اوائلي شڪاري
ماڻهو، دؤر ۽
جاگرافيائي حالتون
ماڻهوءَ جو پنڌ ايڏو ڊگهو آهي، جو ايئن چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته
هن آدجڳاد کان پنڌ ڪيو آهي. ان پنڌ دوران
هن ثقافتن جا ابتدائي پٿر رکيا. اوزار
ٺاهيا ۽ نشان ڇڏيا. ان ئي پنڌ دوران هن
پيليوليٿڪ دؤر ۾ پنهنجي پير جو سچو پچو
نشان به ڇڏيو آهي. اسان شايد ان کي انساني
پير جو قديم ترين نشان چئي سگهون. اهو
نشان اٽليءَ ۾ نانا دي لا باسورا وٽ آهي،
جيڪو کڙيءَ کان آڱوٺي تائين اٽڪل 20-
سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ پٻن وٽ 10- سينٽي ميٽر
ويڪرو آهي. هي پيليوليٿڪ ماڻهو ۽ ان کان
پويان نسل ڪير هئا ۽ سندن جيئڻ جو ڍنگ
ڪيئن هو؟ هي تمام ڳوڙهو اڀياس ٿي سگهي ٿو.
هو ڪهڙي قسم جا اوزار ٺاهيندا هئا؟ ڇا
کائيندا هئا؟ پهريندا هئا؟ ڪيئن شڪار ڪندا
هئا؟ ڇا هنن جو ذهن هڪ تخليقڪار جو ذهن
هو؟ هنن جو ڪٽنبي سرشتو ڪيئن هو؟ اهڙو
اڀياس سنڌ يا اپکنڊ جو چڱيءَ طرح ڪونه ٿيو
آهي. هتي ڪوشش ڪبي ته اوائلي ماڻهوءَ جي
رهڻي ڪهڻي جو اهو اڀياس جيڪو يورپ ۽
آفريڪا جي حوالن سان ٿي چڪو آهي، ان تي هڪ
نظر وجهجي. گهڻو ممڪن آهي ته ان سان سنڌ
جي پيليوليٿڪڳ، ميسو ليٿڪ ۽ نيوليٿڪ لوڪن
جي رهڻي ڪرڻي بابت ڪو اندازو لڳي سگهي.
محققن جي آڏو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ آهي ته هو پهريون آدم ڪنهن
کي چون؟ ايئن ته هو رامپٿيڪس،
آسٽرالوپٿيڪس، هومو هيبلس ۽ هومو ايرڪٽس
نالي مخلوقن جي درجي بندي ڪري چڪا آهن، پر
مشڪل اها آهي ته جديد تحقيق ڪن اوزارن کي
ايترو پراڻو ثابت ڪري ٿي جو هومو مخلوقن
جي وجود کان ڳالهه ٽپي پوئتي هلي ٿي وڃي.
جيڪڏهن پهريون اوزار ٺاهيندڙ مخلوق کي آدم
چئجي تڏهن به اهو طئه نٿو ڪري سگهجي ته
ڪهڙي نسل سڀ کان پهرين اوزار ٺاهيا. اصل،
۾ راماپٿيڪس مخلوق جيڪا 14- کان 8- ملين
سال اڳ موجود هئي ۽ ان کان پوءِ
اسٽالوپٿيڪس آفريڪانوس (ڏکڻ وارو بن مانس
جيڪو آفريڪا ۾ هو) جيڪو 5- ملين سال اڳ ۾
هو، جي وچ جون ڪيئي ڪڙيون ٽٽل آهن. هن کان
پوءِ هومو هيبلس
(Homo Habilis)
آهي، يعني هٿن وارو ماڻهو، جيڪو 2- ملين
سال اڳ هو. جيئن ته اهو آسٽرالوپٿيڪس سان
ويجهڙائي رکندڙ هو تنهن ڪري ان کي
آسٽرالوپٿيڪس هيبلس به چيو ويو. انهن ٻن
نسلن جي وچ ۾ به وقت جو وڏو فاصلو آهي.
ان کان پوءِ اڀو انسان
(Homo Erectus) آهي، جنهن جو مغز هاڻوڪي انسان کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا ننڍو هو، نه
کاڏي هئس ۽ نه وري پيشاني. اها 15 لک سال
اڳ جي ڳالهه آهي ۽ نيٺ آخري منزل باشعور
انسان
(Homo Sapiens)
جي آهي، جنهن جي ڪهاڻي به اڍائي لک سالن
کان جاري آهي.
اسان جيڪڏهن هٿيارن ۽ اوزارن جي ڪهاڻيءَ ۾ گهرائيءَ سان
وينداسين ته ڳالهه وڃي زمين جي ٽريشري دؤر
جي پڄاڻيءَ تائين يعني 40- لک سالن تائين
پهچندي، جڏهن آسٽرالوپٿيڪس ڌرتيءَ تي
پکڙيل هئا ۽ ان ئي وقت ۾ پٿر جا قديم ترين
اوزار به ٺهيا. اهو پٿر جو پرڀاتي دؤر
يعني هڪ لحاظ کان
Eiolithis
جو دؤر آهي. ان کان پوءِ پٿر جو هيٺيون
يعني اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن جو دؤر
سامهون اچي ٿو. اهو هيٺيون يعني اوائلي
پيليوليٿڪ اوزارن جي دؤر سامهون اچي ٿو.
اهو هيٺيون ڪواٽرنزي (پلائيسٽوسين) ۽
پراڻن گليشل دؤرن جو زمانو آهي. اهو 20-
لک سال اڳ جو زمانو آهي، جڏهن هومو هيبلس
ڌرتيءَ تي گهمي رهيو هو.
ڏيڍ ملين يعني 15- لک سال اڳ جڏهن ”اڀو انسان“ ظاهر ٿيو تڏهن به
اوزارن جي صورتحال ساڳي هئي. ٻنهي مخلوقن
جي وچ واري توڻي گڏيل دؤر ۾ رهائشي
آباديون، هٿ ڪهاڙيون ۽ باهه جو استعمال
نظر اچي ٿو. اهڙا اهم ماڳ
Habor, Koobi Rora
۽
Omo آهن. بعد ۾ ترتيب وار اولدوواءِ
(Oldivai)،
شانداليا
(Shandaliya)،
چلهاڪ، گاديب، سولهياڪ، والونيٽ ۽ ٻيا ماڳ
آهن.
ان کان پوءِ زمين جو ڪوارٽرنري دؤر ڀرپور نموني طاري ٿئي ٿو.
جيڪو انٽر گليشل دؤر کان شروع ٿي، برفاني
زمانو گذاري آخر ۾ هڪ انٽر گليشل دؤر
تائين پکڙيل آهي. اهو لڳ ڀڳ 7- لک سالن
کان 4- لک سال اڳ جو دؤر آهي جڏهن اوائلي
پيليوليٿڪ دؤر هليو ۽ ائبي ويلين کان
اڪيولين اوزار سامهون آيا ۽ وڏن جانورن جو
شڪار شروع ٿيو. هي اڀن انسانن
(Homo Erectus)
جو ئي دؤر هو.
جڏهن وچون پيليوليٿڪ دؤر آيو، تڏهن باشعور انسان موجود هو. هي
چار لک سال اڳ آخري انٽر گليشل دؤر جو وقت
هو. هن دؤر ۾ اڪيولين اوزار نظر اچن ٿا،
ان دوران زمين ڪوارٽرنري کان اينٿرو
پوزوئڪ دؤر ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک سال اڳ
داخل ٿي ۽ ان وقت ڪجهه اهڙيون گهڙاوتون به
سامهون آيون، جن کي بت تراشي چئي سگهجي!
لڳ ڀڳ ٽي لک سال اڳ کان وٺي چاليهه هزار
سال اڳ جي دنيا پٿر جي اوائلي وچين (وچون
پبليوليٿڪ) دؤر تي مشتمل آهي ۽ ان عرصي ۾
باشعور انسانن جي هڪ نسل نيندرٿال جون
سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انسان ذات ان
زماني ۾ هڪ برفاڻو ۽ آخري انٽر گليشئل
زمانو ڏٺو.
چاليهارو کن هزار سال اڳ هڪ ٻيو ۽ آخري برفاني دؤر اڀريو. تڏهن
نيندرٿال گم ٿي ويو ۽ ڪروميگنان نظر آيو.
هي اوائلي پٿر جو پڇاڙڪو يعني مٿيون
پيليوليٿڪ دؤر آهي. ڪن حالتن ۾ هي
ميسوليٿڪ يا پٿر جو وچون دؤر به آهي. هن
دؤر ۾ مڙدن جي تدفين، ڪپڙا سبي پائڻ، تير
ڪمان، موسيقي، پالش ٿيل پٿري اوزار ۽
چترڪاري به ڏسجي ٿي. هي ماڻهو ميموٿ ۽
سانڀر جا شڪاري هئا.
ان کان پوءِ يعني لڳ ڀڳ 13000 سال اڳ کان 4000 سال اڳ تائين
ميسوليٿڪ دؤر شمار ڪيو وڃيٿو، پر اهو اڄ
تائين هڪ نسبتي سوال آهي. اهي سال شايد
پاڪستان جي حوالي سان استعمال ڪري نه
سگهجن. هتي اهي سال نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ
دؤرن جا به آهن.
اوزارن جي ارتقا
”ماڻهو“ ڪير آهي؟ هن اهم ۽ منجهيل سوال تي اٽڪل 200 سال اڳ
’بنجامن فرينڪلن‘ (1790-1706ع) نالي هڪ
آمريڪي دانشور راءِ ڏني ته، ”ماڻهو اوزار
ٺاهيندڙ جانور آهي!“ ظاهري طرح ته هي عام
رواجي جملو آهي، پر ان ۾ تمام بنيادي وصف
ڏني وئي آهي، جنهن تي اڄڪلهه جا اڪثر محقق
متفق آهن.
ان هوندي به اهو جملو وضاحت طلب آهي. اوزارن جو استعمال فقط
ماڻهوءَ جي سرگرمي ئي ڪونه آهي. ڪجهه
جانور به اوزار استعمال ڪن ٿا. اتر آمريڪا
۾ هڪ ايموفيلا
(Ammophilla)
نالي ڏينڀوءَ جهڙي مخلوق رهي ٿي، جيڪا
ننڍڙا پٿر هٿوڙي وانگر استعمال ڪري زمين
کي ٺوس ۽ سخت ڪري ان تي آکيرو يا گهرڙو
ٺاهي ٿي. ڪجهه پکي به گول پٿريون اوزارن
طور استعمال ڪن ٿا. ڀولڙي جو هڪ قسم
”ببون“ پٿرن سان هڏيون ڀڃي ٿو. ماڻهوءَ کي
ڇڏي اوزار ٺاهيندڙ ٻين سڀني جانورن ۾ هڪ
ڳالهه مشترڪه آهي، يعني هو ڪو پٿر يا ڪاٺي
هڪ ڀيرو پکڻي استعمال ڪري پوءِ اڇلائي
ڇڏين ٿا. اها فقط ماڻهوءَ جي ئي خاصيت آهي
جو هو ڪنهن پٿر، ڪاٺي يا هڏيءَ کي شعوري
طرح ڪا شڪل ڏئي ٿو ته سڀاڻي ان کي اثرائتي
اوزار طور استعمال ڪري سگهجي. سو، فقط اها
ئي اوزار گهڙڻ واري شعوري ڪوشش ماڻهوءَ کي
ٻين جانورن کان جدا ڪري ٿي.
انساني نسل جي آدجڳادي ڏاڏن جڏهن جهنگ ۽ ٻيلا ڇڏي گاهه وارن
ميداني علائقن ۾ رهڻ شروع ڪيو تڏهن هنن
پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوين ڄنگهن تي هلڻ جو
سلسلو شروع ٿيو. ان سان ان مخلوق جا اڳيان
چنبا آزاد ٿي ويا. هاڻي، هنن اڳين چنبن يا
هٿن سان ٻج، ميوا ۽ پاڙون ڪٺيون ڪرڻ شروع
ڪيون. گاهه جي ميدانن ۾ اها ئي خوراڪ
موجود هئي، جنهن تي انسان گذارو ڪري سگهيو
ٿي. ان ريت هي انسان نما نسل هڪ نئين
ماحول ۾ اچي ويو، پر ٻين خونخوار جانورن
جو شڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هنن کي
ڪجهه ٻيو به ڪرڻو پيو.
انسان جا دشمن جانور طاقتور هئا. انهن کي تيز ڏند، ڪاتن جهڙا
ڏند ۽ وڏن نُنهن وارا چنبا هئا. انسان وٽ
پنهنجي جسم ۾ اهڙو ڪوبه ”قدرتي اوزار“
ڪونه هو. انسان پنهنجي قد بت ۾ ايترا
ننڍڙا به ڪونه هئا جو پاڻ کي لڪائي سگهن ۽
ايترا وڏا به ڪونه هئا جو ٻين جانورن کي
ڊيڄاري ڀڄائي سگهن. ان ڪري انسان کي
پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻو پيو. اها انساني
دماغ ۽ انساني هٿن جي گڏيل ڪوشش آهي جو
قديم وقتن جو اهو ڪمزور انسان پنهنجو وجود
۽ نسل بچائي ۽ وڌائي سگهيو آهي.
اهڙي طرح دماغ ۽ هٿ تجربا ڪندا ويا ۽ اوزار ٺهندا ويا. شروع ۾
بي ڍنگا ۽ پوءِ بهتر کان بهتر. انسان شروع
۾ غالباً ڪاٺيون، پٿر ۽ وڏا هڏا بچاءُ
لاءِ استعمال ڪيا ۽ دشمن کي ڊيڄاري يا
ويڙهه کائي پاڻ کان پري رکيو. اهڙي طرح هن
اوزارن جو استعمال سمجهي ورتو. ضرورت
ايجاد جي ماءُ آهي. ان ريت جڏهن هٿيار
استعمال ٿيندا رهيا، موٽ ۾ انساني دماغ
وڌيڪ کان وڌيڪ استعمال ٿيندو ۽ کلندو ويو.
شروع ۾ اوائلي ماڻهن قدرتي هٿيار ۽ اوزار استعمال ڪيا (ائين ئي
ٻين جانورن به ڪيو آهي). پوءِ جيئن جيئن
وقت گذرندو ويو ماڻهوءَ جي تجربي ۾ اوزارن
جون بهتر شڪليون اينديون ويون... ۽ پوءِ
ايئن ٿيو ته ابتدائي انسانن مان ڪنهن
شعوري طرح ڪو پٿري، هڏيءَ جو يا ڪاٺيءَ جو
اوزار گهڙي ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هوندي. ايئن ڪندي ڪندي هو پٿر جي پرڀاتي
دؤر ۾ داخل ٿي ويو.
اسان ڏسون ٿا ته جتي جتي ميداني علائقن ۾ اسٽرالوپٿيڪس رهيو، هن
ڪاٺي ۽ پٿر کي اوزارن طور استعمال ڪيو. پر
اهڙا پٿر جن بابت چئي سگهجي ته اهي شعوري
طرح گهڙيا ويا هئا، هومو هيبلس نسل وارن
جا گهڙيل هئا. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا
ته اسان جي ٺاهيل وصف موجب هومو هيبلس ئي
”سڀ کان پهريان ماڻهو“ هئا.
ان کان اڳ ۾ جو پاڻ ”پهرين اوزارن“ تي وڌيڪ بحث ۾ وڃون، اهو
ڏسندا ٿا هلون ته هومو هبيلس کان شروع ٿيل
پٿري دؤر، جيڪو لکها سال جاري رهيو، ڪهڙن
ڪهڙن ثقافتي مرحلن مان لنگهيو آهي. هومو
هيبلس سان پٿر جو اوائلي دؤر شروع ٿيو ۽
ان وقت تائين هليو جڏهن عظيم برفاني دؤر
جو خاتمو آيو ۽ گرم آبهوا هوائن بعد کليل
ميدان وڻن سان ڍڪجي ويا. وچين يا ميسوليٿڪ
دؤر ۾ ماڻهن ڪن خاص شڪارن ۾ مهارت حاصل
ڪئي. مثال طور: مڇي مارڻ يا ڪنهن ٻئي خاص
جانور جو شڪار ڪرڻ. اوزارن جي شڪل صورت
ضرورتن مطابق بدلبي رهي ۽ اهو سلسلو
نيوليٿڪ دؤر سان زراعت جي مرحلي ۾ داخل
ٿيڻ ۽ ڌاتوءَ جي دريافت تائين جاري رهيو
آهي.
سڀ کان اوائلي اوزارن مان هڪ وڍڻ يا چٿڻ جو اوزار
(Chopper)
آهي. هومو هيبلس جيڪي اوزار ڪاٺين مان
ٺاهيا هوندا، سي وقت جي قبرستان ۾ ڳري کپي
ويا. ان ڪري اسان سندن اوزارن بابت ڪو
گهڻو ڪونه ٿا ڄاڻون. باقي، اڪثر اوزار
ندين جي انهن ٽاڪرو ڪنڌين تان مليا آهن،
جن کي زماني ڇلي ڇڏيو آهي. قديم لوڪن ڪو
پٿر ڪنهن هڪ ڪم لاءِ استعمال ڪيو ۽ ٻئي
پٿر کان هٿوڙي جو ڪم ورتو ۽ ڪن پٿرن کي ٻه
ٽي ڌڪ هڻي چٿڙ لاهي هڪ اوزار ڇلي تيار ڪري
ٿي ورتو. جيئن ته ان خاص اوزار جي ڌار تکي
ٿيندي هئي، ان ڪري اهو پاڙون کوٽڻ يا ننڍا
جانور مارڻ جي ڪم آيو يا ان سان شاڪر جو
گوشت ٻه اڌ ڪيو ويو. هي اوزار لکها سالن
تائين ٺهندو رهيو آهي. اهڙا اوزار اتر
ڪينيا ۾ روڊولف ڍنڍ (جنهن کي تُرڪانا
Turkana ڍنڍ به چون ٿا) وٽان،۽ ايٿوپيا مان اومو
(Omo)
نديءَ وٽان مليا آهن. هتي آسٽرالوپٿيڪس ۽
هومو هيبلس موجود هئا.
انهن بي ڍنگن وڍيندڙ اوزارن ۾ سڌارو گهڻي وقت کان پوءِ آيو.
بهتر
Choppers
اسان کي تنزانيا ۾ اولدو واءِ گهاٽيءَ
(Olduvai Gorge) مان ملن ٿا. انهن اوزارن جون ڌارون وڌيڪ تکيون هيون. اهي ڀلي
نوڪ جيان ۽ پاڻ ۾ وڌيڪ هڪجهڙائيءَ وارا
آهن.
هوريان هوريان هڪ بهتر اوزار گهڙجي سامهون
اچي ٿو. هيءَ ”هٿ ڪهاڙي“ آهي. اوائلي
پيليوليٿڪ دؤر ۾ هن نئين اوزار اڳوڻي
Chopper جي جاءِ ورتي ۽ لکن سالن تائين استعمال ٿيندو رهيو. هن
اوزار کي خاص طور تي ”اڀي انسان“ جي وجود
سان نسبت ڏجي ٿي، جيڪو ”هومو هيبلس“ کان
وڌيڪ سڌريل هو. سڄي دنيا ۾ جتي جتي به هٿ
ڪهاڙي ملي ٿي. ان ۾ گهڻو ڪري هڪجهڙائي
آهي. هيءَ هڪجهڙائي ڪنهن ڪاروباري سپلاءِ
سبب ڪونه هئي، پر سڄي دنيا ۾ انساني نسلن
کان نسلن تائين اها ٽيڪنيڪ وڌائي ۽ منتقل
ڪري رهيا هئا. سائنسدانن اُڀي انسان جي
پنڊ پاهڻن جو اڀياس ڪندي اندازو هنيو آهي
ته هو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڳالهائي به
سگهندو هو، پر اهو هڪ جدا موضوع آهي.
هٿ ڪهاڙيءَ
(Hand Axe)
۾ ڪنهن به وڍڻي
(Chopper)
کان وڌيڪ خاصيتون آهن. هٿ ڪهاڙيءَ جي شڪل
صورت وڌيڪ ترتيب واري ۽ متوازن آهي. اهي
ڪڏهن ڪڏهن ته ايتريون ڀليون گهڙيون ٿي
ويون جو انهن سان اهو مقصد پوريءِ طرح
حاصل ٿي پئي سگهيو، جنهن لاءِ ٺاهيون ٿي
ويون. يقيناً ”اڀي انسان“ لاءِ هٿ ڪهاڙي
سڀ کان اهم اوزار هو، ڇاڪاڻ ته اهو تمام
ڊگهي عرصي تائين گهڙبو رهيو. هٿ ڪهاڙيءَ
سان هڪ نه، پر ڪيئي ڪم وٺجي ٿي سگهيا.
اوزار ٺاهڻ جا طريقا:
سڄي پيليوليٿڪ زماني ۾ پٿر تراشڻ واري صنعت جون ٽي بنيادي صفتون
يا طريقا رهيا آهن جن سان اوائلي ماڻهو
پنهنجن اوزارن کي وڌيڪ کان وڌيڪ نفيس ۽
ڪارائتو ڪندا ويا. اهو سلسلو 20 لک سال اڳ
اسٽرالوپٿيڪس جي بي ڊولن اوزارن کان شروع
ٿي 25 هزار سال اڳ ڪروميگنان جي نوڪدار
(پن جي شڪل وارن) اوزارن تائين هلندو
رهيو. اوزار ٺاهڻ جا ٻه اوائلي طريقا:
”ضربون هڻڻ“ تي ٻڌل آهن جن ۾ ڪو پٿر يا
هڏيءَ جو هٿوڙو ڪنهن ٻئي مناسب پٿر جي
مٿاڇري تي اهڙي طرح هڻبو آهي جو ان جو تيز
ڌار چٿڙ لهي پوي. ٽيون طريقو جيڪو ڪافي
پوءِ اختيار ڪيوو يو. ان ۾ ڪنهن نوڪدار
اوزار سان ٻئي پٿر جي سطح تان چٿڙ دٻاءُ
جي ذريعي لاٿو ٿي ويو. ان ريت سهڻي طرح
ڇليل ۽ تيز ڌار چٿڙ لهي ٿي پيو. انهن ٽنهي
طريقن مان ڪو هڪ طريقو چونڊڻ جو دارومدر
ان ڳالهه تي هو ته ڪاريگر کي اها چڱي طرح
خبر هجي ته ڪهڙي قسم جو پٿر ڪهڙي ٽيڪنڪ
سان ڪهڙو چٿڙ ڏيندو. سڄي دنيا ۾ پٿري دور
جي ماڻهن کي اها وڌيڪ سڃاڻپ هئي ته ڪهڙي
قسم جي پٿر مان ڪهڙو ۽ ڪيئن اوزار ٺاهجي.
اوائلي انسان جي اها صلاحيت جنهن سان هو
پٿر سڃاڻڻ ۽ اوزار گهڙڻ جو ڪم وٺندو رهيو،
سائنسدانن لاءِ ڏاڍو دلچسپ موضوع آهي. ڪو
مخصوص اوزار ڪهڙي مخصوص طريقي يا ٽيڪنڪ
سان ۽ پٿر کي ڪٿي ڪٿي ضربون هڻي تيار ڪيو
ويو هوندو، فقط سوچڻ جو ئي نه، عملي طرح
ائين ڪري ڏسڻ جو ڪم هيو، ان لاءِ
سائنسدانن پاڻ مختلف قسم جي پٿرن کي پٿرن
سان، هڏين سان ۽ ڪاٺين سان ضربون هڻي ڏٺو
۽ پوءِ جڏهن هو اصل طريقا ڳولڻ ۾ ڪامياب
ٿيا، تڏهن هنن محسوس ڪيو ته ڪوبه اوزار
پنهنجي گهربل شڪل ۾ فقط ان مهل ٿي آيو
جڏهن ڪاريگر پنهنجي ذهن ۾ ان اوزار جو
تصور ٿي رکيو ۽ ڄاتو ٿي ته ڪهڙي پٿر
(Core)
کي ڪٿي ڪٿي، ڪهڙي قسم جي هٿوڙي سان ۽
ڪيتري طاقت سان ضربون هڻجن.
(ii)
هن ٽيڪنڪ ۾
Core
کي هٿ ۾ جهلي ٻئي پٿر تي اهڙي
طرح ٿي هنيو ويو جو هٿ ۾
جهليل پٿر جا چٿڙ لهندا وڃن.
هيءَ هڪ ڏکيو طريقو هو پر
تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ان طرح به
اوزار ٺاهيا ويا. |
پٿر تي پٿر هڻڻ جي ٽيڪنڪ:
(i)
هن طريقي سان پٿر جو هٿوڙو ان
پٿر تي هنيو ٿي ويو جنهن مان
اوزار ٺاهڻ مقصود هو. هن
ٽيڪنڪ ۾ ڪاريگر پٿر جي هٿوڙي
مان ٻئي پٿر جي ڪناري جي
پويان ڌڪ ٿي هنيو جنهن جي
نتيجي ۾ ٻئي پاسي کان هڪ چٿڙ
لهي ٿي پيو ۽ ان هنڌ ڪٽاءُ
ٺهي ٿي پيو. |
گول پٿر
(Pebble) کي گهڙي ان مان اوزار ٺاهڻ جو سلسلو به
لکها سالن تائين رائج رهيو. هن تصوير ۾
توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڪيئن هڪ پٿر کي ضرب
1 ۽ 2 هڻي چٿڙ لاٿا ويا. ان کان پوءِ انهن
ضربن جي وچ تي ۽ پاسن کان ضرب نمبر 3 ۽ 4
هن پٿر کي نوڪدار يا تيز ڌار واري اوزار
جي ابتدائي صورت ڏني وئي.
ڪنهن پٿر کي مختلف زاوين، مختلف هٿوڙن ۽
مختلف قوت سان (هوريان يا زور سان) ضربي
مختلف شڪلين وارا چٿڙ لاٿا وڃن ٿا. ان ريت
هر چٿڙ گهربل ماپ ۽ زاوئي موجب لهي ٿو.
پٿر کي جڏهن ڄاڻي واڻي ضرب هڻي چٿڙ لاٿو
وڃي ٿو تڏهن لهندڙ چٿڙ ۽
Core تي ڪي خاص نشانيون پيدا ٿينديون آهن. چٿڙ تي بلب ”اُڀار“
هوندو آهي جڏهن به
Core ۾ گُهٻ ٺهندو آهي. قدرتي طور ڀڳل پٿر تي
اهي نشانيون ڪونه ٿينديون آهن.
دٻاءُ سان چٿڙ ٺاهڻ:
ڪاٺ، هڏي يا پٿر جي نوڪدار اوزار سان ڪاريگر اوزار جي هيٺئين
پاسي تان دٻاءُ جي ذريعي
سڌيون چٿڙيون لاهي ٿو. دٻاءُ
جي اها حرڪت ڪجهه هيٺئين پاسي
هوندي آهي. |
ضرب واري ٽيڪنڪ:
هڏي يا ڪاٺ جي هٿوڙي جي استعمال سان، اوزار ٺهڻ جي آخري مرحلي
۾ ڪاريگر اوزار جي ڪناري تي
هڪ تسلسل سان بار بار ضرب هڻي
سنهڙيون چٿڙيون لاهي ٿو، جڏهن
ته پهرين مرحلي ۾ پٿر جي
هٿوڙي سان اوزار کي ابتدائي
شڪل ڏني ٿي وئي. |
اڪيولين هٿ ڪهاڙي ضرب واري ٽيڪنڪ جو نمونو آهي، هن ٽيڪنڪ ۾ پڻ
ڏسي سگهجي ٿو ته هٿ ڪهاڙيءَ جا ڪنارا ٻيهر
هلڪين ضربن سان وڌيڪ تکا ڪيا ويا آهن. مٿي
ڏيکاريل اوزار دٻاءَ واري ٽيڪنڪ سان ٺاهيل
آهي جنهن مان ظاهر آهي ته ان تان چٿڙ لهڻ
جو عمل وڌيڪ ضابطي ۾ هو ۽ اوزار نفيس ٿي
ٺهيو.
اٽڪل ڏيڍ لک سال اڳ اوزار ٺاهڻ جي فن ۾ هڪ ڊرامائي سڌارو آيو.
هي سڌارو اوائلي باشعور انسان ۾ اها
صلاحيت اڀرڻ سبب ٿيو جو هاڻي هو هڪ رواجي
پٿر ۾ لڪل پنهنجي مطلب جو اوزار ڏسي ٿي
سگهيو. ان صلاحيت کان پوءِ هو سمجهي سگهيو
ٿي ته اهو اوزار ترتيبوار ڪهڙن مرحلن مان
گذري تيار ٿيندو ۽ ان تي ڪهڙي مرحلي دوران
ڪهڙي ٽيڪنڪ استعمال ٿيندي.
اڇري بُڻ
(Blade Core)
ٽيڪنڪ:
هڪ وڏو چقمقي پٿر کڻي ان کان ٻئي پٿري هٿوڙي جي ضرب سان ٻه اڌ
ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ڪوبه هڪ اڌڙ کڻي
ڪاريگر ان جي چئني پاسن کان هلڪين ضربن
سان ڇرين جهڙا ڊگها چٿڙ لاهي ٿو. ان ريت
باقي بچيل پٿر
(Core)
جي صورت بندوق جي گوليءَ جهڙي ٿي پوي ٿي.
ڇَريءَ مان سنڱ تراشيءَ وارو اوزار ٺاهڻ:
ڇُريءَ
(Blade)
کي هڪ خاص زاوئي سان (کاٻي پاسي واري
صورت) ٽوڙيو وڃي ٿو. ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن
هڏي، سِڱ يا ڪاٺ جي هٿوڙيءَ سان ڪنارن تي
مڏيون ڏنديون ڇلي ان کان پوءِ اوزار جو هڪ
يا ٻئي پاسا توريل تڪيل ضربن سان لاٿا وڃن
ٿا.
بليڊ مان نوڪدار اوزار ٺاهڻ جا ٻه طريقا آهن، يا ته بليڊ کي هٿ
۾ جهلي ڪنهن پٿر تي ٽيڪي ڪاٺ يا هڏيءَ جي
هٿوڙيءَ سان خاص هنڌ تي ضرب هڻجي. ٻيو ته
ضرب نه هڻجي پر بليڊ کي پٿر سان ٽيڪي هٿ
سان هڪ خاص زاويي ۾ دٻاءَ وجهجي.
”اُڀي انسان“ ان اوزار جي مدد سان زمين مان ٻوٽا کوٽي خوراڪ
حاصل ٿي ڪئي، جانور ٿي ماريا، گوشت وڍڻ
لاءِ استعمال ۾ آندي ۽ کل وڍڻ ۽ کرچي لاهڻ
جو ڪم ورتو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍا وڻ به
ڪيرايا ٿي. ڪجهه سائنسدانن جو اهو به خيال
آهي ته قديم انسان هٿ ڪهاڙيءَ کي اڇلائي
هڻڻ واري هٿيار طور به استعمال ڪيو، ڇاڪاڻ
ته اها نوڪدار هئي ۽ شڪار کي زخمي ڪري پئي
سگهي.
اولدواءِ گهاٽيءَ ۾ موجود ڊپازٽس ٻڌائين ٿا ته هٿ ڪهاڙي اوڀر
آفريڪا ۾ 25- لک سان اڳ ايجاد ٿي. ساڳئي
وقت ۾ يورپ مان صرف تمام قديم اوزار ملن
ٿا.
Chopper ۽ ڪجهه استعمال ٿيل اڍنگا پٿري ٽڪرا يوگوسلاويه جي شانداليا
غار مان مليا هئا. جڏهن ته ڪجهه ايترا ئي
سادا اوزار ڏکڻ فرانس ۾ چلهاڪ وٽان مليا.
ان وقت يورپ انساني آبادي جي پکيڙ جي لحاظ کان هڪ ڇيڙي تي هو،
جنهن ۾ اُڀو انسان موجود هو، جنهن وٽ هٿ
ڪهاڙي هئي. هٿ ڪهاڙي هڪ ڀيرو يورپ ۾
متعارف ٿي ته اها ڊگهي عرصي تائين اتي
موجود رهي. سائنسدانن هاڻي يورپ ۾ اهڙيون
ڪافي هٿ ڪهاڙيون ڳولي لڌيون آهن. هٿ
ڪهاڙيءَ جي موجودگي ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌيڪ
شايد ان ڪري به آهي ته هر هنڌ چقمقي پٿر
موجود ڪونه آهي، جيڪو هٿ ڪهاڙي ٺاهڻ لاءِ
سڀ کان بهتر خام مال آهي.
چقمقي پٿر هڪ اهڙو پٿر آهي جنهن تان سولائي سان ۽ مرضيءَ موجب
چٿڙ لاهي يا ڇلي سگهجي ٿو. جلدي ئي چقمقي
پٿر هٿيار ٺاهڻ جي حوالي سان اهميت وٺي
ويو. سائنسدانن اها ڳالهه خاص طور نوٽ ڪئي
آهي ته برطانوي ندين ۽ فرانس جي ماٿرين ۾
چقمقي پٿرن جون هٿ ڪهاڙيون هزارن جي تعداد
۾ لڌيون ويون آهن.
|
اوزارن جو استعمال:
کوٽاين دوران جيئن جيئن اوزار ملندا
ويا، تيئن تيئن انهن کي شڪل ۽
ڪم جي امڪاني نوعيت موجب نالا
ڏنا ويا. انهن اوزارن جي
استعمال بابت خاطريءَ سان ته
نٿو چئي سگهجي پر هاڻوڪن
اوزارن سان انهن جي هڪجهڙائي،
شڪار جي طريقن ۽ سادي شڪار
جون ضرورتون وغيره ذهن ۾ رکي
مناسب نالا ڏنا ويا آهن. ڪن
اوزارن بابت اڃا تائين خبر
پئجي نه سگهي آهي ته اهي ڪهڙي
ڪم جا هئا؟ انهن کي محض شڪلين
جي آڌار تي نالا ڏنا ويا آهن. |
وڍڻ جو اوزار
کل صاف ڪرڻ ۽ ڇلڻ جو اوزار
گهڻن ڪمن واري هٿ ڪهاڙي
ڪاٺ ۽ پٿر کي ڇلڻ ۽ کوٽڻ
جو اوزار سوراخ ڪڍڻ جو اوزار
اوائلي هٿ ڪهاڙي
هڏيون ڀڃڻ، چٿڻ ۽ اڇلائي هڻڻ جو اوزار
ڪاٺ گسائڻ جو ڏندن وارو
اوزار نيزي جي نوڪ
ڏندن واري نوڪ (ڪروميگنان
لوڪن جو اوزار) عام استعمال جي ڇُري
پيليوليٿڪ دور جا اوزار
(وڌيڪ
پڙهو)