سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ 8

صفحو ؛ 8

 

باب اٺون

سرهند جو پير - ڪراڙيءَ عورت جي ڳالهه - اڻسهائيندڙ مهمان - شال ۾ بلوو ۽ ان تي تبصرو - عبدالله ڪهيريءَ جي رپورٽ

درويش آهن ڪهڙي ڪم جا! مئلن مان ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ پر اوڀر وارن ملڪن ۾ درويش جيئرا به آهن، ته مئل به. اُهي جن ۾ ڪا روحانيت آهي، سي وڏي ڪم جا آهن.

ويچار ڪريو ته هڪ سوداگر آهي، جنهن کي ڏورانهين ۽ خطرناڪ ملڪ ڏانهن سفر تي وڃڻو آهي. کيس هڪ ڌيءُ آهي، جنهن کي هو پاڻ سان وٺي وڃي نٿو سگهي ۽ پٺيان اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو ڊپ اٿس، ته پوءِ ڇا ڪندو جو وڃي ڪنهن پير يا درويش جي ڳولا ڪندو ۽ پنهنجي ڌيءُ انهيءَ کي سونپي ڏيندو. انهيءَ ڪم مان واندو ٿي، هو بيفڪرو سفر تي روانو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته کيس هاڻي پڪ ٿي ته ڪوبه ماڻهو انهيءَ پير جي پاڪن ۾ وڃي ڪونه سگهندو، ان ڪري سندس ڌيءُ امن ۾ رهندي. اهڙيءَ طرح خزانو به ڪنهن نه ڪنهن پير وٽ ڇڏبو آهي، ته جيئن ان کي ڪو هٿ نه لائي. اڀرندي وارن درويشن جو مرتبو اهڙو آهي، جهڙوڪ اولهه وارن ملڪن ۾ ڊيلفي، ۽ اولمپيا جو يونانين وٽ، ۽ ڪليسا ۽ مڙهين جو اسان جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن وٽ هو. اهي هڪ قسم جا صراف آهن، جي وياج ته ڪونه ڏين پر مـُـور کي هٿ لائين ئي ڪونه!

هڪڙي ڏينهن صبح جو فارسيءَ جو هڪ سهڻو ڪتاب مون وٽ آندو ويو، جنهن جي آڻيندڙ ٻڌايو ته اهو سرهند جي پير موڪليو آهي ۽ پڻ خواهش ڏيکاري آهيس ته مون سان ملي. مون کيس موٽ ۾ سلام ۽ نياز موڪليا. ستت، هو مون وٽ لنگهي آيو. سندس نالو فدا محي الدين هو ۽ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو، جو رسول ڪريم جي چئن يارن مان پهريون نمبر هو. سندس اُٿ - ويهه جو طريقو شانائتو هو، جنهن ۾اجائي وڏ ماڻهپائي ڪانه هئي، ۽ اهڙو نمونو اسان جي يورپ ۾ ڏٺو ويندو آهي. هو هندستان ۾ رهيو هو، ان ڪري اجائي وڌاءَ کان سواءِ، اسان جي حڪومت جي ڍنگ جي ساراهه ڪرڻ لڳو. هــُـن مون سان سنڌين ۽ افغانن جي تاريخ تي تمام سٺي نموني ۾ بحث ڪيو. اهو سوچڻ ته مسلمان ليڊر ڪڏهن به سچا ٿي نٿا سگهن، سراسر نالائقي آهي. ٿوري سوجهري وارا ماڻهو ڪنهن ڪنهن وقت روشن دماغ ماڻهن کان به وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿيا آهن.

اهڙن پيرن مان هڪڙو پير، جو اسلام جي اصولن جو پابند هو، سنڌ تي اسان جي حملي ڪرڻ کان ٿورا سال اڳ حيدرآباد جي ميرن سان ملڻ آيو هو. سندس اڳيان ڪي اهڙا ڪم ڪيا ويا، جي قرآني تعليم جي خلاف هئا. هـُـن اوڏيءَ مهل اهو ڪمرو ڇڏيو، ۽ ٽپڙ ٻڌي پنهنجي ملڪ راهي ٿيو. ميرن کيس ڪيترائي نياپا موڪليا ۽ سوکڙيون پاکڙيون روانيون ڪيون پر وريو ڪي ڪين. جواب ۾ وراڻيائين ته، ”وڃي پنهنجي ڌڻين کي چؤ ته آئون ڪڏهن به اوهان جي گهر ۾ داخل نه ٿيندس،پوءِ ڀل ته اوهان موٽي اچڻ تي سڄو خزانو خرچ ڪري وجهو.“

انهيءَ پير جي وڃڻ کان ڪجهه دير پوءِ هڪ پوڙهي عورت غمناڪ نموني ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندي، وار پٽيندي آئي ۽ فرياد ڪرڻ لڳي ته ساڻس انصاف ٿئي. مون انهيءَ ۾ پنهنجي ڏاڍي گهٽتائي محسوس ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي رڙين ۾ مون تي به تهمتون پئي هنيون. چڱو ٿيو جو اهو سڳورو ماڻهو مون وٽان هليو ويو، نه ته کيس مڙيئي ڪجهه خيال ٿئي ها. بهرحال، انهيءَ پوڙهيءَ کي مون چيڙايو ڪيئن، سو ته آئون سمجهي نٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ مون ڪڏهن به انهيءَ چنڊيءَ کي ڪونه ڏٺو هو. هندستان ۾ جن ماڻهن کي فرياد ٻڌڻ تي معمور ڪيو ويندو آهي، تن کي خبر آهي ته فرياد ٻڌڻ وقت انهيءَ کي پوريءَ طور سمجهڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي. هن خطي ۾ اهو رواج آهي ته ڏوهاري پاڻهي پاڻ اچي حاضر ٿئي ۽ اچي سڄي حقيقت ظاهر ڪري، ڇاڪاڻ ته مدعيءَ کي پاڻ سان ٿيل ظلم جي تفصيل ظاهر ڪرڻ کان منع ٿيل آهي. آخر مون کي خبر پئي ته هڪ واڍو، جو اسان جي نوڪريءَ ۾ هو، تنهن انهيءَ پوڙهيءَ جو وڻ وڍي وڌو آهي. مائيءَ جي اها دعويٰ هئي ته اهو وڻ کيس اکين کان به مٺو هو. ڏينهن جو اس ۾ اهو وڻ سندس اجهو هو،پر رات جو به انهيءَ جي هيٺان سمهندي هئي. مون کي واڍي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ کيس هڪدم گهرائي ورتم. جڏهن سختيءَ سان مٿس دهمان ٻڌم، تڏهن وٺي کليو ۽ چيائين ته ”سائين پاڻ هلي سڄيءَ حقيقت کان واقف ٿيو. مون انهيءَ پوڙهيءَ کي پئسا ڏنا هئا ۽ شام جو جڏهن وڃي سندس دادلي کي ڏٺم، تڏهن اهو وڻ جي بدران هڪ سڪل بنڊ نظر آيو، جنهن مان ساوڪ ڪڏهوڪر ختم ٿي چڪي هئي. مائيءَ انهيءَ کي فقط فرنگيءَ کان پئسن ڪڍڻ جي مشين ڪري استعمال ڪيو هو. اها هچا حقيقت ۾ اسان جي ڇاڙتن کان گهٽ ستائيندڙ هئي، جي اسان لاءِ هڪ قسم جي وچڙندڙ بيماريءَ مثل هئا. ڪنهن يورپي شراب پيئندڙ ڪلارڪ جي مون وٽ سفارش ڪريو، پوءِ ويهي مزا ڏسو. مثال طور هڪ پوليٽيڪل جي ڀاءُ مون کي لکيو ته، ”مسٽر فلاڻو پنهنجي نوڪريءَ تي چڙهي چارج وٺڻ خاطر فلاڻي تاريخ شڪارپور مان لنگهندو. ان ڪري کيس کاڌو، رهائش ۽ پڻ سفر جون ضرورتون مهيا ڪري ڏجن.“ جڏهن اهو ماڻهو پهتو تڏهن اچي مون وٽ ويٺو. آءٌ سندس ظاهري ڏيک ۽ اٿ ويهه کان ڏاڍو متاثر ٿيس، ڇاڪاڻ ته هن جي چال چلت ۽ ڳالهائڻ جو نمونو سندس مرتبي کان گهڻو وڌيڪ پئي لڳو، مون سندس ٽپڙ گهرائي ورتا ۽ کيس هڪ جدا تنبو ڏياريو، ساڳئي وقت مون سندس تعارف هڪ رسالدار سان ڪرايو، جو گهوڙيسوارن جي جٿي جو مهندار هو. هو ويجهڙائيءَ ۾ڪئمپ لڳايو ويٺو هو ۽ سندس ماڻهن مان ڪي انهيءَ نئين آيل ماڻهوءَ سان حفاظتي طور صبح جو گڏ وڃڻا هئا.

رات جو مڙيئي چڱو گوڙ ٿي ويو ۽ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا. مون پڇا لاءِ ٻه- ٽي ماڻهو موڪليا ته ڇا جو گوڙ آهي. صبح جو رسالدار ڳنڀير مون وٽ آيو، ۽ چيائين ته صاحب! راتوڪو ماڻهو عادتن جو کوٽو هو. تنبوءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ هن ڪجهه ڪلاڪ شراب پيئڻ ۾ صرف ڪيا ۽ انهيءَ کانپوءِ اگهاڙي تلوار کڻي، رونشي خاطر وٺي ٿو نوڪرن جي پٺيان پوي. آخر تنبوءَ جي نوڙيءَ ۾ سندس پير اٽڪجڻ ڪري هو ڪري پيو، جنهن تي ڪن گهوڙيسوارن کيس جهلي تلوار کسي ورتي. مون رات جو واقعو لکي سندس ئي هٿان، سندس بالادست ڏانهن ڏياري موڪليو. مون واري دوست ڀانئيو ته هو کيس سڌارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پر مهيني کن جي آزمائش کان پوءِ ڪڪ ٿي کيس واپس ڪري ڇڏيائين. اهو انهيءَ ڪري، جو هن هڪ ڏيهي خزانچيءَ جي ٻانهن ۾ چڪ وڌو هو، جنهن تي سندس هٿ - پير ٻڌي کيس سکر موڪليو ويو. انهيءَ موقعي تي انهيءَ ڪاردار به سندس ڪو خيال نه ڪيو ۽ هو ڏک ۽ پيڙا ۾ ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳو.

جولاءِ جي ساڙيندڙ گرمي اچي چڪي هئي. آءٌ هڪ پکي جي هيٺان سمهندو هوس، جو اصل منهنجي نڪ جي مٿان ٿورن انچن تي پئي لڙڪيو ۽ جڏهن به پکي ڇڪيندڙ کي ٿورو به گهيرٽ يا ننڊ ايندي هئي، ته آءٌ اٿي کڙو ٿيندو هوس، ڇاڪاڻ ته پکو بند ٿي ويندو هو. هڪ رات آءٌ اهڙي بي آرام ننڊ مان جيئن اٿيس، تيئن ٿاٻڙجي وڃي انهيءَ ڏيهي نوڪر جي مٿان ڪريس،جو منهنجي ڀر ۾ ليٽيو پيو هو. ”ڪا هوا آهي ملڪ ۾؟“ منهنجي وات مان نااميديءَ ۾ اهي اکر نڪتا. ”مون وٽ ته ڪانه آهي، جو اوهان کي ڏيان.“ هن جواب ڏنو. آءٌ نيٺ باغ ڏانهن وٺي ڀڳس ته من ڪا اتي هوا لڳي، پر مڙيئي ٿيو ڀلو! جيڪي به انگريز آَفيسر مون سان رهيا پيا هئا، تن مان هڪڙو سائي فصل ۾ کاڏي کوڙبو اونڌو ٿيو پيو هو، ته جيئن ڪا ٿڌڪار لڳي. ٻئي وري وڻن جي هيٺان جهوتون پئي ڏنيون. اسان مان ڪنهن به، باقي رهيل رات جي ننڊ ڪانه ڪئي. هوا اهڙي ته ڳؤري هئي جا ڀانءِ ته چاقوءَ سان وڍيل هجي ۽ اهي ٽڪر باهه جي شعلن جا ٺهيل ٿي ڏٺا. جنهن جٿي کي شڪارپور ڏانهن وڌڻ جو حڪم مليل هو، اهو ويهن ميلن جي پنڌ کانپوءِ ٻن راتين اندر ڇڙو ڇڙ ٿي ويو. ڪن ماڻهن کڻي پاڻ کي واهن ۾ ڪيرايو. ڪي چريا ٿي پيا ته ڪيترا وري تپجي پيا. عين انهيءَ وقت اسان کي جبلي ٻروچن ۽ بروهين سان خراب هلت هلڻ جو نتيجو مليو.

جون جي 24- تاريخ ڪاڪڙن سيل ڪوٽ تي حملو ڪيو، جن کي البت شڪست ڏني ويئي ۽ سندن سٺ ماڻهو ضايع ٿيا. ويهن سپاهين جي هڪ جماعت ۽ سندن حوالدار جي - لـَـوڊي، جي منشي غلام حسين جي حفاظت ۾ هئا، هڙئي مستونگ وٽ مارجي ويا. مون کي قلات مان ليفٽيننٽ لوڊي ۽ پڻ شاهنواز ۽ فتح خان کان خط پهتا، ته اهي قبيلا، جن جون زمينون کسيون ويون هيون، تن پنهنجن سردارن جي هٿ هيٺ اسان جي برخلاف هٿيار کنيا آهن. ساڳئي وقت هـُـنن پنهنجيءَ پارٽيءَ جي ماڻهن ۾ بداعتمادي ظاهر ڪئي ۽ لکيو هو ته، ”جي امدادي فوجون نه پهتيون ته، پوءِ قلات هڪدم دشمن جي هٿ چڙهي ويندو“. مون کي پنهنجي منهن ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انهيءَ خبر تي مون کي اچرج ڪونه ٿيو. ان وقت اهو صاف ظاهر ٿي چڪو هو، ته شاهنواز انهيءَ ناراضپي کي، جو سندس خلاف ماڻهن ۾ تڪڙو وڌي رهيو هو، منهن ڏيئي نه سگهندو. شروعات کان وٺي منهنجو اهو خيال هو، ته اسان شاهنواز کي کڙي ڪرڻ ۾ صحيح ڪم ڪيو آهي، ۽ اڃا به منهنجو اهوئي خيال آهي. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ۾ اسان کي ڪيترن ئي خرابين کي منهن ڏيڻو پيو. قلات جي هٿ اچڻ ۽ محراب خان جي موت کان پوءِ ڇا اهو هڪ بهادريءَ جو قدم نه هو جو سندس پٽ کي تخت تي ويهاريو وڃي ها! فارس (1) ۾ وري هيئن به هو جو هڪ بي انصاف جج جي کل لاهي انهيءَ سان سندس جانشين جي ڪرسي آراسته ڪئي ويندي هئي. مون کي اعتبار ئي نٿو اچي جو هڪ پٽ پنهنجي پيءُ کي شوٽ ڪرڻ کان پوءِ وفادار ۽ ثابت قدم رهي سگهي ٿو. سڀئي شهزادا ڪو اسان واري پاڪدامن ميري وانگر ته ڪونه آهن، جا ٻاراڻي خوشيءَ سان انهيءَ محلات ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي هئي، جتان سندس پيءُ جيمس ٻئي کي ڪڍيو ويو هو(2) . نصير خان مان ڪڏهن به اها اميد نٿي رکي سگهجي، ته ڪو هـُـن انهيءَ تلوار کي وساري ڇڏيو هوندو، جنهن کيس يتيم ڪيو هو. اها ڳالهه اعتبار ۾ ئي ڪانه ٿي اچي ته هيترين خونزير جنگين کان پوءِ هو اسان کي پنهنجو دشمن نٿو سمجهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان سندس ملڪ ڇڏيو هو ته ان وقت هـُـن اسان کي مشڪندڙ منهن سان الوداع چيو هو. اسان جي اها غلطي ڪانه هئي، جو اسان شاهنواز کي تخت تي ويهاري، پوءِ کيس مدد ڪرڻ کان بلڪل نابري واري هئي. ٿي سگهي ٿو ته کيس مدد ڏيڻ ۾ اسان کي ڳرو خرچ ڪرڻو پوي ها، ان ڪري اسين نٽائي وياسين. اسان جي جيڪڏهن اها مرضي هئي ته پوءِ شاهنواز کي پنهنجي منهن حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏيون ها، ته جيئن وڻيس ها تيئن پنهنجي ماڻهن مٿان حڪومت ڪري ۽ اسان سندس معاملن ۾ دست اندازي ڪرڻ ڇڏي ڏيون ها. پر اسان نه فقط سندس ملڪ جو هڪ علائقو يعني ڪڇي کانئس کـَـسي ورتو، پر ان سان گڏ ريزيڊنٽ ۽ ڪي سپاهي به سندس تختگاهه ۾ ڇڏيا. ائين ڪرڻ سان اسان مٿس دوستيءَ جي گلا جو ڍنگر به مڙهيو. جنهن مان کيس ڪوبه فائدو نٿي ٿي سگهيو. شاهنواز لاءِ اسان هڪ ٻي به مصيبت کڙي ڪئي، جو سندس گهر ۾ سندس لاءِ دشمن پيدا ڪري وڌا. اهو هيئن جو اسان سندس سالي ڪمال خان التازئي جون زمينون ضبط ڪري ورتيون. ورهاست جي خيال کان نواز جو قلات جي تخت تي اهڙو حق هو، جهڙو نصير خان جو. ٻنهي جا پيئر انهن لاءِ اهڙيءَ طرح دعويدار هئا، جهڙا هاڻي سندن پٽ آهن. نواز جي پيءُ کي محراب خان ظلم ۽ دغابازيءَ سان قتل ڪيو هو. ساڳئي وقت نواز کي شاهه شجاع جي حمايت به حاصل هئي، جو سنڌ ملڪ جو حاڪم اعليٰ تصور ڪيو ويندو هو. شجاع کي جڏهن ديس نيڪالي ملي هئي، تڏهن جي اميرن سندسن طرف ورتو هو ۽ شهزادن جيان هـُـن جي خاطر تواضع ڪئي هئي. ڇا به هجي، جڏهن برطانيا سرڪار کيس قلات جو خان مقرر ڪيو هو، تڏهن منجهانئس هٿ ڪڍي، کيس مصيبت ۾ ڇڏڻ ڪميڻپ جي حد هئي. اوڀر وارن ملڪن ۾ جنهن ڳالهه اسان جي طاقت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، سا هيءَ آهي ته انگريز سچو دوست ٿي نٿو سگهي. اها ڳالهه به مشهور آهي ته وٽانئن هڪ بهادر دشمن، هڪ فرمانبردار دوست کان وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. لارڊ ايلنبرو انهيءَ ڳالهه کي ڀانپي ورتو هو، ان ڪري بهاول خان تي نوازش ڪري گهڻو ڪي حاصل ڪيو ويو هو، جو شايد ويهن خونزير صوبن مان به ڪين ملي ها.

اسان جي هندستاني سلطنت کي اهڙيءَ طرح هلائڻو هو، جهڙيءَ طرح اسان انهيءَ کي حاصل ڪيو هو. ٺيڪ اهڙيءَ طرح جيئن روم جي حڪومت دنيا تي بادشاهي ڪرڻ جي حرفت ڳولي ڪڍي هئي. انهيءَ سرشتي موجب فقط انهن کي مدد ڪري مٿن چاڙهيو ويندو هو، جي سندن طرف هئا، پوءِ ڀل ته عام ماڻهو انهن جي خلاف هجن. پر بهاول خان کان سواءِ اهي آهن ڪٿي جي ٿورا سال اڳ اسان جي دوستيءَ جو دم ڀريندا هئا. ڪٿي آهي شاهنواز خان؟ ڪٿي آهن مير رستم ۽ صوبدار ۽ پڻ اهي رئيس آهن ڪٿي، جن اسان لاءِ پنهنجن قبيلن خلاف تلوارون ڪڍيون هيون. اهي گهڻو ڪري سڀ مارجي ويا آهن، ۽ ديس بدر آهن ۽ سندن جاءِ تي اهي ماڻهو اچي ويا آهن، جي اسان جي خلاف هئا. جڏهن هرڪو مسلمان ائين چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ته فرنگي جي دوست ٿيڻ بدران سندس سوئر ٿيڻ(1) وڌيڪ بهتر آهي، ته اهڙي نالي کان گمنامي ڀلي. ويچاري لوڊي مون کي لکيو هو، ته هو ۽ سندس ساٿي نيٺ مارجي ويندا پر ساڳئي وقت هن اهو به پرن ڪيو هو ته هو پنهنجي جاءِ تان هٽڻ بدران مارجي وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندو. مون سکر جي ايجنٽ کي خط لکي عرض ڪيو ته گنداوا لـَـڪ ڏانهن هڪ ريجمينٽ جلد موڪلي، پر جواب مليو ته فوجن جي نقل حرڪت ۾ اسان جي سملي واري بالادست جي حڪم کان سواءِ، ڪنهن کي به ڪو اختيار نه آهي. مون کيس وري لکيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪيل عرض جي برگيڊير انچارج کي سفارش ڪئي ويندي، ته پوءِ انهيءَ معاملي جي جوابداري آءٌ پنهنجي سـِـر تي کڻڻ لاءِ تيار آهيان، پر انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه مليو. وقت وري اهڙو اچي ويو هو جو- پهريائين ته اسان کي نـِـرڙ جي مٿان وارن ڏيڻ تي تيار هو پر پوءِ گوهي ڏيئي کسڪي ويو ۽ ڀڄڻ ويل اسان کي پنهنجي چوٽي آڇي سگهيو، جنهن کي جهلڻ جي اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ساڳئي وقت عبدالله ڪهيري، جو ٽڪرين جي مهم ۾ اسان جو سونهون هو، سو مون سان ملڻ آيو. کيس ڪاهان جي خبر هئي، هن ٻڌايو ته مري رستي تي لهري ۽ نفشڪ وٽ مورچا ٺاهي رهيا هئا. سندن طاقت بابت ٻڌايائين ته، ”اوهان جا پنج سؤ ماڻهو به کين پڄي ڪونه سگهندا. البت هڪ هزار ماڻهو شايد سوڀارا ٿين، پر ان لاءِ کين وڙهڻو پوندو.“ هن انهن جا نالا به ورتا جي اتي جمع ٿيل هئا ته جيئن اسان جون فوجون ڪاهان نه ڇڏائي سگهن. آءٌ هڪدم عبدالله کي ٻئي پوليٽيڪل آفيسر وٽ وٺي ويس ۽ چيومانس ته جيڪي مون کي ڏسيو هيئه سو کيس بيان ڪري ٻڌاءِ. پر اتي جيڪي به ويٺل هئا تن انهيءَ ڳالهه کي ڪابه اهميت نه ڏني، پاڻ کل ڪرڻ لڳا ته، ”مري ٿا سڄيءَ ريجمينٽ سان وڙهي سگهن!“

24- جولاءِ تي گوڙ ۽ کـِـنوڻ سان ڏاڍو مينهن وٺو، جنهن مڙيئي ڪجهه ٿڌڪار آندي. آگسٽ جي شروعات ۾ آءٌ سکر ويو هوس. مون ڏٺو ته برگيڊير ايس. موت کي ويجهو وڃي پهتو هو. کيس مغز ۾ پاڻيءَ جي بيماري هئي، ۽ ڦوڦينڊا وغيره هئس، جنهن جي ڪري کيس ٽيڪ ڏيئي سمهاريو ٿي ويو. ”جيڪڏهن آءٌ ٿورو ٺيڪ ٿيس ته ڪراچيءَ يا سملي هليو ويندس. ڪيئن ٿو ڀانئين ڪهڙو ڊاڪٽر منهنجي لاءِ ٺيڪ ٿيندو؟“ هـُـن پڇيو. ”شايد ڪراچيءَ جو ڊاڪٽر“ مون وراڻيو. جڏهن اسان اهو ڪمرو ڇڏيو تڏهن ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته سڀاڻي صبح کان اڳ هو مري ويندو ۽ ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن شام جو آءٌ هـُـن جي ڪفن دفن ۾ شامل ٿيس. اها هڪ غمگين شام هئي. جتي کيس دفن ڪيو ٿي ويو، اتي ڪيتريون ئي قبرون هيون، پر گدڙن لاشن ڪڍڻ خاطر انهن ۾ وڏا ڏرڙ ڪري ڇڏيا هئا. فائر ڪرڻ وارن به ڪنهن عجيب غلطيءَ سبب مـُـڙدي جي مٿان نه، پر پري کان فائر ڪيا هئا. ختمو وري هڪ آفيسر تڪڙ ۾ اهڙي لـَـهجي ۾ پڙهيو، جو فرسٽ ڪارنئين(1) جو عمدو باب، بيٺلن مان ڪنهن جو روح نه جاڳائي سگهيو. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته، ”شل منهنجو موت پنهنجي وطن ۾ پئي ۽ نه هنن ڪافرن ۾، جن کي (حضرت) عيسيٰ جي ڏنل واعدي جي خبر ڪانهي.“

12- آگسٽ تي آءٌ شڪارپور پهتس. ڪليبارن جي فوج، جنهن ۾ فرسٽ گرينڊيز جا اڍائي سؤ سوار هئا، سيڪنڊ گرينڊيز جي هلڪي ڪمپني ۽ ڪجهه توبخانو ڪاهان ويندي اتان اچي لانگهائو ٿيا. اصل ۾ اها تجويز هئي ته يورپين جون ٻه ڪمپنيون، ۽ سيڪنڊ گرينڊيز جو ساڄو بازو، ساڻس گڏ موڪليو ويندو. ”هاڻي متان ڇڏيو انهن کي“ مون ايجنسيءَ جي ڏاڪن تان بيهي چيو ته، ”پر اوهان کي سخت جنگ ڪرڻي پوندي.“ انهيءَ تي هـُـنن وراڻيو ته، ”ٻروچ هاڻي بيهندا ئي ڪونه.“ مون سرڪاري طور هڪ درخواست ڪئي ته مون کي به محاذ تي موڪليو وڃي، پر اها نامنظور ٿي ۽ مون کي جواب مليو ته جتي آهيان اتي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي. مون کي ڏاڍو کٽڪو هو، ته ڪيئن نه دشمن جي طاقت کي گهٽ سمجهيو ٿي ويو، آفيسر ۾ هڪ آئرش هو، جو قد جو تمام ڊگهو هو، ڇهه فوٽ پنج انچ قد هئس. سندس ويڪرو بدن هرڪيولس جهڙوئي هو. طبعيت جو به مڙيئي تـِـکو ٿي ڏٺو. کيس ڪجهه اُٺ کپندا هئا. مون ڏانهس شڪارپور جو داروغو ڏياري موڪليو ته کانئس سندس گهرجن بابت پڇا ڳاڇا ڪري. ڏسان ته اهو ننڍڙو فارسي (ايراني) ڏڪندو اچي. ”واهه صاحب واهه“، هن چيو، ”توهان ته مون کي عفريت ڏانهن موڪليو آهي، جو ماڻهو ته ڪونهي، ديو آهي. منهنجو عرض آهي ته اوهان پاڻ وڃي کيس اٺ وٺي ڏيو ۽ مون کي اُن گجندڙ شينهن جي ويجهي وڃڻ کان بچايو.“

14- تاريخ مون کي لوڊي وٽان هڪ خط پهتو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته قلات چڱيرڙي مقابلي کان پوءِ دشمن جي هٿ چڙهي ويو. ”ٿورن سون سپاهين سان.“ هن ٻڌايو ته، ”خان ۽ سندس ڀاءُ سڀني حملن کي ناڪام بنائي ڇڏين ها پر ساڻن سندن پنهنجي پارٽيءَ جو ماڻهن دغا ڪئي“. شاهنواز ڏاڍي بهادري ڏيکاري ۽ هڪڙي حملي آور کي پنهنجن هٿن سان ماري وڌائين.

مون کي هاڻي حڪم ٿيو ته آءٌ دادر وڃان ۽ هرهڪ اسٽيشن تي، جا رستي تي آئي ٿي، مسافرن لاءِ هڪڙو گهر ٺهرايان. ساڳئي وقت مون تي اهو به ڪم رکيل هو ته جيڪي به کوهه رستي تي هئا، انهن کي صفا ڪرائي ڇڏيان ته جيئن اسان جي سپاهين کي اڳتي وڌڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻيءَ جي تڪليف نه ٿئي. مون جيڪي ڪمي هٿ ڪيا هئا، انهن کي ڪي ڏينهن مهلت ڏنيم ته جيئن سفر لاءِ پنهنجو بندوبست ۽ تياري ڪري وٺن. آءٌ انهيءَ وچ ۾ پير سرهنديءَ جي گهر، حبيب ڪوٽ گهمڻ ويس. مون ڏٺو ته پير صاحب هڪ تمام آسودي ۽ آسائش واري گهر ۾ رهيو پيو هو، جنهن کي پاسي ۾ باغ به هو، جو سنڌ جهڙي ملڪ لاءِ تمام دل لڀائيندڙ شيءِ آهي. هن مون کي رات جي ماني، چانديءَ جي ڍانڪن ۾ کارائي. مون کي اتي پشاور جا ڊگها چانور پسند آيا، جي عام چانورن کان ٽيڻا ٿيندا آهن. اهي چانور رنجيت سنگهه کي اهڙا ته وڻندا هئا جو هو پشاور جي ڍل جو ڪجهه حصو، انهيءَ جنس ۾ وٺندو هو ۽ تحفن ۾ به اهي چانور ڏياري موڪليندو هو. مانيءَ کان پوءِ هڪ سٺي آواز واري ماڻهوءَ ڏاڍي سوز سان شاهنامي مان رستم ۽ سهراب جي ويڙهه جو احوال پڙهيو. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه وقت اسان باغ ۾ پسار ڪيو ۽ آءٌ اڌ رات ڌاري شڪارپور واپس پهچي ويس. ان وقت ٺـُـپ اوندهه هئي. اسين جيئن دروازي هيٺان لانگهائو ٿياسين، تيئن منهنجو نـِـرڙ وڃي ڪاٺ کي لڳو ۽ مون کي اُٺ جي پـٺيءَ تي سمهاري وڌائين، پر خوش قسمتيءَ سان ڪـِـريس ڪونه. ساڳئي وقت منهنجي جاڪي ٽوپيءَ، جنهن ۾ چڱيءَ طرح سان ڪپهه ڀريل هئي، منهنجي کوپڙيءَ کي ڀڄڻ کان بچائي ورتو. ٻئي ڏينهن حيدرآباد جي وزير ابراهيم شاهه مون کي ناچ ڏسڻ جي دعوت ڏني، جا قاضين واري باغ ۾ ٿيڻي هئي. سنڌي ناچڻيون هندستان جي ناچ وارين کان گهڻو گهٽ آهن. انهن مان هڪڙي مهتاب نالي سان ڏاڍي موچاري هئي، پر انهيءَ هوندي به دل جي کسجي وڃڻ جو ڪو به ڊپ نه هو.

29- آگسٽ تي مون رات جو شڪارپور کي ڇڏيو ۽ صبح جو پنجين بجي هڪ هنڌ پهتس، جنهن کي جانيديرو سڏيو ٿي ويو. اهو شڪارپور کان چوويهن ميلن جي پنڌ تي هو ۽ اتي هڪ ننڍڙو ڦٽل ڪوٽ به هو، جنهن جي چوڌاريءَ انهيءَ موسم ۾، ڪيترن ميلن ۾ جوئر جو فصل بيٺو هو. دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو فصل ايڏي قد جو نه ٿيندو آهي. آءٌ اُٺ تي چڙهيل هوس پر ان هوندي به اها پوک ڪيترا فوٽ مٿي بيٺي هئي. منهنجو خيال آهي ته ڪيترن هنڌن تي اها زمين کان ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪانه هئي. هيڏي ساري ايراضي ۽ اها به ڊگهي فصل سان ڍڪيل، ڌاڙيلن جي لـِـڪڻ لاءِ هڪ عمدي جاءِ هئي، جنهن لاءِ مون کي گهڻا ڏينهن اڳ ثابتي ملي چڪي هئي. جانيديري ۾ فقط هڪ وڻ هو، جو تمام ڊگهو هو ۽ ڏسڻ ۾ چوڌاريءَ ساوڪ واري پوٺي جي ابتڙ فخر سان اوچو ڳاٽ جهليو بيٺو هو. انهيءَ اڪيلي وڻ تي ڪئين پکي اچي پناهه وٺندا هئا. مون ٻه فئر ڪيا، جن ۾ چوراسي جهرڪيون ماري وڌيم. اُتي ڪنهن ڪنهن وقت تي سموم يا بيابان مان سخت طوفان ايندو هو. بيقاعدي گهوڙيسوارن جي مهندار مون کي ٻڌايو ته: هڪ دفعي هن کي ٻه ڏينهن ماني ڪانه ملي هئي، ڇاڪاڻ ته واءُ گهـَـرن جون ڇتيون اُڏائي ويو هو، ۽ ان ۾ ايتري ته ڌوڙ هئي جو ڪجهه به پچائڻ ڏکيو هو. ڪو وقت هو ته سنڌو درياءَ مان ڪيترا واهه جانيديري کان گذرندا، بيابان تائين ويندا هئا ۽ پوک به هن کان وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. ساڳئي وقت، هتي ڪيترائي ڳوٺ به هوندا هئا، پر هاڻي ته انهن جا نالا به ياد ڪونه آهن. ڪوٽ جي چوڌاريءَ هڪ ننڍڙو شهر به ٻڌل هو پر هاڻي انهيءَ جي جاءِ تي قبرون ۽ قبن سان ڀريل مقام آهي. آءٌ آندل ماڻهن کي مسافرن لاءِ هڪ گهر ٺاهڻ جو ڪم سونپي، ٻئي ڏينهن يارهن ميل پنڌ ڪري خانڳڙهه ويس. اُتي هڪ قلعو به هو جنهن ۾ لارڊ ڪـُـئين جي فوج جي کوسي قبيلي جي ماڻهن مان ڪن اسان جي سامان جي ڦـُـر ڪئي هئي. ڪـِـن سنڌين جو چوڻ هو ته اها ڦـُـر جکراڻين ڪئي هئي ۽ کوسا بيقصور هئا. ڇا به هجي پر اها پڪ آهي ته ففٿ بي - اين- آءِ هتي حملو ڪيو هو. انهن وٽ توبخانو به هو، پر توبون هلڪيون هيون ۽ انهن کي چڱيءَ طرح ڪم نه آندو ويو هو. چون ٿا ته پهريون فئر گـُـسي ويو، جنهن تي هنن ٺٺوليءَ ۾ وٺي هـَـڪلون ڪيون. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ڪوٽ اندر هئا، تن ڪو اجايو وقت ڪونه ٿي وڃايو. جامڪيدار بندوق مان آيل هڪ گوليءَ، حملي ڪندڙ ريجمينٽ جو صوبيدار ميجر ماري وڌو ۽ ٻيا به ڪجهه ماڻهو مئا ۽ ڦٽيا. انهيءَ پلٽڻ جا ٻه جوان آفيسر، جن اڳي ڪڏهن به توب جو گولو ڇـُـٽندي ڪونه ڏٺو هو، تن ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وٺي قلعي جي در ڏانهن لـُـوهه ڪئي، ۽ ڪوشش ڪئي ته انهيءَ ڪاٺ کي، جو قلعي جو دروازو بند ڪيو بيٺو هو، ڌڪ هڻن. انهن مان هڪڙو زخمجي پيو پر ڪوشش ڪامياب ويئي. چون ٿا ته جڏهن فوج اندر گهڙي، تڏهن هڪ سؤ ٽيهه ماڻهو سنگينن رستي مارجي ويا ۽ باقي رهيلن کي قيد ڪري شڪارپور موڪليو ويو، جتان پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو. جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ کوسا ڦـُـر جا ڏوهاري هئا، ته پوءِ کين سزا به عبرتناڪ ملي، ڇاڪاڻ ته اها جاءِ بلڪل تباهه ڪئي ويئي هئي، ۽ اسان کي جيڪي کنڊر نظر آيا، سي انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن.

مون پنهنجي سرن ۽ گاري(1) واري کاتي کي ڪم تي لڳائي، هڪ دفعو وري اُسهڻ جي تياري ڪئي. اها تياري ڪا نون ميدانن ۾ چراگاهن لاءِ ڪانه هئي، پر اڻ ڏٺل بيابان ۽ چراگاهن لاءِ هئي، جي ڪٿي ڏٺا ٿي ته ڪٿي وري بلڪل هئا ئي ڪونه. هلندي اسان کي پري کان ڪي هرڻ ڏسڻ ۾ آيا. اهو پهريون مثال هو جو مون سنڌو نديءَ جي اولهه ۾ هرڻ ڏٺا. هندستان ۾ ته هنن جو ليکوئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اتي تمام گهڻا آهن. راجڪوٽ ۾ صبح جو سواريءَ مهل ڪئمپ مان نڪرندي سندن پٺيان پوڻ مون لاءِ هڪ دلپسند وندر هئي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو جو اهي ڊڄڻا جانور منهنجي گهوڙي جي آڏو وري رستو پار ڪندا هئا. جيڪڏهن اهي سڌا ڊوڙن ها ته پوءِ اکين کان غائب ٿي وڃن ها، پر انهيءَ ٽـَـل جي ڪري آئون ڪيترا دفعا وڃي کين ويجهو پيو هوس. پر هاڻي اها جـُـوءِ اهڙي فائديمند ورزش جي ڏانوَ جي ئي ڪانه هئي، ان ڪري مون انهن ڊڄڻن جانورن کي ڇڏيو ته ڀـَـل بنا کؤنس جي ڦـُـٽي وڃن.

---------------


(1) فارس: ايران جي ڏاکڻي علائقي کي سڏبو آهي.

(2) ميري: انگلينڊ جي راڻي ڏانهن اشارو آهي، جا پنهنجي پيءُ کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي.

(1) سوئر ٿيڻ معنيٰ ته سندن کاڄ، يعني ته سندس هٿان مارجي وڃڻ.

(1) ڪارنئين: يوناني آرڊر جو هڪ قسم جو ختمي جو ڪتاب. روح کي بخشڻ لاءِ مرڻ وقت جيڪو خطبو پڙهبو آهي. هي انهيءَ ڏانهن اشارو آهي.

(1) يعني ته رازن ۽ مزورن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org