باب ڏهون
شاهه پور - عاميل جو همراز تـُرڪ علي - رئيس
العلماء سان ملاقات - ڪانڌاهه ۽ ڀاڳ وٽ جهڙپون -
دادر تي حملو - ليفٽيننٽ لوڊي جو خون - مير نور
محمد جي وفات - گنداوا وٽ نصير خان جي هار - بروهي
قيدي - شڪار ڳڙهه ۾ شڪار
11- آڪٽوبر تي مون ڀاڳ ڇڏيو ۽ چاليهه ميل سواري
ڪري طاهر جي ڳوٺ پهتس. جتي ٿورا ڪلاڪ آرام ڪري،
جسر کان لنگهي شاهپور پهتس، جو ڪهيرين جو وڏو شهر
آهي. ڦلجيءَ وانگر هي شهر به ڊومڪين جي هٿ چڙهيو
هو، پر پوءِ اسان اهو هٿ ڪري، وري کين واپس ڪيو
هو. شاهپور ۾ مون عاميل ۽ ٻين آفيسرن کي ڏٺو، جن
اسان جي گنداوا تي رٿيل حملي جي بند ٿي وڃڻ تي
افسوس ظاهر ڪيو. عاميل مون کي ساڻس برپٽ ۾ ٿيل
واقعن بابت گهڻو ڪي ٻڌايو. اسان وٽ ٻروچن ۾ تـُـرڪ
علي جکراڻيءَ کان وڌيڪ ڪوبه سٺي ڪردار وارو رئيس
ڪونه هو. هو ڊگهو سنهو پير مرد هو، جنهن کي ڳاڙهي
رڱيل ڏاڙهي هئي. گهٽ تهذيب يافته قومن ۾ ماڻهوءَ
جي حياتيءَ جي ڪا قيمت نه آهي، پر ترڪ عليءَ وٽ ته
بلڪل ڪانه هئي. هڪ ڏينهن هڪ هندو دڪاندار عاميل کي
ڪنهن شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ ورجائي چوڻ سان ڪڪ ڪري
رهيو هو. ان تي عاميل، ترڪ عليءَ ڏانهن اشارو ڪري
چرچي طور کيس چيو ته، ”هن کي ٽار ته جيئن بـَـڪ
بند ڪري“. ترڪ علي هڪدم وڃي انهيءَ بڪواسيءَ کي
ڳٿڙ کان جهليو ۽ گهليندو ويس ٻاهر. ان وقت ترڪ
عليءَ وٽ کليل چاقو به هٿ ۾ هو، ۽ هيئن چوندو ويو
ته، ”اجهو ٿو ماٺ ڪرايانس“. عاميل کي اچي خطرو لڳو
ته متان ماري نه وجهيس، سو اٿي کيس سندس چنبي کان
بچايائين، جا ڳالهه ترڪ عليءَ کي نه وڻي. شڪارپور
ڏانهن ويندي مون سان جکراڻين جو هڪ حفاظتي جـَـٿو
به ساڻ هو، جي ترڪ عليءَ جا ماڻهو هئا. هنن سمجهيو
ته مان سندن ٻولي ڪونه ڄاڻان، انڪري ڏاڍي فخر سان
اهي ٻٽاڪون هڻندا ويا ته ڪيئن هنن لارڊ ڪئننگ جي
فوج کي ڦريو هو. ”انهيءَ هوندي به“ انهن مان هڪڙي
ورجايو، ”فرنگي ڏاڍا فراخدل آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي
کانئن هڪڙي ڏينهن ڦريو وڃي ٿو، اها ساڳي شئي ٻئي
ڏينهن پئسا ڏيو خريد ٿا ڪن. کانئن وڌيڪ ٻيا ڪهڙا
سٺا گراهڪ ملي سگهن ٿا؟“ نيٺ وري به اچي شڪارپور
جي چارج ورتم، جا ڪڇيءَ جي پٺيان پاڻيءَ واري برپٽ
جي ڀيٽ ۾ هڪ سهڻي جاءِ هئي.
واپس پهچڻ کان ٿورو وقت پوءِ آئون اتي جي
عبدالخالق نالي هڪڙي عالم سان ملڻ ويس. هو ڪڏهن به
ڪنهن يورپيءَ سان ملڻ ڪونه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس
اصول هو ته فقط مسلمان وٽ ئي وڃجي. انگريزي پهاڪي
وانگر ته جيڪڏهن جبل موسيٰ وٽ نٿو اچي ته پوءِ
موسيٰ کي ئي جبل وٽ وڃڻ گهرجي، رسمي طور مون بزرگ
وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مون ڏٺو ته رئيس العلماء هڪ
سهڻي شبيهه جو پير مرد هو، جنهن جي هر ڳالهه ۾ سچي
مذهب جو ذڪر ٿي آيو. هو ڪافرن جي باري ۾ تـِـر
جيتري به رعايت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ٻين ڳالهين
سان گڏ هن انهيءَ ڳالهه تي به بحث ڪيو ته مسلمان
هڪ ڪرستان سان گڏ ماني کائي ته انهيءَ ۾ ڪو هرج
آهي. منهنجو خيال هو ته قرآن ۾ انهيءَ جي ڪابه
جـَـهل ڪانه آهي. ان تي هن جواب ڏنو ته توهان پاڻ
به ته پنهنجي شريعت تي ڪونه ٿا هلو، مثال طور
اوهان کي رت ۽ ڦاهي کاڌل جانور جي کائڻ کان منع
ٿيل آهي پر اوهان انهن حڪمن جو ڪوبه خيال ڪونه ٿا
ڪريو. جيئن ته اوهان پنهنجي شريعت جا اصول ڀڃيو
ويٺا آهيو، انڪري اوهان کي ڪافرن ۾ شمار نه ڪريون
ته ٻيو ڇا ۾ ڪريون؟ هن ڪرستانن جي انهيءَ دليل تي
به ڳالهايو، ته ڪرستانن جي تعليم اڻ پوري آهي ۽
آخرين نه آهي.
هتي هن ملڪ ۾ فقط اهو ماڻهو وڏو عالم سمجهيو وڃي
ٿو، جو ڪنهن ٻئي عالم سان مناظرو ڪري سگهي. پر
جيڪڏهن ائين نٿو ڪري سگهي ته پوءِ پٽڪي کي ڳنڍ
ڏيئي انهيءَ عالم جو مريد ٿيڻو پوندس. رئيس
العلماء جو لقب فقط انهن کي ڏنو ويندو آهي، جن جو
نالو هجي ۽ جيڪي مذهبي سختيءَ ۽ ديني علم جي ڄاڻ ۾
ڀـَـڙ هجن.
جنهن وقت آءٌ ڪڇي ۾ هوس، ان وقت چڱي موچاري فوج
سکر ۾ جمع ٿي چڪي هئي، بروهين جا لشڪر جڏهن گنداوا
کان وٺي بولان جي ميدانن ڏانهن لڙي رهيا هئا، ان
وقت اسان جا سياسي حاڪم وري حسد وچان پاڻ ۾ وڙهي
رهيا هئا ۽ ڏاڍي آرام سان ايندڙ موسم لاءَ رٿون
رٿي رهيا هئا، ته خان جو ڇا ٿو ٿئي. جنگ جي محاذ
تي هڪٻئي پٺيان ڪئين ريجمينٽون موڪليون ويون، پر
ان هوندي به سکر واري مهاڳ تي فوجن ۾ڪا گهٽتائي
ڪانه آئي ۽ اهو ساڳيو مجموعو رهيو. آخر اسان جي
حڪومت وري ڪوريئڙي جي ڄار اُڻڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ان ۾
ڪي ڏهه - ٻارهن ٽنگ ٿي پيا هئا، جنهن جي ڪري منجهس
گهانچا ۽ وٿيون ڏسڻ ۾ آيون. انهيءَ کان پوءِ اسان
جي مکيه سياسي ڪوريئڙي ڪجهه ٻـُـڌڻ جي عنايت ڪئي،
۽ پوري شان شوڪت ۽ زهر سان ڀريل رومڙ به ڪئي، پر
مکين کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو هو اهو انهن ڪيو ۽ پوءِ
رمنديون رهيون.
انهيءَ وچ ۾ جيڪي ڪمي مون برشوري ۾ ڇڏيا هئا، تن
کي بروهي سوارن ڊوڙآئي وڃي برپٽ ۾ ڇڏيو. پر انهن
سان به ساڳي جٺ ٿي، ڇاڪاڻ ته راڻيءَ جي چوٿين
ريجمنٽ کين شڪست ڏيئي، منجهانئن هڪ سؤ ٽيهه مرد ۽
ٽي عورتون ماري وڌيون. عورتن کي نه مارين ها ته
ڏاڍو چڱو هو، پر ڇا ڪجي. اهي رات جو ويس بدلائي
پنهنجن مڙسن سان گڏ جنگ ڪنديون ته پوءِ ڪنهن کي
ڏوهه ڏيئي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪانڌاهه ۾ به ائين
ئي ٿيو هو. انهن مسڪين زالن کي تلوار جي ڌڪ نه
فقط، ڏک ۽ سڃائيءَ کان نجات ڏياري پر ان سان گڏ
انهيءَ نظاري ڏسڻ مان به جند ڇڏائي، جنهن ۾ سندن
مرد، ڀائر ۽ ٻچا رت ۾ لڙهي رهيا هئا. ساڳئي وقت
وردان وري ٻي هڪ ٽوليءَ تي حملو ڪري ان جا چاليهه
ڦورو ماري وڌا. وردان پاڻ به پنهنجن هٿن سان ٻه
ماڻهو ماري وڌا هئا، جيتوڻيڪ هن ۾ انهن کان وڌيڪ
ماڻهن جي مارڻ جي طاقت هئي. هن جو چوڻ هو ته ڪيئن
نه جلدي هڪ ماڻهوءَ کي ماري سگهجي ٿو. مثال طور هن
ٻڌايو ته هڪڙي پيادي جي پٺيان هن وڃي گهوڙو
ڊوڙايو، ۽ ويجهو پهچي تلوار کڻي پٺيان ٽنبيائينس،
جا وڃي سندس ڇاتيءَ کان نڪتي. بسم الله چوندي هن
هڪ رڙ ڪئي ۽ جيئن ئي وڃي ڪـِـريو تيئن مري ويو.
پنهنجي هڪ ڀاءُ کي ائين مرندو ڏسي، ڏڪڻي وٺيو وڃي.
بروهين واري جنگ حقيقت ۾ هڪ ڪاسائڪو ڪم هو، ڇاڪاڻ
ته اهي پٺاڻن ۽ ٻروچن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته وڙهيائي
ڪونه. جيتوڻيڪ انهن جو تعداد هزارن ۾ هو پر ان
هوندي به انهن کي اسان جي دادر واري فوجي چونڪيءَ
پوئتي هٽائي، فاش شڪست ڏني هئي. انهيءَ جنگ ۾ اسان
جا فقط ٻه آفيسر ۽ ويهه سپاهي ڦٽيا، ۽ ٻه يا ٽي
سپاهي مئا. بروهين کان ٻيو ته ڪي ڪين پڳو پر فقط
اهو ٿيو جو اَنَ جا انبار لـُـٽي انهن کي باهه
ڏيئي ڇڏيائون.
چاليهين ريجمينٽ جي اڳتي وڌڻ ڪري ڪمال خان ڀڄي وڃي
ٽڪرين ۾ لڪو، پر گنداوا جو شهر ساڙي ڇڏيو هئائين.
مون وارو دوست جيڪر ٻڏي مري ها، هن پنهنجو تنبو هڪ
اهڙي هنڌ کوڙيو هو، جو ڏسڻ ۾ ساوڪ سان ڀريل سهڻي
کڏ هئي. پنڌ ۽ ٿڪ سبب کيس ننڊ کڻي ويئي ۽ خواب ڏسڻ
لڳو. ڇا ڏسي ته سدا بهار انگلينڊ ۾ ويٺو آهي، پر
هجي ننڍي وهيءَ ۾ ۽ جيئن سمنڊ جي ڪناري تي ڪـُـڏي
رهيو هو، تيئن سمنڊ جي وير کيس ويجهي پوندي ويئي.
جيئن ڀڄي تيئن سمنڊ پٺيان. سمنڊ جي ڪناري جيڪي
عورتون وهنجي رهيون هيون، تن کيس رڙ ڪري چيو ته،
”ڀڄ تکو“، بس ائين پاڻ پتوڙڻ ۾ سندس اک کلي ويئي.
جان کڻي ڏسي ته سندس هڪ ٽنگ پاڻيءَ ۾ هئي، ۽ کڏ جي
مٿان کلندڙ سپاهين ۽ آفيسرن جو هڪ ٽولو کيس هڪلون
ڪري رهيو هو ته، ”ٻڏين ٿو، تـَـري جند ڇڏاءِ“. سڄي
ڳالهه جي حقيقت هيئن هئي جو هن پنهنجو تنبو هڪ
ننڍڙيءَ نئين ۾ کوڙيو هو ۽ جيئن ته انهيءَ ويل
ٽڪرين ۾ مينهن وُٺو هو، ان ڪري کڏو تکي پاڻيءَ جي
وهڪري سان ڀرجي ويو هو.
جيئن ئي ڪمال خان جا ماڻهو خطري واري ايراضيءَ کان
پري نڪري ويا، تيئن ئي اسان جي فوجن دادر ڏانهن
وڌڻ شروع ڪيو. دادر پهچڻ وقت اسان جي فوج ٿڪي ٽٽي
پيئي هئي، ۽ ساڳئي وقت سوار به وٽن گهٽ هئا. ان
هوندي به ڪمال خان جي فوج پوئتي هٽي ويئي هئي.
بروهين جو تعداد ان وقت پنج هزار هو ۽ جيئن ئي
اسان جون فوجون اڳتي وڌيون، تيئن بروهين انهن تي
حملو ڪري، کين ڇڙو ڇڙ ڪرڻ چاهيو. کين انهيءَ مهم
تان نيٺ هٿ کڻڻو پيو، ڇاڪاڻ ته سٽار پينل جي ڪن
ٿورن فئرن کين پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هو ميدان ۾
پنهنجو سامان سڙو ڇڏي، پويان هڪ اُڀي ٽڪريءَ تي
وڃي گڏ ٿيا. هيءُ وقت سوارن جي جـُـلهه جو هو،
ڇاڪاڻ ته دشمن جي فوج اڃا ٽڪرائتي ميدان تائين
پهتي ئي ڪانه هئي. پر گهوڙن کي اتي ئي روڪيو ويو،
ڇاڪاڻ ته اها پيادي فوج کان گهڻو اڳ نڪري آئي هئي،
۽ منجهن ايڏي سگهه ڪانه هئي، جو يورپين جي مدد کان
سواءِ ڪا فيصله ڪن جنگ ڪري سگهن. هيءُ دير لوڊي
لاءِ موتمار ثابت ٿي. ڏاڍو غمگين نظارو هو اهو،
ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جي فوج خان جي تنبوءَ جي ويجهو
پهتي، تڏهن ڏسن ته لوڊي جو لاش بلڪل اگهاڙو ۽ سقيم
حالت ۾ پيل هو، پر هو اڃا گرم ۽ منجهانئس رت ڳڙي
رهيو هو. سندس کاٻي ٽنگ اُٺ جي ڪجاوي سان زنجيرن ۾
جڪڙي پيئي هئي، ۽ سندس مٿو تلوار جي ڌڪ لڳڻ ڪري
وڍجي، سندس ساڄي ڪلهي جي هيٺان وڃي پيو هو، هڪڙو
بنگالي نوڪر زنجيرن سان ويجهڙائيءَ ۾ جڪڙيو پيو
هو. ۽ زارو قطار روئي رهيو هو. هن جيڪا ڳالهه
ٻڌائي انهيءَ ۾ سندس وفاداريءَ جي پوري پوري ثابتي
ملي ٿي. هن ٻڌايو ته ته جڏهن خان مستونگ ويو هو،
تڏهن لوڊي به ساڻس گڏ نيو ويو هو، ۽ جيئن ته هنن
اهو فيصلو ڪيو ته برطانيا سرڪار سان صلح ڪن، انڪري
هڪ قيديءَ کي چيو ويو ته ڪئپٽن بـِـين کي خط لکي،
جو هن گهڻي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ لکيو. اهو خط وري
هڪڙي ٻئي قيديءَ، جو بروهين جي نظربنديءَ ۾ هو،
تنهن جي معرفت چئن گهوڙيسوارن سميت موڪليو ويو.
اهي واپس نه موٽيا، پر ڪئپٽن بين وٽان هڪ خط اچي
پهتو، جنهن تي سردارن فيصلو ڪيو ته لوڊيءَ کي قتل
ڪري، اسان جي فوجن تي حملو ڪيو وڃي. هڪڙي شاهوڪار
هندو واپاريءَ سردارن کي لوڊي جي زندگي بخشڻ خاطر
ٻه هزار رپيا رشوت طور ڏنا، انڪري هو لوڊي کي
مستونگ ۾ ڇڏي اڳتي وڌيا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شڪست
کائي وري موٽيا ۽ خان پاڻ سان هڪ سؤ ماڻهو وٺي
قلات هليو ويو ۽ لوڊي کي پاڻ سان کنيو ويو.
بروهين جي دادر تي حملي ڪرڻ جي ارادي کان پوءِ،
لوڊي جي ڏاڍي بيعزتي ڪئي ويئي ۽ کيس تڪليفون ڏنيون
ويئون. اڌ اگهاڙي حالت ۾ کيس ڏينهن جو اٺ تي
چاڙهيو ويندو هو ۽ رات جو کليل ميدان تي سمهاريو
ويندو هو. کيس تمام ڳرا زنجير پيل هئا ۽ کاڌو اهڙو
ته کارايو ويندو هئس، جو هوند ڪتا به نه کائين.
اهڙيءَ حالت ۾ کيس بيبي نانيءَ آندو ويو جتي خان
جي فوجن ۾ بروهين جا ڪئين جٿا اچي مليا هئا. انهن
مان ڪيترن لوڊيءَ کي پٿر هڻي سخت زخمي ڪري وڌو.
دادر جي تباهيءَ کان پوءِ جڏهن سردارن ميجر
بوسڪاون جي فوجن تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن
لوڊي کي گارڊ سميت ڪئمپ ۾ ڇڏيو ويو هو. ٿوري وقت
کان پوءِ ڪجهه سوار ويجهو آيا ۽ اچي چيائون ته
سڀڪجهه ضايع ٿي ويو. عورتون، جي ان وقت قرآن مجيد
مٿي تي کڻي آيون، نيزاريون ڪري رهيون هيون، سي
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. ٻيءَ گهڙيءَ هڪڙو
گهوڙيسوار اندر ڌوڪيندو آيو ۽ اهڙو ته ترار جو ڌڪ
لوڊي کي واهي ڪڍيائين، جنهن اسان جي ڳوٺاڻي کي
سڄيءَ تڪليف مان اچي ڇوٽڪارو ڏنو.
مٿئين ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو
همدرديءَ جو اظهار نه ڪري ته پوءِ آئون انهيءَ تي
رشڪ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهان. سچ پڇو ته ڪي
ماڻهو اهڙا به آهن جي اسان جي ماڻهن سان هن يا
ڪنهن ٻئي سال اڪيلي طور يا اجتماعي طور ٿيل عقوبتن
۽ ظلم جو خيال ڪونه ٿا ڪن. ۽ انهيءَ کي هڪ معمولي
ڳالهه سمجهيو بلڪل بيپرواهيءَ سان ٽاريو ڇڏين.
منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهو جانورن کان به پوئتي پيل
آهن، جن کي انهن ماڻهن جي ڪابه پرواهه نه آهي، جي
ملڪ ۽ قوم جي نالي تي ڪيترن ٻڌل ۽ اڻٻڌل تڪليفن
سان منهن سامهون ٿين ٿا. ويتر اهڙن ماڻهن جي خلاف
ٻڌل ڳالهين جي آڌار تي بهتان بازي ڪئي وڃي ٿي.
غريب لوڊي لاءِ آءٌ فقط اهو چوندس ته هو بهادر ۽
سرگرم عملدار هو ۽ اهو بهتان ته هو ڏيهي ماڻهن
لاءِ ظالم ثابت ٿيو هو. سو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن
انصاف جي نظر سان ڏٺو وڃي ته پوءِ هن پاڻ نرمي ڪرڻ
جي غلطي ڪري، پاڻ کي آزار ۾ وڌو هو. مرحوم ڪئپٽن
پونٽارڊنٽ مون کي ٻڌايو ته قلات ۾ لوڊي خلاف هلايل
ڳالهيون ڪوڙيون هيون. شاهنواز ۽ ٻين بروهين به مون
کي انهيءَ جي پڪ ڏني ته هلايل ڳالهيون نسورو ڪوڙ
هو. ٿوري ڳالهه جو هڪ اکر ته غريب لوڊي به پنهنجي
جان اهڙيءَ طرح وڃائي، جهڙيءَ طرح شاهنواز پنهنجو
تخت وڃايو هو. اهو سڀڪجهه اسان جي ڪڇي واري سياسي
بدانتظاميءَ جي ڪري ٿيو هو. مون کي رڳو اهو ڏک آهي
ته مون پنهنجي پٺيان انهيءَ بدقسمت جوان وٽان پهتل
خطن جو انبار ڇڏيو، جنهن مان جيڪر سندس مڪران تي
ڪيل ڪامياب حملي ۽ قلات ۾ بهادريءَ سان بچاءُ وٺڻ
جو احوال ملي ها.
انهيءَ ساڳئي وقت يعني ته 3- ڊسمبر تي حيدرآباد
وارو مير نور محمد گذاري ويو. مير نور محمد جو
پنهنجي سر ڪهڙو به خيال هجي، پر هن شروعات ۾ اسان
سان سچيءَ دل سان ناتو رکيو هو. سندس دربار ۾ جيڪي
به سياسي عيوضي اسان جي طرفان موڪليا ويا هئا، تن
۾ ڪوبه اهڙو ڪونه آهي، جو سندس نالو عزت ۽ محبت
سان نه ياد ڪندو هجي. وفات وقت اسان جي ريزيڊنٽ
يعني ته دلير آئوٽرام کي پاڻ وٽ گهرائي، کيس
پنهنجا ٻئي پٽ حوالي ڪيائين، ۽ ننڍڙي مير جي پارت
ڪري چيائين ته سندس حفاظت ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهو
هو به حفاظت جي لائق.
13- تاريخ تي انهيءَ فوتي سردار جي شڪارپور ۾ فاتح
پڙهي ويئي ۽ آءٌ گورنر جي حڪم مطابق انهيءَ ۾ شريڪ
ٿيس. انهيءَ وچ ۾ نصير خان، جيڪو دادر واري معاملي
کان پوءِ ٽڪرين ۾ پئي ڀٽڪيو، سو اوچتو هڪ وڏي فوج
سان گنداوا جي ميدانن ۾ اچي پرگهٽ ٿيو. سکر واري
خاموش جلسي انهيءَ کي پنهنجي سياسي راند ۾ رنڊڪ
سمجهي، پڪو ارادو ڪيو ته نوجوان خان جي مڙيئي ڪا
ڪن مهٽ ڪجي. سو ڇا ڪيائون جو هڪدم 25 ريجمينٽ جي
ڪمانڊنگ آفيسر کي قاصد موڪليائون ته اهو اچي دشمن
کي سيکت ڏئي. سکر کان گنداوا هڪ سؤ ٽيهه ميل فاصلو
آهي. اهو پنڌ هن قاصد اهڙيءَ طرح ڪيو جو نياپو به
پهچايائين، ۽ جنگ ۾ گهوڙي سوار فوج جي ڪمان به
سنڀاليائين ۽ ٽئين ڏينهن فتح جي خوشخبري پاڻ سان
کنيو آيو. اهو سڀڪجهه ٽن ڏينهن جي اندر ٿيو جو هڪ
تمام وڏو ڪارنامو سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي
ڀيٽ ۾ ڪئپٽن برائون جي اسي ميلن جي سواري، جنهن کي
آئرن ڊيوڪ پادريءَ تمام گهڻو ساراهيو آهي، تڇ
برابر آهي. ماڻهن کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانه آهي ته
ليفٽيننٽ پاٽنجر، جو پندرهين ديسي توبخاني مان هو،
پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪئپٽن برائون سان گڏ ويو هو،
پر جيئن ته کيس چڱيءَ طرح منهن نه ڏنو ويو، انڪري
هو بنا ڪنهن منزل ڪرڻ جي واپس موٽي آيو. اها حد
کان وڌيڪ جاکوڙ هئي جنهن کيس بيمار ڪري وڌو ۽ آخر
سندس زندگيءَ جو خاتمو آندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي
مرضيءَ سان ڪيڏانهن نڪري ويندا آهن، انهن جو اهڙو
ئي حال ٿيندو آهي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته انهيءَ ڏس ۾
بنگالي سپاهين جي روش کي داد ڏيڻو پوندو. انهن کي
جڏهن ڪنهن اڻوڻندڙ مهم تي موڪليو ويندو آهي، تڏهن
چوندا آهن ته، ”صاحب اسين وڃون ته ٿا پر پنهنجي
مرضيءَ سان ڪونه ٿا وڃون“. چون ٿا ته گنداوا
واريءَ جنگ ۾ ئي سؤ بروهي مارجي ويا هئا ۽ هڪ سؤ
ٽيهن کي قيد ڪيو ويو هو. انهن ۾ زهري قبيلي جو هڪ
نامور سردار بوئر خان ۽ سندس پٽ مراد به هئا.
قيدين کي باڪڙ جي قلعي ۾ رکيو ويو هو. جت کين
اجازت ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجن مائٽن ۽ عزيزن
سان لکپڙهه به ڪن ۽ تحفا به وٺي سگهن. انهن بروهين
کي موڪليل، پٿر وانگر سخت مائي جي ڍِڳن جو جائزو
وٺندي، جي کين سندن زالن ۽ معشوقڙين موڪليا هئا،
مون کان هي اکر ”آه درا برا هورم ايليا“. نڪري
ويا. اهڙي سخت مٺائي هضم ڪرڻ لاءِ ڀانيان ٿو ته
اهو عشق گهرجي جيڪو قيدين ۽ مٺائي موڪليندڙن جي وچ
۾ آهي. ساڳئي وقت اهو به ضروري سمجهيو ويو ته جيڪي
خط قيدين ڏانهن موڪليا ٿي ويا، سي کين پڙهي ٻڌايا
وڃن. اهو ڪم وري مون کي سونپيو ويو ۽ منهنجي
هفتيوار ڊيوٽيءَ ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جيئن ته مون کي
بروهين جي لکپڙهه جو تجربو ٿي ويو هو، انڪري آءٌ
دعويٰ سان چوان ٿو ته اهي سڀ خط سچائيءَ ۽ معصوميت
سان ڀريل هئا. انهن خطن ۾ ڏاڏي ۽ ناني کان وٺي
پوٽي ۽ ڏوهٽي تائين سڀني جو ذڪر ٿيل هو، ۽ انهن جي
خير و عافيت جو مفصل بيان ڏنل هوندو هو. سلام دعا
کان پوءِ اهي به لکيل هوندو هو ته جيئن ته پئسي
ڏوڪڙ جي گهٽتائي آهي، ان ڪري هي مائو يا سڪل ميوو
موڪلجي ٿو.
بروهين ۾، خاص ڪري امير گهراڻي وارن جو چوڻ آهي ته
اصل ۾ اهي حلب کان آيا هئا ۽ اهو سندن شبيهه مان
ظاهر ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهو افغانن ۽ ٻروچن کان
بلڪل مختلف آهن. اهي قد جا ننڍا ۽ هلڪيءَ هاٺيءَ
جا ماڻهو آهن، ۽ پڻ دماغي قوت ۽ جنگي طاقت ۾ به
انهن ٻنهي قومن کان گهڻو پوئتي پيل آهن.
ڪم جي گهٽ هئڻ ڪري مون کي شڪارڳڙهه ۾ شڪار ڪرڻ جو
موقعو مليو، پر هندستاني شڪارين جي نظر ۾ اها سکت
هئي. مون به پاڻ کي کڻي سندن حوالي ڪيو، ڇاڪاڻ ته
شڪار ڪرڻ جي رسمن جي مون کي ڪا خبر ڪانه هئي. مون
کي هڪ اهڙي هنڌ بيهاريائون، جتي ٻه رستا اچي ٿي
پاڻ ۾ مليا ۽ ٻيو سڄو ملڪ جهنگ لڳو پيو هو. ٻئي
پاسي کان وري تڙ وارا اڳتي وڌندا آيا. نتيجو اهو
نڪتو جو هڪ وڏو بگهڙ منهنجي اڳيان نڪري ويو. اهو
اهڙو ته بد فضيلت نڪتو، جو پنهنجي اچڻ جو کڙڪو به
نه ڪيائين، انڪري جيسين آءٌ کيس نشانو بنايان،
تيسين هو ڀڄي ويو. ٻئي دفعي وري هڪ متارو بدمعاش
سوئر ٻاهر نڪتو، جو ڪمند کائي رهيو هو. ان وقت
قسمت ياوري ڪئي، مغز وارو ڌڪ هنيومانس، جو پار ٿي
ويس، ان هوندي به هو گهڻو پنڌ ڊوڙي پري وڃي
ڪـِـريو. ڏيهي ماڻهو خوشامد ڪرڻ ۾ به انگريز لارڊ
جي شڪارين کان گهٽ نه آهن. اوهان جنهن به وقت فئر
ڪندؤ ته هو سڀ گڏجي وٺي رڙيون ڪندا، ”لڳو لڳو.“
پوءِ گوليون ڀلي وڃي وڻ جي ٿڙ سان لڳن، يا ڪنهن
واهه جي ڪنڌيءَ تي پون، پر ان هوندي به هو هـُـل
ڪري چوندا ته، ”واهه جو ڌڪ لڳو!“ شڪارپور جي ويجهو
واگهه ٿئي ئي ڪونه، پر ان جي اتر ۾ بڙديڪا جي جهنگ
۾ گهڻي ئي ڏٺا ويا آهن. هن ضلعي ۾ ڪئپٽن هـَـل، جو
مشهور شڪاري هو، واگهه جو ٻڌي ٻئي آفيسر سان گڏجي
ان جي پويان پيو. ٻنهي انجام ڪيو ته انهيءَ واگهه
کي مڙس ٿي منهن ڏبو، جيتوڻيڪ اهڙي واعدي جي هـَـل
جهڙي ماڻهوءَ وٽان ڪابه ضرورت نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن
اڳيئي واگهه ماريا هئا. جڏهن هو جهنگ ۾ گهڙيا،
تڏهن کين ڪراهت جهڙي وڏي ساهه کڻڻ واري مرونءَ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو- جهڙو ديو جو سهڪڻ! سندس ساٿيءَ جا
ته اوساڻ ئي خطا ٿي ويا پر کيس ڀڄڻ جي تياريءَ ۾
ڏسي هـَـل پاڻ وڌيڪ خبردار ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو اڳتي
وڌيو. جهڪندو ۽ ٻوٽن کي بندوق سان پري ڪندو، جان
کڻي ڏسي ته تمام وڏي قد جو واگهه، ٽپ ڏيڻ جي فاصلي
تي بيٺو آهي. سندس گجگوڙ ۽ پڇ کي ٺڪاءُ ڏيئي لوڏڻ
مان ظاهر پئي ٿيو ته واگهه جو رت تتل هو. هـَـل
هڪدم پنهنجي ساٿيءَ کي هڪل ڪئي ته، ”تون ڌڪ جهل،
ته پهريون ڌڪ آءٌ ٿو هڻانس.“ پر خبردار ڪرڻ جي
ڪابه ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته همراهه اڳيئي
پنهنجي ڌڪ کي ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري، اها ڪوشش
ڪري رهيو هو، ته واگهه کان جيترو پري رهي سگهي
اوترو چڱو. اهڙي موقعي تي تمام ٿورا ماڻهو دل ٻڌي
سگهن ٿا، پر هـَـل جون رڳون لوهه جون ٺهيل هيون،
سو سندس دوست جي ڊپ جو مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو. هن
ڏاڍي آرام سان واگهه تي گولي هلائي، ۽ زخمي ڪري
وڌائينس، پر ان هوندي به هن اهڙو ته ڇال ڏنو جو
ذري گهٽ اچي مٿانئس پوي ها. پر پوءِ جهنگ ۾ غائب
ٿي ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ علي مراد وڃي ان کي
ڳولي ڪڍيو ۽ ماري وڌائينس، پر ان کان اڳ هن هڪ تڙ
واري کي ماري وڌو هو ۽ ڪيترن ٻين کي به زخمي ڪري
ڇڏيو هو.
گهوڙن کي ورزش ڏيڻ جي خيال کان اسان وٺي گدڙن جي
پويان گهوڙا ڊوڙايا، جي شڪارپور جي ويجهو تمام
گهڻي انداز ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اسان انهن جي پويان ڪتا
به بڇيا، پر هتي مٽي ايڏي آهي جو هڪ يا ٻن وکن کڻڻ
تي جيڪا ڊسڙ اڏامي ٿي، ان ۾ ننڍڙي فوج هوند خوشيءَ
سان ڍڪجي وڃي! ايڏيءَ ڌوڙ ڪري، هڪ دفعي ٻه آفيسر
مختلف طرفن کان گهوڙا ڊوڙائيندي، هڪٻئي سان ٽڪرجي
پيا ۽ هڪٻئي مٿان اٿلندا پٿلندا وڃي زمين تي پيا.
ٻنهي کي ڏاڍا ڌڪ آيا، ۽ هڪڙو ته نيٺ فوت ٿي ويو.
پهرين هو ايترو ته چڱو ڀلو ٿيو هو، جو ميز تي ويهي
سگهندو هو. پر سندس اٿ ويهه جون عادتون نه سڌريون
۽ ٿورو شراب کيس پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيندو هو. کيس
حڪم ڏنو ويو ته خزاني جي سنڀال ۾ گارڊ جي حيثيت ۾
سکر وڃي. رستي ۾ کيس هڪ ڪاٺير مليو، جنهن جا هٿ
پير ٻڌي مون ڏانهن موڪليائين ۽ هڪ خط به ڏياري
موڪليائين، جنهن ۾ لکيل هو ته اهو مشهور ڌاڙيل
دينو هو. ٻن ڏينهن کانپوءِ مون ٻڌو ته هو سکر ۾
چريائيءَ جي ڪري وار پٽيندو مري ويو. سندس
بيماريءَ جو سبب بلاشڪ اهو ڌڪ هو، جو کيس گهوڙي
سواريءَ ۾ رسيو.
--------------- |