مارجي ويا هئا، زخمي ٿيلن جو ته وڏو تعداد آهي.
سومري وٽ اسان جي وڌندڙ فوج تي بلوچن جي هڪ
جماعت اَسـُـر جي وقت حملو ڪري ڏنو. پر توبخاني
جي گهوڙيسوارن تلوارن ساڻ مٿس وار ڪري، ڇهه ٻروچ
ڪيرائي وڌا. سڀئي اُٺ، جن جو جملي تعداد پنجويهه
هو، چراگاهن تان چوري ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين
انهن کي ڳولي نه سگهيو آهيان. اسين صبح جو دادر
ڪوچ ڪنداسين. اسان کي مشڪل سان اتي کائڻ لاءِ
ڪجهه ملي سگهندو، ڇاڪاڻ ته رَسد جـو سامـان
اسـان جـي اڳـيـان ويـنـدڙ فـوج ختم ڪري ڇڏيو
هو. اسان وٽ فقط ڇهن يا ستن ڏينهن جو سامان آهي
۽ سواري به ايتري ئي مقدار لاءِ موجود آهي.
انهيءَ هوندي به اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪوشش
ڪري انهن سڀني اُٺن کي ڪم آڻجي، جيڪي رستي ۾ ملي
وڃن. اسان کي انهيءَ جي ڪابه پڪ ڪانهي ته لـَـڪن
جي ٻئي طرف اسان کي وڃڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن
اوهان کي اُٺ لـَـڏڻا آهن ته انهن کي اصل خالي
نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اناج جي ڏاڍي ضرورت
آهي، اناج، اناج، اناج! توڙ تائين پاڻ کي اهوئي
گهرجي. انهيءَ جي سنڀال لاءِ طاقتور نگهبانن جي
پڻ ضرورت آهي. ڪرنل ڊيني جي پيادل فوج ۽ ان سان
گڏ شاهه جي گهوڙيسوار فوج، سامان جي حفاظت لاءِ
ٻنهي جو هجڻ ضروري آهي. مون کي هـِـن جي، توڙ
تائين پهچڻ جي اميد ته ڪانهي، پر ڪوشش ڪرڻ مون
تي فرض آهي، آئوٽرام جنرل ولشاير سان گڏ آهي. ته
ضرور انهيءَ ڏکوئيندڙ واقعي جو احوال ٻڌو هوندو.
مون کي اميد آهي ته هو هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهڻ
جهڙو ٿي ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته صحيح معنيٰ ۾ اڻلڀ
ماڻهو آهي. قلم تازو:
”اُٺ موڪليو ۽ اناج. وري دهرايان ٿو ته اناج ۽
اُٺ.“
ٻئي وري لکيو ته، درياءُ تمام گهڻي زور شور سان
اسان ڏانهن ڌوڪيندو آيو ۽ ٻيڙين جي ٻڌل پل کي
پاڻ سان کنيو ويو. انهيءَ ڪري اناج جو تمام گهڻو
ذخيرو، جو بيپرواهيءَ سان ڪناري تي ڇڏيو ويو هو،
سڄو تباهه ٿي ويو. انهيءَ وڳوڙ کي ختم ڪرڻ جو
فرض جنهن ماڻهوءَ تي عائد ڪيو ويو هو، تنهن کي
مشڪلات سان مقابلو ڪرڻو پيو، سو سندس پنهنجي
بيان مان ظاهر آهي جو هيئن آهي:
”انهيءَ کان وڌيڪ خراب ٻي ڪابه اهڙي مهم منهنجي
خيال ۾ ڪانه ٿي اچي، جنهن ۾ ايتريءَ تنگ نظريءَ
۽ بيوقوفيءَ کان ڪم ورتو ويو هجي. شڪارپور ۽ ان
جي چوگرد ملڪ بدانتظاميءَ جي چوٽ تي وڃي پهتو
آهي. هرڪو ماڻهو اسان جي ڪنڌ ڪپڻ لاءِ منتظر
ويٺو آهي ۽ اسان کي فقط ٿوري پيادل فوج آهي، جا
رَسد جي گدامن ۽ خزاني جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيل
آهي. پر ساڳي وقت انهن کان حفاظتي جٿي ۽ پڻ فوجي
ڪارواين جاري رکڻ جي اڏن جي سنڀال جو ڪم ورتو
وڃي ٿو. سچ پڇو ته انهيءَ معاملي ۾ عقل ۽ فراست
جي گهٽتائيءَ تي روئڻ ٿو اچي. خون ۽ ڌاڙن جا
واقعا هر روز پيا ٿين. مان پنهنجي جوابداريءَ تي
فوجون ڀرتي ڪري رهيو آهيان، يعني ته بلوچن جي بي
قائدي پلٽڻ. اها انهيءَ لاءِ ته چور ئي چورن سان
وڙهي سگهن ٿا. ڏيهي اختياريءَ وارن کي به خبردار
ڪيو اٿم ته ڪوشش وٺن، جنهن تي انهن به پنهنجي
رولاڪن کي گهرائي ورتو آهي. مون وٽ خزاني ۾ ذري
گهٽ هڪ ڪروڙ رپيا پيا آهن ۽ انهن جي سنڀال ڪا
گهٽ جوابداري ڪانهي. مون وٽ نڪو آهي ڪلارڪ ڪڙو ۽
نه وري ڪو ٻيو عملو، جنهن کان ڪم وٺجي. 1839ع جي
اڳياڙيءَ ۾ اتر سنڌ جي اهڙي حالت هئي ۽ انهيءَ
سال جي پڇاڙيءَ تائين به حالتن ۾ ڪو سڌارو ڪونه
آيو. اهو صحيح آهي ته خطن جو هاڻي ٽڪر ٽڪر ٿي
اچڻ بند ٿي ويو آهي ۽ سڄا سارا خط منزل مقصود
تائين اچي ٿا سگهن. ڀانڊي جهڙيون ايڪڙ - ٻيڪڙ
جايون، جن کي ريزيڊنسي ڪري سڏيو وڃي ٿو، ظاهر
ٿيڻ لڳيون. سکر ۾ فوج جو وڏو تعداد موجود هو ۽
اڻٿڪ پارسي (ايراني) بيئرر، سوڍا پاڻيءَ ۽ سوئر
جي سڪل گوشت ۽ لوڻ مرچ سان پرگهٽ ٿيا. پر ڪئمپ
کان پنجن ميلن جي پنڌ تي ڪوبه سلامت ڪونه هو.
انهن فسادي قبيلن لاءِ، جي درياءَ ۽ لڪن جي وچ ۾
رهندڙ هئا، ڪي اهڙا اپاءَ نه ورتا ويا، جن موجب
يا ته کين راضي رکي سگهجي ها يا موچڙي جي ڊپ ۾
رکجي ها. ان ڪري اهي بلڪل ڇرواڳ ٿي ويا هئا.“
سکر پهچڻ سان پهرئين مهيني ۾ مون تي فارسي خطن
جي ترجمي ڪرڻ ۽ انهن جي جوابن لکڻ جو ڪم رکيو
ويو هو. جيئن ته فقط آءٌ ئي هڪ اهڙو آفيسر هوس،
جنهن کي اها ٻولي ايندي هئي، ان ڪري مون لاءِ
انهيءَ ڊيوٽيءَ ۾ چڱو موچارو ڪم جو انبار هو.
خطن کي ترجمي ڪرڻ سان ۽ پڻ ڏيهي ماڻهن سان ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ ڪري، جيڪي اتي وهيو واپرايو ٿي، تنهن
بابت مون چڱي معلومات حاصل ڪري ورتي پر منهنجي
بالا عملدار ڪنهن سياسي مضمون تي مون سان ڪا
ڳالهه ڪانه ڪئي. مون کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته
منهنجي سنڌ ۾ پهريون دفعو قدم رکڻ جي ڏينهن کان
وٺي، ڪرنل آئوٽرام جي ريزيڊنسيءَ جي چارج وٺڻ
تائين، ڪوبه اهڙو دستاويز منهنجي هٿ نه چڙهيو ۽
نه وري ٻيءَ طرح سان ڪا خبر پئي ته اسان جي
حڪومت جي سنڌ بابت ڪهڙي راءِ ۽ خواهش هئي. جدا
جدا ڪمن تي، جي اسان جي وسيع سلطنت جي جدا جدا
حصن ۾ سياسي آفيسر پکڙيل هئا، تن جي موڪليل خبرن
جو سرڪيولر فقط هڪڙي ماڻهو کان سواءِ نڪو ڪو مون
کي ڏيکاريو ويو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي نائب کي.
انهيءَ طريقي جو بيڪار ثابت ٿيڻ انهيءَ مان ظاهر
آهي جو جيئن ته اسان کي جدا جدا هنڌن تي هڪٻئي
کان پري رکيو ويو هو، ان ڪري اسان مان هرڪو
پنهنجي خيال موجب آزاد ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. نتيجو اهو
نڪتو جو هڪ ٻئي جي ڪمن جي اڻڄاڻائيءَ سبب اسان
ڪن اهڙين رٿائن کي بلڪل ٿڏي ڇڏيو، جن کي حقيقت ۾
ترقي ڏيارڻ کپندي هئي. اسان جي اکين جي اڳيان
منصوبا ۽ سازشون ٿينديون رهيون، پر جيئن ته
چريائيءَ سبب انهن جي معلومات اسان کان پوشيده
رکي ٿي وئي، ان جي اسان کي ڪابه خبر ڪانه پئي،
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان ۾ ئي ڪيترا سازشي
ايجنٽ ۽ قاصد موجود هئا، پر اسين انهن کي سمجهي
۽ سڃاڻي نه سگهياسين. ڪيترن ئي ماڻهن تي پڪڙ
پڇاڙ ڪئي ويئي پر اهڙي مردار نموني ۾، جو وٽانئن
ڪاغذ جو ٽڪر به ڪونه ملي سگهيو. وري انهن جو
اظهار (بيان) به اهڙن منشين جي معرفت ورتو ٿي
ويو، جي ڪنهن به حالت ۾ سچ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار
نه هئا. ان ڪري جيڪي به انڪوائريون ٿيون، سي سڀ
بيسود ثابت ٿيون. انهن جاسوسن مان سڀ کان
پهريائين جنهن کي اسان جهليو، اهو هڪ ايراني هو،
جو شاهه جو ويجهو عزيز هو ۽ ميرن ۽ قلات جي خان
ڏانهن شاهه جو قاصد ٻڌايو ٿي ويو. اهو هڪ چڱي
مهانڊي وارو اڌيڙ عمر جو شخص هو، جنهن جي ڪاري
ڏاڙهي چيلهه تائين وڃي ٿي پهتي، پر طبعيت جو ٿڌو
ٿي ڏٺو. نظربنديءَ جي وقت هو پاڻ کي شربت پيئڻ ۽
پنهنجي نوڪرن کي چهبڪ هڻڻ جي شغل سان وندرائيندو
رهيو. هڪڙي ننڍڙي غلام کي ته هن خاص ڪري اهڙي
مزي سان چهبڪ هنيا، جو نيٺ ڪڪ ٿي اسان کي دست
اندازي ڪرڻي پيئي ۽ کيس جهليوسون ته جيسين هو
اسان جي قيد ۾ آهي، تيسين انهيءَ شغل کان باز
رهي.
سيپٽمبر جي وچ ڌاري درياء لهڻ شروع ڪري ڏنو. 14-
تاريخ تي هڪ سهڻي ٻيڙي مهاراجا ڏانهن لاهور تحفي
طور موڪلي ويئي. اها اصل ۾ رنجيت سنگهه ڏانهن
موڪلڻي هئي، پر جيئن ته هو ديهانت ڪري ويو هو،
ان ڪري اها سندس جانشين کڙڪ سنگهه ڏانهن رواني
ڪئي ويئي. ليفٽيننٽ سـِـنڪلير، جنهن جي چارج ۾
اها ٻيڙي ڏني ويئي هئي، تنهن جو هڪ وڏي جشن سان
آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ انهيءَ جي بدلي ۾ڪيتريون ئي
قيمتي سوکڙيون ڏنيون وييون. انهن مان سرڪار کيس
هڪ جواهردار خنجر ۽ هڪ سهڻي گهوڙي کي پاڻ وٽ رکڻ
جي اجازت ڏني. مون وارو بالا عملدار ان وقت
انگريزي فوج جي انهن آفيسرن خلاف بيان قلمبند
ڪري رهيو هو، جن سنڌي قبن جي بيعزتي ڪئي هئي ۽
انهن کي گهرن ٺاهڻ لاءِ ڊاهي ميدان ڪيو هو.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪنهن مرهيات بزرگن،
بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پنهنجي پورجڻ لاءِ اهي
سهڻا هنڌ ڳولي هٿ ڪيا هئا. پر جيڪڏهن هر ڪنهن
مـُـڙدي کي اهڙيءَ طرح مانَ ۽ شان سان پورجي ها
ته پوءِ جيئرن لاءِ، کڏن، ڪنڊن ۽ پڻ بيماريءَ
سان ڀريل ڌٻڻن ۽ بيڊولي ٽڪرين جي چوٽين کان
سواءِ ٻيو ڪي ڪين بچي سگهي ها. چيو وڃي ٿو ته
انهيءَ ڪم ڏيهي ماڻهن جي دلين کي رنجايو اُهي،
ڇاڪاڻ ته قبن کي برباد ڪرڻ وقت ٺٺوليءَ ۽ ڌڪار
آميز ٽرڙائيءَ کان ڪم ورتو ويو هو. جنهن وقت
اسان جا ماڻهو لاش کي کوٽي ڪـَـفن سوڌو ٻاهر ڪڍي
پاڻيءَ ۾ اڇلائي رهيا هئا، ان وقت هيءَ ٽوڪ سندن
وات تي هئي: ”اوهان سنڌين جو وڏو، هاڻي وَڃيوَ
ٿو مـَـڪي!“ ممڪن آهي ته ڪنهن کي انهيءَ جو ايڏو
خيال نه ٿئي ها، پر جيئن ته اسان جي سياسي ۽
اعليٰ فوجي آفيسرن ۾ اڻبڻت هئي، ان ڪري انهيءَ
ڳالهه کي اهميت ملي ويئي. اسان جا فوجي آفيسر
جيئن ته جدا جدا علائقن جا رهاڪو هئا، ان ڪري
سندن اهو ڪارنامو باهه تي تيل وجهڻ مثل ثابت
ٿيو. بنگالين ۽ بمبئيءَ وارن جو مثال وٺو. ٻنهي
قومن ۾ ايڏو ته حسد هو جو جڏهن ٻنهي ڌرين جا
گارڊ سپاهي اچي هڪٻئي کي ڊيوٽيءَ کان آجو ڪندا
هئا، تڏهن ذري گهٽ وڃي ٺونشن تائين پهچندا هئا،
جيڪڏهن آفت جيڏي ڪـُـوئي (هي ائنگلو انڊين
بنگالي)، ڌڪار ۽ ڪاوڙ وچان ميزن، ڪرسين ۽ ٻئي
سامان کي، جي گارڊ روم ۾ پيل هئا، ڳڻڻ کان انڪار
ٿي ڪيو ۽ سندس جاءِ تي ايندڙ، ساڙ سان ڀريل
بمبئيءَ جي بدڪ
(1)
انهيءَ بيعزتيءَ تي پاڻ کي ڦوڪي ڦوڪي دهل بنائي
ٿي ڇڏيو. پر حسد کي سدائين بيجا قرار نٿو ڏيئي
سگهجي. جيستائين جدا جدا علائقن جون فوجون اسان
وٽ موجود آهن، تيسين اها حسد جي باهه گهٽ نٿي ٿي
سگهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ حسد جي آڙ ۾ ڪونه ڪو مطلب
ضرور هوندو آهي.
26 - سيپٽمبر 1839ع تي قلات جي مير شاهنواز خان
کان هڪ خط آيو، جنهن ۾ هن برطانيا سرڪار کان
پنهنجي بچاءَ ۽ ٻين فائدن جي گـهـُـر ڪئي- جي
هروڀرو ڳنڍي ڇڏبا آهن. جنهن وقت آءٌ ايجنٽ جو
جواب ڏيئي رهيو هوس، ان وقت اسان کي شاهه شجاع
اچي ياد پيو. جيئن ته اهو جواب فائديمند هو، ان
ڪري خان اسان جي ڪئمپ ۾ لنگهي آيو. ساڻس گڏ سندس
ڀاءُ فتح خان به آيو هو. اهي ٻيئي ڏسڻ ۾ ڪوجها
پئي لڳا پر منجهن سچائي ۽ صاف دلي گهڻي پئي ڏٺي.
سندس پيءُ سهراب خان هٿان مارجي ويو هو. سندس
حفاظت ڪرڻ جي خيال کان قرآن (شريف) موڪليو ويو،
پر هـُـن سـُـنهن کڻڻ جي بدران انهيءَ جو بدلو
خون ۾ ڏنو. مون کي حڪم ٿيو ته آءٌ خانيءَ بابت
انهن ڇوڪرن جي حقن ۽ پڻ جدا جدا قبيلن جي بيهڪ ۽
طاقت جو جائزو وٺي هڪ رپورٽ ٺاهيان. شاهنواز،
انهيءَ ڪم ۾ مون کي مدد ڪرڻ لاءِ فارسي ڪاغذن جو
هڪ وڏو بنڊل آڻي ڏنو. انهيءَ ۾ ايترا ته ڪاغذ
هئا جو سڄو هفتو مون کي روزانو ڇهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو
پيو. جڏهن رپورٽ ٺهي تيار ٿي تڏهن مون واري صاحب
انهيءَ رپورٽ کي قلم جي هڪڙي ئي نوڪ سان پنهنجو
پورهيو اپنائي ڇڏيو ۽ وڏيءَ دل سان رپورٽ جي
چڱاين ۽ اوڻاين کي پنهنجي ذمي کنيو. انهيءَ وچ ۾
مير علي مراد جو ايجنٽ (عام مختيار) به اچي پهتو
۽ درياءَ جي اڀرندي ڪپ تي ڪن ضلعن جي دعويٰ ڪئي،
جي سندس ڀائٽي مير نصير خان جي هٿ ۾ هئا. ايجنٽ
کي مون ڏانهن موڪليو ويو ته جيئن سندس بيان ورتو
وڃي. مون کي اهو ٻڌي اچرج ٿيو ته حسن علي (يعني
ايجنٽ) دهليءَ جو رهاڪو هو ۽ اسان جي هيڊ منشيءَ
جو ڳوٺائي ۽ دوست هو. انهيءَ مطابقت جي ڪري مير
کي مڙيئي فائدو پيو. وري عجب جي ڳالهه هي به آهي
ته هي به انهيءَ وقت اچي ڏيجيءَ ۾ ظاهر ٿيو،
جڏهن دهليءَ جي ريزيڊنٽ کي اُتر سنڌ ۾ مکيه
سياسي عملدار ڪري مقرر ڪيو ويو هو. مون ڏٺو ته
حسن علي تمام سٺين عادتن، فهميدي ڳالهائڻ ۽ دل
وٺندڙ دانائيءَ جو صاحب هو.
12 - آڪٽوبر تي، گهوڙيسوارن جي هڪ جماعت، جنهن
کي ”بوچي جـَـٿو“ ڪري سڏيو ٿي ويو، پنهنجي
مهندار ليفٽيننٽ عاميل سان اچي پهتي. ٺهي نه ٺهي
وٽ رينگٽ کي، جي اصول تي انهن ماڻهن کي بلوچ
جـَـٿو ڪري سڏيو ٿي ويو پر انهيءَ ۾ هئا رڳي
افغان، پٺاڻ ۽ ڪاهير، بلوچ منجهن هڪڙوئي ڪونه
هو. انهن مان ڪي چڱيءَ شڪل جا ٿي ڏٺا، پر برن
حالن ۾ ڪـڇي ٽٽـُـنِ تي سوار هئا. اهو به ظاهر
ٿي ٿيو ته ڄڻ سڄو سال واري کائڻ تي گذران ڪيو
اٿن. سندن پگهار اڻ پورو هو. انهيءَ جـُـوءِ ۾
جتي هي مقرر ٿيل هئا، برپٽ هئڻ ڪري گاهه پٺو به
گهٽ ۽ مهانگو هو، پر ان هوندي به کين جبلي
ڌاڙيلن پٺيان گهوڙا ڊوڙائڻا پوندا هئا (مطلب اهو
آهي ته اهي ڌاڙيل جيڪي پنهنجي گهوڙن جي تيزيءَ
تي فخر ڪندا هئا). انهن گهوڙيسوارن ۾، ليفٽيننٽ
عاميل جو اردلي، ننڍيءَ عمر جو هڪ افغان ڇوڪرو
هو، جنهن جو نالو غلام حسين هو. اهڙو سهڻو
مهانڊو مون پنهنجيءَ عمر ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
سندس اکيون هرڻيءَ جهڙيون هيون ۽ وارن جون
ڊگهيون چڳون اهڙيون ته ڪاريون هيون جهڙي رات!
سندس گلابي ڳلن - جن ۾ لالاڻ مليل هئي- سچ پچ
مون کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو ۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته،
”ائين ته ڪونهي ته اهو سهڻو ڇوڪرو مرداني ويس ۾
ڪا عورت آهي!“
اها سڀني کي خبر آهي، ته هي نوجوان ڇوڪرو بهادر
آهي، جو ميدان توڙي جبلن ۾، جهنگلي سوئرن کي
پويان پيو هو، ۽ پنهنجي بهادر مالڪ سان اهڙن
هنڌن تي ويو هو، جتي ڪيترن ئي دلير سوارن وڃڻ
کان انڪار ڪيو هو. مون کي انهيءَ افغان ڇوڪري جي
سونهن بابت جيڪي شڪ شبها هئا، اهي سڀ ستت ئي دور
ٿي ويا، ۽ خاطري ٿي، ته هو جيئن پنهنجي پوشاڪ ۽
هٿيارن مان ٿي لڳو، تيئن سچ پچ هڪ سهڻو ڳڀرو هو،
۽ منهنجو مٿس عورت هجڻ جو شڪ اجايو هو. بعد ۾،
جڏهن مون سندس پيءَ الف خان ترين - جيڪو اتر سنڌ
۾ هڪ بهادر ۽ جانٺو تلوار باز هو- ڏٺو، تڏهن مون
کي انهيءَ ڇوڪري جي سونهن تي ڪوبه عجب نه لڳو.
جهڙو هو پٽ ننڍيءَ عمر ۾، اهڙوئي هو سندس پيءُ
وڏيءَ عمر ۾! الف خان ترين قد ۾ اٽڪل ڇهه فوٽ
ڊگهو هو ۽ سندس بدن جي بيهڪ ٺاهوڪي هئي، سندس
ڪارن وارن جون گهاٽيون چڳون ڪلهن ٿي پئي پيون.
سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون ۽ چمڪندڙ هيون ۽ سندس
نڪ هوبهو يوناني نڪ جهڙو هو، سندس ڏند وري موتين
جهڙا اڇا هئا، مطلب ته قدرت سندس بدن جو هر هڪ
عضوو سنگ مرمر جي سهڻي بت وانگر عمديءَ
ڪاريگريءَ سان گهڙي بنايو هو.
الف خان انهن زميندارن مان هو، جي سڀ کان
پهريائين پنهنجي مرضيءَ سان اچي اسان سان شامل
ٿيا هئا. هن پنهنجا ٻه پٽ بلوچ جٿي ۾ گهوڙيسوار
ڪري ڏنا هئا. اسان جي اسٽور ۽ اٺن تي قبضي ڪرڻ
لاءِ جيڪي حملا ٿيندا هئا: تن ۾ انهن ٻنهي
نوجوان ڇوڪرن اسان سان دشمن خلاف پاڻ چڱو موکيو.
---------------
باب پنجون
جهنگلي سوئرن جو درياءُ اُڪرڻ - پوليٽيڪل ايجنٽ
جو سکر ڇڏڻ - اُٺ سوار - ايجنسي جي چارج وٺڻ تي
هدايتون - حريف سيد - بهاولپور جو وڪيل - فرسٽ
گرينڊير جي ڪن سپاهين خلاف دانهن ته هنن کيس
ڦريو آهي - انهن جو بلوو - ڏيهي آفيسرن جو اثر -
پئنچائت - هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون
10- آڪٽوبر: اڄ صبح جو درياءَ تي غير معمولي
هنگامو ٿي ڏٺو ۽ ٻيڙيون تڪڙيون تڪڙيون هڪڙي طرف
وڌي رهيون هيون. هر هر بندوق جا ٺڪاءَ پئي ٿيا،
جن مان ائين سمجهيو پئي ويو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪا
وڏي جنگ ٿيڻ واري هئي. اڃا پڇا ڪيم ته ڏٺم ته
ڇهه سوئر پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا هئا، ٽن کي درياء جي
وچ ۾ بندوق هڻي ڪيرايو ويو، پر باقي ٽي بهادريءَ
سان تـَـري وڃي پار پهتا. پاڻيءَ جو وهڪرو ڏاڍو
تکو هو ۽ ٻيو ته درياء جي ويڪر به گهڻي هئي، ان
هوندي به هو پاڻيءَ مان نڪري ٻيءَ ڀر جهنگ ۾
غائب ٿي ويا. واگهـَـن لاءِ به ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته
اهي به اهڙيءَ ريت تـَـريو وڃن. اهي دهشتناڪ
درندا، هاڻي سنڌ ۾ البت گهٽ آهن، پر ائين به
ڪونه آهي ته اهي آهن ئي ڪونه. انهن مان هڪڙو
سکر ۾ ۽ ٻيو لعل شهباز (قلندر) جي مزار تي سيوهڻ
۾ آهي. چيو وڃي ٿو، ته اهي ٻيئي ننڍيءَ عمر ۾
مير مبارڪ هٿ ڪيا هئا. هتي ڪيترن هنڌن تي، خاص
ڪري بڙديڪا ۽ امير جي شڪار گاهن ۾ جهنگ به گهاٽو
آهي ۽ سندن شڪار جهڙوڪ هرڻ، سوئر ۽ پڻ چوپايو
مال به جام آهي. پر پوءِ به خبر نه آهي ته اهي
هتي ڇو گهٽ آهن؟
20 - آڪٽوبر: اڄ پوليٽيڪل ايجنٽ سکر ڇڏيو ۽ ڪچي
جي انسپيڪشن لاءِ دؤري تي هليو ويو. ساڳئي ڏينهن
اَٺن اُٺ سوارن يا فارسي چوڻيءَ موجب شتر سوارن
جو دستو اچي پهتو. هر هڪ اُٺ ٻه ماڻهو کڻندو
آهي، جن مان هڪ چڱيءَ طرح هٿيارن سان ڍڪيل هوندو
آهي، ۽ ٻيو البت گهٽ، ڇاڪاڻ ته اهو اوٺيءَ جو ڪم
ڏيندو آهي. اُٺ گهڻو ڪري هاڪڙي نسل جا آهن، جي
ڏينهن ۾ تيزيءَ سان پنجاهه کان سؤ ميلن تائين
پنڌ ڪيو وڃن. ظاهري ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اهڙا
جٿا سنڌ ۾ ٽپال کڻڻ لاءِ، يا ڌاڙيلن جي پٺيان
پوڻ لاءِ، جيڪر ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿين، پر ائين
ڪونه آهي. ڪالرا بيماريءَ ماڻهن کي اُگهي ورتو ۽
اُٺ به بنان سنڀال ۽ پڻ ناروا هلت سبب مري ويا.
انهن سڀني سوارن سنڌو درياهه کي اُڪرڻ کان نابري
واري، ان ڪري مون کي ڳچ پنڌ تائين ساڻن گڏ وڃڻو
پيو ۽ آخر دڙڪن ۽ دلاسن سان انهن کي اُڪاري پار
ڪيم. منهنجي بالا عملدار، هدايتن ڏيڻ لاءِ مون
کي پاڻ وٽ گهرايو، ڇاڪاڻ ته سندس غير حاضريءَ ۾
مون کي ئي سکر جو انچارج ٿي رهڻو هو. مون دل ۾
سمجهيو ته مون کي تمام سهڻي صلاح ملندي ۽ پڻ
ڪجهه رٿون منهنجي آڏو اينديون. پر منهنجي
نااميديءَ ۽ حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن مون
کي چيو ته، ”مون توکي انهيءَ لاءِ گهرايو آهي ته
توکي چٽيءَ طرح سمجهايان ته جيڪا ٽپال اوٺي کڻي
اچن، اها سنڀالي رکجانءِ، ۽ باغ جي پيدائش جو
خاص خيال ڪجانءِ. هيءَ ڳالهه ڌيان سان ٻڌ: مون
کي باغ جي پيدائش، خاص ڪري، ساوا مٽر، روزانو
موڪليندو ڪر.“
انهيءَ ڳري اظهار کان پوءِ خزاني جون ڳوٿريون
منهنجي اڳيان ڳڻيون ويون ۽ ٿوري وقت لاءِ مون کي
انهن جاين جو مالڪ بنايو ويو، جي نه فقط هڪٻئي
کان پري ٺهيل هيون، پر صفائيءَ جي لحاظ کان به
اڻوڻندڙ هيون. نه فقط ايترو پر مون کي انهن گاڏڙ
منشين ۽ چونڊيل ڏوهارين جي جماعت جو به رکوالو
بنايو ويو، جي باغ جي ڪم ۾ لڳل هئا ۽ منهنجي حڪم
تي ڪهڙو به ڪم ڪري سگهيا ٿي. ايجنسي جي سنڀال
هيٺ ٻه سيد هئا، جن مان هڪ کي برف جهڙي اڇي
سونهاري هئي، پر ان هوندي به اک ڪڪڙي هئس ۽ اڃا
جانٺو پئي ڏٺو. ستر سال جي ڄمار اُڪري چڪو هو.
سندس نالو هو عبدالرحمان، يعني ”رحم واري جو پٽ“
۽ هو انهيءَ زمين جو مالڪ هو، جنهن تي ايجنسي
ٺهيل هئي. ٻيو وري اڌ وهيءَ ۾ هو ۽ ڏاڙهيءَ کي
خوب رنگ ڪيو هئائين. سندس بدني بناوت مان ظاهر
ٿي ٿيو ته مڙس مڙيئي وهيو گهڻو آهي. سندس نالو
عباس علي هو ۽ هـُـن پنهنجو شجرو مير معصوم
بکريءَ جهڙي ماڻهوءَ سان ٿي ملايو، جو اڪبر جي
دربار جو نالي وارو امير هو.
ٻنهي سيدن جي وچ ۾ ڪا وڏي عداوت هئي، ڇاڪاڻ ته
جڏهن ٻنهي مان ڪو مون سان ملڻ ايندو هو، تڏهن
ٻئي جا عيب بيان ڪري ويهي جانا ڀريندو هو. هڪ
ڏينهن وڏيءَ عمر وارو سيد، (يعني عبدالرحمان)
عباس عليءَ جي عيب جوئي ڪندي، مون کي يقين ڏياري
رهيو هو ته عباس علي اصل ۾ هڪ غلام جو پٽ هو ۽
سيد ڪونه هو. ايتري ڳالهيون ڪندي عباس علي، جنهن
سڄي واردات تنبوءَ جي در تي بيٺي ٻـُـڌي، سو
اندر گهڙي آيو. ان وقت مون خيال ڪيو ته مون وارو
پوڙهو دوست پنهنجي چيل گفتن تي پشيمان ٿي شرم ۾
ٻڏي ويندو، پر ڏٺم ته مٿس ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ۽
پاڻ بردبار ٿي، سانتيڪي نموني ۾، هن آيل سيد جو
آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ چيائينس ته تنهنجي اچڻ کان
ٿورو اڳ ’مان صاحب وٽ تنهنجي ساراهه ڪري رهيو
هئس.‘ ڳالهه کي ڦيري ڏيڻ يا بدلائڻ ۾ ايراني
پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇاڪاڻ ته سندس جاءِ تي ڪو
ٻيو هجي ها ته مشڪل سان جند ڇڏائي سگهي ها. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ بهاولپور جو هڪ وڪيل مون سان ملڻ
آيو. هو هڪ ايماندار ۽ لائق شخص هو، جنهن سان
ويجهڙائيءَ ۾ اسان جي سپاهين ناروا سلوڪ اختيار
ڪيو هو. ڏاڍو ڳنڀير معاملو هو. ڀانئجي ٿو ته
فرسٽ گرينڊير جي ڪن سپاهين، جي خانگي ڊريس ۾
هئا، کيس ڇانوڻيءَ جي ٻاهران روڪي، ڦر ڪئي هئي.
هن پنهنجو فرياد وڃي شڪارپور جي ڪمانڊنگ آفيسر
وٽ داخل ڪيو، جنهن حڪم ڪيو ته سڄي ريجمينٽ کي
پريڊ ڪرائي وڃي ته جيئن وڪيل ڏوهارين کي سڃاڻي
سگهي. ظاهر آهي ته انهيءَ مان عام ناراضگيءَ جو
انديشو هو. جڏهن وڪيل لائيٽ ڪمپنيءَ جي ويجهو
آيو، تڏهن انهيءَ آفيسر حڪم ڏنو ته سامهون مارچ
ڪندي منهن ساڄي طرف ڪريو ۽ وڪيل کي چيائين ته
هاڻي ڏسي سڃاڻ. سڃاتل شخص هڪ صوبيدار هو، جنهن
کي نه فقط بهادر جو لقب ڏنل هو پر ساڳئي وقت
آرڊر آف ميرٽ به مليل هو. کيس گرفتار ڪري ڪوارٽر
گارڊ ۾ کڻي بند ڪيائون ۽ پڻ انهن سپاهين کي به
ٻڌائون، جن پريڊ جي ميدان ۾ گڙٻڙ ڪئي هئي.
ريجمينٽ جي ڳچ حصي احتجاج طور قيدين جي چوگرد
جمع ٿي، اعلان ڪيو ته جيسين انهن کي آزاد نه ڪيو
ويندو، تيسين اسين ڊيوٽيءَ تي نه چڙهنداسون.
جيڪي به يورپي آفيسر کين سمجهائڻ ويا، تن کي مار
ڏيئي بيعزتو ڪيائون. حالتون ڏاڍيون نازڪ ڏسڻ ۾
پئي آيون، ڇاڪاڻ ته اها هڪڙي ئي ريجمنيٽ هئي، جا
اسٽيشن تي موجود هئي. ساڳئي وقت ملڪ جون حالتون
به ان وقت ناسازگار هيون ۽ چوڌاريءَ دشمن به
هئا، ان ڪري ٿي سگهيو ٿي ته ڳنڀير نتيجا نڪرن،
پر ڪمانڊنگ آفيسر جي قوت ارادي وڏو ڪم ڪري
ڏيکاريو. آخر انهن ماڻهن آڻ مڃي ۽ وڃي ڊيوٽيءَ
تي چڙهيا. ذڪر ڪيل صوبيدار کي سکر بدلي ڪيو ويو،
جتي کيس ڪورٽ مارشل ڪري، نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو
ويو. ڏيهي آفيسرن جو سپاهين تي اثر ثابت ڪرڻ
لاءِ انهيءَ بلوي جو مثال ڏيڻ ڪافي هو ۽ انهيءَ
۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪو جوش سپاهين پنهنجي
صوبيدار ميجر جي گرفتاريءَ جي موقعي تي ڏيکاريو
هو، سو يورپي آفيسر جي بيعزت ٿيڻ تي شايد ڪونه
ڏيکارين ها. ڏيهي آفيسرن جو سپاهين تي اثر هئڻ
اسان لاءِ خوشقسمتيءَ جو باعث آهي، ڇاڪاڻ ته
انتظام کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ اسان جي حڪومت جي
فائدي ۾ پڻ انهيءَ اثر کي بي دريغ استعمال ڪيو
ويندو هو. اسان جي ڪنهن بيجا قدم کڻڻ جي ڪري
جيڪڏهن ڏيهي آفيسرن ۾ ناراضگي ٿي پوي ۽ اها
ناراضگي انهن کي اسان جي خلاف گڏجي محاذ قائم
ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي ته پوءِ نتيجن کي چٽيءَ
طرح ظاهر ڪرڻ بيڪار ثابت ٿيندو. پر فرض ڪريو ته
جيڪڏهن اسين سندن دل رنجائي به ٿا وجهون، تڏهن
به هو، اميد آهي ته اسان کي ڇڏي ٻين جو پاسو
ڪونه وڃي وٺندا. انهيءَ جو سبب هي آهي جو انهن
مان ڪيترا اسان جي نوڪري ڪري اچي پوڙها ٿيا آهن
۽ ڪيترائي پنهنجي پئرن جي عهدن تي آهن. سندن
پگهار به تمام سٺا آهن ۽ هندستان جي هزارها
ڪئمپن ۾ جتي ڪئين ڪمي، ڪاسبي ۽ انهن کان علاوه
ڪئمپ جي پٺيان هلندڙ ماڻهو آهن، اهي سڀ ڄڻ ته هڪ
جدا فرقو ٺاهيو بيٺا آهن- اتي به هنن کي طاقتور
تصور ڪندي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هاڻي
اچو ته ڏسون ته راڻيءَ جي ڪنهن آفيسر کي جيڪڏهن
هندستان جو ڪمانڊر ان چيف بنايو وڃي، ته پوءِ
ڪهڙي حالت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اهي گهڻو ڪري انتظام
جا ماهر ۽ قوت ارادي ۾ ڏاڍا هوندا آهن. ساڳئي
وقت کين ڏيهي ماڻهن لاءِ دل ۾ ڪو ڊپ جو احساس به
نه هوندو آهي ۽ باوجود ان جي جو هو انگريز
سپاهين جي هڪدم ۽ بيڌڙڪ حڪم جي تعميل ٿي هريل به
هوندا آهن. فرض ڪريو ته اهڙو ماڻهو اچي ٿو ڪي
سڌارا ڪري ۽ سچ پڇو ته سڌارن جي آهي به ڏاڍي
ضرورت، (خاص ڪري بنگالي فوج ۾ سپاهين جي سامان ۾
گهٽتائي ڪرڻ) ساڳيءَ ريت جن ڪمن ڪرڻ جي ڪري اوچ
ذات وارن بنگالين کي اعتراض آهي، انهيءَ کان پڻ
فوج جي سپاهين کي باز رکڻ جي سڌارن جي به ضرورت
آهي. منهنجو انهيءَ ڪري چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسين
مٿين ڳالهين تي زور رکنداسين، ته پوءِ انهيءَ
حالت ۾ اسان جي ڏيهي فوجن جي وفاداريءَ ۾ ڪجهه
گهٽتائي اچڻ جو انديشو به آهي ۽ اهو مٿئين ڏنل
مثال مان ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ
ريجمينٽ جي عزت جو سوال پيدا ٿيو وڃي، ان ڪري سڀ
سپاهي هڪ ٿيو وڃن. فوجي انتظام ۾ ڦير گهير آڻڻ
وقت ڏاڍيءَ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي، انهيءَ
هوشياريءَ سان، جنهن جي وسيلي اسان اوڀر جي ملڪن
تي حڪومت ڪئي آهي. ڦير گهير آڻڻ وقت هڪ برجستي ۽
قابل صوبيدار کان به صلاح وٺڻ ضروري آهي ۽
انهيءَ چوڻ موجب، آءٌ ڀانئيان ٿو ته صحيح قدم
کڻي، پنهنجي سر انهيءَ رٿ تي چڱي صلاح ڏيئي چڪو
آهيان. اسان جي انهيءَ فوجي رڳڙي کان ٿورو پوءِ
وري خانگي ماڻهن جو هڪ چڱو خاصو گوڙ ٿي پيو،
جنهن کي انهيءَ افسوسناڪ حادثي جي پويان هڪ
رونشو کڻي سڏجي.
هڪ صبح جو جهڳڙالو ماڻهن جو هڪ ميڙ، جنهن ۾
عورتون ۽ مرد هئا، هڪٻئي سان وڙهندا، وڏا واڪا
ڪندا، ايجنسيءَ جي باغ ۾ گهڙي آيا. انهيءَ گوڙ ۾
ڪئين ماڻهو هئا ۽ ظاهر آهي ته سڀيئي اوچ ذات جا
ڪونه هئا. سندن جوش ۽ خروش مان ائين ٿي ڏٺو ته
ڄڻڪ اڌ ڊزن خون ضرور ٿيا هوندا. مون پنهنجي
منشيءَ کي موڪليو ته وڃي خبر وٺي اچ ته گوڙ ڇا
جو آهي؟ پوڙهو لڏندو لمندو ۽ نـِـرڙ تان پگهر
اگهندو اچي وارد ٿيو ۽ چيائين ته صاحب تنهنجو
ڌوٻي (جيڪو هڪ نيچ عورت جو پٽ آهي) هڪ ٻئي
ڌوٻيءَ جي زال کڻي ويو آهي. معاملو انهيءَ ريت
هو ته مون وارو ڌوٻي هڪ قداور ۽ سهڻو جوان هو ۽
انهيءَ ڌوٻڻ سان عشق ڪندو هو. ڌوٻڻ جيتوڻيڪ شادي
شده هئي، پر مڙس ويو هوس ڏيساور، ان ڪري سهري
سان رهندي هئي. مون واريءَ گجيءَ ۾ گتل (ڌوٻي)
جو نالو هو ‘ٻڌو’، تنهن ڇا ڪيو جو انهيءَ ڌوٻڻ
کي ڌتاري ڌتاري سندس مڙس جي يادگيري هـُـن جي دل
تان ميساري ڇڏيائين ۽ کيس ڀڄائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويو. ڌوٻڻ جو سهرو جڏهن ان کي وٺڻ ويو، تڏهن
انهيءَ سهڻيءَ ونيءَ پاڻ مٿس بهتان رکيو ته هو
مٿس بـُـري نظر رکي ٿو. نتيجو اهو نڪتو جو ٻنهي
ڌرين جا ماڻهو ۽ پڻ ٻيا ڌوٻي، جي اُتي اچي گڏ
ٿيا هئا، سي پاڻ ۾ هٿين پئجي ويا ۽ هڪٻئي کي ڌڪ
هڻڻ لڳا. مون وارو منشي جيسين ڪهِ وچ ۾ پئي
جهيڙو ٽاري، تيسين ٻئي ڌريون هڪٻئي کي ڏيئي وٺي
بيٺيون هيون. انهيءَ منجهيل معاملي کي
سـُـلجهائڻ لاءِ مون اتي حاضر ڌوٻين جي امينن جي
جماعت مقرر ڪئي. انهن فيصلو ڏنو، (جو اهڙين
حالتن ۾ بنا اپيل جي هوندو آهي) ته ‘ٻڌُو’ ڀلي
انهيءَ ونيءَ کي پاڻ وٽ رکي. ٻي ڌر ٻه سؤ رپيا
ڏنڊ ڀري ڏئي، ۽ انهن ٻن سـَـون رپين مان سڄيءَ
جاتيءَ کي رات جي ماني کارائي وڃي ۽ جيڪي بچي سو
انهيءَ عورت کي ڏنو وڃي.
مون هڪڙي پوڙهي سيد عبدالرحمان کان سنڌي سکڻ
شروع ڪئي، جو مون کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون
بيان ڪري ٻڌائيندو هو. اهي آکاڻيون هونئن آئون
فارسي ٻوليءَ ۾ سمجهي نه سگهندو هوس. سندس چوڻ
هو ته سندس سانڀر ۾ سکر هڪ ڳتيل شهر هو ۽ افغانن
جي هٿ ۾ هو، جتان هو دريا ِّ جي ٻيءَ ڀر،
ڦـُـرلٽ ڪندا هئا. انهيءَ شهر کي هاڻي خيرپور جي
ٽالپر ميرن ويجهڙائيءَ ۾ پنهنجي هـَـٿ هيٺ آندو
آهي. هن شهر کي مير رستم خان فتح ڪيو هو، جو ان
وقت ويهن سالن جو جوشيلو ۽ بهادر جوان هو. هـُـن
سکر کي فتح ڪرڻ جي اجازت پنهنجي پيءُ مير سهراب
خان کان ورتي هئي ۽ ان مهم کي ڪاميابيءَ سان
پورو ڪيو هئائين. سوڀ نصيب ٿيڻ کان پوءِ هـُـن
ٽن ڏينهن لاءِ شهر کي لـُـٽڻ جو حڪم ڏنو. ڦرلٽ
جي ڪري انهيءَ شهر کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ لڳو، جو
اڄ تائين وري نه سڌريو آهي. پر افسوس! انهيءَ
سيد هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو ته، ”مير، هاڻي اُهو
مير نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ڀنگ جي شوق ۽ پڻ
پوڙهيءَ عمر، کيس آلسي ڪري وڌو آهي.“ ڀنگ، جنگ ۽
رنگ جو هاڻي خيرپور جي دربار ۾ زور آهي. پر سندس
پيءُ سهراب خان انهيءَ خاندان جو نامور فرد هو.
پـُـٽن مان ڪوبه سندس جهڙو نه ٿيو. صاحب! آءٌ
اُتي حاضر هوس. وري جڏهن حيدرآباد جي ميرن جي
ٻيءَ پيڙهيءَ کيس جنگ ڪرڻ جي ڌمڪي مـُـڪي هئي.
سهراب خان حيدرآباد جي ميرن جي ماڻهوءَ کي
پنهنجو مٿو اگهاڙو ڪري ڏيکاريو ۽ چيائينس ته وڃي
ٻڌاءِ پنهنجي مالڪن کي ته، ”جيڪڏهن اهي توکي هن
جهڙو نشان ڏيکارين ته پوءِ کين جنگ ڪرڻ جي ڌمڪي
سونهي ٿي. مون هي ملڪ پنهنجي مڙسيءَ ۽ تلوار جي
زور تي هٿ ڪيو آهي ۽ نه انهن وانگر، جن ڪانئرن
جيان پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملڪ هٿ ڪيو آهي!“
---------------