چاچي جي بلڪل ابتڙ هو. مير رستم خان پاڻ به پنهنجن
چاچن مير زنگي وغيره جي هوندي پڳ ٻڌي هئي، ۽
ازانسواءِ گورنر جنرل به انهيءَ ڳالهه کي تسليم
ڪيو هو ته انهيءَ پير مرد رئيس جي منشا قدرتي
هئي، ۽ هرهڪ نقطه نگاهه کان موزون به هئي (بلو بڪ
صفحو 480). پر سندس مخالف مير علي مراد خان کي اهو
ڪي حـاصـل هو. جـو ميـر رسـتـم خـان کـي ڪـونـه
هـو، يـعـنـي ته ايجنسيءَ جا منشي مير علي مراد
خان جا پگهاردار يار هئا. سر چارلس نيپئر جڏهن سکر
پهتو تڏهن کيس آسانيءَ سان مير علي مراد خان جي
چالبازين ۾ جڪڙيو ويو. هن ڪرنل آئوٽرام جي ڏنل
صلاح تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ اهڙيون رٿون جوڙيون،
جن موجب ڏيجي جي رئيس خلاف سازشون عمل ۾ اينديون
ويون. ساڳئي وقت کيس اهو به يقين ٿي ويو هو، ته
ميرن کي جنگ لاءِ ڀڙڪائڻ لاءِ مير رستم خان جي
بيعزتي ڪرڻ يا کيس جيل ۾ وجهڻ ڪافي هو، ڇاڪاڻ ته
هو خاندان جو پوڙهي ۾ پوڙهو شخص هو، ۽ سندس ڏاڍي
عزت ڪئي ويندي هئي. نيپئر کي اها به پڪ هئي ته
ميرن جيڪڏهن بچاءَ ۾ جنگ ڪئي ته به نقصان ميرن کي
ئي رسندو، جنهن ۾ هو يا ته مارجي ويندا يا قيد ٿي
ويندا. انڪري انگريز جرنيل علي مراد خان کي ٺڳڻ
لاءِ همت افزائيءَ جا خط لکيا، جنهن تي هن مير
رستم خان کي پڳ کان محروم ڪرڻ جو پورو ۽ پڪو ارادو
ڪيو. هو پاڻ به اهي سڀ ڳالهيون مڃي ٿو (”سنڌ جي
فتح ۽ تنقيد“ ص 114). هو جيئن ته انهيءَ ملڪ جي
قاعدي قانون ۽ رسمن وغيره کان واقف ڪونه هو، ۽ نه
وري کيس ميرن جي شخصي ڪردار جي خبر هئي، انڪري هن
ڪن فرضي الزامن تي ۽ هڪ ڪوڙي دغاباز جي ڳالهين تي
لڳي انهيءَ پير مرد جي بيعزتي ڪئي، ۽ پوءِ کانئس
سڄو ملڪ کسي ورتو. علي مراد خان ٺڳيءَ ۽
ڌوکيبازيءَ جي ڪري مشهور هو، جنهن نه فقط پنهنجي
گهر سان دغا ڪئي، پر اسان کي به دوکو ڏنو. اهو سڄو
ناٽڪ اهڙيءَ ته آهستگيءَ ۽ عذاب سان کيڏيو ويو، جو
ان جي پڄاڻيءَ وارو نظارو ميرن جي تباهيءَ ۽ سندن
قيد ٿيڻ ۾ وڃي ختم ٿيو. بيبرگ ۽ شير سنگهه ڏانهن
لکيل خطن کي ڪئپٽن برائون جي سند تي صحيح تصور ڪيو
ويو، جنهن کي انهيءَ ۾ لکيل عبارت جو هڪ اکر به
نٿي آيو. پر ان هوندي به گورنر جنرل تي زور آندو
ويو ته انهيءَ ڏوهه جي پاداش ۾ مير رستم خان ۽ مير
نصير خان جو ملڪ ڦٻايو وڃي. گورنر جنرل جي اجازت
ملڻ کان پوءِ ميرن سان وري نئين سر عهدنامو ڪيو
ويو، جنهن موجب روهڙيءَ کان وٺي سبزل ڪوٽ تائين
سڄو ملڪ ضبط ڪيو ويو.
اسان هاڻي انهيءَ معاملي ۾ وڌيڪ وڃڻ نٿا گهرون، جو
هڪ قرضي ۽ لهڻيدار جي وچ ۾ هو ۽ نه وري پوءِ
زوريءَ قبضي ڪرڻ خاطر جيڪي غلطيون اسان کان ٿيون،
انهن تي بحث ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڪرنل
آئوٽرام پنهنجي تنقيد ۽ پڻ ڪئپٽن ايسٽ وڪ به
پنهنجي تقرير (صفحو 27) ۾ کولي کولي ٻڌايو آهي.
اسين انهيءَ قبضي بابت انگريز جرنيل جي کنيل قدم
تي ڳالهائڻ مناسب نٿا سمجهون، جنهن ۾ بهاولپور کان
وٺي روهڙيءَ تائين سڄو علائقو ڦٻايو ويو هو، پر
جيئن ڪرنل آئوٽرام لکيو آهي (صفحو 149) نه کيس اها
خبر هئي ته گورنر جنرل جو اصل مقصد فقط اهي ضلعا
هٿ ڪرڻا هئا، جي سبزل ۽ ڀنگو ڀاڙا جي وچ ۾ هئا.
انهيءَ قدم ۾ لاشڪ ڏاڍ مڙسيءَ سان کليل ظلم ڪيا
ويا، پر هڪڙي ڳالهه ظاهر ٿي پيئي، ته گورنر جنرل ۽
سر چارلس نيپئر بلڪل هڪ طرفو قدم کنيو هو، ۽
اهڙيءَ طرح سنڌ جي معاملي ۾ هرهڪ ڏس ۾ به ساڳيوئي
اصول استعمال ڪيو ٿي ويو. انهيءَ ڪم ۾ هنن ميرن
خلاف سندن دشمنن کان الزام هڻايا ۽ پڻ اهڙن ماڻهن
کان شاهديون ورتيون ويون، جن ميرن کي تباهه ڪرڻ جو
قسم کڻي ڇڏيو هو. ڏٺو ويندو ته جيڪي به قدم کنيا
ٿي ويا اهي فرضي ڳالهين تي کنيا ٿي ويا، ۽ انهن
لاءِ ميرن کان پڇيو به نه ٿي ويو، ته کين ڇا چوڻو
آهي؟ ميجر ڪليبارن، ليفٽيننٽ مائيلن ۽ ڪئپٽن
برائون جي ڪوڙين ۽ بي بنياد شڪايتن کي، جي هنن
خيرپور جي مير نصير خان ۽ پڻ حيدرآباد واري مير
نصير خان جي خلاف ڪيون هيون، تن جو ذڪر ڪرڻ به
مناسب آهي. ميجر ڪليبارن نفشڪ ۾ شڪست کائڻ کان
پوءِ خبرن جو هڪ کاتو کڻي کوليو، جنهن ۾ هر ڪنهن
قسم جون ڪوڙيون ۽ واهيات خبرون ۽ پڻ واهيات افواهه
به قبول ڪيا ٿي ويا. مري ٽڪرين ۾کيس رسيل نقصان
سندس مغز ڦيرائي وڌو هو، انڪري هو آپي کان ٻاهر
نڪري چڪو هو. هو انهن بهادر ٻروچن جي خلاف ٿي پيو
هو، ۽ هر هڪ معمولي جهگڙي تي سندس ڊپ وڌي ويندو
هو، ته متان انگريزن خلاف عام سازش وجود ۾ نه اچي
وڃي. پر انهن واهيات افواهن کي مڃڻ ۾ هو اڪيلو ڪين
هو. انهيءَ ڪم ۾ گورنر جنرل ۽ سندس سنڌ جو عيوضي
به ساڻن گڏ هئا. سنڌ واري عيوضيءَ ته ان وقت سکر ۾
شينهن وارو يا ائين چئجي ته گڏهه وارو وات ڪري
پٽيو، جنهن ۾ اها هرهڪ بدنام ڪندڙ شڪايت جهٽي ٿي
ويئي، جا ميرن جي خلاف ڪئي ٿي ويئي. اسان وارو
جرنيل پنهنجي انهيءَ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ ظاهر
ظهور بهانا ڳولڻ لڳو، ته جيئن ميرن کي زيربار ڪيو
وڃي. اهڙي ڪم لاءِ ڪميڻن ۽ ڪـِـريل ماڻهن جي
گهٽتائي به ڪانه هئي، جي پنهنجي حاڪمن جي خلاف
دانهون نه ڪن، ۽ عجب نه آهي ته اهڙين هٿرادو ٺڳين
لاءِ مير علي مراد خان جا ايجنٽ نه ملي سگهن. ايڏي
جاکوڙ کان پوءِ ميرن خلاف ڇا مليو؟ انهيءَ لاءِ هڪ
بي ريا ماڻهوءَ کي ڇڏيو ته وڃي انهن تهمتن تي به
غور ڪري، جي ميرن جي خلاف مڙهيون وييون هيون، ۽
اهي شاهديون به ڏسي، جن جي آڌار تي ميرن کي ڏوهاري
ٺهرايو ويو هو. ڏسڻ ۾ ايندو ته اسان بيڪار ۾
ٻاراڻيون ڳالهيون ٺاهي، انهن جي آڌار تي خودمختيار
شهزادن تي تهمتون مڙهيون، ۽ اهي شهزادا هئا به
ڪير؟ اسان جا دوست ۽ مددگار. ڏنل فهرست ۾ 24
تهمتون هيون، جي ڏکڻ سنڌ جي مير خلاف مڙهيون وييون
هيون. انهن ۾ پهرينءَ هيءَ تهمت هئي ته مير نصير
خان پنهنجي ملڪ جي بچاءَ خاطر مير شير محمد خان جي
خلاف فوجون جمع ڪيون هيون. (جنهن کي سر ڊبليو -
نيپئر ميرپور جو شينهن ڪري لکيو آهي). هيءُ قدم
عهدنامي جي فقري 4 جي خلاف تصور ڪيو ٿي ويو، جنهن
۾ هيئن ڄاڻايل آهي:
”فقرو 4- برطانيا سرڪار پنهنجي سر تي حيدرآباد جي
ميرن جي ملڪ تي سڀني ڌارين حملن جي خلاف بچاءُ جو
ذمو کڻي ٿي.“
هتي عهدنامي جي فقري 4- جي خلاف ورزي تصور ڪئي ٿي
وڃي ۽ مير شير محمد خان کي ڌاريو بادشاهه سمجهيو
ويو. جيتوڻيڪ اهو حقيقت ۾ مير نصير خان جو مائٽ،
زيردست ۽ مرتبي ۾ به گهٽ هو. پر انهيءَ خسيس اٽڪل
کي ڪري ڇڏيو. فقري 4- ۾ ڄاڻايل آهي ته فقط ٻاهرئين
حملي کان ميرن جي حفاظت ڪئي ويندي، پر انهيءَ جو
اهو مطلب ته نه آهي ته ميرن کي پنهنجي ملڪ بچائڻ
جوبه اختيار ڪونه آهي! ڪنهن به حڪومت کي اهو
اختيار نه آهي، ته ڪنهن به ماڻهوءَ کان يا ڪنهن به
حڪومت کان پنهنجي بچاءُ جو حق کسي وٺي. هتي ته
ڳالهه ئي اور آهي، يعني ته اها حڪومت اسان جي دوست
حڪومت هئي. ساڳئي وقت جيڪڏهن انگريز سرڪار کي ميرن
جي ملڪ جي بچاءُ جو خيال هجي ها، ته پوءِ هوءَ
ڪڏهن به پنهنجا ماڻهو گڏ نه ڪري ها ۽ عقل به ائين
ٿو چوي ته هوءَ ڪڏهن به ائين نه ڪري ها. اسان جي
حڪومت سندس ملڪ جو بچاءُ نٿي ڪيو، انڪري اسان، ۽
نه هـُـن، عهدنامي جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ٻي تهمت
به اهڙي ئي واهيات آهي جهڙي پهرين. ٻارنهن ٻيون
تهمتون وري محصول اڳاڙڻ متعلق هيون، جن کي عهدنامي
جي 11- نمبر فقري جي خلاف ورزي تصور ڪيو ويو. هيءُ
فقرو ئي اهڙو هو، جنهن جو ميرن جي مٿان مڙهڻ جو
اسان کي ڪوبه حق ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته وحشي فوج رکڻ
کانسواءِ اسان ٻيو ميرن لاءِ ڪي ڪين ڪيو هو، جنهن
موجب کانئن محصول وٺڻ جو حق کسي وٺون، جو 1834ع
واري تجارتي عهدنامي موجب کين مليل هو. پر انهيءَ
کان پوءِ ٻئي فقري ميرن کي انهن سڀني شين تي محصول
وٺڻ جو اختيار ڏنو هو، جي سنڌ ۾ آيون ويون ٿي. ڇا،
ڪنهن انهن شڪايتن تي غور ۽ ويچار ڪيو ٿي، جن تي
انهن تهمتن جو مدار هو ۽ ڇا، انهن ۾ ميرن جو ڏنل
سبب ته اهو محصول، اچ- وڃ وقت انهن شين تي ورتو
ويو هو، ڪنهن ٻڌايو؟ پر ڇو ويهي انهيءَ سڄي معاملي
تي پٽاڙ ڪجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تهمتن جي جاچ پڙتال
به ڪجي ها، تڏهن به ڪو ميرن کي انصاف ملي ها ڇا؟
هرگز نه. اسان جا آفيسر چارلس نيپئر جي تلوار ۽
پستول رکندڙ فوجي هئا، تن کي عدالت ۾ انصاف جي
ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين انصاف جي نظام جي خبر به هجي
ها، تڏهن به هو هتي جي ٻولين کان اڻواقف هئا، اهو
ئي سبب آهي جو سندن منشين کين آسانيءَ سان خريد به
ٿي ڪيو ۽ وڪيو به ٿي.
اهي ڪوڙيون تهمتون انهيءَ مقصد سان گهڙيون وييون
هيون ته ميرن جي خلاف ڪيس ٺاهي سگهجي ۽ سر چارلس
نيپئر جي مير رستم خان خلاف ڪيل حملي کي بجا قرار
ڏنو وڃي.
1- ڊسمبر 1842ع جي اعلان موجب هن سڄو زرخيز ملڪ جو
روهڙيءَ ۽ سبزل ڪوٽ جي وچ تي هو، ضبط ڪري ورتو،
جنهن جي سالياني آمدني ڇهه لک چاليهه هزار هئي.
ٽيپو صاحب جي ملڪ جو به ڪجهه حصو اهڙيءَ طرح ضبط
ڪيو ويو هو، پر اهو به هڪ خوني جنگ کان پوءِ. پر
ان هوندي به سر چارلس راضي نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير
رستم خان سندس يار علي مراد خان جي رستي ۾ اٽڪاءُ
هو، انڪري اڃا به کيس ڪجهه وڌيڪ ڪرڻو هو. 7- ڊسمبر
تي ميرن سان ملاقات ڪرڻ کان سواءِ يا جيڪي کين
چوڻو هو، اهو ٻڌڻ کان سواءِ، سر چارلس نيپئر هڪ
وڏي فوج سان، انهيءَ ضبط ڪيل ملڪ کي والارڻ جو
اعلان ڪيو. جيئن ته اسان کي خبر آهي ته مير ڍل جنس
۾ وٺندا هئا، پر انگريز جرنيل جو چوڻ آهي ته، ”مير
نه فقط هن سال جي ڍل پر ايندڙ سال جو محصول به
اڳاڙي رهيا آهن.“ انڪري هن ميرن کي هيسائڻ لاءِ
هڪدم ٻيو اعلان جاري ڪيو. ساڳئي وقت اڌ چريي ميجر
ڪليبارن وٺي هـُـلايو ته هزارين هٿياربندن بهادر
ٻروچ رات جو سکر تي حملو ڪرڻ وارا آهن. حقيقت وري
هيئن آهي جو اسان جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي اڄ
ڏينهن تائين اتر سنڌ ۾ هڪ فئر به نه ڪيو ويو آهي!
8- تاريخ چارلس نيپئر هڪ نئين نموني جو خط مير شير
محمد خان جي باري ۾ گورنر جنرل کي لکيو، جنهن سان
اسان جو جون 1841ع ۾ هڪ عهدنامو به ٿيو هو، (بلو
بڪ ص 296). پر ڏٺو وڃي ته سر چارلس نيپئر کي
انهيءَ عهدنامي جي ڪابه خبر ڪانه هئي، انڪري هن
گورنر جنرل کي يقين ڏيارڻ ٿي گهريو، ته جيئن
ميرپور واري رئيس سان ڪوبه عهدنامو نه ٿيل آهي، ان
ڪري کيس به ڪنهن معاهدي ۾ جڪڙيو وڃي. انهيءَ مير
جي ڪردار جي به کيس ڪا خبر ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته
ليفٽيننٽ برائون ئي پهريون ماڻهو هو، جنهن کيس
پـَـڪ ڏياري ته، ”جيتوڻيڪ سندس خلاف ڪا وزندار
تهمت ثابت نه ٿي آهي، ان هوندي به هو اسان جو جاني
دشمن آهي.“ 14- ڊسمبر تي جرنيل کي تابعداريءَ جا
خط پهتا ۽ ڏوراپو به ڪيو ويو. اهو ڏوراپو جرنيل جي
تڙ تڪڙ ۾ درياء پار ڪري سندن ملڪ کي ڦٻائڻ جي ڪوشش
متعلق ڪيو ويو هو. انهيءَ ساڳئي وقت خيرپور جي ڀر
۾ انگريزن جي آيل ٽپال روڪي سڀ خط گم ڪيا ويا. سر
چارلس نيپئر هڪدم انهيءَ جو ڏوهه مير رستم خان
مٿان مڙهيو ۽ کيس ڌمڪين سان ڀريل خط لکي
موڪليائين. هاڻي پڙهندڙن کي نيڪ روشن ٿي ويو هوندو
ته انگريز جرنيل جو مقصد ڇا هو؟ جيڪڏهن هو ٿورو به
سوچ ويچار کان ڪم وٺي ها، ته سڄي ڳالهه جي خبر
پئجي وڃي ها. پر هن بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪ بيعزتي
ڪندڙ خط مير رستم خان کي لکي موڪليو، جيتوڻيڪ
انهيءَ ڦـُـر يا اهڙن ٻين ڪرتوتن لاءِ مير علي
مراد خان ئي جوابدار ٿي سگهيو ٿي. جيئن ته رپورٽ ۾
اها ڳالهه سڄي لکيل آهي، انڪري اها سچي ٿي پيئي ۽
افسوس ته وري اهو آهي، جو هن ڪوڙي رپورٽ کي سچ
تصور ڪيو ويو. ٽربيونل اڳيان ڏنل بيانن مان ثابت
ٿي چڪو هو، ته مير رستم خان بلڪل بيگناهه هو. پر
علي مراد خان کي پڪ هئي ته جيڪڏهن انگريزن جي ٽپال
سندن ڪئمپ جي ويجهو ڦـُـرائي گم ڪرائي ڇڏيندو، ۽
اهو ڏوهه پنهنجي بدقسمت ڀاءُ تي مڙهيندو، تڏهن به
سندس دوست انگريز انهيءَ کي سچ ئي سمجهندا. سچ پڇو
ته ماڻهو اهي ڳالهيون ٻڌي نه فقط ڪڪ ٿيو پوي، پر
شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏيو وڃي، ته ڪيئن اهي ماڻهو جي
پاڻ کي انگريز سڏائين ٿا، سي اهڙن بدنام ڪوڙن تي
اعتبار ڪندا هئا پر سڀني جو سرتاج وري هينئر ٿو
اچيو. 20- ڊسمبر تي نيپئر گورنر جنرل کي لکيو ته
مير رستم خان پاڻ کي منهنجي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ وارو
آهي، ۽ پنهنجي اڻ سهوءَ ڀاءُ جي زيادتين کان تنگ
ٿي منهنجي ڪئمپ ۾ پناهه وٺڻ وارو آهي. ”پر مون کي
اها ڳالهه نه وڻي“ جنرل وڌيڪ لکيو، ”ڇاڪاڻ ته پوءِ
منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پوي ها. مون کي پوءِ
هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، ته کيس علي مراد خان
ڏانهن موڪلجي، ته جيئن هو کيس دستبردار ٿيڻ جي
تلقين ڪري، ڇاڪاڻ ته مير رستم خان پاڻ به هاڻي
ٽالپرن جي پڳدار ٿي رهڻ کان بيزار ٿي چڪو هو.
انڪري مون رستم خان ۽ علي مراد خان کي خط لکيا، هڪ
بجي رات جو مون کي علي مراد خان وٽان خبر پيئي ته
سندس ڀاءُ وٽس پهچي چڪو آهي. هاڻي علي مراد خان
صحيح معنيٰ ۾ ٽالپرن جو رئيس بنجي ويو آهي، ۽ مير
رستم خان سندس هٿن ۾ اچي سندس چوڻ تي سڀڪجهه ڪري
رهيو آهي.“ انهيءَ خط جي پڄاڻي هنن اکرن ۾ ٿيل
آهي:
”آءٌ نٿو ڄاڻان ته جناب اعليٰ جو مير علي مراد خان
جي پٽ جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟ پر انهيءَ متعلق
ساڻس هينئر ئي انجام ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته
پڳ جو صحيح وارث، علي مراد خان کانپوءِ سندس
ڀائٽيو آهي، جو مير رستم خان جو پٽ آهي. علي مراد
خان مون کي پنهنجي پٽ لاءِ ضرور چوندو پر انهيءَ
لاءِ آءٌ جناب اعليٰ جي فيصلي جو منتظر آهيان.
جيئن ته اڳي ٻڌايو ويو آهي ته مير رستم خان
عهدنامي جي منظوري ڏيئي صحيح به ڪئي آهي، پر سندس
پٽ اسان جو مخالف هو ۽ هـُـن اسان جي خلاف فوجون
جمع ڪيون هيون.“
ڏٺو وڃي ته هن معاملي ۾ هڪ انگريز جرنيل ڪهڙي طرح
هڪ دوست جي خلاف منصوبو گهڙي، کيس مجبور ڪيو ته
هـُـو پنهنجي مرضيءَ سان ٺهيل ٺڪيل عهدنامي کي
قبول ڪري، ساڳئي وقت هن اها به سازش ڪئي ته کيس
سندس ڀاءُ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي، ته جيئن هو نه
فقط پڳ تان هٿ کڻي پر ان سان گڏ انهن زمينن تان به
دستبردار ٿئي، جي پڳدار کي وصيت موجب مليل هيون.
بلو بڪ جي صفحي 483 جي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته
اهو
سر چارلس نيپئر ئي هو، جنهن مير رستم خان سان اها
سڄي بي انصافي ڪرائي، جنهن بابت اوهان کي وڌيڪ
ٻڌائڻ وارو آهيان.
انهيءَ باري ۾ چارلس نيپئر جا پنهنجا اکر هي آهن
ته، ”مون کي فقط هڪ طريقو سمجهه ۾ آيو، جنهن مان
اسان جي ڪاميابي يقيني نظر آئي: اها هيءَ هئي ته
ڪنهن رئيس کي طاقت ۾ آڻي پنهنجي هٿ هيٺ رکون.
انڪري مون علي مراد خان کي جناب اعليٰ جي مدد جو
آسرو ڏنو، ته پڳ کيس ڏياري ويندي، ۽ اهو عاليجناب
(گورنر جنرل) به منظور ڪيو آهي. ٻيو قدم هي هو ته
سندس ڀاءُ جي حياتي ۾ کيس طاقت استعمال ڪرڻ جو حق
ملي، ۽ انهيءَ ۾ به آءٌ ڪامياب ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته
مير رستم خان کي ريجهائي سندس ڀاءُ قبضي ۾ آڻي
وڌم.“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته سر چارلس ايتري ۾ به راضي
ڪونه ٿيو، ۽ انصاف جي سڀني اصولن کي پري رکي هن
اها ڪمينپائي ڪئي، جو گورنر جنرل کي صلاح ڏنائين
ته پڳ مير علي مراد خان جي پٽ کي ملي ۽ نه ڪي محمد
حسين خان کي جو، انهيءَ جو حقدار هو. سندس چوڻ هو
ته محمد حسين خان انگريزن جو مخالف هو، ۽ هن فوجون
به جمع ڪيون هيون. انهيءَ ڪوڙي تهمت کي غلط ثابت
ڪرڻ لاءِ اهو چوڻ ڪافي آهي، ته انگريزن جي فوج
ڪڏهن به هن بدقسمت شهزادي جو منهن ئي ڪونه ڏٺو هو!
نه فقط ايترو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي پيءُ سان
گڏجي، جنگ به ڪانه ڪئي هئي. ساڳئي وقت هن انگريزي
حڪومت جي ڪنهن به گهٽ ۾ گهٽ درجي جي ملازم خلاف نه
ڪڏهن هٿ کنيو آهي، ۽ نه وري ڪڏهن به ڪجهه چيو به
آهي! مير رستم خان، جنهن کي انگريز جنرل سندس ڀاءُ
علي مراد خان جي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو هو، تنهن جو ڪهڙو
حال ٿيو؟ ٿورو اڳتي وڌو ته ٻڌايانوَ، جڏهن ته قبر
به اهڙا راز نٿي لڪائي، ته پوءِ هڪ ڪميني ماڻهوءَ
جا دوست ڪيئن ٿا اهي سانڍي سگهن! 4- فيبروري 1850ع
تي اخبارن ۾ خبر آئي ته مير مراد علي خان جي
شرارتن جي ڪري سرڪار جي بدگماني وڌي ويئي آهي.
سندس اڳئين وزير شيخ علي حسين (اهو ساڳيو علي حسين
آهي، جنهن جي باري ۾ سال اڳ هڪ لکيل چتاءَ، جي
پوليٽيڪل ايجنٽ کي هٿ ۾ ڏنو هو)، سندس رازدار
پير علي گوهر ۽ ايجنسي جي منشيءَ جوکي رام طرفان
علي مراد خان جي خلاف مڙهيل تهمتن جي پڙتال لاءِ
هڪ ڪميشن مقرر ڪئي ويئي. انهن شخصن مان هي شخص
هاڻي جيل جون هوائون پيو کائي! ڪميشن نيٺ ويٺي، ۽
جيڪا رپورٽ انهن پيش ڪئي، اها جيڪڏهن سچي آهي ته
پوءِ علي مراد خان سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو
هو. کين سندن ڪيل ڏوهن بابت ڪي ڪين ٻڌايو ويو، تان
جو سڄو معاملو پورو ٿي چڪو ۽ کين پنهنجي طرفان
صفائيءَ ۾ شاهدن پيش ڪرڻ جي به اجازت ڏني ويئي
هئي. سچ پڇو ته نه مقدمو هليو، ۽ نه وري ڪو بچاءُ
ورتو ويو. هڪ جڙتو خط ۽ ڪوڙي مهر سندن خلاف صحيح
ثابتي تصور ڪئي ويئي، ۽ کين سزا ڏني ويئي. مير علي
مراد خان جي خلاف مهر وغيره شاهدين ۾ بلڪل ڪانه
ورتي ويئي. هن پنهنجا شاهد آندا، پنهنجي مخالفن جي
پاڻ پڇا ڪيائين، پوءِ کيس بري ڪيو ويو. انهيءَ
ناپاڪ ويساهه گهاتيءَ تي اڃا به ڪک پيل آهن، پر
شاهدين کي ڪٿي ٿو لڪائي سگهجي؟ هاڻي پورو پتو پئجي
چڪو آهي ته مير رستم خان سندس ڀاءُ ۽ انگريز جنرل
جي ٺاهيل سازشن جو شڪار ٿيو هو. مير رستم خان کي
پوءِ ڏيجي جي قلعي ۾ موڪليو ويو، جتي سندس نوڪرن
کي بدلي ڪري، سندن جاءِ تي مير علي مراد خان جا
ماڻهو رکيا ويا، ۽ اتي کيس مجبور ڪيو ويو ته تخت
تان هٿ کڻي. انهيءَ ۾ به هو راضي نه ٿيا، ڇاڪاڻ ته
ڏيجي جي رئيس، چارلس نيپئر کي ٻڌايو ته رستم خان
نه فقط پڳ تان هٿ کنيو آهي، پر ان سان گڏ انهن
زمينن تان به دستبردار ٿيو آهي، جي پڳدار هئڻ ڪري
کيس مليل هيون. ساڳئي وقت هن انهيءَ ملڪ جي حصي
تان هٿ کنيو، جو مير سهراب خان جي پٽ هئڻ ڪري سندس
حصي ۾ آيو هو. ڏٺو وڃي ته مير رستم خان پنهنجي پٽن
۽ ڌيئرن لاءِ به ڪي ڪين ڇڏيو، ته جيئن اهي کانئس
پوءِ پيٽ گذر ڪري سگهن ۽ بک نه مرن. اهو سڀڪجهه هن
انهيءَ لاءِ ڪيو هو، ته سندس پيارو ۽ فهميدو ڀاءُ
خوش رهي. (هڪ وحشي جانور به کانئس وڌيڪ رحمدل
هوندو). هائو، هائو، هن سڀڪجهه ڏيئي ڇڏيو. علي
مراد خان پنهنجن ڪوڙن ۾ اڳي کان به اڳرو هو، ۽
اسان وارو جرنيل اهو سڀ سچ سمجهي هائوڪار ڪندو
ويو. سچ پڇو ته هن انگريزن سان به ٺڳي ڪئي.
مياڻيءَ جي موتمار جنگ کان پوءِ، هن ڪئپٽن برائون
جي منشيءَ محي الدين کي رشوت ڏيئي ايجنسيءَ مان
خفيه ڪاغذ چورايا، ته جيئن نونهار جو عهدنامو ڳولي
ڪڍجي. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي طرفان هڪ معاهدو
تيار ڪري گورنر جنرل کان منظور ڪرايو، جنهن موجب
ڪن ڳوٺن بدران کيس هڪ وڏو ملڪ هٿ چڙهي ويو. جيڪي
به انگريز آفيسر سندس لچاين کان واقف هئا، تن کي
هـُـن رشوتون ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو، ۽ اهي به
ڪـَـچي سون ۾. اهي سڀيئي ڳالهيون سندس اڳيئي سوڀ
جي ڪري ئي وجود ۾ آيون. اسين انهن سڀني خرابين ۾
سندس ساٿي رهياسين، ۽ اهوئي سبب آهي جو هو نهايت
بيباڪ ٿي پيو هو. نيٺ جڏهن هن اسان کي ٺڳڻ شروع
ڪيو، تڏهن سندس خلاف هڪ طوفان کڙو ٿي پيو. جيسين
هن مير رستم خان خلاف لشڪر گڏ ڪري کيس شڪست ڏيئي،
کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو، يا جيسين هـُـن اسان جي
منشين کي رشوت ڏيئي ٽپال جي ڦر ڪري، اهو ڏوهه ڀاڻس
مير رستم خان مٿان مڙهيو ۽ کيس قيد ڪري ڏيجيءَ
موڪليو، جيسين هـُـن ٻين ميرن کي دڙڪا ڏيئي
زبردستي استعيفا لکائي ورتي، تيسين هو ٺيڪ هو پر
جڏهن هـُـن ٺڳي ڪري اسان کان ڪجهه ملڪ جو ٽڪر
(ضلع) تڳائي ورتو، تڏهن اسان کانئس وير وٺڻ جا
سانباها ڪيا.اسان جي وزيرن کي ڇا، اها ڄاڻ ڪانهي
ته اهڙيون بدمعاشيون ڪيو ويون آهن، جن جي اسان جي
حڪومت کي ثابتي به ملي چڪي آهي، پر ان هوندي به
اُهي بي انصافيءَ ۾ منڍڙي هنيو، ماٺ ڪريو ويٺا
آهن، ۽ هڪ اکر به ڪونه ٿا چون. ڏٺو وڃي ته اهي نه
ته خدا کان ٿا ڊڄن ۽ نه ماڻهن کان. ڇا مسٽر
گليڊسٽن اسان کي ٻڌائي سگهندو ته انصاف جي مـِـٽي
ڪيئن پليت ٿي آهي؟ ڇو بيگناهه ماڻهن کي نيپلس ۾
قيد ڪيو ويو هو؟ انهي باري ۾ اسان جي سرڪار تي
اهڙي ته تنقيد ٿي جو انهن ماڻهن کي، جي آزادي جا
ڪوڏيا آهن، تن کي ان لاءِ اڄ تائين ڌڪار آهي. اسان
(عوام) کي هرڪو حق آهي ته پنهنجن نمائندن تي زور
آڻي، اهو محسوس ڪرايون، ته اهي انهيءَ معاملي ۾
سرڪار کا پڇن ته اها ماڻهن يا حڪومتن جي معاملي ۾
ڪهڙا ڪهڙا ڪـَـلور ڪري رهي آهي. سنڌ جو مثال ئي
وٺو ته اسان ڪيئن نه هڪ ڪوڙن قسمن کڻندڙ بدمعاش کي
راضي رکڻ لاءِ ڪوڙن جو ڀنڊار هٿ ڪيو، ۽ ان کي انهن
شهزادن جي خلاف شاهديءَ طور استعمال ڪيو. نتيجو
اهو نڪتو جو اسان کانئن سڀڪجهه کسي کين هڪ هنڌان
ٻئي هنڌ، ڊوڙائيندا رهياسين ۽ آخر کين قيد ڪري بند
ڪري ڇڏيوسين. کين جيڪڏهن ڪو آرام نصيب ٿيو ته اهو
قبر ۾ ئي ٿيو هوندو. اسان کي پڪ آهي ته اسان جو
عوام جيتوڻيڪ، هندستان جي رعيت خلاف ڪيل ظلم ۽
زيادتيءَ تي دلي همدردي نٿو رکي، پر ان هوندي به
آءٌ ڀانئيان ٿو ته هي معاملو سندن ڌيان ڇڪائي سگهي
ٿو ته مـَـنَ ڪو ڌيان ڪن.
هاڻي اچو ته انهيءَ ڏکاري ڳالهه جي پڇاڙي ڳوليون.
آءٌ ڀانئيان ٿو ته تمام ٿورن ماڻهن آئوٽرام جي ڏنل
سچي ۽ دل تي اثر ڪندڙ حقيقتن کي پڙهيو هوندو. عجب
آهي ته ڪو هيءَ حقيقت پڙهي ويچار ۾ نه آيو هجي!
جنهن معزز شهزادي مون سان ملاقات ڪرڻ ٿي گهري،
اهو پنجاسي ورهين جو پير مرد هو، پر ان کي سر
چارلس نيپئر مسخريءَ ۾ ’ڪمزور پوڙهو‘ ڪري سڏيو
آهي. ڪمزور پوڙهو ته برابر هو، ڇاڪاڻ ته عمر جي
لحاظ کان ڪجهه جـُـهڪي ويو هو، پر نه انهيءَ سبب
ڪري، جنهن جو سندس ملڪ کسيندڙ ڦوروءَ ۽ سندس ڀاءُ
ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي جو چوڻ آهي ته هو گهڻي
پيئڻ جي ڪري جهڪي پيو هو، جو بلڪل غلط آهي. ڏکيا
ڏينهن مٿس اچي چڪا هئا. ڌاريا، جن کي هن پنهنجو
دوست بنائي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏنو هو، انهن هڪ وڏيءَ
فوج سان سندس ملڪ فتح ڪري ورتو هو. ماڻهن ۾ اڳيئي
اها مـَـقال هئي، ته سندس نيت خراب آهي. ڪنهن به
کيس دلاسو يا دلبو نٿي ڏنو ۽ نه وري کيس دلداري
ڏيڻ وارو هو. يعني ته اهو ماڻهو جنهن کي چاليهن
سالن تائين عزت، احترام ۽ محبت سان خطاب ڪيو ويندو
هو، انهيءَ کي هاڻي رعب ۽ دڙڪن سان خطاب ڪيو ٿي
ويو. هو ويچارو پاڻ به ائين پيو چوندو هو، ته کيس
اچي مٿي ۾ بيعزت ڪيو ويو آهي. هن انهيءَ ماڻهوءَ
سان ملاقات ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، جنهن جي هٿ ۾
سندس ۽ سندس ملڪ جي ماڻهن جي قسمت جي واڳ هئي.
انهيءَ مطلب سان ته جيڪا وڌيڪ تڪليف کيس وٽانئس
رَسڻي هئي، تنهن کي روڪي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ته کيس
معلوم ٿي وڃي ته آخر ساڻس ٿيڻو ڇا آهي؟ ۽ اڃا ڪهڙي
مصيبت مٿس مڙهي ويندي؟ سندس ڀاءُ، جنهن تي ۽ جنهن
جي سياسي هوشياريءَ تي کيس اعتبار هو ته هو کيس
پوريون ۽ سربستيون خبرون ٻڌائيندو، تنهن ساڻس ٺڳي
ڪري کيس غلط خبرون ٻڌايون ۽ انگريزن خلاف ڀڙڪايو،
ته هو ساڻس دغا ڪرڻ وارا آهن. ويچارو پير مرد سندس
ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ انڪري هو هر وقت انگريزن جي
باري ۾ شڪ کان ڪم وٺندو آيو. نتيجو اهو نڪتو جو
سندس دل جي ڊپ کي اسان وارو جرنيل به دور نه ڪري
سگهيو. تان جو سندس ملڪ هضم ڪيو ويو ۽ کيس قيد ڪري
ملڪ بدر ڪيو ويو.
اهڙا ماڻهو جن جو مٿي ذڪر ڪيل آهي، يعني ته ڪمزور
پوڙها، جن جي پنهنجي خاندان وارا عزت ۽ پرستش ڪندا
هئا، تن کي جنرل نيپئر هڪٻئي پٺيان ڌڪ هڻڻ ۾ ڏاڍو
مزو محسوس پئي ڪيو. هرڪا بيعزتي، تڪليف ، ڌڪار ۽
ست ستاءَ، روا رکيو ويو. وري ويڌن ته ڏسو جو گورنر
جنرل به انهيءَ راءِ سان متفق ٿي ويو، ته مير رستم
خان جي پٽ کي به پڳ کان محروم رکيو وڃي. هو انهن
سڀني ڪمن کي جائز قرار ڏيندي ٻڌائي ٿو ته، ”مير
علي مراد خان کي جيڪڏهن اسان جي مدد سان پڳ ملي
وڃي ته پوءِ شڪ نه آهي ته هو هڪ قدرتي ۽ واجبي
وراثت جو بنياد وجهندو ۽ پڳ جي معاملي کي ڪا
قانوني صورت ڏيندو. آءٌ مير علي مراد کي مير رستم
خان جي ڀيٽ ۾ حقي وارث تسليم ٿو ڪريان، پر ساڳئي
وقت انهيءَ اصول جو آهيان، ته جهڙيءَ طرح مير علي
مراد پاڻ پڳدار بنيو آهي، اهڙيءَ طرح اهو ساڳيو
قاعدو سندس پٽ سان به لاڳو ڪيو وڃي“. مير رستم خان
جي پٽ محمد حسين خان کي پڳ ۽ وراثت جي حق کان
محروم ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر وٽ
آخر ڪهڙو جواب آهي؟ جڏهن ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي
ته علي مراد خان، محمد حسين خان کي پنهنجي ملڪيت
جو انهيءَ شرط تي اڌ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، ته
جيئن هو کيس مير رستم خان ۽ اسان (انگريزن) جي
خلاف دوکيبازيءَ ۾ سندس ساٿ ڏيندو. پر هن اشراف
شهزادي ڌڪار وچان انهيءَ بدمعاش جي آڇ کي ٺڪرائي
ڇڏيو. ڇا پٿر به اهڙن ماڻهن خلاف دانهن نه ڪندا.
21- ڊسمبر تي سر چارلس نيپئر لکيو ته، ”اتر ۽ ڏکڻ
سنڌ جي سڀني اميرن عهدنامو قبول ڪيو آهي“.
27- ڊسمبر تي جنرل وري هيئن ٿو لکي، ”اڃا جنگ جو
ڪوبه اعلان وغيره نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري انهيءَ
جي ضرورت آهي“. جيتوڻيڪ عهدنامو قبول ڪيو ويو هو،
پر ان هوندي به هن امام ڳڙهه جي قلعي تي حملي ڪرڻ
جو ارادو ظاهر ڪيو، جو مير محمد خان جي مـِـلڪ هو.
مير محمد خان غلام حيدر خان جو پٽ هو، جنهن سان هن
ڪابه لکپڙهه وغيره به ڪانه ڪئي هئي. انگريز جنرل
پنج دفعا پنهنجو پاڻ کي انهيءَ زور زبردستيءَ
متعلق رد ڪد ڪيو آهي.
1- چوي ٿو ته، ”کيس امام ڳڙهه تي حملي ڪرڻ جو هرڪو
حق هو. انهيءَ ڪري ته متان مير رستم خان ڀڄي نه
وڃي“. ڏٺو وڃي ته هـُـن مير رستم خان جي ڀاڄ کان
اڳيئي ان تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو. (پر هيءُ هڪ بهانو
ئي آهي).
2- وري چوي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ اهو مير محمد خان جي
مـِـلڪ آهي. پر علي مراد خان جي رئيس ٿيڻ کان پوءِ
اهو قلعو به سندس ملڪيت ٿي ويو“. (بلو بڪ نمبر
448). هاڻي کانئس سوال ڪجي ته جڏهن مير رستم خان
پڳدار رئيس هو، تڏهن به ته اهو مير محمد خان جي
ملڪيت ۾ شمار ڪيو ٿي ويو. پر جيڪڏهن اهو قلعو رئيس
جي مـِـلڪ هو، تڏهن پوءِ مير رستم خان کان دستاويز
لکائڻ وقت ڇو نٿي هيءُ قلعو به لکائي ورتو، جڏهن
ته شاهه ڳڙهه ۽ ٻين قلعن جو انهيءَ ۾ ذڪر ٿيل آهي.
3- چوي ٿو ته، ”اتر سنڌ جا سڀيئي قلعا پڳدار جي
مـِـلڪ آهن. (سپليمينٽري بلو بڪ 143). انهيءَ باري
۾ جيڪڏهن مير سهراب خان جي وصيت ڏٺي ويندي ته پوءِ
هيءَ ڳالهه حقيقتن جي بلڪل ابتڙ ثابت ٿيندي.
4- وري چوي ٿو ته، ”اهو قلعو اصل مير علي مراد جو
هو پر ٽي سال اڳ پنهنجي هڪ عزيز کي ڏنو هئائين“.
5- هو چوي ٿو ته، ”هزهائينس مير علي مراد سنڌ جو
باقاعدي رئيس هو ۽ انهيءَ قلعي جو مالڪ مير محمد
خان سندس خلاف هڪ باغي هو“. (سنڌ جي فتح- هڪ تنقيد
ص 250).
ساڳئي خط ۾ جنرل هڪ دوست رئيس جي قلعي تي حملي ڪرڻ
جو هيءُ بهانو ڏنو آهي، ته مير علي مراد جي وزير
مير رستم خان جي پياري دوست فتح محمد غوري کي قيد
ڪيو آهي. علي حسين، (جنهن کي هن غلطي سان شيخ علي
نصير سڏيو آهي) سندس خيال موجب هڪ وڏو ٺڳ مڙس هو.
هي اهو ماڻهو هو جنهن جي هٿن ۾ جنرل، رانديڪي مثل
پئي ٺينگ ٽپا ڏنا ۽ ائين ڪندي هن انگريز قوم جي
مفاد کي بلڪل قربان ڪري ڇڏيو. اهو سڀڪجهه هن
انهيءَ لاءِ ٿي ڪيو ته جيئن سندس مالڪ مير علي
مراد جو بخت بيدار ٿئي ۽ هو وڌندو رهي. جيتوڻيڪ
اسان وارو جنرل هڪ رانديڪي مثل هو، پر ساڳئي وقت
اکين کان سڄو به ته ڪونه هو، جو ڏسي نه سگهي.
گورنر جنرل ڏانهن لکيل هڪ ٻئي خط ۾ هـُـن مير رستم
خان جي ڀاڄ جو احوال هن ريت ڏنو آهي: ”مير رستم
خان ڏاڍو گيدي شخص آهي، ڇاڪاڻ ته هن سدائين اهي
پور پئي پچايا آهن ته آءٌ کيس قيد ڪرڻ وارو آهيان.
کيس اهو به خيال ويٺل آهي ته اسين (يعني ته آءٌ ۽
سندس ڀاءُ علي مراد) انهيءَ سازش کي جلد پورو ڪرڻ
وارا آهيون. ڀانئجي ٿو ته مير علي مراد ئي انهيءَ
پير مرد کي ڊيڄاري کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آهي، ته
جيئن پڳ کيس ملي“. مير علي مراد پنهنجي ڀاءُ کي
انهيءَ حالت ۾ ڌِڪي ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو.
تاريخدان نيپئر امام ڳڙهه جي قلعي جي تباهيءَ واري
احوال ۾ سندس ڀاءُ کي ڏاڍن وڏن اکرن ۾، خوشيءَ ۾
نه ماپندي، سڪندر يونانيءَ سان ڀيٽيو آهي. انهيءَ
۾ ڏسجي ٿو ته هن وڏي ٻٽاڪ کان ڪم ورتو آهي. سر
چارلس نيپئر ٽن سوَن ماڻهن ۽ ٻين توبن سان هڪ اهڙو
ته قلعو تباهه ڪري وڌو، جنهن جون ڀـِـتيون ڪافي
مضبوط هيون ۽ جنهن جي اندر بچاءُ لاءِ هڪ به ماڻهو
ڪونه هو. ميرن جو وري هي حال هو جو کين جنگ ۾
ڦاسائڻ يا ظاهر ظهور دشمنيءَ لاءِ ڀڙڪائڻ به سولو
ڪم ڪونه هو، نه ته هو سولائيءَ سان جنرل ۽ سندس
مـُـٺ جيترن سپاهين کي انهيءَ برپٽ جي وچ ۾، جتي
پاڻيءَ جو ڍڪ به نٿو ملي، تباهه ڪري ڇڏين ها.
انگريزن لاءِ اهو هڪ ڏاڍو نازڪ وقت هو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن ڪليبارن جي کـِـل جهڙي جاسوسيءَ جي رپورٽ
تي اعتبار به ڪجي، تڏهن به ان وقت، اتي ويجهڙائيءَ
۾ مير رستم خان سان ست هزار ماڻهو ساڻ هئا. حقيقت
اها آهي جو ايترا سـَـوَ ماڻهو به ڪونه هئا مير
رستم خان وٽ، پر سندس مقصد اهو هو ته سندس خاندان
جي ماڻهن جو بچاءَ ٿئي. ڊپ ۾ ڀڄڻ جي ڪري محمد حسين
خان جي پوڙهي ماءُ ڪجاوي تان ڪـِـري پيئي ۽ سندس
ٻانهن ڀڄي پيئي، ۽ سندس ٻئي ٻانهيون به بر وقت مري
وييون. انهن بدقسمت شهزادين کي ڀڄڻ کان سواءِ ٻي
ڪابه واهه ڪانه هئي. سندس زيورن ۽ ڪپڙن جو پوءِ
ڪوبه بچاءُ نه ٿي سگهي ها. حيدرآباد جو ئي مثال
وٺو، جتي ڪنهن به قسم جو مقابلو نه ڪيو ويو هو،
تڏهن به اتي ديوان مٺارام جي چوڻ موجب عورتن کان
سندن ڪپڙا لهرايا ويا هئا ۽ اهو ساڳيو ئي حال ٿئي
ها مير رستم خان جي گهر وارن جو.
خيرپور جي تباهي ۽ ميرن جي ڀاڄ، فتح محمد غوريءَ
جو جهلجي قيد ٿيڻ، امام ڳڙهه جو ڊهڻ، مير رستم خان
کان زبردستيءَ پڳ تان دستبرداري لکائي وٺڻ ۽ ان
سان گڏ انهيءَ سان لاڳو زمينن تان به کيس هٿ
کڻائڻ، محمد حسين ۽ ٻين مير رستم خان جي پٽن جو حق
غصب ڪرڻ، مير رستم خان کي دڙڪن سان ڀريل اعلان
ڏياري موڪلڻ، ۽ مٿانئن ڪوڙ ۽ فريب جون تهمتون مڙهڻ
وغيره، انهن سڀني معاملن ۾ انگريز جنرل ڏاڍي خوشي
محسوس ٿي ڪئي. نه فقط ايترو پر مسخري ۽ ٽوڪ خاطر
ميرن کي جمع ڪري کين چوندو هو ته عهدنامن تي
صحيحون ڪن. اهو سڀ اهڙيءَ طرح سان ڪندو هو، جهڙوڪ
اسين هڪ ڪتي کي پاڻ ڏانهن سڏيندا آهيون، پر نيت
اسان جي کيس ڦاهي ڏيڻ جي هوندي آهي. حيدرآباد جي
ميرن جا ايلچي صوبدار خان ۽ حسين علي خان خيرپور ۾
جنرل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا، پر
کين ملاقات جو موقعو نه مليو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کين
جنرل سان ملڻ جو موقعو ملي ها ته پوءِ جنرل پنهنجي
جنگي ارادن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ها.
اهو ممڪن ئي نه هو ته جيڪي به شرط اسين کين ٻڌايون
ها، انهن کي هو قبول نه ڪن ها، پر صلح کي ٽارڻ
لاءِ هڪ نئون منصوبو کوٽي ڪڍيو ويو، ۽ انهيءَ کي
تيار ڪرڻ لاءِ ميجر ڪليبارن جي ٻروچن وٽان چڱو
خاصو مواد ملي ويو. اهي خط اهڙا ته رڪارڊ ٽوڙ
ٺاهيا ويا هئا، جو مير علي مراد به جيڪر نه ٺاهي
سگهي ها! ان وقت اهو به ممڪن هو ته مير رستم خان
شايد پيش پوي ها ۽ پڳ تان هٿ کڻي ها پر کيس ائين
ڪرڻ ئي ڇو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته پوءِ کيس قيد ڪيئن
ڪري سگهجي. ساڳئي وقت هڪ اهڙو رئيس، جنهن کي ملڪ
جا ماڻهو عزت ۽ پيار سان چاهيندا هئا، ان کي ملڪ ۾
ڇڏي ڏيڻ، انهيءَ ملڪ ۽ دشمن دغاباز لاءِ خراب ثابت
ٿئي ها، جو سندس جاءِ تي زبردستيءَ آندو ويو هو.
ان وقت حالت ڏاڍي اڻ سهائيندڙ هئي، پر اسان سنڌ جي
معاملي ۾ گهڻيئي فائديمند ڳالهيون ٺاهيون هيون،
انڪري ڪنهن نئين مڪر کي ڪم ۾ آڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه
هو. مير رستم خان ۽ سندس ڀائيٽي نصير خان کي حڪم
ڪيو ويو ته اهي حيدرآباد هليا وڃن، نه ته ساڻن
دشمن واري هلت ڪئي ويندي. ساڳئي وقت ڏکڻ سنڌ جي
ايلچين کي حڪم ڏنو ويو ته اهي موٽي وڃن ۽ پڻ ميجر
آئوٽرام جي ڏنل صلاح کي اسين نٿا چئون ته ڪو
واهيات سمجهي بلڪل ڇڏيو ويو، انهيءَ پاڻ هڪ ڪمائتي
فهرست جو ڪم ڏنو ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جي
بلڪل ابتڙ قدم کنيا ويا. اهڙيءَ طرح اسان جا
هيٺيان ٽي وڏا مطلب پورا ٿي ويا:
1- مير رستم خان کي پنهنجن ڀائرن يعني ته حيدرآباد
جي ميرن جو محتاج ڪري اڇليو ويو، ته جيئن شرافت ۽
دلي همدرديءَ سبب اهي کيس تباهيءَ ۽ بيعزتيءَ کان
بچائڻ تي مجبور ٿين. اهڙيءَ طرح کين زبردستيءَ
بچاءُ لاءِ جنگ ۾ ڌڪيو وڃي ۽ پڻ سندن بلوچ مائٽن
کي ڪاوڙ ڏياري ڀڙڪايو وڃي.
2- ائين ڪرڻ سان انگريزن کي ڪافي وقت ملي ويو.
ڇاڪاڻ ته عهدنامو اتي جو اتي، موقعي تي صحيح ٿيڻ
نه ڏنو ويو ۽ ان ۾ ڍر ٿي. نه فقط ايترو پر مير
رستم خان جو ڏکڻ سنڌ ڏانهن ڌڪجي وڃڻ ڪري اهو
عهدنامو صحيح ئي ڪونه ٿي سگهيو.
3- جنهن وقت ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد جي ميرن سان
ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، ان وقت انگريز پنهنجي
لشڪر سان شهر تي حملو ڪيو. اهي ڳالهيون حقيقت ۾ هڪ
قسم جي مسخري هئي، پر اهو سڀڪجهه انهيءَ لاءِ ڪيو
ويو ته جيئن ٻاهريون ماڻهو ائين سمجهي ته ميرن کي
اختيار ته پنهنجي ملڪ جو ڪجهه حصو (شاهوڪار حصو)
انگريزن کي ڏيئي باقي ملڪ پاڻ وٽ رکي سگهيا ٿي.
ڪرنل آئوٽرام جيڪڏهن انهن پناهگيرن کان اڳ
حيدرآباد ۾ پهچي وڃي ها، ته پوءِ هو ڏکڻ سنڌ جي
ميرن کي ٻڌائي ها ته مير رستم خان جو سندن تختگاهه
۾ اچڻ سندن تباهي آهي. اهوئي سبب هو جو ڪرنل
آئوٽرام جنرل کان اجازت طلب ڪئي ته جيئن هو اتي
وڃي، ۽ هن عرض ڪيو ته کيس اها موڪل جلد ڏني ته
جيئن هو وقت تي وڃي اتي پهچي. پر مير علي مراد ڪو
اويسلو ڪونه هو جو اها اجازت پهچڻ ڏي، انڪري هن
انهيءَ اجازت نامي کي وچ ۾ ئي روڪي ورتو. اهڙيءَ
خواهش جي پوئواريءَ ۾ هن هيءَ آخري رڪاوٽ هٽائي
ڇڏي، انگريزي فوج جي حيدرآباد ڏانهن واڌ جي هوندي
به مير عهدنامو صحيح ڪيو، پر هاڻي دير ٿي چڪي هئي.
مير رستم خان وٽن پهچي ويو هو، ۽ ساڻس ٿيل ظلمن جي
سڀني کي خبر پئجي ويئي هئي. اهي ظلم اهڙا ته هئا
جيڪر ڌارئين ماڻهو جو رت به جوش ۾ اچي وڃي. بهادر
ٻروچ پاڻ جهلي نه سگهيا ۽ هنن وٺي جنگ ۾ جلهه ڪئي،
۽ مارجي ويا. سنڌ سندن رت سان رڱجي ويئي آهي، ۽
سندن هڏا مياڻي ۽ دٻي جي ميدانن تي پکڙيا پيا آهن.
سندن گهر هاڻي اجڙ ٿي ويا آهن، پر سچو خدا ضرور هڪ
ڏينهن انهن ظلمن جو داد ڪندو. مياڻيءَ جي فاتح جا
پنهنجا ئي هي اکر جي هن پنهنجن ڪرتوتن جي خلاف ڏنا
آهن ۽ جيڪي لکت ۾ موجود آهن، اوهان کي پڙهي ٿا
ٻڌايون. وڌيڪ لکڻ جو ڪو ضرور ڪونهي:
”انگريز، هندستان ۾ اڳرائي ڪندڙ هئا ۽ جيتوڻيڪ
اسان جو فرمانروا ڪو غلط ڪم نٿو ڪري پر ان هوندي
به سندس وزير اهو ڪن ٿا. ڪنهن به ليکڪ يا ماڻهوءَ
کي نيپولين تي ڏوهه مڙهڻ کان اڳ انگريز وزيرن جي
گناهن ڏانهن ڏسڻ گهرجي، جن هندستان ۽ آسٽريليا فتح
ڪيو هو، ۽ جن ماڻهن اتي ظلم جي بازار گرم ڪري رکي
هئي، تن جي هنن حفاظت ڪئي. اسان جي وزيرن جا ڏوهه
نيپولين کان به وڌيڪ ۽ خراب هئا. ڇاڪاڻ ته نيپولين
اسپين جي بادشاهه جي خرابين جي ڪري لالـچ ۾ اچي
ويو هو، نه ته سندس مقصد ڪميڻپائي يا ظلم تي ٻڌل
ڪونه هو پر انگريز حڪومت جو خاص مطلب هو پنهنجي
واپارين کي شاهوڪار بنائڻ“. ‘شاپو ڪرسي’ جو خوب
نالو ڏنو آهي ماڻهن انهيءَ کي. اهڙو گندو ۽ ذليل
ظلم ڪڏهن به ڪنهن حڪومت طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ نه ڪيو
هوندو. اسان جو هندستان (سنڌ) فتح ڪرڻ جو خاص مقصد
هو پئسو ۽ پئسي جي لالـچ، جو چون ٿا ته گذريل سٺ
سالن ۾ هڪ ارب (هڪ سؤ ڪروڙ) پائونڊ هندستان مان
ڇڪي ڪڍيا ويا آهن! اهوئي سبب آهي جو اسان اتي بي
انداز ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون ۽ ماڻهن کي ستايو.
انهن ڏوڪڙن جو هرهڪ شلنگ رت جي تلاءُ مان چونڊي
ڪڍيو ويو آهي ۽ رت اُگهي قاتل جي کيسي ۾ وڌو ويو
آهي. اوهان انهيءَ کي ڪيترو به اُگهو يا ڌوئي صاف
ڪريو پر رت جو ٽڪو ڪڏهن به انهيءَ تان ڪونه لهندو.
اهو رت جو ٽڪو مٿس لڳو ايندو ۽ اسان کي انهيءَ جو
بدلو ضرور ملڻو آهي. منهنجو ايمان آهي ته آءٌ ظالم
نيپولين کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ظالمن کان وڌيڪ
چڱو ٿو سمجهان: هڪ ماڻهو، جو فقط طاقت جو متوالو
هوندو آهي، انهيءَ جو اصول هوندو آهي ته فتح ڪيل
ملڪن ۾ چڱو پير کڻجي ته جيئن نيڪ نالو قائم ٿئي.
پر اهي ماڻهو عالمگير غبن جا گهورا هوندا آهن،
انهن جي نيت فقط شاهوڪار ٿيڻ جي هوندي آهي، پوءِ
ڀل ته انهيءَ آزادي پوري ڪرڻ ۾ لکين ۽ ڪروڙين
ماڻهن جون خوشيون تباهه ٿي وڃن! هڪڙي کي ته اسين
خطاڪار يا مليل فرشتو چئي سگهون ٿا، پر ٻئي کي
”دوزخ ۾ ڄاول شيطان“ کان گهٽ نٿا سڏي سگهون. اهي
اکر ڇا انهيءَ سان لاڳو نٿا ٿي سگهن، جو رت جو
درياه جهاڳي حيدرآباد جي خزاني تائين پهتو هو. ڇا
”دوزخ جا پيدا ٿيل شيطان“ جو اصطلاح، جو نيپئر
ميرن لاءِ استعمال ڪيو آهي، انهن ماڻهن سان لاڳو
ٿي سگهي ٿو، جي هميشه صلح جا خواهان هئا ۽ جن جو
چوڻ هو ته جنگ جو سنڌ ۾ ڪو جواز ئي ڪونهي، پر هن
بنا ڪنهن سبب جي، بي انصافيءَ ۽ بي مروتيءَ سان
سندن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. افسوس غريب انسانيت،
افسوس!
سنڌ جي انهن بد قسمت شهزادن جي مختصر احوال ڏيڻ
کان پوءِ ضروري آهي ته اوهان کي سندن خاندان جي
زوال ۽ سندن تختگاهه جي تباهيءَ کان پوءِ، انهن تي
جيڪي وهيو ۽ واپريو تنهن تي ڪجهه تبصرو ڪري
ٻڌايان.
مير رستم خان، جو اسي سالن کان به مٿي عمر جو پير
مرد هو، ۽ ڪمزوريءَ سبب ڪٻو ٿي ويو هو، تنهن کي
پنهنجن سڀني گناهن جي سزا ملي، يعني ته هن پنهنجي
حياتيءَ جا آخري ڏينهن انهن ئي ماڻهن جي قيد ۾
گذاريا، جن جي هن خدمت ڪئي هئي! انهن سندس ساراهه
ڪئي ته هن نهايت مستقل مزاجيءَ سان سڀڪجهه سٺو ۽
پنهنجيءَ قسمت تي راضي هو. ڊاڪٽر برٽ، جو پوني ۾
ميرن جي چارج ۾ سول سرجن هو، تنهن هن بابت هي
احوال ڏنو آهي:
”اڳ ۾ مير رستم خان، سندس ننڍو پٽ علي بخش ۽ سندس
ڀائٽيو مير نصير خان، مارچ 1844ع کان وٺي منهنجي
چارج ۾ هئا. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين مون
منجهن ڪڏهن به غير معتدل هجڻ يا شرابخوريءَ جو
اهڃاڻ نه ڏٺو آهي، جيتوڻيڪ ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته اهي
انهن ٻنهي ڪمزورين جا عادي آهن. مون انهن جي
روزانو ۽ پڻ ڪن خاص وقتن تي تپاس ڪئي آهي ۽ سندن
طبعيت کان پوريءَ طرح واقف آهيان. مير رستم خان،
جو عمر ۾ اَسي سالن کان به مٿي آهي، ساڳئي حال ۾
آهي. سندس ياداشت ٺيڪ آهي ۽ هو مذهبي رسمن جي پوري
ڪرڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي. رهڻي ڪهڻيءَ ۾ هو نهايت
پرهيزگار شخص آهي. هو روزانو هڪ دفعو گوشت کائيندو
آهي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي يا کير استعمال ڪندو آهي.“
ڪرنل آئوٽرام پڻ انهيءَ ڏس ۾ انهن سڀني پوليٽيڪل
آفيسرن جا رايا قلمبند ڪيا آهن، جن جو ميرن سان
ڪنهن به طريقي سان واسطو رهيو آهي. اهي سڀيئي
انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ميرن تي ”سنڌ جي فتح“
۾ پيئڻ وغيره بابت جيڪي بهتان مڙهيا ويا آهن، سي
ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. انهن تهمتن جو ايڏو ته رد
لکت ۾ موجود آهي، جو وڌيڪ لکڻ ناممڪن ٿيو پوي. پر
ان هوندي به آءٌ اوهان کي هڪ مثال ٻڌائڻ کان سواءِ
رهي نٿو سگهان. ميرن جي چارج ۾ ڪئپٽن گارڊن جي خط
جو اقتباس ڏجي ٿو جو هن ريت آهي: ”اوهان جي سوالن
جي جواب ۾ آءٌ ٻڌائڻ ٿو گهران ته مير نهايت معتدل
طبعيت جا ماڻهو آهن. اهي نه فقط شراب پر ٻين
نشيدار شين کان به پرهيز ڪن ٿا. ايتريقدر جو
ٻـِـيڙي به ڪونه پين، ڇاڪاڻ ته تماڪ جي ڌپ کان کين
ڪرهت ٿيندي آهي. شراب يا تماڪ جي استعمال ڪرڻ جي
سوال تي مير اسان لاءِ هڪ بهترين نمونو آهن. اسان
رڳو پنهنجي اعليٰ تهذيب جو ڍونگ رچائيندا رهون ٿا
۽ انهيءَ اخلاق ۽ ڪردار جي ٺلهي دعويٰ ڪندا رهون
ٿا، جو اسان ۾ آهيئي ڪونه.“
آءٌ ڀانئيان ٿو ته هاڻي انهن ماڻهن کي اهو اطمينان
ٿي ويو هوندو ته جيڪي بهتان مٿن مڙهيا ويا هئا، سي
غلط هئا. هاڻي اهو رئيس آرام سان سـُـتو پيو آهي ۽
کيس اهو سـُـڪون ملي ويو آهي، جو انگريزن کيس ڏيڻ
کان انڪار ڪيو هو. جيڪي مير باقي بچيا آهن، سي کيس
ياد ڪري افسوس ڪندا رهن ٿا، پر سندن ستائيندڙن کان
به ڪو اُجورو ڪونه ٿا گهرن، ۽ نه وري جيڪي کانئن
ڦريو ويو آهي، اهو واپس ٿا گهرن. جيڪي ٿيو سو
گذريو. هاڻي هو فقط اهو چاهين ٿا ته سندن پياري
رئيس جا هڏا کين ڏنا وڃن، ته اهي کڻي پنهنجي ملڪ
وڃن، جتي هو ڄائو هو. کين اها اميد آهي ته انگريزن
جي هن لاءِ جيڪا ڌڪار آهي سا قبر تائين جٽاءُ نه
ڪندي ۽ اهي ان عرض اگهائڻ ۾ڪابه ڪوتاهي نه ڪندا،
ڇا ڪرستان حاڪم انهيءَ ٻڍڙيءَ بيواه جو اهو آخرين
عرض به قبول نه ڪندا ته جيئن هو پنهنجيءَ مٽيءَ کي
پنهنجي مرحوم مڙس جي مٽيءَ سان گڏ پورائي؟ ڇا ڏهن
سالن جي جلاوطنيءَ، ۽ غربت ۽ سڃائيءَ کان پوءِ به
سندس اهو آخرين عرض نه اگهائبو؟
مير رستم خان پوءِ، ڄمار جي ڪري سندس وزير فتح
محمد غوري آهي. سندس باري ۾ اڳيئي ٻڌايو ويو آهي
ته ڪيئن نه ساڻس بي انصافيءَ جو ورتاءُ ڪيو ويو ۽
اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر راس بيل ڪهڙي نه ذليل
هلت ساڻس ڪئي هئي. جيئن ته هو هر وقت دغاباز علي
مراد جي خلاف رهندو آيو، ان ڪري اسان جي سڄي لعنت
ملامت مٿس ئي پوڻ لڳي. ڪئپٽن برائون کي مير علي
مراد جي وزير سندس خلاف ڪري ڇڏيو ۽ اهي ساڳيا شڪ
سر چارلس نيپئر جي دل ۾ به پيدا ٿي ويا. اسان کيس
پنهنجي دربارن ۾ ڪڏهن به اچڻ ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته
اسان ڌرئون اهو اعلان ڪيو هو ته اسين هن کي مير
رستم خان جو وزير ئي نٿا ڪري ليکيون. جيتوڻيڪ اها
هڪ دوست جي معاملن ۾ دست اندازيءَ برابر هئي، پر
اسان انهيءَ تي اڪتفا ڪانه ڪئي. ويچاري وزير تي
اها تهمت به مڙهي ويئي ته هن اسان واري ڪڇيءَ جي
گورنر محمد شريف کي، قيد مان ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪئي
هئي. هي ڏوهه مير رستم خان خلاف مڙهيل ڏوهن ۾ شامل
هو ۽ اهوئي سبب آهي جو اسان سندس ملڪ کي تباهه ڪري
مٿس قبضي ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهيو. ڪهڙي نه
کـِـل جي ڳالهه آهي، جو هڪ طرف ته اسين فتح محمد
کي مير رستم خان جو وزير ئي تسليم نٿا ڪريون ۽ ٻئي
طرف وري مير رستم خان کي انهيءَ ساڳئي ماڻهو جي
ڪردار لاءِ جوابدار پيا سمجهون. فتح محمد پنهنجي
حاڪم سان وفادار هو، انڪري هو ساڻس ڀڄي ويو. پوءِ
کيس مير رستم خان سان گڏ قيد ڪيو ويو. مير علي
مراد کانئس وير وٺڻ خاطر سر چارلس نيپئر کي لکيو
ته، جيئن ته شيخ علي حسين فتح محمد کان ڇهه هزار
رپيا لهڻي، انڪري کيس سندس ٻانهن ڏني وڃي. اهو
سڀڪجهه ڍونگ هو، ڇاڪاڻ ته علي حسين جڏهن سنڌ ۾
داخل ٿيو هو، تڏهن هو هڪ سڃو ماڻهو هو ۽ هڙ ۾ پائي
به ڪانه هئس. پر هاڻي ته ڏيجي جو وزير ۽ حڪومت جو
صحيح معنيٰ ۾ مالڪ ٿي چڪو آهي. انگريز جنرل هڪدم
انهيءَ مسڪين (فتح محمد) کي سندس جاني دشمن جي رحم
ڪرم تي ڇڏي، کيس علي مراد جي حوالي ڪيو، جنهن کڻي
بند ۾ وڌس. اسي سالن جو هيءُ پير مرد، هڪ معمولي
قيديءَ وانگر سڄا سارا ٻارنهن مهينا جيل ۾ پيو هو.
آخر ڌڻي تعاليٰ مٿس رحم ڪيو ۽ کيس سندس ستائيندڙ
کان نجات ڏياري. بهاولپور جو خان، جنهن جي پيءُ جي
دربار ۾ هو وزير رهي چڪو هو، تنهن سر چارلس نيپئر
کي لکي موڪليو ته سندس پيءُ جي پراڻي دوست ۽
صلاحڪار جي ٻانهن کيس ڏني وڃي. سر چارلس وري قاصد
کي علي مراد ڏانهن راهي ڪيو. علي مراد ڏٺو ته
بهاولپور جو خان انگريزن سان ٺهيل آهي، انڪري مٿس
ٿوري ڪرڻ جي خيال سان قرض جا ڇهه هزار وٺي، کيس
انهيءَ ذليل قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. فتح محمد خان
جيئن ئي واپس بهاولپور پهتو، تيئن اتي جي خان کيس
ويهه هزار رپيا ڏيئي، هڪ ٻارهن هزارن واري جاگير
به عنايت ڪئي. خان کيس وزارت جي عهدي تي مقرر ڪرڻ
جو خيال ڪيو، جا جاءِ اڃا اتي خالي پيئي هئي. هڪ
ته اَسي سالن جي عمر ۾ تڪليفون، جي هن قيد ۾
سٺيون، تنهن سان گڏ سندس وڏي پٽ جو موت، انهن سڀني
گڏجي سندس هوشياريءَ ۽ لياقت کي مڏو ڪري ڇڏيو. هن
کي پاڻ به ته ملازمت جو ڪو شوق ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ عهدي لاءِ پاڻ کي وڏيءَ عمر جي ڪري بلڪل
ناموزون تصور ٿي ڪيو. هن نيٺ وڃي اهي زمينون
وسايون جيڪي کيس ڏنيون وييون ۽ جيڪڏهن ملتان ۾
بلوو نه ٿئي ها، ته اسين انهيءَ لائق شخص جي باري
۾ ڪي ڪين ٻڌون ها. سکن سان ٻي جنگ شروع هئڻ جي ڪري
لاهور جي ريزيڊنٽ بهاولپور جي خان کي چوائي موڪليو
ته مولراج جي خلاف ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي مدد ڪري.
بهاولپور جي خان فتح محمد کي هيڏي وڏي عمر هوندي
به بهاولپور جي فوج جو سپه سالار اعظم مقرر ڪيو ۽
هن 31- مئي 1848ع تي ستلج نديءَ کي فوجن سميت پار
ڪيو. ليفٽيننٽ ايڊورڊس جي فوجن کي جيڪا مدد فتح
محمد ڪئي هئي، انهيءَ جي اهميت خود انهيءَ آفيسر
جي پنهنجن لفظن مان ملي ٿي:
”فتح محمد غوريءَ جو محاذ تمام خطرناڪ آهي ۽
منهنجي فتح جو دارومدار پڻ سندس سوڀ تي آهي“. 14-
جون تي فتح محمد پنج سؤ سپاهين ۽ يارهن توبن سان
ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي چوڻ موجب گوائين وٽ مورچا ٻڌي
ويهي رهيو، جو شجاع آباد کان ٻارنهن ڪوهه پري هو.
سندس ڪمان هيٺ جيڪي فوجي هئا، اهي بيقاعدي سپاهي
هئا، جن ڪڏهن به توب مان گولا ڇـُـٽندي ڪونه ڏٺا
هئا. سک جرنيل رنگرام (مولراج جو سالو) اتر طرف
پندرهن ميلن جي پنڌ تي نوَ هزار باقاعدي فوج ۽ ڏهن
توبن سان تيار ويٺو هو. اولهه طرف چناب جي پراڙ،
دائودپوٽن جي ڪئمپ جي آمهون سامهون ليفٽيننٽ
ائڊورڊس ۽ جنرل ڪورٽلينڊٽ ٽي هزار ماڻهن سان مورچا
وجهيو ويٺا هئا ۽ وٽن ڏهه توبون هيون. 17- تاريخ
سک فوج هيٺ لهي آئي ۽ اهڙي هنڌ اچي بيٺي جو ٻيئي
انگريزي فوجون هڪ ٻئي کي مدد نه ڪري سگهن. سکن
درياء جي پـَـتڻ تي به قبضو ڪري ورتو. سـِـکن جي
انهيءَ چال کي ختم ڪرڻ لاءِ دائودپوٽن پير ابراهيم
جي صلاح تي، ڪانيري وٽ اهڙيءَ طرح وڃي مورچا ٻڌا،
جو ليفٽيننٽ ائڊورڊس کي درياء اُڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه
ٿئي. 18- جون تي جڏهن ليفٽيننٽ ائڊورڊس درياء پار
ڪري رهيو هو، تيئن سک فوج، جا مٿانهينءَ تي هئي،
فتح محمد جي فوج جي ساڄي بازوءَ تي حملو ڪري ڏنو ۽
زبردست جنگ شروع ٿي ويئي. اها جنگ ڏينهن جي ڳچ حصي
تائين هلي ۽ توبن جا ٺڪاء ڇهه ڪلاڪ لاڳيتا هلندا
رهيا. بيقاعدي فوج، جنهن هيترو وقت باقاعدي فوج
سان جنگ ڪئي، انهيءَ مان فتح محمد جي ثابت قدميءَ
جو پتو پوي ٿو. ساڳئي وقت انهن هڪ مضبوط هنڌ تي
قبضو ڪري ورتو هو، يعني اهو جهنگ جنهن جي نه هجڻ
سان هـُـو جيڪر ڪيتري به بهادري ڪن ها، پر ان
هوندي به تباهه ٿي وڃن ها. 2 بجي فتح محمد کي
پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ هو پنهنجين فوجن کي
درياء تان وٺي آيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو
جنگ جي جيڪا مصيبت سندس فوجن تي هئي، اها هاڻي
ليفٽيننٽ ائڊورڊس جي پٺاڻ فوجن تي پوڻ لڳي. اهي
بهادر سپاهي مورڳو جهليا نٿي ٿيا، جو هنن پاڻ کي
دشمن جي توبخاني مٿان کڻي اڇلايو. جيئن سکن کي
هاڻي مقابلي ۾ دائودپوٽن جي گولن جو خوف ڪونه هو،
انڪري هنن پٺاڻن ۾ تباهي مچائي ڏني ۽ اهو به اهڙي
وقت، جڏهن هو حملي ڪرڻ کان جهليا نٿي ٿيا. ڏٺو وڃي
ته سک ليفٽيننٽ ائڊروڊس جي پٺاڻ فوج کي ختم ڪري
ڇڏين ها، پر جنرل ڪورٽلينڊٽ طرفان کيس موڪليل ڪمڪ
تمام تڪڙي تڪڙي اچي پهتي. انهيءَ ۾ ڇهه توبون ۽
پيادن جون ٻه ريجمينٽون هيون، جن جي اچڻ ڪري ڏينهن
جي قسمت ۾ ڦيرو اچي ويو. سک پيادن جو جيڪو وڏو حصو
پٺاڻن جي ويجهو اچي چڪو هو، تنهن کي نئين آيل فوج
جي گولن اچي کنيو، جن جي کين ڪابه خبر ڪانه هئي.
ساڳئي وقت مددي فوج جي ٻن ريجمينٽن به حملو ڪري
ڏنو. پٺاڻ سوارن جي هڪ جٿـي به سندن ساٿ ڏنو.
نتيجو اهو نڪتو جو هنن سکن جي ٻن توبن تي وڃي قبضو
ڪيو ۽ سک مونجهه ۾ وٺي ڀڳا. سندس مهندار رنگرام
اڳيئي ڀڄي چڪو هو. ويتر ليفٽيننٽ ائڊورڊ جي سڄي
فوج به وڌي آئي، انڪري اهي ويتر تڪڙا ڀڳا.
دائودپوٽن ان وقت پاڻ سنڀالي ورتو ۽ چڱو ڪم ڏنائون
۽ سکن جي ڀڄندڙ فوج کان ٻه توبون ٻيون به کسي
ورتائون. اهو اٿوَ ڪانيري جي جنگ جو احوال ۽ جنهن
۾ اهو ساڳيو فتح محمد هو، جنهن کي هڪ انگريز جرنيل
جي حڪم تي هڪ جڙتو قرض جي باري ۾ قيد ڪيو ويو هو،
مٿس انگريزن جي قيديءَ کي ڀڄائڻ جو ڏوهه مڙهيو ويو
هو. ۽ کيس نه فقط سندس عهدي تان لهرايو ويو هو پر
ان سان گڏ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ سندس نائب،
هـُـن جي بيعزتي به ڪئي هئي. هاڻي انهيءَ ساڳئي
ماڻهوءَ فوج جي هڪ خاص حصي جي ڪمان سنڀالي انگريزن
جي جاني دشمن مولراج تي پهرين ۽ شاندار فتح حاصل
ڪئي. ليفٽيننٽ ائڊورڊس بنا ڪنهن رياء جي فتح محمد
جي بهادريءَ جي ساراهه ڪئي آهي، ۽ پاڻ مڃي ٿو ته
سندس ئي حڪم موجب دائودپوٽن جي فوج ڇهن ڪلاڪن جي
جنگ کان پوءِ پوئتي هٽي هئي، ۽ پنهنجي بيهڪ ساڄي
بازو مان ڦيرائي ڏائي بازوءَ تي آندي هئي. هـُـن
پوڙهي وزير تي بيوقوفيءَ جو الزام ڌَري ٻڌايو آهي
ته جنهن وقت توبن جا گولا سندس مٿان پئي گذريا، ان
وقت هو وڻ هيٺان بيپرواهه ٿيو تسبيح جا داڻا سوري
رهيو هو. سندس چوڻ آهي ته جوش ۾ هو عمر جي ڪمزوري
وساري چڪو هو، ۽ جڏهن هـُـن هڪ نظر انهيءَ ڏڪندڙ
پوڙهي تي وڌي، جو ڏانهس اچي رهيو هو، تڏهن هـُـن
کيس ائين ڏٺو ڄڻڪ هن کيس سڃاتو ئي ڪونه ٿي. ڏسڻ ۾
ايندو ته هڪ اهڙو ماڻهو جو ريڊزڪي يا ويلنگٽن جي
عمر کان وڌيڪ عمر گذاري چڪو هو ۽ جو چار ويهون
(اَسـِـي) سالن جون پوريون ڪري چڪو هو ۽ تازو جيل
مان نڪري آيو هو، هاڻي اهڙو ماڻهو ڪيئن ٿو هڪ
بهترين يورپي آفيسر سان هوشياريءَ ۽ لياقت ۾ پڄي
سگهي. جيڪڏهن هو وڻ جي هيٺان بنا ڪنهن ڪم ڪرڻ جي
ويهي رهيو هو، ته انهيءَ ۾ ڀؤ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته
ليفٽيننٽ ائڊورڊس پاڻ به ته ساڳي ڪار ڪئي هئي.
جـُـون جي ساڙيندڙ اُس ۾ جتي وڻ کان سواءِ ٻي ڪابه
ڇانوَ نه هجي ۽ جتي نه پاڻيءَ جو ڍڪ ملي ۽ نه ٿڌي
هوا هجي، ته پوءِ اهڙي حالت ۾ وڻ جي هيٺان نه
ويهجي ته ڪٿي ويهجي. سـِـک مهندار رنگرام پاڻ به
ته بنان ڪنهن ڪم ڪار جي ويٺو هو، جنهن کي اسان جي
ڪمانڊرن کان وڌيڪ خبردار ٿيڻ کپندو هو. چون ٿا ته
هو نونار جي ڳوٺ جي ڀرسان ٽڪريءَ تي هڪ هاٿيءَ جي
مٿان چڙهيو بيٺو هو، ۽ اتان بيٺي جنگ جو تماشو
ڏٺائين. جڏهن ته اسان جون فوجون وڌڻ لڳيون، تڏهن
هو جنگ جي ميدان کان تمام گهڻو پري وڃي بيهي رهيو.
انگريزن جيڪي کيس تڪليفون ڏنيون هيون، انهن جي
صـَـلي ۾ ٻين ڏيهي رئيسن وانگر فتح محمد جو ڪم هو
ته هو ميدان ڇڏي وڃي يا وڃي دشمن سان ملي. پر فتح
محمد ائين ڪونه ڪيو. هو سڄو وقت حملي جي سـَـٽ
جهليندو رهيو، ۽ جنگ ڪندو رهيو. ان کان پوءِ هو
سڄي بازوءَ تان پاڻ بدلائي کٻي هٿ تي وڃي بيٺو، ۽
دشمن کي تباهه ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏنائين. هڪڙي
ماڻهوءَ، جنهن انهيءَ جنگ ۾ اهم حصو ورتو، تنهن جو
رايو آهي ته فتح محمد تي ڪنهن به قسم جي تنقيد ڪرڻ
جو ڪو جواز ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به ڪنهن خوف
کان نه ڊنو آهي. جيڪڏهن هو دشمن کان هٿ ڪيل توبن
کي جنگ جي ميدان ۾ نه رکي ها ته پوءِ مٿس ڪڏهن به
ڪمزوري وغيره جو الزام نه مڙهيو وڃي ها. سندس
دعويٰ هئي ته اهي توبون اسان جي گڏيل فوج جي وڏي
حصي سان وابسته هيون، جن ڇهه ڪلاڪ دشمن جو مقابلو
ڪيو ۽ ساڳئي وقت سوار فوج به مهيا ڪري ڏني، جنهن
دشمن کي ڀڄائڻ ۾ وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. اهڙين
توبن کي جنگ جي ميدان ۾ ڇڏڻ کان هن نابري واري،
ڇاڪاڻ ته اهي سندن فوج دشمن کان هٿ ڪيون هيون.
انهن توبن کي ڇڏي ڏيڻ سان سندس فوجن جي دل شڪني
ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اهي وڏيءَ محنت سان دشمن کان
کٽيون ويون هيون. ساڳئي وقت پٺاڻن وٽ ڪوبه ڍور ڍڳو
وغيره ڪونه هو، پر فتح محمد وٽ ان وقت ڇهه سؤ ڍڳا
هئا، جن کي هن جوٽائي توبون جنگ جي ميدان مان
ڪڍارائي ورتيون. ميجر ائڊورڊس ڪتاب جي صفحي 417
تي فتح محمد جي باري ۾ غلط قصو بيان ڪيو ويو آهي،
جنهن ۾ هن کي ”ڀاڄوڪڙ“ جو خطاب ڏنو ويو آهي.
انهيءَ قصي جي متن موجب کيس دغاباز ۽ ملڪ دشمن ڪري
ثابت ڪرڻو آهي، پر ساڳئي وقت ڪئپٽن ائڊورڊس جو اهو
بيان آهي ته فتح محمد جو انگريزن جي طرف کان هجڻ
سندن خوش قسمتي آهي، ڇاڪاڻ ته هو انگريزن کان
وڌيڪ سنڌ ۽ ان سان لاڳو ملڪن جي حالتن کا پنجاهه
سالن کان وٺي واقف هو. فتح محمد انهيءَ غوري
خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن هندستان کي شهنشاهه
ڏنا هئا، پر جنهن شاخ مان هو آيو هو، تنهن مان
ڪوبه وڏي عهدي تي ڪونه هو ۽ سندس پيءُ هڪ اسڪول
ماستر هو. فتح محمد پنهنجي اوائلي زندگي هڪ مشهور
پير جي مريديءَ ۽ صـِـدق ۾ گذاري، جنهن کي درياء
جي ٻنهي ڪــَـپن تي وڏو ملڪ قبضي ۾ هو، پر جيئن ته
پير هڪ سخت ۽ جهيڙاڪ ماڻهو هو، انڪري فتح محمد کيس
ڇڏي وڃي بهاولپور جي خان وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو، جو
هاڻوڪي خان بهاول جو ڏاڏو هو. هي واقعو اٽڪل
پنجاهه سال اڳ جو آهي، جڏهن فتح محمد پنجٽيهه سالن
جو هوندو. انهيءَ کان پوءِ پير، بهاول خان سان به
تڪرار ڪري وڌو، جنهن تي بهاول اُچ تي حملو ڪري ان
تي قبضو ڪيو. پيرَ ڀڄي خيرپور ۾ پناهه ورتي، ۽
انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو بهاول خان ۽ سنڌ جي
ميرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي. فتح محمد ان وقت بهاول
خان جي فوج جو مهندار هو پر کيس شڪست ملي ۽ پيرَ
کي وري به اُچ جي گادي ڏياري ويئي. کيس فقط شهر جي
حڪومت ڏياري ويئي پر سندس زمينون واپس نه مليون ۽
وقت گذرندو ويو. بهاول خان مري ويو ۽ سندس جاءِ تي
سندس پٽ سعادت خان تخت تي ويٺو، جنهن جي دؤر ۾ فتح
محمد وزارت جي عهدي تي مقرر هو. هڪ ڏينهن خان
پنهنجي وزير فتح محمد سان گڏ، ساڳئي اُٺ تي سوار
هو، خان اڳيان ۽ فتح محمد پٺيان، جيئن ئي اُٺ
هـُـشيو ته سوار لهن، تيئن سعادت خان جي هڪ مائٽ
سنجر خان، خان تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو.
تلوار جي ڌڪ سان اُٺ کي به ڦٽي وڌو، انڪري اُهو
اٿي ڀڳو ۽ فتح محمد هيٺ ڪـِـري پيو. هـُـل ۽ گوڙ ۾
سنجر خان کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيئن ته فتح
محمد ڪِـري پوڻ سبب پنهنجي آقا جي مدد نه ڪري
سگهيو، انڪري سمجهيو ويو ته هو به انهيءَ سازش ۾
سنجر خان سان شريڪ هو. فتح محمد کي انهيءَ ڪري
پنهنجي جان بچائڻ خاطر ڀڄڻو پيو. هو پهرين ملتان
هليو ويو، جنهن جو حاڪم مظفر هو. هي اهو مظفر هو،
جو رنجيت سنگهه خلاف شهر جي بچاءَ ۾ جنگ ڪندي
مارجي ويو هو. بهاولپور جي خان کيس تاڪيدي نياپو
ڏياري موڪليو ته فتح محمد کي پنهنجي ملڪ مان تڙي
ڪڍي، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾
جنگ لڳي، جنهن کي ميجر ائڊورڊ بنا ڪنهن سبب جي فتح
محمد جي شرارت قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ هن جو مطلب
ستلج ۽ شجاع آباد جي وچ ۾ سڄي ملڪ تي قبضو ڪرڻو
هو. ملتانين کي شڪست پهتي ۽ فتح محمد لاهور ڀڄي
ويو، جتي رنجيت سنگهه وٽ سندس وڏي مان سان آجيان
ڪئي ويئي. مذهبي يا ڪنهن ٻئي خيال کان هن رنجيت
سنگهه وٽ نوڪري ڪانه ڪئي ۽ ديره غازي خان جي رستي
اتر سنڌ ۾ پهتو، جتي کيس هڪدم وزير اعليٰ جي عهدي
تي فائز ڪيو ويو. خيرپور ۾ ٿيل سندس آجيان، مير
سهراب ۽ رستم جو سندس لاءِ پيار، ۽ ان جي ابتڙ
ميجر ائڊورڊس جو سندس باري ۾ ڏنل بيان، ڪنهن طرح
سان نٿو ٺهڪي اچي، پر انهيءَ کان وڌيڪ غير موزون
وري اهو قدم هو، جو سڀ کان پوءِ کنيو ويو. بي
بنياد شڪ، جن جي ڪري کيس بهاولپور مان ڀڄڻو پيو،
سي هاڻي دور ٿي چڪا هئا، ۽ سندس بيگناهي اهڙي ته
پڌري ٿي پيئي هئي، جي هاڻوڪي خان سندس آزادي، مير
علي مراد کان خريدي، کيس وڏي ۾ وڏو عهدو به ڏيڻو
ڪيو. فتح محمد جي معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو
ٻڌائڻ ضروري ٿيندو آهي ته اتر سنڌ ۾ هيءُ پهريون
ئي ماڻهو هو، جنهن انگريزن جي سفير جو آڌرڀاءُ ڪيو
هو. برنس جي سفرنامي جي ٽئين جلد ۾ سندس ۽ انهيءَ
آفيسر جي ملاقات جو هيءُ بيان ڏنل آهي: ”اسان جي
درياء جي ڪپ تي خيرپور جي وزير سان اچرج جهڙي
ملاقات ٿي، جنهن کي مير رستم خان اسان ڏانهن
موڪليو هو. هـُـن انهيءَ وقت ئي اسان جي انگريز
حڪومت سان عهدنامي ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ انهن
پاڙيسري رياستن جو ذڪر به ڪيو هو، جن جو وجود
انگريزن سان ڪيل عهدنامن جي ڪري موجود هو، جهڙوڪ
دائودپوٽن جو رئيس، جيسلمير جو راول ۽ بيڪانير جو
راجا. هـُـن اهو پڻ ٻڌايو ته جوتشين جي اڳڪٿي آهي
ته انگريز هڪ ڏينهن سڄي هندستان تي قبضو ڪندا ۽
انهيءَ جي اڳڪٿيءَ ۾ ٻنهي جو يعني ته سندس ۽ مير
رستم خان جو ايمان هو. جڏهن کانئس اهو پڇيو ويو ته
خيرپور جا مير انگريزن سان ڇو عهدنامي ڪرڻ جي خيال
۾ آهن، تڏهن وراڻيائين ته ”انگريزن جو تارو چوٽ تي
آهي ۽ سندن بخت بلند آهي.“ |