سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

باب؛ --

صفحو ؛ 18

 

ضميمو -5

اسين سنڌ جا مير، ٻروچ آهيون پر انهن ٻروچن مان نه آهيون، جن کي ايران ۾ ڪوچ بلوچ ڪري سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان اصل نسل ۾عرب آهيون ۽ پنهنجو نسبنامو امير حمزه کان شروع ٿا ڪريون، جو هشام بن عبد مناف (عبدالمطلب) جو پـُـٽ هو. ڪـِـن جو چوڻ آهي ته اهو امير حمزه حضرت عليءَ جو پـُـٽ هو.

اسلام کي وڌائڻ جي خاطر جڏهن حجاز جي فوجن يوسف(1) جي پـُـٽ جي هٿ هيٺ پنهنجا قدم ڄمائڻ ٿي گهريا، تڏهن انهن رستي تي ڪيچ مڪران کي به زير ڪيو هو، جتي اسان جا وڏا انهيءَ ملڪ جي قبضي ۾ رهيا. ۽ باقي فوجون سنڌ ڏانهن روانيون ٿيون هيون. انهن کي جيڪو اولاد ٿيو، تنهن کي ٻروچ ڪري سڏيو وڃي ٿو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن هجرت ڪري ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان وارو ملڪ وسايو، جتي چوٽي (يا جبل جي چوٽي) سندن رهائشگاهه بنجي ويو. انهيءَ ساڳئي وقت ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، جو پاڻ کي حضرت عباس جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري عباسي سڏائيندو هو، تنهن سنڌ ملڪ ۾ وڃي، پوک لاءِ زمينون هٿ ڪيون. ان وقت سنڌ دهليءَ جي چغتائي (2) بادشاهن جي هٿ هيٺ هئي. اهي زمينون پوءِ آهستي آهستي ڪلهوڙن جي ملڪيت ٿي وييون. ڪلهوڙا مذهب جا شيعا هئا، ۽ جونپور جي سيد ميران شاهه جونپوريءَ جا مريد هئا.

اسان جو ڏاڏو مير شهداد خان وڏو، پنهنجي چاچي مير صوبدار کان ناراض ٿي، اچي ڪلهوڙن وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو ۽ سندن مذهبي اصول قبول ڪيائين، يعني ته شيعو مذهب اختيار ڪيائين. جيئن ته هو ٻروچن جو رئيس هو، انڪري ڪيترا ٻروچ ساڻس گڏ سنڌ ۾ اچي رهيا. هي واقعو ٻروچن جو سنڌ ۾ پهريون دفعو بنياد پوڻ جو آهي. مير صوبدار خان وڏي جو خيال هو ته ڇڙي رهڻ جي ڪري ماڻهو خدا جي چڱيءَ طرح عبادت ڪري سگهي ٿو، انڪري هـُـن ڪڏهن به شادي ڪانه ڪئي. پاڪائيءَ ۽ سخاوت ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيو يعني ته مير شهداد خان وڏو قبيلي جو سردار ٿيو.

نادر شاهه جي حملي تائين (سنه 1739ع) سنڌ جو گورنر دهليءَ جي دربار جو هڪ امير هوندو هو، پر سندس قتل کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙو انهيءَ علائقي جو صوبيدار ٿيو ۽ احمد شاهه بادشاهه کي پنهنجو ڏن ڏياري موڪليائين. جڏهن نور محمد مري ويو، تڏهن سندس جاءِ سندس پٽ محمد مراد والاري ۽ اهو مسند تي ويٺو.

انهيءَ ساڳئي وقت مير شهداد خان وڏو گذاري ويو. کيس هڪ زال مان مير جمندا، مير چاڪر ۽ مير بهرام نالي ٽي پٽ هئا، ۽ ٻيءَ زال مان هڪ پٽ مير خيرو هو. نادر شاهه، سندس هڪ پٽ نالي مير جمندا کي، نور محمد ڪلهوڙي جي پٽن سميت يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو هو، ۽ اهو مشهد ۾ گذاري ويو. مير شهداد خان جي پٽن مان سڀ کان سٺو لائق مير بهرام خان هو، جو پنهنجي پيءُ جو وارث ٿيو ۽ ٻروچن جو رئيس بڻيو.

گورنر سنڌ محمد مراد جي زيادتين کان تنگ اچي ڪلهوڙن مير بهرام سان گڏجي سازش ڪئي ۽ محمد مراد کي تخت تان لاهي قيد ڪيائون ۽ سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ ميان عطر خان تخت تي ويهاريائون، پر انهيءَ چونڊ ۾ به اهي ٺڳجي ويا، انڪري کيس تخت تان لاهي جيل ۾ وڌائون ۽ غلام شاهه کي کڻي تخت تي ويهاريائون، جو نور محمد جو ٽيون پٽ هو. اهو حاڪم لائق ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن سڄي ملڪ کي قبضي ۾ آندو ۽ حيدرآباد جو قلعو پڻ اڏايو. سنه 1770ع ۾ سندس موت ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز تخت تي ويٺو.

مير بهرام، جو ٻروچن جو رئيس هو، تنهن کي ٻه پٽ هئا. مير بجر خان ۽ مير صوبدار خان. مير بجر خان جي غير حاضريءَ ۾، جو ان وقت گهـَـرو نا اتفاقيءَ سبب حج تي ويل هو، محمد سرفراز سندس پيءُ ۽ ڀاءُ ٻنهي کي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بهرام خان وڏين خوبين جو مالڪ هو، انڪري ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو سندس اثر ۽ مقبوليت جي ڪري کانئس ڏاڍو ڊڄندو هو.

جڏهن ڪلهوڙن جي چڱن مڙسن کي هن واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هنن مير فتح خان کي پاڻ سان ملائي، سرفراز کي تخت تان لاهي جيل موڪليو ۽ غلام شاهه جي ٻئي پٽ محمد خان کي تخت تي ويهاريو. پر راڄي ليکي نالي هڪ با اثر ڪلهوڙو هو، تنهن کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هـُـن محمد خان کي تخت تان لاهي جيل ۾ وڌو  سندس جاءِ تي غلام نبيءَ کي تخت تي ويهاريو، جو محمد خان جو چوٿون پٽ هو.

انهيءَ نازڪ مرحلي وقت مير بجر خان حج تان موٽيو ۽ مسقط، گوادر، ڪيچ ۽ مڪران کان ٿيندو قلات ويو، جتي هـُـن نصير خان بروهيءَ کان فوجي مدد گهري، جيئن هو پنهنجي پيءُ يا ڀاءُ جي ٿيل بيگناهه خون جو بدلو وٺي. مير نصير خان مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو، انڪري مير بجر سنڌ هليو آيو. سنڌ ۾ ڪيترائي ٻروچ، جي ميان غلام نبيءَ جي خلاف هئا، سي اچي ساڻس مليا، ڇاڪاڻ ته اهي راڄي ليکي جي غلام نبيءَ کي تخت تي ويهارڻ جي خلاف هئا. نيٺ جنگ لڳي، جنهن ۾ غلام نبي مارجي ويو. ميان محمد سرفراز جيتوڻيڪ سندس پيءُ يا ڀاءُ کي مارائڻ ۾ وڏو گناهه ڪيو هو، پر جيئن ته مير بجر خان ۽ هو ننڍي هوندي گڏ کيڏيا هئا، ۽ دوست هئا، انڪري هـُـن اهو خيال ظاهر ڪيو ته ميان سرفراز کي جيل مان آزاد ڪري، مانَ ۽ شان سان هاٿيءَ تي چاڙهي، وري اچي تخت تي ويهارجي. پر جيسين بجر خان اهو سخاوت جو ڪم ڪري ئي ڪري، تنهن کان اڳ عبدالنبيءَ، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پنجون پٽ هو، تنهن وجهه وٺي سڀني شاهي قيدين جهڙوڪ: محمد مراد، ميان عطر خان، ميان محمد سرفراز ۽ سندس پٽ ميان نور محمد کي جيل ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ دردناڪ حادثي کانپوءِ مير بجر خان لاچار ٿي نالي ماتر ميان عبدالنبيءَ کي تخت تي ويهاريو، پر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون.

انهن واقعن کان پوءِ عبدالنبيءَ، جنهن پنهنجا هٿ پنهنجي عزيزن جي خون سان اڳيئي رڱيا هئا، هڪ ٻئي ماڻهوءَ جي بيگناهه خون ڪرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو. انهيءَ ڏس ۾ هـُـن ڪي قاصد، خانگي طور، جوڌپور جي راجا ڏانهن ڏياري موڪليا هئا، ۽ انجام ڪيو هئائين ته هو امرڪوٽ جو قلعو ڏيارڻ لاءِ انهيءَ شرط تي تيار آهي ته هو کيس مير بجر خان جي مارائڻ ۾ مدد ڪندو. جوڌپور جي راجا مير بجر خان کي قتل ڪرڻ خاطر ٻارنهن راجپوت سنڌ ڏياري موڪليا. اهي جڏهن مير بجر خان جي دربار ۾ پهتا، تڏهن پاڻ کي راجا جو سفير ظاهر ڪري کيس چوائي موڪليائون، ته هو جوڌپور جي راجا وٽان آيا آهن ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪا خوشخبري ٻڌائڻ گهرن ٿا. مير بجر خان کي انهن جي سازش جي خبر جيسلمير جي راجا اڳيئي ڏياري موڪلي هئي، پر هن انهيءَ خيال کان ته ماڻهو نه چون ته ڊِنو آهي، کين اڪيلائيءَ ۾ پاڻ وٽ گهرايو. انهيءَ چريائيءَ جي کيس پوري سزا ملي جو سندس بار بار دوستيءَ جي ناتي کي دهرائڻ تي به هنن کيس نه ڇڏيو ۽ ڪـُـهي ڇڏيائون. انهيءَ جي خون کان پوءِ عبدالنبي ڪلهوڙو مير بجر خان جي پٽ مير عبدالله ۽ مير صوبدار جي پٽ
مير فتح خان وٽ ويو ۽ کين ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته انهيءَ سازش ۾ سندس ڪوبه هٿ ڪونه آهي. ان کان پوءِ کين زور ڪيائين ته هو ساڻس گڏجي محلات ۾ هلن ۽ سندن مهمان ٿي رهن. حقيقت ۾ هن جي دل ۾ اهو فتور هو ته موقعو ملندي ئي کين قتل ڪري ڇڏجي. مير چاڪر خان جي ٻن پٽن مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان کي انهيءَ منصوبي جي خبر هئي، انڪري هنن پڻ ٻين کي انهيءَ خطري کان خبردار ڪيو، ۽ پاڻ ڪاڙهي تـَـتي جو گهوڙا ڪاهي نڪري ويا. نتيجو اجو نڪتو جو مير عبدالله، مير فتح خان ۽ ميرزا ٽيئي عبدالنبي جي هٿان مارجي ويا. مير فتح علي ۽ سهراب خان کي جڏهن انهيءَ واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هن لشڪر گڏ ڪري ڪيتريون ئي خونريز جنگين ڪرڻ کان پوءِ ظالم عبدالنبيءَ کي ملڪ مان تـَـڙي ٻاهر ڪڍيو.

اهڙي طرح ڪلهوڙن جي گهراڻي جي حڪومت پوري ٿي.

مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان پوءِ بادشاهيءَ تي ويهڻ جون سڀ رسمون ادا ڪيون ۽ دهليءَ جي شاهه تيمور ڏانهن نذرانا ڏياري موڪليا، جنهن وري موٽ ۾ کين بادشاهيءَ جو لقب ڏياري موڪليو. مير فتح علي خان ارڙنهن سال حڪومت ڪئي ۽ وفات ڪرڻ وقت فقط هڪ ئي پٽ نالي مير صوبدار خان ڇڏيائين، جو ان وقت نوي ڏينهن جو هو.

مير فتح علي خان کي ٽي ڀائر مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان هئا، جي سندس خاص دوست ۽ صلاحڪار هئا.

مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير غلام علي تخت تي ويٺو.

محمد صادق دائود پوٽي مير صوبدار خان جو طرف وٺي مير غلام علي خان سان جنگ ڪئي. پر مير غلام عليءَ کيس اهڙيءَ ته سيکت ڏني، جو هو هيراوار جي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويو،پر پوءِ آڻ مڃڻ تي کيس وري سندس ملڪ جو بادشاهه بنايو ويو، ۽ مٿس پندرهن هزار رپين جو ڏَن به مقرر ڪيو ويو. مير غلام علي پوءِ سبزل جو قلعو پنهنجي هٿ هيٺ رکيو ۽ دائود پوٽي کان قرآن پاڪ تي عهدنامو لکائي ورتائين. مير غلام عليءَ، دائود پوٽي رئيس جي پٽ کي به يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو، پر پوءِ کيس عزت ۽ احترام سان پڻس ڏانهن واپس ڪيائين. هن به هڪ پٽ نالي مير مير محمد خان ڇڏيو، جو ان وقت ارڙهن سالن جي عمر جو هو.

سندس وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير مراد علي خان تخت نشين ٿيو. مير ڪرم علي خان جيتوڻيڪ مير مراد عليءَ کان وڏو هو، پر ان هوندي به هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حق ۾ تخت تان هٿ کنيو. اهوئي سبب آهي جو مير مراد علي خان کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، ۽ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو.

مير ڪرم علي خان انهيءَ کان پوءِ به اڻٽيهه سال جيئرو رهيو ۽ وفات وقت فقط هڪ ڀاءُ ڇڏيائين، جو تخت ۽ تاج جو اڪيلو وارث هو. اهو هو منهنجو پيءُ، جنهن پاڻ کي خودمختار حاڪم ظاهر ڪيو، ۽ ڪنهن کي به ساليانو ڏَن وغيره نه ڏنائين. سندس حڪومت ۾ سڄي سنڌ، سبزل وارو علائقو ۽ پڻ شڪارپور به شامل هئا. هو هروقت پنهنجي ڀاءُ (مير ڪرم علي خان) جي وقت تي ڏک ڪندو رهندو هو. انڪري کيس دل جي ڀرسان هڪ قسم جو سور محسوس ٿيندو هو. ستن سالن جي آسودگي حڪومت کان پوءِ هن وفات ڪئي، ۽ مون کي، منهنجي ڀاءُ نور محمد خان ۽ سندس ٻن پٽن کي سنڌ جي گڏيل بادشاهي ڏيئي ويو.

 

----------

حصو -2

سنڌ  ۾ويجهڙائيءَ جي واقعن تي تبصرو

اسان جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ڪرنل هينري پاٽنجر اسان ڏانهن اهو ساڳيو عهدنامو بحال ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، جو اسان جي عزت ماب پيءُ مير مراد علي خان ۽ گورنر جنرل لارڊ وليم بينٽڪ جي وچ ۾ ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته انهيءَ عهدنامي ۾ اسان جو نالو ڄاڻايل هو. اهو چوڻ به ضروري ٿيندو ته انهيءَ عهدنامي مطابق اسان جي والد - انگريزن کي ۽ پڻ ڪمپنيءَ جي واپارين کي واپار لاءِ اچ وڃ جون سهوليتون ڏنيون هيون. اهڙيءَ موڪل ڏيارڻ ۾ سچ پڇو ته منهنجو ئي وڏو هٿ هو، ڇاڪاڻ ته مون ئي پنهنجي پيءُ تي اثر وجهي اها اجازت ڏياري هئي. جڏهن ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد جي گورنر جنرل پاران اهڙي اجازت وٺڻ آيو هو، تڏهن منهنجو والد اهڙي موڪل ڏيڻ کان نٽائي رهيو هو، پر منهنجي زور رکڻ تي هـُـن اهڙي اجازت ڏني. اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون نه فقط هن دفعي پنهنجو اثر انگريز سرڪار جي فائدي ۾ استعمال ڪيو هو، پر انهيءَ عهدنامي جي پاس ٿيڻ کان اڳ، جڏهن سر اليگزينڊر برنس، لاهور وڃڻ لاءِ منهنجي پيءُ کي لکيو هو، ته انهيءَ وڻندڙ نديءَ (يعني سنڌوءَ) مان کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. انهيءَ وقت به مون پنهنجي پيءُ کي راضي ڪري کيس اجازت ڏيڻ تي مجبور ڪيو. افسوس آهي انهيءَ ڳالهه جو، ته جيتوڻيڪ مون انگريز سرڪار لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري کين سهوليتون ڏياريون، پر مون کي جنهن نموني ۾ ان جو معاوضو مليو، اهو عالم آشڪار آهي.

ڪرنل پاٽنجر عهدنامي کي بحال ڪرڻ لاءِ ٿورا ڏينهن پوءِ اسان سان اچي مليو، ۽ اسان جي والد جي وفات تي ڏک ظاهر ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هو ڪڇ هليو ويو ۽ لارڊ آڪلنڊ جي مهر سان خط اسان ڏانهن ڏياري موڪليائين، جنهن ۾ لکيل هو ته گورنر جنرل اسان کي پنهنجو دوست ٿو تصور ڪري ۽ ڪڏهن به ڪنهن سبب يا عذر جي ڪري اسان جي ملڪ يا حڪومت تي بري نظر نه وجهندو، اهو خط ڏسي اسان جي دل کي يقين ٿيو ته انگريز اسان سان ڪڏهن به نه کؤنسندا، ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جو ذري جيترو شڪ به دل ۾ نه رهيو. انهيءَ يقين سبب اسين اهو محسوس نه ڪري سگهياسين، ته قسمت جي قلم اسان جي نـِـرڙ تي ڇا لکيو آهي.

انهيءَ کان پوءِ اسان هڪ ميٽنگ ڪوٺائي ۽ انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪيو ته انگريز حڪومت جو هڪ وڪيل يا سفير اچي اسان جي دربار ۾ رهي. انهيءَ ڏس ۾ اسان سر هينري پاٽنجر کي به لکيو، جنهن جواب ڏنو ته هو اسان وٽ سفير رکڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿو ڪري. پر ان هوندي به هو اسان جي انهيءَ خواهش کي گورنر جنرل جي ڄاڻ لاءِ سندس اڳيان رکندو ۽ انهيءَ جو سربستو احوال ڏياري موڪليندو.

انهيءَ کان ٿورو پوءِ ڪرنل اسان سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. اسان وڏيءَ خوشيءَ سان سندس اها عرضداشت قبول ڪئي ۽ پنهنجيءَ درٻار جا امير ڏياري موڪليا، جي کيس عزت ۽ احترام سان وٺي آيا. ملاقات جي هلندي ڪرنل اسان کي چيو ته انگريز فوج کي ڪابل جي مهم تي وڃڻ لاءِ ان کي درياهه ۽ پڻ خشڪيءَ جي رستي لنگهڻ جي اجازت ڏني وڃي. جڏهن انهيءَ ڳالهه جي ميرن ۽ سڀني ٻروچن کي خبر پيئي، تڏهن سڀني گڏجي ان جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته انگريز کي ننڍين ننڍين سهوليتن ڏيڻ سان هو پاڻ کي ڪنهن وڏي آزار ۾ وجهي ڇڏيندا. پر جيئن ته اسين دل جا صاف ماڻهو آهيون، ۽ هر ڪنهن کي اهڙوئي سمجهون ٿا، انڪري مون ۽ منهنجي ڀاءُ ڪرنل پاٽنجر جي انهيءَ گذارش کي به قبول ڪيو، ۽ ٻروچن کي به گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ مس مس راضي ڪيوسون. انهيءَ اجازت ڏيڻ وقت اسان ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع ڏنو ته اها اجازت اسان وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڏيئي سگهيا آهيون. اجازت ملڻ کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد مان هليو ويو ۽ هن درياء جي ڪپ تي ڪئمپ لڳائي، انگريز فوج کي بمبئيءَ مان ڪابل ڏانهن سنڌ جي رستي وڃڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ اجازت ڏيڻ جي ڪري اسان تي ڏاڍي نڪتچيني ٿي ۽ اسان ماڻهن جا ڪيترائي ڏوراپا سٺا. اهو انهيءَ ڪري، جو اسان اها اجازت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف ڏني هئي. اسان اها اجازت انهيءَ ڪري ڏني هئي، ته انگريز سرڪار اسان تي ڪنهن به طرف کان ٿيل اڳرائيءَ کان وقت سر مدد ڪندي. پر آزمودي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته جيڪي اسان سوچيو هو، انهيءَ جي بلڪل ابتڙ ٿيو. انگريزن جي فوج جڏهن باري گارا وٽ پهتي، تڏهن اسان کي چيو ويو ته نه فقط رسد جو سامان پهچايون، پر ان سان گڏ اسٽيمرن لاءِ ٻرندڙ ڪاٺ به رسايون. ڪهڙيءَ طرح اهي شيون مون انگريزن کي رسايون، انهيءَ جو هتي ذڪر ڪرڻ فضول آهي. انهيءَ ضرورت وقت آءٌ جيڪو انگريزن سان وهيس، اهڙو ٻيو ڪوبه ڏيهي حاڪم نه وهيو هوندو.

انگريزن جي فوج جڏهن حيدرآباد کان چوڏهن ڪوهه پري جهرڪن وٽ ڪئمپ هنئي، تڏهن سر جان ڪئين عهدنامي ۾ ڏنل فقرن جي خلاف ورزي ڪندي، اسان کان فوج جو خرچ ايڪيهه لک رپيا جنس ۾ اڳاڙڻ جي طلب ڪئي، ۽ پڻ ٽي لک ساليانو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. انگريزن وٽ اها ڳالهه عام رهي آهي، ته هو پنهنجي عهدنامن ۾ اهو فقرو ضرور شامل ڪندا آهن، ته اهو ”هڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهيءَ تائين قائم رهندو“. پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي عهدنامي جو مـُـدو پنهنجي مرضيءَ ۽ سولائيءَ خاطر وڌائيندا ۽ گهٽائيندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو اسان کي انهيءَ جو نهايت اگرو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي.

انهيءَ کان پوءِ هڪ نئون عهدنامو منهنجيءَ صحيح لاءِ موڪليو ويو، جنهن ۾ چوويهه فقرا هئا، انهيءَ کي به مون قبول ڪيو. پر اڃا منهنجيءَ صحيح ۾ استعمال ڪيل مـَـس سـُـڪي ئي ڪانه هئي، ته ميجر جنرل سر چارلس نيپئر پنهنجي فوج سان سنڌ ۾ داخل ٿيو، ۽ منهنجي منظوريءَ لاءِ هڪ ٻيو عهدنامو ڏياري موڪليائين. انهيءَ عهدنامي جا شرط نهايت ذليل هئا، ۽ انهن کي قبول ڪرڻ ۾ اسان جي پڄاڻي هئي. انڪري اسان هڪ وڪيل سکر ڏانهن ميجر جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جيئن هو کيس سڄو معاملو وڃي سمجهائي. پر هـُـن ڪا ڳالهه ڪانه ٻڌي ۽ صاف طور تي چيائين ته هو ڳالهيون ڪرڻ ڪونه آيو آهي. هو فقط لارڊ ايلنبرو جي حڪمن جي پوئواري ڪرڻ آيو آهي، ۽ جيڪڏهن اسان انهيءَ عهدنامي جي شرطن کي قبول نه ڪيو، ته پوءِ هو برباديءَ جي باهه ٻاري ڏيندو. هـُـن پوءِ سکر وٽ ندي اُڪري لاهوريءَ وٽ ڪئمپ هنئي ۽ خيرپور جي رئيس مير رستم خان کان حڪومت تان دستبردار ٿيڻ جي گهـُـر ڪئي. نيپئر کيس اهو به دڙڪو ڏياري موڪليو، ته جيڪڏهن هـُـن ائين نه ڪيو ته پوءِ پاڻ صبح جو خيرپور تي حملو ڪندو. هـُـن پڻ سندس خانگي رهائشگاهه تي فوجين جي حملي جو به ڪو جواب ڪونه ڏنو. مير رستم خان، ويچارو پير مرد، ڪمزور، بي يار ۽ مددگار هو، تنهن ڏٺو ته خبر نه آهي ته ڇا ٿئي، سو خيرپور ڇڏي باجيءَ هليو ويو ۽ اتان نار کان ٿيندو وڃي ڪاٺوڙيءَ کان نڪتو. سندس ڏوهه فقط اهو هو جو انگريزن جي فوجي ٽپال مان هڪ خط گم ٿي ويو هو، ۽ اهو شڪ ڪيو ويو ته ڪنهن بدمعاش اهو چورايو آهي. سر چارلس نيپئر انهيءَ تي مير رستم خان کان انهيءَ چور جي ٻانهن گهـُـري، پر جيئن ته مير رستم خان ڪشف جو علم ڪونه ڄاڻندو هو، انڪري انهيءَ نامعلوم ڏوهاريءَ کي پيش ڪري نه سگهيو. ميجر جنرل انهيءَ تي کيس حڪومت ڪرڻ جي لائق نه سمجهي، کيس سندس حڪومت مان ڊوڙائي ٻاهر ڪيو. مير رستم خان جي منٿن ۽ ايلازن ميجر جنرل تي ڪوبه اثر نه ڪيو. انڪري هـُـن فقط هڪ سهارو ساري حيدرآباد جو رخ رکيو، ته من اتي سندس معاملو طئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ميجر جنرل پاڻ به ته حيدرآباد ڏي اچي رهيو هو.

اسان ميجر جنرل جو دشمنيءَ وارو رويو ڏسي ڪرنل آئوٽرام کي انهيءَ جي تفصيل کان واقف ڪيو. ڪرنل آئوٽرام انهيءَ تي يڪدم خيرپور کان حيدرآباد پهتو ۽ اسان کي اطلاع ڏنائين ته جيسين اسين انهيءَ عهدنامي تي، جيڪو ميجر جنرل اسان کي موڪليو آهي، صحيحون نه ڪنداسين، تيسين اسان جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ويندي. اسان نيٺ ميجر جي اها خواهش به پوري ڪئي. هو اسان وٽ نائين فيبروريءَ تي وري آيو ۽ اسان جون ڳالهيون ٻڌي چيائين،ته هو اسان وٽ هڪ يورپي موڪلي رهيو آهي، جنهن کي هڪ تـِـکي اُٺ تي چاڙهي، سرچارلس ڏانهن موڪلجي، ته جيئن پنهنجين فوجن جي اڳرائيءَ کي روڪي. اسان ائين به ڪيو. پر يارهينءَ فيبروريءَ جو اهي اٺ سوار، جي انهيءَ يورپيءَ سان گڏجي ويا هئا، سي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته انهيءَ يورپيءَ جي پهچڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ حيدرآباد ڏانهن اچي رهيو هو. اسان اها خبر به ڪرنل آئوٽرام کي پهچائي ڏني، جو هڪدم اچي اسان جي قلعي ۾ مليو، ۽ قسم تي ويساهه ڏنائين، ته سر چارلس نيپئر جي اسان سان ڪابه دشمني ڪانهي ۽ اسان جيڪڏهن انهيءَ عهدنامي تي سيل مهر هڻنداسين ته هو واپس هليو ويندو. مون جڏهن اهو عهدنامو کيس سيل مهر ڪري ڏنو، تڏهن هـُـن چيو ته هاڻي دلجاءِ ڪريو، آءٌ هڪدم هي عهدنامو سر چارلس ڏانهن پنهنجي طرفان هڪ خط سميت ڏياري ٿو موڪليان. مون کي پڪ آهي ته انهيءَ جي ملڻ سان هو هڪدم واپس هليو ويندو. ميجر انهيءَ تي هڪ خط انهيءَ عهدنامي سا گڏي ڏنو، ۽ مون اهو هڪدم هڪ اوٺي سوار جي هٿان سر چارلس ڏانهن ڏياري موڪليو. چوڏهين تاريخ تي اهو اوٺي سوار به واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته انهيءَ خط به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. مون انهيءَ تي بنا ڪنهن دير جي اها خبر ڪرنل آئوٽرام کي پهچائي، پر هـُـن انهيءَ تي ڪوبه وڌيڪ خيال ڪونه ڏيکاريو. انهيءَ روش تي ٻروچ بگڙي پيا، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪري ئي هنن انگريزن کي سندن ملڪ مان، ڪابل جي مهم وقت رستو ڏنو هو، منهنجي ڪري هنن انگريزن کي ايڪيهه لک رپيا خرچ طور ۽ ٽي لک رپيا ساليانو به ڏيڻ قبول ڪيو هو، ۽ آخر ۾ جڏهن انگريزن پهرئين، ٻئي ۽ پڻ ٽئين عهدنامي جي ڀڃڪڙي ڪئي، تڏهن به ماٺ ۾ رهيا. پر جڏهن ڏٺائون ته هيترين رعايتن ۽ لحاظ کانپوءِ به انگريز دشمنيءَ تي ڪمرڪشي بيٺو آهي،تڏهن سندن ڪاوڙ دٻجي نه سگهي، ۽ هـُـو چريا ٿي پيا ۽ منهنجي حڪمن جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيائون.

کين جڏهن اها خبر پيئي ته سر چارلس نيپئر حيات خان کي قيد ڪيو آهي، تڏهن هنن اهو عهد ڪيو ته انهيءَ جو بدلو ڪرنل آئوٽرام کان ورتو وڃي. جڏهن مون اهو ٻڌو، تڏهن جهان خان ۽ حاجي غلام محمد کي ٻارهن هٿياربند ماڻهن سان ڪرنل آئوٽرام جي همراهه ڏياري موڪليم ته متان بگڙيل ٻروچ مٿس حملو ڪري ڏين، ۽ هو کيس حفاظت سان سندس ماڳ تائين پهچائي اچن. اهڙيءَ طرح کيس تمام سٺي نموني ۾ سندس ڪوارٽرن تائين پهچايو ويو، جيتوڻيڪ ان وقت

ميجر سي. واڊنگٽن انگريزي لشڪر جي ڪمانڊنگ انجنير طرفان تيار ڪيل، مياڻيءَ جي جنگ جو نقشو، جيڪا 17- فيبروري 1843ع تي، سنڌ جي ميرن جي بلوچ لشڪر ۽ ميجر جنرل، سر چارلس نيپئر جي ڪمان هيٺ انگريزي لشڪر جي وچ ۾ لڳي.

ٻروچن جا ڪي جٿا کانئس وير وٺڻ جي ارادي سان هيڏانهن هوڏانهن پئي وڙڪيا. آخر ۾ جڏهن مون کي اها خبر پيئي ته ٻروچ ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪرڻ وارا آهن، تڏهن مون وقت تي اها خبر ڪرنل آئوٽرام تائين پهچائي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ميجر کي اها خبر وقت سر نه پهچي ها، ته پوءِ کيس جان جو وڏو خطرو هو. انهن مثالن مان ئي منهنجي انگريزن ڏانهن نيڪ نيتي پوريءَ طرح پڌري ٿيل آهي.

14- تاريخ اُٺ سوار واپس آيو ۽ ٻڌايائين ته ميجر جنرل ڪنهن به ڳالهه جو خيال نه ڪندي، جنگ جي نيت سان حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌي رهيو آهي. انهيءَ تي ٻروچ، جن جو تعداد چار يا پنج هزار هو، سي سندس حملي کي روڪڻ لاءِ حيدرآباد کان ٻاهر نڪتا. مون جڏهن اهو ٻڌو تڏهن سندن پٺيان ويس، ۽ کين سمجهايم ته انگريز ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندا ۽ ميجر جنرل ڪڏهن به هڪ دوست ملڪ تي اهڙيءَ طرح حملو نه ڪندو. آءٌ به ساڻن گڏ هئس.

اسان کي جنگ ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو، جيڪڏهن منهنجو اهڙو ارادو هجي ها ته پوءِ آءٌ شروعات کان وٺي اهڙو قدم کڻان ها، آخري  وقت تائين ڪونه ترسان ها. انهيءَ صورت حال مان پڻ منهنجي بيگناهي ثابت ٿي ٿئي. ٻه راتيون ۽ هڪ ڏينهن جي سمجهائڻ کان پوءِ مس مس ٻروچ انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيا، ته هو وڙهندا ڪونه. پر جيئن ته انگريزن جون فوجون اڳرائي ڪري وڌي رهيون هيون، انڪري هو ميدان ڪونه ڇڏيندا. هو انهيءَ ڳالهه تي به راضي ٿيا ته سر چارلس نيپئر ڏانهن هڪ وڪيل موڪلي کيس آگاهه ڪجي ته اسين اڃا انگريزن جا دوست آهيون.

ٽئين ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو جنرل جي فوجن اسان جي مٿان توبون ڇوڙي گولن جا وسڪارا ڪري ڏنا. ٻروچن به لاچار جواب ۾ توبون هلايون. اسان جي طرف هزارين ماڻهو مارجي ويا، ۽ ٻيا ٽڙي پکڙي ويا. آءٌ ميدان تي فقط ارڙهن ماڻهن سان وڃي رهيس. پر جڏهن مون ڏٺو ته سڀ ڀڄي ويا آهن ۽ انگريز به ظلم ۽ تشدد تي سندرو ٻڌيو بيٺو آهي، تڏهن آءٌ حيدرآباد هليو ويس.

حالتن کي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. منهنجا پنهنجا ماڻهو مون کي ڇينڀي رهيا هئا: انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن آءٌ شروعات کان انگريزن کي سنڌ مان لنگهڻ نه ڏيان ها، ته جيڪر هيءُ ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها، جيڪڏهن مون کي انگريزن سان وڙهڻو هجي ها ته پوءِ آءٌ حيدرآباد ڇڏي جبلن ۾ هليو وڃان ها، ته فوجون گڏ ڪري ساڻن جنگ جوٽيان ها، پر مون کي دل ۾ اهڙو ڪوبه خيال ڪونه هو. اهوئي سبب آهي جو ٻئي ڏينهن آءٌ پاڻ انگريز ڪئمپ ۾ هليو ويس ۽ پنهنجي تلوار جنرل کي پيش ڪئي ۽ چيومانس ته: ”تو مون سان ڇو جنگ ڪئي آهي، جڏهن ته مان تنهنجو سڀڪو چوڻ مڃيندو آيس“. جنرل مون کي تلوار واپس ڪندي کلي چيو ته، ”پريشان نه ٿيءُ. پنجويهن ڏينهن اندر تنهنجو معاملي جو فيصلو ڪيو ويندو“، ۽ وڌيڪ چيائين، ”فوجن کي واپس ڪري ڇڏ ۽ مير رستم خان کي گهرائي وٺ، مون کي ساڻس ملڻو آهي.“

مون فوجن کي هٿيار کولي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ مير رستم خان به اچي حيدرآباد پهتو. مون سان گڏ کيس ۽ پڻ مير شهداد خان کي قيد ڪيو ويو. سر چارلس نيپئر ميجر ريڊ ۽ ٻين انگريز حضرات کي انهيءَ بهاني سان قلعي ۾ موڪليو ته هو قلعي جو معائنو ڪندا.

سياڻا ماڻهو جڏهن اها خبر ٻڌندا تڏهن اچرج ۾ افسوس وچان ڏندين آڱريون پئجي ويندن. اهي هيون حالتون، جن ۾ اسان کي قيد ڪيو ويو. قلعي کي ڏسڻ جي بهاني تي هن مٿس قبضو ڪري ورتو، ۽ اهڙي ته ڦرلٽ ۽ تباهي مچائي ڏنائون، جو سپاهين جي ٻانهن هيٺان هيرا ۽ جواهر اهڙيءَ طرح ڪـِـرڻ لڳا جهڙا واريءَ جا داڻا.

قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ مير محمد خان کي قيد ڪيو ويو، ۽ ٻئي ڏينهن مير صوبدار خان کي ٻاهر آڻي قيد ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ مير صوبدار خان جي ٻن پٽن مير فتح علي خان ۽ مير محمد خان ۽ منهنجي پٽن مير حسن علي ۽ عباس علي کي قيد ڪري اتي آندو ويو، جتي آءٌ اڳيئي نظر بند هئس. منهنجي پٽن جي اهڙيءَ ته حالت ڪئي هئائون جو نه ته کين شاهاڻو چوغو پيل هو، ۽ نه وري ڪا تلوار ٻڌل هئن. جن گهوڙن تي هو چڙهي آيا هئا، تن کي سونا سنج پيل هئا. اهي کانئن کسيا ويا ۽ سندن اصرار ڪرڻ تي به کين واپس نه ڪيا ويا. جيڪو به سون ۽ قيمتي شيون هٿ آيون، انهن کي بند ڪري بمبئيءَ موڪليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مير حسن علي خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان کي بمبئيءَ موڪليو ويو. اهو ڦـُـر جو مال جو بمبئيءَ ڏانهن موڪليو ويو، تنهن جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن ڪروڙ رپين جي هوندي.

اسان تي جيڪي ڪجهه گذريو، انهيءَ جو تفصيل ڏيڻ بيڪار آهي. اسان جا غاليچا،پٿراڻيون، چادرون ۽ پائڻ جا ڪپڙا به اسان کان کسيا ويا. نه فقط ايترو، پر اسان جا ڪتاب، جن سان اسين دل وندرائيندا هئاسون، اهي به اسان کان انگريز ڦري ويا. جيڪي اسان جي قسمت ۾ هو، اهو اسان سـَـٺو. آءٌ انڪري نه ته لارڊ ايلنبرو يا سر چارلس نيپئر جي شڪايت ٿو ڪريان، ۽ نه وري ڪنهن ٻئي انگريز اختياريءَ واري جي خلاف ڪجهه چوڻ ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته منهنجي تقدير ۾ اهو لکيل هو، ته جن سان مون دوستي رکي هئي، سي منهنجا دشمن ٿي ويا! سڀ ساراهون الله پاڪ کي ئي آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته پنهنجي ڪٿا ٻڌائڻ ۾ ڏاڍي ڊيگهه ڪري ويو آهيان، ان ڪري اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اسان کي قيد ڪري، پهرين بمبئيءَ موڪليو ويو، پوءِ سامور ۽ اتان پوءِ مير شهداد خان کي اڪيلو سورت ڏانهن موڪليو ويو. سال کن گذرڻ کان پوءِ اسان کي ڪلڪتي ۾ آندو ويو. (جتي اسين هاڻي آهيون).

اها هڪ اچرج جهڙي ڳالهه چئبي، ته انهيءَ سڄي عرصي ۾ بمبئيءَ جي گورنر کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو اسان کان اهو پڇڻ  ڪونه آيو، ته اسان جو گناهه ڪهڙو آهي، جنهن جي ڪري اسين هي سزا ڀوڳي رهيا آهيون!

(حصي پهرئين تي نوٽ)

(1) هجرت کان ٻيانوي سال پوءِ (677) بغداد جي خليفن دين اسلام جي جذبي هيٺ ۽ پڻ سنڌ جي بـُـت پرستن کان (اهي لفظ مسلمان عموما هندن لاءِ استعمال ڪندا هئا) بيعزتي جي وير وٺڻ لاءِ هڪ فوج هئي، جا انهيءَ ساڳئي رستي کان سنڌ اندر داخل ٿي جو، مقدونيا جي بهادر، واپس بابل وڃڻ وقت اختيار ڪيو هو. (پاٽنجر ان بلوچستان اينڊ سنڌ).

(2) ڪلهوڙن جو خاندان پنهنجو شجرو حضرت عباس جي پيڙهيءَ ۽ شاهي گهراڻي کان شروع ڪري ٿو، جو پيغمبر جو چاچو هو، پر سنڌ ۾ سندن لـَـئي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي ڪري ٿي، جو بلوچستان جو رهاڪو هو. هو پنهنجي چڱيءَ چال ۽ نيڪ زندگيءَ جي ڪري هڪ مشهور مسلمان درويش جو مريد چونڊيو ويو. سندس پويان انهيءَ اعزاز جي ڪري پندرهينءَ صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري هي ڏاڍيءَ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا. 1705ع ۾، اورنگزيب بادشاهه کين جاگير عنايت ڪئي، جنهن جي ڪري سندن مذهبي اثر پاڻ گهڻو وڌي ويو. ساڳئي وقت،جڏهن اورنگزيب کين هڪ فرمان جي ذريعي سندس عيوضيءَ کي ٺٽي جي حڪومت عطا ڪئي، تڏهن ته پاڻ سندن رعب ۽ تاب ماڻهن ۾ پيدا ٿي ويو. (اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ باءِ ڊاڪٽر. جي. برنس. ڪي. ايڇ ص 13)

(3) جنهن کي قوم جو گـُـل (يا هيرو) ڪري سڏجي- (ايضا- ص 13)

(4) ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته نادرشاهه جي حملي وقت ميان نور محمد اڳيئي، ٺٽي جو گورنر ٿيو ويٺو هو. انهيءَ عهدي تي کيس مغل بادشاهه محمد شاهه به تسليم ڪيو هو. اهڙيءَ ريت، انهيءَ ساڳيءَ سـَـند موجب، نادر شاهه سنڌ جي فتح کان پوءِ، وري به انهيءَ علائقي جي حڪومت سندس حوالي ڪري کيس شاهه قلي خان جو لقب ڏنو هو ۽ سندس سٺي چال متعلق ضمانت ۾ سندس ٽي پـُـٽ (مراد ياب خان، عطر خان ۽ غلام شاهه خان) پاڻ سان وٺي ويو، جن جي باري ۾ مير نصير اڳي ٻڌايو آهي. نادر شاهه جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن ٽنهي ڀائرن کي سندن پيءُ ڏانهن واپس ڪيو ويو. (پاٽنجر ۽ پوسٽنس).

انهيءَ جملي جي سمجهاڻيءَ ۾ مير ٻڌايو ته نادر شاهه جي موت کان پوءِ نور محمد ملڪ تي قبضو ڪري ورتو، پر ان هوندي به هو افغانن  جو ڏَن - ڀرو ٿي رهيو.

(5) مراد ياب خان يا مراد يار خان، جو نادرشاهه جو يرغمال هو.

(6) پوسٽنس جي چوڻ موجب مراد ياب خان کان پوءِ غلام شاهه تخت تي ويٺو ۽ ٿوري وقت ۾ عطر خان سندس ڀاءُ کانئس حڪومت کسي پاڻ حاڪم بنجي ويو، پر پوءِ غلام شاهه وري طاقت ۾ اچي ويو ۽ تخت ڌڻي ٿيو.

(7) ڪڇ جي راجپوتن کان وير وٺڻ خاطر، جي پنهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا هئا ۽ پڻ، ڪڇ جي ماڻهن جي پنهنجي ملڪ ۾ بهادريءَ سان مدافعت ڪرڻ سبب، هو ايڏو ته ڪاوڙيو، جو هـُـن ڪڇين کي ستائڻ لاءِ حڪم ڏنو، ته درياهه جي ٻيءَ ڀر هڪ بند ٻڌو وڃي،ته جيئن درياهه جو پاڻي ڪڇ ملڪ کي آباد نه ڪري سگهي. اهڙو ظالماڻو حڪم فقط ايشيا جا ظالم حاڪم ئي ڏيئي سگهن ٿا. انهيءَ حڪم جو ڪڇ ملڪ ۽ ان جي آبادي تي اهڙو ته خراب اثر پيو، جو ايندڙ نسلن ۾ به يادگار رهندو. بند ٻڌائڻ کان سواءِ هن درياهه جي پاڻيءَ کي گهٽائڻ ۽ ڇڙوڇڙ ڪرڻ خاطر ڪئين واهه کوٽايا،انهيءَ غرض  سان، ته پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪڇ ڏانهن نه وڃي سگهي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪڇ جي راجا جي اڌ اپت مارجي ويئي، ۽ ان سان گڏ هن هزارين خاندانن جي اميدن ۽ آسرن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هڪ سرسبز ۽ آباد ملڪ صفا اجڙ ٿيو ويو، ۽ اهو ڪڇ تي اهڙو ته ڪاري زخم ٿي لڳو، جنهن جي اڃا تائين ڪابه تلافي نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ سمنڊ جي وير اچڻ جي ڪري اهو سڄو ملڪ ڌُٻـڻن سان ڀريل هڪ کارو ميدان ٿي ويو آهي ۽ اڃا تائين ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي.

-(ڊاڪٽر. جي. برنس. ص. 13).

(8) صوبدار خان.

(9) ڪئپٽن پوسٽنس ٻڌائي ٿو ميان محمد خان جيئن ته حڪومت هلائي نه سگهيو، انڪري سندس جاءِ سندس ڀائٽيي غلام شاهه خان ورتي. جيئن ته اها چونڊ به ٺيڪ نه نڪتي، ان ڪري سن 1778ع ۾ غلام نبيءَ کي مسند تي ويهاريو ويو.

(10) ٻه قاتل. (برنس ۽ پوسٽنس).

(11) ۽ مير بهرام جو پوٽو.

(12) هيءُ بيان ڪئپٽن پوسٽنس ۽ ڊاڪٽر برنس جي بيان سان نٿو ملي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجر خان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سڀ ٽالپر ڪلهوڙن جي خلاف اٿي کڙا ٿيا هئا.

عبدالنبيءَ جي ڀاڄ ۽ وري افغانن جي مدد سان سندس تخت نشين ٿيڻ. سندس هٿان عبدالله خان جو  خون ۽ پوءِ سندس آخرين ڀاڄ وغيره. هن پنهنجا پويان ڏينهن گمناميءَ ۾ پورا ڪيا. ”غربت ۽ ڌڪار جي جلاوطني“.

(13) وير يا ڪنهن نامعلوم ڌڪار جي باهه وچان انڌو ٿي پيو، جو مير عبدالله خان کي بيعت ڪرڻ جي ٽن ڏينهن کان پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيائين. (ڪئپٽن پوسٽنس).

(14) ڪئپٽن پوسٽنس جي سند موجب مير فتح علي خان جي ڀائٽيي مير سهراب خان ۽ فتح خان جي پٽ مير تارا، فتح علي خان جي اختياريءَ کي نه مڃيندي لاهري بندر ۽ شاهبندر تي قبضو ڪري ورتو، ۽ تيمور شاهه کي ڏَن موڪلي خودمختيار ٿي ويا. اهڙيءَ طرح، ملڪ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هرهڪ مٿان هڪ خودمختيار حاڪم ٺهي ويو. ليفٽيننٽ پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته فتح خان ملڪ جا وڏا حصا پنهنجي خاندان جي فردن ۾ ورهايا هئا، جن ۾ مير سهراب خان ۽ مير تارا خان کي چڱو چوکو حصو مليو. جڏهن مير نصير خان کان انهيءَ بابت پڇا ڪئي ويئي، تڏهن هـُـن انهيءَ جي تصديق ڪئي. شاهبندر جي جاگير مير تارا خان کي ڏني ويئي، مير سهراب جي حڪومت جي گادي خيرپور آهي.

(15) کيس تيمور شاهه سنڌ ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي اختياري ڏني هئي. ليفٽيننٽ پاٽنجر ۽ ڪابل جي بادشاهه به کيس اهڙي سند ڏيئي، سندس حڪومت تسليم ڪئي هئي.

(16) هيءُ هڪ اهڙو خال آهي جو دلچسپيءَ جي مضمون سان ڀريل آهي ۽ انهيءَ جو مڪمل احوال پوسٽنس جي ضخيم ڪتاب ۾ ڏنل آهي.

(17) تخت تي ويهڻ سان هـُـن فراخدل شهزادي پنهنجن ننڍن ڀائرن مير غلام علي خان، ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي به انهيءَ اوچي درجي تي فائز ڪري، کين پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنايو. انهن چئني پوءِ متفق ٿي اهو فيصلو ڪيو ته چارئي گڏجي، سنڌ تي ”سنڌ جا امير يا رئيس“ جي نالي سان حڪومت ڪندا. هنن پاڻ ۾ اهڙي ته زوردار ۽ اڻ ٽـُـٽندڙ محبت قائم ڪئي، جو کين ”چار يار“ جي مشهور لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي چار دوست. (ڊاڪٽر برنس.)

(18) مير غلام علي 1812ع ۾ هرڻ جو شڪار ڪندي هڪ ڦاڙهي جي ٽڪر لڳڻ سبب مري ويو. (پاٽنجر).

(19) مير فتح علي خان وفات وقت پنهنجو سڄو ملڪ ميراث ۾ پنهنجن ٽن ڀائرن کي ڏيئي ڇڏيو، (انهيءَ ملڪ کان سواءِ، جو مير سهراب ۽ تارا جي قبضي ۾ هو، جنهن ۾ خيرپور ۽ اُتر سنڌ جا علائقا به اچي ٿي ويا)جي عمر جي لحاظ کان سنڌ جا امير يا رئيس سڏيا ٿي ويا. مير فتح علي خان جي ملڪ مان مـُـنو انهن مان وڏي (غلام علي) کي ۽ سـَـوا باقي رهيل ٻن حصن ۾ هر هڪ کي مليو، مکيه امير (غلام علي) کي وڌيڪ اختياريون مليون.

(20) هاڻوڪا سنڌ جا مير يعني ته اهي بهادر ٻروچ، جن جي ڪردار کي سندن اڳين جائنشينن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، تن کي هڪٻئي لاءِ ڏاڍي محبت ۽ الفت هئي. اها ٽالپر خاندان جي وڏي ۾ وڏي خاصيت هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو هو گهڻي وقت تائين طاقت ۾ رهيا. مير نصير خان جو مثال وٺو، جو تمام گهڻين ڌتاريندڙ لالچن هوندي به اعتدال کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. هيءُ رئيس ڪـَـرڙوڍ عمر کي پهچي چڪو آهي، پر ان هوندي به هـُـو ايڏو فراخدل، داناءُ ۽ خوش ذوق ماڻهو آهي، جو ماڻهو کيس دل و جان سا محبت ڪن ٿا. هـُـن کي يورپين جي سنگت ۾مزو ايندو آهي، ۽ کيس چڱي بري پير کڻڻ جي طاقت به آهي، پر ان هوندي به هن ڪڏهن به غلط رستو استعمال نه ڪيو ۽ اها سڄي قوت هـُـن گڏيل حڪومت جي استحڪام کي قائم ڪرڻ ۾ صرف ڪئي آهي. سندس ٻين ٻن ڀائرن لاءِ به مون کي هڪ اهڙي آفيسر کان خبر پهتي آهي، جو سرحد تي مقرر ٿيل هو، ته اهي به اڻ ٽٽندڙ محبت جي ناتي ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. مير محمد خان ۽ صوبدار خان جيتوڻيڪ گهٽ مشهور آهن، پر ان هوندي به هو وڏو اثر رکن ٿا، جنهن کي استعمال ڪرڻ سان هو ڪجهه ڪري سگهيا ٿي. خاص ڪري، مير صوبدار خان، جنهن کي پنهنجي هڪ طاقتور ٻروچ جماعت به آهي، پر هن ڪڏهن به انهيءَ کي غلط نموني ۾ استعمال نه ڪيو آهي. اهي سڀ مثال انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا، جي ڪتاب ۾ ڄاڻايا ويا آهن.

        -(ڊاڪٽر برنس، اپريل 1839ع مهاڳ ص -9)

مير محمد خان

مير غلام علي خان جو پٽ مير محمد خان رتبي جي لحاظ کان مکيه ميرن کان پوءِ پهريون نمبر مير آهي. سندس عمر ٽيهه سال کن ٿيندي، ۽ هو هڪ سهڻو شخص آهي، رڳو سـَـهي وانگر ٿـُـلهن چپن جي ڪري خراب پيو لڳي. کيس پنهنجي پيءُ کان وڏي ملڪيت ۽ سياسي اثر ورثي ۾ مليو. هو ڪجهه وقت پنهنجن چاچن سان گڏ مسند تي ويهندو هو ۽ ساڻن گڏ کيس به ٻاهران ايندي،قلعي جي ديوار تان سلامي ملندي هئي. پر جيئن ته هو هڪ معتدل  ماٺيڻو شخص هو، انڪري سندس ملڪيت جو ڳچ حصو مير مراد علي ۽ سندس قربدار نوڪر انهيءَ بهاني تي ڦٻائي ورتو، ته هو انهيءَ جي سنڀال نٿو ڪري سگهي. ساڳئي وقت هن انهن سڀني اعزازن ۽ شاهي اهڃاڻ تان به بنان ڪنهن پڇتاءُ جي دستبرداري ظاهر ڪئي. هو هڪ سٺي سڀاءُ جو ماڻهو آهي، جنهن کي حڪومت جي معاملن يا پريڊ وغيره سان ڪابه دلچسپي ڪانهي. کيس سندس زيردست ڏاڍو ڀائيندا آهن، جن مان ڪيترن سندس نوڪريءَ مان چڱو فائدو پرايو آهي، ۽ شاهوڪار ٿي ويا آهن. مير محمد خان کي ڪوبه ڪٽنب وغيره ڪونه آهي.

        -(ڊاڪٽر برنس، اپريل 1839ع، ص - 57)

مير محمد نصير خان

مير محمد نصير خان، مير مراد علي خان جو ٻيو پٽ آهي، ۽ سنڌ جي حاڪم خاندان ۾هڪ رلڻو ملڻو  هر دلعزيز شخص آهي، سندس عمر پنجويهه سال آهي ۽ سندس شبيهه به سهڻي آهي. سندس منهن مان شاهاڻي شان و شوڪت ۽ وڏائي بکي رهي هئي. سندس شبيهه کي ڏسڻ سان ئي ماڻهو ڀانپي ويندو ته هو شاهاڻو ٻار آهي، ۽ سندس منهن سندس پيءُ يا ڀاءُ جي منهن وانگر ڪنهن به طرح خراب نه ٿيل آهي. اهو تفاوت نه فقط شبيهه ۾ آهي پر ان سا گڏ سندن ڪردار ۾ به ساڳيو فرق آهي. جهڙائي هو آهن سخت، اهڙوئي هي آهي سخي. هن خزاني مان ماڻهن کي ايترو ته فراخدليءَ سان ڏنو آهي، جو ماڻهن ۾ سندس نالو آهي. پوءِ اها سٺي خاصيت هجي يا خراب، پر اهڙي ڪردار کي ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. - ص 59

هن هڪ ڪتاب به تصنيف ڪيو آهي، جنهن کي ”ديوان جعفري“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو ڪتاب سندس پنهنجو ٺاهيل آهي ته پوءِ هن کيرون لهڻيون.

مير نصير خان انگريزن ڏانهن هميشه سٺو رجحان رکيو آهي، ۽ نهايت فهميدي نموني ۾ اسان جي حيدرآباد واري ريزيڊنٽ سان پيش ايندو رهيو آهي. آءٌ جڏهن حيدرآباد ۾ اچي رهيس، تڏهن هو هميشه منهنجو خيال رکندو هو. فوجين ۾ به هو ڏاڍو هردلعزيز آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سڀئي مڙساڻيون عادتون ۽ قوتون موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته ننڍڙن ميرن ۾ سندس جهڙو ڪو پيدا ٿئي، جو ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو مشڪل پيو لڳي. هو قوت ارادي جو پڪو ڪونه ٿو ڏسجي، ۽ نه وري ڪردار جو لوڀي آهي. پر اها اڳڪٿي ڪرڻ به ناممڪن آهي،ته جيڪڏهن هو لوڀ ۾ منهن وجهي به ته پوءِ ڪيتريقدر انهيءَ ۾ ڪامياب ويندو، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن ۾ هردلعزيز آهي، ۽ عوام کيس دل و جان سان پيار ڪري ٿو.

مير صوبدار خان

ميرن جي ڏنل بيان ۾ اڳيئي ڄاڻايل آهي،ته مير صوبدار خان
مير فتح علي خان جو پٽ آهي، يعني ته اهو فتح علي خان جنهن جي صدقي ميرن کي وڏائي نصيب ٿي. مير صوبدار خان پنهنجي پيءُ جي وفات کان ٿورا ڪلاڪ اڳ ڄائو هو، جيڪو مرڻ وقت سنڀال لاءِ پنهنجي ڀائرن کي پارت ڪري ويو هو، هو ڪيترا سال مير ڪرم علي خان جو گود ۾ ورتل پٽ ٿي رهيو. ڪئپٽن پوسٽنس جي خيال موجب هو هڪ صلح پسند انسان هو، جنهن جي تصديق سندس ڏيک ۽ اُٿ ويهه جي عادتن مان ملي ٿي. هو اَپاهج به هو ڇاڪاڻ ته ننڍي وهيءَ کان وٺي هو مرگهيءَ جو مريض آهي. اهوئي سبب آهي جو کيس گهڻي اهميت نه ڏني ويندي هئي. ڊاڪٽر برنس جي اچڻ کان ڪجهه مهينا اڳ کيس مکيه ميرن (مراد علي خان ۽ ڪرم علي خان) جي حاضريءَ ۾ پٺيان هلندڙ لانڍ ۾هڪ نماڻي درٻاريءَ وانگر ڏٺو ويو. پر ٿورو وقت پوءِ هن ميرن خلاف بغاوت ڪري، ساڻن برابري حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، انهيءَ ڏس ۾ هو اسلام ڪوٽ کسڪي ويو، جو ٿر جي بيابان ۾ آهي، ۽ پنجن- ڇهن ڏينهن اندر ڪيترائي سازشي ۽ سندس پوئلڳ اچي کيس مليا. اهڙي طرح پندرهن هزارن ماڻهن جي فوج سان هن حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو. مکيه ميرن کي سندس انهيءَ اُرهه زورائي جي بلڪل خبر نه پئجي سگهي، ان ڪري هنن اوچتي حملي سبب، سياڻپ سان معاملي کي طيء ڪيو، جنهن موجب صوبدارخان کي ملڪ جو ڪجهه حصو ۽ کيس حڪومت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو حق به ڏنو ويو. سندس انهيءَ ترقيءَ تي مکيه ميرن اطمينان ظاهر ڪيو، ۽ سندن خاندان جي ٻين فردن پڻ قبوليت جو اظهار ڪيو.

 

 

 

---------------

سنڌ جي تاريخ جو اختصار

(جيستائين اها لکي ويئي آهي)

(ڪئپٽن پوسٽنس جا سنڌ تي ذاتي راين جا اقتباسات)

سنڌ تي برهمڻ جو راڄ، تان جو محمد       

بن قاسم اچي ان کي فتح ڪيو                   711   عيسوي سال

سنڌ ۾ بنو اميـ* جي خليفن جي حڪومت  750   ”

سنڌ جو محمود غزنويءَ هٿان فتح ٿيڻ        1025 ”

سومرن جو طاقت ۾ اچڻ                        1054       ”

سمن جو سومرن کان حڪومت کسڻ             1351       ”

شاهه بيگ ارغون جي فتح                        1519      ”

سنڌ جو همايون بادشاهه جي هٿ هيٺ اچڻ              1540       ”

ترخانن جو طاقت ۾ اچڻ                      1555  ”

اڪبر جو سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ ملائڻ    1590     ”

سنڌ جي نورمحمد ڪلهوڙي کي صوبيداري(حڪومت) ملڻ 1736  ”

نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه                            1740        ”

سنڌ جو افغانن جي هٿ هيٺ اچڻ              1750        ”

ٽالپرن جو ڪلهوڙن کان حڪومت کسڻ              1786     ”

انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ                    1843 ”

ڏٺو ويندو، ته مٿين يارنهن سؤ خاندانن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي.

---------------


(1) يوسف مان مراد حجاج بن يوسف ثقفي آهي، جنهن پنهنجي سؤٽ محمد بن قاسم ثقفي کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.

(2) چغتائي لفظ دهليءَ جي مغل بادشاهن لاءِ استعمال ڪيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org