سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ --

صفحو ؛ 17

 

ضميمو -3

اسين آخوند حبيب الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام، سنڌ جي ميرن جا عيوضي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي اعلان ٿا ڪريون ته اسان ڪنهن به وقت پنهنجن رئيسن جي خلاف مڙهيل تهمتن جي سچائيءَ ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ملوث ڪونه ڪيو آهي. اسان جو نه فقط انهيءَ ڳالهه ۾ اعتبار آهي، پر ان سان گڏ اسان زوردار لفظن ۾ انهيءَ ڳالهه جي تائيد ٿا ڪريون، ته جيڪي خط بيبرگ بگٽيءَ ڏانهن مير نصير خان جا لکيل ٻڌايا وڃن ٿا، سي نسورو هٿناٽ هئا.

اسين خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، اهو به ٿا چئون ته مير انهن مڙني مٿن مڙهيل تهمتن کان بيڏوهي آهن.

 

                                           صحيحون

                                        آخوند حبيب الله

19- هارلي گهٽي                              ديوان ميٺارام

15- آگسٽ 1845ع                             ديوان ڏيارام

 

---------------

 

ضميمو - 4

انهيءَ بيان جو ترجمو، جو ديوان ميٺارام ميرن جي حڪم جي تعميل ۾ ٺاهيو هو:

پهريائين لارڊ منٽو 1809ع ۾ ميرن سان عهدنامو ڪيو ۽ کانئس پوءِ گورنر وليم ڪئوينڊش بينٽنڪ ٻه عهدناما ڪيا، پهريون 1832ع ۾ ۽ ٻيو  سر هينري پاٽنجر جي معرفت 1834ع ۾. انهن عهدنامن ۾ لکيل هو ته انگريز سرڪار جو سنڌ ڏانهن دوستيءَ جو رستو، قيامت تائين رهندو، ۽ انگريز حڪومت ميرن جي ملڪ مان هڪ فوٽ زمين جي به خواهش ڪانه ڪندي.

انهيءَ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر سنڌ ۾گورنر جنرل پاران ايلچي بنجي آيو، ۽ عرض ڪيائين، ته واپارين کي ۽ واپاري ٻيڙين کي سنڌو درياء مان جهاز راني ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کانئن ڪوبه محصول وغيره نه اڳاڙيو وڃي. جيئن ته سنڌ جي ميرن کي دوستي انگريزن سان نباهڻي هئي، انڪري هـُـنن انهيءَ گذارش جي اجازت ڏني. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت جي هٿ هيٺ علائقن ۾ سڀني واپارين کي بنا ڪنهن رنڊڪ يا تڪليف جي اچ وڃ جي اجازت ڏني ويئي. پاٽنجر جڏهن ٻيو دفعو اچي پرگهٽ ٿيو، تڏهن اچي چيائين ته انگريز فوجون ڪابل ۽ افغانستان وڃڻ خاطر، سنڌ مان گذرنديون. انهيءَ تي به ميرن اجازت ڏيئي ڇڏي. انگريز فوجون جڏهن سنڌ ۾ پهتيون، تڏهن ميرن کي چيو ويو ته اهي پنهنجن ڪاردارن ڏانهن حڪم جاري ڪن ته اهي انگريز کي ٻيڙيون، ڪاٺ ۽ اٺ وغيره پهچائي ڏين. جيتوڻيڪ اهڙو ڪوبه شرط عهدنامي ۾ ڪونه هو، پر ان هوندي به ميرن انهيءَ دوستيءَ کي پڪو ڪرڻ لاءِ، جا انگريزن ساڻن سڄي عمر لاءِ رٿي هئي، ٻيڙيون، اُٺ، اناج، ڪاٺ ۽ ٻيون ضروري شيون انگريزن کي مهيا ڪري ڏنيون، جي کين خراسان واري مهم لاءِ گهربل هيون. اميرن جي انهيءَ قدم تي، ته انگريزن کي ضروري شيون مهيا ڪري ڏجن، بلوچ قبيلا سخت ناراض ٿي پيا. ساڳئي وقت اميرن انهيءَ ڪم جي ڪري پٺاڻن سان به دشمني ڪري وڌي. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به انهيءَ دائمي دوستيءَ کي پڪو ڪرڻ لاءِ، اميرن بلوچ قبيلن کي حڪم جاري ڪيا ته انگريز فوج جي ڪابه مخالفت نه ڪن، ۽ اهو به اعلان ڪيو هئائون ته جيڪو به انگريز فوج جي واڌ ۾ رڪاوٽ يا هراس وجهندو، انهيءَ کي سخت سزا ڏني ويندي. انهيءَ حڪم جي ڪري بلوچ قبيلا ماٺ ۾ رهيا، ۽ انگريز فوج کي ڪابه تڪليف نه ڏنائون.

جڏهن سر جان ڪئن جهرڪن وٽ پهتو، جو حيدرآباد کان ٻارنهن ڪوهه پري آهي، تڏهن هـُـن عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪئپٽن ايسٽ وڪ جي هٿان هڪ ميمورنڊم ڏياري موڪليو. انهيءَ ۾ هن لکي موڪليو ته هن کان پوءِ مير انگريز لشڪر جي رهائش جي سالياني خرچ لاءِ ٽي لک رپيا ڀري ڏين، ۽ انهيءَ کان سواءِ ايڪيهه لک رپيا هڪدم خرچ لاءِ ڀري ڏين، نه ته انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن! اهي شرط زوري قبول ڪرائڻ ميرن سان نسورو ظلم هو. توڙي جو اهي شرط دوستي جي ناتي جي خيال کان ناموزون ۽ بي انصافيءَ جي اصول تي ٻڌل هئا، پر ميرن نيٺ اهي پئسا به ڀري ڏنا، جي آڪلنڊ کانئن گهريا هئا، ۽ اهي پئسا ميرن پنهنجي خانگي خزانن مان ڏنا. جڏهن سر جان ڪئن ڪابل ڏانهن روانو ٿي ويو، تڏهن ميرن رستا ۽ لنگهه کولي ڇڏيا ۽ انگريزن جي اسٽيمرن جي اچ وڃ ۾ ڪابه رنڊڪ نه وڌي. انهيءَ جي شاهدي ليفٽيننٽ پوسٽن ۽ ٻيا ڏيندا، جي ان وقت اُتي موجود هئا. جيڪڏهن مير، انگريزن جي اهڙيءَ طرح مدد نه ڪن ها ته پوءِ انگريزن جي ڪابل واري مهم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿئي ها. اهو سڀڪجهه ميرن انهيءَ لاءِ ئي ڪيو ته کين انگريز حڪومت وٽان انهن خدمتن جو پورو پورو معاوضو ڏنو ويندو، ۽ نه انهيءَ لاءِ ته کين اهڙي مصيبت ۾ وڌو ويندو، جنهن ۾ هو هينئر مبتلا آهن.

پر هاڻي وٺو انهيءَ ڳالهه کي ته سر جان ڪـَـئن جي وڃڻ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر  11- مارچ 1839ع تي هڪ ٻيو عهدنامو آڻي ڪڍيو، جنهن تي لارڊ آڪلنڊ جي صحيح ۽ مـُـهر پيل هئي. جهڙيءَ طرح، اڳين عهدنامن ۾لکيو ٿي ويو، اهڙيءَ طرح هن عهدنامي ۾ به ائين مذڪور هو ته هي عهدنامو سڪندر جي ديوار وانگر مضبوط ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين محڪم رهندو! انهيءَ کان پوءِ سر هينري پاٽنجر چين ڏانهن اسهيو ۽ سندس جاءِ ڪرنل آئوٽرام ورتي، جو حيدرآباد جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ميرن کي وري به انهيءَ نئين ريزيڊنٽ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو. ڪرنل آئوٽرام ٿوري وقت کان پوءِ بلوچستان هليو ويو، ۽ سندس جاءِ تي سندس نائب مسٽر ليڪي حيدرآباد جي دربار تي مقرر ڪيو ويو. مسٽر ليڪي کي مير محمد خان اطلاع ڏياري موڪليو ته حيدرآباد جا مير پنهنجي طرفان هڪ عيوضي لنڊن جي دربار ڏانهن موڪلڻ چاهين ٿا، ته جيئن پنهنجا ڏک سور ۽ اهنج ايذاءَ وغيره اُتي پهچائي سگهن. مسٽر ليڪي منشي ساڌو رام جي معرفت، جو پڻ انگريز سرڪار جو هڪ نوڪر آهي، جواب ڏياري موڪليو ته مير پنهنجو عيوضي شايد ڪمپنيءَ جي خلاف شڪايت ڪرڻ لاءِ ٿا موڪلين، انهيءَ تي ڪمپني ناراض ٿي پوندي ۽ انهيءَ تي ميرن سان دشمني ٿي پوندي. ميرن کي انهيءَ تي لاچار پنهنجي عيوضي موڪلڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻو پيو. انهيءَ واقعي کان ٿورو پوءِ مسٽر ليڪي بيمار ٿي پيو ۽ ڪراچيءَ هليو ويو، ۽ سندس جاءِ تي مسٽر مائلن حيدرآباد مقرر ٿي آيو.

سن 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر پهرين ڪراچيءَ پهتو ۽ بيماريءَ سبب ڪجهه وقت اتي رهي، پوءِ حيدرآباد هليو آيو. ميرن سندس ڏاڍي شان ۽ مان سان استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪيون، ۽ سندس چڙهڻ لاءِ هڪ پالڪي موڪلي، جنهن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل هو. سندس ساٿي آفيسرن لاءِ پڻ سون ۽ چانديءَ سان سجايل اُٺيون موڪليون ويئون، ۽ جيئن اهي مٿن چڙهي اچن. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين مکيه ميرن کي سندن آجيان لاءِ اڳواٽ موڪليو ويو، ته جيئن اهي کين وٺي اچن. اهڙي شان ۽ دٻدٻي جي ٺٺ سان سر چارلس نيپئر ميرن سان ملاقات ڪئي، ۽ واپس ڪئمپ ۾ وڃي، ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيمر تي چڙهي سکر هليو ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ ڪئپٽن اسٽينلي، سکر مان حيدرآباد پهتو، ۽ پاڻ سان هڪ نئون عهدنامو خط سميت کڻي آيو. ميرن جڏهن خط ۽ عهدنامو ڏٺو تڏهن حيران ٿي ويا، ۽ احتجاج طور ٻه دفعا سر چارلس نيپئر ڏانهن قاصد ڏياري موڪليائون، ته انهيءَ نئين عهدنامي ۾ ميرن جي تباهي آهي. انهيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا شرط هئا، جن موجب ميرن کي پنهنجي ملڪ جا ڪيترا علائقا انگريزن کي ڏيڻا ٿي پيا. سر چارلس نيپئر ٻڌايو ته کيس ڪابه خبر نه آهي، ڇاڪاڻ ته کيس فقط لارڊ ايلنبرو جا حڪم مڃڻا آهن. هـُـن قاصدن کي وڌيڪ ٻڌايو ته، ”آءٌ فقط اوهان وانگر هڪ وڪيل آهيان، ۽ منهنجو ڪم آهي ٻين جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ.“ انهيءَ کان پوءِ سر چارلس نيپئر فوج ۽ توبن سان خيرپور تي حملو ڪيو، ۽ صلح جي وقت ۾، مير رستم خان کي پنهنجي موروثي حڪومت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مير رستم خان کي پنهنجن ٻارن زالن سميت مينهن ۽ سخت واءُ ۾ برپٽ ڏانهن ڀڄي وڃڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام بمبئيءَ مان سکر پهچي ويو ۽ ڏيجيءَ وٽ وڃي سر چارلس نيپئر سان مليو. انهيءَ کان پوءِ سر چارلس نيپئر امام ڳڙهه جي قلعي ڏانهن وڌيو، جو مير رستم خان جي ڀائٽي مير محمد خان جو رهائشگاهه هو. قلعي کي بلڪل تباهه ڪيو ويو، ۽ ان ۾ رکيل اناج جا انبار لٽيا ويا. اتان پوءِ سر چارلس منزلون ڪندو حيدرآباد ڏانهن وڌيو. ميرن جڏهن سندس واڌ جو ٻڌو، تڏهن ڏانهس قاصد ڏياري موڪليائون، ته اسان پنهنجي مرضيءَ جي خلاف، انهيءَ نئين عهدنامي کي به قبول ڪيو آهي، ته پوءِ تون ڇو فوج ۽ توبن سان حيدرآباد وڌي رهيو آهين؟ مير جيڪي وڪيل سر چارلس نيپئر ڏانهن ڏياري موڪليا هئا، انهن جا نالا ميرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار هئا، ۽ اهي سر چارلس نيپئر کي نوشهري وٽ وڃي مليا، جو حيدرآباد ۽ سکر جي وچ ۾ آهي. اهي ميرن جون مهرون به اتي کڻي ويا، ته جيئن نئين عهدنامن جي قبوليت تي هنيون وڃن. سر چارلس نيپئر کين اهي مهرون هڻڻ نه ڏنيون، ۽ هڪ خط ڏيئي واپس موڪليو، ته جيڪي به اهي شرط شروط هئا، تيئن انهن جي هڪدم تعميل ڪئي وڃي. انهيءَ خط ۾ مذڪور هو ته ميرَ، مير رستم خان کي هڪدم حيدرآباد ۾ گهرائي وٺن، ته جيئن ميجر آئوٽرام اتي پهچي مير رستم خان جو معاملو طئي ڪري، ۽ ساڳئي وقت عهدنامي تي به سيل مهر ڪئي وڃي. خط ۾ اهو به لکيل هو ته سر چارلس نيپئر جي مرضي هئي ته حيدرآباد تي چڙهائي ڪري، پر هاڻي هو انهيءَ کي في الحال مهمل ٿو رکي، پر جيڪڏهن مير رستم خان ميجر آئوٽرام سان نه ملندو، ته پوءِ کيس دشمن سمجهيو ويندو. اهڙيءَ طرح مير رستم خان ۽ سندس ٻه وڪيل 8- فيبروري 1842ع تي اچي حيدرآباد  ۾ مليا. جيئن ئي ميجر آئوٽرام اچي اتي پهتو، تيئن هـُـن ميرن ڏانهن نياپو موڪليو ته عهدنامو بحال ڪيو وڃي ۽ جيئن ته ميرن لاءِ ٻيو ڪو بلو ڪونه هو، ۽ اهو عهدنامو هو به بي انصافيءَ تي مبني، پر ان هوندي به ميرن انهيءَ کي قبول ڪيو، ۽ پنهنجيون مهرون ڏياري موڪليون. ٻئي ڏينهن 9- فيبروري تي، ڪرنل آئوٽرام ميرن سان ملاقات ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته انگريزن جي لڳاتار واڌ سبب ٻروچ جوش ۾ اچي ويا آهن، ۽ کيس ياد ڏياريائون ته هنن مهرون هڪ ڏينهن اڳيئي ڏياري موڪليون آهن. ميرن انهيءَ تي ڪرنل آئوٽرام کي گذارش ڪئي ته ڪو آفيسر سر چارلس نيپئر ڏانهن موڪلي، ته جيئن هو پنهنجي چڙهائيءَ کي روڪي. ڪرنل آئوٽرام اهو چوڻ ڪري هڪ آفيسر مير نصير خان ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ ميرن انهيءَ کي هڪ تير رفتار اُٺ تي چاڙهي سر چارلس نيپئر ڏانهن روانو ڪيو. اهو آفيسر وڃي انگريز ڪئمپ ۾ پهتو ۽ 12- فيبروري تي اهو ساڳيو اوٺي انهيءَ آفيسر کي واپس وٺي آيو. اهو آفيسر پاڻ سان هڪ خط کڻي آيو، جو منشي ميلارام جو لکيل هو. اهو اوٺي ميرن جي حڪم سان سر چارلس نيپئر جي ڪئمپ ۾ موجود هو، ۽ هن ڏٺو ته خط پهچڻ شرط سر چارلس نيپئر پنهنجي ڪئمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن ڪوچ ڪري ڏنو. ميرن اها خبر ڪرنل آئوٽرام کي ڏياري موڪلي، جو ساڳئي ڏينهن يعني ته 12- فيبروري جي  2- بجي منجهند جو ميرن وٽ آيو، ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان انهيءَ عهدنامي تي مهرون هڻندا ته پوءِ هو کيس پنهنجي طرفان پاڻ هڪ خط لکي ڏيندو. هـُـن اهو به چيو ته جيڪڏهن اهو خط مير پنهنجي ڪنهن به آفيسر جي هٿان سر چارلس کي ڏياري موڪليندا، ته پوءِ هـُـو اتر سنڌ ڏانهن واپس هليو ويندو. ميرن کي لاچار انهيءَ عهدنامي کي مڃڻو پيو ۽ هنن انهيءَ تي صحيحون ڪيون ۽ مهرون به هنيون. انهيءَ وقت مير نصير خان ميجر آئوٽرام کي چيو ته مير رستم خان کي وڏيءَ عمر ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ وڏي سختي آهي ۽ جيئن ته کانئس سندس سٺيون زمينون (روهڙيءَ کان سبزل ڪوٽ تائين) کسيون وييون آهن، انڪري کيس باقي علائقو واپس ڪيو وڃي. مير نصير خان کيس اهو به ٻڌايو ته سر چارلس نيپئر به انهيءَ معاملي جو فيصلو مٿس ڇڏيو آهي، انڪري انهيءَ جو منصفانه فيصلو ڪيو وڃي. ڪرنل آئوٽرام تنهن تي ٺلهو جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ چيائين ته مير رستم خان جي باري ۾ ڪوبه فيصلو وغيره نٿو ڪري سگهجي. جنهن وقت اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان وقت حيات خان جو هڪ نوڪر حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي پهتو، ۽ ٻڌايائين ته حيات خان جيئن حيدرآباد اچي رهيو هو، تيئن سر چارلس نيپئر کيس پڪڙي قيدي بنائي ڇڏيو آهي. ٻروچن، مير رستم سان ٿيل ظلم، حيات خان جي قيد ٿيڻ ۽ سر چارلس نيپئر جي ڪنهن به ڳالهه تي نه اچڻ سبب نااميد ٿي، اهو ارادو ڪيو ته جيئن ڪرنل آئوٽرام قلعو ڇڏي، تيئن مٿس حملو ڪيو وڃي. ميرن کي جڏهن خبر پيئي تڏهن هنن ٻروچن ڏانهن حڪم ڏياري موڪليو ته هو انهيءَ ارادي کان باز اچن ۽ ڪرنل آئوٽرام کي ڪيترن ئي معزز رئيسن جي همراهيءَ ۾ ڪئمپ تي صحيح ۽ سلامت پهچايو ويو. ڪرنل آئوٽرام پوءِ اهو خط، جنهن جو هن ميرن سان انجام ڪيو هو، ڏياري موڪليو، ته جيئن سر چارلس نيپئر پنهنجي چڙهائي روڪي. اهو خط پوءِ ميرن جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو. قاصد جيڪو خط کڻي ويو هو، تنهن اچي ٻڌايو ته جنرل خط ڏسڻ شرط ڪئمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌڻ شروع ڪيو. ميرن انهيءَ تي پنهنجي طرفان به هڪ خط جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جڏهن سندس سڀئي تڪيلف ڏيندڙ شرط مڃيا ويا آهن، ته ان هوندي به هو حيدرآباد ڏانهن وڌي رهيو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟  ميرن انهيءَ خط ۾ اهو به پڇيو ته ڇا سندس مطلب جهيڙي ڪرڻ جو آهي ڇا؟ جي ائين آهي ته پوءِ مير شهر خالي ڪري وڃي برپٽ وسائين ۽ پوءِ اتان پنهنجو وڪيل لنڊن موڪلي انصاف حاصل ڪن. انهيءَ گذارش جو به سرچارلس نيپئر ڪو جواب ڪونه ڏنو. سر چارلس نيپئر جي چڙهائي، ۽ حيات خان جي گرفتاريءَ سبب ٻروچن جو هڪ جٿو، جنهن جو تعداد پنجن هزارن کان مٿي نه هو، حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي جمع ٿيو. ميرن جيتوڻيڪ سر چارلس جي نون شرطن کي به مڃيو، پر ان هوندي به هن پوئتي موٽڻ جي نه ڪئي. ان تي مير ۽ سندن ٻروچ سردار شهر جي ٻاهران اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائون ته ڀل نيپئر اچي اسان کي قتل ڪري ۽ پوءِ وڃي اسان جا گهر لـُـٽي، ڇاڪاڻ ته اسين جيئري کيس اهو ڪم نه ڪرڻ ڏينداسين. مير نصير خان جڏهن ڏٺو ته ٻروچ پاڻ کي تباهه ڪرڻ پٺيان آهن، تڏهن هن ڪرنل آئوٽرام ڏانهن نياپو ڏياري موڪليو، ته هو ٻروچن کي سمجهائڻ وڃي رهيو آهي پر کيس صلاح ٿو ڏئي، ته اسٽيمر تي چڙهي هليو وڃي، نه ته ٿي سگهي ٿو ته ٻروچ سر چارلس نيپئر تي حملي ڪرڻ سان گڏ مٿس به حملو نه ڪري ڏين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ميرن جي بيعزتيءَ جو باعث ٿيندو. انهيءَ باري ۾ هڪ خط به ڪرنل آئوٽرام کي لکيو ويو هو. اهڙيءَ طرح 15- تاريخ مير نصير خان ٻروچن کي سر چارلس نيپئر تي حملي ڪرڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن هن سر چارلس کي وڪيل ڏياري موڪليا، ته جيئن هو به انهيءَ حملي ڪرڻ کان باز اچي، جو هو حيدرآباد تي ڪرڻ وارو هو.

15- تاريخ منجهند جو ٻروچن جي هڪ جٿي ڪرنل آئوٽرام جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو. مير محمد خان، جو ان وقت حيدرآباد جي قلعي ۾ هو، تنهن هڪدم دلاور خدمتگارکي ٻروچن ڏانهن ڏياري موڪليو، ته انهيءَ دنگي فساد کان باز اچن. دلاور تڪڙو تڪڙو اچي اتي پهتو ۽ پاڻ کي وڌندڙ ٻروچن ۽ ايجنسيءَ جي وچ ۾ آڻي، ٻروچن کي هدايت ڪرڻ لڳو. جيئن ئي اهي ايجنسيءَ جي ڀرسان لنگهيا، تيئن اتي جي هڪ چوڪيدار بندوق جي فئر سان هڪ ٻروچ ماري وڌو. دلاور گهڻو ئي سمجهاين پر وريو ڪي ڪين، ۽ ٻيئي ڌريون ٺڪاٺڪيءَ ۾ لڳي ويون. نتيجو اهو نڪتو جو ٻه ٻروچ ۽ هڪ ريزيڊنسي گارڊ مارجي ويا. انهيءَ کان پوءِ آئوٽرام ۽ سندن ساٿي وڃي اسٽيمر تي چڙهيا. ٻروچن ٻن يورپي سپاهين کي قيد ڪيو، جنهن مان هڪڙي کي مير نصير خان وٽ آندو ويو. ميرن هنن کي گوشت ۽ شراب مهيا ڪري ۽ پوءِ کين آزاد ڪري ڇڏيائون. مير محمد خان ته پنهنجي قيديءَ کي هڪ تيز رفتار اٺ تي چاڙهي جهرڪن پهچايو، ۽ پوءِ کيس آزاد ڪري ٻيڙيءَ رستي درياء جي ٻي ڀر موڪليو ويو.

انهيءَ کان پوءِ مير نصير خان انگريز ڪئمپ ڏانهن وري به هڪ وڪيل موڪلڻ تي هو پر تنهن وچ ۾ سر نيپئر ٻروچن تي حملو ڪري ڏنو، ۽ توبن جو آواز سڀني کي ٻڌڻ ۾ آيو. دوبدو لڙائي ختم ٿيڻ تائين ڪيترائي ٻروچ مارجي ويا ۽ ٻيا واپس وريا. مير نصير خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته سڀڪجهه سندس مرضيءَ جي خلاف ٿيو هو، تڏهن فقط حيدرآباد جي پسگردائيءَ مان ٻارنهن هزار ٻروچ اچي جمع ٿيا هئا. مير نصير خان انهن سڀني کي وڙهڻ کان منع ڪئي، ۽ کين حڪم ڪيو ته ٽڙي پکڙي وڃن. 18- تاريخ مير نصير خان پنهنجي مرضيءَ سان سر چارلس نيپئر جي ڪئمپ ۾ هليو ويو ۽ اتي تلوار کولي مير، جنرل کي پيش ڪئي. جنرل پنهنجي هٿن سان اها تلوار مير نصير خان کي واپس ڪري وري کيس ٻڌي ڇڏي ۽ کيس دلداري ڏني ته پنجويهه ڏينهن اندر سندن معاملي جو فيصلو ٿيندو ۽ سندن ملڪ کي کيس واپس ڪيو ويندو. ان ملاقات ۾ اهي لفظ ڪرنل آئوٽرام جي روبرو چيا ويا هئا. ٻئي ڏينهن سر چارلس نيپئر ريزيڊنسيءَ ۾ ويو ۽ ميرن مٿان ماڻهو رکيائين. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام بمبئيءَ ڏي اُسهيو ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ منشي علي اڪبر، جنرل وٽان ميرن ڏانهن اهو نياپو آندو ته هو قلعي کي ڏسڻ ٿو گهري. مير نصير خان انهيءَ تي آخوند بچل، ديوان ميٺارام ۽ بهادر خدمتگار کي ڏياري موڪليو ته جيئن اهي جنرل کي پاڻ سان وٺي اچن. سر چارلس نيپئر پوءِ ڪرنل پٽين ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي قلعي ۾ داخل ٿيو، ۽ پاڻ ٻه توبون ۽ پيادل توڙي سوار فوجن جون ٻه ريجمينٽون وٺي آيو. انهيءَ کان پوءِ صاحب ٻين آفيسرن ۽ سپاهين سان گڏ مرحوم ڪرم علي خان جي زنانخاني ۾ هليو ويو، ۽ مرزا خسرو بيگ کي ڳٿر کان جهلي بيعزت ڪيو. تنهن کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته جيڪي به پئسو پنجڙ، زيور يا قيمتي شيون وغيره هجن، سي هڪدم کيس آڻي ڏنيون وڃن. اهڙيءَ طرح هنن پندرهن لکن جو مال هٿ ڪيو. مير ڪرم علي خان جي گهر جي ڀاتين جڏهن هيءُ نظارو ڏٺو، تڏهن- صاحب کي عرض ڪيائون ته کين پالڪي گهرائي ڏني وڃي ۽ ٽن جوڙن کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. صاحب اهو عرض رد ڪندي، منشي علي اڪبر سان گڏ زبردستيءَ زنانخاني ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي زنانن  زيورن، سون ۽ چاندي جي ٿانون ۽ ڪپڙن وغيره جي ڦر شروع ڪري ڏني. ڪن حالتن ۾ ته عورتن جي ٻانهن ۽ پيرن مان به زبردستيءَ زيور لاٿا ويا. اهي بدنصيب عورتون ڊپ ۽ شرم وچان شهر مان ڀڄي نڪتيون ۽ پيرين پنڌ وڃي کٿڙ پهتيون، جو حيدرآباد کان پنج ڪوهه پري آهي... صاحب ۽ ... صاحب، مير نور محمد جي زنانخاني ۾ گهڙي ويا ۽ اتي به ڦر ڪري عورتن کي مجبور ڪيائون ته اهي پيرن پنڌ هوسڙي ڏانهن هليون وڃن. ... صاحب مير فتح علي جي پٽ مير صوبدار کان ٻه قيمتي بازو بند گهريا، جي کيس ڏنا ويا.

مير صوبدار جي گهر جي هڪ عورت، ڪجهه رپيا ڪمر پٽي ۾ ٻڌي ڇڏيا هئا. ڀاڄ ۾ ڪي رپيا هيٺ ڪري پيا، جنهن تي کيس يڪدم پڪڙيو ويو ۽ پٽو وڍي پئسا ڪڍيا ويا. پوءِ هر هڪ عورت کي پاسيرو وٺي سندس ٻانهن پيرن، ڪن ۽ نـَـڪ جا زيور لاٿا ويا. قلعي ۾ اندر اچڻ جي منع ڪئي ويئي ۽ مرحوم مير نور محمد ۽ مير نصير خان جي گهر جي عورتن کي ٻن ڏينهن تائين پاڻيءَ کان سواءِ اُڃ ۾ رکيو ويو. مير نصير خان جي ٻن پٽن مير حسين علي ۽ مير عباس علي، جي ٻئي قلعي ۾ قيد هئا، تن پاڻيءَ لاءِ صاحب کي نياپو ڏياري موڪليو، جنهن تي جواب مليو ته، سر چارلس نيپئر جو حڪم آهي ته جنهن کي به پاڻي پيڻو هجي، سو گارڊ جي ڪمانڊنگ آفيسر جي بنگلي تي وڃي ۽ پاڻي پيئي. آخر ڏاڍي جفاڪشيءَ کان پوءِ پنج سؤ ماڻهن لاءِ، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار هئا، هڪ کـُـلي پاڻيءَ جي هٿ ڪئي ويئي، جنهن سان اُهي فقط نـِـڙي آلي ڪري سگهيا، پر رهيا ساڳيءَ اُڃَ ۾. انهيءَ کان ٿورو پوءِ صاحب ۽ سپاهي انهيءَ درن وٽ آيا، جتي عورتون هيون ۽ انهن کي ڪهاڙين سان ڀڃي کوليائون. اندر گهڙڻ سان عورتن کان زيور وغيره جي گهـُـر ڪيائون، جي انهن سڀني لاهي ڏنا. ٻئي ڏينهن صاحب انهيءَ ساڳين ڪمرن ۾ گهڙيو ۽ اَلهه تـَـلهه ٻهاري کڻي ويو. هڪ عورت، جنهن کي ريشم جو جوڙو پيل هو، تنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس قلعي جي دروازي تي جهلي ڪپڙا لهرايا ويا. مير نور محمد خان جي بيوه ڪجهه ڪپڙا هڪ نوڪرياڻيءَ کي وڪري لاءِ ڏنا، ته جيئن کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچي. صاحب جي منشيءَ محمد حسين انهيءَ کي جهلي مار ڏني ۽ کانئس ڪپڙا ڦري ورتا. انهيءَ کان پوءِ ٻن عورتن کي آڻي، قلعي جي در وٽ بيهاريائون، ته جيئن اچ وڃ ڪندڙ سڀني عورتن جو جهاڙو ورتو وڃي. ٿورن اکرن ۾ ته جيڪا به ميرن جي ملڪيت هئي، اها سڀ کانئن کسي ويئي. مير صوبدار کي پوءِ ٻاهر ڪڍيو ويو، ۽ کيس انگريز ڪئمپ ۾ قيدي بنايو ويو، ۽ جيڪي تلوارون سندس پٽن کي ڏنيون ويئون هيون، سي کانئن واپس ورتيون ويئون. ميرزا خسرو بيگ جو به گهر ڦريو ويو ۽ کيس قيدي بنائي ڪئمپ ڏانهن نـِـيو ويو. انهيءَ کان پوءِ کيس وري قلعي ۾ آڻي ايڏي ته مار ڏني ويئي جو گهڻي وقت تائين بيهوش ٿي ويو هو. جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن کيس ٻڌي واپس ڪئمپ ۾ آندو ويو ۽ نظر بند رکيو ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ ميرن کي بمبئيءَ موڪليو ويو ۽ اتان پوءِ مـَـيسـُـور ڏانهن موڪليو ويو، جتي کين ڏهه مهينا قيد رکيو ويو. کين پوءِ ڪلڪتي وٺي ويا، جتي لارڊ ايلنبرو کين هڪ اُجڙيل جاءِ هزاري باغ ۾ نظر بند رکڻ ٺيڪ سمجهيو. ميرن لارڊ ايلنبرو کي مـَـيسـُـور مان ڪلڪتي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي ايلنبرو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نتيجو اهو نڪتو جو هـُـن مير نصير خان، حسين علي خان ۽ مير نور محمد خان جي پٽن، ۽ مير نصير خان ۽ شاهه محمد خان جي ڀائرن ۽ مير شاهه محمد جي پٽ کي ٻين ميرن کان جدا ڪري، کين هزاري باغ ۾ رکيو ويو ۽ ٻين وڏن ميرن کي هن ٻيءَ اجڙيل جاءِ ۾ رهائڻ جو خيال ڪيو. ايتري ۾ کيس ڊسمس ڪيو ويو، ۽ انڪري هو لنڊن واپس هليو ويو.

انهيءَ کان پوءِ بدقسمت مير نصير خان ڏک ۽ نئين مصيبت، جنهن ۾ سندس پٽ کانئس ڦرجي ويو، ۽ رات ۽ ڏينهن هنجون هاريندو رهيو، تان جو موت کيس اچي انهن سورن مان نجات ڏني. لارڊ ايلنبرو جي ڊسمس ٿيڻ کان پوءِ سر هينري هارڊنج گورنر جنرل مقرر ٿيو، ميرن کيس به خط لکيو، جنهن ۾ هنن، رسيل اهنجن کي دور ڪرڻ جي کيس گذارش ڪئي، ۽ پڻ ملاقات جي لاءِ به عرض ڪيو. انهيءَ خط جي جواب ۾ سيڪريٽري (مسٽر ڪـُـوري) ميرن تي نظرداري ڪندڙ ڪئپٽن ڳارڊن کي لکي موڪليو ته گورنر جنرل انهيءَ معاملي ۾ڪي ڪين ٿو ڪري سگهي پر ان هوندي به جي مير هروڀرو ملاقات ڪرڻ ٿا چاهين ته پوءِ گورنر جنرل انهيءَ لاءِ ڪو ڏينهن مقرر ڪندو. اها ملاقات بئرڪپور ۾30- سيپٽمبر 1844ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سر هينري هارڊنج صاف طور کليل اکرن ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ميرن سان بي انصافي ٿي آهي پر ان هوندي به هو سندن ڪا مدد نٿو ڪري سگهي. تنهن کان پوءِ ميرن ٻه دفعا سر هينري هارڊنج کي لکيو، ته جيڪڏهن کيس مدد ڪرڻ جو اختيار نه آهي، ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ميرن مان ڪن کي اجازت ڏني وڃي ته اهي وڃي راڻيءَ وٽ پڪارين. انهيءَ تي گورنر جنرل، مسٽر ڪوري جي معرفت انڪاري جواب ڏياري موڪليو. ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ميرن قرض کڻي انگلنڊ ڏانهن هي وڪيل ڏياري موڪليا، جن هندستان لاءِ وزير لارڊ رپن، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ راڻيءَ وغيره سان ملاقات لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا. آخر پئسن جي گهٽتائيءَ سبب هو واپس هندستان وڃي رهيا آهن، جتي وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجون دانهون ڪوڪون ڌڻيءَ جي در ڪندا ته جيئن کين انصاف پلئه پوي ۽ رب سائين کين اهو ڏياري، جنهن جي ڏيڻ کان ماڻهن انڪار ڪيو آهي.

ڇنڇر 22- آگسٽ تي ديوان مهتا رام لکيو.

16- فيبروريءَ 1843ع جي پوياڙيءَ جو انگريز فوج هالا کان ايڪيهه ميل پنڌ ڪري، ٿڪجي ٽـُـٽي اچي مٽياري جي ڳوٺ وٽ ڪئمپ لڳائي، جا حيدرآباد کان اتر طرف 17 ميلن جي پنڌ تي آهي. برطانيا جي فوج جو تعداد ان وقت 3000 هو، ۽ ان جي ڪمان ميجر جنرل سر چارلس نيپئر جي هٿ هيٺ هئي.

مٽياري سنڌو دريا ِّ جي ڪپ کان ميل يا ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي، ۽ ڪرنل آئوٽرام، جو ان وقت ميرن سان لهه وچڙ ۾ هو، سو به پنهنجي اسٽيمر ”پلينيٽ“ تان اچي لٿو، ساڻس گڏ لائيٽ ڪمپنيءَ جو حفاظتي جـَـٿو به هو، جنهن جو تعلق هز مئجسٽي مهاراڻيءَ جي ٻاويهين ريجمينٽ سان هو. هـُـن انهيءَ ڳالهه جي اچي تصديق ڪئي ته ميرن اڳئين صبح جو ڪئمپ تي حملو ڪيو هو، جا سر چارلس نيپئر هالن ۾ اڳيئي ٻڌي هئي. آئوٽرام ٻڌايو ته ريزيڊنسي، جا حيدرآباد کان اتر- اولهه جي طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي هئي، تنهن کي گهوڙيسوار ۽ پيادي فوج جي هڪ وڏي جماعت اچي گهيرو ڪيو هو، ۽ انهيءَ جو مهندار مير شهداد خان نالي هڪ مير هو. انگريز حفاظتي جٿي چار ڪلاڪ نهايت بهادريءَ سان مقابلو ڪيو پر پوءِ بارود کٽڻ جي ڪري، انهن کي درياء ڏانهن پٺتي موٽڻو پيو. ان وقت درياء ۾ ٻه اسٽيمر بيٺا هئا، جنهن تي چڙهي اچي مٽياريءَ پهتا آهيون.

ڪرنل آئوٽرام ٻڌايو ته ٻروچ وڏي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ پاڻ کي شڪار ڳڙهه ۾ لڪائي ڇڏيو هئائون، جو مٽياري ۽  حيدرآباد جي وچ ۾ آهي. خيال ڪيو ٿي ويو ته جيڪڏهن انهيءَ جهنگ کي باهه ڏبي ته دشمن ڌڪجي ٻاهر نڪري ايندو، انڪري ميجر آئوٽرام ٻن سؤ سپاهين کي انهن ٻنهي اسٽيمرن تي انهيءَ ڪم لاءِ موڪليو. جيتوڻيڪ جهنگ جو ڪجهه حصو ساڙيو ويو پر ان هوندي به اها اٽڪل ڪامياب نه ويئي، ڇاڪاڻ ته 17 تاريخ وارو جنگ جو ميدان اڃا ڀرپور هو. ٻروچن رات جي وچ ۾ شڪارڳڙهه خالي ڪري ڇڏيو هو پر اسان شڪارڳڙهه جي بيهڪ کان اڻواقف هئڻ ڪري غلطي ڪري وڌي.

17- تاريخ جو صبح جو فوجن ڪوچ ڪيو، جن ۾ سنڌي گهوڙيسوارن جو جٿو ڪئپٽن جيڪب جي ڪـَـمان هيٺ سڀ کان اڳ ۾ هو. سندن پٺيان ڪئپٽن هينڊرسن جي ڪمان هيٺ سـَـيپرس هئا، جن سان سؤ کن ڪـَـمي سپاهين جو جٿو به ساڻ هو. اهي انهيءَ ڪري گڏ کنيا ويا ته اُهي توبن جي وڌڻ لاءِ رستو صاف ڪندا وڃن. جيئن ته انهيءَ جـُـوءِ ۾ تمام گهڻا واهه کوٽيل هئا، انڪري انهن کي پار ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت درڪار هئي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي توبخاني کي اڳتي وڌڻ ۾ دير لڳي. اسان گهڻو ڪري واهه جي ڪپن کي ڪوري، انهيءَ جي مـِـٽي وچ ۾ اڇلائي ٿي، پر ان هوندي به اُٺ توبن کي ڇڪي نه سگهيا. اسان کي ان ڪري واهن ۾ سٺي لاهـِـي ٺاهڻ لاءِ، سڄي رات ڪم ڪرڻو پيو. ساڳئي صبح جو اسان کي مٽياري جي ڀر ۾ ٻن واهن مٿان رستو ٺاهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳي ويو. انهن واهن جي پريان، اسان ڏٺو ته ميرن پنهنجي توبخاني جي سولائيءَ لاءِ سڄو رستو ٺاهي ڇڏيو هو، انڪري اسان جي توبن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿي.

ستن ميلن جي واڌ اسان کي آڻي ڦليليءَ وٽ ڪڍيو، جا سنڌو درياء جي هڪ شاخ آهي. پر ان وقت انهيءَ جو پيٽ سـُـڪو پيو هو. ڦليلي جي اُڀرندي ڪپ سان لاڳو ٻن- ٽن ميلن تائين سڌو رستو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي لڳو لڳ ڪيترائي ڳوٺ هئا ۽ پڻ وڻن جا ڪي جهڳٽا به انهن جي وچ ۾ ٿي ڏٺا. انگريز فوج اڃا پهريون ڳوٺ ڇڏي، ٻئي ڳوٺ تائين پهتي ئي ڪانه هئي ته کين پري کان توبن جي ڇـُـٽڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سر چارلس نيپئر انهيءَ تي يڪدم پنهنجي فوج جي اڳئين حصي يعني ته توبخاني کي هڪ واهه ۾ ڇڏي، سنڌي گهوڙيسوار فوج کي ڦليليءَ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ نون پائونڊن وارا گولا اڇلائيندڙ ٻن توبن کي آجو ڪرائي، جنگ لاءِ تيار ڪرائي بيهاري ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ سنڌي گهوڙيسوار فوج جو هڪ جٿو ڦليليءَ جي پار شڪارڳڙهه جي چوڌاريءَ جاسوسي ڪرڻ خاطر ۽ باقي رهيل گهوڙيسوارن کي دشمن جي جاچ پڙتال رکڻ لاءِ، اڳتي موڪليو ويو. آخر خاطري ٿي ته دشمن ٻئي طرف کان هو. انڪري جنرل وري به اڳتي وڌيو، ۽ هڪ اهڙي ڳوٺ وٽ اچي پهتو، جتي حيدرآباد جو رستو درياهه جي ڪپ کان الڳ ٿي ٿيو. ان وقت جنرل جي ساڄي هٿ تي ڦليليءَ جو سـُـڪل ڀڏو هو، جنهن جو رُخ ڏکڻ طرف هو. سندس ٻئي هٿ تي هڪ ڪـَـچي ديوار هئي، جنهن جي اندر هڪ گهاٽو شڪارڳڙهه هو ۽ سندس سامهون ظاهر ٻهرچي جو ڳوٺ هو، جو ڳوٺن جي انهيءَ سلسلي جو آخري ڳوٺ هو. انهيءَ ڳوٺ کان اڌ ميل جي پنڌ تي وري هڪ ٻيو شڪارڳڙهه هو، جو ڦليليءَ جي ڪپ سان ساندهه ميل کن گڏ هليو ٿي ويو ۽ سندس کاٻي بازو واري فوج ڍڪجي ٿي ويئي.

سنڌي گهوڙيسوارن جا ٻه جٿا ڪئپٽن رسيل ۽ ڪئپٽن جيڪب جي هٿ هيٺ اڳتي وڌندا رهيا. جڏهن هو کٻي طرف مڙيا، تڏهن هڪ اهڙي هنڌ وڃي پهتا، جو دشمن جي توبن کان اڌ ميل يا ان کان ڪجهه گهٽ فاصلي تي هو. هتي اچي انهن قطارون ٺاهيون ۽ هتي ئي ٻيو جٿو، جو ڦليليءَ جي ڪناري تي شڪارڳڙهه جي جاچ وٺڻ ويو هو، سو به اچي کين مليو. اهڙيءَ طرح اهي بهادر جـَـٿا دشمن جي توبن جي زد ۾ اچي، دشمن جي چرپر تي نظر رکندا آيا، تان جو سڄي انگريز فوج وڌي آئي.

جنرل انهيءَ رستي تان، جو سندس سامهون واري شڪارڳڙهه جي کٻي پاسي کان ٿي گذريو، هزار کن وال اڳتي وڌي آيو. اتي هـُـن ڏٺو ته هو دشمن جي توبخاني جي سڌائيءَ ۾ هو، انڪري سڄي فوج جي اتي پهچڻ تائين هو ماٺ ۾ رهيو. فوج جي پهچڻ ۾ دير انهيءَ ڪري ٿي، جو رستن جي خراب هجڻ، توبن جي واڌ ۾ ڏاڍو اٽڪاءُ ڪري وڌو. جيئن ته توبن کي آڻڻ ۾ چڱو وقت لڳي ويو، ان ڪري جنرل کي دشمن جي صحيح پوزيشن کي جانچڻ لاءِ ڪافي وقت مليو.

اسان جي سامهون جيڪو شڪارڳڙهه هو، انهيءَ جون ڀتيون دشمن جي توبخاني جي ماڻهن سان ڀريون پيئون هيون، خاص ڪري انهيءَ جي اڀرندي واريءَ پڇڙيءَ تي ته ڏاڍا سپاهي ويٺل هئا. انهيءَ ماڳ کان دشمن جي ساڄي بازوءَ تائين توبخاني جي فوج جا ٻه ڳتل جهڳٽا ٿي ڏٺا، جي ٻن جهنڊن جي چوڌاريءَ اچي جمع ٿيا هئا، انهن جي پٺيان گهوڙيسوار فوج پئي ڏٺي، جن جي اڳيان ڪيتريون ئي توبون رکيل هيون. انهن توبن مان ڪي توبون اڳيئي سنڌي گهوڙيسوار فوجن تي فئر ڪري رهيون هيون، پر هاڻي انهن پنهنجن توبن جو منهن جنرل ۽ سندس فوجن ڏانهن ڪيو. جيئن ته دشمن جي توبن ۽ جنرل جي فوج جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو، ان ڪري ڪيل فئر بيڪار ويا. دشمن جي توبخاني جو ساڄو بازو وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ لڪل هو، جنهن ۾ هڪ ڳوٺ به هو، جنگ جو ميدان به ميرن پاڻ چونڊيو هو، جتي هو هڪ طاقتور فوج سان اڳيئي قبضو ڪيو ويٺا هئا.

اسان جو مقابلو جيئن ته هڪ اهڙي دشمن سان ٿيڻو هو، جنهن سان اسان ڪڏهن به زور آزمائي نه ڪئي هئي، ان ڪري اسان کي دشمن جي فوج جي جائزي وٺڻ جو وڏو وقت ملي ويو. خيال ڪيو ٿي ويو ته انهيءَ وقت اَٺ هزار پيادا ۽ ٽي هزار گهوڙيسوار فوج، جنرل جي ڊاٻي واري جاءِ کان ڏٺي ويئي. اهو هنڌ جنگ جي ميدان کان اٽڪل هڪ ميل پري هو، ان ڪري ٻروچن جي سڄيءَ طاقت جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو. انهيءَ جو هيءُ به سبب هو ته اها سڄي جوءِ، ديوارن، شڪارڳڙهه ۽ وڻن جي جهڳٽن سان ڀري پيئي هئي، جنهن جي پٺيان ڦليليءَ جو ڀڏو هو، ان ڪري پورو پتو نه پئجي سگهيو.

آخر فوج جي پهچڻ سان جنرل اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ هـُـن اهو رستو اختيار ڪيو، جو شڪارڳڙهه جي ڀـِـت سان گڏ، ٽن سؤ والن جي فاصلي تي گڏوگڏ پئي ويو. اها ڀت ٻروچن سان ڀري پيئي هئي پر جيئن اسين ويجهو پهتاسين، تيئن اهي ڪک پـَـن ٿي ويا. اها ڀـِـت اٽڪل اٺ فوٽ اڀي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه سوراخ يا لنگهه وغيره ڪونه هو. ان ڪري انهيءَ ڀـِـت دشمن کي اڳرائيءَ ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نٿي ڏنو، پر اسان جي توبن جي فئرن کان بچڻ لاءِ اها اجهي طور کين وڏي ڪم آئي. فوج جي اڳياڙي جڏهن سامهون کٻي هٿ تي اچي پهتي، تڏهن کين هدايتون مليون ته اهي پريان بيٺل وڻ جي ڀر ۾ جيڪو رستو آهي، انهيءَ ڏانهن وڌن. جيئن ئي انهن فوجن چڱو ميدان والاري ورتو، تيئن ئي کين ساڄي هٿ تي موڙي قطارن ۾ بيهاريو ويو. توبن کي وري ميجر لائڊ جي ڪمان هيٺ شڪارڳڙهه جي ڀر ۾ پياديءَ فوج جي ساڄي هٿ تي سئبرس سان گڏ بيهاريو ويو. توبخاني ۾ چار نـَـون پائونڊن واريون، ٽي ڇهن پائونڊن واريون، ٻه چوويهن پائونڊن واريون ۽ ٻه ٻارنهن پائونڊن واريون توبون هيون. ساڄي بازوءَ جي پٺيان نـَـوَ- بنگال گهوڙيسوار فوج جا، ٽي سؤ پنجاهه سپاهي رزروِ ۾ رکيا ويا هئا، سنڌي گهوڙيسوار فوج، جنهن جو تعداد پنج سؤ کن هو، اهو ساڳيو هنڌ جهليو بيٺا هئا، جتي کين ڪلاڪ اڳ بيهاريو ويو هو. اهي پيادي فوج جي قطارن کان اٽڪل ٽي سؤ وال اڳيان بيهاريا ويا هئا، جتي اهي بيٺل هئا اتي هڪ واٽر ڪورس جو سرسبز ڀـَـڏو هو، جنهن جي ڪنارن لڳ ڪٿي ڪٿي ڇڙوڇڙ وڻ به بيٺل هئا. اهو ڀـَـڏو سڌو سيد سلطان شاهه جي وسيءَ يا ڪاٺڙي ڏانهن ٿي ويو، جتي انهيءَ دشمن جي ساڄي بازوءَ کي ڍڪيو ٿي، ساڄي کان کاٻي تائين انگريزن جي پيادي فوج هيئن هئي:

سڀ کان پهرين هر مئجسٽي راڻيءَ جي ٻاويهه- ريجمينٽ، پوءِ اتر هندستان جي پنجويهه، ٻارنهن ۽ آخر ۾ فرسٽ گرينڊپرس. اتر هندستان جي سڄي طاقت تيرهن سؤ پنجاهه سنگينن تي مشتمل هئي. ڪئپٽن ٽيٽ جي هٿ هيٺ پونا جي سوار فوج هئي، جنهن سان ٻه سؤ گرينڊيرس ۽ ٻه ڇهن پائونڊن واريون توبون هيون. انهن کي پڇڙيءَ ۾ ساقه فوج طور رزرو ۾ رکيو ويو ۽ جنگ ۾ڪم نه آندو ويو.

انگريزن جي فوجن جي اڳيان هڪ سوڙهو ميدان هو، جنهن ۾ ننڍڙيون واريءَ جون ڊٻون ۽ لاڻي جا ٻوٽا هئا. اهو ميدان ڦليليءَ تائين اٽڪل (1100) يارهن سؤ والن جي وٿيءَ ۾ هو. انهيءَ ميدان کي اوڀر طرف هڪ ننڍي نالي هئي، جنهن ۾ ساوڪ ۽ پڻ ڪجهه وڻ به هئا. اُتي هڪ واهه هو، جو اُڪرڻ جهڙو ڪونه هو. اولهه طرف به اهو ميدان شڪارڳڙهه جي ڀت سان بنديو پيو هو، جا اتر - اوڀر ڪنڊ کان ڦليليءَ تائين ڏکڻ - اوڀر جي طرف ڇهه سؤ والن تائين پکڙيل هئي. اها ديوار انهيءَ ڳوٺ کان پڻ ست سؤ والن جي فاصلي تي هئي، ۽ اها وٿي اڳتي هلي جنگ جو ميدان ٿيڻو هو. دشمن اهو ميدان سوچي سمجهي هٿ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ڦليليءَ جي ڀڏي کين مورچي جو ڪم ٿي ڏنو. برطانيا جي توبخاني ۽ گهوڙيسوار فوج کي انهيءَ ڪري اجهي نه ملڻ سبب ڏاڍي تڪليف ٿي، جيئن هن بيان جي نتيجي ۾ ڏيکاريل آهي.

جيئن ئي اسان جي فوج قطارون ٺاهي بيٺي ۽ جنگي جوڌن کي ميدان ۾ موڪليو ويو، توبن کي به ڌڪي ٻه سؤ وال کن اڳتي ڪيو ويو. يارهين بجي صبح جو دشمن جي توبخاني تي گولي بازي ڪئي ويئي. هر مئجسٽيءَ جي ٻاويهين ريجمينٽ توبخاني کي کٻي هٿ تي ۽ باقي ريجمينٽون پٺيان ويهن قدمن جي فاصلي تي قطارون ڪري بيهاريون ويون. دشمن جي توبن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اسان وري به پنهنجيون توبون ٻه سؤ پنجاهه قدم اڳتي ڪيون. دشمن جي توبن ڪوبه چاڙهو ڪونه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته اهي اسان کي ڪوبه زيان نه پهچائي سگهيون، ويتر جو اسان جي توبن مٿن سڌا ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا، تن هڻي کين ٿڌو ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت شڪارڳڙهه ۾ هڪ ڳڙک ظاهر ٿي پيو، جو اسان جي ساڄي بازوءَ جي بلڪل ويجهو هو. ٻاويهين - ريجمينٽ جي ڪئپٽن ٽـِـيو کي انڪري هڪدم دشمن کي ڀڄائڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو ويو، ڪئپٽن ٽـِـيو، جيڪو اوڏانهين، هڪ ننڍي جٿي سان ويو هو، تنهن شڪارڳڙهه جي منهن وٽ، جتي جهنگ به هلڪو هو، ٻروچن کي پوئتي هٽايو. ڪئپٽن ٽـِـيو البت پاڻ مارجي ويو، ۽ ڪمپنيءَ کي به ڪجهه نقصان رسيو، پر هو شڪارڳرهه مان دشمن کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ٽيون ڊاٻو ڦليلي کان ٽن سؤ والن تي ڪيو ويو هو. انهيءَ وچ ۾ برطانيا جي ڪن توبن شڪارڳرهه جي ٻاهران گولا باري ڪئي، ته ڪن وري دشمن جي توبخاني تي فئر ڪيا. نتيجو اهو نڪتو جو دشمن جو توبخانو بلڪل خاموش ٿي ويو. ۽ پيادي فوج، جا ريجمنٽن سان بلڪل لاڳو بيهاري ويئي هئي، تنهن کي آخري حملي لاءِ تيار رکيو ويو.

جڏهن آخري حملي جو حڪم ٿيو تڏهن هر مئجسٽيءَ جي ٻاويهين- ريجمينٽ، جا اسان جي يورپي ريجمينٽ هئي، نهايت سهڻي نموني ۾ اڳتي وڌي. دشمن جي جامڪيدار بندوق مان ڪئين فئر ڪيا ويا، پر هنن انهن کي نهايت بردباريءَ سان برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ جواب ۾ هنن به فئر ڪيا، پر وريو ڪي ڪين، ڇاڪاڻ ته ٻروچ ڦليليءَ جي ڪناري جي آڙ ۾ هئا، انڪري انهن نهايت خبرداريءَ سان چـِـستي وٺي اسان ڏانهن بندوق جا فئر پئي ڪيا. نيٺ اتر هندستان جي پنجويهين- ريجمينٽ جنگ ۾ مشغول ٿي ويئي ۽ ٻارهين- ريجمينٽ ۽ گرينڊير به جـُـنبي پيا. هن طرف دشمن ساڄي بازوءَ کان به وڌيڪ طاقتور هو. اهو انهيءَ سبب ڪري جو ڀڏن ۽ ڳوٺ جي گهرن انهن لاءِ بچاءُ جو وڏو ڪم ٿي ڏنو. اسان جي فوجن جي اڳتي وڌڻ ڪري دشمن پنهنجون توبون خالي ڪري ڇڏي ويا، جن مان ڪيتريون ئي اسان جي قبضي ۾ اچي وييون پر جيئن ئي فاصلو گهٽ ٿيندو ويو، تيئن بهادر ٻروچن کي جنگ ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. انهن ڇا ڪيو جو پنهنجيون جامڪيدار بندوقون کڻي اڇلايون ۽ تراريون کڻي گهڙي پيا جنگ ۾. هنن اهڙيءَ طرح ته بهادريءَ سان حملو ڪيو جو اسان جي فوج کي ڪيترائي دفعا ڌڪي پوئتي ڪري ڇڏيائون. اتر هندستان جي ٻارهين- ريجمينٽ کي هنن ٻه - ٽي دفعا ماري پٺتي هٽايو، پر وري به انهن کي سندن آفيسرن اڳتي آڻي ٿي ڪڍيو. بريونٽ ميجر جئڪسن فوجن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهوڙي تان لهي پيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جان قربان ڪيائين. هو فقط ٻن حوالدارن سان اڳتي وڌيو هو ۽ ٿورو وقت جنگ ڪرڻ کان پوءِ دشمن جي تلوار سان وڍجي مري ويو. پهرين ۽ ٻارهين گرينڊير ريجمينٽ کي ئي دشمن اهڙو منجهايو، جو هو ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ جنگ ۾ ايترو حصو نه وٺي سگهيا. پنجويهين ريجمينٽ جي اڳواڻ ڪمانڊر ميجر تسيدل سپاهين کي همٿائيندي مارجي ويو، جي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ليفٽيننٽ ڪرنل پين فادر ٻاويهين- ريجمنٽ جي اڳواڻ کي به بندوق جي گولي لڳي ۽ هو مارجي ويو. سندس جاءِ ميجر پول وڃي ورتي. اهو اهڙو وقت هو جو يورپ جي بهادر فوج به ٻروچن جي خطرناڪ حملي سبب اڳتي نه وڌي سگهي ۽ هڪ جاءِ تي ڄمي سنگينن جي مدد سان دشمن کي ماريندي رهي. اهڙي طرح اهي پاڻ کي دشمن جي تلوار جي کاڄ ٿيڻ کان بچائيندا رهيا. اهو انهيءَ ڪري جو ٻروچ جنگ لاءِ ڇتا ٿي پيا هئا، ۽ انهن مان ڪيترن جو ڀنگ يا آفيم استعمال ڪيل هو. ليفٽيننٽ مڪمرڊو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جو جڏهن گهوڙو مارجي ويو، تڏهن هـُـن هڪ ٻروچ رئيس سان هٿو هٿ جنگ ڪري کيس ماري وڌو، ۽ سندس سون جي هٿيي واري تلوار تي قبضو ڪري ورتو. ان هوندي به اسان جا بهادر آفيسر ۽ سپاهي ماريا پئي ويا. جنگ جي اهڙي حالت ڏسي سر چارلس نيپئر پنهنجي گهوڙي کي اَڙي هڻي اڳتي وڌايو ۽ ٻاويهين- ريجمينٽ ڏانهن منهن ڪري پنهنجي ٽوپيءَ کي لوڏيندي، انهن بهادر سپاهين جي همٿ افزائي ڪئي. هـُـن پنهنجي بچاءُ جو ڪوبه خيال نه ڪندي اڳتي وڃي اتر هندستان جي پنجويهين- ريجمينٽ کي اڳتي وڌڻ جي هـُـشي ڏني. جنرل جي ان وقت اها منشا هئي ته زبردست حملو ڪري دشمن کي نديءَ (ڦليلي) جي ڀڏي مان ٻاهر ڪڍون پر اها پوري نه ٿي سگهي. سنگينون تمام گهٽ ڪم آنديون ويئون هيون، ۽ جامڪيدار بندوقن ۽ چمڪدڙ ترارين جي جهلڪ به گهٽ ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ننڍڙين توبن ڦليليءَ جي ڪڙ وٽان فائر ڪري، جيڪي به سامهون آين ٿي، تنهن کي سمهاري ٿي ڇڏيو. اها موتمار ڪشمڪش ڪلاڪ کان مٿي جاري رهي، تان جو برطانيا جون فوجون ڦليليءَ جي پيٽ ۾ لهي پيئون پر اوستائين اهو ڦٽيلن ۽ مئلن جي لاشن سان ڏٺيو پيو هو. انهن سڀني ماڻهن جي ٿيلهن ۽ سوٽي ڪپڙن ۾ باهه لڳي ويئي هئي، جا ٿي سگهيو ٿي ته سندن جامڪيدار بندوقن جي چوچڙين جي ڪري لڳي هجي. سندن سڙندڙ ۽ ڦٽيل جسمن سچ ته هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ٿي ڪيو. ڪيترن ٻروچن جا لاشا ڦليليءَ جي ڪپ تي مٿي به سندن دشمنن جي لاشن سان گڏ پيل هئا، جنهن مان سندن بهادريءَ جي گونگي شاهدي ٿي ملي. اَمان، نه ته گهري ٿي ويئي ۽ نه ڏني ٿي ويئي. جيڪي زخمي ٿيا هئا، اهي يا ته اسان جي سپاهين هٿان مارجي ويا هئا، يا ته کين سنگينن سان ختم ڪيو ٿي ويو. زخميلن به آڻ نٿي مڃي ۽ آخري دم تائين پنهنجي ترارين سان وڙهندا رهيا.

انهيءَ وچ ۾ اسان جو توبخانو ۽ گهوڙيسوار فوج به ڪا واندي ڪانه بيٺي هئي. سچ پڇو ته اهو سندن ئي ڪردار هو، جنهن جو جنگ جي فيصلي ڪرڻ ۾ وڏو هٿ هو. ميدان جي سوڙهه سبب توبخاني مان فقط چار توبون ڪم آنديون ويون. ڪئپٽن هٿ جي هڪ توب سـَـئــَـپرس جي مدد سان ڀت جو ڪجهه حصو ڪيرائي وڌو ۽ شڪار ڳڙهه تي بمباري ڪري اتي تباهي مچائي ڏني. باقي ٽن توبن وري ڦليليءَ جي ساڄي ڪپ تي ۽ پڻ سامهون مارا ماري ڪئي، جنهن ۾ گول ۽ گريپ شاٽ گولا استعمال ڪيا ويا.

سخت جنگ وقت گهوڙيسوار فوج کي حڪم ڏنو ويو ته دشمن جي ساڄي بازوءَ تي حملو ڪري. نائين - بنگال ڪئولري کي اڳيئي اسان جو کٻي بازوءَ جي مدد لاءِ موڪليو ويو هو، جنهن هاڻي فرسٽ گرينڊير فوج جي پٺيان پوزيشن سنڀالي ورتي هئي. حڪم کي غلط سمجهڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پوئين ريجمينٽ، جنهن جو منهن ساڄي طرف هو، تنهن ڪجهه پوئتي موٽ کاڌي پر سندن آفيسرن کين روڪي وري وڃي ساڳئي هنڌ تي بيهاريو. ٻروچ تمام گهڻي انداز ۾ پاسي وارن ڳوٺن، لوڙهن، ڀـَـڏن وغيره مان اچي پرگهٽ ٿيا. ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل نائين - گهوڙيسوار فوج جو اڳواڻ، جيڪو ڪمان ۾ ٻيو نمبر هو، تنهن کي جنرل وٽان اڳتي وڌڻ جو ڪوبه حڪم نه مليو هو. پر هـُـن وقت جي نزاڪت کي پروڙيندي ۽ جيئن مون کي ٻڌايو ويو آهي، ته ڪئپٽن ٽيوڪر جي فوري عرضداشت تي گهوڙيسوار فوج کي ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهو وقت ڏاڍو نازڪ هو. نائين - گهوڙيسوار فوج جنهن جي اڳواڻي اهو بهادر آفيسر ڪري رهيو هو، سا اسان جي توبخاني ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ وڌي وڃي، دشمن تي ڦليليءَ جي ڀـَـڏي ۾ ڪڙڪي. ٻروچن جو هڪ جٿو، جو انهيءَ ڳوٺ ۾ هو، تنهن نهايت جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو ۽ اسان جي انهيءَ بهادر جٿي کي نقصان پهچايو. ڪئپٽن ٽيوڪر کي ڇهه ڌڪ لڳا ۽ هو وڃي ڪـِـريو، پر ڪئپٽن بيزيٽ، جنهن وڃي سندس جاءِ ورتي، تنهن ڪاميابيءَ سان دشمن تي حملو ڪري ان کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

3- اسڪئڊرن جي پٺيان 2- اسڪئڊرن فوج هئي، جنهن جي اڳواڻي ڪئپٽن گئرٺ ڪري رهيو هو. تنهن ڳوٺ تي حملي ڪرڻ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل کي ڏاڍي مدد ڏني. انهيءَ وقت پهرين ڪئپٽن ويمس جي هٿ هيٺ هئي، جنهن گرينڊير ۽ ٻارهن- ڏيهي پياده فوج جي وچ ۾ پڙاءُ ڪري ڦليليءَ کي پار ڪيو ۽ ان جي ٻيءَ ڀر وڃي دشمن جي فوج کي ڊوڙائي ڪڍيو. ايجوٽنٽ ڪئپٽن ڪڪسن انهيءَ وقت مارجي ويو، ۽ ٽي ٻيا آفيسر زخمي ٿي پيا. ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل 3- اسڪئڊرن جي ٿورن ماڻهن سان ڳوٺ ۾ دشمن جي ٺاهيل مورچن تي حملو ڪيو، ته کيس پوءِ 2- اسڪئڊرن به مدد ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو، ڳوٺ کي دشمنن جي فوج کان خالي ڪرايو ويو. اسان کي جيڪو نقصان پهتو اهو انهن فئرن مان ٿيو هو، جي ويجهڙائيءَ جي واهن ۽ باغن مان لڪي ڪيا ٿي ويا. سنڌي گهوڙيسوارن جو جـَـٿو ڳوٺ کي ڦري وڃڻ ۾ ناڪامياب ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته رستي ۾ جيڪو واهه هو، اهو دشمن جي فوجن سان ڀريو پيو هو. اهوئي سبب آهي جو انهن کي به اسان جي پيادل فوج ۽ ڳوٺ جي وچ مان ئي لنگهڻو پيو. ائين ڪندي اهي به اچي انهن فوجن سان گڏيا، جي ڦليليءَ جي پيٽ ۾ دشمن سان جنگ جوٽيو بيٺا هئا.

مير ته اڳيئي جنگ جو ميدان ڇڏي، حيدرآباد ڀڄي ويا هئا، پر تنهن هوندي به اتي ڪيترائي بهادر ماڻهو ڏٺا ويا، جن نهايت دليريءَ سان مقابلو ڪيو. اسان جي فوجن مان جن سندن پـُـٺ وٺي کين قتل ٿي ڪيو، اهي پاڻ به مارجي ٿي ويا. ڪئپٽن جيڪب جو گهوڙو سندس هيٺان مارجي ويو هو. انڪري هـُـن ليفٽيننٽ فٽز گرالڊ کي دشمن جي پويان وڃڻ جو حڪم ڏنو. ٿورو اڳتي وڃڻ کان پوءِ هن کي ٻروچن جي هڪ وڏي جماعت ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جنگ ۾ حصو نه ورتو هو. انڪري هو واپس موٽي آيو. سنڌي گهوڙيسوار فوج کي ان وقت اسان جي سامان جي حفاظت تي معمور ڪيو ويو ۽ بنگال جي گهوڙيسوارن جي هڪ جٿي وري دشمن جي ڪئمپ تي قبضو ڪري ورتو. پر پوءِ جنرل جي حڪم ملڻ تي ڪئمپ کي باهه ڏيئي خالي ڪيو ويو.

انگريزن جي فوج جڏهن هڪ بجي نديءَ (ڦليلي) کي پارڪيو، ان وقت جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پر اڃا فئر ختم ڪونه ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته دشمن جا ڪيترائي ماڻهو اڃا هيڏانهن هوڏانهن پئي ڀٽڪيا. جيسين اسان توبون اُڪاري ٻيءَ ڀر ٿياسين، تيسين اهي تڪليف ڏيندا رهيا. جنرل پنهنجي ڪئمپ جنگ واري ميدان ۾ لڳائي ۽ سامان سـَـڙو به وچ ۾ ڇڏيو ويو هو، ۽ سپاهي به اتيئي سمهي پيا.

اهڙيءَ طرح اهو ڏينهن ختم ٿيو. ڀانئجي ٿو ته ٻروچن انهيءَ ڏينهن جيڪا بهادري ڏيکاري هئي، سا هنن ڪا ورلي ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏيکاري هجي. يوروپي به بهادريءَ ۽ عزم سان اڳتي وڌندا رهيا. پر سندن سڄي بهادري سندن آفيسرن جي ڪري ئي هئي، جن جرئت جو انهيءَ ڏينهن تي لاثاني مظاهرو ڪيو. سپاهين جي همت افزائيءَ ۾ هنن ڪين گهٽايو ۽ اهوئي سبب آهي، جو هنن نهايت مردانگيءَ سان حملو ڪيو هو. اسان جي فوج جي حملي کي ٻه- ٽي دفعا روڪي پٺتي هٽايو ويو هو، ۽ جيڪڏهن اهڙا آفيسر نه هجن ها، ته پوءِ سپاهين لاءِ ميدان جهلڻ محال هو. توبخاني ۾ گهوڙيسوار فوج به پنهنجي فرض جي پوري ادائگي ڪئي هئي، پر ڇاڪاڻ ته ميدان ٿورو هو، انڪري سندن ڪم سست رهيو. آخر ۾ اهو مڃڻو پوندو ته گهوڙيسوار فوج جي دشمن جي ساڄي بازوءَ تي حملي جنگ جي پڄاڻيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو.

اسان جو انهيءَ جنگ ۾ قليل فوجن جي استعمال ڪرڻ ڪري وڏو نقصان ٿيو. يعني ته ٻاهٺ مارجي ويا ۽ هڪ سؤ چورانوي زخمي ٿيا، جنهن ۾ اوڻيهه آفيسر هئا. ”ڇهه مئا ۽ تيرهن زخمي ٿيا (1)“. دشمن جا چار سؤ ماڻهو ته فقط ڦليليءَ جي ڀـَـڏي ۾ مئل ڇڏيا، ۽ اوترائي ٻاهر ميدان ۾ شڪار گاهه ۾ مئل پيا هئا، جي اسان جي توبخاني جي فئرن ۽ گهوڙيسوار فوج جي هٿان مارجي ويا هئا. ڪن خاص حالتن کان سواءِ جنهن ۾ امانَ ڏني ٿي ويئي (2) دشمن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويئي، انڪري چئي سگهجي ته جيڪي زخمي ٿي ڀڳا هئا، انهن جو تعداد ڪيترو هو. پر ڀانئجي ٿو ته اهو مئلن جي تعداد کان وڌيڪ هوندو. ٻروچ سندن مارجي ويل ماڻهن جو تعداد تمام وڌيڪ ٻڌائين ٿا، پر اهو اجايو وڌاءُ آهي. ٻروچن جو نقصان انگريزن جي نقصان جي ڇهوڻ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪونه هو، جو حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ڇيهو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن فوجن جي بيهڪ جنگ جي ميدان ۾ نهايت فائديمند پوزيشن تي هئي. ازانسواءِ انهن جي فوج به تمام گهڻي هئي، ساڳئي وقت منظم به هئي. اها ثابتي اسان کي سندن فائرن مان ملي ٿي، جي انهن تڪڙا ۽ نهايت برجسته ڪيا هئا.

دشمن جو سڄو توبخانو، جنهن جو تعداد پندرنهن هو، سندن جهنڊو، باروڊ، تنبو ۽ ڪجهه خزانو اسان جي هٿ اچي ويو، جنگ جا پهريان نتيجا نهايت اهم ثابت ٿيا. ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڇهن اميرن اچي پاڻ کي قيد ٿيڻ لاءِ پيش ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ حيدرآباد تي قبضو ڪيو ويو(1) . ڏکڻ سنڌ کي پوءِ برطانيا جي سلطنت جو هڪ علائقو قرار ڏنو ويو.

----------


(1) گهوڙا ته ڏاڍا مارجي ويا هئا ۽ ٻنهي طرفن انهن جو ڏاڍو ڳرو نقصان ٿيو. دشمن جي گهوڙيسوار فوج ڪا گهٽ جنگ ڪانه ڪئي. پر هـُـنن گهوڙن تان لهي گهوڙن کي بچاءُ خاطر اڳيان قطاري بيهاريو ته جيئن گولا ۽ فئر انهن کي لڳن.

(2) جيئن ته امانَ ڪانه ٿي ڏني ويئي، انڪري ٻروچن نهايت بيجگريءَ سان مقابلو ٿي ڪيو. انڪري اسان لاءِ به ناممڪن هو ته کين جيئرو ڇڏيون.

(1) حيدرآباد تي 21- تاريخ تي ڪرنل آئوٽرام جي وڃڻ کان پوءِ قبضو ڪيو ويو، چون ٿا ته قلعي ۾ ويهن لکن جو خزانو پيل هو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خزاني جو وڏو حصو پاسيرو ڪري رکيل ٿو ڀانئجي. اسان کي جيڪي هٿ آيو سو انهيءَ خزاني جي چوٿين پتي مس هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org