جي روبرو هو پاڻ کي تمام عاجزيءَ سان پيش ڪندو
هو ۽ هـُـنَ پنهنجي رنڀ جهڙي آواز کي گهٽائڻ ۾ڪا
ڪسر ڪانه ڇڏي، پر ان هوندي به سندس آواز رڇ جي
جهڪي آواز وانگر پيو لڳندو هو. مڊ سمر نائيٽ
ڊريم جي بـُـلي باٽم جيان(1)
مون کي ٻڌايو ويو ته هن ڪيترا دفعا دشمن کي
پنهنجي خطرناڪ ٻانهن ۾ جـَـڪڙي گهو گهو ڏيئي
پورو ڪيو هو. ڀانئجي ٿو هن دشمن کي تلوار سان
ختم ڪرڻ جي بدران هي نمونو پسند ڪيو هوندو. سندس
اهڙو ته نالو هو جو جڏهن به ڌاڙن ۾شامل ٿيندو
هو، تڏهن ٽوليءَ جي سردار جي حيثيت ۾ ڦر جي مال
مان ڇهون حصو وصول ڪندو هو. هو اهڙو ته بهادر ۽
هوشيار هو، جو ڪڇيءَ جي رڻ مان پنهنجي ٽوليءَ کي
رات جو نهايت هوشياريءَ سان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ
پهچائيندو هو. پر هاڻي يارو سڀڪجهه وساري ويٺو
آهي ۽ روز اچيو ايجنسيءَ جي حاضري ڀري. هو پاڻ
کي اهڙو ته ڳنڀير ۽ معصوم ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي، ڄڻ ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪجهه ڪيو ئي
ڪونهي. اهو صحيح آهي ته هن هاڻي ڌاڙا هڻڻ ڇڏي
ڏنا آهن، پر جيڪي اڃا ٻارڻ ٻاريو بيٺا هئا، تن
جي جهلائڻ ۾هـُـن ڪا مدد ڪانه ڪئي آهي.
شڪارپور جي چوڌاريءَ جهنگ ۾ ٻروچ ڌاڙيلن جي هئڻ
ڪري سخت خطرو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته اُتان هر روز
هڪ نه ٻئي ظلم ۽ زبردستيءَ جي خبر پيئي ايندي
هئي. انهن مان هڪڙو دين محمد بڙدي هو: جنهن کي
’دينو بڙدي‘ ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اُهو به ٺـُـپ
اُترادي ريڍار هو. سندس ڀاءُ سانولي جو نالو ته
کانئس به وڌيڪ مشهور هو، پر قسمت، جا روزانو
سندس نالو ٻـُـڌي ٻـُـڌي ڪـَـڪ ٿي پيئي هئي، ان
ڪري اُن سندس ڪارنامن کي هڪدم ختم ڪري ڇڏيو.
منهنجي شڪارپور پهچڻ کان ٿورو اڳ ايجنسيءَ ۾ خبر
پيئي ته سانولي پنهنجي هڪ ڌاڙي مان واندو ٿي هڪ
ڳوٺ ۾ وڃي منزل ڪئي آهي، جو اٽڪل ڏهن يا پندرهن
ميلن جي پنڌ تي آهي. يڪدم بيقاعدي سوارن جو هڪ
جـَـٿو سندس پٺيان موڪليو ويو، جي سندس گهوڙي تي
سوار ٿيڻ کان اڳ وڃي مٿس ڪڙڪيا. جيڪڏهن هو گهوڙي
تي چڙهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، ته پوءِ وٺ ڏيڻ
جو ئي ڪونه هو. پر جڏهن هن ڏٺو ته ٻي ڪا واهه
ڪانهي، تڏهن تلوار ڪڍي جنگ ڪيائين. نيٺ سندس
ترار واري ٻانهن زخمجي پيئي ۽ اسان جا ماڻهو مٿس
زور پئجي ويا ۽ کيس ٻڌي سوگهو ڪري ڪئمپ ۾
آندائون. سچ پڇو ته هن جهڙي هيبتناڪ شڪل جو
ماڻهو کانئس اڳ ڪونه ڏٺو ويو هو. سندس اڌ منهن،
ڪارن ۽ گهاٽن وارن ۾ لڪل هو ۽ سندس نرڙ به شيطان
جي پيشانيءَ جهڙو ننڍو ۽ سوڙهو هو،ساڳئي وقت
ڀـِـرن جي هيٺان سندس ڪارين اکين جي چمڪاٽ مان
جهنگ جي مرونءَ جي هيبت پئي بکي. کيس ڏسڻ لاءِ
ماڻهن جا ڊنب اچي گڏ ٿيا، جن مان ڪيترائي سندس
ظلم جو شڪار ٿيل هئا. انهن مان ڪي اهڙا به هئا
جن جا مـِـٽ ۽ مائٽ، سندس يا سندس ٽوليءَ جي
ڌاڙيلن جي تلوارن جو بک ٿيا هئا. هن کي پهريائين
اهو وهم ئي ڪونه هو ته ڪو کيس ماريو ويندو،
ڇاڪاڻ ته هن ڀانيو ته عيوضو ڏيئي هو پنهنجي جند
ڇڏائي ويندو. ”جي مون کي آزاد ڪندين ته پنج اُٺ
ڏيندوسانءِ“، هن پوليٽيڪل آفيسر کي آڇ ڪئي. جيئن
ته کيس ڪو جواب نه مليو، ان ڪري هو پنهنجو واڪ
وڌائيندو ويو: ”ڏهه اُٺ ڏيندوسانءِ“ .......
”ويهه اُٺ ڀلا، پر جند ڇڏ“ ...... ”جي اڃا به
راضي نه ٿئين ته اُها ٻروچاڻي آڻي ڏيان“، جيڪا
مون پوئينءَ ڦرلٽ ۾ هٿ ڪئي هئي“. پر جواب مليس
ئي ڪونه ٿي، ان ڪري مڙس مڙيئي ڪجهه دلگير ٿي
پيو. هڪڙي ڊگهي نوڙي آندي ويئي، جا سندس ڳچيءَ ۾
کڻي ٻڌائون. ماڻهو اچي پاڻ ۾ اٽڪيا، ڇاڪاڻ ته
گهڻو ڪري هر ڪنهن جي خواهش هئي ته کيس مان
ڦاسيءَ تي لٽڪايان. ”هن منهنجو پيءُ ماريو آهي“،
انهن مان هڪڙي رڙ ڪئي. ٻئي وري اڳتي وڌي چيو ته،
”اها نوڙي مون کي ڏيو، هن منهنجو ڀاءُ ماريو
آهي.“ جيئن ئي اها نوڙي سندس نـِـڙيءَ ۾ وڌي
ويئي، تيئن هو سـُـسي ويو ۽ هٻڪندڙ آواز ۾
ليلائڻ لڳو ته، ”سائين! ائين نه ڪر“. خير، جنهن
وڻ جي هيٺان هـُـن پنهنجيءَ خونيءَ زندگيءَ جو
پويون ساهه کنيو، انهيءَ تي ”سانولي جو وڻ“ نالو
پئجي ويو. جيترو وقت آئون سنڌ ۾ هوس، مٿس اهوئي
نالو ٻڌندو آيس ته ڀانئيان ٿو ته اهو نالو مٿس
ڪئين سال رهندو. ڀاڻس کي ڦاسيءَ ڏيڻ جي ڪري،
’دينوءَ‘ بدلي خاطر پنهنجين ڪـُـڌين ڪارواين کي
ٻيڻو ڪري ڇڏيو. سانولي جي موت کان پوءِ هن ٿورن
مهينن اندر ڏهه خون ڪري ڇڏيا. کيس پڪڙڻ جون سڀ
ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون ۽ جڏهن اسين عاجز ٿي
پياسين، تڏهن هو نه ڄاڻ ڪهڙي سبب ڪري، ملتان جي
سرحد تي وڃي مزاري ٻروچن سان مليو ۽ انهن سان گڏ
رهڻ لڳو.
23 - نومبر تي اسان کي قلات واري سوڀ جي خبر
پهتي. محراب خان جي موت، سندس قلعي جو اسان جي
هٿ ۾ اچڻ ۽ سندس بهادر ماڻهن جو اسان جي هٿان
قتل ٿيڻ - اهي خبرون وڄ وانگر اُتر سنڌ جي فسادي
رهاڪن ۾ پکڙجي ويون. اميرن جا وزير اسان جي
انهيءَ سوڀ تي اسان کي مبارڪباد ڏيڻ آيا پر سندن
مـُـنهنَ ڊپ وچان هيڊا ٿيا پيا هئا. جيتوڻيڪ
ظاهري طور ته هنن انهيءَ واقعي سان ڪوبه واسطو
نٿي ڏيکاريو. ڪن ماڻهن جو سوال هو ته محراب خان
کي اهڙيءَ طرح مارڻ ڪيتريقدر صحيح هو؟ انهيءَ جي
جواب ۾ هي چوڻ ڪافي ٿيندو، ته هن اسان جي فوجن
جي ڪڇي ۽ بولان مان لنگهڻ وقت، جابلو قبيلن کي
حملي ڪرڻ لاءِ اُڀاريو هو. مون پاڻ ڪيترائي اهڙا
خط ترجمو ڪيا هئا، جي حيدرآباد واري مير نصير
خان جا لکيل چيا ٿي ويا. انهن مان سازش کي سنگهي
ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر اوٿس جي ناسڪي جي ڪابه
ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته انهن خطن جي ٻولي،
چٽيءَ طرح ظاهر هئي. پر انهن جي سچي هجڻ تي البت
شڪ پئي ٿيو. جيتريقدر منهنجي يادگيري آهي، انهن
تي سندس سيل مـُـهر ٿيل هئي، جنهن تي هي مشهور
سجع لکيل هو: ”گلِ گلشنِ محمود محراب“ يعني
محمود محراب جي باغ جو گل. اهڙو مرتبو محراب کي
سونهيو ٿي يا نه، انهيءَ تي ڪوبه بحث ڪونه ڪرڻو
آهي. پر ڏٺو ويندو ته انهيءَ واقعي کان اڳ جيڪا
ڌاڙن ۽ ڦـُـرن جي بازار گرم هئي، ان کي قائم رکڻ
۾ هن جو وڏو هٿ هو.
25 - تاريخ اسان جا بمبئيءَ وارا فوجي دستا
شڪارپور پهتا. جيتوڻيڪ اهي سوڀ ڪري موٽيا هئا،
پر انهن ۾ ڦونڊ يا وڏائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. موت
جو فرشتو سندن قطارن ۾ ڪاهي پيو هو، ڇاڪاڻ ته
منجهن ڪالرا جي آفت اچي منهن ڪڍيو هو. انهيءَ
بيماريءَ جو سڀ کان پهريون شڪار ڊاڪٽر فوريس ٿيو
هو، جو هر دلعزيز هو. ڊاڪٽر جي موت کان پوءِ اها
بيماري سخت تيزيءَ سان وڌي ويئي. چئن منزلن جي
پنڌ تي لشڪر وارا جانيديري اچي پهتا هئا، جتي
اهڙي ته اچي حالت ٿي هـُـين، جو مئلن کي پورڻ به
ناممڪن ٿي پيو هونِ. جهنگ ۽ رستن تي لاشا پکڙيا
پيا هئا.
26 - تاريخ تي 4 ڊريگون ۽ گهوڙن جو توبخانو
شڪارپور ۾ داخل ٿيو. آءٌ سندن استقبال خاطر ڪجهه
ٻاهر نڪري ساڻن مليس، سڀني تي اُداسي ڇانيل هئي.
پوليٽيڪل ايجنٽ به پاڻ کي پالڪيءَ ۾ کڻايو پئي
آيو ۽ ماڻهو تڪڙا تڪڙا اچي رهيا هئا. بيقاعدي
گهوڙيسوارن جي ڌوڙ جي ڪڪر کان پوءِ نيٺ وڃي رستو
صاف ٿيو. اهو پريو مڙس به بيمار هو. مون انهيءَ
رات 4 ڊريگون جي ميس ۾ سر ڪائٿ جئڪسن سان ماني
کاڌي. ان وقت سڀ ڪنهن تي هراس ڇانئيل نظر پئي
آيو. سندن ريجمينٽ جو آگل مرڻ ڪنڌيءَ تي هو. هو
هڪ رلڻو ملڻو نوجوان سپاهي هو، جنهن کي ماڻهو
ڏاڍو ڀانئيندا هئا. مون گهوڙي تي چڙهي شهر جي
ڪئمپ جو جائزو ورتو. ڏٺم ته ڪيترائي يورپي نشي ۾
ٽمٽار ميدان ۾ ليٽيا پيا هئا. ايجنسيءَ جي آمهون
سامهون ۽ پڻ ڀت جي ٻاهران ٻه وڏيون کڏون کوٽجي
رهيون هيون، مون ٿورو ترسي انهن کي جاچي ڏٺو.
چار ڏينهن پوءِ آءٌ جڏهن انهن هنڌن تي ويس، تڏهن
ڏٺم ته اهي ٻئي کڏون تازي مٽيءَ سان لٽيون ويئون
هيون ۽ مٿن ڪي ٻوٽا به کوڙيا ويا هئا. اِتي مون
هڪ گدڙ کي اچي ٽاهه ڏنو، جو ان وقت ڪنهن شيءِ کي
کرڙي رهيو هو. جاچي ڏٺم ته اها هڪ ماڻهوءَ جي
منڍي هئي ۽ جيئن ته ان جا چپ هڪ ٻئي کان پري ٿي
ويا هئا، ان ڪري سندس سٺن ڏندن جي ٻٽيهي نظر اچي
رهي هئي. جنهن مسڪين جو اهو مٿو هو، سو ڏسڻ ۾
نوجوان پئي آيو. کڏا ڏٽي ڀريا ويا هئا. هڪڙي ۾
ڊريگون جا تيرهن سپاهي ۽ ٻئي ۾ به اوترائي
توبخاني جا ماڻهو پوريا ويا هئا. اها نهايت
خطرناڪ رات هئي. اسان ايجنسيءَ ۾ هڪٻئي جي ويجهو
اهڙيءَ طرح رهايا ويا هئاسين، جو جيڪي آواز ٻڌڻ
۾ پئي آيا، تن مان ڀانپي ٿي وياسين ته ڇا ٿي
رهيو هو. انهيءَ رات گهٽ ۾ گهٽ ٻه سؤ ماڻهو مري
ويا هئا. صبح جو مون کي حڪم ٿيو ته آءٌ انهيءَ
رستي تان، جو بيماريءَ سان ڀريل هو، ڪڇيءَ وڃان.
سچ پڇو ته انهيءَ وڳوڙ جو مون تي به ڪي قدر اثر
ٿي ويو هو. اسان واري ننڍڙي ڊاڪٽر، جو ڀوت وانگر
پيلو ٿي پيو هو، مون کي آفيم جي عرق جو اهڙو ته
وزن پياري ڇڏيو، جو آئون ذري گهٽ چريو ٿي ويو
هوس. فجر جو منهنجي سواريءَ وارو اُٺ آندو ويو ۽
آءٌ وڃي مٿس چڙهيس. جيئن ته ٻن منزلن تائين مون
کي هڪ ساٿي ملي ويو هو، ان ڪري آءٌ ڪجهه خوش
ٿيس. نيٺ اسين پنڌ پياسين. مون واري ساٿيءَ کي
انهيءَ روڳ اچي ورتو، جو گهڻو ڪري ڪيترن انهن
ماڻهن کي ٿيندو آهي، جي پهريون يا ٻيو دفعو ڪنهن
منڌل ملڪ جو سير يا سفر ڪندا آهن. هن خيال ڪيو
ته فاصلي گهٽائڻ خاطر رستي کي وچان ٿا ڪـَـٽيون.
پوءِ جيئن سدائين ٿيندو آهي، انهيءَ غلط صلاح جو
نتيجو اهو نڪتو جو رستو ئي ڀلجي وياسين. سج
ڪاپار تي هو ۽ اسان کي پنهنجي غلطيءَ جي سزا
ڏيئي رهيو هو. آخر اسان وڃي جانيديري پهتاسين.
جيئن جيئن اسين رستي تان لنگهندا وياسين تيئن،
تيئن اسان کي چؤطرف لاشا پکڙيل نظر آيا. مون هڪ
ماڻهوءَ کي ڏٺو جو پورچوگيز هو. صاف سٿرن ڪپڙن
۾، يعني ته ڪڙتو، پتلون پيل هئس ۽ ٽوپلو به مٿي
۾ هئس، منهن ڀر اونڌو پيل هو. مون کي اعتبار ئي
نه پئي آيو ته هو ڪو مري ويو هو. آئون ان ڪري
وٽس پهتس ۽ ڀانيم ته گهوڙي تان لهي کيس کڻان،
جيئن جهڪيس تيئن ڏسان، ته سندس هيٺان رت جو دُٻو
پيل هو. سندس بدن به سيٽجي سخت ٿي ويو هو ۽ مکين
جو ڄڻڪ هڪ ڪڪر سندس چوڌاريءَ پئي ڦريو. منهنجي
نوڪرن مون کي ٻڌايو ته هنن اهي پنج لاشا دفن ڪيا
آهن، جن کي گدڙن کوٽي ٻاهر ڪڍيو هو. انهيءَ سفر
جو اوهان پاڻ اندازو ڪري سگهو ٿا. رات جو منزل
به اهڙي هنڌ ٿي، جتي هڪ ڏينهن اڳ سوين ماڻهو موت
جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ وري انهيءَ بيماريءَ کان
بچاءُ لاءِ دوا درمل جو به کين ڪو آسرو ڪونه هو.
انهن ڳالهين سچ ته بک ئي ماري ڇڏي. ٻئي ڏينهن
آءٌ روجهاڻ ويس. جتي به ساڳيو ئي نظارو نظر آيو.
هتي مون کي خبر پيئي ته جنرل ولشاير، جو برشوري
جي رستي هتان لنگهڻو هو ۽ جنهن سان ملڻ لاءِ مون
کي حڪم مليو هو، تنهن انهيءَ رستي کان اچڻ جو
خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته منهنجي اتي ڪابه
ضرورت ڪانه هئي، ان ڪري آءٌ خير ۽ خوشيءَ سان
واپس شڪارپور اچي پهتس.
17 - تاريخ: توبخانو ۽ پايونيئرس قلات کان
شڪارپور پهتا. سندن ڪئمپ مال غنيمت سان ڀريل هئي
۽ اتي هر ڪنهن قسم جو قيمتي مال پئي وڪاڻو. مان
انهن مان ڪابه نادر شيءِ حاصل ڪري نه سگهيس.
21 - تاريخ: آءٌ ابراهيم شاهه سان گڏ بازن جي
شڪار تي ويس. اهي ننڍيءَ جنس جا باز هئا ۽ ڪجهه
تـِـتر ماريائون به، پر ملڪ ڀريو پيو هو ننڍن
ننڍن وڻن سان، ان ڪري سواري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي.
نتيجو اهو نڪتو جو پکين پنهنجي مـُـنهن پئي مزا
ڪيا. انهيءَ هوندي به بنا ڪنهن شيءِ ڏسڻ جي
داروغي جي ڊوڙ پئي پيئي، ۽ پڻ وڏي آواز ۾ هڪلون
ڪرڻ لڳو، ڄڻڪ جانورن جو شڪار هو. انهن رڙين تي
پهريائين ته آءٌ ڏاڍو جوش ۾ اچي ويس، جو مون
ڀانيو ته ڪو چڱو شڪار هٿ لڳو هو. پر پوءِ سوچ
ڪيم ته اهڙن موقعن تي اجايو گوڙ ڪرڻ ايرانين جي
پـَـر آهي، ان ڪري ماٺ ٿي ويس.
انهيءَ وقت هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن ۾ سرڪار کي
انهن ماڻهن جي غفلت ڪري نقصان سهڻو پوندو آهي،
جن جي هٿ ۾ سرڪاري ڪم ڏنا ويندا آهن. جيئن ته
اهو هڪ تمام معمولي واقعو هو، ان ڪري آئون
انهيءَ کي بيان ٿو ڪريان، نه ته ڳـَـرن ۽ ڳنڀير
معاملن کي منهن ڏيڻ جو ته نمونو ئي اور آهي. مون
کي حڪم پهتو ته خزاني جي لاءِ ڪي صندوقون
ٺهرايان. انهيءَ ڪم لاءِ مضبوط ڪاٺ جي ضرورت
هئي. ڪاٺ ته گهڻوئي هو، پر جنهن جي مون کي گهرج
هئي، اهو اتر سنڌ ۾ ملڻ مشڪل هو.
هڪ ڏينهن جيئن آءٌ شهر جو سير ڪري رهيو هوس،
تيئن هڪ گمنام گهٽيءَ ۾ مون کي ڪاٺ جو وڏو انداز
ڏسڻ ۾ آيو. اهو سـِـنجهـِـيءَ جو ڪاٺ هو، جو نه
فقط مهانگو هوندو آهي، پر ان سان گڏ اهو به
فائدو اٿس جو اُڏهي لڳيس ئي ڪونه. مون جڏهن پڇا
ڪئي ته معلوم ٿيو ته اهو ڪاٺ قنڌار واري منشيءَ
جو هو. پر آءٌ اڃا گهر مـَـس پهتو هوس، جو ڪي
ماڻهو مون وٽ لنگهي آيا ۽ چيائون ته اهو ڪاٺ
سرڪار جي طرفان سنڌو درياهه تي پل ٻڌڻ لاءِ خريد
ڪيو ويو آهي. سچ پڇو ته اهو ڪاٺ انهيءَ ماڳ تي
عجيب نموني پهتو هو ۽ اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته
انهيءَ کي پوءِ ايجنسيءَ جي احاطي ۾ آندو ويو، ۽
جتان پوءِ اهو اُٺن تي چڱيءَ طرح ڀريل صندوقن جي
شڪل ۾ ٻاهر آندو ويو. اهڙو ٻيو به هڪ واقعو ٿيو،
جو سنڌي ماڻهن جي بلند ڪردار جي ثابتي آهي. مان
اهو هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان. افغان مهم جي
پيشروئن آفيسرن مان هڪڙي آفيسر ڪڇيءَ ۾ هڪ
سنڌيءَ سيد کي فوج جي واڌ ۾ رسد پهچائڻ لاءِ ست
هزار رپيا ڏنا. انهيءَ وقت حالت اها هئي جو اسان
جي ڪيل خرچ جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونه هو، ان ڪري
وڏين رقمن سان گڏ اهي ڏنل پئسا نظر انداز ٿي
ويا. جنهن آفيسر اهي ڏنا هئا، سو فوجن سميت واپس
روانو ٿي ويو هو ۽ انهن پئسن بابت ڪوبه اطلاع
وغيره پنهنجي جانشين وٽ ڪونه ڇڏي ويو. ڏينهن،
هفتا ۽ مهينا گذرندا ويا، ايتريقدر جو سڄي ڏيتي
ليتي وسري ويئي.
هڪ ڏينهن صبح جو شڪارپور جي پوليٽيڪل آفيسر گشت
ڪندي انهيءَ سيد جي ڳوٺ وٽ اچي منزل ڪئي. سندس
حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته اهو سيد
پئسن سان ڀريل ڳوٿرين سان اچي سندس سامهون بيٺو
۽ چيائين ته، ”هي سرڪار جون آهن.“ پوءِ سڄو
احوال ڪري ٻڌايائين ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ اهي
پئسا کيس مليا هئا، پر جيئن ته سونپيل ڪم نه ڪري
سگهيو آهي، ان ڪري واپس ڪري رهيو آهي.
شڪارپور جي آبهوا هاڻي وڻندڙ ٿي ويئي هئي، ڇاڪاڻ
ته مينهن پوڻ ڪري ٿڌڪار وڌي ويئي هئي. اهوئي
سبب هو جو گهوڙي تي چڙهڻ يا پنڌ ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف
نٿي ٿي. آفيسر (ڪڏهن ڪڏهن ڪا انگريز عورت) لنگهن
تي ٺهيل اسٽيشن ڏانهن ويندي، سدائين اتان پيا
لنگهندا هئا ۽ گهڻو ڪري منزل ڪندي ايجنسيءَ ۾
اچي رهندا هئا. مسافرن جي بنگلن جو اڃا رواج
ڪونه ٿيو هو، ان ڪري اسان کي نوان چهرا ڏسي خوشي
ٿيندي هئي. اهو چوڻ به اجايو ٿيندو ته جيئن ته
ان وقت ٽيبل الائونس ڪونه ٿي مليو، انڪري مهمان
نوازي ۽ ڪفايت شعاري پاڻ ۾ ڪو نه ٿي ٺهيا، يعني
ته مهماني جهلڻ ۾ بخل ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڏس ۾
پوليٽيڪل ايجنٽ پاڻ اعليٰ مثال قائم ڪريو ويٺو
هو. جيڪو به ٿي آيو تنهن جو آڌرڀاءُ پئي ٿيو.
سندس پنهنجو عملو، جنهن ۾ ٻارهن يا چوڏهن اسسٽنٽ
هئا، سدائين ساڻس گڏ کاڌو کائيندا هئا. انهيءَ
خرچ ۾ مڙس جو اڌ پگهار ختم ٿي ويندو هو. سندس
ٽيبل تي سال ۾ چوڏهن هزار بير جون بوتلون کوليون
وينديون هيون، جا پنهنجي سـِـر هڪ وڏي رقم هئي.
وري ان ۾ شراب، سوڍا ۽ ٻيون مشروبات ڳنڍيو. کاڌي
جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جيڪڏهن ڪا
اَنَ - کائو رڍ ڪم آندي وڃي ته پوءِ ليکوئي
لـَـٿو. جيڪڏهن ايڏي خرچ تي ٿڌي دماغ سان غور
ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته گهٽ ۾ گهٽ چار هزار رپيا
مهمانن جي بلي ٿي ويا. هڪڙي اسسٽنٽ جو مثال وٺو،
جنهن جو پگهار انهيءَ رقم جي اٺين پتي مـَـس
آهي. انهيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو هوندو. اهو
مهماني البت گهٽ شاندار نموني ۾ ڪندو، پر مهمان
کي خوش ڪرڻ لاءِ خاطر تواضع ڏاڍي ڪندو. اهڙن
سخاوت جي ڪوڏين مان ٺٽي جي ليفٽيننٽ ڊبليو جو
نالو وٺڻ ضروري سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس
مهمانيءَ سبب مان ٿورائتو آهيان. مان ڀانئيان ٿو
ته هو ڪڏهن به مهمان کان سواءِ واندو ڪونه هوندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن وٽس ايڪڙ ٻيڪڙ مهمان هوندو، پر
ڪڏهن ته وري لانڍ لٿي پئي هوندي هئي. ميزبان جو
رويو به وڻندڙ هوندو هو، ان ڪري گڏجي کائڻ اسان
جي عادت ٿي ويئي. ڪوبه اڪيلو يا پاسيرو وڃي ماني
ڪونه کائيندو هو. انهيءَ طريقي کي اوهان سٺو چئو
يا خراب، پر انهيءَ ۾ مون تمام سٺي واقفيت پيدا
ڪري وڌي، نه فقط ايترو پر ڪيترن سان دوستي به ٿي
ويئي، جا اڃا تائين آهي.
3 - جنوري 1840ع تي ڪئپٽن آرٿر ڪونولي مون وٽ
آيو ۽ ڏهه ڏينهن ترسي پيو. اهو جيتوڻيڪ هڪ تمام
ننڍو عرصو هو، پر سندس سٺي سڀاءَ ڪري، منهنجي
ساڻس دل ٻـَـجهي ويئي. هو وڏيءَ دل وارو مڙس هو،
جنهن کي دنيا جي تڪليفن جو ڪو ڊپ ڪونه ٿيندو هو،
پر منجهس اهو کٽڪو ضرور ڏسبو هو، جو هر سياڻي
ماڻهوءَ ۾ هوندو آهي. اسان جي گڏجاڻي به نرالي
نموني جي هئي. داروغو مون وٽ لنگهي آيو ۽ چيائين
ته هڪ روسي جاسوس شهر ۾ اچي ويو آهي. آئون جاسوس
بابت گهڻو خيال ڪونه ڪندو آهيان ۽ انهيءَ کي
بيوقوفي تصور ڪندو هوس. پر پڪ ڪرڻ جي خيال کان
پڇا ڪيم ته هڪ عجيب صاحب جو نالو ٻڌڻ ۾ آيم. اهو
هو ڪونولي، جنهن جي نالي ٻڌڻ سان داروغو ۽ سندس
روسي جاسوس وارو خيال منهنجي دماغ مان نڪري ويو.
مون جڏهن کيس اچرج ۾ ڏٺو، تڏهن اهو سڄو احوال
بيان ڪري ٻڌايومانس. داروغي حقيقت ۾ ڪونولي جي
يوناني نوڪر کي روسي سمجهيو هو ۽ اهڙيءَ طرح
ڪونولي کي به هن سان گڏي ويو. ڳالهه هيئن هئي جو
ڪونولي اهڙي نموني ۾ سفر ڪري رهيو هو، جو اسان
جي سنڌي هيري کي انهيءَ اطلاع ڏيڻ تي خوشي هئڻ
کپندي هئي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ سان تمام ٿورو سامان
کڻي هلندو هو. سندس تنبو اهڙو جو ماڻهو منجهس
اُڀو ٿي بيهي ڪونه سگهندو هو، ۽ اهڙو هلڪو هوندو
هو جو مينهن پوڻ وقت ڪنهن ٿـُـلهي ماڻهوءَ لاءِ
جـُـبي جو ڪم ڏيئي سگهيو ٿي. ٻيو وٽس ٻن چمڙي جي
ٿيلهن کان سواءِ ڪي ڪين هو. انهن ٿيلهن ۾سندس
ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان پيل هو. آئون حيرت ۾
آهيان ته لـَـڪن مان لنگهڻ وقت هو ٿڌ ۾ ڄمي وڃڻ
کان ڪيئن بچي ويو آهي! هن مون کي پنهنجي سفر جو،
جيڪو انگلنڊ کان شروع ٿيو هو، سڄو احوال ٻڌايو،
جو ڏاڍو دلچسپ هو.
وائنا ۾ هن شهزادي مئٽرنش سان ملاقات ڪئي هئي،
جنهن کيس هڪ تمام سهڻي دوربين ڏني هئي. اُتي کيس
حڪم مليو ته ايراني سفير سان ملي، کيس چوي ته
انگلنڊ نه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس آجيان نه ڪئي
ويندي. اتان پوءِ هو قسطنطنيه ويو، جتي کيس
جنيوا جي سفير ڪوڪـُـون هلڻ جي دعوت ڏني. هـُـن
اها آڇ قبول ڪري، اهڙو مراسلو سرڪار کي لکيو، پر
کيس اجازت ڪانه ملي. اتان هو آرمينيا مان ٿيندو،
بغداد ويو ۽ پوءِ اتان ايراني نار جي رستي بمبئي
وڃي پهتو. رستي تي موت کان ذري گهٽ بچي ويو هو.
هڪ دفعي دجله تي سفر ڪندي ڪن عربن کانئس تماڪ جي
گهر ڪئي. پر جيئن ته وٽس تماڪ ڪونه هو، ان ڪري
اُهي کيس بندوق هڻڻ خاطر دجلا ۾ گهڙي پيا ۽ ڳچ
پنڌ تائين سندس ٻيڙيءَ جي پـُـٺ ورتائون. ٻيڙي
هئي وچ وهڪري ۾ ۽ هئي به کانئن پري، ان ڪري سندس
بچاءُ ٿي ويو. جيئن ته ڪونولي مون وٽ رهيو پيو
هو، ان ڪري مون ساڻس لـَـڪن واري معاملي بابت
ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس رايو هو ته خيوا جي روسي
قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ هن پاڻ
کي مخصوص ڪري ڇڏيو هو، پر قدرت کي اهو ڪم ڪنهن
ٻئي جي هٿان ڪرائڻو هو. قدرت جو رنگ ڏسو، جيڪو
ماڻهو ٻين کي آجي ڪرائڻ خاطر آتو هو، سو پاڻ وڃي
قيدخاني ڀيڙو ٿيو، ۽ کيس اهڙي ته سزا ملي جو موت
ئي اچي سندس جند ڇڏائي. مون کيس ٻڌايو ته منهنجي
به اها مرضي آهي ته مون کي اسان جي فوج جي واڌ
واريءَ ڪنهن چونڪيءَ تي رکيو وڃي، يا ته وري
ڪابل يا هرات موڪليو وڃي، ۽ پڻ مون اها به راءِ
ظاهر ڪئي ته آئون ساڻس سندس خيوا واري سفر ۾ گڏ
رهڻ گهران ٿو. انهيءَ تي هن ڪابل واري سفير کي
لکيو، پر هن جواب ڏنو ته جيئن ته آءٌ انهيءَ ملڪ
۽ جوءِ کان گهڻو پري هوس، ان ڪري منهنجي لاءِ
اوڏانهين وقت تي پهچڻ ناممڪن هو. آخر اسين دِلي
دوستن جيان هڪٻئي کان جدا ٿياسين ۽ هن مون کي
پنهنجي سفر نامي جا سڀ جلد ڏيئي ڇڏيا، جنهن ۾
باميان واريءَ جنگ تائين سارو احوال لکيل هو.
9 - ڊسمبر تي تقي شاهه جو وڏو ڀاءُ زين العابدين
شاهه مون سان ملڻ آيو. هڪ ته بدن ۾ هو ڏٻرو ۽
پيلو، ٻيو وري هو گدلو. سچ پڇو ته هو هڪ سنڌي
معزز شخص جي بدران ايراني پئي لڳو. هن جيڪا
منهنجي لنڊي خوشامد ڪئي، سا حقيقت ۾ سندس وت کان
ٻاهر هئي. هو جڏهن پنهنجي هڪ عزيز جو دينوءَ جي
هٿان ٿيل خون بيان ڪري رهيو هو، ان وقت ساڃهه
کان نڪري ويو ۽ وٺي خيرپور جي وزير فتح محمد کي
گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين. ڄڻڪ انهيءَ ڪڌي ڪم لاءِ
هن ئي کيس هـُـشي ڏني هئي. ڳالهين ڪندي جڏهن به
وزير جو ذڪر ٿي آيو، تڏهن هو کيس ”قرمساخ“ ۽ ٻين
فارسي گندن نالن سان ياد ڪري رهيو هو. انهيءَ
ساڳئي ڏينهن تي ماتا جي بيماريءَ اچي قيدين ۾
منهن ڪڍيو، جنهن ۾ ستتئي چار بگٽي مري ويا. چار
ڏينهن کان پوءِ ڪهيرين جو چڱو مڙس ڪمال خان اچي
مون سان مليو. هيءُ قبيلو شيخن جو آهي، جي اڳي
ڦلجي ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندا هئا. اُتي بجر خان
جي مهنداريءَ هيٺ ڊومبڪي مٿن سدائين حملا ڪندا
رهندا هئا. هنن به مڙس ٿي کين منهن ڏنو. پر نيٺ
کانئن زمينون کسي، کين شڪارپور جي پسگردائيءَ
ڏانهن ڌڪيو ويو هو. اُهي قلات جي خان ۽ حيدرآباد
جي ميرن وٽ دانهين ٿي ويا پر ورين ڪي ڪين. جڏهن
اسين انهيءَ ملڪ ۾ ظاهر ٿياسين، تڏهن هو اسان
ڏانهن مدد لاءِ وڌيا ۽ اسان به کين آڌرڀاءُ ڪيو
۽ ساڻن انجام ڪيو ته جن زمينن تان کين هڪاليو
ويو هو، انهن تي کين آباد ڪيو ويندو. عاميل جي
گهوڙيسوار فوج ۾ هنن جا چڱا ماڻهو هئا، جن مان
ٻه سندس اعتبار جوڳا سپاهي هئا، انهن جا نالا
هئا اعتبار خان ۽ عبدالله خان. اعتبار خان بدن
جو ڏٽو مٽو، ڳاڙهي منهن وارو، ظالم نموني جو
ماڻهو هو. سندس سيني تي پستول جي گولين جا
ڪيترائي نشان هئا. سندس ڏاڙهي چاپهين هئي، پٽڪو
ڳاڙهو ۽ ساڳئي رنگ جي اجرڪ پيل هئس، ڏسڻ ۾ ئي
ڌاڙيل پئي لڳو. سندس ڪم به وري اهڙائي هئا. هن
بنا ڪنهن هٻڪ جي گهوڙي تان لهي، پنهنجي هڪ
مرڻينگ دشمن جو ڪنڌ وڍي، اهڙيءَ طرح هٿ ۾ کنيو،
جهڙيءَ طرح هڪ انگريز پنهنجو ڪريل دستانو کڻندو
آهي. هڪ دفعي جيئن هو عاميل سان ڪنهن مهم ۾ وڃي
رهيو هو، تيئن هڪ مري ٻروچ کي بندوق جو فائر وڃي
زمين تي ڪيرايو. جيسين عاميل وچ ۾ پوي ئي پوي،
تنهن کان اڳ هن اڳتي وڌي انهيءَ ڪريل ٻروچ جو
ڪنڌ لاهي وڌو. ان کان پوءِ انهيءَ منڍيءَ کي
وارن کان جهلي مٿي ڪري ڏيکاريائين ۽ نهايت
اطمينان سان چيائين ته، ”آءٌ هن کي چڱي طرح
سڃاڻان، هي فيض الله آهي ۽ اسين ڪنهن وقت پاڻ ۾
گهاٽا دوست هئاسين.“ انهن ڪهيرين مان ٻيو وري
عبدالله خان هو، جو نهايت سهڻو جوان هو. سندس
وارن جون ڪڪيون چڳون ڪلهن تي پئي پيون ۽ اکيون
به ڀوري رنگ جون هيس. جيئن ته هو اڳي بهادر
ڌاڙيلن جي ٽولين ۾ شامل رهيو هو، ان ڪري سندن
لڪڻ وارين جاين کان واقف هو. مري ۽ بگٽي ٽڪرين
۾، هو اسان جو اعتبار جوڳو سونهون هو. هن مون کي
پاڻهي ٻڌايو ته نفشڪ جي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ،
هو جنگ جي ميدان ۾ ويا هئا ۽ اتي جيڪي به مري
ڪـِـريل ڏٺائون، تن سڀني جا ڪنڌ ڪپي آيا هئا.
پاڻ ٻڌايائون ته هنن انهيءَ خير جي ڪم ۾ ٿلهي
ليکي هڪ سؤ ٽيٽيهن ٻروچن جون سسيون وڍي ڌڙ کان
ڌار ڪيون هيون. اهڙن ڪمن تي هو فخر ڪندا هئا ۽
جڏهن به ڪو اهڙو واقعو بيان ڪري ٻڌائيندا هئا،
تڏهن ڄڻڪ نقش چٽي ڇڏيندا هئا، خاص ڪري اهڙن
ماڻهن بابت، جن سان سندن عداوت هوندي هئي. هاڻي
وري هيبت خان مريءَ بابت ٻڌو، ته جڏهن کيس اسان
جي ٿيل فائرن ڪيرائي وڌو، تڏهن اعتبار خان
انهيءَ مرڻينگ جوڌي جي ويجهو وڃي چيو ته، ”هيبت
خان مون کي سڃاڻين؟ اڳئين دفعي پاڻ جڏهن ڦلجيءَ
جي دروازي وٽ گڏيا هئاسين، تڏهن تنهنجو پير
منهنجي ڀاءُ جي مٿان رکيل هو ۽ جيڪي ڪي تو هن
سان ڪيو هو، آئون ساڳي ڪار اڄ توسان ڪرڻ وارو
آهيان.“ اعتبار ۽ عبدالله اسان لاءِ ڏاڍا
ڪارائتا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته سندن ڪري ئي جابلو
ٻروچن خلاف اسان جون ڪيل ڪاروايون بلڪل ڪامياب
ثابت ٿيون. ميجر بلامور جي ڪمان هيٺ جيڪا فوج
بگٽي ٽڪري ۾ گهڙي ويئي هئي، تنهن وڃي انهن جي لٺ
سردار بيبرگ کي جهليو، ۽ سندس قبيلي کي هڪ کان
وڌيڪ شڪستون ڏيئي، انهيءَ ڊاڙ کي، جا اتي ماڻهن
۾ رائج هئي ته، ”خدا بيبرگ جي ديري ۾ ڪي ڪين
ڪندو“، سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. اسان جون
فوجون ڪاهان به وڃي پهتيون،جو مرين جو قلعو هو.
انهن يا ته اسان جي اتي اوچتي پهچڻ يا ڪنهن ٻئي
سبب ڪري، اسان جو مقابلو ڪونه ڪيو. پر سڀ کان
وڏي ڪاميابي هئي قلات جو هٿ اچڻ، ۽ محراب خان جو
موت، جنهن قبائلين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو.
بجر کي وري اسان جي گهوڙيسوار فوج جي جٿي اچي
ورائي ورتو (جنهن رستي تي سڀ گاهه داڻو کپائي
ڇڏيو) ان ڪري هن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي نيٺ آڻ مڃي
۽ شاهپور جي سيد جي معرفت پنهنجو ارادو ليفٽيننٽ
پوسٽنس تي ظاهر ڪيو. سندس پيش پوڻ جو فقط هڪڙو
شرط هو ته سندس جان بخشي ڪئي وڃي.
20 - جنوريءَ تي ناميارو بجر خان ۽ سندس 48
ڊومبڪي ۽ جکراڻي سردار، بيبرگ سان گڏ اسان جي هٿ
۾ اچي چڪا هئا. برپٽ جي ڌاڙيلن کي تباهه ڪرڻ جو
هيءُ هڪ سونهري موقعو هو، ۽ انهيءَ وچڙندڙ
بيماريءَ واري هنڌ کي هڪڙي ئي ڌڪ سان صاف ڪري
ڇڏجي ها. اسان وٽ انهيءَ لاءِ ٻه طريقا موجود
هئا- رحم ۽ سختي. اسان انهن ٻنهي طريقن کي چڱيءَ
طرح ڪم آڻيون ها، پر اسان جي سياسي گهورڙين هن ۾
هڪ ڏک جهڙي غلطي ڪري وڌي. هنن اهي ٻئي دوائون
اهڙي ته اڍنگي نموني ۾ ملايون، جو ٻنهي جو اثر
زائل ٿي ويو. اهو جٿو اهڙن مشهور رهزنن جو هو،
جن جي نالي وٺڻ سان ماڻهن ۾ اهڙو ته هراس ڇانئجي
ويندو هو، جهڙو اسان جي خوشحال ملڪ ۾ رابن هوڊ
يا راب راءِ جي نالي وٺڻ سان ٿيندو هو. هنن کان
سواءِ ٻين ڌاڙيلن يا چورن کي، جي اڃا ڇيڪ پئي
ڦريا، اسان سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي.
اسين گهڻو ڪجهه ڪري سگهياسين ٿي، يعني ته کين
سدائين لاءِ پنهنجي دشمنن جي قطار مان غائب ڪري
ٿي سگهياسين، يا کين پنهنجي ڀيت تي آڻي پاڻ سان
ملائي به سگهياسين ٿي. آءٌ ڀانئيان ٿو ته جيڪڏهن
ڪو سـِـک گورنر هجي ها، ته هڙن ئي کي بنان ڪنهن
دير يا ويچار جي ٽنگي ڇڏي ها. مون کي پڪ آهي ته
اسان جا انگريزي هيرو، جهڙوڪ وويلنسٽائين يا
ڪرامويل، جن کي ڪارلائيل پوڄڻ جي حد تائين
ساراهيو آهي، اهڙن سان ساڳي ڪار ڪن ها. ساڳيءَ
طرح آئون اهو به يقين سان ٿو چوان ته آئوٽرام يا
ڪو ٻيو جرنيل، بجر يا بيبرگ کي انگريز حڪومت جو
دوست بنائي وجهي ها ۽ سندن معرفت انهن وحشي
قبيلن تي حڪمراني ڪري ها، جي کين پنهنجو سردار
سڏيندا هئا. انهن مان ڪابه رٿ ڪم نه آندي ويئي،
پر هڪ تمام ننڍڙي تجويز، جا ڏسڻ ۾ سادي هئي، سا
ڏاڍي ڪارائتي ثابت ٿي. اها هيءَ هئي جو بيبرگ ۽
بجر کان سواءِ ٻئي سڄي ٽولي کي زنجيرن ۾ جڪڙي،
عام ڏوهارين وانگر هلايو ويو، سندن بيعزتي ڪري
کين گهليو ويو ۽ کين ڪاوڙ ۾ وجهي پوءِ ڇڏيو ويو
ته جيئن اهي مٿن اسان جي طرفان ٿيل زيادتين جون
(پوريون پوريون) ڪسرون ڪڍن. اها هڪ عظيم غلطي
هئي، جنهن کان انڪار ئي نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ
ڪار ڪرڻ بدران جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته انهن کي
ايماندار ماڻهو بنائي سگهياسين ٿي. جاني پٽ قنبر
جو مثال وٺو. هو پنهنجي سرگرم ڪارنامن ۽ بيخوف
بهادريءَ ۽ پڻ بي رحم ۽ ظالمانه حرڪتن جي ڪري
مشهور هو. هو جکراڻين جو سردار هو، جي اصل ۾
جکرا سنڌي آهن، پر پوءِ بهادريءَ جي ڪمن سبب پاڻ
کي ٻروچن ۾ شمار ڪرائيندا آهن. سندس باري ۾ مون
گهڻوئي ٻڌو هو، اهڙي ماڻهوءَ کي سندس شڪل ۽
شبيهه جي ڪري وڏي گوڙ مان به سولائيءَ سان ڪڍي
سگهجي ٿو. قد ۾ کانئس ٻيا به ڊگها هئا، ۽ پڻ بدن
۾ وڌيڪ جانٺا ٿي ڏٺا، پر انهن سڀني ۾ هي مڙس
مڙيئي ڪاٽڪو پئي لڳو. سندس وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون
۽ ان سان گڏ بي آرام طبعيت ظاهر ٿي ڪيو ته هو
اتي پاڻ مرادو ڪونه آيو هو. سندس قبيلو بجر جو
پوئلڳ هو، جي کيس پنهنجي سردارن دريا خان ۽ ترڪ
علي کان به وڌيڪ مان ڏيندا هئا. جانيءَ پاڻ کي
فقط سندن خواهش موجب آڻي فرنگين جي حوالي ڪيو
هو، پر فرنگين لاءِ جيڪا ڌڪار هئي، ان کي هو
لڪائي نه سگهيو. جيڪا ترار وٽس هئي اها هٿيي
تائين رت ۾ رڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن ئي
کانچن وٽ ماڻهوءَ جا وار چنبڙيا پيا هئا. جنهن
مان ظاهر ٿي ٿيو ته اها ڪهڙيءَ طرح سان استعمال
ڪئي ويئي هئي. هن انهيءَ کي لڪايو ته نٿي، پر
پاڻ ٽهڪ ڏيئي ڏيکاريائين ٿي ۽ پڻ سڄي واردات
بيان ڪري ئي ٻڌايائين، ته اهو رت ۽ وار ڪيئن لڳا
آهن.
هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ گهوڙيسوار جٿي، جيڪو جانيءَ
جي پويان ويو هو، جي هڪ سپاهيءَ جو گهوڙو برپٽ ۾
مري ويو. چئن ماڻهن کي انهيءَ جي هني ۽ ٻئي
سامان آڻڻ لاءِ موڪليو ويو. جاني، جنهن جو مشڪي
گهوڙو پنهنجي تيز رفتاريءَ جي ڪري مشهور هو، سو
ٻروچن جي هڪ ننڍي ٽولي سان، مٿان اچي ڪڙڪيو.
اسان جا سپاهي وٺي ڀڳا ۽ انهيءَ ڀاڄ ۾ ٽي ڄڻا
ڪٽجي پيا ۽ چوٿون مڙيئي نڪري ويو، پر سندس گهوڙي
جي پوئين حصي ۾ ٿيل گهائن، سوار جي ڊيڄڙي جي
پوري تصديق ٿي ڪئي. اهڙو ته خطرناڪ هو جاني! پر
ساڻس ڇا ٿيڻو هو، هاڻي انهيءَ بابت ٻڌو. سندس هٿ
اسان جي ماڻهن جي رت سان رڱيل هئا، انڪري حڪم
ٿيو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي. مون کي حڪم
پهتو، ته کيس لوهه ۾ جڪڙي رستن ٺاهڻ جي انهيءَ
ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي، جو شڪار ۾ قيد ٿيل
معمولي ڏوهارين کان ورتو ويندو هو. مون کيس
گهرائي اهو فيصلو ٻڌايو، چڱو ٿيو جو جيڪي سندس
ڀر ۾ بيٺا هئا، تن سندس ترار ڦري کيس اڳتي وڌڻ
کان روڪيو، نه ته آئون ڀانئيان ٿو ته مون کي هڪ
يا ٻه اڻوڻندڙ ڌڪ وهائي ڪڍي ها! (جيتوڻيڪ اهو
سندس لاءِ غير واجبي ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته فيصلو
منهنجو ٿيل ڪونه هو) هن وحشي جانور جيان پاڻ کي
ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر مٿان ئي مٿان کڄي
ويو ۽ وڃي زنجيرن ۾ جڪڙيو. جانيءَ کي روزانو ڪم
تي نيو ويندو هو، پر حوالدار جي هر روز اها
دانهن هئي ته هو ڪم نٿو ڪري. هڪ قيديءَ ڊپ وچان
هڪ ڪپڙي جو ٽڪر وڇائي ڇڏيو، جنهن تي انسپيڪٽر
وانگر وڃي ويهندو هو ۽ ٻيا سندس اڳيان ڪم پيا
ڪندا هئا. مون انهيءَ نافرمان کي گهرائي سمجهايو
(جيتوڻيڪ دل ۾ آءٌ سندس هٺ ڌرميءَ کي ساراهيندو
رهيس). مون کيس ٻڌايو ته ڪم نه ڪرڻ جي حالت ۾
سندس سزا ۾ گهٽتائي اچڻ مشڪل آهي. ”ڦاهي ڏي مون
کي.“ اهو هو سندس جواب، (۽ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته)
”جيئن وڻيئي تيئن مارائي ڇڏ، پر آءٌ پنهنجو هٿ
اوهان جي غلاميءَ واري پورهيي ۾ڪونه وجهندس.“
آءٌ ڏاڍي مشڪلات ۾ پئجي ويس. منهنجي ان وقت اها
حالت هئي، جهڙي اليور ٽوسٽ جي. اهڙي ڏوهاريءَ
لاءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ کپندو هو، جو آءٌ
خوشيءَ سان اختيار ڪريان ها. نيٺ اهو ئي رستو
اختيار ڪيو ويو پر ڏاڍيءَ دير سان.
جانيءَ کي گهڻو عرصو قيد ۾ رکڻ کان پوءِ، مون کي
خط پهتو، جنهن جي پٺيان هي اکر رهڙيل هئا،
”جانيءَ کي آزاد ڪري ڇڏ، جيڏانهن وڻيس تيڏانهن
وڃي.“ اهي اکر تمام سولائيءَ سان لکيا ويا هئا،
پر ڏسڻ ۾ ايندو ته انهيءَ هر هڪ اکر جي بدران
هڪڙي ماڻهوءَ جي حياتي زيان ٿي. سندس زنجير
لاهي، کيس تنبيهه ڪئي ويئي ۽ پوءِ کيس ڇڏيو ويو.
اڃا ٽي ڏينهن ئي ڪونه گذريا، جو هن اسان جو هڪ
دفعيدار ۽ اَٺ سوار ماري وڌا. اهي هئا، سندس صبر
جا پهريان ڦل. پر سندس پنهنجي به اچي پوري ٿي
هئي، ۽ کيس اهو موت نصيب ٿيو، جنهن جي هو بلڪل
لائق هو. هو سازشي به مشهور هو ۽ بلوچ خان نالي
هڪ لاهري سردار جي زال سان کريل هو، هڪ دفعي
جيئن هو انهيءَ سهڻيءَ بدڪار عورت سان ملڻ ويو،
تيئن سندس مڙس کي خبر پئجي ويئي. جانيءَ وٽ ان
وقت هٿيار ٻڌل هو، ان ڪري ساڻس مقابلو ڪرڻ سڻائو
ڪم نه هو. آخر معاملو آهستگيءَ سان سلجهايو ويو.
گهر جا دروازا مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا، ۽ ڇت
کي اڏايو ويو. ٻاهران پٿرن جي اهڙي ته وسڪار ڪئي
ويئي، جو انهيءَ ڏوهاريءَ جوڙي جي ننڊ موت ۾
بدلجي ويئي. جانيءَ سان جيڪو سلوڪ ٿيو، ان جو
مون کي ڪوبه ڏک ڪونهي، پر سندس ساٿي سان ٿيل
عقوبت مون کي البت تڪليف ڏني. جاني بيشڪ ظالم ۽
بيرحم لفنگو هو ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڏوهن جي پوري
سزا ملي، پر بجر وارن جو خاندان کانئس بلڪل
مختلف هو. جيتوڻيڪ هو ظالم ۽ رت هارڻ ۾ بيپرواهه
هو، پر سندس طريقو رلڻو ملڻو هو. هو لاغرض رڳو
ماحول جي ڪري ٿيا هئا، جنهن ۾ سندن جنم ٿيو هو،
ان هوندي به هو چڱي نسل جا ٿي ڏٺا ۽ منجهن
گهڻيئي چڱا گـُـڻ به هئا. بجر پنهنجي مـُـنهن ۾
رڄ چڱو مڙس ٿي ڏٺو، ۽ ساڳيو نمونو هو سندس ڀاءُ
مندو خان، پـُـٽ وزير خان ۽ پڻ سندس ڪٽنب جي ٻين
ماڻهن جو. جيڪڏهن انهن سان چڱو ورتاءُ ڪجي ها ته
آءٌ ڀانئيان ٿو ته هو ڪڏهن به اسان کي دوکو نه
ڏين ها. پر اهڙن ماڻهن کي هٿڪڙيون وجهڻ، سندن
هٿيارن ۽ گهوڙن کي وڪڻڻ ۽ پوءِ وري انهن کي آزاد
ڪري ڇڏڻ چريائي نه هئي ته ٻيو وري ڇا هو. جيڪي
منهنجي وس هو سو مون پنهنجي منهن ڪيو، يعني ته
کين هٿڪڙين لڳڻ کان ڪجهه وقت بچايم، جڏهن اهو
معاملو اختياريءَ وارن تائين پهتو، تڏهن انهن
کين هڪدم زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪري
ڇڏيو ۽ مون کي نيٺ تعميل ڪرڻو پيو.ڪجهه وقت اڳ
بجر کي ٽي هزار رپيا ماهوار پگهار واري نوڪري
آڇي ويئي هئي، پر هاڻي ته ڳالهه ئي اور ٿي ويئي
هئي.
هڪ ڏينهن بجر مون کي ٻڌايو ته صاحب ”قسمت من
چنين است.“ (منهنجي قسمت ئي اهڙي آهي). بيبرگ
بجر جهڙو ماٺيڻو ڪونه هو. کيس جڏهن پٽس عصمت خان
کي گهرائڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو، تڏهن هن هڪدم نابري
واري ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار ۾ وٺي واڪا ڪرڻ
لڳو. بجر هڪ عجب جهڙو پير مرد هو ۽ مون کي ساڻس
ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. جڏهن به ڪو موقعو
ملندو هو، آءٌ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس،
ڇاڪاڻ ته سندس عجيب جواب مون کي ڏاڍو وندرائيندا
هئا. مون هن جهڙو جوان- خيال پوڙهو ڪڏهن ڪونه
ڏٺو ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪنهن پريءَ کيس آب حيات
جو چـُـڪو پياريو ٿو ڏسجي. هو ڏسڻ ۾ چاليهن
ورهين کان (ڄمار ۾) وڌيڪ ڪونه ٿي لڳو. سندس وار
ڊگها ۽ گهاٽا، خاڪي رنگ جا هئا ۽ سندس ڀوريون
اکيون هيرن وانگر پئي چمڪيون.
8 - فيبروري تي ڊومبڪي قيدين جا هٿيار ۽ گهوڙا
وڪرو ڪيا ويا. بجر ۽ دريا خان جي گهوڙن کان
سواءِ، ٻيا سڀ پاڻ سان هلڪا گهوڙا شڪارپور وٺي
آيا هئا. انهن مان گهڻا ته غريباڻن ٽـَـٽـُـنِ
تي چڙهيل هئا، جي تکا ۽ مضبوط ته هئا، پر قد جا
ننڍا ۽ ڪمزور ٿي ڏٺا. انهن جا سوار مٿن چڙهي
ڪنهن به حالت ۾ اسان جي گهوڙيسوارن جي برابري
ڪري ئي نٿي سگهيا. سندن هٿيار پراڻيون جامڪيدار
بندوقون، گينڊي جي کـَـلن جون ٺهيل ڍالون ۽
ويڪريون پر تـِـکيون تراريون هيون. تلوار بازيءَ
۾ ٻروچ ڪي اڻڄاڻ ڪونه آهن. عالم آشڪار آهي ته
اهي هڪ ئي ڌڪ سان سان رڍ کي ٻه ٽڪر ڪريو
ڇڏين.بجر خان ۽ جکراڻي سردارن جون گهوڙيون
قداور، بدن جون ڳريون، ۽ زبرا وهٽ هئا. بجر جي
گهوڙي 210 رپين ۾ ۽ جکراڻي سردار جي 400 رپين ۾
وڪرو ٿيون. بجر واريءَ گهوڙيءَ کي بمبئيءَ
موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته هڪ ماٺيڻو جانور هو. پر
ٻيءَ گهوڙيءَ جي پچار ئي ڇڏيو. اهڙو شوخ ۽ ڏنگو
جانور مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو. اها گهوڙي پهرين هڪ
آفيسر خريد ڪئي پر انهيءَ جي خوبين کي پرکڻ لاءِ
هو کيس سر پٽ ڊوڙائڻ لاءِ دل جهلي نه سگهيو.
ڪجهه ڏينهن کيس تتن تاري ڪئي ويئي يعني ته
اَلياڻ وڌو ويو، مالش ڪري پـُـٺي ٺپري ويئي، پر
وريو ڪي به ڪين. انهيءَ هوندي به ناسوٽيون ڦاڙي
ڦونگارا هڻڻ، آرس ڀڃڻ ۽ ڦونڊجڻ مان ظاهر ٿي ٿيو
ته هوءَ پاڻ جهڙوئي ڪو وحشي سوار طلبي رهي هئي،
ڀانئجي ٿو ته هوءَ چئي رهي هئي ته جنهن کي
پنهنجي ڪنڌ جو خير گهرجي، سو مون کان ڀڄي پري
ٿئي. آخر الف خان ترين، جنهن کي هڪ ڏنگي وهٽ جي
اڳيئي ضرورت هئي، تنهن چيو ته آئون ٿو آزمايانس.
ڏيتي ليتي ٿي ويئي ۽ دريا خان جي گهوڙيءَ نيٺ
وڃي پنهنجي پٺيءَ تي سچو سوار محسوس ڪيو. پر ان
هوندي به الف خان کي مٿس چڙهڻ لاءِ حرفت ۽
چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻو پيو. هو انهيءَ کي هڪ
سوڙهي گهـَـٽ ۾، جو ٻن ديوارن جي وچ ۾ هو، وٺي
ويو، جتي هوءَ پوئتي مـُـڙي نه سگهي ۽ پوءِ لانگ
ورائي مٿس چڙهي ويٺو، پر گهوڙيءَ کيس پنهنجيءَ
ڪاميابيءَ تي خوش ٿيڻ ڏنوئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته جيئن
ئي هن پنهنجي پـُـٺي تي بار محسوس ڪيو. تيئن وٺي
ٽپ ڏنائين ۽ ڪاوڙ ۾ پوين ٽنگن سان ڪڏائڻ لڳي. ٻن
- ٽن ٽپن کان پوءِ اهڙي ته گوهي ڏنائين،جو اهو
جانٺو جوان اڇلجي مٿي ڀر وڃي پري ڪـِـريو، مڙس
پيو ته رهڙجي پر وري اٿي بيٺو ۽ وڃي مٿس چڙهيو.
هن ڀيري گهوڙيءَ سمجهيو ته انهيءَ سوار هاڻي
شايد سندس مادو پرکي ورتو آهي، ان ڪري هوءَ سانت
سان بيٺي رهي. سچ پڇو ته الف خان هڪ تمام عمدو
سوار هو ۽ انهيءَ چريائيءَ جي ريچڪن تي پنهنجي
فتح ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ چوندو هو ته
جکراڻين جو غرور هاڻي منهنجي لانگ جي هيٺان آهي.
جڏهن دريا خان کي آزاد ڪيو ويو، تڏهن هن کي
مجبورن اها گهوڙي واپس ڏيڻي پئي ۽ جيڪي پئسا هن
انهيءَ جي خريداريءَ تي ڏنا هئا، سي سرڪار طرفان
کيس واپس ڏنا ويا.
---------------