سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ 7

صفحو ؛ 7

 

 

باب ستون

سرتاف جي جنگ ۽ والپول ڪليرڪ جو موت- عاميل جي ڪلپرس جي پٺيان پوڻ ۾ ناڪاميابي - ڪڇيءَ جو نائب محمد شريف، انهيءَ علائقي جي بدانتظامي - سنڌي الف بي - شڪي خط

انگلينڊ جي ماڻهن کي مئي جو مهينو ڏاڍو وڻندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ نالي ۾ هڪ قسم جي جادوگري سمايل آهي، يعني ته انهيءَ مهيني ۾ چمڪندڙ ساوڪ سان ڀريل ميدان پيا پسبا آهن ۽ ٻارن کي ڪو سلپ ۽ هوٿارن پٽيندو ڏٺو ويندو آهي، جن ۾ اڇا ۽ ڳاڙها گل پنهنجي خوشبوءِ سان انهن کي وندرائيندا رهندا آهن. منهنجي دل اهو نٿي چاهيو ته رڳو پنکي جو چيچاٽ هجي ۽ هڪ اڇي پٽڪي وارو پير مرد انهيءَ کي ڇڪيندو رهي، ۽ نه وري مون کي اها اونداهي ڪوٺي ٿي وڻي پر ٿرماميٽر جي انگن ۾ ڦيرگهير مون کي تنبيهه ڪري رهي هئي ته سنڌ وارو مئي مهينو، انهيءَ ٽڙندڙ ۽ خوشيءَ سان ڀريل مئي کان بلڪل نرالو آهي، جو انگلينڊ ۾ محسوس ڪبو آهي. آئون ان وقت 96 ڊگرين جي گرميءَ ۾ هوندي پگهر ۾ ٻـُـڏو پيو هوس ته هڪ قداور آفيسر اندر گهڙي آيو، ۽ اچي مون سان هٿ ملايائين. ”ڪليرڪ“. مون کيس چيو ته، ”ڪهڙي ڪم توکي هن سخت گرميءَ ۾ هتي آندو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي مٿي کي پگهرائي وجهي، پوءِ ڀل ته اهو لوهه جو ٺهيل هجي ۽ مٿس سخت پٿر جو تهه چڙهيل هجي؟“ هن وراڻيو، ”مون کي مري ٽڪرين ۾ حفاظتي فوج سان وڃڻ جو حڪم مليو آهي، جيتوڻيڪ آئون ٽن ڏينهن کان وٺي چاق به ڪونه آهيان ۽ نڪو ڪو وري منهنجو وارو آهي، پر مون کي چوڻ ڪي ڪين آهي ۽ حڪم جي پوئواري ڪرڻي آهي.“ هن مون کان رستي جا سونهان گهريا، جي مون کيس ڏنا ۽ هو موڪلائي هليو ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جيئن آئون بستري تي بيمار پيو هوس ۽ سوڙن جي تـَـهن ۾ پئي ڏڪيس، تيئن پردا کليا ۽ مون کي بد خبر ٻڌائي ويئي ته ڪليرڪ پنهنجي سڄي جٿي سوڌو مارجي ويو آهي ۽ هڪ به ماڻهو منجهانئن کسڪي نه سگهيو آهي. حقيقت به ائين ئي هئي. اها بهادر دل، جنهن تمام بلند آواز سان ڌڌڪو ٿي ڪيو، اها هاڻي موت ۾ ٿڌي ٿي ويئي هئي. گهڻو وقت پوءِ مون انهيءَ معرڪي جو احوال عبدالله ۽ ٻين کان ٻڌو، جي اتي حاضر هئا. انهن ٻڌايو ته ڪليرڪ ڪن ٻروچن کي چيو هو ته، ’مان ڪاهان پيو وڃان، جي دودي مريءَ کي مون سان مقابلو ڪرڻو هجي ته ڀل اچي‘. اهو هڪ سخت نياپو هو، پر مون کي ٻڌائڻ واري ماڻهوءَ جي سچائيءَ ۾ شڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪليرڪ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هئس ته هو ڪڏهن به ٻٽاڪ نه هڻندو هو. بهرحال، مرين اسان جي لشڪر جي ٽوليءَ جي ڪاهان مان موٽندي معمول وانگر، اُٺن جي قطار اڳيان بيهاري رستو روڪي وڌو. ڪليرڪ ڏٺو ته پٺيان آهي جبل ۽ اڳيان هٿياربند ماڻهو، ان ڪري هن پنهنجي آخري ماني نهايت اطمينان سان کاڌي، جهڙوڪ دشمن اتي هوئي ڪونه! پر پوءِ موت لاءِ اٿي بيٺو. هو پنهنجي ماڻهن کي هڪ اڀيءَ چڙهائيءَ تي وٺي ويو، جنهن کي سرتاف (1) سڏيو وڃي ٿو (ڀانئجي ٿو ته هو سير آب هجي، جنهن جو مطلب آهي چشمي جو پاڻي) جتان هن ڪيترائي دفعا ٻروچن جي حملن کي پسپا ڪيو. پر آخر انهن جي هڪ جماعت اڃا به وڌيڪ اتانهينءَ تان اچي، سندن پٺيان حملو ڪيو. سخت مقابلي کان پوءِ هو وڃي زمين تي ڪريو ۽ سندس ڪنڌ هڪ اهڙي قسم جي چاقوءَ سان ڪپيو ويو، جو گهڻو ڪري سڀ ٻروچ چيلهه سان ٻڌي هلندا آهن. اهي چاقو ياته اهڙي شريفاڻي ڪم ۾ استعمال ڪندا آهن، يا وري کاڌي جي شيءِ وڍڻ وغيره ۾ ڪم آڻيندا آهن. سندس ڪمان هيٺ هڪ سؤ سٺ ماڻهو هئا، جي گهڻو ڪري سڀ بيقاعدي سوار هئا، جن مان ٽيهن ۽ چاليهن جي وچ ۾ جان بچائي وٺي ڀڳا، پر انهن ۾ به ڇهن - ستن کان سواءِ ٻيا سڀ زخمي ٿي پيا هئا. مهينن پڄاڻان هڪ سنڌي منهنجي دوست جون چاٻيون ۽ سندس سامان جون ٻيون معمولي شيون کڻي آيو، ۽ پڻ سندس رت سان ڀريل پتلونون به آڻي ڏنيون، جي هڪ جبل جي چـُـر ۾ ڏٺيون وييون هيون. سنڌو درياهه اُڪرڻ جي وقت کان وٺي هي اسان جو پهريون ئي نقصان هو، ۽ ان سان گڏ شڪست پڻ. انهيءَ جو تمام وڏو اثر ٿيو، ڇاڪاڻ ته مرين جو مـَـن وڌي ويو ۽ ان ڪري ڪوبه جٿو خطري کان سواءِ ٽڪرين ۾ گهڙي نٿي سگهيو. جن سپاهين کي انهيءَ پاسي نوڪري ڪرڻ جو حڪم ٿي مليو، تن سمجهيو ٿي ته ڄڻڪ کين موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو آهي. جڏهن به هو ٽڪا نالي ٽڪرين ڏانهن ويندا هئا، تڏهن پنهنجي بچت جا پئسا يا ته ڪنهن دوست کي ڏيئي ويندا هئا، يا خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندا هئا ته جيئن اهي سندن ٻارن ٻچن کي موڪليا وڃن. ساڳئي وقت سرتاف وانگر هڪ ٻيو به حادثو ٿيو. ڪلپر بگٽين جو ڌاڙيل قبيلو، جو مرين جي جـُـوءِ جي اوڀر وارين ٽڪرين ۾ رهندو هو، تن لاءِ خبر پيئي ته اهي حملو ڪرڻ وارا آهن. عاميل اها خبر ٻڌندي ئي اَسي گهوڙن جي جـَـٿي سان، جن جي مهنداري هو خود ۽ ليفٽيننٽ وارڊان ڪري رهيو هو، انهن جي ڳولا ۾ نڪتو. يارو کوسو به پاڻ سان کنيائون، جو جــُـوءِ ڏيکارڻ ۾ سندن سونهون ٿيو. سڄي رات سواري ڪندي گذري ۽ صبح ٿيو، پر دشمن جو ڪٿي به پتو نٿي پيو. رڳو هڪ بي انت واريءَ جو بيابان هو ۽ پنڌ به نٿي کٽو، جو گهڻو ڪري سٺي آبهوا ۾ جلد پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو سمجهندو آهي ته هو اڳتي وڌي رهيو آهي. ٿوري پنڌ کان پوءِ، اهو بيابان تپي باهه ٿي ويو ۽ منجهانئس هلڻ ناممڪن ٿي پيو. اکين تي ڌنڌ چڙهي وئي، ۽ ڪـَـنَ گرميءَ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. اُتي جي ڌاڙيلن کان ٻئي جي مجال آهي، جو اهڙيءَ آزمائش ۾ بچي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن کي ننڍيءَ وهيءَ کان وٺي اهڙي بيابان جي اڪيلائيءَ ۾ نپايو ويو آهي ۽ انهن کي ٿـَـڪ ۽ اُڃ تي هيرايو ويو آهي. سڀني ماڻهن ۾ٻروچ ئي گهڻو وقت پاڻيءَ پيئڻ کان سواءِ جٽاءُ ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن کين پري ڪنهن ڌاڙي تي وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ فقط هڪ دفعو پاڻي پيئندا ۽ سڄي ڏينهن جي گرميءَ ۾ وري پاڻي نه گهرندا. حقيقت ۾ اهي هڪ تمام سخت تربيت يا نظام تي هيرايا وڃن ٿا، ايتريقدر جو جن کي ساڻن چٽاڀيٽي ڪرڻي پوي ٿي، تن کي به اها ساڳي ڪار سهڻي آهي. پر ڪوبه يورپي ماڻهو پنهنجي طبعيت کي ايترو بدلائي نٿو سگهي،جو سختين سـَـهڻ ۾ انهن جهڙو ٿي پوي. سندن نقشو هيئن چٽجي ٿو: مٿي ٽپڻ اگهاڙي هوندي اٿن ۽ ان جي چوڌاريءَ ڪپهه جو ٺهيل ڪو ڪپڙو ويڙهيل هوندو آهي، چڙهندا آهن ڪاٺ جي اڻ گهڙيل ۽ سخت پاکڙي تي، گهوڙا هوندا اٿن ڊَڊا، جن جو پنڌ آهي ڊوگـَـڻ، پر اهي آهن اهڙا ڇـُـوها جو کين پڄڻ مشڪل آهي. اها آهي ٻروچن جي چڙهڻي ۽ سندن پنڌ، جنهن ۾ اهي پنجاهه يا سٺ ۽ ڪنهن مهل ته ستر ميل بنا ڪنهن ڊاٻي جي ڪريو وڃن.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍڙو جٿو سر جي. ڪين جي فوج سان ملڻ ٿي ويو، تڏهن منجهانئن فقط شڪارپور ۽ برشوريءَ جي وچ ۾ اڌ جيترا ماڻهو ضايع ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن سونهون کين هڪ تمام ڊگهيءَ منزل تي وٺي ويو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن، انهن ڪمبختن کي رستي تي آرام خاطر منزل ڇو نه ڪرائي؟ تڏهن وراڻيائين ته، ”آءٌ کين ڪيئن چوان ته منزل ڪريو، ڇاڪاڻ ته مون وارو گهوڙو اڃا تائين ٿڪو ڪونه هو. ان ڪري مون ٻين بابت به ساڳي ڳالهه سمجهي.“ پر سج اڀرندي ئي عاميل جي فوج کي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه رهي. جتي ڪٿي پاڻيءَ لاءِ دانهن ٿيڻ لڳي. ڪيترا رستو وڃائي ويٺا، ڪيترا پويان رهجي ويا، جتي اهي سخت تڪليف سان مئا هوندا. يلغار ڪرڻ جو ته خيال ئي ختم ٿي ويو، رڳو اها مرضي هئي ته واپس ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچجي. انهيءَ کان ته ڪوبه انڪار ڪونهي ته سڄي جماعت يارو سونهي جي رحم ۽ ڪرم تي هئي. جيڪڏهن هو ڀڄي وڃي ها يا کين ڪلاڪ - ٻه برپٽ ۾ رلائي ها، ته پوءِ انهيءَ جماعت جو هرهڪ ماڻهو پساهه ڇڏي وڃي ها. پر ڀانئجي ٿو ته يارو پنهنجي پراڻن دوستن، بگٽين سان فريب نٿي ڪري سگهيو ۽ نه وري پنهنجو ماهيانو پگهار، جو کيس اسان جي سرڪار وٽان ملندڙ هو، تنهن کي وڃائڻ ٿي گهريائين. نيٺ هو عاميل کي هڪ لـُـڙاٽيل پاڻيءَ واري دُٻي تي وٺي ويو، جنهن جي، فقط برپٽ جي ڌاڙيلن کي ئي خبر هوندي آهي، ۽ انهيءَ پاڻي جي واپرائڻ ڪري ئي اهي پنهنجي ماڳ اچي پهتا. ڏسڻ ۾ اهو پاڻي ڪارو ڪٺ لڳو پيو هو، ۽ منجهانئس گندي باس به پئي آئي، پر سڀئي ماڻهو توڙي سندن گهوڙا ڌو وڃي منجهس پيا ۽ هرڪو ٻئي سان ان جي قيمتي ڍُڪ لاءِ وڙهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح انهن ڌاڙيلن کي جهلڻ جي ڪوشش ناڪام ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شڪارپور کان ٿوري پنڌ تي ٽي گهوڙا ۽ سندن سوار مئل ڏٺا ويا، جي سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا، اهي هئا اسان جي ناڪاميءَ جا يادگار! ٻيا جيڪي پنهنجن هـَـنن تان ڪري پيا هئا، تن لاءِ ڳولا ڪئي ويئي، پر اهي به اڌ بيهوش مليا، جهڙيءَ طرح گهڻو ڪري ٿيندو آهي. سڀني وٺي ياروءَ خلاف آواز اٿاريو. جنهن ڪري کيس ٻڌي شڪارپور موڪليو ويو. سڀني جي اها گهر هئي ته کيس ڦاهي ڏني وڃي ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو ته هن جي خلاف بيان وٺان. مون کي انهيءَ حڪم جي پوئواريءَ ۾ خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجي سر سندس لاءِ ڪوبه بغض يا ڪينو ڪونه هو. ڇا انهيءَ ۾ اسان جي زيادتي نه آهي جو اسان انهن ماڻهن تي، جي نوڪريءَ ۾ گهڙن ٿا، اهو آسرو ٿا رکون ته اهي پنهنجن ڀائرن سان ڊوهه ڪري يا ته موت جي منهن ۾ ڏين يا آڻي اسان جو قيدي بنائين. ڏنل شاهدين مان اهو ثابت ڪونه ٿي سگهيو ته ڪو هن اسان جي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي رستي کان بي رستي ڪيو هو. جيڪي کيس حڪم ڪيا ٿي ويا، سي هن بلڪل ڪونه ٿي سمجهيا. ساڳئي وقت هو انهن ماڻهن مان ڪونه هو، جن ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جي خبر ڏني هئي ۽ ڪيتري به ڪوشش ڪجي ها پر انهن کي هٿ ڪرڻ مشڪل هو. هن پاڻ ٻڌايو ته اڃا ٻه ڀاڱي ٽيون حصو پنڌ ڪيو هوسين ته واپس ورڻ جو حڪم مليو، ان ڪري ڌاڙيلن  تائين پهچي نه سگهياسين. ياروءَ کي نيٺ ڇڏيو ويو ۽ هوءَ پوءِ چڱي ڪم آيو.

1840ع واري گرميءَ جي موسم پنهنجي اوج تي هئي ۽ اسان جي سنڌوءَ جي پريان حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو. اڳيون سال اسان جي ڪابل واري مهم ۾ ڪامياب گذريو. شاهه وڃي پنهنجن وڏن جي تخت تي ويٺو. قنڌار جا رئيس ۽ سندس ڀاءُ دوست محمد، جو هڪ جبرو مڙس هو، اُهي ڀڄي ويا. قلات جي محراب خان اسان جي دشمنيءَ جي پڇتاءَ ۾ پنهنجو رت ڏنو. باقي رهيا ڦورو ٻروچ، تن جي سردارن پنهنجي مرضيءَ سان اسان جي آڻ مڃي. اُهي، هاڻي اسان جا قيدي هئا. اسان هڪ تمام وسيع ملڪ هٿ ڪيو هو، پر انهيءَ کي قبضي ۾ رکڻ ڏکيو ڪم هو. اسين جيڪڏهن چاهيون ها ته ان کي عقل ۽ چالاڪيءَ سان هٿ ۾ رکندا اچون ٿا، پر انهيءَ بابت اسان بلڪل اونڌو قدم کنيو. سياست جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ اسين وري اهڙيءَ طرح لٿاسين، جو ثابت ٿي ويو ته اسين پاڻ کي آهستگيءَ سان ڪيتريقدر ڪيرائي سگهياسين ٿي. سڀ کان پهرين اسان پنهنجي فوج تمام جلدي گهرائي ورتي ۽ باقي جيڪي منجهن رهيا هئا، تن کي به فراخدليءَ سان موڪل ڏني ويئي. افغان ۽ ٻروچ اسان جي مـُـٺ جيترن ماڻهن کي ڳڻڻ لڳا ۽ کين ٿورڙن ماڻهن جي زيردستي ڪرڻ ۾ شرم پئي آيو. سرتاف واري تباهي به انهيءَ ڪري آئي ۽ اهو ثابت ٿي ويو ته فوجي جٿا ٽڪرين جي قبيلن سان پورا نٿي پئجي سگهيا. ڇاڪاڻ ته ڪليرڪ واري جماعت پوريءَ طرح تباهه ڪئي ويئي هئي. اهڙن ڪمن لاءِ ريجمينٽ جي ضرورت هئي. جيسين اسان پنهنجا سکر ۽ شڪارپور وارا ڊيپو نه ڇڏيون، تيسين اهي اچن ڪٿان؟ انهيءَ دوران اسان جو سياسي مـُـک لڙائيءَ جي ماڳ کان سوين ميل پري هو، اهو ته شملي جون ٿڌيون هوائون کائي رهيو هو. جتان هو جوو (Jove) (1) وانگر اولمپس جي برفاني چوٽين تان اسان جي غريباڻي دنيا جي حڪمت تي حڪومت هلائي رهيو هو. ايجنسيءِ جو اسسٽنٽ، جو پويان ڪم ڪار لاءِ ڇڏيو ويو هو، تنهن وري هرهڪ معاملو پنهنجي غير حاضر بالادست کي رجوع ٿي ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو رڳو ان جي اچڻ ۾ هفتا لڳي ٿي ويا. هن سان ويڌن هيءَ هئي جو انهيءَ ٻوليءَ کان بلڪل اڻڄاڻ هو، ان ڪري کيس هڪ فريبي ۽ ساڳئي وقت لالچي منشيءَ تي اعتبار ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو هڪ برجستو عملدار هو، ۽ منجهس قدرت جون ڏنل سڀيئي سهڻيون قابليتون هيون، پر سندس سڄي هلت چلت يا انتظام، ٺاهه نه ڪرڻ واري اصول تي هو. ساڳئي وقت اهو ماڻهو، جو ڏينهن ۾ هڪ ڊزن کان ٻن ڊزن بير جي بوتلن کي ڳڙڪائي وڃي، سو ڪٿي ٿو ضروري ۽ غير ضروري ڪاغذن جي مقرر ڪيل تعداد کان وڌيڪ ڪاغذن کي پوريءَ طرح جانچي سگهي!

اهڙين حالتن ۾ ڪنهن هاتف جي ضرورت ڪانه هئي، جو اچي ٻڌائي ته اجهو ٿي مصيبت اچي! لـَـوڊي ٽيهن سپاهين سان قلات وڃي نڪتو ۽ اتان مددي فوج موڪلڻ لاءِ لکيائين. ڪاهان به ان وقت گهيري هيٺ هو. مون بمبئيءَ جي سيڪريٽريٽ ڏانهن خطن جي هڪ لانڍ کڻي شروع ڪئي، جنهن ۾ جيترو ٿي سگهيو، مون پنهنجون غلطيون ۽ انهن جا علاج به لکي موڪليا. اسان جي وڏي ۾ وڏي غلطي اها هئي جو اسان هڪ غدار ۽ ملحد کي ڪڇي (علائقي) جو گورنر مقرر ڪيو هو.

انگريزن جي حڪومت انصاف جو بهترين نمونو آهي ۽ انهيءَ ۾ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. سڀئي ماڻهو انهيءَ مطابق هڪجهڙا آهن ۽ سڀئي هڪجيتري عزت جا حقدار آهن. سڀني جا حق به هڪجهڙا آهن، جنهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن عهدي لاءِ ناقابل قرار نٿو ڏيئي سگهجي. پر انهيءَ اصول تي ڪيتريقدر عمل ڪيو ٿي ويو، انهيءَ لاءِ هن هڪڙي مثال مان ئي سڄي ڳالهه پڌري ٿيو پوي. اسان هڪ نئون ملڪ هٿ ڪيو آهي، يعني ته ڪڇيءَ وارو علائقو، جو اسان شاهه جي نالي ۾ ورتو هو پر حقيقت ۾ ورتو پاڻ لاءِ هوسين. اسان جو اهو به اصول رهيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ جو اضافو نه ماريو ويندو. هاڻي انهيءَ لاءِ هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي چونڊيو ويو، جو انهيءَ عهدي لاءِ ذري جو به حقدار نه هو ۽ دلي طور هو به اسان جو مخالف. کيس ڪڇيءَ جي گورنر مقرر ڪرڻ وقت ڪنهن به اها پڇا ڪئي ته محمد شريف آخر هو ڪير؟ جيڪڏهن ڪو ائين سوال ڪري ها ته سچ جو هيءُ جواب هجي ها، محمد شريف اهو هو، جو قلات جي محراب خان پاران خاران ۽ داجل جو گورنر هو، ۽ اهي علائقا هـُـن رنجيت سنگهه کي وڪڻي ڇڏيا هئا. کانئس ماڻهن کي ڪو ڊپ ڪونه هو پر ويتر نفرت هئي. هو ڪنهن جو به زيردست رهي سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سڀني سان فريب ڪرڻ جي عادت هئي. کيس پگهار وغيره جي ڪابه پرواهه نه هئي، ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن مٿان کيس گورنر مقرر ڪيو ٿي ويو، تن کي ڦـُـري چـَـٽ ڪري ڇڏيندو هو، اهڙيءَ طرح جو وٽن پائي به ڪانه بچندي هئي، پوءِ ڀلي کڻي سندس پگهار گهٽ هجي يا وڌيڪ. ماڻهن ۾ اهڙو اثر وڌو هئائين، جو هو منجهس ڏاڍو اعتبار ڪندا هئا. هي اُهو ماڻهو هو جنهن کي ڪنهن وڏيءَ غلطيءَ ڪري ڪڇيءَ جو وائيسراءِ مقرر ڪيو ويو.کيس ڪنهن به يورپي آفيسر جي ضابطي هيٺ رهڻ جي زحمت به نه ڏني ويئي ۽ اهڙو ته ڇيڪ ڇڏيو ويو، جو ڏاڍي سولائيءَ سان پنهنجين چالبازين جو ڄار پکيڙيندو رهي. هن پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن سان هڪ اهڙيءَ بغاوت جو بنياد وڌو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شاهنواز کي قلات مان نيڪالي ملي، لـَـوڊي مارجي ويو ۽ ڪڇي ۾ لـُـٽ مار ٿي. هـُـن سڀ کان پهريون موقعو تاڙي اچي ايجنسيءَ جي حاضري ڀري ۽ منهنجي ملاقات به ساڻس اتي ئي ٿي هئي. ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ قداور مڙس هو، سندس ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڪاري هئي، پر جڏهن به ڪنهن جي منهن ۾ جانچي ٿي ڏٺائين، تڏهن سندس نظر ۾ شرارت جو مليل  جذبو محسوس پئي ٿيو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو نهايت معتدل هو، ان ڪري هـُـن ٿوري عرصي اندر هيڊڪوارٽر ۾ سٺو اثر پيدا ڪري ورتو. سندس ۽ وڏي منشيءَ تربانيه شاهه جي وچ ۾ جيڪا ڊگهي لکپڙهه هلي، تنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته اهي ٻئي هڪڙي ئي ٻيڙيءَ جا سوار هئا، ۽ پوءِ ٻئي ساڳي ٻيڙيءَ وگهي ٻـَـڏي مئا. مڄاڻ ته هن چڱي مڙس جي سفارش تي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري اسان پهريون قدم هيءُ کنيو جو جيڪي به جاگيرون اڳين حڪومتن خدمت جي صلي ۾ ماڻهن کي ڏنيون هيون، سي کانئن ڦري ورتيون. اهو سال وري هجي به ڏڪار جو، ان ڪري اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته ماڻهن تي انهيءَ جو ڪهڙو اثر ويٺو هوندو. جن ماڻهن جون زمينون کسيون ويون، انهن ۾ شاهنواز جو سالو ڪمال خان الياتزئي، رحيم خان مينگل، جنهن جو پيءُ قلات جي گهيري وقت مارجي ويو هو، عيسيٰ خان مينگل، عطا خان ۽ ٻيا سردار به هئا، جي طاقتور هئڻ سان گڏ بروهين تي وڏو اثر رکندا هئا. انهن مان ڪيترا درخواست ڪرڻ لاءِ سکر ڏانهن ويندي، شڪارپور مان گذريا هئا، ته جيئن سندن حق کين واپس ملن. مون کي انهن جي اچڻ جي ڄاڻ هئي ۽ سندن منشا جي به خبر هئي، ان ڪري مون سندس حقن جي پٺڀرائيءَ ۾ هڪ زوردار خط لکيو ۽ سفارش ڪئي ته کين سندن حق واپس ڏياريا وڃن. هنن کي ڪيترا ڏينهن ترسائي پوءِ کين باريابي جو شرف ڏنو ويو، پر سندن عرضداشت بنا ڪنهن مروت يا همدرديءَ سان غور ڪرڻ جي رد ڪئي ويئي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته محمد شريف جو ڪو هن ۾ هٿ نه هو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ۾ هو انهن سردارن جي هڪ چڱي جماعت کي اسان جي خلاف ڪري سگهو ٿي. جيڪڏهن اهوئي سندس مقصد هو ته پوءِ اهو کيس حاصل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو پنهنجون زمينون، جي ويجهڙائيءَ ۾ سندن هٿن ۾ هيون، حاصل نه ڪري سگهيا، ان ڪري نااميد ۽ ملول ٿي ٽڪرين ڏانهن واپس موٽيا ۽ ڪيترن هزارن ماڻهن سان گڏجي اسان جي خلاف بغاوت ڪرڻ لڳا. پر اسان جي پاليسي انهيءَ ڳالهه تائين محدود ڪانه هئي، ته فقط بغاوت جي باهه دکائي وڃي، پر ان سان گڏ اسان وري انهيءَ لاءِ ٻارڻ به پيدا ڪري ڏنو. سنڌوءَ جي پراڙ انهيءَ علائقي ۾ ڍل جنس ۾ ورتي ويندي هئي ۽ محمد شريف انهيءَ گڏ ڪيل اناج جون وڏيون گنديون گڏ ڪري گنداوا، ڪوٽڙو ۽ دادر ۾ انهيءَ ڪري رکايون ته جيئن حملي ڪندڙ بروهين کي هٿ ڪرڻ ۾ سوليون لڳن. انهن جي سنڀال جو ڪوبه بندوبست ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته حفاظتي فوج عدم موجود هئي. انهيءَ لاءِ دادر جو مثال ڏيڻ ڪافي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اتي سپاهين جو هڪ ننڍڙو جـَـٿو هو. جنهن وقت اهي معاملا پئي ٿيا، ان وقت پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيو ڇا پئي؟ آءٌ فقط پنهنجي بابت ئي چئي سگهان ٿو ته ان وقت، منهنجي حالت رحم جوڳي هئي. اهڙي حالت هئي منهنجي، جهڙي هڪ شطرنج ڏسندڙ ماڻهوءَ جي هجي، جنهن جي اڳيان غلط راند کيڏي وڃي. يعني ته اهو سارين کي غلط ۽ صحيح نموني ۾ چـُـرندو ڏسي، پر چئي ڪجهه نه سگهي. اسان جا فرائض پڻ اهڙا ڏکيا ۽ سخت هئا جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بالادست کي تاڪيدي خط لکڻ کان وڌيڪ اسان وٽ وقت ئي نٿي رهيو. هڪ وڏو خزانو. قيدين سان ڀريل جيل ۽ پوسٽ آفيس - جنهن جي معرفت روزانو سوين خطن ۽ پارسلن جي وار ڦير ٿيندي هئي، ڪٿي ٿو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو پهه پچائڻ ڏئي. اتر سنڌ جي ڳوٺن (ديهن) ۽ ان جي مالڪن جي فهرست ٺاهڻ ۽ انهن کان ٿيندڙ وصولي، شڪارپور جي بزار ۾ وڪرو ٿيندڙ جنس جون قيمتون ۽ ساڳئي وقت سنڌي زبان جي لغت ٺاهڻ جو ڪم به مون کي سونپيل هو، جنهن ۾ چئن کان وٺي پنجن هزارن تائين لفظ هئا ۽ هر ڪنهن لفظ تي ڪئين منشي ويهي بحث ڪندا هئا. لغت جي تيار ڪرڻ ۾ مون کي سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون سکڻيون پيون، جنهن ۾ فقط اوائلي اُچار لکيل آهن. ان ڪري سمجهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته فقط حرف صحيح ظاهر هوندا هئا، جن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق جيئن وڻيو ٿي تيئن پڙهيو ٿي ويو. مثال طور لفظ پري (پرين - معشوق) پري (ڏور) وانگر لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ فقط ’پ ۽ ر‘ استعمال ٿيل آهن. اهڙيءَ طرز تي لکت جو نتيجو اهو ئي نڪتو، جو خود سنڌ جا رهاڪو به وڏيءَ مغز ماريءَ کان پوءِ سمجهي سگهندا هئا، نه ته گهڻو ڪري هڪ جي ٻي پڙهڻ ۾ايندي هئي. ان هوندي به ڏاڍيون غلطيون ڪندا هئا، مثال طور هڪ سوداگر کي ڪنهن دوست راجپوتانا مان هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هـُـن کيس ٻڌايو ته سندس پـُـٽ ڪيڏانهن ويو آهي. جيئن ته هو اهو خط جلدي نه پڙهي سگهيو، ان ڪري هڪ ٻئي واقف کي سڏي کانئس مدد گهريائين. جنهن وڃي اهو مطلب ڪڍيو ته سندس پـُـٽ گذاري ويو آهي. ويچاري مصيبت جي ماريل پيءُ وٺي وارن ۾ ڌوڙ وسائي ۽ ڏک ۾ دانهون ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪيون. انهيءَ تي هڪ وڏو گوڙ اچي گڏ ٿيو. هـُـن رڙ ڪئي ته هاءِ اهو منهنجو اڪيلو پٽ هو. هڪ راهگير کان رهيو نه ٿيو، ان ڇا ڪيو جو خط کانئس وٺي پڙهيائين. خط ڏسڻ کان پوءِ هن جي وات مان ”ڦش“ نڪتو. ”هتي ته موت جو لکيل ئي ڪونهي! تنهنجي پـُـٽ نئين شادي ڪئي آهي ۽ خوش ويٺو آهي.“

”هاڻي آءٌ ڇا ڪريان“، پيءُ وراڻيو. ”مون سان ته جـُـٺ ٿي، هاڻي کـِـلان ڪِ روئان!“

ٻئي هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هن خط لکندڙ کان وڃي خط لکايو. اها چٺي جڏهن وڃي واسطيدار ماڻهوءَ کي پهتي، تڏهن ڪو به ماڻهو اها پڙهي نه سگهيو. ان ڪري خط واپس اچي ڌڻيءَ کي پهتو. کيس ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ کڻي ويو لکندڙ وٽ ته تو هي ڇا لکيو آهي،جو ڪوبه اهو پڙهي نٿو سگهي. ليکڪ هڪدم جواب ڏنو ته آءٌ پاڻ ڪونه ٿو پڙهي سگهان، ڇاڪاڻ ته تو مون کي پيسا ڏنا هئا لکائڻ جا ۽ نه وري پڙهي ٻڌائڻ لا”! هتي به ساڳي جوملر (1) واري ڪار ٿي ڏٺي ۽ اهو همراهه به ڪو سندس اولاد مان ٿي ڏٺو. اهڙن ملڪن ۾، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڪو چٽيءَ طرح سان لکندو هجي،خاص ڪري شڪارپور ۾ اهڙو ماڻهو ملي، ته سمجهجو ته اهو پنهنجي پيءُ جو پـُـٽ آهي! مارڪيٽ ۾ روزانو نرخن ۾ ٿيندڙ مٽاسٽا کي معلوم ڪرڻ اسان لاءِ وڏي اهميت رکندڙ هو. ان ڪري انهيءَ ڏکيائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ مون کي لاڳيتو ڪم ڪرڻو پوندو هو. آخر آءٌ ايتريقدر سمجهي ويس جو نيٺ پنهنجي اڪائونٽنٽ کي به سڌارڻ ۾ڪامياب ٿي ويو هوس. انهيءَ مان هڪڙو فائدو هيءُ ٿيو جو جتي ڪمپنيءَ کي قنڌار وارن بلن ۾ نقصان پوندو هو، ته اُتي انهيءَ کي هڪ رپيو في صدي شڪارپور مان فائدو ٿيڻ لڳو. اهو جيتوڻيڪ ٿورو پيو لڳي، پر ان هوندي به انهيءَ مان هزارين رپيا حاصل ٿيندا هئا.

---------------


(1) سرتاف - بلوچي سرد - آب جو بگڙيل نمونو آهي، جنهن جو مطلب آهي ٿڌو پاڻي.

(1) جپيٽر ديوتا کي سڏيندا هئا- هيءُ يونان جو مکيه ديوتا هو.

(1) Joe Miller: جومـِِـلـَـر، هڪ مسخري کي چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org