مون کي هاڻي وڌيڪ هي چوڻو آهي، ته فتح محمد هاڻي
هڪ جاگير تي رهي ٿو، جا بهاولپور جي خان کيس ڏياري
آهي ۽ اتي کيس عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي
ٿو. مون کي اها اميد آهي ته ڪانيري جي فتح، جنهن
سندس ستائيندڙن جي عزت وڌائي آهي، ان کي خيال ۾
رکي، من ڪو سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي. جن
ماڻهن لاءِ هو اها جنگ وڙهيو هو، يعني ته انگلينڊ
جا ماڻهو، سي انعام ڏيڻ ۾ آهن ته سست، پر ان هوندي
به مون کي اميد آهي ته مـَـن کيس ڪو اجورو ڏيارين.
مرتبي جي لحاظ کان خيرپور جي ميرن ۾ ٻيو نمبر مير
رستم خان جي وڏي پٽ محمد حسين جو آهي. سندس عمر
هاڻي پنجيتاليهه سال ٿيندي. هو جيتوڻيڪ اتر سنڌ ۾
هڪ فوج جو مهندار هو، پر ان هوندي به هن سر چارلس
جي دشمنيءَ واريءَ اڳرائيءَ خلاف ڪو قدم نه کنيو
هو. هن پنهنجي پيءُ کي اها به صلاح ڏني هئي ته،
گهر جي ماڻهن کي خيرپور کان ٻاهر نه موڪليو وڃي ۽
ساڳئي وقت مير رستم خان جي حيدرآباد ڀڄي وڃڻ وقت
به هن پنهنجي پيءُ سان گڏ وڃڻ کان بلڪل نابري واري
هئي. هن ڪڏهن به پڄندي سارو انگريز جنرل کي ناراض
ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو هو. سندس پيءُ ۽ ڀائرن جي قيد
ٿي وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجي ماءُ، مير رستم خان جي
بيواه ۽ خاندان جي ٻين عورتن سان بڙديڪا مان
لنگهندي، مـَـرين ۽ مزارين وٽ ڪي ڏينهن ترسيو هو،
جن سندس بدقسمتيءَ تي ترس کائي کيس پناهه ڏني هئي.
ڪجهه سالن کان پوءِ ملتان هليو ويو، پر اتي جي
سـِـک حاڪم به کيس شهر اندر گهڙڻ کان منع ڪئي. پر
کيس اها اجازت ڏنائين ته سرحد تي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڀلي
وڃي رهي، ۽ اُتيئي هو اڃا تائين رهيو پيو آهي. مير
علي مراد تي جيڪا ڪميشن ويٺي هئي، انهيءَ ۾ هو پاڻ
لنگهي آيو ۽ گرفتاريءَ جو به خيال نه ڪيائين. اتي
اچي اهڙي ته سادگيءَ ۽ دل لـُـڀائيندڙ نموني ۾
شاهدي ڏنائين، جو سڀني ماڻهن جي دل ۾ سندس لاءِ
عزت پيدا ٿي ۽ هو سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. انگريز
گورنمينٽ سندس ڪيل گناهن جي پاداش ۾ کيس پنج سؤ
رپيا مهينو پينشن منظور ڪري ڏني، جا هن وٺڻ کان
نابري واري ۽ چيائين ته اها رقم سندس ۽ سندس
خاندان جي ماڻهن لاءِ بلڪل اڻپوري آهي. ساڳئي وقت
هن انهيءَ خيال کان به انڪار ڪيو جو ڪنهن ڏوهه جي
مٿس تهمت مڙهي ۽ کيس پوءِ پينشن ڏني وڃي. اها سندس
لاءِ بيعزتيءَ جو باعث ٿيندي. اهو اٿوَ محمد حسين
- جنهن کي اسان سندس ملڪ مان تـَـڙي ڪڍيو، ۽ هو
پنهنجي خاندان جي زالن سان هڪ پناهگير وانگر ڌڪا
کائيندو رلندو رهيو. ننڍڙن اميرن، جي
مير رستم خان ۽ مبارڪ خان جي اولاد مان هئا، تن کي
سر چارلس نيپئر، مير علي مراد جي حوالي ڪري ڇڏيو
هو، جنهن ڪـِـيني ۽ ڌڪار سبب مٿن هر ڪنهن قسم جا
ظلم ۽ زيادتيون روا رکيون. نتيجو اهو نڪتو جو اهي
بک ۽ اُڃ، ٿڌ ۽ اگهاڙپ ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ
لڳا. هنن جيڪو سر چارلس نيپئر کي ياداشتنامو
موڪليو هو، ته سندن حالت اهڙي ته خراب آهي جو
انهيءَ کان سندن لاءِ بهتر آهي ته مري وڃن. علي
مراد جو هڪ معمولي نوڪر به سندن حالت جي ڀيٽ ۾
آرام سان آهي ۽ خوشحال گذاري ٿو. انهن مان ڪيترائي
ته گذاري ويا آهن ۽ باقي جيڪي رهيا آهن، انهن لاءِ
جيڪڏهن انگريز سرڪار وچ ۾ نه پوندي، ته اهي بکن
وگهي، انهن ظلمن ۽ زبردستين جو شڪار ٿي مري ويندا.
”هي اهي سؤٽ ۽ ڀائٽيا آهن، جن جو سؤٽ ۽ چاچو حڪومت
جو مالڪ هئڻ ڪري آزاد آهي، پر آهي پنهنجن جو
ويري.“
حيدرآباد ۾ قيد ٿيل ميرن جي کين گهٽ ڄاڻ آهي، مير
نصير خان، صوبدار خان ۽ صوبدار جو وڏو پٽ فتح علي
جهان ڇڏي ويا آهن. ميرپور جو شير محمد خان لاهور ۾
آهي ۽ هو سـِـکن واريءَ جنگ جي عرصي ۾ سڄو وقت اتي
رهيو. هن اتي پنهنجيءَ تلوار سان اسان جي دشمن جي
مدد ڪئي هئي، پر فقط انهيءَ ڪري جو کيس سندس گهر
مان تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو هو. غلام عليءَ جو پٽ مير
محمد خان ۽ سندس ڀائٽيا يعني ته مير نور محمد ۽
مير نصير خان جا پٽ اڃا جيئرا آهن. اٺ سال ٿي ويا
آهن، جو کين سندن خاندان کان ۽ ويجهن عزيزن کان
جدا ڪيو ويو آهي. نور محمد جي وڏي پٽ شهداد خان کي
سورت جي قلعي ۾ هڪ معمولي ڏوهاريءَ وانگر قيد ڪيو
ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿس اها تهمت هئي ته هن ڪئپٽن
اينس کي قتل ڪيو هو، آخر گورنر جنرل کيس بچاءَ ۾
ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. 20- مئي 1848ع تي ڪورٽ
منعقد ٿي ۽ ان جي اڳيان مقدمو هلايو ويو ۽ پوءِ
کيس عزت سان بـَـري ڪيو ويو. اهو اٿو انگريزن جو
انصاف! پنج سال هڪ قيدي شهزادي کي معمولي ڏوهاريءَ
وانگر جيل ۾ رکي ۽ پوءِ کيس باعزت بري ڪرڻ جي سزا
ڏني ويئي. انهيءَ کان پوءِ کڻي هيءُ ماڻهو سندن
جند ڇڏين ها، پر نه. سورت جي ڇـُـٽي پر وري به کيس
پنهنجي گهر کان گهڻو پري بنگال جي اڻوڻندڙ ۽
گنديءَ هوا ۾ اڇلايو ويو. ظلم جي به هڪ حد ٿيندي
آهي، ۽ هي انگريزي ظلم جو هڪ آخري نمونو هو، جو
انهيءَ شهزادي جي خلاف استعمال ڪيو ويو هو. چيو
وڃي ٿو ته شهداد خان فقط ڪي مهينا اتي جيئرو رهيو
۽ پوءِ مري ويو. ڪلڪتي ڏانهن ويندي شهداد خان سان
هڪ اهڙي انگريز جي ملاقات ٿي، جو تمام وڏي عهدي تي
فائز هو، ۽ هن هيءُ بيان سندس باري ۾ ڏنو آهي:
”مير شهداد خان سان منهنجي گفتگو اهڙيءَ طرح ٿي
جهڙي هڪ اوپٽو ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. حالتن موجب
مون کي ٻه ڪلاڪ اسٽيمر تي رهڻو پيو، ۽ جيئن ته هو
مون کي هڪ عزت وارو، خوش پوشاڪ ڏيهي ماڻهو ٿي ڏسڻ
۾ آيو، انڪري مون ساڻس ملاقات ڪرڻ گهري. مون کيس
وڃي سلام ڪيو، جنهن جو هن نهايت فهميدي نموني سان،
جو اوڀر جي ملڪ جي عام عادت آهي، سلام جو جواب
ڏنو. جيتريقدر مون کي يادگيري آهي ته مون کانئس
سندس سفر متعلق پڇيو ۽ پوءِ اسان ٻنهي ٻاڦ جي طاقت
۽ ان تي هلندڙ مشينن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. آخر ۾
هن مون کان پڇا ڪئي ته هينري پاٽنجر ڪڏهن موٽي
ايندو؟ هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاٽنجر سندس ۽ سندس
خاندان جو دوست آهي، انڪري کيس ساڻس ملاقات ڪرڻ جي
وڏي خواهش آهي. هن مون کان سنڌ بابت ۽ پڻ مير علي
مراد خان بابت ڪي سوال به ڪيا. جيئن ته آءٌ ڪلڪتي
۾ رهيو هوس، ۽ ميرن کي سوار ٿيندي ڏٺو هوم، انڪري
وري ڪلڪتي بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. هن مون کان
پڇيو ته سر چارلس نيپئر ڇا ڪري رهيو آهي ۽ سندس
باري ۾ چيائين ته هو هڪ بهادر جرنيل آهي. هن اهو
خيال ظاهر ڪيو ته سر چارلس نيپئر هڪ سٺو ماڻهو ٿي
سگهي ها، جيڪڏهن کيس هتي جي ماحول جي خبر هجي ها،
ماڻهن جي ٻوليءَ، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ريتن رسمن کان
واقف هجي ها. ساڳئي وقت هن کي اها به خبر ڪانه
هئي، ته ميرن جا ڪهڙا حق آهن، نه ته هو ڪڏهن به
ساڻن اهڙي هلت نه ڪري ها. هينري پاٽنجر يا ٻين
ڄاڻو معزز حضرات وانگر جيڪڏهن کيس ماحول جي خبر
هجي ها، ته هو ڪڏهن به سندس خاندان کي نقصان نه
پهچائي ها. اهو هو اسان جي گفتگوءَ جو متن. مون کي
ياد آهي ته آءٌ انهيءَ مير جي برداشت جي جذبي ۽
سخاوت تي حيران ٿي ويو هوس، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اهڙي
جرنيل جي ساراهه ڪري رهيو هو، جنهن سندس حڪومت جو
تختو اونڌو ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو ته کيس (سر چارلس
کي) به انهيءَ رواداريءَ جو احساس ٿيو هجي. شهداد
جي انهن لفظن کي نيپئر جي اکرن سان ڀيٽيو ۽ فيصلو
ڏيو ته ڪهڙا اکر اسان جي مذهب جي اصولن سان وڌيڪ
ملي جـُـلي اچن ٿا. ”پنهنجي دشمن کي پيار ڪريو،
انهن کي دعا ڪريو جي اوهان کي پـِـٽين ٿا، ۽ انهن
سان چڱائي ڪريو جي اوهان کي ڌڪارين ٿا“. سر چارلس
نيپئر کي رڳو انهيءَ ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي هئي، جو
هنن ميرن کيس ڪيل درخواست ۾ عيسيٰ عليه السلام جن
جي نالي تي رحم جي درخواست ڪئي. ڇا، کيس اها خبر
نه آهي ته مسلمان عيسيٰ عليه السلام کي هڪ وڏو
پيغمبر ڪري ٿا مڃين ۽ کيس روح الله ڪري ڪوٺين ٿا.
انهيءَ ۾ ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي، جو هو ڪرستانن
کي هڪ اهڙي نالي سان درخواست ڪن ٿا، جنهن کي هو
تمام گهڻي عزت ڏين ٿا. هاڻي ٻڌايو ته انهن ٻنهي
مان ڪهڙو غير مهذب آهي. اهو جو نجات ڏيندڙ جي نالي
تي رحم ٿو طلبي يا اهو جو رحم نٿو ڪري. جيڪو سندس
نالي تي رحم جي درخواست رد ٿو ڪري، اهو سمجهو ته
عيسيٰ عليه السلام کي ئي ٿو رد ڪري.
آخر ۾ انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هي ٿورا اکر
چوڻ ضروري آهن، ته سنڌ جي فتح نه فقط هڪ گناهه هو
پر فرينچن جي ٽوڪ واري چوڻيءَ ۾ انهيءَ کان به
وڌيڪ خراب يعني ته هڪ سياسي غلطي هئي. حيدرآباد جي
قلعي ۾ جيڪڏهن سچ پچ ٻه ڪروڙ رپيا هجن ها، جيئن سر
اليگزينڊر برنس پـَـٽ هنيو آهي يا لارڊ ايلنبرو جي
چوڻ موجب نئين مصر جي چانديءَ جي چمڪندڙ لارَ ٺاهڻ
جي ڪم اچي ها، پوءِ مڙيئي خير هو. ڇاڪاڻ ته زر جي
لالـچ ۾ انهن بدقسمت ماڻهن سان ٿيل ظلم جي باري ۾
هرڪو ڪن بند رکي ها. ماڻهن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو
آهي، جو حرام جو هٿ ڪيل مال واپس ڪري، ڇاڪاڻ ته
ڪنهن به قوم غلط نموني ۾ هٿ ڪيل نفعو ڪڏهن به واپس
نه ڪيو آهي، پوءِ انهيءَ ۾ ڀل ته ڪهڙي قسم جون
زيادتيون ڪيون ويون هجن. ڪرنل آئوٽرام جو مثال
ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو. کيس 5 (پنج) لک انعام طور ڏنا
ويا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته کيس
اهو احساس هو ته انهن پئسن جي ڪري ئي ميرن جي مٿان
تباهي مڙهي ويئي هئي. اهوئي سبب آهي جو هن آخر ۾
هڪ زبردست اپيل ڪري ڇڏي آهي. اها اپيل هڪ خراب ۾
خراب، انساني لوڀ جي جذبي کي ڪيل آهي، ۽ پڻ اسان
جي پئسن گڏ ڪرڻ جي حرص کي آهي. پر قسمت سان يا
بدقسمتيءَ سان، جيڪو چانديءَ جو چمڪاٽ سٽيو ويو
هو، سو گلٽ ۾ بدلجي ويو. اسين پڙهندڙن کي گذارش
ڪنداسين ته نيپئر جا اکر پڙهي ۽ پوءِ ان کي انهيءَ
سچي فهرست سان ڀيٽين جا اسان ۾ هن گڏ رکي آهي:
”سنڌ جي اُپت سان تعلق رکندڙ سڀني ماڻهن جي اها
عام راءِ آهي، ته اها تمام گهڻو وڌي ويندي. سٺي ۾
سٺو ڪليڪٽر سمجهي ٿو ته اها پنج سالن ۾ ڏهه لک
پائونڊ ٿي ويندي. ساڳئي وقت اهو به ضروري نه آهي
ته ڪو سرڪار جو خرچ وڌندو“. انهيءَ راءِ کي رد ڪرڻ
لاءِ سچن انگن اکرن پيش ڪرڻ جي طريقي تي تبصرو ڪرڻ
ضروري ٿيندو. ائين ڪرڻ ۾ اسين سمجهون ٿا ته اسين
پڙهندڙ کي مصر جي پراڻي چوڻي ياد ڏياري رهيا
آهيون. ڇاڪاڻ ته اها پڪ آهي ته جنرل جي ڏٻري
ڳئونءَ پنهنجي اڳينءَ متاري جائنشين ڳئونءَ کي
ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ مال اوتري جو اوترو رهيو!
سنڌ جي ايراضي 45000 چورس ميل ٿيندي ۽ انهيءَ جو
پنجون حصو مير علي مراد جي ملڪ آهي. آدمشماريءَ جي
به عجيب نموني ڳڻپ ٿي آهي. هاڻي جيڪو نئون مقالو
”ڪلڪتا ريويو“ ۾ ڇپيو آهي، تنهن موجب انگريزن جي
هٿ هيٺ سنڌ ۾ 525000 ماڻهو رهن ٿا ۽ ان ۾ جيڪڏهن
هڪ ڀاڱي اَٺ مير علي مراد جي رعيت ڳنڍيو (ڇاڪاڻ ته
سندس ملڪ ايڏو آباد ڪونهي) ته پوءِ جملي آدمشماري
690000 ٿيندي. انهيءَ موجب هر هڪ چورس ميل ۾ ڳڻپ
جي لحاظ کان پندرنهن ماڻهو في چورس ميل ۾ ايندا.
آدمشماري تي نظر ڪرڻ سان اسان کي انهيءَ ملڪ جي
آباديءَ ۽ ان جي حالت جو پورو پورو اندازو ٿي سگهي
ٿو.
قسمت سان اسان کي سنڌ جي ماڻهن بابت پهريون دفعو
صحيح فهرست ملي آهي، جا اسان پڙهندڙ اڳيان رکون
ٿا. جنهن ۾ جدا جدا جنسن جي ورهاست به ڏيکاريل
آهي:
سنڌ جا مير هڪ اهڙي ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا، جنهن
جي ايراضي 45000 چورس ميل هئي، ۽ انهيءَ جي
آدمشاري يارنهن لک کن هو. جنهن جو مطلب آهي ته هر
چورس ميل تي چوويهه ماڻهو رهندا هئا. هاڻي اهڙو
ملڪ، جنهن جي ايتري ڇڊي آبادي هجي، اتي ڇهن لکن
کان مٿي محصول حاصل ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. سنڌ
جي آدم شماري برٽش انڊيا جي آدمشماري جو هڪ ڀاڱي
چورانوي حصو هو، ۽ ساڳئي وقت ان جي ايراضي برٽش
انڊيا جي هڪ ڀاڱي ڏهه هئي. اهو ملڪ جيڪر هڪ آباد
ڪئليفورينيا ٿي سگهي ها، ۽ سر چارلس نيپئر جي خواب
جي تعبير به ٿي وڃي ها. (پر ائين نه ٿي سگهيو).
هاڻي اچو ته انهن سڌارن تي بحث ڪريون، جي اسان جي
حڪومت وڌيڪ اُپت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيا هئا. ميرن جي
وقت ۾ سنڌ، جدا جدا پرڳڻن يا صوبن ۾ ورهائي ويئي
هئي، جي وري تپن يا ضلعن ۾ ورهايل هئا. هر هڪ
پرڳڻي تي هڪ سزاوال يا وڏو ڪليڪٽر مقرر ڪيل هو،
جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺن - ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي
جماعت مدد لاءِ ڏني ويئي هئي. تـَـپي تي وري
ڪاردار رکيل هو، جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو
عملو ڏنل هو، پر اهو هو سزاوال جي زيردست. انهن
عملدارن کي چڱو پگهار ڏنو ويندو هو، خاص ڪري
سزاوال کي، جي گهڻو ڪري سٺي خاندان مان هئا چڱي
لياقت رکندڙ هئا، کين پنج سؤ رپيا پگهار ڏنو ويندو
هو، جنهن سان اُهي سنڌ جهڙي هڪ غريب ملڪ ۾ فراغت
سان گذاريندا هئا. سال ۾ ٻه دفعا لاباري جي وقت
يعني ته بهار ۽ سرءُ جي موسم ۾ هرهڪ مير جو مخفي
ماڻهو، عيوضيءَ جي حيثيت ۾ سندس ملڪ ۾ وڃي پهچندو
هو، ۽ اتي وڃي سزاوال کان حساب ڪتاب وٺندو هو.
جيڪا به غلطي وغيره هوندي هئي اها ٺيڪ ڪندو هو، ۽
ماڻهن جي درخواستن تي به انهيءَ وقت غور ڪري فيصلو
ڪيو ويندو هو. هي خاص عيوضي ميرن جو مائٽ هوندو هو
۽ اهو سندس فرض هو ته ڏسي ته ماڻهن تي ظلم ۽
زيادتي ته نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته هاريءَ ناريءَ تي
جيڪڏهن ڪنهن هڪ هنڌ تي ظلم ٿيندو هو، ته پوءِ هو
انهيءَ امير جو ملڪ ڇڏي وڃي ٻئي جون زمينون
وسائيندو هو. انهن عملدارن ۽ پڻ سزاوال ۽ ڪاردارن
۾، حّي نوڪري ۾ هئا، هڪ اڻلڀ خاصيت اها هئي جو هو
ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. انهن جي روزگار
جي ذريعي، انهن جي عادتن ۽ پڻ انهن جي اُٿ ويهه
کان به هو واقف هوندا هئا. جيئن ته اهي سڄي عمر
اتي رهندا ٿي آيا ۽ اتي جي ٻولي وغيره کان به واقف
هئا، انڪري رعيتي ماڻهو ساڻن ڪا ٺڳي يا دولاب نه
ڪري سگهندا هئا، جا هو هڪ ڌارئين يا ڌارئي ملڪ جي
ماڻهن سان ڪندا آهن. اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي
پڏايون، پر اهو قبول ڪرڻو پوندو ته ميرن جي انهيءَ
روينيو آفيسرن جي هٿ هيٺ ماڻهو خوشحال گذاريندا
هئا. وڏو فائدو کاتيدار کي اهو هو، جو سڀني فصلن
تي ڍل به کانئن جنس ۾ ورتي ويندي هئي. فقط تماڪ،
ڪمند ۽ ڀاڄين وغيره تي، جي گهڻو ڪري شاهوڪار ماڻهو
پوکيندا هئا، روڪڙ ۾ ڍل ورتي ويندي هئي. انهيءَ
کان سواءِ ٻين سڀني زمينن تي سرڪاري حصو جنس ۾
ورتو ويندو هو. جنهن ۾ ڍل جو حصو موسم جي اُپت جي
آڌار تي ورتو ويندو هو، ۽ زمين جي ايراضيءَ موجب
نه اڳاڙيو ويندو هو. بٽئيءَ وقت هڪ ٿورو حصو
ڪاسگيءَ جي نالي سان، وڏن زميندارن کان ورتو ويندو
هو. ڏٺو وڃي ته سرسري طور سرڪاري حصو اُپت جو ٻه
ڀاڱي پنج يا هڪ ڀاڱي ٻه وڃي بيهندو هو، جو هاڻي
اتر- اولهه واري علائقي ۾ زمين جي مقرر ڪيل ڍل جي
برابر آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته نيپئر انهيءَ نظام ۾ ڪهڙا
سڌارا آندا. سڀ کان پهرين سزاوال، جنهن جي آزمودي
۽ صلاح انگريزن کي ملڪ جي واءُ سواءُ کان واقف ڪيو
هو، تنهن جو عهدو گهٽائي کيس ڪاردار بنايو ويو.
کين جيڪو پگهار ميرن وٽان ملندو هو، انهيءَ کي
گهٽائي پهرين هڪ ڀاڱي پنج ۽ پوءِ هڪ ڀاڱي ڏهه ڪيو
ويو، ۽ سندن عهدن تي يورپي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا
ويا، جن کي ڪابه تربيت وغيره نه ڏني ويئي هئي. اهي
ايتريقدر ته اڻڄاڻ مقرر ڪيا ويا، جو کين فصلن بابت
ڪابه خبر ڪانه هئي. اڳين ڪاردارن جو پگهار به
گهٽائي اڌ ڪيو ويو هو، ۽ کين ۽ سزاوال کي بنا ڪنهن
امتياز جي بي اصول بدمعاش ڪري تصور ڪيو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح ٿوري وقت ۾ اشراف ماڻهن کي چونڊي ڪڍيو
ويو، ۽ سندن جاءِ تي اهڙا هٻڇي مقرر ڪيا ويا، جن
کي فقط ڪمائيءَ جي لڳي پيئي هئي. نتيجو اهو نڪتو
جو اُهي رعيت کي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي تمام گهڻو
ڦرڻ لڳا. انهيءَ کان پوءِ هڪ عالمگير ٺڳيءَ اچي
منهن ڪڍيو. ٿيو ائين، ته رستن تي بدمعاش قطارن جون
قطارون ٺاهي سرڪاري ماڻهن جي پوشاڪ پهري پاڻ کي
سرڪاري نوڪر هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳا. مارشل لا لڳل
هو، جنهن جي ڪري فقط تهمت لڳڻ سان ماڻهو سخت عذاب
۾ اچي ويندو هو. سزائون ڏاڍيون ڳريون رکيل هيون،
جنهن جي معمولي سزا ڏهن، پندرهن ۽ ويهن هزارن رپين
تائين هوندي هئي. ان سان گڏ زنجيرن ۾ جڪڙجي قيد
ٿيڻ جي به سزا ڏني ويندي هئي، جنهن جو مدو ستن يا
ڏهن سالن کان به مٿي هوندو هو. اهي سزائون بروقت
عمل ۾ آنديون وينديون هيون، انڪري ماڻهن جي سخت بي
عزتي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ اپيل وغيره جو به حق ڏنل
هو، ۽ اهو به ضروري ڪونه هو، ته سڀني جي اپيل تي
غور ڪيو وڃي. ميرن جي دور ۾ روينيو (ڍل) جو حساب
ڪتاب هڪ خاص مهيني ۾ پورو ڪيو ويندو هو. پر هاڻي
ته موسم پٺيان موسم گذري ويئي آهي، پر اڃا تائين
ڪابه سيٽلمينٽ نه ٿي سگهي آهي. سزائون ڏاڍيون سخت
هيون ۽ جيئن ته يورپي حاڪم اڻڄاڻ ۽ بي آزمودگار
هئا، انڪري ڪاردار ۽ سندس زبردست، ماڻهن کي ڦرڻ ۾
ڇڙواڳ ٿي پيا. ساڳئي وقت کاتيدارن تي روينيو في به
مقرر ڪئي ويئي هئي، جنهن جو مـُـلهه سڀني کان
هڪجيترو اڳاڙيو ويندو هو. انهيءَ نئين ڍل مڙهڻ ۾
زمين جي خاصيت، ۽ ان جي ايراضيءَ ۽ پڻ پاڻيءَ جي
سهوليت يا موسم وغيره جو ڪوبه خيال نه ڪيو ويندو
هو، سڀني کي هڪجيتري ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ٿورن
ايڪڙن جي زميندار کان به ساڳي ڍل ورتي ويندي هئي،
جا دو آبي ۾ سٺي زمين جي هڪ تمام کان وصول ڪئي
ويندي هئي. درخواستن ۽ عرضداشتن تي ڪوبه غور وغيره
نه ڪيو ويندو هو. ”سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون“ جي اصول تي
عمل ڪيو ويندو هو.
سنڌ کي نئين حڪومت مان جيڪي ڪجهه هڙ حاصل ٿيو، اهو
اسان ڏسي ورتو، هاڻي اچو ته حساب ڪتاب ڪري ڏسون.
ڇاڪاڻ ته اسين سر چارلس نيپئر جي ڪيل پيشن گوئي کي
داد ڏيئي سگهون ٿا. جنهن چيو هو، ته سنڌ جي اپت
پنجن سالن ۾ ڏهن لکن تائين پهچي سگهندي! هن گڏ ڏنل
شيڊول مان پڙهندڙ کي پتو پوندو ته انهيءَ حساب تي
ڪيتريقدر اعتبار ڪري سگهجي ٿو. هن معاملي ۾ ڏنل
بيانن کي حساب ڪتاب ذريعي غلط ثابت ڪري سگهجي ٿو،
پر جتي حساب ڪتاب جي ضرورت نه آهي، اتي ٿي سگهي ٿو
ته اهي بيان صحيح هجن!
سال اُپت خرچ
تفاوت
44- 1843 937937 7662979 6725042
45- 1844 2740722 5854206 3113484
46- 1845 2800817 6830984 4030167
47- 1846 2691870 6547272 3855402
48- 1847 3030230 5443559 2413329
49- 1848 2923515 4830504 1906989
50- 1849 2983750 4392420 1408670
23453083
يا
2345308 پائونڊ
انهيءَ ۾ باقاعدي فوج جو پگهار ۽ الائونس شامل نه
ڪيل آهن، جي سنڌ ۾ پوءِ عام فوجين ۾ ملايا ويا.
اسٽيٽيڪل آفيس
11-
آگسٽ 1851ع
سنڌ کي والارڻ جي وقت کان وٺي ستن سالن
اندر اسان هندستاني حڪومت کان اڍائي ملين (25 لک)
قرض وٺي انهيءَ جي انگ کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇا اهو
اسين انهيءَ بي انصافي جي بدلي ۾ نه لوڙهي رهيا
آهيون، جا اسان سنڌ ملڪ ۽ ان جي اميرن سان روا رکي
هئي. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هندستاني حڪومت کي
اُپت جي خيال کان ٺاهيو ويندو، پر هتي ته مورڳو 25
لکن جو مٿس بار وڌو ويو آهي. انهيءَ تي جيتوڻيڪ
ناراضپو به ڏيکاريو ويو آهي، پر ان هوندي به هڪ
ملڪ کي ڦٻائڻ لاءِ سندن اُپت تي ايڏو بار وڌو وڃي
ٿو. اسان کي هونئن به سڀڪنهن قسم جون سهوليتون سنڌ
۾ ملنديون هيون، ۽ پڻ سرحد جي معاملي ۾ به اهو
فائديمند هو. هاڻي ٻڌايو ته 25 لکن جي اجائي خرچ
جي ڪري هندستان جي سڌاري تي ڪيڏو نه اثر پيو هو؟
انهيءَ رقم سان جيڪر نوان واهه کوٽجي وڃن، ۽ نيون
ريلون پکڙجي وڃن ها. انهيءَ معاملي تي ڀـَـل ته
مئنچيسٽر ۽ لورپول جا واپاري يا ”دڪاندار“ جيئن سر
چارلس نيپئر کين سڏيو آهي، سوچين ۽ سمجهن ته
هندستان جو تڏهن ڪهڙو حال ٿيندو، جڏهن انهيءَ کي
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان ڇڏائي، هڪ غير جوابدار
وزارت جي حوالي ڪيو ويندو. اها وزارت به اهڙي،
جنهن جو هرهڪ قدم بي انصافيءَ ۽ بي ايمانيءَ تي
ٻڌل هوندو ۽ جي هر هڪ ڳالهه کي پنهنجي گندي ۽ لوڀ
سان ڀريل بي اصول مطلب لاءِ ٺيڪ سمجهي روا رکندا.
--------------- |