پاسو کڻون، جيڪو جيڪر مير رستم خان کي پنهنجو
بابو تصور ڪري ها! ٻڍڙي مير کي ٻه ڳالهيون ڌيان
۾ هيون: هڪ ته ملڪ کي پنهنجي اولاد ۾ اهڙيءَ طرح
ورهائي، جو سندس مـُـئي کان پوءِ اهي پاڻ ۾ نه
وڙهن، اهو هن انهيءَ ڪري ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو
هاڻي مرڻ ڪنڌيءَ تي هو ۽ ٻيو ته علي مراد خان
کان ڪي ضلعا کسي پنهنجي ڀائٽيي نصير خان کي به
ڏياري. اسان وارو پوليٽيڪل ايجنٽ، جو ان وقت سکر
ڇڏڻ ۾ هو، سو مير رستم خان جي ٻنهي رٿن کي ٿڏي
ڇڏڻ جو عهد ڪري چڪو هو، ته جيئن سندس ڪابه تجويز
ڪامياب نه وڃي. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻيو معاملو
به زير ويچار هو ته رستم خـان کان پوءِ رئيس
ڪـير ٿينـدو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ مير رستم خان
جو وڏو پٽ ۽ علي مراد خان ٻه اميدوار هئا.
انهيءَ جو ڪوبه فيصلو نه ٿيو پر نمونو اهڙو هو
جو ٿوري خيال سان معلوم ٿي ٿيو ته ڪهڙيءَ ڌر جو
پاسو وٺجي. پر آءٌ فقط ايترو چوندس ته مير علي
مراد خان جي دعويٰ غلط هئي ۽ اسان کي انهيءَ ۾
دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه حق نه هو، ڇاڪاڻ ته هو
نه ته مير رستم خان جي پٺ مان هو ۽ نه وري سندس
وارث هو. انهيءَ معاملي کي سلجهائڻ جو بهترين
طريقو هي هو ته اهو معاملو ٻروچ سردارن جي عام
جرڳي اڳيان رکيو وڃي ها ۽ ووٽ رستي فيصلو ڪيو
وڃي ها.
جنرل ۽ پوليٽيڪل ايجنٽن لاءِ اهو ضروري هو، ته
هو سکر جو شهر ڇڏين، ڇاڪاڻ ته سڀڪو انهيءَ مان
بيزار پئي لڳو ۽ جنگ جي محاذ کان پري ويهي، جنگ
بابت پور پچائڻ ته هيئن ٿيندو هيئن نه ٿيندو،
غلط ڳالهه هئي. مون واري بالا عملدار وڃڻ کان اڳ
مون کي گهرائي سکر جي چارج ڏني ۽ ساڳئي وقت هن
هڪ آفيسر کي خيرپور موڪليو، جنهن جي معرفت اسان
جون سڀ لکپڙهون ۽ نياپا اچڻ وڃڻ لڳا. شڪارپور
ڇڏڻ وقت هڪ پٺاڻ، جو آرٿر ڪونولي سان سفر تي گڏ
هو، مون سان ملڻ آيو. هن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ پاڻ
انگريزن جي حڪومت مان راضي هو، پر ان ۾ ڪي
اهڙيون خاميون هيون، جن جي ڪري اها ماڻهن ۾مقبول
ڪانه هئي. ٻين ڳالهين سان گڏ هن هي جملو وڏي سڏ
زور ڏيئي چيو، ”زن افغان چيز مي کند“ افغانن جون
زالون سچيون آهن. مون کي انهيءَ تي هي پهاڪو ياد
اچي ويو:
ڪابل جي عورتن کي پنهنجو ڪري ئي نٿو سگهجي،
ڇاڪاڻ ته سندن محبت ته هٿ ڪرڻ ڏاڍي تڪڙي آهي،
تنهنڪري اها جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي.
اها سندس ملڪ جي عورتن جي خرابي هئي، جنهن نيٺ
کيس ماٺ ڪرايو. ڀانئجي ٿو ته هو ڪو عورتن جو
ستايل هو، انڪري کيس انهيءَ فرياد ڪرڻ جو پورو
پورو حق هو.
سکر پهچڻ سان ڏٺم ته سڀيئي شيون هيٺ مٿي ٿيون
پيون هيون، ڇاڪاڻ ته چار هزار ماڻهو ڪوچ ڪرڻ جي
تيارين ۾ هئا ۽ ڏاڍو گوڙ لڳو پيو هو. اُٺن جي
رنڀن سان گڏ نوڪرن جي ٻاڪار لڳي پئي هئي، جي بنا
ڪنهن مطلب جي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا.
ايجنٽ جو عملو اهڙو ٿي ڏٺو، ڄڻڪ ڪنهن ملڪ جو
حاڪم هجي، ڪيترا سؤ اُٺ ته رڳو بـِـير، شراب ۽
ٻئي سامان سڙي جي ڍوئڻ ۾ لڳا پيا هئا. سڀني ۾
وڏو تنبو ٻن ٿنڀن تي ٺهيل هو، ۽ ان کي شيشي جا
در هئا. عملي ۾ پنج يا ڇهه پوليٽيڪل اسسٽنٽ
(نائب)، ست يورپي ۽ ڏيهي ماڻهن جي پلٽڻ، جنهن ۾
ڪلارڪ، ريزيڊنٽ جو حفاظتي جٿو، ڏيهي نيزي بازن
جو رسالو، انهن سڀني تي چونڪي ڏيئي رهيو هو. رسد
جي سامان ۾ ڇا ڇا هو، تنهن جو ڪهڙو ويهي حساب
ڪجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي پويان ڇڏيو ويو هو، انهيءَ
مان سڄي مال جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ايجنسيءَ
جي اسٽور ۾ پويان ڇڏيل سامان ۾ ٻارهن سؤ ڊزن بير
جا ۽ هڪ سؤ ويهه ڊزن شئمپين جا هئا!
جڏهن فوج جو ميڙ ڪوچ ڪري ويو ۽ ماحول صاف ٿيو،
تڏهن سڄو ميدان هر ڪنهن قسم جي ڪچري سان ڀريل
نظر آيو، جنهن ۾ بوتلن جا ٽڪرا، ڪـَـک ۽ هر
نموني جو ڪـِـن پکڙيل پئي ڏٺو. ان وقت مون محسوس
ڪيو ته آءٌ ايجنسيءَ جو اڪيلو حاڪم هوس. پهرين
ته آءٌ وڏي ٺٺ سان رعب ۾ ويهي رهيس ۽ پاڻ کي
پاشا جيان هڪ تمام وڏو ماڻهو تصور ڪيم پر نيٺ
هوش ۾ آيس، ڇاڪاڻ هڪڙو ماڻهو اوچتو اندر گهڙي
آيو. هو ڏسڻ ۾ ٿڪل ٿي لڳو ۽ ڪپڙا به ميرا پيل
هيس. اچڻ سان مون کي چيائين ته وٽس پنجاهه هزار
رپيا آهن، جي پنهنجي دوست ڌرمچند کي بنارس موڪلڻ
ٿو چاهي. ائين چئي هن پئسا کڻي منهنجي اڳيان ڍڳ
ڪيا، ۽ آءٌ به ذري گهٽ خزانچيءَ کي اشارو ڪرڻ
وارو هئس ته رپيا ڳڻي وٺي، پر ان وقت ڳالهه ئي
ٻي هئي، ڇاڪاڻ ته خزانچي سڀ هليا ويا هئا ۽ مون
کي ئي اهي پئسا ڳڻي وٺڻا هئا. پنجاهه هزار ڪا
وڏي رقم ڪانهي، پر انهيءَ کي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ
لاءِ وٺي سنڀالي رکڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. گال
بلاس جي ساٿيءَ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي
ماڻهوءَ جو مال کپائڻو هجي، ته پوءِ منهنجي پٺ ۾
ايتري طاقت آهي جو نوح جو ٻيڙو به کڻي وڃان. پر
جڏهن ماڻهو اهو محسوس ڪندو هجي ته هو هڪ جيئري
جاڳندي خزاني جي پيٽي آهي، ته پوءِ اهو مذاقيه
احساس بلڪل ختم ٿيو وڃي. مون کي پاڻ انڪري صدمو
پهتو، جڏهن مون ڏٺو ته مون کي گوڏن ڀر ويهي
پنجاهه کان وڌيڪ چانديءَ جون ڳوٿريون ڳڻڻيون
هيون. جيئن ته رپين کي هندو واپارين ڳڻي وري
ڳڻيو هو، انڪري سندن ڪـِـنين ۽ سڻڀين آڱرين جي
ڪري مٿن مـَـر چڙهي ويئي هئي. اڃا اهو اڻوڻندڙ
ڪم مون ڪري بس ئي ڪونه ڪيو هو ته مون کي ياد
ڏياريو ويو ته خط ۽ پارسل ڏسي ورهائڻا هئا، جن
جا ڊزن کن وڏا بنڊل منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.
انهن مان هر هڪ حڪم کي رجسٽر ۾ داخل ڪرڻو هو،
جنهن ۾ مون کي هڪڙي کوسي سوار چڱي مدد ڪئي، نه
ته آءٌ ورچي پوان ها! ٽپالي حقيقت ۾ پاڻ به ورتو
پيو هو، ڇاڪاڻ جو ٽپال ايتري ته هئي جو ذري گهٽ
گهوڙي جي چيلهه ٿي ڀڳي، ان هوندي به هن هڪ ٻيو
بنڊل به کڻي مٿس رکيو، جنهن تي فارسيءَ، سنڌي ۽
انگريزي ۾ لکيل هو ته، ”هي ڪوارٽر ماسٽر جنرل
لاءِ آهي. هن کي خبرداريءَ سان کنيو وڃي.“ ڏينهن
جي پورهيي کي خيرباد چئي جيئن وڃي سـُـتس، تيئن
اڌ رات جو به ننڊ ۾ اهو آواز پئي ٻڌم ته ’صاحب
صاحب! وڏي صاحب وٽان ٽپال آئي آهي.‘ اهو آواز
ٻڌي اُٿي کڙو ٿيندو هوس، ۽ اهڙيءَ طرح منهنجا
ڏينهن ۽ راتيون گذرندا هئا. پهرين ته پنجن ماڻهن
جيترو ڪم ڪندي آءٌ ٿڪجي پوندو هوس، پر پوءِ اها
ڳالهه طبعيت تي پئجي ويئي هئي.
جڏهن مون واري بالا عملدار کي شال روانو ڪيو
ويو، تڏهن ميرن ڀانئيو ته خيرپور ۾ سندن اعتبار
جوڳو ماڻهو مقرر ڪيو ويندو، يعني ته اهي مون کي
يا پوسٽن کي انهيءَ جاءِ تي ڏسي ڏاڍو خوش ٿين
ها. ڪئپٽن ڪي. جي باري ۾ کين ڪابه خبر ڪانه هئي،
۽ انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ڪو هو سندس مقرر
ٿيڻ ۾ ناراض ڪونه هئا. انهيءَ ڏس ۾ تنبوءَ ۾
گوليءَ جو ٺڪاءُ ڪرائڻ هڪ چتاءُ هو، ته سندس
ضرورت ڪانهي. ائين چوڻ غلط ٿيندو ته انهيءَ
واقعي ۾ ڪو ميرن جو هٿ ڪونه هو، پر ساڳئي وقت
اسان کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته جيڪو ميرن سان
عهدنامو ٿيل هو ان ۾ اهو شرط هوئي ڪونه ته ڪو
اسان جو آفيسر سندن گهر جي در تي ويهاريو ويندو.
جيڪڏهن مير رستم خان انهيءَ گورنر جنرل وٽ
اعتراض به ڪري ها ته اهو به هوند قبول نه پوي
ها. سچ پچ ته اسان ڏيهي ميرن سان پنهنجي وهنوار
۾ اهي سڀ قاعدا قانون، آداب ۽ اصول وساري ڇڏيا
هئا، جي اسان يورپ جي دربارن سان روا رکيا هئا.
جيئن ته اسين پاڻ به ڪنهن قاعدي ۽ قانون تي ڪونه
ٿا هلون. انڪري اسان کي به ميرن جي انهيءَ کنيل
قدم کي درگذر ڪرڻو پوندو. پوڙهي مير کي تمام
گهڻو چيڙايو ويو هو، ان ڪري هن ڀانئيو ته ڪو حال
ڀائي کيس ملي، جنهن سان انهن زيادتين جو ويهي
ذڪر ڪري. انهيءَ ڪري هن مون کي دعوت ڏياري موڪلي
ته آءٌ ٻه- ٽي ڏينهن وڃي وٽس رهان. نصير خان جي
ننڍي ڀاءُ ولي محمد جي شادي ويجهو هئي ۽ هن پڻ
گذارش ڪئي ته آءٌ اتي وڃان. انڪري موڪل وٺي
خيرپور وڃي پهتس. مير علي مراد کان سواءِ ٻيا
سڀئي سردار اچي گڏ ٿيا هئا. مون ڏٺو ته اهو شهر
(جيڪڏهن انهيءَ کي شهر سڏجي ته) شڪارپور جي ڀيٽ
۾ به هڪ بيڪار جاءِ هئي. جن جاين ۾ مير رهيا پيا
هئا، اهڙيون هيون جو جيڪڏهن اهي کانئن کسي وٺجن
تڏهن به منجهن ڪو فائدو ڪونه هو. شاديءَ ۾ جيڪي
وهيو واپريو، انهيءَ جو ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. اتي
ناچ به ڏٺم، جو فضل محمد خان ڏيکاريو هو. انهيءَ
کان پوءِ ميزبان مون کي هڪ اُڀيءَ ۽ ڪمزور ڏاڪڻ
تان مٿي ماڙي تي وٺي ويو ته جيئن آتشبازيءَ جو
نظارو ڏسان. آتشبازيءَ ۾ هوائين کان سواءِ ٻي
ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي ڪانه هئي. گهوٽ کي ايڏي
ته ڪا مصري ڏني هئائون ۽ شربت پياريو هئائونس جو
هو ڪـُـميءَ وانگر نڪمو ٿي پٺيءَ ڀر پيو هو.
انهيءَ شاديءَ ۾ شفاف مادي مان ٺهيل رنگ برنگي
ڪپڙا، جن جي وچ ۾ مون کي ويهاريو ويو هو، عام
طور کليل واڪ ۾ نيلام ڪيا ويا، ۽ انهن مان حاصل
ڪيل پئسا، ڪمپنيءَ جي خزاني ۾ داخل ڪيا ويا.
ساڳئي وقت انهيءَ لکڻ جو به ضرور ڪونهي ته سنڌي
ڏاڍي وڏي سڏ منهنجي ساراهه ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ
ته مون ٻن سوئرن کي شڪار ڳڙهه ۾ بندوق جي ٻن
ڌَڪن سان پورو ڪري ڇڏيو هو. مون واري توبچيءَ کي
اچي شوق ٿيو ته انگريزي پائوڊر واري بندوق کي
استعمال ڪري. جيئن بندوق ڇوڙيائين، تيئن بندوق
جي پوئتي لڳندڙ ڌَڪ ڪري وڃي ٻوٽن ۾ پٺيءَ پر
ڪـِـريو!
مير رستم خان خلاف اسان جي پريس تمام سخت
ريمارڪس پاس ڪيا هئا، پر سندس ملاقات ۾ جيڪا خاص
ڳالهه مون کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ هئي ته جيڪو
به ساڻس مليو ٿي، تنهن کي سندس لاءِ نه فقط محبت
پر عزت جو جذبو به پيدا ٿيو ٿي. اهو مڃڻو پوندو
ته هن کي پنهنجي اولاد ۽ قبيلي جو ڏاڍو خيال هو
۽ هجي به ڇو نه، ڇاڪاڻ ته هن ڌارين جو آڌرڀاءُ
ڪري کين پنهنجي ملڪ ۾ سهولتون ڏنيون هيون، جنهن
جو بدلو هنن ساڻس ٺڳي، ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ سان
ڏنو. ساڻس ڪوبه ڏوهه لاڳو نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته
هو رحمدل، فهميدو، صلح ۽ ڪـَـس ڪسر کائڻ جهڙو
مڙس هو. هو ڏسڻ ۾ ئي هڪ باعزت شخص ٿي لڳو ۽ سندس
اکين مان ڪابه اهڙي ڳالهه ظاهر نٿي ٿي ته هو ڪو
نشي آور ڀنگ جو عادي هجي. سندس چوڌاريءَ ڪٽنب جا
ماڻهو ويٺا هئا، جن ۾ سهراب خان جو ڀاءُ مير
زنگي به هو، جو عمر ۾ اَسي کان مٿي چڙهي ويو هو.
رستم خان کي تمام گهڻو ڏکويو ويو هو، جنهن جي
ڪري هن جوش ڀريل دانهن ڪئي ۽ هن اکرن تي جملو
ختم ڪيائين: ”آخر بلوچ هشتم.“ مطلب هوس ته ”مون
ڏاڍو سٺو آهي. پر انهيءَ جي به حد ٿيندي آهي.
آخر ته آءٌ به ٻروچ آهيان“. هو پهرين مون کي هڪ
هال ۾ مليو، جتي سندس پوئلڳن جو هڪ ميڙ ويٺل هو.
ساڍا ٽي ڪلاڪ اتي هئس، پر اهو سڄو عرصو رڳو ”خوش
چڱا ڀلا“ جي کيڪار پئي هلي. مون کان پڇيائون ته
خوش آهين، چڱو ڀلو، متارو، آرام ۾ آهين، صلح ۾
آهين، عافيت ۾ آهين وغيره وغيره. اهڙي ساڳي
کيڪار مون کي ٽيونجاهه ڄڻن ٿلهن ٿنڀرن ٻروچن سان
ڪرڻي پئي، جي منهنجي چوڌاريءَ ويٺا هئا. مون کي
به جواب ۾ وري هر هڪ کان پڇڻو ٿي پيو. جڏهن اهو
قصو ختم ٿيو تڏهن وري روزمرهه جي معاملن تي بحث
ٿيڻ لڳو ۽ مون به سڄي ميڙ کي قرآن شريف مان ڪجهه
پڙهي ٻڌايو، جنهن تي سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا. مسلمانن
۾ جتي به وڃبو اتي اهي پنهنجي دين جي ڪتاب کي
ڏاڍي ادب سان بيهي مٿي تي رکندا آهن. هوڏانهن
اسان جي اها حالت آهي جو اسين پنهنجو پاڪ صحيفو
بنا ڪنهن خيال جي هيڏانهن هوڏانهن اڇلايو ڇڏيون.
اسان جي پادريءَ جو ٽوپلو پائي چرچ ۾ عبادت وقت
وڏي سڏ ڳالهائڻ رڳو ٻاهريون ڏيکاءُ آهي، جنهن ۾
نه ته آهي روح ۽ نه وري جلوو. گوڙ لهڻ کان پوءِ
مير رستم خان مون سان ساڻس ٿيل زيادتين جو ويهي
ذڪر ڪيو. انهن ۾ پهريون ته هو بکر جو والارڻ،
جنهن بابت عهدنامي ۾ پوريءَ طور ڄاڻايو ويو هو
ته قلعو به سندس رهندو ۽ درياء جي ٻنهي ڪپن تي
قبضو به سندس هوندو. ٻيو ته سندس وزير سان
انگريزن جي هلت، جنهن کي هن اسان جي ريزيڊنٽ جي
چوڻ تي مجبور ٿي برطرف ڪيو هو، ٽين ۽ آخري شڪايت
هيءَ هئي ته علي مراد خان کي سندس ڀيٽ ۾ وڌيڪ
ترجيح ڏني ويئي هئي. ننڍين شڪايتن جو ته ڪاٿو ئي
ڪونه هو، جهڙوڪ: ڪاٺ وڍي ان جا پئسا ادا نه ڪرڻ،
قاصدن جي لاغرضائي، جي خيرپور ٽپال کڻي ايندا
هئا وغيره. آءٌ اهي شڪايتون ٻڌندو ساڻس همدردي
ظاهر ڪندو ويس ۽ کيس دلاسو ڏنم ته صبر ڪري، اميد
آهي ته حالتون سڌرنديون. گهر ڏانهن واپس ويندي
وزير فتح محمد ويهن سوارن سان مون سان گڏ هليو ۽
ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيائين پر مون کي ايجنٽ جا
سخت حڪم هئا، انڪري مون ساڻس ڳالهائڻ يا ٻيءَ
طرح لهه وچڙ ۾ اچڻ کان لهرايو. سکر پهچڻ تي ٻڌم
ته سبيءَ يا ڪاجڪ تي تباهه ڪن حملو ٿيو هو، جنهن
۾ اسان جي فوجن کي ٽي دفعا ڌڪي پوئتي هٽايو ويو،
پر پوءِ دروازو کولي وڌائون. دروازي تي حفاظتي
فوج کي وڍي ڳترا ڳترا ڪري وڌائون. اسان جي
گهوڙيسوار فوج جو هڪ ماڻهو، جنهن جي ٻانهن ڪپجي
پيئي هئي، ۽ ايترو ته رت وهي رهيو هوس جو موت کي
ويجهو پهتو هو، پر ان هوندي به پنهنجي سور جو ڪو
خيال نه ڪيائين ۽ سڄي طاقت صرف ڪري ليفٽيننٽ
ڪريڊ کي هڪل ڪيائين ته دشمن کٻي پاسي آهي، کٻي
پاسي ڏسو. مون واري دوست ۽ عزيز، جو گرينڊيرس
مان هو، انهيءَ جنگ ۾ اهڙي وقت موتمار زخم کاڌو،
جڏهن هو سپاهين کي ميڙي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو. هو کين پـَـٽن کان جهلي اڳتي ڪري رهيو هو،
ته هڪ ڌڪ اچي کيس لڳو ۽ مري ويو. ٿورو وقت اڳ هن
پنهنجي تلوار هڪ دشمن کي ماريندي ڀڃي وڌي هئي.
اسان جا ٽيونجاهه ماڻهو مئا ۽ زخميا ۽ چار آفيسر
ضايع ٿيا. دشمن جا پنجويهه ماڻهو مئا ۽ ٽيانوي
زخمي ٿيا. هڪ جنرل جنهن وٽ پنجن هزارن کان وڌيڪ
ماڻهو يورپي ريجمينٽون به هجن، سو ڪيئن ٿو هڪ
ڏيهي جٿي کي سبيءَ تي حملو ڪرڻ ڏئي. جڏهن کيس
اهو به معلوم آهي ته انهيءَ جي تمام چڱيءَ طرح
حفاظت ڪيل هئي. اهو حادثو غور ۽ ويچار لائق آهي.
بدقسمتيءَ سان 2- گرينڊيرس جي لائيٽ ڪمپني، جنهن
پهرين وڌي حملو ڪيو هو، سا اها ساڳي ڪمپني هئي
جنهن کي نفشڪ وٽ بيدرديءَ سان ڪٽيو ويو هو.
اسان خيرپور ۾ جيڪا بدظني پيدا ڪئي، انهيءَ
روهڙي ۾ هڪ وڏو فساد ڪرائي وڌو، جنهن ۾ رتوڇاڻ
به ٿي. جيئن آءٌ معمول موجب درياء تي شام جو سير
ڪري رهيو هوس، تيئن مون کي ايجنسيءَ وٽ سکر طرف
وڏو گوڙ ڏسڻ ۾ آيو. ٻيڙيون به روهڙيءَ جي طرف
کان تمام گهڻي انداز ۾ اچي رهيون هيون. جيئن ئي
آءٌ ڪناري تي ويجهو پهتس، تيئن ماڻهن کي پنهنجو
نالو وٺندي ۽ زور سان رڙيون ڪندي ٻڌم.
جڏهن ٻيڙيءَ تان لٿس، تڏهن ميجر ڪليبارن گهوڙي
تي چڙهيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر ساڻس گڏ هئا.
اهي روهڙيءَ جي ميلي تي ويل سپاهين تي ٿيل حملي
سبب ڏاڍيءَ چڙ ۾ بيٺل هئا. ٻيڙين ۾ زخمي ٿيل
سپاهي اچي رهيا هئا ۽ انهن ۾ هڪڙي جي ٻانهن ڪپجي
ويئي هئي. ڪليبارن جي مرضي هئي ته توبون هيٺ آڻي
شهر تي بمباري ڪري. انهيءَ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏجي.
سڀئي ماڻهو گڏجي ڏاڍي زور سان هل ڪري رهيا هئا،
انڪري خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي سبب ڪري، اسان
جي ماڻهن تي حملو ڪيو ويو هو. ساڳئي وقت روهڙيءَ
جي ڏيهي اختياريءَ وارن جي ٻيڙي به اچي پهتي، جن
جو چوڻ هو ته کين به ٻڌو وڃي. ڏاڍيءَ تڪليف کان
پوءِ آئون آفيسرن کي ايجنسيءَ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾
وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ته جيئن اهو معاملو
نرميءَ سان نبيريو وڃي. آخر اهو ظاهر ٿيو ته
اسان جا سپاهي ڪي ناچو ڪڃريون وٺي هڪ مسجد ۾
گهڙي ويا هئا، ۽ اتي کين ناچ پئي ڪرايائون. جيڪي
ٻروچ اتي موجود هئا، تن کين نياپو ڏياري موڪليو
ته عبادت جي جاءِ آهي، خراب نه ڪريو ۽ ٻاهر
نڪرو. جيئن ته سپاهين گستاخ جواب ڏياري موڪليو،
انڪري ماڻهو اچي هٿين پيا. جيئن ته سنڌين وٽ
هٿيار وغيره به هئا، انڪري هنن موقعي جو فائدو
وٺي اسان جي ماڻهن کي ڊوڙائي آڻي ٻيڙين تائين
ڪڍيو. مون ڪليبارن کي ٻڌايو ته هن معاملي کي
فيصل ڪرڻ لاءِ گوليبازيءَ يا بندوقبازيءَ جي
ڪابه ضرورت نه آهي. اهڙيءَ طرح نيٺ وڃي انهيءَ
سڄي گوڙ کي ماٺ ڪرايم. شاهدن جا بيان جڏهن سرڪار
ڏانهن موڪليا ويا، تڏهن اهو فيصلو ٿيو ته ڏوهه
سپاهين جو هو ۽ انهن ئي اڳرائي ڪئي هئي. اهڙيءَ
طرح اهو معاملو روهڙي شهر کي تباهه ڪرڻ کان
سواءِ فيصل ٿي ويو.
انهيءَ دؤر ۾ڪيترن ئي مهمانن ايجنسيءَ ۾ منزل
ڪئي هئي، جن مان جنرل وينچورا مون سان ڪجهه
ڏينهن اچي رهيو. مشرقي ماڻهن وانگر سندس ڏاڙهي
ڪاري ڊگهي ۽ لهريدار هئي. ۽ انهيءَ ڏوهه جي
ڏوهاري ڪانه هئي، جنهن سان ڪيتريون ئي کاڏيون
ڪئمپ ۾ ڏوهاري هيون، يعني ته اها هلڪي، کٿل ۽
ٻـُـچي ڏاڙهي ڪانه هئي. ڏاڙهيون به اهڙيون ئي
مختلف هونديون آهن، جهڙا ماڻهن جا رايا. شڪارپور
۾ مون سان هڪ افغان کي ملايو ويو هو، جنهن جي
ڏاڙهي ايڏي ته ڊگهي هئي جو ان کي لتاڙيندو آيو.
اها ڏاڙهي هڪڙي پاسي کان مڙيئي کٿل پئي لڳي،
ڇاڪاڻ ته مقابلي ڪندي دشمن جو هٿ سندس ڏاڙهيءَ ۾
سوگهو پئجي ويو هو ۽ گهوڙو به هيٺان کسڪي ويو
هوس. اهو دشمن کيس ۽ سندس ڏاڙهي ٻنهي کي جيڪر
پورو ڪري وجهي ها، پر ڪنهن دوست جو ڀالو وڃي
دشمن کي لڳو، انڪري همراه بچي ويو، پر ڏاڙهيءَ
جا ڪجهه وار دشمن جي هٿ ۾ رهجي ويا. هڪ مرد لاءِ
ٻئي مرد جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهڻ بيعزتي سمجهي وڃي
ٿي، پر عورتون انهيءَ مان چڱا وار ڪڍنديون آهن.
ڏاڙهيالن کي پاڻ به ائين وڻندو آهي، ته معشوقڙين
جون نازڪ آڱريون سندن ڏاڙهيءَ ۾ کانهر ڪنديون
رهن، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سندن دلي جذبا پوري
جوش سان اڀرندا آهن. پر هيءَ مڙيئي خوشطبعي آهي.
مون ڏٺو ته جنرل وينچورا کي افغان مهم جي باري ۾
سڄي خبر هئي ۽ انهن ڏيهي رياستن جو به پتو هو،
جن جون حدون سنڌو نديءَ سان لاڳو هيون. هن مون
کي گذارش ڪئي ته آءٌ کيس لاهور جي دربار مان
ملندڙ 4100 رپيا ايجنسيءَ جي معرفت ڏياريان ۽
هن پنهنجي اخبار نويس يا عيوضيءَ کي لکيو، ته هو
پنهنجون رپورٽون منهنجي معرفت کيس موڪلي ڏئي.
اهڙيءَ طرح هر ڪنهن ٽئين ڏينهن مون کي هڪ قسم جو
فارسي خبرنامو يا صبح جي اخبار پئي پهچندي هئي.
هونئن به ته انگلينڊ جي اخبارن ۾ اهي خبرون
پڙهندا هئاسين، ته اڄ راڻي خچرن جي گاڏيءَ تي
چڙهي ٻاهر نڪتي، يا شهزادي البرٽ فلاڻي ڏينهن
تازي ڪتن سان شڪار ڪيو. انهن جي بدران هنن خبرن
۾ پڙهندو هوس ته مهاراجا صبح جو هوا کائڻ لاءِ
هاٿيءَ تي چڙهيو هو ۽ ٻه ڪلاڪ هيرا باغ ۾
گذاريائين، ۽ اهڙيون هزارين ڳالهيون ۽ انهن جا
تفصيل. شاهي خاندان تي، پوءِ اهي اولهه ۾هجن يا
اوڀر ۾،ڪانه ڪا مڙيئي تنقيد ٿيندي رهندي آهي،
ڇاڪاڻ ته ماڻهو انهن جي اٿ ويهه ۽ عادتن کي
ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان جاچيندا رهندا آهن. مٿين
ڳالهين سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ٻيون به خبرون وغيره
ڏنيون وينديون هيون.
پوليٽيڪل (سياسي) ماڻهو، جن کي گهڻو ڪري سڀڪنهن
ڪم ۾ واهيو ويندو آهي، تن جي سڀ کان وڌيڪ ڪٺن
ڊيوٽي اها آهي ته ڀاڄوڪڙن کي ڳولي هٿ ڪرائين.
هاڻي ان وقت جيئن ته هڪ وڏي فوج ميدان ۾ هئي،
انڪري اها ڊيوٽي انداز کان وڌي ويئي هئي، ڇاڪاڻ
ته فوج، اوٺين جا جٿا، بورچي، خانسامان، ڏوليون
کڻندڙ وغيره سڀ هئا. ٻيو ته ڀڄڻ وقت اهي اڪيلا
ڪونه ڀڄندا هئا، پر ٻين کي به پاڻ سان کاري
ڀڄائيندا هئا. هڪ ڏينهن هڪ سهڻو جوان مون وٽ
نوڪريءَ لاءِ آيو ۽ جيئن ته مون وٽ قاصدن جي هڪ
جاءِ خالي هئي ۽ هو به انهيءَ لاءِ موزون ٿي
ڏٺو، انڪري مون خوشيءَ سان اها جاءِ کيس ڏياري.
ٻه ڏينهن ته ٺيڪ ڪم ڪيائين پر ٽئين ڏينهن اچي
استعيفا ڏنائين. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو، تڏهن
جواب ڏنائين ته سندس ڀاءُ گذاري ويو آهي ۽ پاڻ
به طبعيت ۾ٺيڪ نه آهي، انڪري کيس گهر وڃڻو آهي.
ٿوري وقت اندر هن مون کي ڊزن کن ٻيا سبب پڻ
ٻڌايا. پٽو اڇلائيندي،اهڙو ته تڪڙو ڀڳو، جو آءٌ
سمجهي ويس ته ڳالهه ۾ مڙيئي ڪجهه رولو آهي. پر
جيئن ته ڪنهن شيءَ جي گم ٿيڻ جو مون ڪونه ٻڌو
هو، انڪري مون هن سامَ پئي کي پاڻ وٽ روڪڻ مناسب
نه ڄاتو. سندس اوچتو ڀڄي وڃڻ هڪ قسم جي ڳجهارت
هئي، جيڪا تيسين حل ڪانه ٿي، جيسين اسان جي
بيقاعدي فوج جي سوارن جو هڪ جٿو اچي پهتو. سندن
آفيسر اچي مون سان ڳالهايو ۽ پڇيائين ته غلام
محمد نالي ڪو ماڻهو ته ايجنسيءَ تي ڪونه آيو؟ هن
جيڪي به اهڃاڻ ڏنا، انهيءَ مان ثابت ٿي ٿيو ته
اهو ساڳيو مون وارو قاصد ئي هو. پڇيومانس ته ڇو
پيا سندس ڳولا ڪريو؟ چيائون ته، صاحب هن وٽ اسان
جي پگهار وغيره جا پئسا هئا، جي هو کڻي ڀڄي ويو
آهي. ماڻهن جو خيال هوندو ته سنڌو درياء جو
ويڪرو پيٽ اهڙن واقعن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪافي
ٿيندو، پر ائين نه هو، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن ڏهن
ميلن تي درياء تي پتڻ هو، پر انهن جي ڪابه
نظرداري نه ڪئي ويندي هئي، اهي ماڻهو جيڪي پتڻن
تي ويهاريا ويا هئا، سي رشوت کائڻ لڳا ۽ نه فقط
ڏوهارين کي ڇيڪ ڇڏي ٿي ڏنائون، پر ان سان گڏ
غريبان مار به ٿي ڪيائون. هندستان جا ماڻهو رشوت
جي معاملي ۾ ايران ۽ ترڪيءَ کان ڪنهن به حالت ۾
گهٽ نه آهن. هتي رشوت هڪ ڪڙيءَ کان ٻئي ڪڙيءَ
تائين زنجيري وانگر ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ ننڍي
(ملازم) کان وٺي، وڏي ۾ وڏي (آفيسر) تائين سڀ
شامل آهن. اهو سلسلو وڃيو يورپي آفيسر تائين
پهچي، ۽ اتي ختم ٿيو وڃي. پر افسوس آهي ته اتي
به ڪن حالتن ۾ رشوت ورتي وڃي ٿي، جيئن
ويجهڙائيءَ جي ڪن واقعن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
اوهان کي عجب لڳندو ته انگريز ڪمشنر سال- ٻه
نوڪري ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لنڊن پهچندا هئا، تڏهن
سندن رئيس انهيءَ تي رشڪ وچان حسرت ڪندا رهندا
هئا. اهو رڳو پاسپورٽ چڪاس ڪندڙ جو ڏوهه ڪونه
آهي، پر جيڪي به ڏيهي آفيسر آهن تن لاءِ آءٌ ڊڄي
ٿو چوان ته انهن مان ڪنهن جي به اکر تي اعتبار
نٿو ڪري سگهجي.
ڏيهي ماڻهن جي سچائيءَ بابت گهڻو ڪجهه چئي ويٺو
آهيان. اٿ ويهه جي فضيلت ۽ ڳالهه ٻولهه جي خيال
کان هندستانين تي جيترو ڀروسو ڪجي ٿورو آهي. پر
ٻين معاملن ۾ سچ ٻولڻ جا تمام گهٽ امڪان آهن.
ڪوڙ جي معاملي ۾ سنڌي به ڪي پٺتي پيل ڪين آهن،
اهي اچرج جهڙي جوش سان ڪوڙ ڳالهائي ويندا. ٻئي
پاسي ڏسبو ته ٻروچ ڪي قدر سچار آهن. جيئن ته اهي
بهادريءَ ۾ ڀڙ آهن، انڪري اهي ڪوڙ کان پري رهن
ٿا. ڪوڙن قصن لاءِ وري ڪنهن ايرانيءَ جي مون
ڏانهن سفارش ڪريو
(1).
مري ٽڪرين ۾ اسان جي تباهيءَ جي وقت هڪ ايراني
سکر ۾ اسان وٽ قيد هو. سندس قد پنج فوٽ ٽي انچ
هو ۽ سندس عضوا ننڍڙا ۽ هلڪا هئا، جهڙوڪ
جيتامڙو. هن جڏهن اهي خبرون ٻڌيون، تڏهن عرض
ڪيائين ته هو پوليٽيڪل سان ڳالهائڻ ٿو چاهي.
چوڻو وري ڇا هئس! چيائين ته، ”مون کي ڪجهه سوار
ڏيو آءٌ پاڻهي ٿو وڃي ٻروچن سان نبران، پر شرط
هي آهي ته ٻروچن کي اها خبر نه پوڻ گهرجي، نه ته
هو بيهندائي ڪونه.“ انهيءَ جنگي جوڌي کي جڏهن
ڇڏيو ٿي ويو، تڏهن هرهڪ چوڪيدار سان وڃي مليو.
مون کي پڻ هيئن سر ۾ عرضداشت ڪيائين ته، ”آغا
جان، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ، تون شل هزار سال
جيئين. تنهنجي رحم ۽ مهربانيءَ جي ندي، جا هر
وقت منهنجي چوڌاريءَ وهي رهي هئي، تنهن کي خدا
شل وڌائي سمنڊ ڪري ۽ توڏانهن واپس موڪلي.“
انهيءَ کان پوءِ هڪ خواهشمند وانگر ڪمري جي
چوڌاريءَ نظر ڊوڙائي چيائين ته، ”هو ڪنهن
نشانيءَ وٺڻ کان سواءِ واپس نٿو وڃي سگهي،جو هو
انهيءَ نشانيءَ کي هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو“.
آءٌ به سولو وٺ ڏيڻ جو ڪونه هوس، انڪري هو وڏي ۾
وڏي قيمتي شيءِ کان وٺي ننڍي ۾ ننڍي سوغات تائين
گهرندو ويو ۽ آءٌ به انڪار ڪندو ويس. آخر
انگريزي پائوڊر جي گهگهيءَ ۽ ڪارتوسن جي پٽي تي
ڀنڊي ٻڌي بيهي رهيو. مون کي ڏاڍا ايلاز منٿون
ڪيائين، خوشامد ڪيائين، مڪر ڪري رنو، پر وريس ڪي
ڪين. آخر جڏهن ڏٺائين ته ڪاميابي گهٽ آهي، تڏهن
ڪاوڙ ۾ اچي گاريون ڏيڻ لڳو. ان تي مون حاضريءَ ۾
بيٺل سپاهين کي اشارو ڪيو ته کيس دفعي ڪن ۽ اهڙي
طرح هن ڦيڪاريءَ مان جند ڇٽي.
آرهڙ جي مند اچڻ شرط اهو وڏو درياء، جنهن جو ڍنڍ
مثل وهڪرو هوندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ سـُـسي وڃي
هڪ واهڙ مثل ٿيو هو، سو وري چڙهڻ لڳو. انهيءَ تي
ويچار ڪرڻ ئي اجايو آهي ته پاڻيءَ جي هيءَ شاهه
شريان (سنڌو) جي سنڌ ۾ نه هجي ها، ته انهيءَ جو
ڪهڙو حال ٿئي ها. لاشڪ اهو هڪ هيبتناڪ برپٽ مثل
هجي ها، پر جيڪڏهن ٿوري حرفت کان ڪم ورتو وڃي ته
اها ندي گجرات کان وٺي هالار تائين سڄي ملڪ ۾
ساوڪ ۽ زندگيءَ جي لهر ڊوڙائي سگهي ٿي. انهيءَ
نديءَ جي مکيه وهڪري جا نشان، ويڪرن ڀڏن جي صورت
۾ اڃا به الور جي اوڀر ۾ پڻ سنڌ ۽ راجپوتانا جي
وچ ۾ پيا پسجن، جن جي وسيلي اها وهي وڃي ڪڇ جي
نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. لوڻاٽيل رڻ، جيڪو هاڻي سنڌ
۽ ڪڇ، ٻنهي ملڪن جي حد جو نشان آهي، ڪنهن وقت ۾
ڏاڍو آباد هو. منجهس هر قسم جي پوک ٿيندي هئي ۽
ڊگها فصل بيٺا هوندا هئا. ماڻهن کي اڃا به ياد
آهي ته انهيءَ اٿاهه وهڪري کي روڪڻ ۾ ڌرتيءَ جو
ڌٻڻ ۽ پڻ ماڻهوءَ جو هٿ به شامل هو. اسان جي
حڪومت انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو احسان ڪري سگهي
ٿي جو انهيءَ آباديءَ جي ذريعي کي وري کوليو
وڃي. انهيءَ مهم کي پوري ڪرڻ ۾ ڪو ڳرو خرچ به
ڪونه ٿيندو. درياء جي هر سال جي اُٿل پٿل اهو
ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ته درياء جي پيٽ کي
ڪهڙيءَ نه سولائيءَ سان بدلائي سگهجي ٿو. ڪيترن
هنڌن تي ننڍا ننڍا ڪم ڪرايا ويا آهن پر هيءُ
انهن سڀني گڏيل ڪمن کان نيٺ گوءِ کڻي ويندو.
چين ۾ واهن جي سنڀال ۽ انهن جي تعداد ۽ وهڪري ۾
واڌ آڻڻ لاءِ خاص عملدار مقرر ڪيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ به اهڙيءَ طرح جو ڪم درڪار آهي. ساڳئي وقت
جيڪو به نئون واهه ڪنهن ضلعي جي آبادي وڌائڻ ۾
ڪمائتو ٿيندو، اهو درياء ۾ به جهاز راني وڌائڻ
لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. درياء ۾ پاڻيءَ جو مقدار
ايڏو ته گهڻو آهي، جو اونهي پاڻهيءَ ۾ تـِـکي
وهڪري جي سامهون ڪوبه ٻيڙو يا غوراب وڌي نٿو
سگهي. ڪنارن تي جيئن ته پاڻي تانگهو آهي ۽ ڍنڍ
جي شڪل وٺيو بيهي، انڪري انهيءَ وهڪري جو پتو ئي
نٿو پئجي سگهي، جتان ٻيڙيون وغيره آساني سان هلي
سگهن. جيڪڏهن ايران جو بادشاهه هڪ مهيني اندر
درياء جي وهڪري مان ڪئين ناليون ڪڍي، انهيءَ کي
اهڙو ڪري سگهيو ٿي، جنهن مان ماڻهو گوڏن
پـُـسائڻ کان سواءِ اُڪري وڃي، ته پوءِ اسين
جيڪڏهن ڪن سالن جي اُپت مان ڪجهه حصو بچائي،
انهيءَ تي خرچ ڪريون ۽ ماڻهن کان به ڪم وٺون،
جيڪي ڪنهن حد تائين ونگار به وهندا، ته پوءِ ڇا
نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن به منهنجي درياء جي اُٿل تي نظر پوندي هئي،
تڏهن آءٌ مستقبل ۾ سنڌ ۾ ايندڙ اهم ڦيرين گهيرين
بابت پـُـورَ پچائيندو رهندو هوس. ايجنسي درياء
جي ڪنڌيءَ تي اهڙي طرح ٺهيل هئي، جو ڪوبه ماڻهو
دريءَ وٽ ويهي مـَـڇيون ڦاسائي سگهيو ٿي. مون
ڪڏهن به اتي ڪا سٺي مڇي ڪانه ڦاسائي، باقي عام
مڇيون ته گهڻيون ئي هيون، جن کي اسين ڪئٽفش ڪري
چوندا آهيون. اهي چيچاٽ وانگر سنهو آواز ڪنديون
آهن، ۽ دسترخوان جي بنهه لائق ڪونه آهن. جيئن ته
درياهه جي ڀيٽ ۾ سڀ ڏرڙ ۽ کڏون پاڻيءَ سان ڀرجي
وييون هيون، انڪري ڪيترن اڻوڻندڙ جيتن اچي اسان
جي رهائش وارو پـَـٽ وسايو. وڇـُـن ۽ سؤپيرين
کان سواءِ هڪ اهڙي به بلا اتي اچي نڪتي، جنهن
منهنجي بورچي ۽ سندس ساٿين کي ڊيڄاريو. هڪ ڏينهن
رات جو کاڌي وقت وڏو گوڙ ٿيو. جمعدار جعفر اچي
مون کي چيو ته جلدي بندوق کڻي هلو، هڪ نانگ اندر
گهڙي آيو آهي. آءٌ جڏهن پهتس تڏهن ڏسان ته هڪ
وڏو ڪاريهر جيڪو ست يا اَٺ فوٽ ڊگهو ۽ ماڻهوءَ
جي ٻانهن جيترو ٿلهو هو، سو ڦـَـڻ ڪڍيو
مـَـنـَـهه جي ڪامن تي بيٺي لـُـڏيو ۽ لـَـميو.
شايد ماني کائڻ لاءِ ناز ۽ نخرا ڪري رهيو هو،
ڇاڪاڻ ته هو اهڙي هنڌ هو، جتي نوڪر- چاڪر ويهي
ماني کائيندا هئا. مون هڪدم بندوق جي ٻنهي نالين
مان فائر ڪيا، جي وڃي سندس پيٽ ۾ لڳا ۽ ٻه اڌ ٿي
ڪـِـري پيو ۽ ماني گهرڻ کان بس ڪيائين. جيئن ئي
سندس پيٽ ڦاٽو تيئن هڪ ڪـُـوئو، جنهن کي هن ٿورو
اڳ ڳڙڪايو هو، نڪري ٻاهر نروار ٿيو.
جنرل وينچورا کان پوءِ ٻيو مهمان صمد خان آيو،
جو ڪئپٽن ائبٽ سان خيوا کان سينٽ پيٽربرگ ۽ پوءِ
انگلينڊ ويو هو. پنهنجي قوم جو هو اڪيلو ماڻهو
هو، جنهن يورپ کي ڏٺو هو. هن جيڪي اتي ڏٺو تنهن
سندس ڀائرن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. هڪ خشڪ
طبعيت وارو پير مرد هو، جنهن اڊانـِـس
(1)
وانگر بهادريءَ جي دعويٰ ته ڪانه ٿي ڪئي، پر
ٻڌايائين ته هو سڀني آزمائشن مان گذري چڪو هو.
هن ٻڌايو ته انگريز عورتون پنهنجي حسن جي جادوءَ
سان جيڪر فرشتي کي به سندس معتبريءَ تان هٿ کڻڻ
تي مجبور ڪيو ڇڏين، سو ماڻهو ويچارو ڇا ڪري
سگهندو انهن جي اڳيان. پر هن قسم کڻي مون کي
يقين ڏياريو ته اولهه جي حورن جي سڀني نازن ۽
نخرن جو هن مڙس ٿي مقابلو ڪيو هو. مون کانئس
پڇيو ته هن سڀ کان وڌيڪ ڪهڙو سهڻو مهانڊو ڏٺو،
جو واقعي ڏسڻ لائق هجي. جواب ڏنائين ته، ”روس جو
شهنشاهه. اهڙو ته سهڻو ماڻهو مون اڳي ڪڏهن ڪونه
ڏٺو، سچو بادشاهه هئو ئي اهو، ٻيا سندس اڳيان
تـِـڇ برابر هئا.“ انهيءَ بيان کان پوءِ هن
مسڪين پنهنجن ڏکن جو ذڪر ڪيو، جي کيس درپيش آيا
هئا. هن پنهنجا ٻار ۽ زال هرات ۾ ڇڏيا هئا، ۽
اتي جي گورنر موقعي جو فائدو وٺندي انهن کي
ازبيڪن وٽ وڪڻي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته جيسين اهي کيس
نه مليا آهن، تيسين هو کين ڳوليندو رهندو. مون
دل ۾خيال ڪيو ته يار محمد، جنهن سندس زال ۽ ٻار
وڪڻي ڇڏيا هئا، سو سندن پيءُ کي به سستي اگهه
وڪڻي ڇڏيندو.
جيئن ئي گرم هوا جو زور ٿيو، تيئن منهنجي صحت به
ڪـِـري پيئي ۽ تپجي پيس. مون کي پير ۾ ناسور ٿي
پيو هو، جنهن جي ڪري ڇهه هفتا پنڌ نٿي ڪري
سگهيس، ڇاڪاڻ ته ڦـَـٽ جو سور وڃي هڏي تائين
پهتو. هڪڙي ڊاڪٽر منهنجي ٽنگن تي پاري جي رس جي
دوا مهٽي هئي، ان ڪري اهي سڄي دهل ٿي پيون هيون.
سنڌ ۾ منهنجي رهائش جو ٽيون سال شروع ٿي ويو هو.
جيڪي مون سان گڏ ساڳئي وقت انهيءَ ملڪ ۾ داخل
ٿيا هئا، انهن مان فقط ٿورا وڃي رهيا هئا: ڪجهه
ته مري ويا هئا ۽ ٻيا وري بيماريءَ جي موڪل تي
ويا هئا. آبهوا جي ناموافقت لاءِ ايترو لکڻ ڪافي
ٿيندو ته سنڌ ۾ شال جي پوليٽيڪل عملي ۾ سترهن
آفيسرن مان ڏهه مري چڪا هئا- چار ڄڻا طبعيت جي
ناسازيءَ سبب پينشن تي لهي ويا هئا، باقي ٽي ڄڻا
وڃي هندستان ۾ رهيا هئا. اهو انهيءَ ڪري هو، جو
اسان کي گهڻو وقت مجبورن تنبن ۾ رهڻو پوندو هو.
منهنجي بالا آفيسر کي منهنجي طبعيت جو ڏاڍو خيال
هو، ڇاڪاڻ ته اها وئي پئي پوئتي پوندي. انڪري
مون کي لکيائين ته بيماريءَ جي موڪل تي انگلينڊ
پيو وڃان، بمبئي گهمڻ جي موڪل وٺي اچي مون سان
اتي مـِـل. پڻ اهو به لکيائين ته بمبئي وڃڻ وقت
جيڪڏهن ساڻس گڏجي ويندس ته کيس خوشي ٿيندي.
افسوس، قسمت جي معاملي ۾ اسين ڪيڏا نه اڻواقف
آهيون. جيستائين اهو خط مون تائين پهچي ئي پهچي،
تنهن کان اڳ خط جو لکندڙ ختم ٿي چڪو هو. اهو
پنهنجي حياتيءَ جي ڦوهه ۽ ٽڙندڙ دؤر ۾ گذاري
ويو. همت، مردانگيءَ ۽ سهڻين عادتن جو مجسمو هو.
سندن مـَـن مستقبل جي رٿن سان ڀرپور هو، پر کيس
اها خبر ئي ڪانه هئي ته سندس حياتيءَ جو دفتر
اوڏيءَ مهل بند ٿيڻ وارو هو ۽ مٿس مهر لڳڻ واري
هئي. مون کي ته ڏاڍو صدمو پهتو. ڪير هوندو جو
اهڙي واقعي ٻڌڻ تي ڏک جو اظهار نه ڪري؟ جڏهن هڪ
ماڻهو پياري انگلنڊ جي ڏسڻ جي اميد سان ڀرپور
هجي ۽ اهڙو خط به لکيو هجيس ۽ پوءِ مري وڃي-
ڪهڙي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي اها! اهڙيون ڳالهيون
هندستان ۾ عام جام ٿينديون رهن ٿيون، ۽ جيئن ئي
ڪو گهڻو وقت هتي رهيو، تيئن اهو احساس دلين مان
نڪري ويندو. منهنجي بالادست جي جيون مارگ بابت
فقط هي ساراهه ڀريل اکر چوڻا آهن ته هو دماغي
توڻي بدني قوتن جو مالڪ هو، ۽ موقعي تي ايڏو ته
ڪم ڪندو هو، جو ٿڪبو ئي ڪونه هو. ڏيهي ماڻهن جي
چـُـرچ تي هن ڪي غلط ڪم به ڪيا، جي مير رستم خان
جي خلاف هئا. ميرن جي خلاف هن جيڪا پاليسي عمل ۾
آندي، انهيءَ جا ڪهڙا به سبب هجن، پر ان جا
نتيجا نهايت خراب نڪتا. خراب انهيءَ ڪري ٿو
چئجي، جو اهي ماڻهو، جيڪي انگريز حڪومت جي عزت
ڪندا هئا، تن ۾ انهن لاءِ نفرت ۽ بيزاري پيدا
ٿي. اهڙيءَ طرح سخت ۽ ناروا اپائن جي ڊگهي لانڍ
آڻي ٻنهي ڌرين کي خونريز جنگ تي ڇڏيو. انهيءَ
جنگ ۾ سوڀ لاشڪ اسان جي ٿي ۽ اسان جو نالو، جيڪو
اڳيئي تاريخ ۾ تجليدار هو، تنهن کي هڪ نئون
چمڪاٽ مليو، پر پوءِ ڇا؟ ڇا قيصر، ولنگٽن، نيپئر
جو شان هڪ اڻسڌريل ۽ ڄٽ، پر ان هوندي به وفادار
۽ سچي دل واريءَ قوم جي خون سان ڀيٽي سگهجي ٿو،
جن پنهنجي رئيس کي قيد ٿيڻ کان ۽ پنهنجي ملڪ کي
ڦورن کان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي! انهيءَ تي
ويچار ڪرڻ اجايو آهي.
ڪرنل آئوٽرام کي جڏهن اتر سنڌ جي چارج ڏني ويئي
هئي، تڏهن بي اعتماديءَ ۽ دشمنيءَ جي باهه، جا
ظاهر ظهور پئي ٻري، تنهن کي ٻنجو اچي ويو.
خيرپور جا رئيس، جي گهڻو مياڻيون اڇلائي ڇڏڻ ۾
هئا، پر رڳو چڙهت جي خوف ۾ هئا، تن وري انگريزن
سان نئين سئين دوستي ڳنڍڻ جا خيال ڪيا. اهو
طوفان، جو زور شور سان چالو هو، هاڻي پنهنجي چال
وڃائي چڪو هو. ڪابل جي حادثي ڪري اسين ڪمزور ٿي
ويا هئاسين پر ان هوندي به سنڌ ۾ اسان جي خلاف
هڪ نيزو به اڀو نه ٿيو، جيتوڻيڪ اتي ٿورو وقت اڳ
اسان جي وڏي مخالفت هئي. سياسي حساب ڪتاب وارو
ڪنهن به حالت ۾ هڪ کٽل مقام جي انجمن کان گهٽ
ڪپمني هٿ ۾ ڪونه آهي، پر ان هوندي به سچ ڪو لڪڻ
جو ڪونهي. جڏهن به ڪو ماڻهو اکين سان بي انصافي
ٿو ڏسي، تڏهن اهو انصاف جي هٿن ۾ هڪ گهنڊ مثل
ٿيو وڄي، انڪري آءٌ انهيءَ چوڻ کانسواءِ رهي نٿو
سگهان، ته مياڻيءَ جي جنگ اسان کي ثابت ڪري
ڏيکاريو ته ٻروچ ڇا نٿي ڪري سگهيا. اهو اسان کي
انهيءَ وقت، جڏهن اسان جو جهنڊو ڪابل ۾ ڦاڙي
لتاڙيو ويو، سخت ۾ سخت ضرب پهچائي سگهيا ٿي.
جيئن سانهر ڦيرائبو اهي، تيئن هو اسان کي جيڪر
چيڀاٽي ڇڏين ها. اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن هو ماٺ ۾
هئا، تڏهن اسان کي به لازم هو ته جڏهن اسين
طاقتور هئاسين ۽ هو ڪمزور هئا، ته پاڻ جهليون
هئا. آءٌ سکر ۾ڪافي وقت رهيو هوس، انڪري ميرن جي
دربار ۾ ريزيڊنٽن جي ڦيرگهير سبب، سندن دلي
رجحان کان به چڱيءَ طرح واقف ٿي ويو هوس. جيئن
ته مون تي هڪ سخت بيماريءَ اچي حملو ڪيو هو،
انڪري مون کي سٺي آبهوا بدلائڻ لاءِ مجبورن ٻاهر
نڪرڻو پيو. مون پنهنجي چارج ڇڏي، درياء جي وهڪري
چڱي مدد ڪئي. انهيءَ ۾ ايڏي ته تيزي آهي، جو
اوڀارو وڃڻ وارن جي رفتار کي اهو ست ميل في ڪلاڪ
جي حساب سان روڪي سگهي ٿو. ڏسڻ ۾ ايندو ته اها
ندي ماڻهوءَ کي اتر سنڌ جي خطي ڏانهن وڃڻ کان
روڪي ٿي. سندس ڪم ئي آهي پويان ڌڪڻ، جي اوهان
سندس وهڪري کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا ته اها اوهان
کي ڦيرائي تمام تکو پري وٺي ويندي. جيئن ئي
منهنجي ٻيڙي ڪليبارن جي گهر وٽان لنگهي، تيئن هو
دريءَ وٽ نڪري آيو ۽ خدا حافظ چيائين. مون
وراڻيو ته، ”آءٌ فقط هڪ مهيني لاءِ ٿو وڃان ۽
وري موٽي ايندس“. جواب ڏنائين ته، ”وري ڪونه
موٽندين“ ۽ ائين چئي هن دري بند ڪئي ۽ هليو ويو.
سنڌو ندي پنهنجي اوج تي هئي ۽ ڪن جاين تي ايڏي
ته گجي هئس، جو ڏائڻ جي ديڳ وانگر ٽهڪي رهي هئي.
اها مئڪبيٿ واري ننڍڙي نسل مان نه پر
اسڪينڊنيويا جي هڪ پوڙهيءَ ڏائڻ جهڙي وڏي آفت
پئي لڳي. انهيءَ هنڌ جتي ڪليبارن جو گهر هو،
دريا ِّ ڏاڍو اونهو هو، ۽ منجهس ڪن به هو، جو
دريا ِّ ۾ پيل پراڻن کنڊرن سان لڳي، پيو ڦيرا
کائيندو هو. جڏهن درياء لهي ويندو هو، تڏهن اها
جاءِ ظاهر ظهور پئي پسبي هئي، خواجه خضر واري
ڪتبي تصديق ٿي ڪئي ته اهو الور کي ڇڏي، پوءِ
هتان اچي وهيو هو. هڪ واڳون چوڪيدار وانگر
انهيءَ جاءِ تي روزانو پيو ڏسبو هو. مون پاڻ کيس
ڪونه ڏٺو پر آفيسرن مون کي ٻڌايو ته انهن سدائين
فئر پئي ڪيا آهن ۽ سندس ڊيگهه، انهن جي چوڻ
موجب، ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾گهٽ ڪانه
هئي، سکر کان ٽيهن ميلن جي پنڌ تي، آءٌ مددي
اسٽيمر جي پاسي کان اچي لنگهيس، جو اتي لنگر
هنيو بيٺو هو. مون ڪرنل آئوٽرام کي صلاح ڏني
هئي، ته ان کي ديري اسماعيل خان يا جيترو اڳتي
وڌي سگهي، اوترو اڳ موڪلجي. مطلب هي هو ته جيئن
چڪاس وٺي سگهجي ته منجهس ڪيستائين جهاز راني ڪري
سگهجي ٿي، ۽ پڻ ٿي سگهيو ٿي ته ديره جات سان
واپار ڪرڻ جا امڪان پيدا ٿي وڃن. پوءِ هن انهيءَ
کي موڪليو يا نه، ان جي ڪابه خبر ڪانه پيئي.
ڇهينءَ تاريخ آءٌ سيوهڻ وٽان گذريس ۽ ستينءَ
تاريخ هڪ ڳوٺ وٽ پهتس. جنهن کي گوتم سڏيو ٿي ويو
۽ اهو هڪ سيد جو ڳوٺ هو. منهنجي وندر ان وقت
ٽئڪيٺس جو اتهاس پڙهڻ ۽ پيڻ پکيءَ جو شڪار ڪرڻ
هئي، جن تي آءٌ ڪڏهن ڪڏهن پيو فائر ڪندو هوس، جي
درياء جي وچ ۾ وڏن ولرن ۾ اونڌا ابتا ٿيا پيا
هئا.
اٺين تاريخ مون کي هڪ سخت مشڪلات درپيش آئي.
هڪڙي هنڌ لهرون اهڙيون ته اُڀيون هيون، جو ٽنڊيل
چيو ته جي انهن سان ٽڪر کائبو ته تباهي يقيني
آهي. هوا به ڏاڍي تيز ۽ اڻائي هئي، انڪري هن عرض
ڪيو ته پڳهه نه ڇوڙيا وڃن، جيسين الله ڪو سڻائو
واءُ موڪلي. اسان جي ٻيڙي ان وقت هڪ ننڍي کاريءَ
۾ هئي، جتي پاڻي جي اٿل پٿل ۽ گجگوڙ کان پري به
هو، ماٺو به هو. اسان به ٻيڙي ڇڪي کڻي پاسيري
ڪئي ۽ ڪجهه وقت آرام به ڪيوسين ۽ رات جي ماني
چانور ۽ ٻوڙ کاڌوسين. ان وقت ٽنڊيل راءِ ظاهر
ڪئي ته هڪ ماڻهو اها کاري تري وڃي ڏسي ته درياهه
۾ ٺاپر اچي ويئي آهي يا نه. جيئن ئي هن اها
ڳالهه ڪئي، تيئن هڪ ماڻهو ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ ماڻهوءَ کي بدن تي ڪپڙو هوئي
ڪونه ۽ ٻي ڀر پهچڻ لاءِ هڪدم تيار ٿي ويو. اڃا
ٽپ ٿي ڏنائين ته مون چيومانس ته سير ويجهي آهي،
انڪري خيال ڪجان“، متان ٻڏي نه پوين! اهو ٻڌي هو
کليو ۽ کڻي پاڻ کي پاڻيءَ ۾ اڇلايائين، اڃا
کاريءَ جي اڌ تي ئي ڪونه پهتو ته پاڻي هن کي
ڏاڍيءَ تيزيءَ سان کاري جي منهن ڏانهن وٺي ويو ۽
وڃي ڪن ۾ هنيائينس، جنهن ڦيرائي گهيرائي آڻي
درياء ۾ ڪڍيس، اتي ڏٺوسين ته غوطا پيو کائي
(هونئن به ته اهي پاڻيءَ جا پونئرا آهن) ۽ ڄاڻ
ته ٿي تر کنيائين. مون کي تر جيترو به الڪو ڪونه
ٿيو ۽ ٿئي به ڇو؟ ڇاڪاڻ ته آءٌ پاڻ ته تارو ڪونه
هوس، جو سندس مدد ڪريان ۽ جي مدد ڪريان به ها ته
کيس ڪو فائدو ڪونه پهچي ها. هو ان وقت هڪ اهڙيءَ
حالت ۾ هو جا آءٌ جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان وڏو
تارو هجان ها، تڏهن به کيس انهيءَ مصيبت مان
آزاد نه ڪرائي سگهان ها. خوش قسمتيءَ سان مون وٽ
هڪ وڏي تنبي هئي، جنهن کي ڪهيون وغيره ٻڌل هيون،
جنهن جي رستي حرفتي ماڻهو هڪ ڪناري کان ٻئي
ڪناري تائين تري
ويندا هئا. اها کڻي مون ٽنڊيل جي هٿ ۾ ڏني ۽
ڌڪو ڏيئي چيومانس ته ڏي ٽـِـپ ۽ وڃي جند
ڇڏائينس. منٽ اڳي هو اهڙو ته منهن ڪيو بيٺو
هو، ڄڻڪ سڄي دنيا هڪ ٿي ويئي هئي ۽ ان وقت جي
سڄي انسانذات به غرق ٿي وڃي ها ته مٿس ان جو
ڪوبه اثر نه ٿئي ها. پر مون واري چوڪَ سندس
سڄي سستي هڪ پـَـل ۾ دور ڪري ڇڏي. ٻن - ٽن
ٻانهن هڻن سان هو ٻڏندڙ ماڻهوءَ تائين پهتو ۽
پوءِ ٻئي ڄڻا انهيءَ تنبي جي رستي صحيح ۽ سالم
واپس اچي پهتا.
ٻئي ڏينهن به واءَ ڪابه جـَـهڪائي ڪانه
ڏيکاري، انڪري اسان قسمت تي ڀاڙي اڳتي
وڌياسين. ٻيڙي به تمام وڏي هئي (جيتوڻيڪ درياء
جي اڳيان ڪجهه ڪانه هئي) پر درياء جون لهرون
کيس وڪوڙي ٿي وييون. ٻيڙيءَ جو پويون حصو ڀڄي
پيو، پر ان هوندي به وڏي نقصان کان بچي
وياسين. کاري جي ٻئي ڪناري تي ٻن ٻيڙين جا
ڍانچا اسان کي ٻـُـڌائي رهيا هئا ته اسان پاڻ
کي جوکي ۾ وڌو آهي. مون پوءِ ڏٺو ته هڪ ٻي
ٻيڙي، جنهن ۾ ٻه آفيسر حيدرآباد ڏانهن وڃي
رهيا هئا، هتي ٽڪرجي ڀڄي پيئي هئي.
ٻيڙيءَ کي ٽڪرجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان درياء کي
حيدرآباد کان ويهه ميل مٿڀرو ڇڏي، ڦليليءَ ۾
ٻيڙيءَ کي لاهي وڌو ۽ حيدرآباد تائين، انهيءَ
جي رستي سفر ڪيوسون. سياري ۾ڦليلي گهڻو ڪري
سـُـڪي ويندي آهي پر آبڪلاڻيءَ جي وقت تي اهو
هڪ تمام تکو وهڪرو ٿيو پوي، جنهن جي ويڪر هڪ
سؤ وال ۽ اونهائي اَٺن کان ڏهن فوٽن تائين ٿيو
وڃي. سندس ٻئي ڪپ باغن ۽ ڳوٺن سان سجايل هئا ۽
جنهن ملڪ مان اسان جو لنگهڻ ٿيو، اتي ماڻهو به
جام ٿي ڏٺا. جتي ڦليلي اچيو سنڌوءَ سان ملي،
اتي هڪ سهڻو شڪارگاهه به هو، جيڪو ان وقت مير
نورمحمد جي مِلڪ هو ۽ هو حيدرآباد جي مکيه
ميرن مان هو. انهيءَ شڪارگاهه کانپوءِ وري ٻيو
شڪارگاهه آيو، جو محمد خان ٺوڙهي جي ملڪيت
هئي. سڄي رات طوفان پئي هليو، ۽ آءٌ به پاڻ
واريءَ ڍريءَ چال مان ڪڪ ٿي پيو هوس. صبح جو
ڪناري تي هڪ سٺي پوشاڪ واي ٻروچ کان سوال تي
گهوڙو گهريم ته جيئن ايجنسي تائين انهيءَ تي
چڙهي وڃان. ٻروچ هڪدم پنهنجو گهوڙو جهلي
منهنجي حوالي ڪيو ۽ جيئن آئون هيٺ لٿس، تيئن
مون لاءِ کير کڻي آيو ۽ ڪچهري به ڪيائين.
ٻڌايائين ته سندس پگهار فقط ٻارنهن رپيا في
مهينو هو،جنهن مان هو ڏاڍيءَ تڪليف سان پنهنجو
۽ پنهنجي ٻارن جو گذر ڪندو هو. هن ٻڌايو ته هو
احمد خان واري مغزي قبيلي مان هو، جنهن جا
اٽڪل 15 ماڻهو حيدرآباد ۾ هئا. اسان جيئن پاڻ
۾ ڳالهايو تيئن ابراهيم شاهه به اچي پهتو ۽
آءٌ سندس هڪ همراهه جي گهوڙي تي چڙهي، ڏهه ميل
سواري ڪري، حيدرآباد جي قلعي وٽان لنگهي
منجهند ڌاري وڃي ايجنسيءَ تي پهتس.
منهنجو هتي ڪرنل آئوٽرام سان تعارف ڪرايو ويو،
۽ مون ڏٺو ته آءٌ پنهنجي ريزيڊنٽ جي بدلي ۾
ايڏو ته خوش هوس، جيترا مير خوش هئا. نئون
ايلچي صاف گو ۽ رحمدل هو. هو پنهنجن نائبن کان
ڪابه لـِـڪ ڪانه ڪندو هو پر پنهنجن زيردستن
منشين کان ڳالهيون مڙيئي ڳجهيون رکندو هو.
جيتوڻيڪ سندس اڻٿڪ محنت سان ڪوبه ماڻهو برابري
نٿو ڪري سگهي، پر تنهن هوندي به هو پنهنجن
زيردستن جي محنت جو قدر ڪندو هو. جيئن ته سندس
پنهنجا ڪارناما مشهور هئا، انڪري هن ٻين جي
لياقت کي دٻائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪانه ڪئي، اهو
انهيءَ ڪري ته هر ڪنهن کي مٿي چڙهڻ جو موقعو
ملي.
---------------
باب ٻارهون
حيدرآباد - اميرن سان ملاقات - حيدرآباد جي
اميرن جو ڪردار ۽ سندن مکيه آفيسر - ڪراچيءَ
جو رستو - مگر تلاءَ جي زيارت - سنڌ ڇڏڻ وقت
ويچار - بمبئي ڏانهن روانگي
مون کي حيدرآباد جي دربار سان رابطي رکڻ جي
موقعي جي تلاش هئي. پوليٽيڪل ايجنٽ کي ميرن
سان ڪنهن معاملي تي ٻئي ڏينهن ڳالهائڻو هو،
انڪري هن خواهش ظاهر ڪئي ته آءٌ انهيءَ معاملي
کي منهن ڏيان. اهو معاملو اصل ۾ هيئن هو : مير
نور محمد وصيت ڪئي هئي ته سندس حصي وارو ملڪ
سندس ٻن پٽن شهداد خان ۽ حسن علي خان ۾
هڪجيترن حصن ۾ ورهايو وڃي. پر شهداد خان، جو
وڏو پٽ هو ۽ عادتن جو کوٽو به هو، تنهن جي
مرضي هئي ته ننڍي ڀاءُ کي سندس جائز حصي کان
محروم ڪري. انهيءَ ڪـُـڌي ڪم ۾ کيس ميرزا باقر
۽ اسماعيل شاهه جي ڪٽنب جي پٺڀرائي حاصل آهي،
جن جو ڪيترن ئي طاقتور ٻروچ سردارن سان ناتو
هو. ٻئي طرف نواب احمد خان لغاري، جو هڪ بهادر
۽ آزمودگار سپاهي هو، تنهن حسن علي خان جو
پاسو ورتو. ڪرنل آئوٽرام جو طريقه ڪار شاهاڻو
هو ۽ منهنجي اڳئين بالادست کان بلڪل نرالو هو.
سندس خيال هو ته ميراڻي ڪٽنب ۾ ٿيل ناسازيءَ
کي ختم ڪيو وڃي. اهوئي سبب هو جو هن ٻئي ڏينهن
درٻار ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو.
اسان پنجين بجي ايجنسيءَ مان نڪتاسين، جا
حيدرآباد کان چئن يا پنجن ميلن جي پنڌ تي هئي.
ايجنٽ صاحب هڪڙي آفيسر کان، جيڪو ساڻس گڏ ويٺو
هو، سوال تي گهوڙو ورتو. اهو گهوڙو چابڪ نه
استعمال ڪرڻ ڪري بگڙي چڪو هو. اسان اڃا سؤ وال
کن مس وياسين ته هن مستي شروع ڪري ڏني،پر نيٺ
هن محسوس ڪيو ته سندس پٺيءَ تي ڪو نئون سوار
ويٺل آهي، ڇاڪاڻ ته زوردار تـَـلهڙن لڳڻ ڪري،
سندس حس ڀڄي پيو، پر ان هوندي به ٻه- ٽي اٽون
واهي ڪڍيائين. آخر سوارن جو جلسو وڌڻ شروع
ٿيو.
اسان اڃا ٻه ميل کن سواري ڪئي هئي، ته هڪ وڏو
ڌوڙ جو ڪڪر اسان جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو
آيو، جڏهن اهو صاف ٿيو تڏهن ڏٺوسين ته ڇهه
ٻروچ سوار اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ اچي رهيا هئا.
فضيلت ڏيکارڻ جو هي هڪ اڻوڻندڙ ڏيکاءُ هو، ۽
سو به انهيءَ وقت، جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ به
وڏي انداز ۾ مٽي اڏائيندو رهي. اهو ڪيڏو نه
ڏکيو ٿو لڳي. جڏهن اوهان ڪنهن ڏنگي ۽ طاقتور
سواريءَ تي چڙهيل هجو، جنهن جي پٺيان ڊزن کن
ٿڳڙين سان ڍڪيل ٽٽـُـن جو ولر هجي، ۽ اهي هجن
به سندس پڇ کان وال جيتري پنڌ تي. مون کي اهو
ظاهر ڪرڻو پوندو ته جيئن ته مون کي وڏن جوتن
پائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، انڪري منهنجا پير
ته رهيا پاکڙي ۾، پر هڪ جوتو خبر نه آهي ته
ڪٿي ڪـِـري پيو. انهيءَ نقصان جي اثر کي زائل
ڪرڻ لاءِ ۽ پڻ انهيءَ کي ماڻهن کان لڪائڻ
لاءِ، مون پاڻ کي کلمک رکڻ جي ڪوشش ڪئي، تان
جو منزل واري هنڌ تي اچي پهتاسين.
پهرئين سوڻ جو مڙيئي ڪجهه اثر ٿيندو آهي. جيئن
ته منهنجو جـُـوتو گم ٿي ويو هو، انڪري درٻار
۾ هلڻ يا ان جي ريتن ۽ رسمن کي منهن ڏيڻ لاءِ
آءٌ اڌو گابرو تيار هوس. چڱو جو ميرن اسان جي
ايجنٽن کان ٻاهر ئي جوتا لهرائي ڇڏيا، جا رسم
انگريز معاشري ۾ ٽوپلي لاهڻ جي برابر آهي.
اسان ڪرسين تي ۽ مکيه امير صوفن تي ۽ باقي ٻيا
ماڻهو وڃي غاليچن تي ويٺا. ان کان پوءِ اسين
جنهن مطلب سان آيا هئاسين، سو پڙهي ٻڌايو ويو.
انهيءَ گوڙ ۽ گهمسان کي بيان ڪرڻ مناسب نٿو
سمجهان، جو سؤ کن لوهي ڦڦڙ رکندڙ ٻروچن جي سخت
بحث مباحثي درميان ٿيو هو. اهو سڄو لـُـڙ ننڍن
ميرن جي حقن بابت ٿيو هو، جنهن ۾ مون انهيءَ
معاملي کي سلجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، باوجود
ڪوشش جي اهو هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مون کي سڀني
۾ احمد خان لغاري ڏاڍو پسند آيو، جنهن ڳالهايو
ته گهٽ پئي پر ڏسڻ ۾ هڪ معنيٰ ڀريل مڙس هو.
نصير خان، جو هاڻي وڏو مير تسليم ڪيو ٿي ويو،
سو شهداد خان جي فائدي ۾ هو. آخر ايجنٽ جي
دڙڪي داٻ وڃي ڪم ٺاهيو، ۽ فيصلو ٿيو ته ڀائر
پاڻ ۾ ٺهي وڃن ۽ هڪٻئي کان قرآن تي لکائي وٺن
ته ملڪيت جو معاملو امينن جي فيصلي موجب ڪرايو
ويندو. مون کي موڪليو ويو ته آءٌ ننڍي حسن علي
خان کي وٺي اچان ۽ ٻئي هڪ آفيسر کي وري شهداد
خان ڏانهن موڪليو ويو. ان کان پوءِ ٻنهي کي
سڀني جي اڳيان ڀاڪر پارائي پرچايو ويو. مون کي
خوشي ٿي جو منهنجو شهداد خان سان واسطو نه
پيو، ڇاڪاڻ ته هو نه رڳو بدني بناوٽ ۾ بيڊولو
هو، پر طبعيت به ڌڪار جهڙي هئس. انهيءَ جي
برعڪس مون وارو مير حسن علي خان هڪ سهڻو جوان
هو، جنهن جون ڪاريون گهنڊيدار چڳون ۽ سهڻيون
چمڪدار اکيون، انگريزي ناچ گهر ۾ جيڪر غضب ڪري
ڇڏين ها. مون حسن علي خان کي سندس چاچي مير
صوبدار جي گهر ۾ ڏٺو، جنهن جو وڏو پٽ فتح علي
خان مون سان دربار تائين گڏجي آيو هو. اتي
ايڏو ته گوڙ ٿي ويو هو، جو اسان کي پنڌ هلڻ جي
بدران مٿي کنيو ويو، نه ته جيڪر ڪنهن سوڙهيءَ
گهٽيءَ ۾ پيڙجي وڃون ها.
اهو معاملو پورو ٿيو، تڏهن شڪارپور جو ذڪر ٿيو
ته اهو شهر انهيءَ مددي ڏَن جي بدران انگريزن
کي ڏنو وڃي، جنهن جو ميرن سان عهدنامو ٿيل هو.
سڀ مير انهيءَ ڳالهه جي خلاف هئا، خاص ڪري مير
نصير خان، جنهن چيو ته، ”صاحب ملڪ تان
دستبردار ٿيڻ هڪ حاڪم لاءِ وڏي بيعزتي آهي.“
اهو معاملو پوءِ بنا ڪنهن فيصلي ڪرڻ جي ملتوي
ڪيو ويو. 11 بجي صبح جو اسان وري سوار ٿي واپس
ايجنسيءَ تي پهتاسين، جتي مون واري بالادست
مون کي انهيءَ ڏينهن جي سڄي ڪاروائيءَ تي
رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيو. جيئن ته اتي
ڪيترائي فارسي دستاويز هئا، جن کي ڀيٽڻو ۽
ترجمو ڪرڻو هو، انڪري ڪجهه دير ٿي ويئي، نيٺ
ٻئي ڏينهن سڄو ڪم تيار ٿي ويو ۽ گورنر جنرل
ڏانهن موڪليو ويو. ڪم جي دَٻَ جو اهو حال هو،
جو بيمار هوندي به آءٌ صبح جو ٽين بجي اُٿي
وڃي لکڻ تي ويٺس. اڃا ساڍا ٽي مس ٿيا هئا، ته
پيرن جي کڙڪي جو آواز ٻڌم، ڪو منهنجي ڪمري
ڏانهن اچي رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ دروازو کليو
۽ ڏٺم ته ڪرنل آئوٽرام هو.
جو پٽ شاهه محمد خان
نمبر پٽ مير حسين علي خان
مون کي ڪم ۾ رُڌل ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ چيائين
ته: ”آءٌ آيو هوس توکي اُٿارڻ ته ڪم کي لڳ ته
جيئن جلدي پورو ٿئي، پر تون ته مون کان اڳ
اڳيئي لڳو ويٺو آهين.“
آءٌ ڏهه ڏينهن حيدرآباد ۾ رهيس ۽ شهر جي آبهوا
کان لاڀ پرايم، جا ڪڇي ۽ سکر جي آبهوا کان ٿڌي
۽ فرحت ڏيندڙ هئي. ان هوندي به آءٌ نٿو
ڀانئيان ته ڪن ٿورن ماڻهن به حيدرآباد جي
آبهوا کي ڏکڻ سنڌ ۾ صحت جي خيال کان پسند ڪيو
هجي. پر منهنجي لاءِ انهيءَ تپندڙ گرميءَ کان،
جتان آءٌ آيو هئس، فرحت ڏيندڙ هئي. شيخ سعديءَ
چيو آهي ته، ”جيڪي جنت ۾ آهن، سي دوزخ کي ٿا
سمجهن پر جيڪي اعراف کان به ڏورانهان آهن تن
لاءِ اعراف به بهشت مثل آهي.“ سامونڊي هير،
جنهن جو سيوهڻ تائين اثر آهي، حيدرآباد ۾
چڱـيءَ طـرح مـحـسـوس ڪـئـي وڃـي ٿـي.
ايـجنـسي، جا ڪرنل آئوٽرام جــي
نامياري دفاع جي ڪري مشهور ٿي ويئي هئي، تنهن
هاڻي وڃي هڪ ننڍڙي ڪوٽ جو نمونو ورتو آهي. اها
هڪ پيسٽ بورڊ جهڙي ننڍڙي لانڍي هئي، جا درياءَ
کان سؤ والن جي فاصلي تي ٺاهي ويئي هئي. ان جي
اڳيان اوڀر طرف هڪ ويڪرو ميدان هو، جو
حيدرآباد تائين پکڙيل هو. ان جي اولهه ۾ درياء
هو ۽ وڻن جا جهڳٽا ۽ باغ سندس ڏکڻ ۾. ان جي
اوڀر ۾ هڪ ننڍڙو واڙو به هو، جتي هر ڪنهن قسم
جا پالتو هرڻ ڪوٽا پاچا کان وٺي ديوَ جهڙي
سانڀر تائين پاليل هئا. انهن جانورن ۾ ٺينگ
ٽپا ڏيندڙ هڪ سهڻو هرڻ به هو، جنهن جا سڱ اهڙا
تکا هئا جهڙي ڇري. جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ڪنهن کي
سڱ هڻي ڪڍي ته جيڪر پلڪ ۾ ماري وجهيس. شهر جي
لاءِ مون کي اهو چوڻو آهي ته ڏکڻ سنڌ جي ٻين
شهرن کان چڱيرڙو هو ۽ هو به ڳتيل. اتي جيڪي به
جايون هيون، سي قلعي کان سواءِ ٻيون سڀ اهڙيون
جهڙيون، ٻين هنڌن تي ڏٺيون وييون هيون. گهر
گهڻو ڪري مٽيءَ جا ٺهيل هئا، پر انهيءَ جو اهو
مطلب ناهي ته اهي رڳو جهوپڙيون هيون. اهي
حقيقت ۾ تمام وڏيون اڏاوتون هيون، جن جون
ڀتيون موڪريون هيون ۽ هر ڪا جاءِ ست - اٺ ماڙ
هئي، جهڙا ٽمبڪٽو جا محلات! قلعو بيترتيب ڪنڊن
وارو پنج ڪنڊو ڪوٽ هو، جنهن جون ڀتيون پڪين
سرن سان اڏيل هيون. انهيءَ تي ڪوبه ٻاهريون ڪم
يا کاهي وغيره ڪانه هئي پر ڪن هنڌن تي ته غفلت
سبب قلعي جي ديوار به ڪمزور ٿي ويئي هئي. قلعي
جي اندر فقط ميرن جا ڪٽنب ٿي رهيا ۽ ان جي وچ
۾ هڪ ٺـُـل هو، جنهن لاءِ ٻڌايو ٿي ويو ته
انهن ۾ ميرن جو خزانو پوريل هو. خزاني بابت
ماڻهن ۾ ڏاڍي ڳالهه هئي، پر آزمودي ثابت ڪري
ڏيکاريو آهي ته اوڀر جي بادشاهن جي خزاني بابت
جيڪي خبرون ٻڌيون آهن، سي گهڻو ڪري نسوريون
ڪوڙيون هونديون آهن. ميرن جي عقل جو به ڪمال
چئجي جو اڻهوند هوندي به پنهنجيءَ ملڪيت بابت
ڪيڏيون نه عجيب خبرون مشهور ڪرايون اٿن.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته 1781ع ۾ جڏهن
ٽالپرن، ڪلهوڙا گهراڻي جي پڄاڻي آندي، تڏهن
کين اڳين بادشاهن جو چڱو خزانو هٿ آيو هو. پر
پوءِ جيئن مسٽر ايلفنسٽن ڪابل ۾ لکيو ته،
”افغانستان جي بادشاهه شاهه زمان پنهنجي سلطنت
جي ڏاکڻي حصي کي فتح پئي ڪيو، ان وقت هن
انهيءَ خزاني تي قبضو ڪري ورتو، ان کان پوءِ
هن ميرن کي مجبور ڪيو ته کيس ويهه لک چار هزار
پائونڊ ڏن ڀري ڏين. جو ڏانهن رهيل هو.“ هاڻي
جيڪڏهن انهيءَ وڏي انداز خزاني جو جيڪڏهن اڌ
به ڏنو ويو هجي، تڏهن به معلوم ٿي ويندو، ته
ڪهڙيءَ طرح ڪلهوڙن جو گڏ ڪيل خزانو خرچ ٿي ويو
هوندو. انهيءَ کان پوءِ ڪوبه خرچ سنڌ جي خزاني
تي تاوان طور ڪونه پيو. فقط ٻن موقعن تي
انهيءَ مان ڪجهه ڪڍيو ويو هو. هڪ ته 1804ع ۾
شاهه شجاع سترهن لکن جي ڦر ڪئي هئي، ۽ ٻيو
دفعو 1809ع ۾ساڳئي بادشاهه وري به ميرن کي
ڦريو هو، پر چئي نٿو سگهجي ته منجهانئن ڪيترو
ڪڍيائين. ٻئي طرف وري هيءُ حال هو جو اسان جي
حملي کان سال اڳ، سنڌ جي اپت پنجاهه لک مس
ٿيندي هئي. انهيءَ مان به ويهه لک اُتر سنڌ جا
مير اڳاڙيندا هئا ۽ ست لک ميرپور وارو رئيس
شير محمد خان کڻندو هو. باقي ٽيهن لکن کي
حيدرآباد جي پنجن ميرن ۾ ورهائيندو هو. انهيءَ
مان ظاهر آهي ته هرهڪ مير کي جيڪو حصو ملندو
هو، اهو هڪ ٻئي درجي جي انگريز نواب جيترو به
ڪو نه هوندو هو ۽ سڀني جي گڏيل اُپت اسان جي
هڪ گڙنگ رئيس جهڙوڪ: ڊيوڪ آف سندرلينڊ ۽ بڪلوف
يا لارڊ ويسٽ منسٽر جي آمدني جيتري به ڪانه
هوندي هئي. انهيءَ رقم مان هزارين خدمتگارن کي
ڏنو ويندو هو، شاهاڻو ٺٺ به برقرار رکيو ويندو
هو ۽ ماڻهن جي ڀلي جي ڪم تي به خرچ ڪيو ويندو
هو. وري منجهن هيءَ ڳالهه به هئي جو ڍل جو 3/2
حصو جنس ۾ ورتو ويندو هو. جڏهن اهي گڏ ڪيل
خزانا ورهايا ٿي
ويا، تڏهن خبر پئي ته آخر انهن ۾ هو ڇا ڇا؟
ازانسواءِ ٽالپرن ۾ ڪي خرچائو رئيس به هئا،
جهڙوڪ مير ڪرم علي خان، جو پنهنجي شان ۽ شوڪت
جي ڪري مشهور هو. مير نصير خان ڪنهن وقت ۾
اهڙو ته هٿ ڦاڙ خرچائو هو، جو ڪيترو وقت
پنهنجي ڀاءُ مير نور محمد خان جي مدد تي پيو
تڳندو هو. اهوئي سبب هو جو هن اسان واريءَ
ملاقات جي وقت شهداد خان جو پاسو کنيو هو، نه
ته ٻنهي چاچي ۽ ڀائٽيي جي طبيعتن ۾ وڏو فرق
هو، ڇاڪاڻ ته چاچو ڀائٽيي وانگر لوڀي ۽ لالچي
ڪونه هو، نور محمد خان کي ڪا ملڪيت هئي ۽ نه
وري صوبدار خان وٽ ڪو خزانو هو.
ميرن جيڪو اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو هو، تنهن جو
اسان تي تـِـر جيترو به اثر نه ٿيو، نه وري
سندن درٻارين جي اُٿ ويهه اسان کي وڻي. قلعي
تائين پهچڻ ۾ اسان کي هڪ ڊگهيءَ سوڙهيءَ ۽
گنديءَ گهٽيءَ مان گذرڻو پيو، جتـي تماشائين
جا حشام بيٺا هئا، پر جن اسان جو وڌيڪ ڌيان
ڇڪايو اهي هئا ڪارا شيدي، جي تمام گهڻي انداز
۾ ٿي ڏٺا. درٻار يا حاضريءَ واري جاءِ ننڍي
هئي ۽ ان ۾ شان يا دٻدٻي جي ٿوري به نشاني نظر
نٿي آئي. ميرن جي سهڻي مـَـت ۽ سادين عادتن
کين اجائي ڏيک کان پري رکيو ٿي، پر ان هوندي
به سندن رهائش جي ڪمرن جي انهيءَ خسيس دالان
سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، جتي هو اسان جي
ريزيڊنٽن سان اچي ملندا هئا. هڪ دفعي مير نصير
خان هڪ انگريز پارٽيءَ کي پنهنجي خانگي جاءِ
ڏيکاري، جنهن ۾ ڪيترائي سٺا ڪمرا هئا. انهن
مان هڪڙي ڪمري جون اُڀيون ۽ اوچيون ديوارون
هيون ۽ اهوئي صحيح معنيٰ ۾ ملاقات جو ڪمرو هئڻ
کپندو هو، انهيءَ ڪمري ۾ تمام سهڻا ايراني
غاليچا وڇايل هئا ۽ ڀـِـتين تي ايران جي شاهه
جون تصويرون ٽنگيل هيون. انهيءَ خاص موقعي تي
به ڏاڍي غلط نموني جي سادگي ڏيکاري ويئي هئي.
ڪمري جي ڪنڊ ۾ دريءَ وٽ هڪ صوفو پيل هو پر
دريءَ جي حالت اها هئي جو مٿس هڪ سادو تختو
طاق وانگر ڪري لڳايو ويو هو. انهيءَ آڌرڀاءُ
وقت ڪا خاص رسم وغيره ڪانه ٿي ڏٺي. ماڻهو پئي
آيا ۽ ويا. ڪي ماٺ ته ڪن وري پنهنجي مرضيءَ
موجب پئي ڳالهايو. هاڻي اچو ته ڪن ميرن جي
عادتن ۽ اُٿ ويهه تي تبصرو ڪريون. مير نصير
خان جوئي مثال وٺو. ٻين کي هڪدم پنهنجي طرف
مائل ڪري وجهندو هو. جيتوڻيڪ هو بدن جو ٿلهو
مڙس هو پر سندس شڪل سهڻي هئي ۽ ڳالهائڻ جو
طريقو صاف ۽ وڻندڙ هو. هن جي اُٿ ويهه مون کي
انگريزن جي هڪ تمام وڏي ۽ سٺين خصلتن واري
رئيس جي ياد ڏياري ڇڏي. هو ٻروچن کي سندس وڏي
مرحوم نور محمد خان کان به وڌيڪ وڻندڙ هو،
جنهن کي مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو پر انهيءَ لاءِ
ٻڌو هوم ته پئسن تي ڏاڍو چاهه هوس ۽ سندس
ظاهري شبيهه به نصير خان جي بلڪل ابتڙ هئي.
ڇاڪاڻ ته هن جو منهن سڪل ۽ ڀريل هو، ۽ سندس
اکيون صفا اڇيون هيون، جن کي هو هرهر پيو
ڇنڀيندو هو. لوئيس آنز ٻئي جي اکين وانگر هن
جون اکيون به شڪ ۽ بي اعتماديءَ سان ڀريل
هيون. سندس پٽ شهداد خان نس پس پيءُ جهڙو هو ۽
پاڻ وڌيڪ چالاڪ، عياش ۽ نشئي قسم جو جوان ٿي
لڳو، جنهن جي عمر 25 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هنن
ٻن کان سواءِ سڄي مير خاندان جا ماڻهو يورپين
کان به وڌيڪ سهڻا ٿي لڳا. جيڪڏهن ائين اتفاقي
جائزو ورتو وڃي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته مير صوبدار،
جو پنهجي خاندان جي تباهه حاليءَ ۾ مياڻيءَ
کان پوءِ شامل ٿيو هو، ڏسڻ ۾ صاف گو ۽ سياڻو
ماڻهو ٿي ڏٺو. سندس عادتون سٺيون هيون ۽ سندس
ڳالهائڻ جو طريقو فهميدو هو. ڪلهوڙن کان پوءِ
جن ميرن حڪومت ڪئي، انهن ۾ وڏي ۾ وڏي ميرن جي
پٽ جو ڪي سال حق غضب ڪيو ويٺو هو. هو 1828ع ۾
تختگاهه مان ڀڄي ويو ۽ ٻروچن جا ڪي جٿا به وڃي
ساڻس شامل ٿيا. آخر هو پندرهن هزارن ماڻهن جي
هڪ فوج تيار ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ميرن
تي زور آندائين ته سندس پيءُ جي حصي جو ملڪ
کيس ڏياريو وڃي. انهيءَ تڪرار ۽ پڻ ٻين ڳالهين
جي ڪري هو خاندان جي ٻين ماڻهن کان پري
گذاريندو هو. جڏهن لارڊ ڪين هتي آيو هو، تڏهن
ٻيا مير لاشڪ مٿس حملو ڪن ها، مير صوبدار خان
ائين ڪرڻ ۾ بلڪل نابري واري. پوءِ خبر نه آهي
ته ڪهڙي خيال کان انگريزن ڏانهن سندس دوستيءَ
جي لاڙي کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. اهو هڪ
اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ئي نٿو ڏيئي
سگهجي. ٻڌڻ ۾ ٿي آيو ته سندس فوجون مياڻيءَ جي
ميدان ۾ وڙهيون هيون، پر ڪنهن به انهيءَ جي
تصديق نه ڪئي، ته آيا اهي اتي هيون به يا نه،
۽ جي هيون ته سڄيون ساريون فوجون هيون يا ڪو
جٿو هو ۽ پڻ ڪيتريقدر انهيءَ جٿي کي صوبدار
خان وڙهڻ کان روڪيو هو.
ڪي ماڻهو ميرن کي اڻڄاڻ وحشي ڪري سمجهندا آهن،
پر ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو رايو غلط آهي ۽ مير
تمام وڌيڪ سمجهو هئا. هڪڙي ڀيري اسان جي
ريزيڊنٽ ۽ مير نورمحمد خان جي ملاقات وقت،
ريزيڊنٽ صاحب اسان جي حڪومت جي ديانتداريءَ ۽
ٻين جي معاملن ۾ دست اندازيءَ ڪرڻ کان پري رهڻ
جو ذڪر ڪري رهيو هو. مير نور محمد خان بنان
ڪنهن دلچسپيءَ ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ جي خلاف
ٻڌندي، ڳالهه بدلائي ڇڏي ۽ چيائين ته ”اوهان
يورپي بهادر شاهه جي دؤر ۾ آيا هئو؟“ ريزيڊنٽ
جواب ڏنو ته، ”نه، اسان جو پهريون انگريزي
ڪارخانو جهانگير جي ڏينهن ۾ سورت ۾ پيو هو.“
پر مير نور محمد خان انهيءَ تي ڪو به تبصرو نه
ڪيو. جڏهن منشيءَ کان پڇيو ويو تڏهن هن ٻڌايو
ته ميرن وٽ گجرات جي تاريخ جو هڪ قلمي نسخو
پيل آهي، جنهن ۾ اڪبر جو گجرات هٿ ڪرڻ کان اڳ
جو احوال ملي ٿو. انهيءَ نسخي ۾ اتفاق سان
بهادر شاهه جي دغابازيءَ سان ٿيل خون جو به
ذڪر ملي ٿو، جو پورچوگيزن ڪرايو هو. نور محمد
خان جو مطلب هو ته اها ڳالهه ريزيڊنٽ کي اشاري
۾معلوم ٿي وڃي ته سڀ يورپي اوڀر جي ملڪن سان
ٿيندڙ ڏي وٺ جي معاملي ۾، ڪهڙي نه ديانتداري
رکن ٿا، جن جي ريزيڊنٽ اجائي لٻاڙ هڻي ڪري
رهيو هو.
حيدرآباد جا مير، اسان جي سنڌ ۾ اچڻ وقت،
سمجهي ويا هئا ته سندن خاندان جي تباهي يقيني
هئي. اها هڪ بيسود منافقي چئبي، جو اسين هاڻي
اهو بهانو ڏيون ته اسان جو سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جو
خاص مطلب سندن ڀلائي هئي. انهيءَ تي انهن ڏاڍو
اعتراض ڪيو ته، ”اسان کي نه ته اوهان جا
عهدناما ٿا کپن ۽ نه دوستي ئي کپي، اسان کي
فقط هڪ ايلچي موڪلڻ جو شرف ڏيو ۽ اهو به جي
چڱي سمجهو، ته ڊاڪٽر ڏياري موڪليو.“ پر سندن
ڪنهن ٻـُـڌي ئي ڪانه. سندن ڌڪار ۽ ناراضگيءَ
هوندي به اسان پڪو ارادو ڪيو هو، ته کين ڪنهن
به حالت ۾ دوست بنائجي. سنڌوءَ تي جهاز رانيءَ
مان تمام گهڻي اپت جي اميد هئي ۽ دلچسپي رکندڙ
ماڻهن جو چوڻ هو ته ان جي زمين به ڀلي آهي.
انهن اهو به ٻڌايو هو ته، ”سنڌ هڪ تمام سهڻو
ملڪ آهي پر آهي ٻروچن جي ور چڙهيل. حيدرآباد
جي ڀرسان زمين نير، تماڪ ۽ ڪمند لاءِ بهترين
آهي. ڪراچيءَ وٽ موتي لڀن ٿا، ۽ مڇي مارڻ ۾ به
جيڪر ڏاڍي اُپت ٿئي، پر ميرن جي بي توجهيءَ جي
ڪري ڪنهن به ڪم ۾ واڌارو نٿو ٿئي. ملڪ جي سڄي
ملڪيت ميرن ۽ سندن ٿورن خوشامدين جي هٿ ۾ آهي
۽ ٻئي ڪنهن به طبقي جا ماڻهو شاهوڪاريءَ جي
ڪابه نشاني ظاهر نٿا ڪري سگهن. ٻروچ، فوج جي
اچ وڃ کي ڌڪار جي نظر سان ڏسن ٿا، ۽ واپارين
جي جائز مال کي مال غنيمت سمجهي ڦـُـرين ٿا.
هندو، جن جي وسيلي سڄي ملڪ جو واپار هلي ٿو، ۽
ڏي وٺ ٿئي ٿي، تن کي ڌڪاريو وڃي ٿو، ۽ سندن
بيعزتي ڪئي وڃي ٿي. ميرن جو ساڻن ورتاءُ به بي
انصافيءَ ۽ زيادتيءَ تي مبني آهي. موجوده
حڪومت ۾ نه ته ڪو سٺين شين جو واپار هلي سگهي
ٿو، نه ته وري ڪا واپارين لاءِ سلامتي آهي.“
اهو هو اُهو غريب ميرن جي خلاف گـِـلا جو
ٺـِـڪر، جو لوڀ سان ڀريل حملي آور جي ڪنن تي
ڀڳو ويو. پر فرض ڪريو ته اهي سڀ ڳالهيون سچيون
به هجن، ته به اسان لاءِ اهو واجب ڪونه هو ته
ميرن کان سندس ملڪ کسي وٺون- جيسين اسين اهو
ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان جو اصول ئي اهو آهي
ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪوٽ ۾ ٿيل ٽـُـنگ
کي رَفو نٿو ڪري سگهي، ته کانئس اهو ڪوٽ ڦري
پاڻ ڦٻائي وڃون!
ڏي وٺ جي معاملي ۾ مير اسان جي ريزيڊنٽ ۽ سندس
اسسٽنٽ سان لحاظ ۽ مروت سان پيش ايندا هئا. نه
فقط ايترو پرڪنهن ڪنهن وقت هو فراخدليءَ ۽
مردانگيءَ جا ڪم به ڪندا هئا. هڪ دفعي مير
نصير خان ايجنسي ۾ هلي آيو ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي
هڪ ڪمري ۾ گهڙيو، جتي هڪ عورت ويٺل هئي. مير
ان کي ڏسي وڏيءَ نيازمنديءَ سان ٻاهر نڪتو ۽
گهوڙي تي چڙهي واپس حيدرآباد هليو ويو. ٿورڙي
ئي وقت اندر قاصد اچي پهتا ۽ خط کڻي آيا، جن ۾
بنا ڪنهن ارادي ڪيل ناشانائتي روش لاءِ
معافيءَ جي التجا ٿيل هئي. انهيءَ خط سان گڏ
هڪ سؤ سونين مهرن (هڪ سؤ پنجاهه پائونڊ) جي
سوغات به موڪلي ويئي. مير صاحب کي هڪ عورت جي
ڪمري ۾ سندس مڙس جي غير حاضريءَ ۾ وڃڻ ڪري سخت
صدمو پهتو هو. اهو ساڳيو مير هو، جو مياڻيءَ
جي موتمار جنگ کان اڳ انگريزن سان ڦٽائڻ جي
خلاف هو. ٻروچن کيس گهڻوئي چيو پر هـُـن هڪ به
نه مڃي. آخر کيس زنانو وڳو ڏياري موڪليائون.
هيءَ چـَـٿر هڪ مڙس لاءِ ڪافي هئي. ”هو سمجهن
ٿا ته آءٌ ڊپ جي ڪري جهنڊو نٿو جهليان، پر هو
غلطيءَ تي آهن“ ائين چئي هو محلات مان نڪتو ۽
تلوار مياڻ مان ڪڍي وڃي فوجن سان شامل ٿيو.
ٽالپرن سنڌ تلوار جي زور تي ورتي هئي ۽ جيئن
ته سندن طاقت جو ٻروچ سپاهين جي قـُـوت تي
دارو مدار هو، انڪري اهو ضروري هو ته سندن
خاطرداري ڪئي وڃي ۽ کين وڏيون رعايتون ڏنيون
وڃن. وڏن قبيلن جا سردار گهڻو ڪري آزاد هوندا
هئا. شهداد خان اسان جي هڪ آفيسر کي ٻڌايو ته
جان خان نالي هڪ ٻروچ رئيس، کيس زهر ڏيڻ جي ٻه
دفعا ڪوشش ڪئي هئي پر ڇاڪاڻ ته هو هڪ طاقتور
قبيلي جو سردار هو، انڪري هو کيس ڪا سزا ڏيئي
نٿي سگهيو. پر اهڙيون حرڪتون ڪي ورلي ٿيون
هونديون، ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جي سٺ ساله دؤر ۾
ڪوبه اهڙو مثال ڪونه آهي ته انهن مان ڪو به
ماريو ويو هجي. هاڻي انهن جي تاريخ کي لاهور
جي فقط هڪڙي سال جي اتهاس سان ڀيٽيو، ڏسو ته
اتي ڪيڏي نه خونريزي ٿي آهي. پنجاب ۾ خالصا
حڪومت جي هڪڙي سال ۾ ايترا ڏوهه ٿيا هئا،
جيترا سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي سڄي دؤر ۾ به
ڪونه ٿيا هوندا. يورپ ۾ بادشاهن کي تمام
سولائيءَ سان تخت تان لاٿو ويندو آهي ۽ سندن
درباري يا فوجون، ڏانهن تمام ٿورو دلي رجحان
ڏيکاريندا آهن. پر ميرن وٽ ائين ڪونه هو،
ڇاڪاڻ ته تڪليف جي وقت اهي سڀئي ساڻن شامل
هئا. فقط اسماعيل شاهه ۽ سندس ڪٽنب ساڻن
بيوفائي ڪئي ۽ اهو به انهيءَ ڪري جو اسماعيل
شاهه ڌاريو ماڻهو هو، ايراني هو ۽ نادر شاهه
جي زماني ۾ اچي سنڌ ۾ رهيو هو. ڪن ماڻهن جو
چوڻ آهي ته ماڻهن جو ميرن سان اهو ويجهو
لاڳاپو خودغرضيءَ ۽ مطلب جي ڪري هو، ڇاڪاڻ ته
کين خوف هو ته انگريزن جي اچڻ ڪري کانئن اٿاهه
زمينون کسيون وينديون، انڪري ٻروچ، جي سنڌ جي
آباديءَ جو ٽيون حصو هئا، ميرن سان شامل رهيا.
اهو به سچ آهي ته ميرن کي ٻروچن لاءِ ڏاڍي عزت
هئي ۽ اهي سندن حڪومت مان ڏاڍو خوش هئا.پر
سنڌين لاءِ ڇا آهي چوڻو! جوکيا، جت، ڪرمتي، ۽
ٻيا، انهن مان ڪهڙا کانئن ناراض هئا؟ ڇا انهن
مان ڪنهن به حملي ڪندڙن سان ساٿ ڏيڻ جو لاڙو
ڏيکاريو هو؟ بلڪل ڪنهن به نه! ته پوءِ اسان کي
انهن خبرن کي سچ سمجهڻ کان اڳ غور ڪرڻ کپندو
هو، جي ميرن جي ظلم ۽ بي بندوبستيءَ بابت اسان
کي هروڀرو ٻڌايون وينديون هيون. هندن جو مثال
وٺو. اهي ته گهٽ ۾ گهٽ ستايل هئا.کانئن سندن
پئسا ڦريا ويا هئا، کين ڌڪاريو ٿي ويو ۽ پڻ
کين ديس نيڪالي ڏني ويئي هئي. پر سچ پچ ائين
هو ته پوءِ هو ميرن جي بادشاهيءَ ۾ ڪڇ، گجرات
۽ راجپوتانا وغيره ڏانهن لڏي ڇو ڪونه ٿي ويا!
۽ پوءِ ائين ڇو هو جو جڏهن اسين شڪارپور ۽
حيدرآباد پهتا هئاسين، تڏهن اتي اسان هندن کي
نه فقط شاهوڪار پر ان سان گڏ گهڻي انداز ۾
ڏٺو. اهڙيءَ طرح جهڙو اهي اسان جي حڪومت جي
ڪيترن ئي سکين شهرن ۾ موجود هئا. اهو هڪ ويچار
جوڳو معاملو آهي، جو آءٌ انگلينڊ جي پبلڪ
اڳيان فيصلي لاءِ رکان ٿو.
هڪ طرف ديس جا ماڻهو آهن، جن جي پنجاهه سالن
جي تاريخ، گهرو جهڳڙن کان پاڪ آهي ۽ ٻن کان
سواءِ ٻين سڀني انگريز پوليٽيڪل آفيسرن ان
حقيقت جي تصديق به ڪئي آهي. اهي ٻه پوليٽيڪل
آفيسر به ڏيهي ٻوليءَ کان اڻ واقف هئا، انڪري
هنن ڪنهن هڪ به ڏيهيءَ ماڻهوءَ سان سڌيءَ
طرح ڪونه ڳالهايو هو. جڏهن به کين ڳالهائڻو
هوندو هو. تڏهن چالاڪ ۽ بي ايمان منشين جي
معرفت ڳالهائيندا هئا. اهوئي سبب هو جو اهي
ميرن جا مخالف ٿي پيا. ٻئي طرف وري متفرقه
ملٽري جا ماڻهو هئا، جن کي صلح ۽ شانتيءَ جو
ذرو به خيال ڪونه هو. پر ڪير ٿو ڏسي شاهدين
کي. جيڪو ڏاڍو سو گابو! ڇا انگلينڊ انهن لاءِ
ڪو حق جو ڪلمو چيو آهي، جي هاڻي وڏيءَ نوڙت
سان کيس فرياد ڪري رهيا آهن. انتقام وٺڻ جي به
ڪا حد ٿيندي آهي! اهي ويچارا پنهنجي ملڪ ۾
سکيا، خوش ۽ آرام جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا،
پر انگلينڊ مٿن زبردستيءَ پنهنجي دوستي ۽
پنهنجا عهدناما مڙهيا. ڇا اها بد باطني نه آهي
ته ٻيو ڇا آهي؟
23- تاريخ مون دريائي جهاز جي معرفت حيدرآباد
ڇڏي ۽ پنجن ڪلاڪن ۾ هڪ وڏي درياهه جي رستي ٺٽي
پهتس. اسان جي چال ڪا هيڻي ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته
وهڪرو اسان کي وچ سير ۾ ست ميل في ڪلاڪ جي
رفتار سان کڻي ٿي ويو ۽ اسان جي پنهنجي رفتار
به اٺ- نو ميل في ڪلاڪ هئي. هڪ هنڌ اسان جو
آگبوٽ وارياسي ڪناري تي وڃي لڳو، پر خوش
قسمتيءَ سان اتي وهڪرو تکو ڪونه هو، انڪري بچي
وياسين. ان هوندي به ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته
ڄاڻ ٿو آگبوٽ واريءَ ۾ دٻجي وڃي. مون کي اچي
ڊپ لڳو ته ايندڙ زماني ۾ جڏهن درياهه پنهنجو
وهڪرو ڦيرائي ويندو، تڏهن ڌرتيءَ جي مٿاڇري
کان ويهه فوٽ هيٺ ماڻهو اچي آگبوٽ جو ڍانچو
ڳولي ڪڍندا، جنهن ۾ اسان جا رڳا هڏاوان پڃرا
رهندا. آخر هن هيٺ وڃڻ بند ڪيو، پر ان هوندي
به انهيءَ کي اتان ڪڍڻ ۾ ويهه منٽ لڳي ويا.
جڏهن جهرڪ ڳوٺ جي ويجهو پهتاسين، تڏهن اتي
اهڙو ته گهاٽو جهنگ ٿي ڏٺو، جنهن مان نڪرڻ
ڏاڍو مشڪل هو. هن جاءِ تي ريجمنٽ جو هڪ آفيسر
سڙي مئو هو. ڪن جو خيال هو ته اهو واقعو ڪنهن
خراب نيت جي ڪري ٿيو هو، پر ائين ڪونه هو. اهو
هڪ اتفاقي حادثو هو، جو هندستان ۾ گهڻو ڪري
ٿيندو رهندو آهي. مون وارو هڪ دوست اهڙي هڪ
حادثي جي وقت موجود هو، جنهن ۾ هڪ تڙ وارو سڙي
خاڪ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته ڦاڙهن جي شڪار ڪرڻ
خاطر انهن کي جهنگ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ وڏي
ايراضيءَ کي باهه ڏني ويئي. باهه وڄ جهڙي
تيزيءَ سان پکڙجي ويئي. ويجهڙائيءَ ۾ بيٺل اهو
ماڻهو هڪدم ڊوڙي وڃي وڻ تي چڙهيو. باهه چوڌاري
وڪوڙي ويئي هئي، ۽ دونهون منجهس ايترو اچي ٿيو
جو اهو انڌو ٿي پيو ۽ پاڻ جهلي نه سگهيو ۽
ڪـِـري پيو. اهڙيءَ طرح اهو بدقسمت سڙي مري
ويو. ٺٽي وٽ آءٌ لهي پيس ۽ خشڪيءَ رستي ڪراچي
وڃڻ جي تياري ڪيم. مون سان ٻه آفيسر به گڏ
هئا، جي بيماريءَ جي موڪل تي بمبئيءَ وڃي رهيا
هئا. انهن مان هڪڙو ته ايڏو بيمار هو، جو مون
ڀانئيو ته رستي تي ئي گذاري ويندو. سندس قد
ڇهه فوٽ ۽ چار انچ هو. چڱڀلائيءَ وقت ڇڏيو پر
هن وقت جڏهن گهڻو لهي ويو هو ۽ ڏٻرو هو، تڏهن
به مون کان کڄي نه سگهيو.کيس ڪڇي جي علائقي ۾
ڪوٽڙو تي رکيو ويو هو ۽ هن جيڪي اتي جي
بيماريءَ جو احوال ڏنو، سو ڏاڍو خوفائتو هو.
سندس چوڻ هو ته فوجي جٿي ۾ سپاهين جو تعداد
400 هو ۽ مٿن 11 آفيسر مقرر ڪيل هئا. انهن ۾تپ
ڪاهي پيو ۽ گرمي پاڻ وڌيڪ، جنهن مصيبت کي
وڌايو. گرميءَ جو هيءُ حال هو، جو ٿرماميٽر
تنبوءَ ۾ اندر 130 ڊگرين تائين پهچي ٿي ويو.
نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو ٿوري وقت ۾ 5 آفيسر،
جن جي عمر 25 سالن جي اندر هئي ۽ سپاهين جو اڌ
تعداد مري ويو. اتي جيڪو ڊاڪٽر رکيو ويو هو،
سو ايترا موت ڏسي ڊڄي ويو ۽ دماغي توازن وڃائي
ويٺو. مون وارو دوست، جو غير معمولي قد ۽ بت
وارو هو، تنهن کي تپ اهڙو ته ڀيڙيو، جو کيس
بچائڻ لاءِ پالڪيءَ تي چاڙهي سکر موڪليو ويو.
ٻارهن بئررن مان ٽي بئرر به رستي تي مري ويا.
ڪراچي تائين اسان جو پنڌ هيٺين منزل وٽان ٿيو.
گجو چوڏهن ميل، گهارو چوڏهن ميل، پپري ٻارهن
ميل ۽ جمعدار جي لانڍي تيرهن ميل. ٽئين ڏينهن
جي پنڌ ۾، اسان هڪ تباهه ٿيل شهر ڀنڀور جي
کنڊرن وٽان لنگهياسين. انهيءَ کان ڇهه ميل
اڳڀرو ڪيترائي قبا ۽ ڇڙوڇڙ ڳوٺ ڏٺاسين، جنهن
مان ثابت ٿي ٿيو ته ڊيلٽا جو اهو حصو ڪو وقت
اڳ ڏاڍو آباد ۽ ڳتيل هو پر هاڻي معاملو انهيءَ
جي ابتڙ آهي. جيئن اسين ڪراچيءَ ۾ گهڙياسين،
تيئن ڪيترائي ياتري اسان کي هنگلاج کان ايندي
مليا. هنگلاج هندو ياترين جي گڏ ٿيڻ جي هڪ
مشهور جاءِ آهي. هتي درگا، جيڪا تباهيءَ جي
ديوي آهي، ان جي پوڄا ٿيندي آهي ۽ اهو ماڳ
هندستان ۾ بت پرستيءَ جي اولهه ۾ آخرين حد
آهي. منهنجي سنڌ ڇڏڻ کان اڳ هڪ بهادر آفيسر
ڪئپٽن هارٽ، اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽
انهيءَ سفر جو هن تمام دلچسپ احوال ايشياٽڪ
سوسائٽي جرنل ۾ ڏنو آهي. مرحوم سر وليم به ويس
بدلائي انهيءَ رستي اوڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي، پر ٻين يا ٽين منزل تي ماڻهن کي خبر پئجي
ويئي ته هو يورپي آهي. هو هڪ آزمودگار سياح
هو، جنهن آفريقا جي موسيلائيڪش ۽ ٻين وحشين جا
ملڪ گهميا هئا. پر هتي مڪرانين جي ڏانهس
دشمنيءَ جا هن اهڙا ته اهڃاڻ ڏٺا، جو کيس تيزي
سان واپس ڀڄي جند ڇڏائڻي پيئي. سر هينري
پاٽنجر انهن خطن مان 1809ع ۾هڪ ايراني گهوڙي
وڪڻندڙ واپاريءَ جي ويس ۾ سفر ڪيو هو. پر اهو
بهادريءَ جو غير معمولي دورو هو. جيتوڻيڪ اهو
بهادريءَ، قوت مدافعت ۽ هوشياريءَ سان سرانجام
ڏنو ويو هو، پر خبر نٿي پئجي سگهي ته اهو ڪهڙن
سببن جي ڪري هڪدم ختم ڪيو ويو.
ڪراچي پهچڻ کان پوءِ مون پهرين جـُـلهه مگر
تلاءَ(1)
ڏسڻ تي ڪئي، جنهن کي واڳن جي ڍنڍ ڪري سڏجي ٿو.
اها عجب جهڙي جاءِ ڪراچيءَ کان اٺ ميل پري آهي
۽ اهڙن ماڻهن لاءِ جن کي بيڊولين شين يا
راڪاسن ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي، هڪ دلچسپ جاءِ
آهي. وارياسو ۽ اُجڙ رستو، جنهن تي ڪٿي ڪٿي
گهاٽو جهنگ به آهي، آڻيو ماڻهوءَ کي گدامڙيءَ
جي وڻن جي جهڳٽي وٽ ڇڏي، جنهن جي وچ ۾ انهن
راڪاسن جي هيبتناڪ رهائشگاهه آهي. هڪ نئين
ماڻهوءَ کي مشڪل سان خبر پئجي سگهندي ته
انهيءَ ساوڪ جي هيٺان ننڍڙي کڏ ۾ اهڙا خوفائتا
رهاڪو لڪل آهن. ”هيءَ آهي اها کڏ!“ مون ڌڪار
وچان رستي جي سونهي کي هڪل ڪري چيو، ”پر ڪٿي
آهن
واڳون منجهس!“ ان وقت آءٌ اوچي ڳاٽ وڏي
مغروريءَ ۾ پسار ڪري رهيو هوس ۽ سڄي قصي کي
ڄڻڪ مسخري پئي سمجهيم ته اوچتو منهنجي پيرن
۾ هڪ گـُـهٽيل چيخ يا گوڙ جو آواز ٿيو، جنهن
۾ مون کي فضيلت سان نه پر جانورن وانگر هوا
۾ غير معمولي ٽپ ڏيڻو پيو. مڄاڻ جو منهنجو
پير هڪ ننڍڙي واڳونءَ جي مٿان اچي ويو هو،
جيڪو هو ته ٽي فوٽ قد ۾ پر ان هوندي به سندس
چڪ منهنجي سڄي خوشي زهر ڪري وجهي ها. ايتري
۾ انهيءَ جاءِ جو مشهور ماڻهو يعني مجاور
فقير هڪ جادوگر جي شڪـل ۾ اچي پهـتـو، ۽
مـون کان جـوڙو رپيــن جو وٺـي، پنهنجي
جادوءَ جي ڏنڊي کڻي اُڀي ڪيائين ۽ مئل کي
سڏڻ لڳو. ’آءُ آءُ‘ يعني ته ’اچ اچ‘ جـي هـن
ٻـه - ٽـي دفـعـا زور سـان رڙ ڪـئـي. جـنهن
تي انهيءَ تلاء جو پاڻي انهن راڪاسن سان
جيئرو ٿي ويو. انهن ۾ نــَـو واڳون تمام وڏا
هئا ۽ انهن جو قد پندرنهن فوٽ هو، سي ڪناري
تائين وڌي آيا. اهو نظارو ڏسي مون کي
پراڻيون ڏند ڪٿائون ياد اچي وييون. وڻن جي
جهڳٽي ۾ تلاءَ ۽ ان ۾ واڳون! تنهن کان پوءِ
ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ جهوپڙي ۽ ان ۾ ڌاڙيل جهڙي
ڏيکائي ڏيندڙ هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو ٻروچ فقير! سچ
ته هڪ عجيب منظر هو. ان سان عجب جهڙي ڳالهه
هيءَ هئي جو انهيءَ مداريءَ جو پنهنجي شينهن
تي پورو پورو ضابطو هو. لـَـٺ جي اشاري سان
هو بيهي رهيا (اهي پهتا به هڪ اڻوڻندڙ جاءِ
تائين هئا) ۽ جڏهن هن چيو ته، ’بيهو‘ تڏهن
اهي سندس حڪم جي تعميل ۾ پنهنجي کليل ۽
جهٽيندڙ ڄاڙين سان پيٽ ڀر ويهي رهيا. گوشت
جا وڏا ٽڪر ڏانهن اڇلايا ويا، جنهن تي اهي
هڪٻئي کي اُٿلائڻ پٿلائڻ جي ڪشمڪش ۽ جهيڙي ۾
لڳي ويا ۽ گوشت جي ٽڪرن کي ذريون ذريون ڪري
ڇڏيائون. ننڍن واڳن جي وڏن لاءِ ادب ڏيکارڻ
مون کي ڏاڍو مزو ڏنو. انهن مان هڪ وڏي
واڳونءَ، جنهن جو قد ڏهه فوٽ کن هو، ٻئي پاڻ
کان به وڏي واڳونءَ کي پٺيان ايندي ڏٺو،
تڏهن انهيءَ ڊپ وچان ته متان اهو وڏو واڳون
کائي نه وجهي، پاسو ڏيئي پري ڀڄي ويو. انهن
واڳن واري تلاءَ کان ٿوري پنڌ تي (اڌ ميل کن
جي فاصلي تي) هڪ ٻيو تلاءَ ڏيکاريو ويو،
جنهن ۾ پاڻي ايڏو ته گرم هو، جو ماڻهو منجهس
مس گهڙي سگهي. پر ان هوندي به مون انهيءَ ۾
ننڍڙا واڳون ڏٺا. فقير مون کي ٻڌايو ته اهي
جانور نديءَ ۾ گهڻا آهن، جا اتان پندرهن يا
ويهن ميلن جي پنڌ تي هئي. انهيءَ تلاءَ جو
بادشاهه هڪ واڳون هو، جنهن تي فقير ’مور
صاحب‘ جو نالو رکيو هو. اهو ڪڏهن به سڏ تي
ڪونه ايندو هو. جيئن ئي آءٌ انهيءَ تلاءَ جي
چوڌاري ڦري رهيو هئس، تيئن مون کي اها به
جاءِ ڏيکاري ويئي جتي اهو پيو هو. سندس مٿو
پاڻيءَ کان ٻاهر هو ۽ اهڙيءَ طرح بيجان پيو
هو، جهڙو ڪاٺ جو بنڊ. سچ ته مون کي جيڪڏهن
سندس چمڪندڙ خونخوار اکيون ڏسڻ ۾ نه اچن ها،
ته آءٌ انهيءَ کي ڪاٺ جو بنڊ ئي سمجهان ها.
آبهوا جي خيال کان ڪراچي سنڌ ۾ هڪ تمام سٺي
جاءِ آهي ۽ انهيءَ کي بمبئيءَ پاسي جي ٻيءَ
ڪنهن به جاءِ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. پر ان
هوندي به ڪالرا منجهس ڪلور ڪري ڇڏيا هئا.
اسان واري سڄي يورپي ريجمينٽ تباهه ٿي ويئي
هئي. حقيقت هيئن آهي جو انهيءَ بيماريءَ جي
پهرين نشانين جو ڪوبه خيال نٿي ڪيو ويو ۽
ٻيو ته افسوس هن ڳالهه جو هو جو فوجي جـَـٿن
۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جن جي صحت گهڻي
پيئڻ جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي، انڪري انهن
کي اها بيماري جلد کنيو ٿي ويئي. هندستان ۾
يورپي سولجر ايڏو ته شراب ٿا پيئن، جنهن جو
ذڪر ئي نٿو ڪري سگهجي. جن ماڻهن کي خدا وڏن
عهدن تي سرفراز ڪيو آهي، انهن کي گهرجي ته
انهيءَ مسئلي تي غور ڪن ۽ اسان جي معزز فوج
جي اخلاق ۾ سڌارو آڻين. اهو سڌارو تڏهن
منجهن اچي سگهي ٿو، جڏهن سندن رهائش لاءِ
سٺا هنڌ چونڊيا وڃن، تفريح جون جايون ٺاهجن،
لئبرريون ۽ اسڪول قائم ڪجن، جن ۾ جسماني
ورزش ۽ نيزي بازيءَ جو سامان، پڻ وهنجڻ جون
جايون مهيا ڪري ڏجن ته جيئن اهي واندا ٿي نه
ويهن. (اهي جايون خود فوجي ئي سياري جي موسم
۾ ٺاهي سگهن ٿا). لائق ماڻهن لاءِ ريجمينٽ
۾ ٽن يا چئن ڪميشنن کولڻ سان اسين انهيءَ
خرابيءَ جي پاڙ پٽي سگهون ٿا. اهو ماڻهو
ڪهڙيءَ طرح مذهبي خيال رکي سگهي ٿو (جي مذهب
تي نٿو هلي ته پوءِ سٺو شهري نٿو ٿي سگهي)
جڏهن کيس شادي ڪرڻ کان منع ٿي ڪئي وڃي،
انڪري هر ڪنهن سپاهيءَ کي شاديءَ ڪرڻ لاءِ
همٿايو وڃي ۽ عورتن يا ٻارن جو تعداد به
اسان جي فوجن جي چرپر ۾ ڪابه رنڊڪ ڪونه
وجهندو. سروس ۾ ريجمينٽ کي هلڪو ڪيو وڃي،
ڇاڪاڻ ته هندستاني مهم ڪا گهڻو وقت ڪانه
وٺندي آهي، ان ڪري جڏهن اها ختم ٿي تڏهن
فوجين کي ڏيهي سپاهين وانگر سندن گهر واپس
ڇڏيو وڃي. نتيجو اهو نڪرندو جو اهو خيال ته،
منهنجو ڪير ئي ڪونه آهي، انڪري ڪنهن جي لاءِ
جيئرو رهجي، يورپي سپاهين جي دل مان نڪري
ويندو. پر اعتراض ڪرڻ وارن جو رايو آهي ته
جي سپاهي مري پون ته پوءِ انهن جي بيواهه
زالن ۽ يتيم ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ اهي ته پوءِ
سرڪار تي بار ٿي پوندا، ڇاڪاڻ ته سڀني رنن
زالن يا يتيم ٻارن کي پينشن ڏيڻ ڏاڍو مشڪل
ڪم آهي. اهو به سڀ سچ آهي، پر ڇا اسان کي
نوڪرياڻين جي ضرورت نه ٿيندي آهي؟ ڇا اهڙو
ڪو ڌنڌو ڪونه آهي، جو کين سيکاريو وڃي، جنهن
جي وسيلي اهي پيٽ گذر ڪري سگهن. آءٌ ڀانئيان
ٿو ته فوجين جي زالن ۽ ڌيئن کي جيڪڏهن زنانن
ڪپڙن ٺاهڻ جو ڪم سيکاريو وڃي ته ڪهڙو نه چڱو
ٿئي. کين تبليغي اسڪولن يا سرڪاري ڪمن،
جهڙوڪ اسپتالن ۽ مسافرخانن وغيره ۾ ڪم تي
لڳائي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت ڪمپنيءَ جي
انچـارج آفيسر تي اها ڊيوٽي رکي وڃي ته هر
هڪ سپاهيءَ کان سندس پڙهڻ ۽ ڪم ڪار بابت پڇا
ڳاڇا ڪري، ۽ کين سٺن ڪتابن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي
هدايت ڪري. اهڙن اپائن اختيار ڪرڻ سان انهن
۾ وڏو سڌارو اچي سگهي ٿو. ماڻهو چوندا ته
اهي رڳا وهم آهن، پر انهن جو خيال نه ڪرڻ
گهرجي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اهڙا به ماڻهو پيا
آهن، جن کي سڌاري جي هر هڪ ڳالهه وهم ئي نظر
ايندي آهي.
ڪراچيءَ کي بندر جو درجو ڏيڻ اجايو آهي،
ڇاڪاڻ ته اتي لنگر هڻڻ جي جاءِ ڏاڍي خطرناڪ
آهي. ان جي کاريءَ ۾ فقط ننڍڙيون ٻيڙيون اچي
سگهن ٿيون، جي شهر تائين مس وڃي ٿيون پهچن.
پر تيز هوا جي وقت اها به جوکي کان خالي نه
آهي. حقيقت ۾ سنڌ کي ڪوبه بندر ڪونه آهي.
سنڌوءَ جي حجامڙي شاخ ۾ گهڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
۽ خطرناڪ ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنارو ايترو ته
هيٺ تي آهي جو پري کان ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو
اچي. ازانسواءِ ڪناري تي ڪابه اهڙي شيءَ نٿي
ڏسجي، جا جهاز راني ڪندڙن کي رستو ڏيکاري.
ريڇل منهن وٽ البت گدامڙيءَ جي وڻن جو جهنگ
آهي. جو ڪڇ جي ناکئن لاءِ جهاز رانيءَ ۾ مدد
ڪندو آهي، انهيءَ ۾ به پاڻي ستن - اٺن فئڌمن
(1)
کان اوچتو لهيو وڃيو ٻن فئڌمن تي بيهي.
حجامڙي جي منهن وٽ هڪ روڪ آهي، جنهن جي
چوڌاريءَ سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند
ٻڌل آهن. جيڪڏهن ٻيڙو هتي اچي لڳي ته ٽڪر
ٽڪر ٿي ويندو ۽ خلاصين يا ناکئن جو بچڻ به
محال آهي. حجامڙي جي هڪ ڪيف وانگر آهي، جو
ڪٿي ته ڪيترا سؤ وال ويڪرو آهي، ۽ ڪٿي ته
اهو گهٽجيو هڪ ننڍڙي وهڪري تي وڃيو بيهي.
سندس سڀني پاسن کان زمين هيٺانهينءَ تي آهي.
وڪر ڳوٺ، جو ڪراچيءَ کان پوءِ مشهوريءَ ۾
ٻئي نمبر تي آهي، هڪ اجڙيل ۽ پٺتي پيل ڳوٺ
آهي، جنهن جا گهر مٽيءَ ۽ ڪکن جا ٺهيل آهن.
ان هوندي به منجهس ڏاڍو واپار آهي. شهر جي
ڀر ۾ درياء جي ويڪر به هڪ سؤ پنجاهه وال
هوندي، ۽ ڪناري وٽ به پاڻي چڱو اونهو آهي،
انڪري منجهس وڏا وڏا ٻيڙا اچي سگهن ٿا ۽
واپارين جو مال لاٿو ۽ چاڙهيو وڃي ٿو.
ڪراچي ڏسڻ لاءِ مون کي تمام گهٽ وقت مليو.
مون کي چڱو ڀلو ٿي حيدرآباد يا سکر واپس وڃڻ
تائين اتي جي پوليٽيڪل جي ڊيوٽيءَ جي چارج
وٺڻ جو ڪم مليل هو. پر تپ جي وري وري اچڻ
مون کي خبردار ڪيو ته مون کي اڃا به ڪنهن
چڱيرڙي هنڌ جي آبهوا ڏانهن وڃڻ گهرجي.
چوڏهينءَ تاريخ تي آئون آڪلنڊ جهاز تي وڃي
چڙهيس، جو بمبئيءَ وڃي رهيو هو. انهيءَ جهاز
۾ ڪراچيءَ جي يورپي ريجمينٽ جي سپاهين جون
زالون چڙهيل هيون. سمنڊ ڏاڍو چڙهيل هو، ۽
آگبوٺ ايڏو ته پئي اٿليو پٿليو، جو ان تي
چڙهڻ يا ان تان لهي ٻيڙيءَ تي سوار ٿيڻ
جوکي کان خالي نه هو. عورتن کي رسڪڻ جي
رستي، جا سندن چيلهه ۾ ٻڌي ٿي ويئي، هيٺ
لاٿو ٿي ويو ۽ جيڪو ماڻهو هيٺ ٻيڙيءَ ۾ بيٺو
هو، تنهن کين ٽنگن کان جهلي کڻي ٿي ٻيڙيءَ ۾
اڇلايو. جيئن ته وير چڙهيل هئي، انڪري هي ڪم
اهڙيءَ طرح ڪيو ٿي ويو، جو مسخريءَ ۾ ناکئن
کان هر هر وڏا ٽهڪ ٿي نڪتا. هر هر ۽ ڪنهن
وقت اهي خوبصورت جسم اهڙيءَ طرح تيزي سان
لاٿا ٿي ويا، جو جيڪي هيٺ ٻيڙيءَ ۾ کين جهلڻ
لاءِ بيٺا، تن جي مٿان وڃي ٿي اهي ڪريا.
مطلب ته اهو منظر اهڙو هو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ
جي بدران انهيءَ جو خيال ئي ڪافي دلچسپ
ٿيندو.
آخر اسان انهيءَ سڄي بار کي هيٺ لاٿو ۽ توب
جي ٺڪاءُ سان بمبئيءَ ڏانهن اسهياسين.
اهڙيءَ طرح مون سنڌ کي اڍائين سالن جي جاکوڙ
۽ بيماريءَ کان پوءِ خيرباد چيو. منهنجي
طبعيت بگڙي چڪي هئي ۽ حياتيءَ جا بهترين سال
گذري چڪا هئا. جيتوڻيڪ مون ڪجهه مهينا ٽڪرين
۾ گذاريا پر گرميءَ جي موسم جي اچڻ ڪري، تپ
مون سان گڏ موٽي آيو. آخر آئون هڪ ڊگهي
سامونڊي سفر کي آزمائڻ تي مجبور ٿي ويس،
جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل مون کي فائدو ملندو
هو، پر جيئن ته منهنجي طبعيت کي ڪاري زخم
لڳي چڪو هو، انڪري اها ٺيڪ ڪانه ٿي. جهاز تي
چڙهڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي بيمار رهڻ جي
سزا ملي، يعني ته مون کي نوڪري مان خارج ڪيو
ويو. ٻين سڀني هنڌن تي ۽ پڻ سنڌ ۾ به جتي
پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيل هئا، قاعدو هو ته
جيڪو ماڻهو بيماريءَ سبب ڪم نٿي ڪري سگهيو،
تنهن کي انهيءَ ساڳئي عهدي تي رکيو ٿي ويو.
انهيءَ بي انصافي خلاف آواز اٿاري سگهجي ٿو،
پر ٻيءَ ڌر وٽ به دليل موجود آهن، جن کي
جاچڻ سان معلوم ٿيندو ته سندن انهيءَ قدم ۾
نه فقط مصلحت آهي پر اهو انصاف تي به مبني
آهي. ٻين لاءِ ڇا چوڻو-- آءٌ پهريون ئي شخص
هوس، جنهن سان اهي قاعدا لاڳو ڪيا ويا هئا.
جيڪي به پوليٽيڪل آفيسر انهيءَ کان پوءِ
بيمار ٿي ٿيا، تن کي سندن ريجمينٽ ڏانهن
موڪليو ٿي ويو. ٻه يا ٽي سال ڪنيءَ هوا ۾
رهڻ ۽ سخت پورهيي کان پوءِ اگهائيءَ سبب کين
ريجمينٽ جي حوالي ڪرڻ کان بهتر هو ته انهن
کي ريجمينٽ ۾ ئي ڇڏيو وڃي ها، پر جيڪڏهن
سندن ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي، کين ڪنهن
صحتمند جاءِ تي هوا بدلائڻ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ
موڪلجي ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي! جيڪڏهن ڪو اهڙو
ماڻهو صبح جو اٿڻ سان پنهنجو نالو هيئن لکيل
ڏسي ته، ”سندس خدمتون هز ايڪسيلنسي سپهه
سالار اعظم جي حوالي ڪيون ويئون آهن“ ته
پوءِ ڪهڙو جوش ۽ جذبو وڃي منجهس رهندو؟
حقيقت هيئن آهي جو ان وقت هڪ نئون فرعون
پيدا ٿيو هو، جنهن کي پوليٽيڪل موسيٰ جي
ڪابه خبر ڪانه هئي. لارڊ ايلنبرو جي هندستان
پهچڻ وقت اسان کي ڪابل ۾ تباهي نصيب ٿي.
نئين گورنر جنرل کي اهو وهم ويهي ويو ته
ننڍا توڙي وڏا پوليٽيڪل آفيسر غلطيءَ تي
هئا، انڪري هن هڪدم انهن کي خوفائتا ۽ سيمسن
جهڙا ٺونشا هڻڻ شروع ڪيا. اهي ڊان ڪئگزاٽ
(1)
وارا وسڪارا بدقسمتيءَ سان، ڪنهن ڪنهن وقت
بيگناهه گـُـڏن جي قوم تي به ڪامياب ٿي
ويا. ننڍڙن پوليٽيڪل آفيسرن کي ڪهڙو ڏوهه
ڏيئي ٿو سگهجي، جن اتر سنڌ ۾ ايلچين يا
پوليٽيڪل ايجنٽن جي هٿ هيٺان ڪم ٿي ڪيو.
انهن فقط پنهنجن اڳواڻن جي اشاري جي تعميل
ٿي ڪئي، ۽ راهه گناهه انهن جي خلاف
بيوقوفيءَ جي هڪ رڙ پيدا ڪئي ويئي. جيڪڏهن
ڪابه غلطي ٿيندي هئي ته انهيءَ لاءِ اهي عزت
ماب بيوقوف نوجوان پوليٽيڪل آفيسرن کي
ذميدار ٺهرائيندا هئا. منهنجو عرض آهي ته
مهرباني ڪري نوجوانيءَ ۽ پيريءَ جي وچ ۾مون
کي فرق ٻڌايو وڃي ۽ اهو به ته نوجوانن ۾
مڙسن جون ڪهڙيون خصلتون ڪونه آهن. مرد جي
عمر جي ڪابه خبر نٿي پوي، پر ٻاراڻيءَ وهيءَ
مان ڪو چڙهي وڃي مرد ٿيندو آهي ته پوءِ
پنهنجي مڙس ماڻهو هئڻ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، يا
مـُـڇن کي وٽي مٿي ڪندو آهي، يا کاڏيءَ جي
وارن جو ٻـُـٿ ڇڏيندو آهي يا مورڳوئي کنڊريل
۽ لڙڪيل مـُـڇون رکڻ شروع ڪندو آهي. پر
هيڏانهن انهن مهانڊن کي ته ڏسو جي گهنجن ۽
وارن سان کهرا ٿي چڪا آهن. وري انهن جون
ڏاڙهيون ته ڏسو، چيلهه تائين وڃي پهتيون
آهن، ڇا پوءِ به انهن کي ڇوڪرو سڏيو ٿو وڃي؟
جي ائين آهي ته پوءِ مڙس وري ٻيا ڪهڙا ٿيندا
آهن. ڏسڻ ۾ اچي ته وقت جي ڪمائتن ماڻهن جي
ميڙ کي ”پوليٽيڪل ڇوڪرا“ سڏڻ خوشفهميءَ جو
هڪ چرچو آهي.
معاملن تي جيڪڏهن ڳنڀيرتا سان سوچيو وڃي، ته
پوءِ اها بيهودي بڪواس، جا پوليٽيڪل آفيسرن
جي باري ۾ ڪئي وڃي ٿي، جيڪر بند ٿي وڃي.
ريجمينٽ جو آفيسر ڏيهي معاملن ۾ وڌيڪ
هوشياري ڏيکاري سندن زبان مان واقف ٿيو وڃي،
۽ ان کان پوءِ ئي کيس ڊپلوميٽڪ ڪور (سياسي
جٿي) لاءِ چونڊيو وڃي ٿو. انڪري ظاهر آهي ته
پوليٽيڪل آفيسر فوجي ماڻهن کان علحده ڪونه
آهن. اهي گهڻو ڪري هوندائي فوجي آهن، جن کي
جلدي يا دير سان اوڏانهين واپس موٽڻو پوندو
آهي. انهن مان به فقط ڪي ٿورا قسمت وارا
هوندا آهن، جن کي هيءَ نوڪري ڏني ويندي آهي
۽ اها به انهيءَ شرط تي ته اهي هندستان ۾
ڏهه يا ٻارنهن سال رهيا هجن. وڏي گريڊ جا
ريزيڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ انهن ماڻهن مان
کنيا ويندا آهن، جن ويهه يا ٽيهه سال نوڪري
ڪئي هجي. انڪري ظاهر آهي ته انهن عهدن تي
فقط اهي ماڻهو مقرر ڪيا ويندا آهن، جن جي
عمر چاليهن سالن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه
هوندي آهي. مثال طور منهنجو هڪ دوست، جنهن
جي پندرهن سال سـَـروِس هئي ۽ جنهن فرسٽ
اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پاڻ چڱو موکيو هو، تنهن
جڏهن ريزيڊنسيءَ جي هڪ خالي جاءِ لاءِ
درخواست ڪئي هئي، تڏهن کيس جواب مليو ته
جيتوڻيڪ سندس خدمتون تعريف جوڳيون آهن، پر
ڇاڪاڻ ته هو اڃا جونيئر هو، انڪري کيس اضافو
ڏيئي انهيءَ جاءِ تي مقرر ڪرڻ ناممڪن هو!
پوليٽيڪل آَفيسر جو ڪم ڏاڍو اوکو آهي ۽ سندس
جوابداريون ساڳئي گريڊ جي فوجي آفيسر جي ڀيٽ
۾ تمام گهڻيون آهن. فقط جنگ جي وقت جڏهن
فوجون پاڻ ۾ دوبدو وڙهي رهيون هجن، ان وقت
فوجي آفيسر کانئن گوءِ کنيو وڃن. پوءِ
جيڪڏهن اهڙن ماڻهن جي غفلت يا غلطيءَ جي ڪري
ڪو نقصان يا بدنامي ٿي ٿئي ته ان کي درگذر
ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو ڊپلوميٽڪ ڪور ئي
آهي، جنهن مان مالڪوم، ايلفنسٽن، مونرو،
ڪلوز، پاٽنجر، آئوٽرام، ۽ لارينس جهڙا ماڻهو
پيدا ٿيا، جن هندستان ۾ انگريزن جو منهن مٿي
ڪري ڇڏيو.
لارڊ ايلنبرو جو تاريخ 22- مئي جو لکيل هڪ
خط جو حصو، جو هن الله آباد مان لکيو هو،
پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ آئوٽرام،
ڪرنل ٽبلر ۽ ٻين جو سندس هٿان ڊسمس ٿيڻ جو
پورو پتو پوي ٿو. هـُـن حاڪم اعليٰ جو چوڻ
آهي ته، ”برٽش آفيسر، ۽ پوءِ سندس ڪردار
ڪهڙو به هجي، جڏهن کيس ڪنهن ڏيهي حاڪم جي
دربار ۾ موڪليو ٿو وڃي ته پوءِ هو پنهنجي
ملڪي ماڻهن جي معاشري کان پري رهڻ ڪري هڪ
برٽش آفيسر جي منصفانه ۽ ٺوس خاصيتون وڃائي
ويهي ۽ جن ماڻهن جي وچ ۾ هو رهي ٿو انهن جي
عادتن جو مٿس ڏاڍو اثر ٿو ٿئي.“ عزت ماب
لارڊ ايلنبرو جي انهيءَ رمارڪ ۾ عقل کان
تمام گهٽ ڪم ورتل ٿو ڏسجي. جيڪڏهن ڪو ساڻس
آزمودي تي دليل بازي ڪري ته سندس اهي لفظ
غير منطقي ۽ بيوقوفيءَ تي مبني ڏسڻ ۾ ايندا.
خبر نه آهي ته ڪهڙي خيال کان هـُـن عزت ماب
اهو نڪتو چيو آهي ته ڏيهي دربارن ۾ رهڻ ڪري
برٽش ايلچين يا عيوضين ۾ به ساڳيون ڳالهيون
۽ بڇڙايون پيدا ٿيو وڃن، جيڪي ڏيهي ماڻهن ۾
ڏٺيون وڃن ٿيون! ڇا ائين ته ڪونه آهي ته
سندس مطلب موجب جاڙيجن سان رهڻ جي ڪري ماڻهو
سوسن ۽ ايماس کي ڪاٽي ننڍو ڪري ڇڏيندو. يا
پاڻ کي ڪسمبا پياري پياري بيوقوف بنائي
ڇڏيندو يا فرمانبرداري ڏيکارڻ لاءِ سڄا سارا
ٻارنهن سال سوپاريءَ جي وڻن ۾ مٿي ڀر اونڌو
ٿي بيهندو، يا حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري سندس
دل مذهبي درويشن ڏانهن مائل ٿي ويندي، هو
گهڻيون زالون رکڻ يا زالن کي پردي ۾ رکڻ کي
خراب نه سمجهندو يا انگريزي ماکي، سوئر جي
گوشت يا پراڻي ماديرا شراب کان نفرت شروع
ڪري ڏيندو. انهيءَ ساڳئي اصول تي آءٌ
ڀانئيان ٿو ته پوءِ اهو پوليس وارو به ڏوهي
نٿو ٺهرائي سگهجي، جو جيتوڻيڪ پاڻ چورن جهلڻ
لاءِ مقرر ٿيل آهي، پر آهستي آهستي پنهنجو
حرص وڌائي، پنهنجي پاڙيسريءَ جو کيسو ڪتري
وٺي! تڏهن ڏسبو ته اهي ننڍڙيون ڏيهي دربارون
ئي آهن، جي مجبور پوليٽيڪل آفيسرن تي اثر
وجهيو ڇڏين، ۽ نه ڌارين ملڪن جون پرڏيهي
دربارون. پر اسين انهن کي ڏيهي دربارن جي
برابريءَ ۾ آڻيون ڪٿي ٿا. چئبو ته روسي يا
فرينچ دربارون اسان جي سفير مٿان ڪوبه اثر
ڪونه ٿيون ڪن، اتي اسان جي سفير جي هرڪا
ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي. فقط ٿورين ڳالهين ۾ ڪا
هـُـو ڦيرگهير ڪندو هوندو، نه ته آهي اهڙي
جو اهڙو پر جي آءٌ نٿو ڀلجان ته پوءِ انهن
جي به ساڳي حالت آهي اتي، يعني ته انهن کي
به پنهنجي ملڪ جي معاشري کان گهڻي وقت لاءِ
پري رکيو وڃي ٿو. افسوس اهو آهي ته عزت ماب
ايلنبرو انهيءَ ”ڊگهي“ وقت جي ڪابه تشريح نه
ڪئي آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٻڌائي ها ته
سندس لفظ ”ڊگهو“ ڪهڙيءَ طرح سان سفيرن تي
خراب نموني ۾ اثر انداز ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جي
حياتيءَ ۾ ڏهه سال به ڊگهو وقت شمار ڪيو وڃي
ٿو پر ٻئي طرف ڊگهي وئڪيشن فقط ڪي مهينا
هوندي آهي. ڪن حڪومتن لاءِ ٽي سال به جٽاءُ
ڪرڻ لاءِ گهڻا هوندا آهن، پر ڪن حالتن ۾ پنج
سال به ٿورا آهن. ڏينهن جو ئي مثال وٺو ته
سنڌ جي گرميءَ ۾ هڪ ڊگهو عرصو بنجيو وڃي پر
شملي جي ٿڌي چوٽيءَ تي اهو ننڍو ٿيو پوي.
ترڪندڙ ڪاٺ کي هندستاني رٻڙ وانگر ڪنهن هنڌ
تي پورو ڪري بيهارڻ ڪو وڏن کان سکي، يعني ته
ڳالهين ٺاهڻ ۾ اهي ڪاريگر آهن. اهو چوڻ ڪافي
ٿيندو ته اتر سنڌ ۾ اسان جا پوليٽيڪل آفيسر
ڪنهن به حالت ۾ يورپي ماحول کان پري ڪونه
هئا. اسان جون ايجنسيون ڪي درٻارن جي اندر
ٺهيل ڪونه هيون. پر علحده فوجي ڇانوڻيون
هيون، جهڙوڪ: سکر ۽ شڪارپور. ان هوندي به
اسان کي انهن ننڍڙين درٻارن سان وابسته
سمجهيو ويو آهي، جن سان ٿيل ظلم، تشدد ۽
بهتان بازيءَ جو اسان کي پورو پورو احساس
هو. سچ ته هي آهي جو جنهن ڳالهه لاءِ عزت
ماب هندستاني پوليٽيڪل کي پنهنجي ملڪ جي
مفاد خلاف ٿو سمجهي، اها ساڳي ڳالهه پڇاڙي ۾
وڃيو انهن لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. دربارن ۾
ڊگهي وقت رهڻ ڪري اهي پاڻ سڀني ڳالهين جي
چڱاين ۽ براين کان واقف ٿي انهن جي غلط
فهمين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته جيئن ڪي
هيبتناڪ نتيجا نه نڪرن. سو انهيءَ ڪري
منهنجا سائين، اهي هندستاني ماڻهن کي راضي
ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا، نه ته جيڪر سڄو ملڪ
اسان جي خلاف ٿي بيهي ۽ اسان کي حقارت ۽
نااميديءَ جي شئي سمجهي ٻاهر نه ڦٽو ڪري
ڇڏين. اسان کي اڃا انهيءَ وقت جو انتظار ڪرڻ
گهرجي، جڏهن اسان کي هندستان جي ڪروڙين
ماڻهن جي احساسن ۽ غلط فهمين کي لتاڙڻ جي
سگهه ملي وڃي، جيڪي اسان جي سلطنت ۾ رهن ٿا.
خير جيڪي هوندو انهيءَ کي ڏٺو ويندو. منهنجي
بدقسمتي ته ڏسو جو مون کي اها خبر ئي ڪانه
پيئي ته مون تي ڪهڙي مصيبت اچڻي آهي. نـَـون
مهينن تائين مون کي ڪل ئي ڪانه پئي ته ڇا
پئي وهيو ۽ واپريو. انهيءَ دؤر ۾ اعتدال
اندر رهندي ۽ پگهار جيترو خرچ ڪندي، مون ڏٺو
ته مون پنهنجي بچت جا ٻه هزار رپيا کپائي
ڇڏيا هئا. پر اها ڪهڙي فضيلت آهي، ڇو ته آءٌ
ڪجهه وڌيڪ چوڻ ئي نٿو گهران، جو سندن معاملي
تي نئين سر روشني وجهي يا سندن فائدي ۾ هڪ
نئين قسم جو دليل ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته جنهن
وقت بدقسمت ٽالپرن سان ٿيل عهدنامو ٽوڙيو
ويو هو، ان وقت آءٌ اُتي هئس ئي ڪونه ۽ نه
وري مون ۾ ڪا ايڏي سگهه آهي، جو سرڪاري بلو
بڪ جي سڀني غلطين جي ويهي هڪ فهرست ٺاهيان.
پر آءٌ فقط انهيءَ چوڻ تي ڪغايت ڪندس ته اتر
سنڌ ۾ ميرن سان اسان جي ٿيل ڏي وٺ ۽ هلت،
مير علي مراد خان کان سواءِ، ٻين سڀني ميرن
کي اسان جي خلاف ڪري ڇڏيو هو. وري وري چوڻ
جي ڪري ماڻهو مون تي ڀلي ڦٽڪار وجهن، پر آءٌ
انهيءَ چوڻ کان نه گسندس ته جيتوڻيڪ عهدنامي
۾ ٿيل شرط موجب سنڌو درياء جي ٻنهي ڪپن تي
ٺهيل قلعن تي مير رستم خان جو حق قبول ڪيو
ويو هو، پر ان هوندي به اسان ٺڳي ڪري بکر جي
قلعي تي به قبضو ڪري ان کي پنهنجي تصرف ۾
آڻي ڇڏيو. آءٌ اهو به دهرائيندس ته اسان
مـَـڪر ڪري انهن کي اهو به ٻڌايو هو ته ڏَن
وصول ڪرڻ جا حق اسان شجاع کان خريد ڪري ورتا
هئا، ۽ پوءِ مٿن زور رکيو ته 28 لک (ٻه لک
اسي هزار پائونڊ) ڀري ڏين. اهو اسان جي منهن
تي نٿي پيو، ڇاڪاڻ ته دوست محمد خان انهيءَ
وقت ڪابل جو بادشاهه ئي ڪونه هو. جيڪڏهن
دوست محمد خان اسان جي چال ۾ اچي وڃي ها، ته
اسين ضرور کيس افغانستان جو بادشاهه تسليم
ڪريون ها، پر دوست محمد خان به ته ڪڏهن به
سنڌ کان ڏَن ڪونه اڳاڙيو هو. بـِـلو بـُـڪ
مان اهو به ظاهر آهي ته مير مبارڪ خان تي 28
لکن جو مڙهيل مطالبو، ٽن سالن تائين انهيءَ
خيال سان ڊيگهه ۾ رکيو ويو، ته جيئن مقرر
ڪيل وقت تي، انهيءَ لاءِ مٿس زور آندو وڃي،
جيتوڻيڪ انهيءَ عرصي اندر خيالي قرضي مير
مبارڪ خان ۽ خيالي لهڻيدار دوست محمد خان
ٻيئي فوت ٿي چڪا هئا. اسان جو پوليٽيڪل
ايجنٽ مير رستم خان سان روهڙيءَ جي ڪاردار ۽
فتح محمد بابت ڪهڙيءَ طرح پيش آيو هو؟ اسان
کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته بي ايمان ۽
چالاڪ منشين جي لوڌ، سنڌو نديءَ جي هڪ طرف
محمد شريف جي، ٻئي طرف مير علي مراد خان جي
پٺڀرائي ٿي ڪئي.
اچو ته هاڻي انهن واهيات بيانن جي سچائيءَ
جو جائزو وٺون جي بـِـلو بـُـڪ ۾ ڏنل آهن.
جهڙوڪ صفحي 281 ۾ ڏنل آهي ته فتح محمد خان
ننڍي هوندي کان وٺي مير رستم خان جو ٻانهو
هو، پر حقيقت ائين ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ
وڏي خاندان مان هو ۽ اڌ وهيءَ ۾ بهاولپور
کان سنڌ ۾ آيو هو. ازانسواءِ جيڪي به منشي
ميرن سان لکپڙهه يا ٻئي وهنوار ۾ لڳايل هئا،
سي گهڻو ڪري ميرن هٿان غداريءَ يا رشوت ۾
سزائون کائي چڪا هئا. وري ڪاغذن جو هيءُ حال
هو جو هڪ خط مير نصير خان حيدرآباد واري جو
هڪ پرڏيهي دربار ڏانهن لکيل ٻڌايو ٿي ويو.
جيتوڻيڪ اهو جـُـڙتو هٿناٽ هو، پر اسان
انهيءَ کي سورهن آنا سچ سمجهيو، خاص انهيءَ
مطلب لاءِ ته اهو ميرن جي خلاف استعمال ڪيو
وڃي. اهڙيءَ طرح اسان اهڙا ڪئين ڪاغذ ڏيهي
ايجنسين جي معرفت ميرن جي خلاف پيش ڪيا، جن
کي ميرن پنهنجو ڪيوئي ڪونه ٿي، پر ان هوندي
به اسان انهن آفيسرن جي چوڻ تي، جن کي اها
ٻولي ايندي ئي ڪانه هئي، سچ سمجهيو ۽ انهيءَ
کي بـِـلو بـُـڪ ۾ درج ڪري ڇڏيو.
ٻين ڳالهين کي ڇڏي جيڪڏهن رڳو بيبرگ ڏانهن
لکيل خط کي وٺجي، تڏهن به ڏسڻ ۾ ايندو ته
اها شروع ۾ ئي هڪ جعلسازي آهي. انهيءَ لاءِ
ٽي سبب آهن: هڪ ته ميرن اسان کي بيبرگ جي
قبيلي جي ماڻهن کي جهلائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽
اهو ثابت ئي ڪونه ٿيو ته منجهن ڪو ٺاهه ٿي
ويو هو. ٻيو ته اسان جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ
ميرن کي بگٽين هٿان سخت شڪست پهتي هئي، جنهن
۾ سندن هڪ وڏي سردار ٻانهن وڃائي هئي ۽ ٻيا
ڪيترائي ننڍا سردار مارجي ويا هئا. ٽيون ته
مير جبلي ٻروچن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ بيبرگ
جي بدران بجر خان ڊومڪيءَ کي خط لکن ها،
جنهن جو بيبرگ تي به اثر هو ۽ اهو هو به
ميرن واري ساڳئي طاقتور قبيلي (رند) جو
سردار.
اسان کي اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته ميرن سان
ٿيل سڀئي عهدناما سندن انڪار ڪرڻ کان پوءِ
ٿيل هئا، جنهن ۾ هنن صاف طور چيو هو ته کين
انگريزن سان دوستي رکڻ جو ڪوبه خيال ڪونه
آهي. هڪ خودمختيار ملڪ ۾ سندن حاڪمن جي خلاف
لشڪر وٺي اچڻ، سندن اجازت کان سواءِ ٻيلن
مان ڪاٺ وڍڻ، محصول نه ڏيڻ، قلعن ۾ حفاظتي
فوجون رکڻ ۽ اناج ۽ چوپايو مال خريد ڪرڻ،
اهي سڀ ڳالهيون يورپ ۾ جيڪر بين الاقوامي
قاعدي جي ڏٺي وائٺي ڀڃڪڙي تصور ڪئي وڃي. پر
منهنجي خيال ۾ سنڌ جو معاملو انصاف لاءِ
اهڙو ته ڪراهت جهڙو آهي، جو اهو ان کي هڙپ
ئي نٿو ڪري سگهي.
هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته معاملو هاڻي
زير ويچار آهي ئي ڪونه. جيڪي ٿيو سو ٿي چڪو.
وڏا مير سڀ مري چڪا آهن، ۽ سندن ملڪيتون يا
ته وڪرو ٿي وييون آهن يا ورهائجي وييون آهن.
انهيءَ کان سواءِ انگريزي عوام انهيءَ ڳالهه
مان راضي آهي. ”ٽائيمس“ راضي آهي، ان ڪري
پبلڪ کي به خوش ٿيڻ گهرجي. پر ڇا آءٌ پڇي
سگهان ٿو ته هندستاني به راضي آهن؟ ڇا
هندستان جي ڪروڙين ماڻهن ۽ انهن مسلمان
سردارن کي ”ٽائيمس“ جي لکيي جي پرواهه آهي،
ڇا اُهي راضي آهن؟ هندستان جي ڪنهن به شهر
مان ڏهه سمجهو ماڻهو ڪڍو ۽ انهن کان سوال
پڇو. انهيءَ دير سان ملندڙ انصاف لاءِ اڃا
به موقعو آهي. مثال طور، مير صوبدار خان
وارو معاملو وٺو. سڀيئي اختياريون وڃي ڏسو،
ڪنهن به هڪ اکر سندس خلاف نه لکيو آهي، جنهن
۾ ڏيکاريل هجي ته هي ماڻهو انگريزن جو دوست
ڪونه هو. سندن فائدي ۾ وڏا جلد ويهي لکجن،
سو هاڻي بيڪار آهي. بـَـلو بـُـڪ ۾ انهيءَ
ماڻهوءَ لاءِ هيئن لکيل آهي: ”جڏهن به مير
نصير خان هڪڙو رستو ٿي اختيار ڪيو، تڏهن مير
صوبدار خان انهيءَ جي برعڪس ٿي هليو ۽ ڪڏهن
به اهڙو ڪم نٿي ڪيائين، جنهن مان انگريز
سرڪار کي نقصان پهچي. مير صوبدار هميشه
انگريز جو طرفدار ٿي رهيو، پوءِ ٻيءَ سڄيءَ
دربار جو ڀلي ڪهڙو به رايو هجي.“
صفحي 526 تي لارڊ ايلنبرو جي خط موجب هيئن
ڏيکاريل آهي ته، ”مير صوبدار خان ٻين ميرن
سان مجبورن شامل ٿيو هوندو ۽ هو موقعو ڏسي
هڪدم انهن کي ڇڏي ويندو.“ خير اهو ماڻهو،
جنهن جي سڄي حياتي انگريزن تي مهربانين ڪندي
گذري، هاڻي مري ويو آهي، مئو به وري انگريزن
جي قيد ۾ آهي. سندس ماءُ ۽ سندس وڏو پٽ، جو
هڪ وڏي مرتبي جو جوان هو، اهو به مري ويو
آهي ۽ سو به دل ٽـُـٽڻ سبب! سندس فقط هڪ پٽ
وڃي رهيو آهي. ڇا اها رحم جي نظر نه چئبي،
جو ان سردار کي سندس ملڪ ۾ واپس موڪليو وڃي،
ڇاڪاڻ ته اهو هڪڙو ئي شهزادو وڃي رهيو آهي،
جو ٽالپر گهراڻي جي پايي وجهندڙ فتح علي خان
جي اولاد مان آهي. ڇو نه اهي علائقا کيس
واپس ڪيا وڃن، جي سندس پيءُ جي هٿ ۾ هئا.
ائين ڪندي اسين ٻروچ قبيلن جي وفاداري حاصل
ڪري سگهنداسين، جي مير صوبدار خان کي پنهنجي
قوم جو سردار ڪري مڃين ٿا، انهيءَ خاندان جي
پير مردن ۽ ڪمزور ماڻهن کي صوبدار خان جي پٽ
سان سندن ملڪ واپس موڪليو وڃي، ته جيئن اهي
وڃي پنهنجا هڏڙا پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ ۾
پورين. مير محمد خان مان ڀلا ڪهڙو خوف هو،
هو هڪ چڱو ۽ آرام پسند ماڻهو آهي. کيس
پنهنجي شڪار ۽ وندر کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به
ڳالهه جو خيال ڪونه هوندو آهي. انهن مسڪين
قيدين تي مهرباني ڪري کين پنهنجي ملڪ واپس
موڪليو وڃي، ته وڃي ڪمپنيءَ کي دعا ڪن، جنهن
جي جوڙجڪ اسان لاءِ هندستان جي حڪومت مهيا
ڪري ڏني آهي.
---------------