باب ٽيون
سنڌ ۽ افغانستان جي قبضي ڪرڻ تي تبصرو
فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”جيڪڏهن هرڻ جي شڪار تي
وڃو ته شينهن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو“.
اسان جا دوست جيڪي افغانستان فتح ڪرڻ ويا هئا، تن
ڀانئجي ٿو ته بدقسمتيءَ سبب اهو پهاڪو ابتو پڙهيو
هو، يعني اهي ويا ته هئا شينهن جي شڪار تي پر
تياري ڪئي هئائون هرڻ جي شڪار جي. ٿوري ۾ ائين
چئجي ته جيڪي ڪجهه اسان جي فوجن تي ٿي گذريو، تنهن
اسان جي دشمنن ۾ حقارت پيدا ڪري ڇڏي. اهو آهي
افغانستان جي جنگ ۾ اسان جي تباهيءَ جو پهريون
سبب. ٻيو سبب وري هيءُ ته اسان جي لشڪر کي سٺو
مهندار ڪو نه مليو، جنهن ۾ لياقت، مستقل مزاجي ۽
فيصلي جو مادو هجي. جيڪڏهن سر هينري پاٽنجر يا سر
چارلس نيپئر اسان جو ڪابل ۾ ايلچي هجي ها ته پوءِ
اسان کي هي ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها. اسان جي تباهيءَ
۽ بيعزتيءَ جو ٽيون ڪارڻ اهو هو جيڪو مون هينئر
بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان جي فوج جي واڳ
سنڀاليندڙ ڪو وڏو جنرل هجي ها ته پوءِ هو پاڻ کي
شاهه شجاع الملڪ
(1)
وانگر ڪميڻو ثابت نه ڪري ها ۽ برطانيا جي لشڪر کي
اهڙي ماڻهوءَ جي چنيسري
(2)
فوج جو حصو نه بڻائي ها، جو حقيقت ۾ اسان جي
تباهيءَ جون سازشون ڪري رهيو هو. ساڳيءَ ريت هو
اسان جي سپاهين کي اهڙي هنڌ نه وڃي ڇڏي ها جتي هو
نه پاڻ کي دشمن جي حملي کان بچائي سگهيا ۽ نه وري
ڪو واپس ئي موٽي ٿي سگهيا. هاڻي اچو ته انهن ٽنهي
سببن کي توريون ۽ تڪيون ۽ ڏسون ته اهي ئي سبب هئا
يا ڪي ٻيا، ۽ اهي سبب انهيءَ نتيجي لاءِ ڪافي هئا،
جنهن نه فقط اسان جي فوجن تي تباهي آندي پر ان سان
گڏ اسان جي نالي کي، جو ان وقت تائين بيداغ هو،
ٻوڙي ڇڏيو. ڪوبه ماڻهو اهو نٿو چئي سگهي ته اسان
واري فوج، جنهن فيبروري 1839ع ۾ سنڌوءَ کي اُڪري
پار ڪيو هو، سا تعداد، انتظام يا هٿيار جي خيال
کان اڻپوري هئي. انهيءَ فوج ۾ شاهه شجاع جي سڄي
ملڪ تي قبضي ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پر ڏک جي
ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ جو سنڌو درياءَ کان وٺي
بالاحصار تائين ڪنهن به طاقتور فوج سان مقابلو ڪو
نه ٿيو. رستي ۾ انهن جو فقط بولان ۽ کوجڪ جي
ڌاڙيلن سان ٽـَـڪر ٿيو ۽ غزنيءَ جي قلعي هيٺان جن
سان جنگ ٿي اهي به هڪ بي ترتيب ميڙ کان وڌيڪ نه
هئا. انگريزن جي نالي جو ڏهڪاءُ خراسان بلڪ سڄي
ملڪ تائين پکڙجي ويو هو. دوست محمد ۽ محراب خان جو
لشڪر به هيسجي ويو، ۽ ٻروچن جون تکيون تراريون به
مياڻن کان ٻاهر نه نڪتيون- فقط انهيءَ وقت جلوو ٿي
ڏيکاريئون، جڏهن ڪو اڪيلو يا بي هٿيار ڀٽڪندڙ
ماڻهو ٿي ملين. اهڙين حالتن ۾ قديم چوڻي سچي آهي
ته جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو دل ٻڌي بيهي ته ڪيترن کي ئي
ڊوڙائي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت ڏهن دليرن کي ڏسڻ سان
هزار دشمن ڀڄيو وڃن. هڪ انگريز نوجوان، جنهن کي
اسان جي ڪن خونريز جنگين ڏسڻ جو آزمودو هو، تنهن
دعويٰ سان چيو ته، ”مون کي هڪ نائڪ ۽ ٽي سپاهي
ڏيو، ته سڄي بلوچستان ۾ ڪٿي به گهڙي ٿو پوان. حرام
ڪو مقابلو ڪري!“ هڪ ٻئي آفيسر، جو ان وقت پنهنجي
هڪ هزار سپاهين کي شڪست ڏانهن گهلي رهيو هو، تنهن
به اهائي ٻٽاڪ هنئي ته اهي ڪميڻا ٻروچ ٿا اسان جو
مقابلو ڪري سگهن! اهڙن خيالن تي هلندي اهڙو ته
بيوقوفيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ ۽ بيپرواهيءَ جو رويو
اختيار ڪيو، جنهن نيٺ اسان جي تباهي آڻي اسان جو
اکيون کولي ڇڏيون. اعتبار ڪندؤ ته جتي قلعا هئا،
اتي اسان جي فوج ٿورو پري ميدان ۾ وڃي خيما کوڙيا،
سو به اهڙيءَ طرح، جو دشمن آسانيءَ سان مٿن حملو
ڪري سگهي! نه فقط ايترو، پر دشمن جيڪڏهن ٿوريءَ
همت کان ڪم وٺي ها ته کين سندن خزاني ۽ رسد کان به
جدا ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي رپين جا ڍير ۽
چانديءَ جون سـِـرون گهڻو ڪري فقط ويهن سپاهين جي
سنڀال ۾ ڏنيون وينديون هيون. ازانسواءِ، انهن
لنگهن (لڪن) تي، جيڪي خراسان جون ڪنجيون تصور ڪيون
وينديون هيون، ڪڏهن به حفاظتي دستو نه رکيو ويو ۽
سنڌو درياءَ کان قنڌار تائين جيڪي به چؤنڪيون
هيون، انهن تي هڪڙو ڏيهي آفيسر ۽ ٽيهه سپاهي موزون
پهريدار سمجهيا ٿي ويا. اهو ساڳيو حال هو قلات جو،
جنهن جي فتح ۾ اسان چڱا ماڻهو وڃايا هئا، ان کي
ائين ئي نڌڻڪو ڇڏيو ويو. جيتوڻيڪ اسان جي ايجنٽ تي
ڪي بدناميءَ جو تهمتون به مڙهيل آهن، ان هوندي به
سندس ڪم اهڙا ته جڏا هئا، جي تازي فتح ڪيل بروهين
کي قلات تي حملي ڪرڻ لاءِ اُڪسائڻ لاءِ ڪافي هئا.
دشمن جي گيدي هجڻ جو اسان تي اهڙو ته اثر ويهي ويو
هو، جو هڪڙو جرنيل، جنهن کي سندس هوشياريءَ کان
وڌيڪ سٺيءَ بخت ياوريءَ ڪابل تائين ڪاميابيءَ سان
پهچايو هو، سو جڏهن سنڌ واپس آيو، تڏهن سڀ کان
پهريون قدم سندس اهو هو، جو هـُـن انهيءَ فوج جي
آفيسر لڏي ۾ اڌڙڪ ڪتر آڻي ڇڏي. سڄيءَ اتر سنڌ ۾،
ڪوبه انجنيئر نه ڇڏيو ويو هو، ۽ جنهن به خسيس
بهاني تي موڪل جي درخواست ٿي ڪئي، اها کيس بيڌڙڪ
ملي ٿي ويئي. انهيءَ جوش ۽ همٿ جي سهاري، منهنجي
بهادر دوست والپول ڪليرڪ چاليهن گهوڙيسوارن“ ڪن
پيدل سپاهين جي مدد سان مـَـري ٽڪرين(1)
۾ اُٺن جي هڪ ڊگهيءَ قطار جي نگهباني ڪئي هئي. هي
اهي اڙانگا هنڌ هئا، جتي پوءِ سڄيءَ ريجمينٽ کي
گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ به اندر گهڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل
ٿي نه سگهي. انهيءَ ساڳئي جذبي هيٺ اسان جرنيل ڇهن
هزارن ماڻهن سان ڪاجڪ جي قلعي وٽ گـِـهلاڙو ڪيو
پيو هو، ۽ ڏيهي پيادل فوج مان سوين سپاهي جدا ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿيو. انهيءَ وقت قلعي جي سنڀال ميدانن جو
هڪ بهادر قبيلو (ڪاجڪ) ڪري رهيو هو، جنهن ڪئين
دفعا جبل جي مري ٻروچن سان ٽڪر کاڌو هو، ۽ عزت سان
سوڀارو ٿيو هو. اتي هڪ قديم چوڻي آهي ته ”مرَي مي
نامزد باڪوه و ڪاجڪ باميدان“ يعني مري پنهنجي جبلن
تي فخر ٿو ڪري ته ڪاجڪ وري ميدانن تي. ساڳيءَ
ريت، اسان اُرهه زورائي ڪري نه فقط اترين لڪن جي
سنڀاليندڙن جا پئسا کائي وياسين، پر ان سان گڏ
سياري جي موسم اچڻ سان اسان پنهنجي فوج جو ڳپل حصو
ڪابل مان گهرائي ورتو ۽ باقي جيڪي اتي رهيا، انهن
کي اهڙي هنڌ ڇڏيو ويو، جو کين سولائيءَ سان رسد
کان الڳ ڪري ٿي سگهياسين. آخر ۾ اهو چوڻ به ضروري
ٿيندو ته انهيءَ ساڳئي جوش ۽ جذبي جو نتيجو هو، جو
اسان جي وڌندڙ فوجي چونڪين کي فقط زالن ۽ ٻارن سان
ڀريو ويو هو. هڪ معتبر اختياريءَ واري، هڪ
پوليٽيڪل آفيسر کي لکيو هو ته، ”باقي حياتيءَ جا
ڏينهن آرام سان ’شال‘ جي سرسبز ماٿرين ۾ گذاريا“.
جيڪڏهن انهن لفظن کي واقعن سان ڀيٽيو وڃي ته پوءِ
انهيءَ جو ساڳيو مفهوم نٿو بيهي- ڇاڪاڻ ته اسان جي
’شال‘ واري درويش کي ڪاڪڙن جو هڪ جٿو اهڙو ته اچي
ڀـِـتو هو، جو انهيءَ کان پاڻ ڏاڍي مشڪلاتن سان
بچايائين. ڪاڪڙن پنهنجي حملي جي هڪ ڪـُـتي جي
ٻليدان سان شروعات ڪئي هئي ۽ اها انهيءَ خوشفهميءَ
۾ ته ڪاڪو ڊيمن يا ارنيس
(1)
کين فرنگين کان بدلي وٺڻ جو موقعو ڏيندو. کـِـل ته
وري انهيءَ ڳالهه تي ٿي اچي جو اسان جي ’شال‘ واري
دوست لکيل انجام ڪيو هو ته انهن ساڳين ڪاڪڙن سان،
ڪاهان جي گهيري هيٺ آيل قلعي تي ڪاهي ويندو، پر
هاڻي انهن ساڳين ماڻهن جا خنجر سندس ڪنڌ ڪپڻ پٺيان
آهن. ٿورو اڳ مون کي بالان ڏانهن ڪنهن به مددگار
فوج يا جنگي سامان موڪلڻ کان منع ڪئي ويئي هئي، ان
جي بدران هڪ براڊ ووڊ پياني جي گهر ڪئي ويئي هئي،
پر اسين ڀانئيون ٿا، ته اهو ساز هاڻي سڀر کان نڪري
چڪو هوندو ۽ اُهو ڪنهن سرڪش ڪاڪڙ يا بوز ٻروچ جي
گهرو سامان ۾ داخل ٿي ويو هوندو.
انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته اهڙو بيڪار
سرشتو ڪڏهن به ڪنهن هوشيار ۽ برجستي اعليٰ آفيسر
جي هوندي نه هلي ها. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه اهي ته
سر وليم ميڪناٽ ۾ڪابل جي انتظام هلائڻ جي ڄاڻ
هوندي به ڪن خاصيتن جي ڪمي هئي. پر جيئن ته سندس
اختياريءَ جو ڪابل ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻاهران
ڪوبه مظاهرو نه ٿيل هو، ان ڪري کيس نه ته اعليٰ
اختياريءَ وارو تسليم ٿي ڪيو ويو ۽ نه وري کيس
سنڌوءَ جو گورنر مڃيو ٿي ويو. ڪوئيٽا ۽ قنڌار جا
پوليٽيڪل آفيسر نالي ماتر ته ٺهيو، پر درحقيقت
کانئس خودمختيار هئا ۽ اتر سنڌ جي ايجنٽ به سندس
اختياري مڃڻ کان صاف نابري واري. ٻئي طرف وري جيڪي
فوجي عملدار هئا، اهي پاڻ وڌيڪ هوڏي ۽ نافرمان
هئا. ملڪي يا ديواني اختياريءَ لاءِ کين ايڏو ته
چاهه هو، جو نه فقط ڪنهن ڏنل صلاح کي ٿڏي ڇڏيندا
هئا، پر پاڻ ان جي ابتڙ ڪم ڪندا هئا. انهيءَ
خرابيءَ جو ٻيو نمبر سبب وري هي هو، جو هن مهم جو
ڪو منهن مٿو ڪونه هو. هر هڪ چونڪيءَ کي پنهنجو
پنهنجو فوجي ۽ ديواني رئيس هو. سنڌو ايراضيءَ واري
فوج (انگلينڊ جي) جابلو قبائلين جي ميڙ مثل هئي،
جنهن جو هر هڪ اڳواڻ اصل مقصد جي ابتڙ پنهنجي
پاڙيسريءَ سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. تنهن
وقت جنرل ناٽ قنڌار جي سدا- رُڌل پوليٽيڪل ايجنٽ
جي خلاف خط لکي ڦاٽي پيو هو، اهڙيءَ طرح اتر سنڌ
جا ريزيڊنٽ ۽ جنرل، ٻيئي پنهنجي اختلافن کي گولين
جي رستي طئي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ
ته سندن خيال موجب ترت فيصلي جو اهوئي واحد طريقو
هو. ساڳئي وقت شيلٽن جي هـَـٺَ ۽ مغز جي خرابي کيس
ڪابل جي ملڪي اختياريءَ سان بغاوت ڪرڻ تي آماده
ڪرڻ واري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ان وقت مياڻيءَ جي
پوڙهي سورهيه
(1)
جي جادوءَ جي ڏنڊي جي ضرورت هئي، جو انهن جهڳڙالو
عناصرن کي زير ڪري (کين ڳنڍي) منجهن اتفاق پيدا
ڪري سگهي ها. پر اهڙو ڪوبه لائق ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه
ٿي آيو ۽ انهيءَ وڳوڙ ۾ زير ٿيل ماڻهو به ڪنڌ مٿي
کڻڻ لڳا. مرين جي ترار اڳ ۾ ئي ثابت ڪري ڏيکاريو
هو ته فرنگي اهڙا ڪونه آهن، جن کي شڪست نه ڏئي
سگهجي. انهن جو مثال وٺندي بروهين ۽ ڪاڪڙن به پوءِ
بغاوت ڪئي ۽ اهو نمونو ڏورانهين ڏيهه ڪابل تائين
پکڙجي ويو. وري اسان جي بيوقوف فوج جي انڌي
چريائپ ته ڏسو، جو سندن خيال هو ته ڪابل پنهنجي
ٻچن جي ٽمندڙ رت کي ڏسندي به هڪ ڌاريي دشمن کي
پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائيندو. عجب جي ڳالهه آهي ته
اهو خيال اسان جي سياستدانن جي دل ۾ ڪڏهن ڪونه
ويٺو ته شاهه جهڙو ماڻهو، جيڪو هڪ پراڻو جابر،
ظالم، مغرور ۽ وهمي آهي ۽ جنهن پاڻ کي هميشه
”همايونِ ما“ يعني ”اسان جو برڪت ڀريو وجود“ جي
لقب سان مشهور ڪيو آهي، سو ڪيئن ٿو ڌارين جي هڪ
غير جوابدار جٿي کي پنهنجي تخت جي ويجهو ڇڏي.
برطانيا جي ڪئمپ سندس لاءِ دائمي داغ هو، ڄڻڪ سندس
پاسي ۾ ڪنڊو ۽ پڻ سندس رعيت لاءِ به خواريءَ جو
باعث هئي. هرهڪ بندوق جي ٺڪاءَ ۽ جهنڊن جي ڦڙڪڻ
سان کيس اهو خيال ٿيندو هو ته اهي ڌاريا ئي آهن،
جن کيس تخت تي ويهاريو آهي. جيستائين اهي اتي ڪئمپ
وجهيو ويٺا هوندا، تيسين کيس ڪنهن جي حياتيءَ يا
موت تي ڪوبه اختيار نه رهندو ۽ کيس فقط اهوئي ڪرڻو
پوندو، جيڪي هو چاهيندا. ڇا انهيءَ ۾ عجب نه آهي
ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي به پاسي ۾ نٿو سهي
سگهي، سو ڪيئن ٿو هڪ ڌاريي وزير يا صلاحڪار جي
حڪمن جي تعميل ڪري! مون کي شروعات کان ئي اهو
محسوس ٿيو ته ڪابل ۾ اسان جي فوجي ڪئمپ جو لڳڻ
اسان جي هڪ عظيم غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪندي
اسين شاهه ۽ سندس رعيت جي وچ ۾ اچي ٿي وياسين.
جبار خان هڪ دفعي شجاع الملڪ کي ڪهڙي نه عمدي ٽوڪ
هنئي، جا اسان جي ايلچيءَ لاءِ تازيءَ کي اشاري
مثل هئي. اهي لفظ هي هئا ته، ”جيڪڏهن توکي بادشاهي
ڪرڻي آهي ته پوءِ انگريزن جو هتي ڪهڙو ضرور ۽
جيڪڏهن انگريزن کي حڪومت ڪرڻي آهي ته پوءِ تنهنجو
هجڻ بيڪار آهي“. پر انهيءَ وقت جي حالتن جي مدنظر
ڪابل جي فوجي چونڪيءَ جو ڇا چئجي! اها اسان جي
ملڪي حدن کان گهڻو پري ۽ ڏورانهين هنڌ، اهڙن پهاڙن
جي رستي جدا ٿيل هئي، جن کي اڪري نٿو سگهجي. ٻيو
ته اسان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ اٿاهه ملڪ هو جنهن
جي رهندڙ ماڻهن تي ڪو ڀروسو ڪونه هو، ۽ پڻ اهڙو
ڏکيو ملڪ اسان کي ان کان جدا ڪري رهيو هو، جنهن ۾
غلزئي جهڙا جنگجو قبيلا رهندا هئا. اُتي قنڌار مان
به ڪا مدد پهچي نٿي سگهي. مون وارو پوڙهو منشي،
جنهن اڳ ۾ دوست محمد ۽ اڪرم خان وٽ نوڪري ڪئي هئي،
مون کي هر وقت چوندو رهيو ته، ”صاحب، اوهان جا
ماڻهو ڪابلين کي نٿا سڃاڻن، جڏهن به صلح جون
ڳالهيون هلندڙ هجن تڏهن سمجهو ته ضرور ڪو بلوو
شروع ٿيڻ وارو آهي. ڪابل ۾ ايتريون تراريون آهن جو
اوهان جي سڀني سنگينن کي پوريون پئجي سگهن ٿيون“.
اسان جي صحيح پاليسي هيءَ هئڻ کپندي هئي ته شاهه
کي بالاحصار
(1) ۾
سندس فوج سان ويهاري، اسان کي واپس قنڌار وڃڻ
گهرجي ها ۽ شاهه کي جيئن وڻي ها تيئن پيو ڪري ها.
قنڌار ۾ پنهنجن فوجن کي ڌيان ۾ رکي، قلات ۾
پهريدار فوجون رکون ها ۽ بولان ۽ ڪوجڪ کي مضبوط
ڪري ويٺا موقعي جي انتظار ڪريون ها. ڪابل ۾ هـُـل
بکيڙو ضرور ٿئي ها پر اهو ممڪن آهي ته شاهه کي
ايترا پوئلڳ ملي وڃن ها، جن جي مدد سان اُتي پيرن
پختن ڪرڻ ۾ کيس ڪا ايڏي تڪليف نه ٿئي ها. ساڳئي
وقت اسان جي قنڌار موٽي وڃڻ ڪري شاهه ۽ سندس رعيت
جي وچ ۾ جيڪو رنجش جو سبب هو، اهو به ختم ٿي وڃي
ها، ۽ وڏيءَ هوشياري ۽ چوڪسيءَ کان ڪم وٺي، انهن
اڳواڻن کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ها، جن مان کيس
بغاوت جو خطرو هو. هڪ معتبر ماڻهوءَ جو چوڻ آهي
ته، ”بين الاقوامي اٿ - ويهه جا جٿي ڪٿي مڃيل
قاعدا، جن جو سڌريل ملڪن ۾ وڏو لحاظ ڪيو وڃي ٿو،
سي جهنگلي قومن سان لاڳو ڪري نٿا سگهجن“. اها وڏي
سياڻپ ڀري چوڻي آهي، جنهن ۾ قديم اسپين جو چسڪو ۽
عيسائي - ڪئٿولڪ مذهب جو خمير به مليل ٿو ڏسجي.
اها ساڳي چوڻي اسان جي حڪومت جي قاعدن ۽ قانونن
سان لاڳو ڪري سگهجي ٿي. انگريزي حڪومت، جا ٺوٺ
انصاف، رحم ۽ اعتدال جي خاصيتن جي زيورن سان
آراسته آهي، ان جو وجود هڪ افغان بادشاهه جي ڇٽ
لاءِ بلڪل بيڪار ثابت ٿيندو. اسان کي انهيءَ ڳالهه
جو ڪوبه اُلڪو نه آهي ته شاهه پنهنجي بادشاهيءَ تي
قائم رهندو يا کيس ٿڏي ڪڍيو ويندو، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ جو اسان تي ڪوبه اثر نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان
جو قنڌار تي طاقتور فوج سان قبضو هجي ها، ته پوءِ
ڪابل تي سڌو زئي حڪومت ڪن يا بارڪزئي، اسان جو مٿن
تمام گهڻو اثر رهي ها ۽ اسين پنهنجي مرضيءَ موجب
انهن کي پنهنجن شرطن تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهون
ٿا. نه فقط ايترو پر اسان آهستي آهستي قنڌار ۽ ان
جي آسپاس جي ملڪ مان چڱيرڙو محصول به اڳاڙي سگهون
ٿا. نتيجو اهو نڪري ها، جو هندستان جو وچ - ايشيا
سان جيڪو واپار هلندڙ آهي، اهو به هن واحد محفوظ
رستي جي ڪري ڏاڍو فروغ وٺي وڃي ها. پر اسان جي
قسمت ۾ خراسان تي حڪومت ڪرڻ لکيل ئي ڪانه هئي.
جيڪڏهن افغانستان ۾ اسان جون ڪي واضح غلطيون هيون
ته سنڌ ۾ به اهي گهٽ ڪونه هيون. پر جيئن ته سنڌ
اسان جي هندستاني سرحدن جي ويجهو هئي ۽ اهو ملڪ به
اهڙو ڏکيو ڪونه هو، ان ڪري انهن غلطين جو اثر ايڏو
تباهه ڪن ثابت نه ٿيو.
هاڻي اچو ته سڀ کان پهريائين ميرپور جي اميرن سان
ٿيل پهرينءَ ڏيتي ليتيءَ جو جائزو وٺون ۽ انهيءَ
تفصيل (صورتحال) تي غور ڪريون جيڪو ”بلو بڪ“
(Blue - Book)
۾ نٿو ڏٺو وڃي ۽ انهيءَ کي
اسان جي بدنصيب ميرن جي خلاف ٿيل ڪيس ۾ بلڪل
نظرانداز ڪيو ويو آهي. خيرپور جا مير، شاهه
(افغانستان) جي فائدي ۾ ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته سندن
ٻه هزار سورما ۽ ڪيترا معزز ماڻهو افغانن سان
مقابلي ڪندي مارجي ويا هئا. اها جنگ فقط انهيءَ
مقصد سان لڳي هئي ته جيئن کانئن اهڙو ساليانو ڏنڊ
اڳاڙجي، جو هي ڏيئي نه سگهن. انگريزن سان به
گـَـهري ٿيڻ جو سندن لاءِ ڪو سبب ڪونه هو ۽ رنجيت
سنگهه ته سندن جاني دشمن هو. انهيءَ ٽياڪڙ ناتي جو
وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ هو، ته مير مبارڪ، خيرپور جي
ٻئي نمبر رئيس کان ستن لکن رپين جي مدد طلب ڪئي ته
جيئن شاهه ڪابل تي حملي ڪرڻ جو ثمر مهيا ٿي ملي.
سنڌ ۾ فقط هڪڙو هنڌ آهي جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌين جي
خيال ۾ فوجي نقطهء نگاهه کان مضبوط آهي، اهو آهي
بکر جو قلعو، جنهن لاءِ اسان وڏي مير رستم خان کي
لکيو ته اهو اسان جي حوالي ڪري ڇڏي
(1).
هن محترم پير مرد کي شروعات کان وٺي- جيئن اسان جي
سفارت سنڌ ۾ داخل ٿي هئي- برطانيا سان دوستي رکڻ
جو تمام گهڻو شوق هو. هن نه فقط اهو مضبوط قلعو
ستت ئي اسان جي حوالي ڪيو پر پنهنجي غريبي حال
سارو (۽ هئو به صحيح معنيٰ ۾ غريب) اسان جي فوج جي
واڌاري ۾ وڏيون سهوليتون ڏنيون هيون. سندس ملڪ ۾
اڳتي وڌڻ وقت اسان جي فوجن سان ڦرون ۽ ٻيون
زيادتون به ٿيون هيون. پر جن اهو ملڪ ڏٺو آهي، سي
ڄاڻن ٿا ته انهيءَ جـُـوءِ ۾ بڙدي ۽ مزاري ٻروچن
جا ٽولا پيا هلندا آهن، جي خيرپور جي مير کي مڃين
ئي ڪونه ۽ انهيءَ ۾ به شڪ آهي ته سندس ڪا عزت ڪندا
هجن! ڪن اڻڄاڻ ماڻهن جي راءِ هئي ته جبلي ٻروچن،
ميرن جي چرچ تي اسان سان کنئوس ڪئي هئي. انهيءَ ڏس
۾ مير نصير خان تي هي الزام هو ته هن بيبرگ بگٽيءَ
کي اسان تي حملي ڪرڻ جي بڇ ڪئي هئي. (پر ڏٺو ويندو
ته ائين صحيح نه آهي.) ڇاڪاڻ ته ٿورا سال اڳ سندن
زيادتين جي ڪري خيرپور جي ميرن جي فوج انهن ٽڪرين
تي حملو ڪري ڏنو هو، جتي مري ۽ بگٽي رهندا هئا، پر
وريو ڪي ڪين. اٽلو انهيءَ فوج انهن بهادر جبلين جي
هٿان وڏي نقصان سان شڪست کاڌي هئي. منهنجي پنهنجي
وقت ۾ حيدرآباد جي هڪ وزير جو مائٽ شڪارپور ۾ بڙدي
ڌاڙيلن هٿان مارجي ويو هو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته
ميرن کي انهن ڌاڙن ۽ خونن کي- جيڪي اسان جي فوج کي
اتر طرف پيشقدميءَ ۾ واقع آيا هئا- روڪڻ لاءِ ڪابه
طاقت نه هئي ۽ انهن کان اهڙيءَ طرح عاجز هئا،
جهڙيءَ طرح اسان پنهنجن صوبن ۾ ٺڳن کان بيزار
آهيون. اسان کي انهيءَ ڪري خيرپور جي ميرن خلاف
شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو ملي، خاص ڪري مير رستم
خان خلاف - جو شروع ۾ اتر سنڌ والارڻ ۾ اسان جو
ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ان ڪري اسان کي نه فقط کيس
راضي رکڻ کپندو هو، پر سندس ساراهه ۾ ڳڻ ڳائڻ
کپندا هئا.
هاڻي اچو ته ڏسون ته اسان ساڻس ڪهڙا پير ڀريا. سڀ
کان پهريائين صورتحال هڪ اهڙي حادثي جي ڪري پيدا
ٿي جو جيتوڻيڪ اسان کي معمولي ٿي لڳو، پر جيڪڏهن
اسين پنهنجي ڪردار جي اڻڄاڻائي- جيڪا اسان هڪ
اڻسڌريل دربار ۾ ظاهر ڪئي هئي- تي سوچ ڪنداسين ته
پوءِ انهيءَ ڳالهه کي ڪي قدر وزن ڏيڻو پوندو. مير
مبارڪ، جنهن سان اسان تمام خراب نموني ۾ هلت ڪئي
هئي، بيمار ٿي پيو. هڪڙو انگريز ڊاڪٽر خيرپور
موڪليو ويو، جنهن وڃي مريض کي ڏٺو ۽ دوا به
ڏنائينس، پر هو جلدي مري ويو. ظاهر آهي ته هو
قدرتي سبب ڪري مري ويو هو پر ڏيهي ماڻهن انهيءَ
اتفاق کي ضرور شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. جيڪا
ڪاروائيءَ انهيءَ واقعي کان پوءِ وجود ۾ آئي، سا
انهيءَ شڪ کي لئه- مٽي ڪرڻ لاءِ هئي ڇا؟ اسان جو
ايجنٽ، جو ميرن سان تمام گهرو ٿي ويو هو، تنهن کي
اتان برخواست ڪيو ويو. سندس جاءِ تي جيڪو مقرر ڪيو
ويو، تنهن پهچڻ شرط هڪ اهڙو ڪم ڪيو، جنهن کي غير
معمولي، سخت ۽ ناروا هلت چئي سگهجي ٿو. هن روهڙيءَ
جي سنڌي ڪاردار کي پاڻ وٽ هڪدم حاضر ٿيڻ لاءِ
نياپو موڪليو، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو ته هو ميرن
جو ماتحت آفيسر آهي، پر جيڪڏهن اسان جي ايجنٽ کي
کيس گهرائڻو هجي ته هو انهيءَ باري ۾ميرن کان
اجازت وٺي. ان تي هڪ آفيسر کي ڪن سپاهين سان گڏ
هڪدم موڪليو ويو، جنهن وڃي انهيءَ بدقسمت شخص کي
آڻي اسان جي سفير جي آڏو حاضر ڪيو. ”هن کي سڄو
ڏينهن بکيو رکي، اُس ۾ بيهاري ڇڏيو“- اهو هو اسان
جي انگريز سفير جو ان بدنصيب شخص لاءِ نادري
فرمان! حڪم جي تعميل ٿي ويئي ۽ اهو بدقسمت مسڪين
پنهنجي ڪمزوريءَ تي افسوس ڪرڻ لڳو. هن کان پوءِ
ٻيو قدم جيڪو کنيو ويو، اهو پهرئين کان به وڌيڪ
نازيبا هو. مير صاحب جو وزير هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو
بزرگ شخص هو ۽ مير کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، اهو هئو
به اهڙي اثر وارو، جو هڪ دفعي مير رستم جي وڏي پٽ
جڏهن کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو، تڏهن مير صاحب کيس
گهرائي ڏک وچان چيو هو ته، ”اهي لفظ توکي نه پر
مون کي چيا ويا آهن. جيڪڏهن منهنجو پٽ توکي ڌمڪائي
ٿو ته ائين سمجهه ته مون کي ڌمڪائي ٿو.“ هاڻي اهڙي
ماڻهوءَ کي، جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عهدو رکندڙ هو،
جڏهن اسان جي ايجنٽ وٽ آيو، تڏهن کيس ڪرسيءَ جي به
آڇ نه ڪئي ويئي، بلڪ کيس پـَـٽ تي ويهاريو ويو.
هوڏانهن انگلنڊ جو وري اهو حال آهي جو شل ڪو واڻيو
واپاري اتي پهچي. کيس بادشاهه جي اڳيان ڪرسي وجهي
ڏيندا. اهو ساڳيو وزير، فتح محمد غوري هو، جنهن
اسان جي سنڌ ۾ موڪليل پهرينءَ سفارت جو آڌرڀاءَ
ڪيو هو، پر جيڪڏهن هو چاهي ها ته اسان کي به اها
ساڳي نوڙت ڪرائي سگهيو ٿي، جهڙي کانئس ڪرائي ويئي.
ڪوٺيءَ مان نڪرڻ وقت هـُـن اچرج وچان اهو ڏوراپو
دهرايو ته، ”پاڻ وري ڪو جبرئيل ملائڪ آهي ڇا؟
جيڪڏهن عهدي جو کيس خيال نه هو، تڏهن به منهنجي
عمر جو ته خيال ڪري ها. آءٌ عمر ۾ سندس ڏاڏي جي
برابر هوس.“ انهن حالتن جي مدنظر گمان ڪرڻ صحيح
ٿيندو ته اهڙو ورتاءُ انهيءَ وزير کي اسان جو دشمن
ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. اهڙا ٻيا به گهڻائي مثال آهن
(جن کي دهرائڻ جو ڪوبه ضرور نه آهي)، جيئن ته اسان
جو پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجي چوڌاريءَ چالاڪ هندو
ليکڪن ۽ منشين جو ميڙ ويهاريو ويٺو هوندو هو، ان
ڪري معزز مسلمانن جي ٿوري به گهٽتائي، خيرپور جي
رئيس ۽ ايجنٽ جي وچ ۾ دشمني وڌائڻ لاءِ ڪافي هئي.
اسان پنهنجي ايجنٽ جي ميرن مٿان چڙهت جي انهيءَ
سبب کي نظرانداز ڪري نٿا سگهون ۽ نه وري انهيءَ
ارادي جي حقيقت کي لڪائي ٿا سگهون، جنهن جي ماتحت
اسان جو ايجنٽ اها هلت هلي رهيو هو. جڏهن کيس خبر
پيئي ته مير رستم ۽ مير نصير خان هڪڙي طرف ۽ مير
علي مراد ٻئي طرف پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن، تڏهن
فاتحانه لهجي ۾ چوڻ لڳو ته، ”هاڻي بـُـل ڏنو اٿن.“
انهيءَ وقت کان وٺي هن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو
ته جيئن اهي گهرو لڙايون زور وٺن. پر مير نصير
خان، جنهن شروعات ۾ اسان کي سٺو رخ ڏيکاريو هو ۽
پڻ ڪيترن مددگار فوجي جـَـٿن کي کاڌ خوراڪ پهچائي
هئي، وڏو لائق شخص هو، هن اسان جي راهه ۾ رڪاوٽن
پيدا ڪرڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو. هن مير صاحب ۽
اسان جي ايجنٽ جي وڏي منشيءَ جي وچ ۾ لکپڙهه جو
وڏو سلسلو هليو. اسان پوءِ انهيءَ منشيءَ کي
بدعنوانين سبب سزا ڏني ۽ پڻ ٻين خرابين جي ڪري جيل
موڪليو. ماڻهن ۾ چوپچو هئي ته هن ڏيجيءَ واري مير
جو پاسو بنا مطلب جي ڪونه کنيو هوندو. ان ڪري اهو
ضروري آهي ته انهيءَ معاملي تي ڪجهه روشني وجهجي.
مير رستم، جيڪو اول انگريزن جو پڪو دوست هو، سو
آخرڪار سندن ناروا هلت ڪري دشمن ٿي پيو. اسان جي
طرفان کيس زور ڪيو ويو ته هو پنهنجي پراڻي دوست کي
وزارت تان لاهي ڇڏي. هن اِتي محسوس ڪيو ته هاڻي
انگريزن طرفان مٿس هڪ لوهي پاڃاري وڌي ويئي آهي،
ان ڪري کيس نجات لاءِ فقط هڪڙي واهه ٿي سجهي ته
انهيءَ کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي. هڪڙي نوجوان
(سندس ننڍو ڀاءُ مير علي مراد، جو اسان سان شامل
هو) کان سواءِ، جنهن پنهنجي قوم جي برباديءَ تي
پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو هو، ٻيا سڀئي ننڍا وڏا مير
ساڻس شامل حال رهيا. مير رستم انگريزن جو پنهنجي
ملڪ ۾ بنا شڪ ۽ خاطريءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو ته هو
سندس قدر ڪندا پر هن هلت منجهس اسان لاءِ ڌڪار جو
مادو تيز ڪري ڇڏيو. جڏهن اسان جي قنڌار ۽ غزنيءَ ۾
ڪاميابيءَ جي پهرين خبر خيرپور پهتي، تڏهن سندس
درٻارين سندس خذمتن کي ساراهي کيس پڏائڻ شروع ڪيو
ته هن انگريزن جي شروع ۾ هيڏي مدد ڪئي هئي، سي
ضرور هاڻي سندس قدر ڪندا. عموما= اهو چيو پئي ويو
ته ٻيئي ديرا يعني اسماعيل خان يا غازي خان يا گهٽ
۾ گهٽ انهن مان ڪو هڪ سندس حوالي ڪيو ويندو، پر ان
وقت مير رستم جي نااميديءَ جي ڇا حالت هوندي، جڏهن
انگريزن هن کي سندس خذمتن جي عيوض رئيس يا وڏي مير
جي رتبي تان لاهي، سندس جاءِ تي سندس ننڍي ڀاءُ کي
ويهاريو ۽ سندس وزير کي پهرين بيعزتو ڪيو ويو ۽
پوءِ کيس سندس ويجهو اچڻ به نه ڏنو ويو. سندس اڇا
وار ۽ احترام واري عمر، جا هونئن کيس ماڻهن وٽ عزت
وارو ڪري ها، حڪومت ڪرڻ جي خيال کان ڪمزوريءَ ۽
نااهليءَ جو باعث تصور ڪئي ويئي. شروعات ۾ هن اسان
جي ايجنٽ کي راضي رکڻ لاءِ چڱا حيلا هلايا پر وريو
ڪي ڪين. هن پنهنجن دوستن ڏانهن، جن مان آءٌ به هڪ
هوس، ڪئين نياپا موڪليا ته انهيءَ معاملي ۾ دخل
ڏيئي ڪجهه ڪريون، پر اسان جي عرضداشتن ڪو ٻوٽو
ڪونه ٻاريو. البت انهيءَ سخت گرميءَ يا هلت جو
قدرتي اثر خودبخود ظاهر ٿيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته سر چارلس نيپئر جي انهيءَ دوري تي پهچڻ کان
گهڻو اڳ، خيرپور ۾ انگريزن بابت جيڪو احساس هو،
اهو نفرت کان گهٽ نه هو.
جڏهن ڪئپٽن ڪينيڊي کي انهيءَ جاءِ جو پوليٽيڪل
انچارج مقرر ڪيو ويو، تڏهن فقط هوئي اسان ۽ ميرن
جي وچ ۾ واحد وسيلو هو. ان وقت سنڌي ميرن جو اسان
ڏانهن ارادو يا مزاج ڪي قدر ظاهر ٿي پيو. انهيءَ
عملدار جي خيرپور ۾ پهچڻ جي ٻئي يا ٽئي ڏينهن مٿس
گولي هلائي ويئي، ان ڪري کيس ايترو ڪجهه ڪرڻوئي
ڪونه پيو جو هڪ ليکڪ جو ڌيان ڇڪائي. چيف پوليٽيڪل
آفيسر پاڻ سان جنرل ۽ وڏو محافظ جٿو وٺي ميرن سان
ملڻ آيو ۽ اهو اهڙيءَ ٺٺ ٺانگر سان، ڄڻ ته ڪو تخت
ڌڻي يا شهزادو آيو آهي، پر انهيءَ تي گوليون
هلايون ويون، جنهنڪري سندس ڪيترا نوڪر زخمي ٿي
پيا. جيتوڻيڪ اهو ميرن جو همت ڀريو قدم هو، پر
انهيءَ وقت انهيءَ ۾ الاهي وڌاءُ ڪيو ويو هو. چيو
ٿي ويو ته جنرل کي اهڙيءَ ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو
هو، جنهن ۾ سوئا لڳل هئا ۽ اهڙيءَ طرح ٻيون به
عجيب خبرون پئي ٻڌيون. عجيب اتفاق هيئن ٿيو، جو
جنهن وقت انهيءَ ظلم ۽ زبردستيءَ جا افواهه چوٽ
چڙهيل هئا، ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ آءٌ خيرپور،
سوئرن جي شڪار تي وڃي نڪتس ۽ جنرل انگلنڊ کي به
ساڻ کنيم. اسان ٻئي ٻئي بنا ڪنهن محافظ جي هڪ يا
ٻه ڏينهن شڪار تي رهياسين ۽ پڻ ميرن سان ملاقات
ڪئيسون. پر اسان کي ته منجهن بي مروتيءَ جو پاڇو
به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
سنڌ ۾ جنهن وقت ڪرنل آئوٽرام کي موڪليو ويو، تنهن
وقت تائين ان ملڪ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽجي چڪو هو، باقي
وڃي رهيو هو خون جو لابارو، تنهن لاءِ فصل بلڪل
تيار بيٺو هو. اسان ميرن کي نه فقط ڇيڙيو ۽
اڻسوهائيندڙ تڪليفون ڏنيون، پر بيعزتيءَ جا مٿن
انبار ڦٽا ڪيا. بيبرگ ڏانهن لکيل خط، ڏسڻ سان ئي
جڙتو پئي لڳو. انگريزن سان جنگ ڪرڻ ۾ ميرن کي جيڪا
هو مدد ڏيئي سگهيو ٿي، سا تڇ برابر هئي. وڌ ۾ وڌ
هو هڪ سؤ سوار ڏيئي سگهيو ٿي پر هو ڪنهن به لالـچ
جي آڌار تي پنهنجي قبيلي کي شڪارپور کان اڳتي نه
آڻي سگهي ها. پر اهو ته سوچڻ ئي اجايو آهي، ڇاڪاڻ
ته هو ڪهڙي آڌار تي ميرن کي مدد ڪري سگهيو ٿي، جن
سندس رهائش وارين ٽڪرين تي حملا به ڪيا هئا ۽ سندن
عملدارن اسان کي پڻ سندس پوئلڳن جي ٽولن کي جهلڻ ۾
مدد ڪئي هئي.
هاڻي اوهان کي ميرن جي حڪومت جي نموني تي هڪ گفتگو
ٻڌائجي ٿي. هن نڪتي تي خاص ڪري انهن ماڻهن طرفان
تمام گهڻو غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي، جن کي
انهيءَ معاملي تي ڳالهائڻ جو ڪو جواز ڪونهي. جن
ماڻهن انهيءَ مضمون تي اجائي لٻاڙ هنئي آهي، انهن
هن ملڪ کي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو، جيتوڻيڪ سندن بيانن
مان ظاهر ٿو ٿئي ته هن ملڪ جي کين پوري خبر آهي.
نه انهن ڪڏهن ڪنهن ڏيهي ماڻهوءَ سان ڳالهايو آهي ۽
نه وري ڪو اهي سندن ٻوليءَ ۽ عادتن کان واقف آهن.
انهن جي ڏنل راءِ جي برخلاف آءٌ هڪ اهڙي ماڻهوءَ
جي تصديق پيش ٿو ڪريان، جنهن جي ميرن ۽ سندن
آفيسرن، سيدن، بزرگن ۽ عبادت گذار عالمن، صرافن ۽
وڏن واپارين سان واقفيت هئي ۽ هو پنهنجي ڊيوٽيءَ
تي يا شڪار جي سلسلي ۾ سدائين سندن ملڪ کي
لتاڙيندو رهيو ٿي، ۽ جتي به کيس موقعو ملندو هو،
اتي ڪنهن نه ڪنهن سنڌيءَ يا ٻروچ ڪڙميءَ يا سندس
وڏيري سان ڪچهري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، نه فقط
ايترو پر جيئن ته کيس سدائين رعيت جي سک جو ڪم
سونپيل هو، ان ڪري هو هميشه ڪاريگرن ۽ جدا جدا
پيشي جي مزورن ۽ پڻ هڪ وڏي جيل جو انچارج هئڻ ڪري،
اتي جي نيچ ۾ نيچ ڏوهاريءَ جي ڄاڻ رکندو هو.
انهيءَ کي ڳنڍجي وري هيئن ته مون کي ڪنهن به قسم
جي ترجمي ڪرڻ واري جي ڪا ضرورت ڪانه هئي (جو مون
سان ٿيندڙ ڳالهه کي هيڏانهن هوڏانهن موڙي ها يا
اهڙو رنگ ڏئي ها جو کيس وڻندو هجي) ۽ آءٌ انهن سان
روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ جدا
جدا مضمونن تي ڳالهائيندو رهيس پر آءٌ سچ ٿو چوان
ته مون ڪڏهن به ڪنهن مير جي خلاف ڪا شڪايت ڪانه
ٻڌي، البت ڪيترن معزز انگريزن بابت گهڻيون ئي
ڳالهيون ٻڌيون پئي ويون. چيو ٿي ويو ته مير مبارڪ
لالچي هو، ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ اچي
ويندو هو، جو کيس ٻڌائيندو هو ته هـُـن کي ڌاتن
مان سون ٺاهڻ جو علم آهي. علي مراد لاءِ وري اهو
هـُـلايل هو ته هو ظالم ۽ خرچائو آهي. پر منهنجي
ڄاڻ ۾ انهيءَ خاندان جي ڪنهن به فرد تي ڪنهن به
ڏوهه جو اڃا تائين ڪو الزام نه مڙهيو ويو آهي.
هڪڙي ڏوهه جي آءٌ ساک نٿو ڏيان پر ان ۾ جيڪا
انهيءَ ڏوهاريءَ کي سزا ملي هئي، سا ٻين ميرن جي
ڪردار جي چڱي ساک ٿي ڏئي- بنسبت انهيءَ ڏوهه جي
جنهن جي ڪندڙ کي چڱيءَ طرح بڇڙو ڪيو ويو هو. قصو
هيئن آهي ته پندرنهن سال اڳ خيرپور جي قاضيءَ جي
ڌيءُ، ٻروچن جي گهرن ۾ وڃي انهن جي زالن کي قرآن
پڙهائيندي هئي ۽ پڻ مذهبي ڪمن جي تلقين ڪندي هئي.
ٻروچاڻيون گهڻو ڪري سڀ پڙهي ڄاڻن ۽ ڪيتريون ته
انهن مان عربي ۽ فارسي صورتخطيءَ ۾ لکيو به وڃن.
اها نينگر ننڍي عمر واري ۽ تمام سهڻي هئي. جڏهن
اها مير محمد خان جي حرم ۾ ويئي، تڏهن هن کيس ڏسي
ورتو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪيئن کيس ٺاهجي. آخر
کيس ڌتارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر پوءِ اها ڳالهه
ڇوڪريءَ جي پيءُ کان ڳجهي نه رهي سگهي. هـُـو،
انهن ملڪن جي انصاف جي صاف اصولن جي ماتحت
ڏوهاريءَ جي گهر گهڙي ويو ۽ کيس وڍي ڪيرائي
وڌائين. اهڙا ته هـُـن کي خطرناڪ زخم رسايائين جو
کيس پڪ ٿي ته مري ويو آهي. اهو رئيس نيٺ چڱو ڀلو
ٿي ويو ۽ ميرن تي زور رکيائين ته قاضيءَ کي سزا
ڏني وڃي، پر هنن سندس فرياد ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽
چيائونس ته سندس ڏوهه جي کيس جوڳي سزا ملي آهي ۽
هو ساڻس ڪنهن به قسم جو رستو نه رکندا. انهيءَ
رئيس کي نيٺ خيرپور ڇڏڻي پئي ۽ وري ڪڏهن به اتي
واپس ڪونه آيو.
انصاف جي انتظام ۾ رحم جو مادو، ميرن جي وڏي غلطي
هئي، ڇاڪاڻ ته هو رتوڇاڻ کان ڏاڍو لهرائيندا هئا.
رحمان ۽ ٻين خطرناڪ بدمعاشن جي حالت ۾ به هنن حڪم
ڪيو ته سندن بازو ڪپيا وڃن. گويا اها سندن ڏنل سزا
جي حد هئي. ان هوندي به سندن ملڪ ۾ امن امان هو.
رڳو سندن ملڪ جي سرحدن تي شڪارپور جي ويجهو جهنگ ۾
ڪٽپر ۽ بڙدي قبيلن جا ڪٺور ڌاڙيل ڦـُـرلٽون ڪندا
هئا ۽ پڻ سبزل ڪوٽ جي ڀر ۾ وحشي مزارين جي ڪري
ڌاڙا ۽ خون ته ڄڻ معمولي واقعا سمجهيا ويندا هئا.
پر انهن جبلي ٻروچن تي اميرن جو ڪو وس ڪونه هو، پر
ان هوندي به سندن عام رعيت امن پسند ۽ سکي هئي.
جيڪڏهن اسين سندن حالت کي پنهنجي والاريل صوبن جي
رعايا سان ڀيٽينداسين ته اها انهن کان لک دفعا سٺي
هئي. ميرن تائين هر وقت رسائي ٿي سگهندي هئي ۽
ڪهڙو به ماڻهو- پوءِ اهو کڻي گهٽ ذات جو هندو ڇونه
هجي- ڪيڏيءَ مهل به انهن سان ملي سگهيو ٿي. هندن ۾
مڙيئي ناراضپو پئي ڏٺو، ڇاڪاڻ ته کين گهٽ ورسايو
ويندو هو، پر سندن حالت انگلنڊ ۾ پنجاهه سال اڳ
”ڊسينٽرس“ کان خراب ڪانه هئي ۽ نه وري سندن
ناراضپي کي هڪ منت لاءِ به انهيءَ ناراضگيءَ سان
ڀيٽي سگهجي ٿو، جا اڄ به آئرلينڊ ۾ موجود آهي.
واهن جي چڱي حالت، ڪمند، جوار ۽ ٻئي اناج جي ڀلي
فصل ۽ ڪيترين پن - چڪين جي نارن مان ظاهر ٿي ٿيو
ته جيڪا ڍل اتي اڳاڙي ويندي هئي، سا ايتري ڪانه
هئي، جا آبادگارن کي ڏکي لڳي. انعامي زمينون، ۽ پڻ
اهي، جن تي نالي ماتر ڍل ورتي ويندي هئي، جام پئي
ڏٺيون. سياست ۾ به سندن اٿ ويهه جو طريقو فراخ
دليءَ ۽ تحمل جي اصولن مطابق هو، جنهن ۾ شاهه
شجاع، شاهه نواز ۽ ٻين پناهه وٺندڙن شهزادن جو
مثال ڪافي ٿيندو. پنجاب جي حاڪم جي هلت جي ابتڙ،
هنن ڪڏهن به شاهه شجاع ڏانهن مهمان نوازيءَ جي
اصول کي ظاهر ظهور ڪونه ٽوڙيو. قلات جو اڳيون خان،
سالن جا سال سندن سخاوت تي پئي هليو. انگريزن
ڏانهن پڻ هو صاف دل، سخي ۽ مهربان رهيا. جيڪي به
ڊاڪٽر (انگريز) سندن ديرن يا ٻارن جو علاج ڪرڻ
ويندا هئا، انهن کي هو تحفن سان ڀري موڪليندا هئا.
انهن مان هڪڙي ڊاڪٽر، جنهن جي مون کي پوري ڄاڻ
آهي، ٿورن مهينن ۾ ٻن هزارن کان به مٿي پائونڊ گڏ
ڪري ورتا. ٻئي هڪ ڊاڪٽر کي، جنهن مير نصير خان جي
ديري تي حاضري ڏني هئي، هڪ تلوار ملي، جنهن لاءِ
مون کيس هڪ سؤ گنيون ڏيڻيون ڪيون پر وٺڻ کان انڪار
ڪيائين. هڪ دفعي، مير نصير خان جي ننڍي پٽ سان
شڪار ڪندي، مون سندس هڪ جامڪيدار بندوق جي ساراهه
ڪئي، جنهن تي سونا چٽ ۽ لعل جو ڳـَـهڻو لڳل هو.
اوڏيءَ مهل ته هن ڪجهه ڪونه چيو، پر جڏهن آءٌ گهر
پهتس ته ڏٺم ته هو هنر جو اهو سهڻو نمونو منهنجي
گهر ڇڏي ويو هو. مون البت انهيءَ کي واپس ڪري
ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته قاعدي موجب اسان کي ڏيهي ماڻهن کان
سوغات وٺڻ جي منع ٿيل هئي. پر مون تي انهيءَ
مهربانيءَ جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو مون ضروري
سمجهيو ته موٽ ۾ ڪجهه پيش ڪجي، ان ڪري مون هڪ
گهوڙو، جنهن لاءِ مون ويجهڙائيءَ ۾ ڇهه سؤ رپيا
ڏنا هئا، سو ڏانهس موڪليو. اها سوکڙي پراڻيءَ
چوڻيءَ موجب نيٺ وڃي نڀاڳي ثابت ٿي. انهيءَ رئيس
اهو گهوڙو هڪڙي آفيسر کي وڪڻي ڇڏيو ۽ هن وري اهو
ميجر مئڪمرڊو، سر چارلس نيپئر جي خانگي سيڪريٽريءَ
کي ڏيئي ڇڏيو، جنهن جي هيٺان اهو مياڻيءَ جي جنگ ۾
مارجي ويو. ميرن جي ساراهه ۾ ايتري چوڻ کان پوءِ ۽
سندن انتظام تي ڳالهائڻ کان پوءِ، مون تي ضرور
اعتراض ڪيو ويندو ته مون هڪ نيم وحشي حڪومت کي
ساراهيو آهي ۽ انهيءَ نعمت جو تمام ٿورو ذڪر ڪيو
آهي، جا اسان حڪومت جي بدلجڻ ڪري، تهذيب جي نموني
۾ اتي جي ماڻهن لاءِ آندي آهي. انصاف لاءِ کڻي
ائين چئجي ته هاڻي سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي، ماڻهن جي
حياتيءَ ۽ ملڪيت جي سلامتي آهي، واپار جي سنڀال
ڪئي ويئي آهي، ٻاهرينءَ ڪاهه جو ڊپ سدائين لاءِ
ختم ڪيو ويو آهي، غلاميءَ کي مٽايو ويو آهي ۽ سڀني
قومن کي قانون هيٺ آندو ويو آهي
(1).
انهيءَ ڳالهه کان انڪار ئي نٿو ڪري سگهجي ته اهي
نتيجا اسان جي والارڻ جي ڪري ئي پيدا ٿيا يا ٿي
سگهي ٿو ته اهي قدرتي طور اسان جي حڪومت کان پوءِ
پاڻ عمل ۾ آيا هجن. انهن جي ابتڙ، اسان کي غلط
نموني ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميرن جي حڪومت ۾ فصل
تباهه ٿي ويندا هئا، زمين بيڪار پيئي هوندي هئي.
مارشل لا لڳايو ويندو هو، رعايا جي هرهڪ طبقي ۾
ناراضپو هو! ساڳيءَ ريت، جيڪو محصول مير بنان محنت
جي اڳاڙيندا هئا، انهيءَ جو ڏهون حصو به اسين وصول
نٿا ڪري سگهون. مون کي انهن ڳالهين جي سچائيءَ
بابت ڪي چوڻو ڪينهي، پر بحث جي خاطر کڻي مڃجي ته
اسان جي سنڌ والارڻ ۾ اتي جي ماڻهن جي چڱائي هئي.
تڏهن به سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ جيڪو سلوڪ ۽
طريقو اسان اختيار ڪيو هو، انهيءَ ۾ اسين ڪيتريقدر
حق بجانب هئاسين، اهو اوهان پاڻ سوچي سگهو ٿا. ڇا
اهو وڌيڪ آبروءَ وارو ۽ همدرداڻو طريقو نه هو، جو
اسان ثالث بنجي ميرن کي ٺاهيون ها. بنسبت انهيءَ
جي، جو انهن جي گهرو جهيڙن مان فائدو وٺي، ڇيڻا
ڀور ڪري، کين ويڙهائي هڪٻئي جو دشمن ڪيوسين؟ اهو
اسان لاءِ فخر جو باعث نه ٿئي ها جو مير رستم خان
جو مڙهه پنهنجي وطن ۾ ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ پورجي
ها! پر افسوس آهي ته هو پرديس ۾ جلاوطن رهندي ۽
فرنگين جي سندس ملڪ ۾ پهرين قدم رکڻ واري گهڙيءَ
کي ساريندي ۽ مٿن ڦٽڪار ڪندي، مري ويو! انهيءَ
سوال جو جواب ايندڙ نسل جا ماڻهو ڏيندا ۽ ٿي سگهي
ٿو ته کين انصاف پلئه پوي. پر جن هت ڪوڙي ڦڏي ۾
گهڻو ڪجهه سٺو آهي، تن لاءِ بدقسمتيءَ سببان ڏاڍي
دير ٿي ويئي آهي.
خير، انهن خيالن مون کي پنهنجي روزنامچي جي چٽڪن
لکڻ کان ڪافي پري ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اچو ته وري
سکر ۽ شڪارپور جي تپندڙ واريءَ ڏي موٽ کائون ۽
انهيءَ برپٽ مان ڪجهه وڌيڪ پراڻا ورق گڏ ڪريون.
---------------
|