سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ 13

صفحو ؛ 12

 

باب تيرهون

ڪتاب جي خاتمي تي سنڌ پاران اپيل - ميرن تي ڪيل زيادتين جو وڏي صحرا ۾ پڙاڏو - سنڌ سان اسان جي تعلقات جي مختصر تاريخ - انهيءَ جعلسازيءَ جو هاڻي ظاهر ٿيڻ، جنهن جي  ڪري مير رستم خان کي تخت تان لاٿو ويو - ميرن سان جنگ ڪرڻ   ۾ بي انصافي-

مير رستم جون تڪليفون ڏسڻ ۽ سندس موت - سندس وزير فتح محمد جو قيد ٿيڻ - فتح محمد جو وري اسان جي دوست بهاولپور جي خان جي وچ ۾ پوڻ ڪري آزاد ٿيڻ -  فتح محمد جو ملتان وٽ سکن کي شڪست ڏيڻ  ۽ مولراج باغيءَ جي خلاف پهرين سوڀ-

مير رستم خان جي وڏي پٽ محمد حسين کي ديس نيڪالي ۽ تڪليفون - مير شهداد کي پنج سال هڪ معمولي ڏوهاريءَ  وانگر قيد ڪرڻ - انهيءَ کان پوءِ مٿس تهمت مڙهيل  ڏوهه جو مقدمو هلائڻ ۽ سندس عزت سان بري ٿيڻ-  مير نصير خان، مير صوبدار خان ۽ سندس وڏي پٽ  مير فتح علي خان جي وفات - ٻين ميرن تي  ٿيل زيادتيون - سنڌ جي اپت جي تفصيل کي ڏسندي، سنڌ کي پنهنجي هٿ هيٺ  رکڻ ۾ انگريزن جو نامناسب قدم-

هيپ ورٽ ڊِڪسن سچ چيو آهي ته، ”والٽر اسڪاٽ کان پوءِ مئڪاولي تاريخ جي مضمون ۾ ڏاڍو سٺو ليکڪ آهي.“ اهو ساڳيو رمارڪ هڪ ٻئي ممتاز تاريخدان لاءِ به ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪتاب ۾ تمام سهڻائيءَ سان انهن مکيه ڪردارن جو احوال ملي ٿو، جنهن بابت هـُـن ويهي لکيو آهي. جادوءَ جي ڏنڊي سان هـُـن سنڌ جي واريءَ ۽ اتي جي ٺهيل ڪـَـچن ڪوٽن کي ڇـُـهيو آهي، پر هاڻي اتي هڪ نئين مخلوق اچي ويئي آهي. اهي مهربان پراڻا مير ۽ رئيس، جي سدائين اسان جو آڌرڀاءُ ڪندا هئا، مري کپي ويا آهن ۽ سندن جاءِ تي دوزخي ظالمن جي هڪ قوم اچي ويئي آهي، جي پنهنجي ٻارن کي شيطاني دشمنيءَ سبب قتل ڪريو ڇڏين ۽ پنهنجين بيوس زالن کي پتل جي ٺهيل چهبڪ سان سزا ٿا ڏين، ۽ پنهنجيءَ رعيت کي انهيءَ کـُـڙيءَ هيٺان لتاڙيندا رهن ٿا، جا ظلم جي هٿيارن سان سجايل آهي. اسين به هاڻي انهن ڀـُـوتن ۾ سمائحّي ويا آهيون، جي چوڌاري پيا ڏسجن ۽ انهن نظارن کي ياد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، جي اڳي گهڻو ڪري عام جام پسبا هئا. ڇا هيءُ اهو ساڳيو ملڪ نه آهي، جتان اسين اڪيلا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن گهوڙيسوارن سان سفر ڪندا رهندا هئاسين! پر هاڻي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. مياڻيءَ جو هيرو هاڻي انهيءَ جـُـوءِ مان لنگهڻ بيوقوفي ٿو سمجهي، جتان هو گهڻو ڪري پنجاهه سوارن جي حفاظتي جٿي سان گذرندو هو. ڇا هي اُهي رئيس نه آهن، جن سان اسان دائمي دوستيءَ جو سـُـنهن کنيو هو. ڇا هي اُهي ڪونه آهن،جن کان اسان سختيءَ جي وقت، سدائين مدد پئي گهري آهي؟ پر هاڻي ڇا ويهي پنهنجو قيمتي وقت انهن بيسود ڳالهين ۾ لڳائجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو معاملو ئي ڪمزور هو، انڪري ڇو ويهي پٽاڙ ڪجي! اسين اهو اعتبار ئي نٿا ڪري سگهون ته ماٺيڻو، اونهو سوچيندڙ ۽ ڪرستان انگريزي عوام، انهيءَ بيجا سزا تي (جا ميرن کي ڏني ويئي هئي) خوش ٿيندو ۽ حقيقتن کي وساري ڇڏيندو، يا ٿورن سالن جي گذرڻ کانپوءِ جيڪا نسوري بي انصافي، ڦـُـر ۽ قتلام سنڌ جي جنگ ۾ ٿيو آهي، تنهن کي وساري ڇڏيو ويندو. پر سچيءَ دورانديشيءَ اهي حقيقتون آڻي ڪڍيون آهن، جن کي ڪنهن به حالت ۾ پاسيرو نٿو رکي سگهجي. اُهي آسٽرين ماڻهو، جن جو رت هنگريءَ جي ماڻهن جي مٿان ٿيل ظلمن تي ٽهڪي ٿو، تن کي جيڪر هتي اچي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙيون نه زبردستيون ۽ ظلم انگريزن پاران هڪ آزاد قوم جي مٿان ڪيا ويا آهن. ائين ٿي نٿو سگهي ته اهي ماڻهو، جي ٻين جي مصيبتن بابت خبرون ٻڌي تڪليف ۾ اچن، تن کي ڪيئن هن ظلم جو احساس نه ٿيندو! اهو هڪ تمام رحم جوڳو معاملو آهي، جنهن جهڙو تڪليف ڏيندڙ ۽ ڌڪار جو معاملو ڪرستان ڪو مشڪل ٻڌو هوندو. دياڪ يا ٻيا وحشي قبيلا انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙي آهن. ڇا اسين انهن کان به ويل آهيون، جن پنهنجن دوستن سان، جن جي سنڀال جو اسان عهدنامن ۾ ذمو کنيو هو، تن سان ٿيل ظلم ۽ زبردستيءَ تي ڪو اعتراض جو هٿ مٿي کڻون، يا زبان سان ڪجهه چئون؟ انگلنڊ جا مـَـردؤ! اوهان پنهنجي آزاديءَ جو دهل ته وڄايو ٿا، پر انهن مردن جو خيال نٿا ڪريو، جي پنهنجي آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مري ويا آهن. اهي ويچارا ڪنهن وقت اوهان جا دوست هئا. ها، اوهان جا دوست، اوهان جا مهربان، جن جون اوهان تي هر وقت نوازشون ٿينديون رهيون ٿي. اُهي هاڻي هڪ ڏورانهين ڏيهه ۾ جلاوطن آهن ۽ انهن جي مٿان اوهان پگهاردار جيلر مقرر ڪيا آهن. اِهي اُهي ساڳيائي ماڻهو اَٿوَ جن جي مهمانوازيءَ ۽ دوستيءَ جي اوهان کي هر وقت گهرج پوندي هئي. اي انگلينڊ جون عورتون! انهن شهزادن جي مائرن ۽ ڀينرن بابت سوچيو، جن کان سندن سڀ زيور کسي، کين گهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ کين اهڙيءَ طرح بي وسيلو بنايو ويو، جو اهي بنان ڪنهن همدرد جي بڙديڪ جي جهنگ ۽ ان جي ڌٻڻن ۾ رُلنديون رهيون. اوهان جيڪڏهن نه ٻڌندؤ ته به ڀؤ ڪونه آهي، پر ائين نه سمجهو ته اوهان جي انهن زيادتين جي ٻين ماڻهن کي خبر ڪانه آهي. ڏورانهين آفريڪا ۾ ۽ پڻ وچ صحرا جي برپٽ ۾ به انهيءَ ظلم جو پڙاڏو آهي. ويجهو ٿي ڪـَـنُ ڏيو ته اوهان کي هڪ تازي آيل مسافر جي تصديق ٻڌايان، جو انهيءَ اجڙيل ديس جو دؤرو ڪري آيو آهي: ”بني وليد قبيلي جي سلطان جي اچڻ تي جيڪا ڳالهه ٻولهه پئي هلي، سا بند ٿي ويئي. اهو سلطان حاج بن موسيٰ ايتانو هو، جو پنهنجي شاهوڪاريءَ ۽ طاقت جي ڪري مشهور آهي. هـُـو غدامش جي ڪيترن ئي با اثر قبيلن جو سردار آهي ۽ جيئن ته وڏيءَ عمر جو ماڻهو آهي، انڪري سندس نظر گهٽجي ويئي آهي. جڏهن منهنجي خبر ٻڌائين تڏهن ٿوري دير ماٺ ۾ رهي مون کي مخاطب ٿي چيائين: ’اي ڪرستان، سنڌ جي خبر اٿيئي؟‘ مون جواب ڏنو ته : ’هائو‘. انهيءَ تي هن پنهنجن ماڻهن ڏانهن منهن ڪري ڪجهه ڳالهايو، جو پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هـُـن هيئن چيو: ’هيءُ ڪرستان مسلمانن جا سڀ ملڪ ڳڙڪائيندا وڃن.” پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته: ’اوهان انگريزن اوڏانهن وڃي ڇو مسلمانن کي هڙپ ڪيو آهي. ڀانئيان ٿو ته اوهان هتي به ايندؤ ته شڪ نه آهي!‘ مون وراڻيو ته، ”امير بيوقوف هئا ۽ هندستان ۾ انگريزن خلاف سازش ڪئي هئائون، پر سنڌ جي عام مسلمانن کي اهي ساڳيا حق ڏنا ويا آهن، جي انگريزن کي آهن.“ ”اوهان ته ضرور ائين ئي چوندا پر اوهان ڇو ٿا ايڏو پري وڃي ماڻهن جا ملڪ ڦريو.“ هن ورجائي چيو. مون جواب ڏنو ته، ”تـُـرڪن به ته ساڳي ڪار ڪئي آهي، اهي به ته هن برپٽ ۾ آيا آهن.“ ”تڏهن اوهان به ترڪن جهڙائي ظالم ٿيڻ ٿا چاهيو؟“ هن ڪاوڙ مان چيو ۽ پوءِ مون کي تاڪيد ڪيائين ته هاڻي انهيءَ معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهايان، جيڪي به اتي حاضر هئا تن ڀڻڪ به نه ڪڍي ۽ اها تڪليف ڏيندڙ ماٺ ڪجهه وقت تائين جاري رهي.

اسان سنڌ کي فتح ڪري خلق ۾ پنهنجي لاءِ ڪهڙي نه سهڻي راءِ قائم ڪئي آهي! انهيءَ ۾ هاڻي ڪوبه شڪ نه آهي ته انهيءَ بدقسمت ملڪ تي ٿيل ظلم ۽ زبردستين جي جڏهن ايتري ڏورانهين برپٽ ۾ به خبر آهي، تڏهن انگريزن جي هندستاني رعيت تي ڪوبه اثر نه ٿيو هوندو؟ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال وٺو جنهن سچ مان ڪوڙ نه ٺاهيو آهي ۽ جو هندستان کي سڃاڻي ٿو. ساڳي وقت هـُـن انهن ماڻهن سان ڀائرن وانگر رستو رکي ڳالهايو آهي. اهڙيءَ ماڻهوءَ جو چوڻ آهي ته انهن جون دليون وڏائيءَ ۽ غرور کان خالي آهن، ۽ ساڻن ٿيل زيادتين کي ڌڪار ۽ بوساٽيل ڪاوڙ جي آڱر سان پٿر جي ڦرهيءَ تي لکيو ويو آهي. بهاولپور جي خان، جنهن کي سنڌ جي فاتح ۽ گورنر جنرل سنڌ جي مال غنيمت مان ڪجهه حصو به ڏياريو هو، تنهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پئسا ڏيئي انگريزن کان آزاد ڪرايو،جنهن کي انگريزن تمام گهڻو ستايو هو. پر اهي آهن رڳو ڳالهيون، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهيءَ معاملي کي چڱيءَ طرح ڏسڻو آهي، ته پوءِ سنڌ جي تاريخ بابت به ڪجهه چوڻو پوندو. سچ جو جيڪڏهن ذرو به ظاهر ڪجي يا حقيقتون ميدان ۾ آڻجن، ته پوءِ اهي انهيءَ ڪوڙي داستان کي ختم ڪري ڇڏينديون، جيڪو وڌاءُ ڪري دنيا کي ٻڌايو ويو آهي.

عموما هڪ ڪوڙو دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته ٽالپر غاصب هئا، انڪري انگريز کانئن حڪومت کسڻ ۾ حق بجانب آهن، ڇاڪاڻ ته انهن به ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ واري اصول تي هلي زبردستيءَ حڪومت هٿ ڪئي هئي. انهيءَ دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ٽالپرن سنڌ ڪيئن هٿ ڪئي هئي: 1774ع ۾ سنڌ جي حاڪم سرفراز خان ڪلهوڙي، ٽالپرن جي چڱي مڙس ۽ سنڌ جي مشهور رئيس بهرام خان کي سندس پٽ سميت مارائي ڇڏيو. انهيءَ ڪـُـڌي ڪم ڪري ظالم کي نيٺ تخت ڇڏڻو پيو، پر سندس جاءِ نشين غلام نبي ڪلهوڙي انهيءَ واقعي جو ڪوبه خيال نه ڪندي، شهيد ٿيل بلوچ رئيس جي باقي رهيل پٽ کي به قتل ڪرائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو جنگ لڳي جنهن ۾ غلام نبي ڪلهوڙي هارايو ۽ مارجي ويو. فاتح بلوچ بجر خان جيڪڏهن چاهي ها ته ان وقت سنڌ سندس هئي، پر فراخدليءَ کان ڪم وٺندي هـُـن مارجي ويل ظالم جي ڀاءُ عبدالنبي ڪلهوڙي کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو، ۽ سندس اطاعت ڪئي. آزمودي مان ڪلهوڙن پرايوئي ڪونه، انڪري عبدالنبيءَ به بيوقوفي ڪري پنهنجن محسن بجر خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ قهري ڪارنامي ڪري سڄي سنڌ، انهيءَ دغاباز ظالم جي خلاف اٿي کڙي ٿي ۽ کيس سندس حڪومت مان ڊوڙائي ٻاهر ڪڍيو ويو. انهيءَ کان پوءِ سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي ملي، جن کي سنڌ جي سڀني ماڻهن پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو. انهيءَ ڳالهه جي تصديق اسان کي انهن ماڻهن جي بيانن مان ملي ٿي، جن سنڌ جي دؤرو ڪيو هو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ ملڪ ۾ آسودگي ۽ خوشحالي وڌي ويئي هئي. ميجر رينيل جي تصديق آهي ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سندن حاڪمن جي ظلمن سبب ڪيترائي سنڌي گهراڻا لـَـڏي، ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا. هاڻي انهيءَ بيان کي ميرن جي صاحبيءَ هيٺ حالتن سان ڀيٽيو. مسٽر هيڊل بمبئي سرڪار کي جيڪا رپورٽ لکي هئي، انهيءَ ۾ ٻڌائي ٿو ته، ”سنڌ جا واپاري چـُـست ۽ چالاڪ آهن ۽ سندن پوري حفاظت ڪئي وڃي ٿي. ڍلون جيتوڻيڪ مٿن ڳريون مڙهيل آهن، پر ايتريون نه جو هڪ پرڏيهي واپاري پنهنجو ملڪ ڇڏي سندن حڪومت ۾ نه رهي سگهي. جيڪڏهن سنڌوءَ جي فرات سان ڀيٽ ڪئي وڃي، تڏهن به ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ، فرات جي واديءَ کان وڌيڪ تهذيب يافته آهي. حڪومت سخت آهي، پر ان هوندي به انهيءَ ۾ سهڻو انتظام آهي ۽ عام ماڻهن جو خيال رکيو وڃي ٿو. ٽالپرن کي پنهنجي مفاد جو برابر وڌيڪ خيال آهي پر ايڏو نه، جو واپار ۽ پوک تباهه ٿي وڃي. سنڌي ماڻهو فهميدا ۽ فرمانبردار آهن ۽ قانون جو احترام ڪيو وڃي ٿو.“

مسٽر ايلفنسٽن جو چوڻ آهي ته، ”ٽالپرن کي شروعات کان وٺي افغانن جي حملن خلاف جدوجهد ڪرڻي پيئي، جن مان هڪڙي مدد خان سڄي ملڪ کي اهڙيءَ طرح اُجڙ ڪري ڇڏيو جو ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ به اڃا نه سڌريو آهي. انهيءَ هوندي به ميرن وڏي ڪاميابيءَ سان دشمن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ ويساهه جو جذبو پيدا ڪيو. حيدرآباد جو شهر به سندن دؤر ۾ وڌيو ۽ ويجهيو، اهڙيءَ طرح جو ٿوري وقت ۾ اهو هڪ ڳتيل ۽ شاهوڪار شهر بنجي ويو. اها هڪ کليل حقيقت آهي ته جنهن وقت افغانستان ۾ قتل ۽ ظلم جي بازار گرم هئي ۽ هندستان ۾ اسان جي پنهنجن علائقن ۾ خونريزي ۽ فساد جاري هئا، ان وقت سنڌ ۾ صلح ۽ سانت هئي. ميرن تي بهتان مڙهيندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته جيڪڏهن مير انصاف پسند ۽ هر دلعزيز نه هجن ها، (جهڙيءَ طرح سمجهيو وڃي ٿو) ته پوءِ هو سٺ سال انهيءَ ملڪ تي ڪيئن حڪومت ڪري سگهن ها. عجب ته وري انهيءَ ڳالهه جو آهي ته انهيءَ سڄي دؤر ۾ سندن خلاف ڪوبه بلوو يا فساد وغيره نه ٿيو، ۽ نه وري هو ڪي پاڻ ۾ ئي وڙهيا. بهتان مڙهيندڙن کي اهو به جواب ڏيڻ گهرجي، ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجن حاڪمن کي ”چاريار“ جو لقب ڇو ڏنو هو؟“

هاڻي اچو ته اسين سنڌ سان پنهنجي ناتي جي تاريخ تي ڪجهه غور ڪريون، جنهن جي شروعات 1807ع ۾ ٿي. هي اهوئي سال هو جنهن ۾ اسان جو هڪ ايلچي بمبئيءَ مان اچي سنڌ جي حاڪمن مير غلام علي ۽ مير ڪرم عليءَ سان مليو هو. اڃا انهن سان عهدنامو مس ٿيو هو، ته بي اعتباريءَ ۽ بي اصولي سبب، جا گهڻو ڪري هر وقت اسان جي ميرن سان تعلقات ۾ رهي آهي، اسان هڪ ٻي سفارت ميرن ڏانهن 1809ع ۾ ڏياري موڪلي، ته اڳ ٿيل عهدنامي کي رد ڪيو وڃي. مسٽر هينڪي سمٿ، جنهن جي سرڪردگيءَ ۾ اها سفارت موڪلي ويئي هئي، تنهن کي هدايتون ڏنيون ويون ته اڳيون عهدنامو ختم ڪيو وڃي، ۽ ميرن کان انجام ورتو وڃي ته هو فرينچن کي سنڌ ۾ قدم ڄمائڻ نه ڏيندا. ساڳئي وقت انگريزن ۽ سنڌ جي حڪومت جي نظام بابت موزون مرتبا مقرر ڪيا وڃن. اهو ڪهڙو نه عجيب ۽ بدسوڻ فقرو هو! جيڪڏهن هن معاملي کي ڪو اوپٽو ماڻهو پڙهندو ته اهو ضروري آهي، ته هو ٽوڪ خاطر اسان تي چڙ ڪري، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت اسان پنهنجو سفير سنڌ ۾ دوستيءَ ۽ سٺي وهنوار خاطر موڪلي رهيا هئاسين، عين انهيءَ وقت اسان جو ڪابل وارو سفير گورنر جنرل کي اها صلاح ڏيئي رهيو هو ته سنڌ ملڪ کي هٿ ڪيو وڃي، ۽ ان جي اپت جو ڪجهه حصو سندس ازلي دشمن کي ڏيئي، ان کي برطانيا حڪومت جي علائقن سان ملايو وڃي. ڀانئجي ٿو ته اسان جي لائق ڪارڪن شايد انهيءَ خيال کان ته مير اسان جي دشمنن (فرينچن) سان ملت ۾ آهن، يا ساڻن ڪو معاهدو ڪرڻ ۾ آهن، اها صلاح ڏياري موڪلي هئي.

لارڊ منٽو وڏي شان ۽ خيرخواهيءَ جي جذبي سان، جا هڪ انگريز حاڪم کي سونهي، اها تجويز رد ڪري ڇڏي. هن نه فقط کين خودمختار حاڪم ڪري مڃيو، پر ان سان گڏ انهيءَ دعويٰ کي باطل قرار ڏنو، جا ميرن خلاف رٿي هئي ته افغان بادشاهه کي ڏيندڙ ڏن هو انگريز کي ڀري ڏين. انهيءَ سفير ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ مڃيائين ته هن جنهن غير سياسي ۽ بيواجب قدم لاءِ صلاح ڏني هئي، اهو غلط خبرن جو نتيجو هو. پر ان هوندي به مير اسان جي باري ۾ جيڪو شڪ پنهنجي دل ۾ رکيو ويٺا هئا، اهو شڪ اسين 1816ع ۾ ڪڇيءَ تي حملي ڪرڻ سان به دور نه ڪري سگهياسين، جيتوڻيڪ اسان انهيءَ تي سن 1819ع ۾ قبضو ڪري ورتو هو. اهو علائقو سنڌ سان لاڳو هو ۽ ڪنهن وقت غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت جو حصو هو. ڪڇيءَ جي فتح کان پوءِ اسان 1820ع ۾ ميرن سان نئين سر عهدنامو ڪيو. جنهن موجب اسان انهن سان سدائين لاءِ صلح ۾ رهڻ جو انجام ڪيو يعني ته اوستائين، جيسين اسان کي پنهنجي دوستن جي ملڪ ڦٻائڻ ۽ کين بند ڪري جيل موڪلڻ جو موقعو ملي. 1828ع ۾ ميرن هڪ اهڙي آفيسر کي پاڻ وٽ دعوت ڏيئي گهرايو، جنهن جي کين سخت ضرورت هئي يعني ته هڪ طبيب. خوشقسمتيءَ سان انهيءَ آَفيسر جي دل ۾ ميرن لاءِ ڪو به بغض وغيره ڪونه هو. پنهنجي سٺي طبعيت ۽ چڱن ڪمن جي ڪري هو ميرن ۾ اسان جي ماڻهن لاءِ چڱو رايو پيدا ڪري سگهيو، نه ته اهي اسان کي ڏاڍو خراب سمجهندا هئا، انهيءَ طبيب جي تصديق انهن سڀني بهتانن کي رد ڪريو ڇڏي، جي اسان ميرن خلاف مڙهي کين تخت تان لاٿو آهي. ”سنڌ جي فتح“ پڙهڻ سان اهو معلوم ٿو ٿئي، ته مير هر وقت ڪنهن نه ڪنهن نشي ۾ ٻڏل هوندا هئا پر هن طبيب جو بيان، جو وٽن مهينن جا مهينا رهيو هو، پڙهڻ سان ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته، ”ميرن ۾ اُهو عيش عشرت بلڪل گهٽ آهي جو ٻين مسلمان بادشاهن ۽ شهزادن ۾ ڏٺو وڃي ٿو.  مير مراد علي خان هڪ دفعي مون کان ڏاڙهونءَ جي استعمال بابت پڇيو جو مون غلطيءَ سان دارون (يعني شراب) سمجهيو. مون کي انڪري انهن سڀني شين جي خاصيتن بابت ٻڌائڻو پيو، جيڪي وقتي قوت يا جوش پيدا ڪندڙ آهن ۽ جڏهن دارون (شراب) بابت ڪجهه چوڻ وارو هوس، تڏهن هن وچ ۾ روڪي مون کي هدايت ڪئي ته هڪ سچي مسلمان اڳيان مذهبي طور منع ٿيل انگور جي رس جو نالو نه وٺان. مون کي خبر پيئي ته مير صاحب جو مطلب ڏاڙهون کائڻ جو هو. اهو جيتوڻيڪ هڪ وڏي ميڙ ۾ ڏيکاءُ جو طريقو ٿي سگهي ٿو پر مير ڪنهن نشي ڏيندڙ شراب يا ٻوٽيءَ کي استعمال ڪرڻ کان هميشه پرهيز ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو نشي جي حالت ۾ سندن اڳيان ايندو هو ته ان جي بيعزتي ڪري کيس ٻاهر ڪڍائي ڇڏيندا هئا. بهادر خان کوکر جو مثال وٺو، جو مير مراد علي خان جي نوڪريءَ ۾ هڪ وڏ- گهراڻو ٻروچ سردار هو. پر ان هوندي  به هڪ دفعي شراب پـِـي آيو هو، ان ڪري کيس نوڪريءَ تان گهڻي وقت لاءِ معطل ڪيو ويو. مير، عرق جي صورت ۾ يا اسپرٽ ملايل دوائن جي پيئڻ کان به پرهيز ڪندا هئا. سندن دربار ۾ اوهان کي حـُـقو به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، ۽ نه وري سندن خاندان جي ماڻهن ۾ڪا آفيم وٺڻ جي عادت آهي.“ ميرن جي وزير يعني رازدار صلاحڪار بابت به ساڳيو ليکڪ هيئن ٿو چوي ته، ”هونئن ٻه نواب ولي محمد خان لغاري بابت سندس فهميدي ڳالهائڻ ۽ پنهنجن ٻارن سان پيار ڪرڻ جو مون تي سٺو خيال ويٺل هو، پر هڪ ڏينهن جيئن آءٌ (بيماريءَ سبب) بيهوش پيو هوس، تيئن هن منهنجي بستري جو پاسو نه ڇڏيو. هوش ۾ اچڻ وقت جيڪا پهرين شيءِ مون کي نظر آئي، اهو هو عزت ماب پير مرد، جو گوڏن ڀر ويهي مون لاءِ دعا گهري رهيو هو. اهڙو ته هڏ ڏوکي ماڻهو سڀڪنهن پاڪ صفت ۽ تعليم يافته قوم لاءِ بهترين مثال ٿي سگهي ٿو.“ ڊاڪٽر برنس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، ”مذهب جي معاملي ۾ مير ۽ سندن خاندان جا ماڻهو ڏاڍا پابند هئا، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ انهن مان ڪيترن کي درٻار ۾ نماز پڙهندي ڏٺو هو.“

ڊاڪٽر برنس جي حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ اسان جي سنڌ سان لاڳاپي  ۾ ڪا نئين  ڦير گهير ڪانه آئي، تان جو 1831ع ۾ سر اليگزينڊر برنس (جو ان وقت هو) سنڌ ۾ وارد ٿيو. کيس انهيءَ مهم ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه لاءِ سوکڙيون وغيره کڻي وڃڻ جو ڪم سونپيو ويو هو، پر حقيقت ۾ کيس مخفي هدايتون هيون ته هو سنڌو نديءَ جي وهڪري بابت جاسوسي ڪري. ميرن ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ کان پري رکڻ ۾ سدائين هوشياريءَ ۽ احتياط کان ڪم ورتو آهي. جڏهن اسان جي سفير هڪ سنڌي سپاهيءَ کي ٻڌايو ته هو بنا هٿيارن جي آيو آهي، ان هوندي به خبر اٿو ته هـُـن ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چالاڪ نهايت ڦڙتيءَ سان رڙ ڪري چيو: ”بڇڙائي ٿي چڪي. ڇاڪاڻ ته تو اسان جو ملڪ ڏسي ڇڏيو“. اليگزينڊر برنس جيئن ئي درياء ۾ مٿڀرو وڌيو، تيئن هن سنڌيءَ پنهنجي دوست ڏانهن منهن ڪري چيو ته، ”افسوس سنڌ ويئي. جيئن ته انگريزن درياء ڏسي ڇڏيو آهي، انڪري اهي سنڌ کي فتح ڪري ويندا.“ ميرن کي سڄي خبر هئي ته اسان سندن ملڪ ۾ ڇو گهڙيا هئاسين، پر ان هوندي به اسان جي سفير سان چڱيءَ طرح مليا، ۽ جيڪي به کانئن گهريو ٿي ويو، انهيءَ جي هنن ترت منظوري ڏيئي ٿي ڇڏي. خيرپور جو مير رستم خان اسان کي خوش رکڻ ۾ ته حد لنگهي ويو. هن پنهنجو خاص عملدار محمد گوهر اسان جي سفير جي آجيان لاءِ اسـِـي ميل هيٺ تي ڏياري موڪليو، ۽ برطانيا سان پوري نيازمندي ڏيکاري. مير رستم خان جيڪي ماڻهو ڏياري موڪليا هئا، سي پاڻ سان الاهي مال جهڙوڪ: رڍون، اٽو، ميوو، مصالو، کنڊ، گيهه، تماڪ  وغيره کڻي آيا، اهو سڀڪجهه اسان جي ماڻهن مزي سان ويهي کاڌو ۽ موج ڪئي. رڍون ڪـُـٺيون وييون، چانور ۽ گيهه ملائي سوادي طعام ٺاهيا ويا. مون کي پڪ آهي ته آءٌ ۽ مون سان گڏ اهي سڀئي ماڻهو، مير رستم خان جي انهيءَ احساس تي سندس ٿورائتا ٿياسين، ڇاڪاڻ ته اها ڪا هڪ ڏينهن جي ڳالهه ته ڪانه هئي. جيسين اسين سنڌ ۾ هئاسين يعني ته سڄا سارا ٽي هفتا -  اهو مير جو لنگر پئي هليو.“ ٿوري وقت کان پوءِ مير رستم خان جو وزير فتح محمد غوري اسان جي سفير جي حاضريءَ ۾ رهيو، جو هڪ خوش خلق ۽ سٺين عادتن واور پير مرد هو. ليفٽيننٽ برنس جو چوڻ آهي ته، ”اسان جو تمام سهڻي نموني ۽ دوستيءَ جي ماحول ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو، ۽ وزير صاحب اسان جي پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس مالڪ اسان جي اچڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيو هو. هن جو خيال هو، ته برطانيا سرڪار سان دوستيءَ جو ناتو رکجي، انڪري هو انهن جي عيوضيءَ سان ملڻ لاءِ ڏاڍو آتو هو. هن ٻڌايو ته مير رستم خان پاڻ کي انگريزن جهڙي زبردست قوم سان برابريءَ ۾ ته نٿو آڻي سگهي، پر سندس اها خواهش آهي ته کيس سندن خير خواهن ۾ شمار ڪيو وڃي، ۽ هو هر وقت ۽ هرڪا مدد ڏيڻ لاءِ تيار رهندو.“ ليفٽيننٽ برنس پوءِ مير رستم خان سان وڃي خيرپور ۾ مليو. انهيءَ ملاقات کي وڏي اچرج سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي فتح ۾ انهيءَ ساڳئي امير کي هڪ پوڙهو موالي، نڀاڳو ۽ شرابي ڪري تصور ڪيو ويو آهي. هاڻي پڙهندڙ کي پاڻ انصاف ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ برنس جو ڪجهه لکيل احوال ٿو ڏيان: ”مير جي ڪردار ۽ گفتار ۾ اهڙو ته اعتدال هو، جو آءٌ اعتبار ئي نٿي ڪري سگهيس، ته ڪو هڪ ٻروچ جي دربار ۾ آهيان. هـُـن منهنجي جلدي اُسهڻ تي ڏک ظاهر ڪيو،  ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته آءٌ اُتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو رهندس. هن اسان کي پنهنجو سرڪاري غوراب استعمال ڪرڻ لا چيو ۽ پنهنجي وزير جو پٽ ساڻ ڪري ڏنائين،“ پڻ اها به گذارش ڪيائين ته جيستائين اسين خيرپور جي حدن ۾ آهيون، تيسين هڪ ٻروچ سپاهيءَ (سندس) جي مهمان نوازي قبول ڪريون. آءٌ اهو چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان ته جيڪا مهمان نوازي هـُـن سادگيءَ سان اسان کي آڇي هئي، انهيءَ ۾ اٺ يا ڏهه رڍون ۽ سڀڪنهن قسم جو کاڌو، هڪ سؤ پنجاهه ماڻهن لاءِ روزانو ٻه دفعا ٻاهتر رڪيبين ۾ طعام پهچايو ويندو هو. اسهڻ وقت مير ۽ سندس خاندان جي ماڻهن اسان کي ٻه خنجر ۽ ٻه تلوارون پٽن سوڌيون ڏياري موڪليون، جن تي سون جو تهه چڙهيل هو. انهن مان هڪڙي ترار جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ اسي پائونڊ هوندي. ازانسواءِ ڪيترائي ڪپڙا ۽ پڻ ريشم جا وڳا ۽ هڪ ٻٽئون هزار رپين جو به مون کي پيش ڪيو ويو، جو مون نه ورتو. کانئس اهو چئي معافي گهريم ته ”مون کي ڪي ڪين کپي، ۽ آءٌ هر وقت سندس ڪيل مهربانيون ياد ڪندو رهندس.“

برنس جي سفرنامي جي ٽئين جلد کي ورائڻ سان اسان کي مير رستم خان جي شاهاڻي، اخلاقي ۽ لياقت سان ڀريل سڀاءُ جي تصديق ٿي ملي. اهو آفيسر، جو مير رستم خان سان مليو ۽ سندس ڪردار کان چڱيءَ طرح واقف ٿيو، جنهن کي ڪابه لالـچ وغيره ڪانه هئي، هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ جو بيان، انهن ماڻهن جي بغض سان ڀريل تهمتن جي بلڪل ابتڙ نظر ٿو اچي، جي ڪڏهن به سنڌ ۾ ڪونه آيا هئا ۽ نه وري سندن نيت ڪا ميرن ڏانهن صاف هئي. انڪري سندن ارادو به بلڪل ظاهر ظهور پيو ڏسجي. انگريزن کي پنهنجي لڳي پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي هاڻي پڪ ٿي ويئي هئي ته سنڌو نديءَ ۾ جهاز راني ڪري سگهجي ٿي. ميرن جي وري هيءَ عادت هئي جو جيڪي به يورپي وٽن ايندا هئا، انهن کي هيرا ۽ جواهر تحفي طور پيش ڪندا هئا، نتيجو اهو نڪتو جو انگريزن کي پڪ ٿي ته هو شاهوڪار آهن. انهيءَ ڪري هنن ميرن سان گـَـهري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت جيئن ته سندن گاديءَ جو هنڌ هڪ سولي هنڌ تي ٺهيل هو، انڪري هنن ساڻن گهاٽي دوستي رکڻ ضروري سمجهي ته جيئن هو پنهنجي حفاظت ڪندڙن جو خرچ به ڀري ڏين. 1832ع ۽ 1834ع جي عهدنامن جي عمل ۾ اچڻ ڪري اسان سنڌو نديءَ ۾ جهاز راني شروع ڪري ڏني. ميرن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ويئي ته هاڻي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ واپار جو پکي پنهنجي سونهري کنڀڙاٽين سان کين اڻميو ڌن مهيا ڪري ڏيندو. سڄي ملڪ ۾ شاهوڪاري ۽ ان سان گڏ تهذيب پکڙجي ويندي، ۽ مير آرام سان انگريزن جي جهنڊي جي ڇانوَ ۾ موجون ڪندا رهندا. اهي هئا مستقبل جا سونهري خواب، جن جي تعبير لاءِ ميرن کي درياهه مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ تان به هٿ کڻڻو پيو. شڪ ۽ شبهي کي دور ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ عهدنامو ڪيو ته پيڙهيون گذري وڃن، پر ڪابه ڌر ٻيءَ ڌر جي ملڪ يا ملڪيت تي خراب نظر نه وجهندي.“ هيءُ فقرو جيتوڻيڪ زباني طور ٻنهي ڌرين سان لاڳو هو پر ميرن تي خاص طور مڙهيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته ميرن جي فوج فقط ڪن ٿورن هزارن جي بيقاعدي سپاهين تي مشتمل هئي، انڪري سندس هندستان تي حملو ڪري ان کي فتح ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هو. باقي رهي اسان جي حڪومت - تنهن وٽ پنج لک باقاعدي فوج هئي، انڪري کين سنڌ فتح ڪرڻ جي رات ڏينهن جهوري لڳي پيئي هئي.

پر انهيءَ ڳالهه کي هاڻي کڻي ڇڏيو ۽ اچو انهيءَ ٽياڪڙ عهدنامي تي، جو ڪابل جي اڳئين مسلمان بادشاهه، لاهور جي سک حاڪم ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ ٿيو هو. انگريزن کي هندستان تي روس جي حملي جو ڏاڍو ڊپ هو، انڪري هنن ان کي ٽارڻ لاءِ افغانستان ۾ روس جي خلاف رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ اسڪيم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ اهو ضروري هو ته سنڌ مان لنگهجي ۽ انهيءَ ملڪ مان فوجن جي چرپر جو انتظام ڪجي. افغانستان ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ تي بادشاهه ٿاڦڻ لاءِ به اسان کي پئسن جي ضرورت هئي. اسان پنهنجن دوستن ميرن تي ڪنهن به ڪم لاءِ زور آڻي سگهياسين ٿي، ۽ جڏهن ته اسان کي وٽانئن سڀڪجهه کسڻ جي طاقت هئي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کانئن فقط ڪجهه حصو ڦري ورتو ته پوءِ ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي! اسان انهن کان هنن ڳالهين جا مطالبا ڪيا: اسان جي فوج جو بنا ڪنهن اٽڪاءَ جي سنڌ مان لنگهڻ، ايڏي وڏيءَ فوج کي رسد جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ، هڪ وڏي روڪڙي رقم ڏيڻ، ساليانو ڏن، فوجي نقطه نگاهه کان اهم جاين جو انگريزن جي حوالي ڪرڻ، سندن دربار ۾ دائمي طور پوليٽيڪل آفيسر هجڻ، انگريزن جي بادشاهي تسليم ڪرڻ، جنهن موجب هنن پنهنجي خودمختياريءَ جا ڪي حق به اسان جي فائدي ۾ ڇڏي ڏنا وغيره وغيره. انهن سڀني ڳالهين جي بدلي ۾ اسان ميرن کي ڏنو ڇا! سندن حفاظت ڪرڻ ۽ انهيءَ ڏن کان کين آجو ڪرڻ، جو هنن کي شاهه شجاع کي ڏيڻو هو. حالانڪ 1809ع ڌاري اها هڪ تسليم ٿيل ڳالهه ٿي ويئي هئي ته افغانن جو سنڌ کان ڏن وٺڻ غير معروج ٿي چڪو هو ۽ اهو به صحيح آهي ته شاهه شجاع فوجون وٺي انهيءَ آڌار تي ميرن کان پئسن جي ڦر ڪئي هئي، ته هو اصل کان وٺي سندس ڏن ڏيندڙ آهن. انهيءَ وقت ميرن کان پئسن حاصل ڪرڻ جي معاملي ۾ هو اسان جي رحم ۽ ڪرم تي هو، ڇاڪاڻ ته ميرن ساڳئي وقت بادشاهه جي صحيح ۽ مهر سان، قرآن پاڪ تي لکيل ٻه دستاويز پڻ پيش ڪيا، جن ۾ کانئن اڳتي لاءِ ڏن نه وٺڻ جو انجام ڪيل هو. اسان جي ايجنٽ جڏهن اهي ڪاغذ ڏٺا، تڏهن منجهي پيو ۽ ڪارپت کي بچائڻ خاطر هن اهي ٻيئي دستاويز دٻائي ڇڏيا. اها هئي اسان جي ديانتداري!

برطانيا جي ڪردار جي سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ جو پول مير رستم خان سان ڪيل هلت مان ئي پڌرو ٿي پيو. گورنر جنرل بکر جي قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ آتو هو، ڇاڪاڻ ته ان کي فوج جي ڊيپوءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي. انهيءَ ڏس ۾ سر ڊبليو مئڪناگهٽن، سر اليگزينڊر برنس کي هيئن لکيو هو: ”توکي خبر آهي ته گورنر جنرل بکر جي قلعي کي وڏي اهميت ٿو ڏئي ۽ اوهان مير رستم خان کان پڇي ٻڌايو ته اهو قلعو انگريزن کي ڏيڻ ۾ سندس ڪهڙي راءِ آهي ۽ ڪڏهن ٿو اسان کي اجازت ڏئي ته اچي ان کي والاريون. آءٌ هي دستاويز توکي ڏياري ٿو موڪليان، جنهن تي گورنر جنرل جي صحيح ۽ مــُـهر آهي ته اسان کي فقط ٿوري وقت لاءِ انهيءَ قلعي کي والارڻو آهي. جيڪڏهن ضرورت پوي ته اهو کيس ڏيکاريندا.“ سر اليگزينڊر برنس وري جواب ۾ اها صلاح موڪلي ته ”جيئن ئي اهو قلعو اسان کي قرض طور ملي، ته فورن ان تي قبضو ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته عهدنامن ۾ فقط انهن علائقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جي دريا ِّ جي ٻنهي ڪپن تي آهن ۽ جيئن ته ٻيٽن وغيره لاءِ لکيل ڪي ڪينهي، ان ڪري اسين انهيءَ کي ڦٻائڻ ۾ حق بجانب رهنداسين.“ قبول ڪرڻو پوندو ته اهو هڪ بڇڙو ارادو هو، جو هڪ ڪرستان سياستدان جي دماغ ۾ نه اچڻ کپندو هو. ڏسو ته سهي ته هو مير رستم خان جي مهمان نوازيءَ کي، جنهن جي باري ۾ هن گهڻو ڪي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ۽ پڻ انهن تحفن کي، جي هـُـن کيس ڏنا هئا،ڪيئن نه وساري ويٺو! هـِـن ڪتاب ۾ گهٽ جاءِ هئڻ ڪري انهن اڻوڻندڙ ياداشتن تي بحث نٿو ڪري سگهجي، يعني ته اهي ظاهر ظهور اٽڪلون جي اسان سنڌ جي معاملي ۾ استعمال ڪيون هيون. اهو چوڻ ڪافي آهي ته قلعو اسان کي انهيءَ شرط سان حوالي ڪيو ويو، ته اهو واپس ڪيو ويندو. مير جي انهيءَ دوستيءَ جي ننگ نڀائڻ جي ڪري وڏي جوش ۽ جذبي سان شڪر گذاري ڪئي ويئي ۽ پڻ انهيءَ کي موٽائي ڏيڻ جي طريقي ۽ تاريخ ٻڌائڻ کان معافي ورتي ويئي، يعني ته ’جڏهن به اسان کي وڻي تڏهن واپس ڪريون!‘ اسان جي منشا کي فوقيت ڏيڻ خاطر مير رستم خان اهڙي ته ڪوشش ڪئي جو اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سندس ساراهه ۾ هي اکر بـِـلو بـُـڪ ۾ لکيا: ”مون سندس عزت ڀرئي ۽ پاڻمرادو اعلان تي سندس دل ۽ جان سان شڪر گذاري ڪئي. اهڙيءَ وفاداريءَ کان پوءِ کانئس پئسا گهرڻ يا مٿس ٻيو ڪم مڙهڻ غير موزون ٿو لڳي. مون کي، سندس سچي دوست هجڻ ۾ڪوبه شڪ نه آهي. ڪمزوريءَ جي وقت تي آزمائش ۾ هن جيڪا ارادي جي قوت ڏيکاري، تنهن جو جواب ئي ڪونهي.“

24- ڊسمبر 1838ع تي مير رستم خان سان عهدنامو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏهه  فقرا هئا ۽ 11- مارچ 1839ع تي حيدرآباد جي ميرن سان گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ چوڏهن فقرن وارو ٻيو معاهدو پڻ ڪيو ويو. خيرپور جي عهدنامي ۾ هي شرط هئا:

1- ڌرين جي دائمي دوستي. 2- برطانيا حفاظت جو ذمو کنيو.
3- خيرپور جو انگريزن سان زيردست رياست جي حيثيت ۾ ڀائيچارو.
4- پنهنجي مائٽ يا دوست کان سواءِ ڪنهن به ڌارئي ملڪ جي سربراهه سان جهيڙي سان لکپڙهه نه ڪرڻ. 5- ڌارئي ملڪ طئي ڪرڻ ۾ برطانيا کي امين مقرر ڪرڻ. 6- جنگ جي وقت وت سارو فوجون مهيا ڪري ڏيڻ. 7- مير رستم خان جي خلاف سندس خاندان جي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي نه ٻڌڻ. 8- سنڌو نديءَ تي واپار جي وڌائڻ ۾ مير رستم خان انگريزن کي مدد ڪندو. 9- عيوضين يا ايلچين جي مٽا سٽا. 10- پنجيتاليهن ڏينهن اندر عهدنامي جي قبوليت ڏيڻ.

آءٌ حيدرآباد جي عهدنامي تي وڃڻ يا انهن زيادتين تي بحث ڪرڻ، جي ميرن تي ڪيون ويون هيون، بابت هتي لکڻ ضروري نٿو سمجهان. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو اسان جي خلاف بي انصافيءَ جي فتويٰ ڏئي ته پوءِ اهو ضروري آهي ته اها فتويٰ اسان جي خيرپور سان کنيل قدم تي ئي ڏيندو! سڄي ڪاروائي تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿي ويندو ته اسان جو حيدرآباد وارن ميرن سان ڪهڙو رويو رهيو آهي، پر انهيءَ کي ڇڏي، رڳو خيرپور جي عهدنامي ڏانهن ڏسنداسين، ته اهو اسان کي تنقيد سان گڏ بلو بڪ جي صفحي 108 تي ڏسڻ ۾ ايندو. انهن رمارڪن مان جيڪڏهن مير، فقرو 8 ڏسي وٺن ها ته پوءِ کين سڄيءَ ڳالهه جي خبر پئجي وڃي ها، اسين ساڻن ڇا ڪرڻ وارا هئاسين: ”منهنجو چوڻ آهي ته اسان جي ايجنٽ محصول معاف ڪرائڻ ۾ خوفناڪ قدم کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيسين اسين پنهنجو اثر سنڌ ۾ قائم ڪريون، تيسين محصول ڏيڻ ۾ اهو فائدو رهندو، ته مير اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ ٻڌل رهندا. محصول معاف هئڻ جي ڪري هو اسان جي ملڪيت جي حفاظت لاءِ جوابدار نه رهندا.“ هاڻي اهو رمارڪ اسان جي سنڌ ڏانهن اختيار ڪيل پاليسيءَ کي پڌرو ڪريو وجهي. اسان کان جيڪو به بيواجبي قدم کڄي سگهيو، سو اسان کنيو ۽ جتي به اسان کي بنان خوف جي ڪنهن شيءَ تي قبضو ڪرڻ جو موقعو مليو، انهيءَ تي اسان قبضو به ٿي ڪيو. تان جو سڄي سنڌ فتح ڪئي ويئي. اهڙن ڪمن کي اسين دوستيءَ جو ناتو ڪري سڏيندا آهيون. هڪ طرف اسان قسم کنيو ۽ چيو ته ميرن جي ملڪ مان ذرو به نه کڻنداسين، ۽ ٻئي طرف وري اسان جو ايجنٽ گورنر جنرل کي صلاح ڏيئي رهيو هو، ته افغانستان تي حملي ڪرڻ بدران پهرين سنڌ ۾ اثر قائم ڪجي ۽ اتي جي حـَـقي حاڪمن کي تڙي ٻاهر ڪڍجي. اهڙيءَ منافقيءَ جي صلاح کان پوءِ ته سر چارلس نيپئر جو سنئون سڌو جرئت وارو حملو بهتر سمجهڻ گهرجي، ۽ انهيءَ پڙدي ڪرڻ واري نظاري کان، اسان کي هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي. ميرن سان اسان جي لهه وچڙ جي وچ واري عرصي تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته راس بيل ۽ ڪئپٽن برائون جي سکر پهچڻ تائين حالتون سازگار هيون ۽ دوستانه ماحول هو. اهي ٻئي ڄڻا پاڻ سان دهليءَ مان سازشي آفيسرن جي لوڌ وٺي آيا هئا، جن مان سٺي ۾ سٺي آفيسر حياتيءَ جو گهڻو حصو جيل ۾ گذاريو هو. انهن اچڻ سان مير رستم خان ۽ ٻين ميرن خلاف بد زباني اختيار ڪئي. فقط مير علي مراد خان جو نالو نٿي ورتائون، جو هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن سان ڪوبه يورپي جيڪر هڪ گهڙي به ڳالهائڻ پسند نه ڪري ها. معاهدي جي فقري 7 جي لکيل ڀڃڪڙي ڪندي نه فقط علي مراد خان جي ڳالهه کي ٻڌو ٿي ويو، پر مير رستم خان خلاف سندس سڀني دعوائن ۾ کيس مدد به ڪئي ويئي. دهليءَ جو هڪ آفيسر، جنهن کي هٿ ناٽ ۽ جعلسازيءَ سبب جيل جي سزا مليل هئي، تنهن کي مير علي مراد خان جو وزير ۽ سندس خفيه صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. پوءِ انهيءَ ڪوڙي سازشيءَ جي ۽ اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي منشيءَ جي، جيڪو پنهنجي بدمعاشين جي ڪري مشهور هو، روزانو لکپڙهه ٿيندي رهي. انهيءَ ٺڳ جو پگهاردار قاصد پوليٽيڪل ايجنٽ جي ڪئمپ سان هر وقت گڏ رهندو آيو، ۽ ان کي گهڻو ڪري سڀني خفيه ڪاغذن جا نقل ڏنا ويا. نه فقط ايترو پر اصلي دستاويز تڳائي، اهي به ظاهر ظهور بنان ڪنهن حياءَ ۽ شرم جي مير علي مراد خان کي وڪيا ويا. هڪ اکر ۾ ته علي مراد خان، جو هميشه اسان کان پري رهندو هو، تنهن کي اسان سندس ظالم ۽ گندي سازش ۾ چاڙهه ڏيئي ڇڏي، مير رستم خان جي چڱائيءَ ۽ دوستيءَ، جنهن کي لارڊ آڪلنڊ بهاولپور جي نواب جي برابر ساراهيو هو، تنهن سان تمام خراب ۽ ڌڪار جوڳو ورتاءُ ڪيو. مير رستم خان پوليٽيڪل ايجنٽ طرفان انهيءَ بيعزتيءَ جو کليل طور اظهار ڪيو ۽ کيس دڙڪو ڏنائين ته هو انهيءَ باري ۾ گورنر جنرل وٽ شڪايت ڪندو. جنهن تي اسان وارو ايجنٽ پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيو ۽ سندس دشمن ٿي پيو. هاڻي جيڪڏهن اهو معاملو هڪ غيرجانبدار ماڻهوءَ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي، ته پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو ته مير، ان وقت ڪهڙي نه ڏکيءِ پوزيشن ۾ اچي چڪو هو. کيس خبر هئي ته هو جيڪي به چوندو يا ڪندو انهيءَ کي تمام غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويندو. سندس وزير جي، جنهن کي هو ڀاءُ ڪري سڏيندو هو، سرعام بيعزتي ڪئي ويئي، ۽ جيئن ته اسان جو ايجنٽ به کليل طور سندس دشمن هو، ان ڪري کيس نهايت بيدرديءَ سان سندس اڳيان تڙائي ٻاهر ڪڍيو ويو. ڇا هر انهيءَ شخص کي، جو پاڻ کي انگريز سڏائي ٿو، هڪ پير مرد تي ٿيل ظلم ۽ ستم تي شرم نه ايندو، خاص ڪري جنهن پير مرد لاءِ خود گورنر جنرل ڪئين دفعا ساراهه جا ڍڪ ڀريا هجن! هي ڪهڙي قسم جو دوستاڻو ناتو آهي، جنهن ۾ ڪمزور ڌر کي طاقتور ڌر جي نوڪر جي چريائيءَ جي ريچڪن پوري ڪرڻ ۽ بيعزتي سهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو! انهيءَ ڏس ۾ بـِـلو بـُـڪ ۾ درج ڪيل دستاويزن تي وڃڻ جو ضرور ئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي نڪا ايندي هئي فارسي ۽ نه وري سنڌي ٻولي. هو ميرن سان پنهنجي لکپڙهه هڪ منشيءَ جي معرفت ڪندو هو، جنهن جي بيانن کي سچ سمجهڻ، اسان کي نٿو سونهي. مثال طور: بـِلو بـُـڪ ۾ ڏيکاريل آهي ته مير رستم خان سندس دربار ۾ هڪ انگريز آفيسر جي مقرريءَ سبب ڏاڍو خوش ٿيو آهي. پر حقيقت ائين آهي ئي ڪانه، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي قدم جي بلڪل خلاف هو. وري صفحي 273 تي چيل آهي ته مير رستم خان جي انگريزن ساڻ عهدنامي ڪرڻ وقت فتح محمد سخت مخالفت ڪئي هئي، پر مير رستم خان کيس درگذر ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته فتح محمد ننڍي هوندي کان وٺي سندس غلام رهيو. اهي ٻه بيان مسٽر بيل جي ڏنل اهڙين ٻين غلط حقيقتن جا مثال آهن. جيڪڏهن اوهان کي سچي حقيقت معلوم ڪرڻي آهي، ته پوءِ مسٽر برونيل جي سفرنامي جي صفحي 73 تي ورائي ڏسو، جنهن ۾ انهيءَ ساڳئي فتح محمد بابت مفصل بيان ڏنل آهي.

انهيءَ ۾ صاف طور ٻڌايل آهي ته فتح محمد پهريون ئي شخص هو جنهن مير رستم خان جي پاران انگريزن سان لهه وچڙ ۾ اچي، ساڻن عهدنامو ڪيو هو. هاڻي وري اچو ٻئي بيان تي، جنهن کي رد ڪرڻ لاءِ ميجر ايڊورڊس جو ڏنل بيان ڪافي ٿيندو. هو چوي ٿو ته، ”فتح محمد غلام ڪونه هو پر بهاولپور جو وزير هو، ۽ ننڍي هوندي نه پر وڏيءَ عمر ۾ سنڌ ۾ آيو هو.“ مون کي پوري اميد آهي ته اهڙن ذليل ڪوڙن تي ڪو به انگريز اعتبار نه ڪندو، ڇاڪاڻ اهي سڀ ڪم انهن منشين جا هئا جي مير علي مراد خان وٽ پگهاردار نوڪرن جي حيثيت ۾ رهندا هئا ۽ انهن جو ئي مسٽر بيل کي اهڙن بيانن لکائڻ ۾ هٿ هو.

نيٺ اهڙو وقت به آيو، جڏهن خيرپور جي ستايل ميرن کي آرام جي وٿي ملي. 31- جولاءِ 1841ع ۾ مسٽر راس بيل مري ويو، ۽ سندس جاءِ تي سنڌ ۾ انگريزي سياست جي نظرداري هڪ چڱي ۽ ڪارگر ماڻهوءَ ميجر آئوٽرام جي حوالي ڪئي ويئي. جيڪڏهن کيس پنهنجي عهدي تي قائم رکيو وڃي ها، ته پوءِ سنڌ جا ميدان ڪڏهن به رت سان نه رڱجن ها، ۽ اهي ٻه واقعا، جنهن ۾ سنڌ جي هزارين ماڻهن جو مياڻيءَ ۽ دٻي وٽ ڪوس ٿيو هو، سي ڪڏهن به عمل ۾ نه اچن ها. 1821ع جي تباهه ڪندڙ سال جي پڇاڙيءَ ۽ 1822ع جي اڳياڙيءَ ۾ جڏهن اسين افغانستان سان جنگ جهيڙي ۾ هئاسين، تڏهن سنڌ جا مير اسان سان سچائيءَ ۽ سٺي نيت سان شامل حال رهيا، ۽ دوستيءَ جي ناتي تي پورا بيٺل هئا. حيدرآباد واري مير نصير خان جي خلاف شڪايت هئي، ته اهو اسان جي شڪارپور ڦٻائڻ جي خلاف هو، پر اتر سنڌ جي ميرن لاءِ ڪجهه به نه چيو ويو، ۽ نه وري ڪا اهڙي شڪايت سياسي ڊائرين ۾ ملي ٿي. ان وقت هڪ نئون ائڪٽر اچي سين تي پرگهٽ ٿيو. 1842ع جي 6- تاريخ تي لارڊ ايلنبرو سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي پهريون خط موڪليو. سندس اچڻ کان اڳ جيڪي خطرناڪ واقعا ٿيا هئا، انهيءَ جو نئين گورنر جنرل جي هندستان جي رياستن جي باري ۾ اختيار ڪيل پاليسيءَ تي ڏاڍو اثر ٿيو، ڇاڪاڻ ته هاڻي مير کيس شڪ ۽ سختيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. هن ميرن سان پنهنجي لکپڙهه ٽن خطن سان شروع ڪئي، جي دڙڪن سان ڀريل هئا ۽ ان کان پوءِ پوليٽيڪل عملي کي گهٽايو ويو، مير رستم خان کي سخت تڪليف ڏني ويئي. هڪڙي اوڦٽو ماڻهوءَ جو، جنهن تي مير جو ڪوبه ضابطو نه هجي، هر وقت دربار ۾ رهڻ ۽ پڻ سندس معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ ڪهڙو نه خراب ڪم آهي. انهيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام انهن خطن جي تحقيقات پئي ڪئي، جي ڪجهه مهينا اڳ حيدرآباد جي مير نصير خان ملتان جي ساوڻ ملڪ کي، ۽ مير رستم خان شير سنگهه کي لکيا هئا. اهي خط لاهور جي ريزيڊنٽ مسٽر ڪليرڪ کي چڪاس لاءِ موڪليا ويا، جنهن انهن جي سچي هجڻ ۾ شڪ ظاهر ڪيو. ميجر آئوٽرام تيسين يعني ته 24- مارچ 1842ع جي رپورٽ ڏياري موڪلي، ته اهي خط سازش جو نتيجو آهن، جي هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن. پڙهندڙن کي نه فقط اچرج ٿيندو پر کين صدمو پهچندو ته اهي خط، جن جي سچي هجڻ ۾ شڪ هو، ۽ جن جي ڪري ميرن کي ستايو ويو هو، سي ڪرنل آئوٽرام کي مير رستم خان جي جاني دشمن مير علي مراد خان جي هٿان مليا هئا. هاڻي ته سڄو معاملو اهڙو ظاهر ٿي بيٺو آهي، جهڙوڪ منجهند جو سج نروار ٿي بيهندو آهي! علي مراد خان انهن خطن ۾ اهڙيءَ طرح جعلسازي ڪئي هئي، جهڙيءَ طرح سليمان شاهه ڪرنل آئوٽرام جي ڪوڙي صحيح ۽ مهر ٺاهي ورتي هئي. هن آفيسر جو چوڻ آهي هو ته، ”مون کي پاڻ ميرن وٽ شڪايت ڪرڻي آهي، ڇو ته منهنجي صحيح ۽ مـُـهر جي پڻ جعلسازي ڪئي ويئي آهي. جنهن موجب ڏيکاريو ويو آهي ته اهي خط منهنجا لکيل آهن، ۽ انهن کي پيش ڪرڻ سان کين زمين ڏني ويندي.“ هاڻي ڪير اهڙين بيهودين خبرن تي اعتبار ڪندو، ته شير سنگهه ڏانهن لکيل خط فتح محمد جو هو، ۽ مير رستم خان ۾ وري ڪنهن جو به شڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪڏهن به اهو خط نه موڪلي ها. روهڙيءَ کان وٺي بهاولپور تائين سڄو علائقو  مير رستم خان ۽ مير نصير خان جي قبضي ۾ هو ۽ اهو اعتبار ۾ ئي نٿو اچي ته علي مراد خان، جنهن کي ڪابه اختياري ڪانه هئي، انهن خطن کي وچ ۾ ڪيئن هٿ ڪري ورتو. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي، ته جنهن وقت حيدرآباد جي مير نصير خان جو بيبرگ کي لکيل خط پڪڙيو ويو، ٺيڪ ساڳئي وقت حيدرآباد جي اسسٽنٽ رپورٽ ڪئي ته قلات جي نصير خان به ساڳئي معاملي بابت انهيءَ رئيس کي خط لکيو هو. (بـِـلو بـُـڪ صفحو 231- 232). ساڳئي آفيسر رپورٽ ڪئي ته ڪئپٽن پريڊيءَ کي ٻڌايو ويو آهي، ته جيتوڻيڪ اهي خط ميرن ڏانهن منسوب ڪيا ويا آهن، پر مٿن ڪابه مهر وغيره ڪانه آهي. انهن هلڪين رڪاوٽن ۽ متضاد ڳالهين مان وريو ڪي ڪين، ڇاڪاڻ ته گورنر جنرل انهن خطن جي آڌار تي هڪ نئون ۽ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ وارو هو. هاڻي اچو ته انهن خطن جي سچائيءَ تي ڪي حقيقتون پيش ڪريون:

(1) اهي خط برطانيا سرڪار کي انهن ماڻهن وٽان مليا، جي ذليل ڪيل لکندڙن جا دشمن هئا.

(2) خط ڪي مهينا اڳ وچان ئي جهپيا ويا هئا. انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته ڌرين جي وچ ۾ لکپڙهه بند ٿي چڪي هئي، ۽ اسان هروڀرو انهيءَ کي واءُ ڏيڻ لاءِ اهي خط ظاهر ڪيا.

(3) مهرن جي جعلسازي هڪ عام ڌنڌو ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته خود اسان جي ريزيڊنٽ جي به جڙتو صحيح ۽ سيل ٺاهي ويئي هئي، جنهن بابت هـُـن ميرن کي به شڪايت ڪئي هئي.

(4) مير نصير خان جي جنهن منشيءِ بابت ٻڌايو ٿي ويو، ته هـُـن اهي خط لکيا آهن، تنهن کان پوءِ غبن ۽ جعلسازيءَ جي ڪري سزا ڏني ويئي، انڪري جيڪڏهن اهي خط هـُـن بيبرگ ڏانهن لکيا هئا، ته پوءِ ميرن کي انهن لاءِ ڪيئن ٿو جوابدار ٺهرايو وڃي؟

(5) جن آفيسرن اهي خط چڪاسيا هئا، انهن مان فقط ٻه ڄڻا اهڙا هئا جي انهيءَ کي پڙهي سگهيا ٿي، ۽ انهن ٻنهي آزموديگار آفيسرن انهن خطن جي سچائيءَ ۾ شڪ ظاهر ڪيو.

انهيءَ هوندي به انهن بيڪار بهانن تي گورنر جنرل ارادو ڪيو ته
مير رستم خان جي ملڪ جو سرسبز حصو کانئس کسيو وڃي. انهيءَ معاملي ۾ هن سندس اسان تي سموريون مهربانيون وساري ڇڏيون، جنهن جو سندس اڳئين جانشين زوردار لفظن ۾ اعتراف ڪيو آهي. انهيءَ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو 26- آگسٽ 1843ع تي هڪ جنرل آفيسر مقرر ڪيو، جنهن کي فوجي معاملن ۾ وڏو آزمودو حاصل هو. کيس اتر توڙي ڏکڻ سنڌ جي ديواني سياسي فوجي ڪنٽرول جون ديواني، سياسي فوجي ڪنٽرول جون اعليٰ اختياريون ڏيئي ڪرنل آئوٽرام کي سندس زيردست ڪري رکيو ويو. انهيءَ قدم کڻڻ جي ڪري ميرن ۾ جيڪا ناراضگي آئي هوندي، ان جو بيان ئي نٿو ڪري سگهجي. اُهي آفيسر، جن سان هنن جي لهه وچڙ هئي، انهن کي يا ته بلڪل هٽايو ويو يا ته کين رتبي ۾ گهٽائي، سندن جاءِ تي سخت ۽ کهرن فوجين کي رکيو ويو. هنن کي ميرن جي ٻولي، اُٿ- ويهه جي طريقن، تاريخ ۽ وسيلن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. فوجين کي ميرن کان نفرت هئي، انڪري اهي کين ستائڻ جي جذبي سان ڀريا پيا هئا. 9- سيپٽمبر 1842ع تي هيءُ فاتح، جنهن کي سندس تاريخي ڀاءُ مارلين سان ڀيٽيو ويو آهي، سنڌ ۾ وارد ٿيو. هو آيو ئي انهيءَ ارادي سان هو ته ڌرين ۾ دشمني هئڻ گهرجي، يا دشمني پيدا ڪئي وڃي. اهو وقت اهڙو هو جو انگريز آفيسر بنا ڪنهن حفاظتي جٿي جي سڄي ملڪ ۾ پيا گهمندا هئا. پر هن بيوقوفي ۽ اجائي وڏائيءَ ۾ ڀرجي پنجاهه سپاهين جي هڪ جماعت سان درياهه جو اوڀارو سير ڪيو. ائين ڪرڻ جو ڀلا ضرور ڪهڙو هو؟ ڀانئيان ٿو ته اهو بحث ڪرڻ  اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان پوءِ غلطين، زيادتين ۽ ظلمن جا هڪٻئي مٿان تهه چڙهندا ٿي ويا. جيڪي ماڻهو ڳالهين کي ظاهر ظهور ڏسڻ چاهين ٿا، تن کي آءٌ صلاح ڏيندس ته ”سنڌ جو فاتح“ نالي هڪ ٽوڪبازيءَ جو ڪتاب پڙهن ۽ ان سان گڏ ”سنڌ جي فتح تي هڪ تنقيد“ جا ڪرنل آئوٽرام ڏاڍيءَ سخا سان پيش ڪئي آهي، اها به ڏسن. اسان جو مطلب فقط هي آهي ته اوهان کي هڪ اهڙي رانديگر جي سـِـين ڏيکاريون، جو پڙدي جي پويان آرام سان ويٺو هجي، ۽ ڌڪار يا ٽوڪ وچان مشڪندو، ڌاڳن کي پيو ڇڪي ۽ ڇڏي، جنهن تي سندس بيوس گڏا نچندا رهن. علي مراد خان جيڪو ٺڳيءَ ۽ چالاڪيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تنهن پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ ميشرس بيل ۽ برائون کي پنهنجو رانديڪو ڪري ٿي استعمال ڪيو، ته جيئن مير رستم خان جي تباهي ٿئي ۽ سندس نالو وڌي. منشين کي هن دل کولي رشوتون ڏنيون، ۽ پوءِ خوشامد ۽ چالبازين سان خود سندن مٿان به چڱو اثر وڌو. مير علي مراد خان جي سڀ کان وڏي منشا هئي سندس مخالف فتح محمد وزير جي ڪردار ڪشي ڪرڻ. انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جعلسازي ڪري شير سنگهه ۽ بيبرگ جي نالي جڙتو خط ٺاهي ورتا، ۽ اهي اسان جي ايجنٽ جي حوالي ڪيا. جيئن ته انهن مان ڪابه چالبازي ناڪامياب نه ويئي، انڪري هن انهيءَ کان پوءِ تمام ڳرا قدم کڻڻ شروع ڪيا. علي مراد خان ننڍي هوندي کان وٺي هٿ ڦاڙ هو، انڪري هن پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ ڪي ڳوٺ، جهڙوڪ: محمودآباد ۽ ٻٻرلو وغيره گروي ڪيا يا وڪيا هئا. اهي ڳوٺ واپس وٺڻ لاءِ هن گهڻي وقت کان ڪوشش پئي ڪئي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهن جي قبضي لاءِ هن جو پنهنجي ڀاءُ مبارڪ ۽ ڀائيٽي نصير خان سان جهڳڙو هلندو آيو. مير رستم خان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٿيل عهدنامي جي فقري 7- موجب، کيس رسيل اهنج لاءِ مير رستم خان کي دانهن ڪرڻي هئي، جيڪو انهيءَ فقري موجب اتر سنڌ جو مالڪ ۽ مختيار مڃيو ٿي ويو. پر ان هوندي به ڪئپٽن برائون، جو ان وقت سکر جي چارج ۾ هو، فوجون ڪـَـٺيون ڪري خيرپور ڏي وڌيو ته جيئن مير رستم خان تي زور آڻي اُهي ڳوٺ علي مراد خان جي حوالي ڪيا وڃن. خيرپور ۾ جيڪي فوجون ان وقت هيون، اهي علي مراد خان جي فوجن کان تعداد ۾ تمام گهٽ هيون. ان هوندي به انهن نهايت بهادريءَ سان سندن پيشقدميءَ کي روڪيو. نونهار وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي نقصان پهتو. پر فتح حملي آور علي مراد خان کي ئي ٿي. خيال ڪرڻ گهرجي ته ڪئپٽن برائون، وچ ۾ پئي علي مراد خان کان سندس آقا جي خلاف اهڙي سخت قدم کڻڻ بابت ڪا پڇا ڪري ها، پر ائين ڪونه ٿيو. فاتح علي مراد خان زبردستيءَ هڪ عهدنامو لکائي ورتو، جنهن ۾ اهي ڳوٺ، سڄا سارا کيس حوالي ڪيا ويا. انهيءَ سوڀ جي ڪري سندس من ڏاڍو وڌي ويو، ۽ هـُـن وڏي پيماني تي سازش شروع ڪري ڏني.

انهيءَ سڄي معاملي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته مير رستم خان جي پيءُ مير سهراب خان جي ڪيل وصيت تي نظر وجهجي. هن بزرگ مرڻ وقت پنهنجو ملڪ حصا ڪري پنهنجن پٽن ۾ ورهايو. انهن مان هڪ حصو
مير رستم خان کي، ٻيو مبارڪ کي، ٽيون علي مراد خان کي، ۽ چوٿون رئيس يا مکيه مير کي ڏياريو. رئيس بنائڻ لاءِ هن مير رستم خان ۽ کانئس پوءِ ٻين ٻن پٽن لاءِ عمر جي لحاظ کان وصيت ڪئي هئي. مبارڪ ان وقت مري چڪو هو، ۽ علي مراد خان جي مرضي هئي ته پڳ کيس ٻڌائي ويندي، ان ڪري هن مير رستم خان کي ڊيڄارڻ خاطر اهي رستا استعمال ڪيا ته جيئن هو تخت تان هٿ کڻي. مير رستم خان جو وري خيال هو ته پڳ سندس وڏي پٽ کي ٻڌائي وڃي، جو پنهنجي چاچي جو هم عمر هو ۽ دل جو صاف ۽ وڏيءَ دل جو مالڪ هو. هو پنهنجي سازشي، منافق، بي ايمان ۽ ڌوڪيباز

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org