاف ثابتي ملي هجي. جڏهن مون ڏٺو ته انهن سان ڪوبه انصاف نٿو ٿي سگهي، تڏهن مون پنهنجو قلم اڇلائي ڇڏيو. پر جيئن ته بنگال جي خراب آبهوا جي ڪري ۽ پڻ دل جي ڏک سبب مير صوبدار خان، سندس ماءُ ۽ وڏي پٽ جي مرتيي جي خبر پيئي آهي، جي اسان جا پڪا دوست ۽ ساٿي هئا، انڪري آءٌ ڀانئيان ٿو ته مون لاءِ هيءُ هڪ سونهري موقعو آهي ته باقي جيڪي وڃي بچيا آهن ۽ قيد ۾ آهن، تن لاءِ عوام ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪريان ۽ سندن باري ۾ڪو عوامي رايو پيدا ڪرائي وٺان.

سو،مون ڄڻڪ انهيءَ چٽيءَ روشنيءَ ۾، جا انهيءَ معاملي تي ڪرنل آئوٽرام ۽ سـُـليوان اڳيئي وجهي ڇڏي آهي، فقط هڪ ڪمزور ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ جو اضافو ڪيو آهي. هن لکڻيءَ جي ڪري جيڪڏهن آءٌ ڪـِـريل ميرن جي اڳوڻن دوستن جو رايو سندن فائدي ۾ آڻي سگهيس ته پوءِ آءٌ سمجهندس ته منهنجو مطلب پورو ٿي ويو.

---------------

 

ٻئي ڇاپي جو ديباچو

اهو مرحوم لارڊ جيفري، جو نقادن جو ليويٿان آهي، ۽ جنهن جي وفات تي گهڻو ڏک ظاهر ڪيو ويو هو، تنهن هن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ مون کي هڪ خط لکي منهنجي جهڙيءَ تهڙيءَ لکڻيءَ جي ساراهه ڪئي ۽ چيائين ته، ”ميرن کي ختم ڪرڻ جي پاليسي يا انهن سان انصاف ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ضروري هئي، پر هاڻي اسان کي انهيءَ سڄي معاملي کي پنهنجو ڪيل ڪرتوت سمجهي قبول ڪرڻو پوندو. جنهن نموني ۾ تو واقعات، فردن ۽ ڪردارن جو نقشو چٽيو آهي، اهو تمام دلچسپ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. پر مون کي تنهنجو هر هر سوال ڪرڻ جو نمونو البت ڪونه ٿو وڻي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ ڪن چڱن ماڻهن اسان جي انهيءَ ڪردار تي پنهنجو راضپو نه ڏيکاريو آهي.“ ان ڪري اهو قاعدو ٿي ويو آهي ته اسان جا داناء ماڻهو، اسان کي ڪالونين مان پهچندڙ (اتي جي ماڻهن تي ٿوپيل) مصيبت ۽ بي انصافيءَ جي خبرن تي ڪوبه غور نٿا ڪن. چڱا چوکا ماڻهو، جي هن ملڪ ۾ ماڻهن جي آزاديءَ جي ٿوري به ڀڃڪڙيءَ تي اٿيو کڙا ٿين، سي اسان جي طرفان ڪيل ظلم ۽ بي انصافيءَ جو ڪوبه خيال نٿا ڪن. ڪرنل ڊڪسن جو ’مارواڙ‘ ۾ چوڻ آهي ته، ”هاڻوڪو راجا مانسنگهه اهڙن موقعن تي فقط ’ٺيڪ‘ ’ٺيڪ‘ چوندو هو.“ فقط ’ٺيڪ‘ ’ٺيڪ‘ چوندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته ائين، بلڪل سچ وغيره وغيره. (پر رعيت تي ٿيل ظلم جو ڪوبه خيال نه ڪندو آهي). حقيقت  هيئن آهي ته انگريز عوام کي سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو پتو ئي نٿو پئجي سگهي. سنڌ جو مثال وٺو، انهيءَ تي هڪ طرف اسان کي سر چارلس نيپئر جو بيان ملي ٿو ۽ ٻئي طرف ميجر آئوٽرام جو. ٻنهي جو بيان هڪٻئي جي ابتڙ آهي. دنيا جي نظرن ۾ اهي ٻئي ڄڻا سنڌ جي معاملي ۾ ڀـَـڙ سمجهيا وڃن ٿا، جن کي انهيءَ ملڪ جي پوري ڄاڻ هئي. ٻنهي جو بيان هڪٻئي سان اختلاف ٿو رکي. انڪري انهيءَ تي ڪهڙو فيصلو ٿي سگهي ٿو؟ آهي ڪو اهڙو ماڻهو جو ويهي شاهديون پڙهي؟ شاهديون وري اهڙيون ته ڊگهيون، جو جن جو فرض آهي ته اهي پڙهي ڏسن، سي به ڪونه ٿا پڙهن. فرض ڪريو ته اهي پڙهن به کڻي پر انهن ۾ اهڙا ڪهڙا ماڻهو آهن جو انهن کي پڙهي پوءِ ڪو قدر ڪندا. جيڪڏهن انهيءَ شهادت يا ثابتيءَ کي مڃيو به وڃي، تڏهن به ڇا، اسان جو عوام اهڙو آزاد آهي جو ان تي ڪجهه ڪري سگهي! ڇا اهو سچ آهي ته انهيءَ معاملي تي وڌيڪ پڇا انهيءَ ڪري ڪانه ڪئي ويئي آهي، جو انهيءَ تي ٻطرفو مواد موجود آهي، پر جيئن ته انهيءَ تي به متضاد يا هڪٻئي جي اُبتڙ بيان موجود هئا، ان ڪري ته پاڻ وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪرڻ کپندي هئي. هتي ٻارهن کن اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن مان ڪي تمام وڏي رتبي تي پهتل آهن. پڻ اُهي انهن ماڻهن مان آهن، جن جي اخلاق تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگهجي. انهن جو به اهو چوڻ آهي ته، ”ميرن سان بلڪل زور آوري ڪئي ويئي آهي ۽ کانئن سندن ملڪ ڪوڙين ۽ بي بنياد شاهدين تي کسيو ويو آهي.“ سچيءَ ڳالهه جي لاءِ شروعات ۾ هميشه گهٽ شاهدي ميسر ٿيندي آهي، پر دال ۾ مڙيئي ڪجهه ڪارنهن آهي. هيترن سارن ماڻهن کي ٺڳي نٿو سگهجي.

هڪ، ٻه يا ٽي ماڻهو ڪمزور ڪيس پيش ڪري سگهن ٿا پر ڊزن کن ماڻهو انهيءَ معاملي بابت مشڪل ڪا غلطي ڪن، جيڪي هنن ٻڌو يا ڏٺو هو. جڏهن اسين چئون ٿا ته مير رستم خان سان زيادتي ٿي آهي، تڏهن اسان نٿا چاهيون ته سر وليم نيپئر جي افواهي ۽ ٻڌل ڳالهين کي سچ سمجهي سندس ڳالهه تي اعتبار ڪريون. اسان کي سڄي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان انهيءَ ڪيل زيادتيءَ کي پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي ۽ ڪنن سان ٻڌو آهي. اوهان کي ثابتيءَ لاءِ ٻيو وڌيڪ ڇا کپي. سڀاڻي، جيڪڏهن ”هائوس آف ڪامنس“ انهيءَ معاملي تي جاچ پڙتال لاءِ ڪا ڪميٽي مقرر ڪري ته پوءِ اسان جو فرض آهي ته اسين انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪريون ته انگريزن، سنڌ جي ميرن تي تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن. اهڙا ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻار آهن، جي اڃا تائين (آءٌ اهو نٿو چوڻ گهران ته اهي ڪهڙيءَ نه اوچائيءَ تان ڪـِـري هيٺ ڌوڙ ۾ وڃي پيا آهن) اسان جي هٿان جيلن ۾ پيا آهن، ۽ پڻ ملڪ بدر آهن، سندن خلاف اختيار ڪيل بي انصافي، جيئن ته پڌري آهي، ان ڪري ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ جاکوڙ نٿو ڪري. اسان انومان ڪڍندي جيڪي زيادتيون سندن خلاف ڪيون آهن، انهن جي ثابتي هاڻوڪن دستاويزن مان ملي ٿي، جي اسان کي مير علي مراد جي خلاف مليا آهن. ڇا انهيءَ ۾ خدا جو هٿ نٿو ڏسڻ ۾ اچي! ڇا انهيءَ شهزادي اسان جي مفاد تي ڌاڙو نه هنيو آهي! آئون نٿو سمجهان، ته اسين ڪڏهن به انهن بدنصيب اميرن جي بيگناهيءَ بابت ڪو فيصلو ڏيئي سگهنداسين. اسان جو جيستائين پنهنجو مطلب ڦاٿل هو، تيسين اسان سندن مٿان،هڪ نه ٻيو بهتان پئي مڙهيو. پر جڏهن اسان جي حقن جي مير علي مراد جي هٿان تلافي ٿي آهي، تڏهن اسان اهي حقيقتون پيش ڪيون آهن، جن مان ٽالپرن جي بيڏوهي هجڻ جي ۽ پڻ اسان جي مٿن مڙهيل زيادتين جي خبر پوي ٿي.

انهن زيادتين بابت پڙهندڙ لاءِ هن ڪتاب جي پوئين باب ۾ گهڻو ڪي ڏنل آهي، پر ان هوندي به کيس يقين ٿيڻ گهرجي ته جيڪا به پٽاڙ ڪئي ويئي آهي، اها سچ ته هڪ ڊٺل خاڪي وانگر آهي.

مون جيڪو بي انصافيءَ جو نقشو چـِـٽيو آهي، انهيءَ تي ماڻهو منهنجي خلاف ٿيندا، پر مون کي ڪابه پرواهه نه آهي. مون تي هڪ فرض عائد ٿي ويو هو، جو مون بنا ڪنهن دشمنيءَ يا بغض جي ادا ڪيو آهي. جتي به مون ڪنهن جو ڏوهه ڏٺو آهي، اتي پڄت آهر گهٽ نالا ڏنا اٿم. پر ڪن حالتن ۾ نالن ڏيڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو نه هو. مون جيڪي به لکيو آهي، اهو ايمان جي سلامتيءَ سان سچ لکيو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته هن آزاد ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو هڪ سچ چوندڙ ماڻهوءَ سان دشمنيءَ نه وجهندو.

هاڻوڪي ڇاپي جي باري ۾ ڪرنل آئوٽرام، ڪرنل ڊڪنز، هزهائينس نظام علي محمد خان جي وزير شجاع الملڪ ۽ ٻين انگريز ۽ هندستاني ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، جن هن ۾ دلچسپي ورتي. آءٌ مسٽر گرانٽ، ڪلڪتي جي مشهور آرٽسٽ جو به ازحد ٿورائتو آهيان، جنهن ميرن جي تصويرن ٺاهڻ ۾ نهايت ايمانداريءَ ۽ جذبي کان ڪم وٺي تمام سٺيون ڪڍي ڏنيون.

هڪ ننڍڙي ڳالهه: هڪ اڻڄاڻ دوست مون کي صلاح ڏني آهي ته آءٌ هن ڪتاب جو نالو بدلائي ڇڏيان. انهيءَ ڏس ۾ آءٌ قبول ٿو ڪريان ته مون پنهنجي ڏنل خاڪن کي اهڙو ته نالو ڏنو آهي، جو عام پڙهندڙ سمجهي نه سگهندو، پر هاڻي انهيءَ کي بدلائي نٿو سگهجي. ٻيو اعتراض مون تي اهو آندو ويو آهي، ته مون اوڀر جي ماڻهن جا نالا عجب نموني ۾ ڏنا آهن، انهيءَ لاءِ هڪ مختصر جواب ڏيڻ ڪافي ٿيندو. آءٌ ڀانئيان ٿو ته اهڙو ڪوبه ماڻهو ڪونه آهي، جو مشرق (اوڀر) جي نالن کي هڪڙي نموني ۾ لکي سگهي. انهيءَ لاءِ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جن جي سڳوري نالي جو مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو، جنهن لاءِ انگريزن طرفان هيٺيان نالا استعمال ڪيا ويا آهن:

(1)  مـَـحوَند     (اولڊ بيلڊ)       Mahound

(2)  مـَـحومٽ  (پريڊڪس)                 Mahomet

(3)  مــَـحومد  (اورمي)                          Mahomed

(4)  مـَـحومد    (ڊَو)                                Mohmmad

(5)  مـُـحامد     (نيپئر)                       Mohamed

(6)  موحمد     (مـِـل ۽ سيل)       Mohammad

(7)  موحامد     (لين)                        Mohammad

(8)  مـُـحمد     (جانسن)           Muhammad

انڪري ظاهر آهي ته هرڪو انگريز جڏهن به مشرق جي نالن کي لکندو، ته پوءِ ڀل هو انهيءَ ٻولين کان واقف هجي پر ان هوندي به هو انهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ جدا جدا نموني ۾ اُچاريندو. انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته پوءِ هو ڀل وڃي ڊي- هر بيلاٽ جي آتم ڪهاڻين واري ڊڪشنري ڏسي، ڇاڪاڻ ته کيس پڪ ٿيندي ته جيسين اڳيون آزمودو نه هوندو،تيسين کيس صحيح حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا.

ٻولين جي نقطهء نگاهه کان انگريزي هڪ اهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ هڪجهڙائي بلڪل گهٽ آهي. اهو ڏسي عجب ٿو لڳي ته ڪيئن نه يـُـو، اي لاءِ، آءِ، اِي لاءِ، او، يو لاءِ ۽ ڪهڙو به اکر ڪنهن ٻئي هڪ جهڙي اکر لاءِ استعمال ٿيندا رهن ٿا. آءِ جو ئي مثال وٺو. انهيءَ کي جدا جدا اُچارن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ:

(1)  پـِـڪ ۾ آءِ                i

(2)  مـَـائن ۾ آءِ اي           ie

(3)  رسيو ۾ اِي آءِ          ei

(4)  ايڪئل ۾ اِي            e

(5)  مـِـيٽ ۾ اِي اِي         ee

(6)  ميٽ ۾ اِي اي           ea

(7)  ائجس ۾ اي اِي          ae

(8)  پيپل ۾ اِي. او           eo

(9)  اوئسوفيگس ۾ او. اي    oe

(10) ڪـِـي ۾ اِي. واءِ         ey

(11) ليفٽيننٽ ۾ آءِ. اي. يو  ieu

(12) گوريلا ۾ يـُـو. اِي         ue

(13) گـِـٽار ۾ يـُـو. آءِ         ui

اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر لاثام، انگريزن جي حرف علت واري سرشتي کي رد ڪندي، ٻڌايو آهي ته انگريزي زبان ۾ ڌارين لفظن کي اُچارڻ جو ڪوبه مقرر اصول ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪجهڙائي فقط يافثي ٻولين ۽ پڻ سنسڪرت ۾ ڏٺي ويئي آهي. سنسڪرت زبان ۾ هر هڪ اکر لاءِ هڪ آواز آهي ۽ فقط هڪڙو.

حرف علت سرشتو به انهيءَ جو سولو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي تمام آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.

اسان وٽ ڇهه حرف علت آهن:

آئـُـو    آ       a       a

اِيئـُـو    اِي     i       x

يـُـو     اُو       u       u

چار حرف علت جا گڏيل آواز آهن:

آئو ۽ اِيئـُـو = اِي       e

اَئو ۽ يـُـو = او          o

آ ۽ ايئو = آئي        ai

آ ۽ يـُـو = آئو          au

اهي نشان هندستاني ٻولين جي آوازن کي اُچارڻ لاءِ ڪافي آهن، ۽ پڻ عربي فارسيءَ جو به ساڳيو حال آهي، انڪري ڇو نه انهن کي اسين پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪم آڻيون. Consonant يا حرف صحيح جي باري ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته اسين ڪيئن انهن کي صحيح طور اچاري سگهون ٿا، جڏهن ته يوروپي ٻولين ۾ سندن لاءِ ڪوبه برابر لفظ ڪونه آهي. مثال طور عربيءَ جو ’ح‘ اسان جي (H) ايڇ کان وڌيڪ زوردار مخرج رکي ٿو. انڪري اسان انهيءَ لاءِ (H) جي هيٺان نقطو ڏيئي ان جي برابر بيهاريو آهي. انهيءَ طرح عربيءَ جي ’ع‘ لاءِ جيئن ته ڪوبه اکر انگريزي زبان ۾ ڪونهي، انڪري اسان يـُـو کي اضافت جي نشاني ڳنڍي ’ع‘ لاءِ هڪ نئون اکر ٺاهيو آهي. جهڙو عذر کي Uzr ڪري لکندا آهيون، پر اهو ته پاڻ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪريو وجهي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ته U (يـُـو) جي مٿان اڌ دم وانگر پيو لڳي، ۽ ٻيو ته اهو ’ع‘ جي علامت حذف جو به ڪم ڏيو وڃي. انهن نشانن استعمال ڪرڻ سان هڪ اکر جون گهڻيئي معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون، انڪري بهتر آهي ته نشانن جي بدران ڇو نه اصل اکر ڪم آڻجي. جاجهه ۾ پوڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ اها ڏاڍي تڪليف ٿي ڏئي.

انگريزي پڙهندڙ جيڪڏهن پاڻ وندرائڻ لاءِ هندستاني سفرنامي تي ڪو واهيات ڪتاب، جنهن کي هـُـو ڏسڻ به پسند نه ڪندو هجي (جهڙوڪ: هاڻي سندس هٿ ۾ آهي) کڻندو ته پوءِ هـُـن کي اهڙن ڏنگن - ڦڏن ڪرهت آميز اکرن ۽ جملن تي ڪاوڙ لڳندي، جي هـُـن کي بلڪل نرالا ۽ ڌاريا لڳندا. آهي ته اهو هڪ ڳنڀير معاملو، جنهن تي ويچار ڪرڻ لازمي آهي پر جيڪڏهن اسان کي هڪ دفعو انهن لفظن کي چڱيءَ طرح استعمال ڪرڻ جو ڍنگ اچي ويو ته پوءِ اها سڄي تڪليف دور ٿي ويندي ۽ جيڪي غلطيون ڪيون وڃن ٿيون، اهي به پوءِ ڪونه ٿينديون. ڪي اهڙا به رستا آهن، جي نقشي ۾ ته ڪونه ڏنل آهن، پر ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي کاتي ۾ مذڪور آهن. ڪي وري هـُـتي ڪونه آهن، نه نقشي ۾ وري ظاهر ظهور بيٺا آهن. ڪوبه ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي ته هن سجاڳيءَ جي دؤر ۾ ڪو اهڙو وقت اچي وڃي، جڏهن اسين ڪيترن هنڌن تي هڪ عالمي ٻولي استعمال ڪريون. اهڙيءَ حالت ۾ پوءِ هڪ فرينچ ريگنبرگ کي ريستبون ۽ انگريز ميونچين کي ميونچ چوڻ کان گسائيندو ۽ هڪ ائنگلو انڊين سولائيءَ سان گنگا جو لفظ اُچاري ويندو. ساڳيءَ طرح قاهره جي بدران هڪ گندو ۽ اڻسهائيندڙ لفظ ’ڪيرو‘ استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو به بند ٿي ويندو. منهنجي خواهش آهي ۽ پڻ اميد اٿم ته اهو طريقو جلد از جلد رائج ٿي ويندو.

                                                - مصنف

 

باب پهريون

ديسا - ابوجبل جو ديدار - اُتي جا تاثرات - ڪاٺياواڙ ڏانهن رستو- منڌ يگرا جو بت کان سواءِ مندر - راج ڪوٽ - ڪالا ڊگلاولا جا فرض - چوماسي جو گڏ ٿيڻ - سنڌ ڏانهن خشڪي رستو - ڀڄ - ڪڇ جو راءُ - لکپت بندر - رڻ لتاڙڻ - سنڌين جي هلت - سنڌوءَ ۾ ٻوڏ - ننگر ٺٽو.

مون پنهنجو سفر سال 1839ع ۾ شروع ڪيو هو، جنهن وڃي مون کي سنڌوءَ جي تاريخي ۽ ڪي قدر لـُـڙاٽيل پاڻيءَ تائين پهچايو. پر ترسو، اهو اڪيلو سفر اهڙو ته اڙانگو هو، جو آءٌ چاهيندو هوس ته ڪو حالڀائي ملي، ته ويهي ساڻس اورجي، سو پڙهندڙ اچ، ته ويهي اوريون. اهو هڪ تمام وڻندڙ دورو هو، جو ڪنهن ڀاڳ واري کي به مشڪل ملي. نقشي ڏانهن ته نظر ڪر، ديسا (1) کان وٺي هالار تائين جيڪا به ايراضي آهي انهيءَ کي ڏِس. رڳو واري ئي واري لڳي پيئي آهي. ڪٿي ڪٿي ان کي ٻٻر ۽ اَڪ جو غريباڻو لباس پيل آهي، ڪن ڪن هنڌن تي وري اهو پاڻ کي آڻيو سائي جهالر سان پرگهٽ ڪري، پر اهو هڪ ڇڊي پوشاڪ تائين محدود آهي. بياس کان وٺي سنڌوءَ تائين، آءٌ نٿو ڀانئيان ته ڪا ٻي نهر هوندي. اعتبار ڪريو ته رڳا ڪـِـنا کوهه آهن. آسٽريليا (2) جو رهاڪو به هتي جي رهندڙ ماڻهوءَ کان چڱي حالت ۾ آهي. اوهان جي ڌرتي به ڪـِـني ته اوهان جا ماڻهو به اهڙا ئي خراب. اهوئي ڪافي آهي جو اهي Avrxbo' ves آهن. منهنجي ڄاڻ ۾ ٻي ڪابه قوم اهڙي واهيات نه هوندي، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙائي نيچ ۽ ڪنجوس آهن. جهڙي اٿن واري، جنهن کي اهي لتاڙيندا رهن ٿا ۽ ان سان گڏ وري زُود رنج ۽ چيڙاڪ به آهن. سچ ته قومن جي ڪاهه ۽ ملڪ گيريءَ جو هتي ڪوبه اثر نه ٿيو آهي. محمد بن قاسم جي وقت کان وٺي ڪن ٿورن انهيءَ ملڪ تي حملو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته رڻ جي ڦورن ۽ سنڌو ڊيلٽا جي مهاڻن مان ڪي به پراپت نٿو ٿئي. سو اچو ته انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪريو ته ديسا جهڙي بکئي ملڪ ۾ پيادي پلٽڻ ڇا لاءِ رکي ويئي آهي، ۽ نه وري آءٌ اتي فوجي ڇانوڻي رکڻ جي ضرورت ٿو سمجهان. پر جيئن ته گهڻا ڪم بي سبب ڪيا ويندا آهن، ان ڪري هن تي بحث ڪرڻ اجايو ٿيندو ۽ اهوئي ڪافي آهي ته انهن کي به بي سبب ڪمن جي دائري ۾ شمار ڪيو وڃي. ننگرپارڪر جي ڦورن ۽ سندن پاڙيسري رڻ جي ڌاڙيلن کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ گهوڙيسوارن جو جٿو رکڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي پويان واريءَ ۾ ڊوڙڻ اسان جي سپاهين کي کلڻهارڪو ڪريو وجهي. ديسا ۾ اسان جون ٻه پلٽڻون آهن، جن مان هڪ يورپي آهي، جا سخت گرميءَ ۾ ماندي هوندي  به هر وقت چست رهي ٿي ته متان سندس لانڍيون هڪ نه ٻي رات ڀيلن جي هٿان ٻـُـهارجي وڃن. ديسا کي گرم ۽ خشڪ چوڻ سراسر سچ آهي، جيڪا حقيقت ۾ هڪ تمام غيرآباد جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اهو شهر 24 - 15 ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڪوسي ڪمربند کان ٻاهر آهي پر ان هوندي به منجهس تـِـر جيترو فرق نه آهي. اسان جو يار، سج به لاهي پاهي اهڙي طرح اچيو انهيءَ برپٽ مٿان بيهي جو انهيءَ تاوَ کان بچڻ لاءِ ململ جي ڪپڙي کي ويڙهي سيڙهي، اڇي ٽوپيءَ جي چوڌاريءَ ٻڌڻو پوندو آهي. مٿي سان ته ٿي اهڙي ويڌن، پر پيرن جو به ڪو چڱو حال ڪونهي، جو اُهي به هر هڪ وک ۾ ڇهه انچ ٺيٺ واريءَ ۾ ٽنبجيو وڃن، جنهن جي گرمائش رت جي دوري کي جوکائتي رفتار ۾ وجهيو ڇڏي. افسوس آهي، انهن لاءِ، جن جا نيڻ انگلينڊ جي سرسبز ميدانن ۾ ٿڌين هـِـيرن تي هريل آهن. انهيءَ هوندي به شڪار جي چاهنا رکندڙن لاءِ هيءَ مزي جهڙي جاءِ آهي. ڏڦو هجي، بڙڇي ۽ پڻ موتمار ناليءَ واري رائفل، هتي ڪڏهن به سستي نٿي رهي. شڪار جي پٺيان وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ سچ پڇو ته جي شڪار نه ڪندؤ، ته پاڻ شڪار ٿي ويندؤ. مون پاڻ اسپتال جي چوڌاريءَ شينهن جو پيرو ڏٺو هو. ڪئمپ کان ٿورن ميلن جي پنڌ تي هڪ جاءِ آهي، جتي هڪ ناميارو هندستاني کيڏاري، پنهنجي مرضيءَ جي اُبتڙ هڪ مشهور کيڏ کيڏي رهيو هو، جنهن ۾ هـُـن پنهنجي منڍي کڻي واگهه جي وات ۾ وڌي (1). پهريائين ته هو پوئتي هٽيو پر پوءِ واگهه اڳتي وڌي، سندس منڍيءَ کي اهڙي طرح چڪ پائي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جهڙي طرح ٻار ليار جو داڻو کائيندو آهي. پر سندس دوست جي هڪ گولي لڳڻ ڪري واگهه جي موتمار ڄاڙي بند ٿيڻ کان رهجي ويئي. اهڙن ڇوٽڪارن يا ٻين عجيب ڪرشمن لاءِ مون کي ڪي ڪينهي چوڻو، ڇاڪاڻ ته آئون اتي اڃا رهيو ئي ٿورو وقت هوس، ته سٺن اکرن ۾ لکيل هڪ خوشخبري ڏيندڙ، ننڍي پني جو ٽڪر اچي پهتو. جنهن ۾ منهنجي دوست صوبيدار غلام علي جي اکرن ۾ مون کي ”ڪاري ڪوٽ“ (1) جي اعزاز ملڻ جو مضمون لکيل هو. انهيءَ کان پوءِ آءٌ ”ڪالاڊگلاولا“ ٿي ويس. انهن ڏينهن ماڻهو انهيءَ اعزاز لاءِ سڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته ”صحت جو جام“ (2) واري رٿا، جنهن کي سياسي ماڻهن لاءِ ڦٽڪار سان تشبيهه ڏجي، اڃا وجود ۾ نه آئي هئي.

منزل مقصود لاءِ اڳتي وڌڻ کان اڳ مون پڪو پرن ڪيو ته ابو جبل جو ديدار ڪجي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ضمير مون کي انهيءَ عجوبي کي ڏسڻ کان سواءِ، خيرباد چوڻ تي سخت تاڪيد ڪيو هو، جو پريان پئي ڏٺو ۽ هو به ويجهڙائيءَ ۾، انهيءَ کان سواءِ منهنجو اصول ”هلندي ڀلي“ ۾ هو. سفر ۾ آخر آهي ڇا، جو هيترين جوکن تڪليفن هوندي به منجهائن راحت نٿي ملي. مون کي ياد آهي ته سفر ۾ ماڻهو پاڻ کي بيمار، چيڙاڪ، گرميءَ جو ماريل ۽ گهڻو ڪري بي آرام محسوس ڪندو آهي پر جڏهن سفر پورو ٿي ويندو آهي ته پوءِ دل پيئي ان کي ياد ڪندي آهي. جيڪي به وڻندڙ شيون ڏسبيون آهن، سي هزار دفعا وڌيڪ وڻندڙ ٿيو پون ۽ پڻ اڻوڻندڙ لوڏا ۽ ڌوڏا، جي رستي تي نصيب ٿيندا آهن، بلڪل وسريو وڃن. منهنجو ابو  جبل واري سفر جو به اهوئي حال هو، جنهن ۾ مون کي نه چڱو کاڌو ئي مليو ۽ نه وري ڪو رهڻ جو سٺو بندوبست هو پر ان هوندي به آئون انهيءَ کي خوش ذوقيءَ سان ياد ڪندو آهيان. ابـُـو، اراولي جبلن جي قطار جو هڪ جدا ٿيل جبل آهي جو راجپوتانا جي مٿانهين پٽ کي انهيلوارا جي ميدانن کان جدا ٿو ڪري ۽ سندس بيهڪ ديسا کان اتر - اوڀر طرف چاليهه ميلن جي مفاصلي تي ٿيندي. اهو پنهنجي ڀر وارن جبلن مٿان ائين اڀو ٿيو بيهي، جيئن هڪ ڊگهي قد وارو اڳواڻ پنهنجي پوئلڳن آڏو بيهندو آهي. مون کي انهيءَ کي ڏسڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ چاليهه ميل سولائيءَ سان لتاڙجي سگهجن ٿا. اوهان وٽ جيڪڏهن پنهنجو گهوڙو نه آهي ته ٻئي کان اڌارو وٺي سگهو ٿا پر انهيءَ ۾ اوهان جي پڪائي به ڪانه هلندي، ڇاڪاڻ ته اوهان کي به ساڳيءَ طرح سواري اڌاري ڏيڻي پوندي. جيئن ته اهڙا سوال هر وقت ٿيندا رهن ٿا ۽ پڻ ضرورت جي مدنظر، ڪيترائي حرفتي ۽ پراڻا آزمودگار ماڻهو پنهنجي جند ڇڏائڻ خاطر ٽـُـٽل هـَـنو ۽ جڏو گهوڙو ڌاريندا آهن. جيئن ته شروعات کان وٺي مون کي هڪ ننڍي خچر تي چاڙهيو ويو، جنهن کي پستي ڪتي وانگر پوين پيرن تي بيهڻ جي عادت هئي، ان ڪري مون هڪ گهوڙو ڏسي ان جي سئس کان پڇا ڪئي ته ڇا تنهنجو مالڪ انهيءَ ٽٽونءَ تي چڙهندو آهي؟ جواب ڏنائين ته ”نه، اهو هميشه ڌارين ماڻهن کي اجرت تي سواري ڪرڻ لاءِ ڏيندو آهي.“ ديسا ڪئمپ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي مون بياس نديءَ کي اُڪري پار ڪيو، جا ان وقت (مارچ جي وچ ڌاري) گهڻو ڪري سڪي پيئي هئي. سندس ڪنڌيءَ وارا ٻيلا جهنگلي جانورن سان ڀريا پيا آهن، خاص ڪري شينهن ۽ واگهه هتي گڏ رهن، جيتوڻيڪ اهي هاڻي اڻلڀ جانورن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. اهي جهنگ جا بادشاهه شايد انهيءَ پراڻي اصول تي راضي ٿي ويا آهن ته ”ورهائي کائجي“ پر ڪڏهن به گڏ ڪونه ڏٺا ويا آهن. جبلن جي پاڙ تائين باقي رستو واريءَ جي ميدان منجهانِ ٿي ويو، جو تڏي وانگر اَڪ ۽ ڪانڊيري جي ٻوٽن مان شوَ جي وار جيان گهاٽو ۽ سينگاريل هو. هڪ هنڌ شينهن جي چنبي جي تازي نشان کي، جو ماپ ۾ ننڍي پليٽ جي برابر هو، ڏسڻ سان آءٌ سمجهي ويس ته انهيءَ ٻيلي جي سوڙهي ۽ گهاٽي ماٿر ۾ اسان جا رفيق ڪير هئا.

ابوجبل جي پاڙ کان چئن ميلن جي فاصلي تي ڀيلن جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي انادرا ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. هي اهو هنڌ آهي جتي مسافر ٿورو ڊاٻو ڪري کير پيئندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي کير پيئڻ جي مرضي نه به هجي، پر ان هوندي به ان جي ضرورت محسوس ڪبي آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا اڌورو ڪشالو رهيل هوندو آهي. ”ابو درويش“، جيئن اهو ماڻهن ۾ مشهور آهي، ان جي چوٽيءَ تي چڙهڻ ڪو سڻائو ڪم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها اُڀي کڙٻڙ ۽ پگهر ڪڍندڙ آهي. ماڻهو ان جي چوٽيءَ تائين پهچي سـَـنت ته ٿيو وڃي پر ان تائين پهچڻ خاطر ڪيترائي اچرج جهڙا مڪروهه ۽ ڪفرائتا گفتا استعمال ڪرڻ لاءِ مائل ٿي ويندو آهي. چار هزار فوٽ مٿي! ۽ اها اُڀي چڙهائي. ڪيئن نه اهو فاصلو ساڳئي مفاصلي جي سڌي سنواٽي پنڌ کان مختلف آهي. مان انادرا کان دل جي سادگيءَ سان پيرين پيادو هليس، جيتوڻيڪ هن هنڌن تي سواري ڪم آڻبي آهي. مون هڪ پڳي يا پيري، ديسا مان پاڻ سان گڏ آندو هو، جو اڳيان انهيءَ ڳوٺ جي ڀيل سان گڏيو پئي ويو  ۽ رستي تي وندرائڻ لاءِ، هن هڪڙي راجا جي ڏند ڪٿا پئي ٻڌائي، جنهن پهاڙ ۾ رهندڙ هڪ غريب جي ڌيءُ سان شادي رچائي هئي، جنهن جو ڏاج انهيءَ ڪنيا جي ڪنوارپ کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين هو. پيچرو ٻيلي جي وچان هو، جنهن ۾ تمام ڊگها وڻ هئا، جن جي هيٺيان سامڀرن جهڙا گجراتي نسل جي ڍڳن جا ڪيترائي ڌڻ پئي چـِـنا. اسان انهن جي ڦوڪ ۽ رنڀ جو آواز، ٿورو پرڀرو ۽ هر هر سڄو وقت پئي ٻڌو. اسان جي ويجهو پوڻ تي اهي جهنگلي ڍڳا سڀ گڏجي هڪ ٿي ويا ۽ فوجي چوڻيءَ موجب قطارجي ويا. اهڙيءَ طرح جو اسان سمجهيو ته ضرور ڪا شرارت ڪندا پر ائين ڪرڻ انهن لاءِ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اها جوءِ واگهن (1) سان ڀريل هئي. آخر اسان مٿي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ جيتوڻيڪ آئون هن کان اڳ ڪيترائي اڙانگا هنڌ چڙهيل هوس پر مون کي ياد آهي ته هن جهڙي ڏکي چڙهائي ڪا ورلي هجي. اُنهيءَ تي نه ته ڪا لاهي هئي ۽ نه وري هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ جي ڪا جاءِ، ۽ ائين به ڪونهي ته ڪو ٿورڙي چڙهڻ کان پوءِ سمجهجي ته اجهو ٿو فاصلو پورو ٿئي، بلڪل نه. اهو ڪم تمام ڏکيو ڪشالو آهي، جنهن ۾ هر هڪ قدم تي ٻه ريڙهيون آهن. پهريون قدم تنهنجي ساڄي گوڏي کان آڻي ذري گهٽ تنهنجي کاڏيءَ تائين پهچائي ته ٻيو وري کاٻي ٽنگ کي گهلي آڻي ساڄيءَ جي ويجهو ڪري.

آخر آءٌ ٿڪجي پيس ۽ کڻي پاڻ کي هڪ چـُـر ۾ اڇلايم، جتي مون کي گهاٽي ننڊ اچي ويئي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته انهيءَ وچ ۾ ڀيل ڳوٺاڻن کي شايد محسوس ٿيو هجي ته مون کي هاڻي سندن خدمت جي ضرورت ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ جاڳيس تڏهن ڏٺم ته انهن جو هڪ ٽولو منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو. انهن وٽ هڪ نيٽ جي ٺهيل ڪرسي هئي، جنهن تي هنن مون کي چڙهڻ لاءِ عرض ڪيو ته جيئن باقي چڙهائي سندن ڪلهن جي مدد سان پوري ڪئي وڃي. ان هوندي به آءٌ پنهنجي مڙسيءَ تي رڙهي ذري گهٽ وڃي چوٽيءَ تائين پهتس، پر پوءِ ڏيئي- وٺي بيٺس ۽ آڻ مڃڻي پيئي جو نيٺ انهن مهذب  وحشين جي خاص ورجائي منٿ ڪرڻ تي مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻو پيو. جيڪڏهن اوهان کي چرچي خاطر کلڻو هجي ته پوءِ ڪنهن کي نيرن ڏيڻ کان سواءِ، تنگ پتلون ۾ ابوءَ تي چاڙهيو. قصو ڪوتاهه، جڏهن جبل جي چوٽيءَ تي پهتس، تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته ڪڍيل ڪشالي جو مون کي پورو پورو عيوضو مليو آهي. پري پري تائين ويڪرا ميدان ۽ پهاڙ جون عجيب چوٽيون، جن کي طرح طرح جا اڻلڀ گل ۽ ٻوٽا، جهڳٽن وانگر تاج پهرايو بيٺا هئا، چوڌاريءَ پئي ڏٺا. بيڊولي مورتن ۽ قديم سينگار سان سجايل، سفيد رنگ جي مندر، ۽ پڻ شفاف پاڻيءَ واري ماٺيڻي ڍنڍ به پئي ڏٺي، جنهن جي مٿان ڪيتريون ئي ڪلنگيون، جن کي هندن جي ڏند ڪٿا ۾  پاڪائي بخشيل آهي، مستيءَ ۾ پئي لـُـڏيون. اهي نظارا فقط لاڀ پرائڻ خاطر آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي بيان ڪرڻ کان زبان قاصر آهي. آئون ويهي رهيس ۽ اُس پئي کاڌم، ڇاڪاڻ ته سج ايترو شوخ نه هو، پر وڻندڙ هو ۽ وايو منڊل سانتيڪو. البت سج کي انهن راجائن ۽ شهزادن جي ڪارنامن تي ويهي هنجون هارڻ کپنديون هيون، جن پنهنجي نالي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اُهي خواب پئي لڌا ته هو سدائين ڪامياب رهندا. پر هاڻي کين پڏائڻ لاءِ، هڪ ڌارئين ۽ جداگانه قوم جي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي، جو ويهي سندن ڪارناما پڙهي. اُهي هڪ اصلي نامور پيڙهيءَ جي راجپوتن مان آهن، جن جي هتي مسلمانن کان اڳ هاڪ هئي. پر راجپوتن، مسلمانن کان به وڌيڪ هڪ نالو آهي (1) ۽ اسين اميد ٿا ڪريون ته ٿوري وقت ۾ هتي جا رهندڙ قبيلا انهن جي اثر هيٺ اچي نالو ڪڍندا.

اَبـُـو، ايامن کان وٺي هندن لاءِ ياترا جو هڪ هنڌ آهي. کيس قدرت جي ڏنل نعمتن جي نيڻ ٺار نظارن جي سهڻائي، ضروريءَ طور مذهبي جنون رکندڙ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇـِـڪ ڪئي هوندي، جي تمام اوائلي دؤر کان جبلن تي ٻليدان ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا. اهڙيءَ طـرح انهن هـر ڪنـهـن  ڍنڍ يـا  پاڻيءَ  جي وهڪري کي مذهبي پاڪائيءَ جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. قدرت جي عجيب لقاءَ ۾ خدا جي هجڻ جو وڏو دليل آهي، جنهن جي تصديق لاءِ وحي ٿيل آواز جي ڪابه ضرورت نه آهي. هندو پراڻن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ مذڪور آهي ته رشين منين ۽ سنتن هن چوٽيءَ کي پنهنجي رهڻ جو هنڌ ٺاهيو هو. ان ڪري ئي سندس اُڀي ۾ اُڀي چوٽيءَ کي ”گروسڪر“ يا ”گروءَ جي ڪلنگي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هتي اندرا، رودرا، برهما ۽ وشنو، سورما کتري ذات پئي پيدا ڪيو. پر نيٺ سندن اپوترتا جي ڪري پرسرام (1) اچي سندن پاڙون پٽيون. جيڪي مندر ابوجبل کي سجايو بيٺا آهن، سي جين مذهب وارن جا آهن ۽ ويجهڙائيءَ جا ٺهيل آهن، جن کي ٻه يا ٽي صديون مس گذريون هونديون. اُهي گهڻو ڪري اڇي سنگ مرمر جا ٺهيل آهن، جن تي زيورن جيان ڪئين مورتون اُڪريل آهن ۽ قْڻ مٿانئن اڻلڀ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. مٿن جڙاء جو اهڙو ته نفيس ڪم ٿيل آهي جو نٿو ڀانئجي ته ڪي ٻيا هندستاني سهڻا پگوڊا، هنن جي برابري ڪري سگهن.


(1) ديسا جو شهر گجرات جي پالنپور رياست ۾ آهي ۽ ريلوي اسٽيشن آهي.

(2) آسٽريليا جو گهڻو برپٽ آهي، جتي کاڌو ۽ پاڻي مشڪل سان ملي ٿو.

(1) هيءُ ڪرتب اصل ۾ هندستان جو آهي پر هاڻي يورپ ۾ به رائج آهي. انهيءَ ڪرتب جي پوري تصوير لاءِ ڏسو ”جنگ“ جو 29- جولاءِ 1964ع وارو پرچو (آج کي تصوير).

(1) ڪارو ڪوٽ يا ڪالاڊگلا جي اعزاز کي اڄوڪن تمغن سان ڀيٽي سگهجي ٿو.

(2) شراب جو پيالو ڪنهن ماڻهوءَ جي صحت ڏانهن منسوب ڪري پيئبو آهي.

(1) واگهه، شينهن جو قسم آهي- هن کي انگريزيءَ ۾ ٽائيگر سڏبو آهي.

(1) هتي لکندڙ جي مراد انگريزن سان آهي!

(1) “پرسرام” وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار ۽ رشي جمدگني جو پٽ هو. چون ٿا ته جمدگني کي هڪ ڳئون هئي، جنهن کان جيڪي گهربو هو سو ملندو هو. راجا ڪرت ويريه کي جمدگني جي ڍڳي وڻي ويئي، جا هو ڪـَـهرائي هليو ويو. انڪري پرسرام کي ڪاوڙ لڳي ۽ راجا کي ماري ڳئون آڻي پيءُ کي ڏنائين. پر سندس غير حاضريءَ ۾هڪ ڏينهن راجڪمار جمدگني کي ماري هليا ويا، انهيءَ تي پرسرام پڪو پرن ڪيو ته ڪوبه کتري ٻچو زندهه نه ڇڏيندس. پراڻن ۾ مذڪور آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪـَـل ناس ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org