سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 2

 

ڌرتي

 

ڌرتيءَ جي عمر ۽ ان جا دؤر:

انسان، حياتي ۽ ڌرتيءَ جي عمر کي ڪنهن به صورت ۾ هڪٻئي سان ڀيٽي نٿو سگهجي. البته انسان جو حياتيءَ سان ۽ حياتيءَ جو ڌرتيءَ سان سڌو تعلق آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته مهڙ ۾ ئي ڌرتي، حياتي ۽ انسان جي عمر ۽ ارتقا جا مرحلا ۽ سوال ڏسندا هلون.

ڌرتي، لڳ ڀڳ چار پنج ارب سال اڳ سج کان ڇڄي ڌار ٿي هوندي ۽ اڍائي ارب سال اڳ حياتيءَ ابتدائي شڪل ورتي هوندي. ڌرتيءَ تي زندگي ڪئين شروع ٿي؟ اهو علم حياتيات جو سڀ کان بنيادي ۽ ڳوڙهو سوال آهي. امڪان آهن ته تکي اُس ۽ تانگهو پاڻي، حياتيءَ لاءِ بيناد بڻيا هوندا، خاص ڪري ابتدائي سمنڊن ويجهو ڍنڍن ۽ تلائن ۾. سڀ کان پهرين حياتي جي شڪل نرم مادي جهڙي هئي. انهن تي ڪي به کوپا هڏيون ڪونه هيون. ان حياتيءَ جي شايد اهڙي ڪا باقاعدي شڪل به نه هجي، جو اها پنڊ پهڻ (Fossil) ٿي سگهي.

جيئن جيئن ڌرتي ٺرندي وئي تيئن تيئن جبل، ٽڪريون، پهڻ ۽ ڇپون ٺهنديون ويون. ڌرتي وديا ۾ اهي پهريان دستاويز سمجهيا وڃن ٿا، جن جي ذريعي انسان ڪائنات جون ڳجهارتون ڀڃڻ جي ڪوشش پيو ڪري. سائنسدانن انهن ڇپن جي تهن جي حساب سان ڌرتيءَ جا مختلف دور ڪَٿيا آهن. انهن ئي تهن ۾ ڪٿي اسان کي حياتيءَ جي تاريخ ۽ ان جا مرحلا پنڊ پهڻن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.

زمين جا اهي تهه ڪنهن ترتيب ۾ ناهن، تنهن ڪري انهن تهن ۾ موجود پنڊ پهڻ به بي ترتيب تاريخ ٻڌائين ٿا. هڪ اهڙو تاريخي تسلسل، جنهن جا پنا اڳتي پوئتي ٿي ويا آهن، ڦاٽي پيا آهن يا وري مسخ ٿي ويا آهن يا وري ڪٿي ڪٿي نابود ٿي ويا آهن.

پنڊ پهڻ لڳ ڀڳ سڄي دنيا ۾ ملن ٿا. دنيا ۾ گهڻو ڪري سڀني هنڌن تي پنڊ پهڻن سان عجيب ڏند ڪٿائون ۽ قصا به جڙيل آهن. هندستان ۾ هندو مت وارا اڄ ڏينهن تائين سپين ۽ ڪوڏن جي پنڊ پهڻن کي وشنو ڀڳوان سمجهندا آهن. پر نئين دنيا کي خبر آهي ته اهي ديوتائي، ديومالائي ۽ جادوئي شيون نه آهن. اهي ڌرتي جي عمر ۽ ڌرتيءَ تي حياتيءَ جي تاريخ جا مختلف باب ۽ ڪردار آهن.

پنڊ پهڻن جي باري ۾ يونانين کي ڇهين صديءَ قبل مسيح ۾ به خبر هئي. ٽين صدي قبل مسيح ۾ اليگزينڊريا ۾ اراٽوسٿينيس ۽ ٻين پنڊ پهڻن تي سوچ ويچار ڪئي هئي. اهو بحث مختصر طور تي 20-10 قبل مسيح ڌاري اسٽرابوز جاگرافيءَ ۾ ڏنو ويو آهي. پنڊ پهڻن بابت اٽليءَ جي شاعر Ovid کي به ڄاڻ هئي پر کيس انهن جي نوعيت سمجهه ۾ نه آئي هئي. سندس خيال هو ته اهي ڪائناتي تخيلقي سگهه جون ابتدائي ۽ اڍنگيون ڪوششون هيون. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ انهن تي عرب ليکڪن به غور ڪيو. سورهين صديءَ ۾ لوينارڊو دي ونسي (1519-1429) انهن پهرين يورپين مان هو جن پنڊ پهڻن جي اصل اهميت کي محسوس ڪيو هو. پر اها گذريل صديءَ ڏيڍ جي ڳالهه آهي جو ماڻهن پراڻي تاريخ جي هنن قديم ورقن کي ترتيب ڏيڻ ۽ انهن تي تحقيق طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏنو آهي. ان تحقيق سان سائنسدانن ڌرتيءَ جي مختلف دورن ۾ زندگيءَ جي ارتقا جو هڪ خاڪو ترتيب ڏنو آهي.

ڌرتي وديا جي ڄاڻن ڌرتيءَ جي ڄمار ڌار ڌار جُڳن (Era)، هر جُڳ کي ڌار ڌار زمانن (Period) ۽ پوئين جُڳ جي هر زماني کي ڌار ڌار ايامن (Epoch) ۾ ورهايو آهي.

حياتيات جي پنڊ پهڻن جي رڪارڊ موجب جُڳن جي حساب سان ڌرتيءَ تي حياتيءَ جي عمر 57 ڪروڙ 5- لک سال بيهي ٿي، پر ”پري ڪئمبريئن وقت“ ۽ ازوئڪ (Azoic) جُڳ شمار ڪرڻ سان ڌرتي جي عمر ساڍا چار ارب سال يا ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿي.

سنڌ جي پيدائش وچين جُڳ جي پهرين زماني جي چئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ سنڌ کي ڄائي ساڍا تيرهن ڪروڙ ورهيه ٿي چڪا آهن، پر کيرٿر جبل جي عملر 6- ڪروڙ سال ۽ ڪارونجهر جبل جي عمر اڍائي ارب سال ٻڌائي وڃي ٿي.

لئمبرڪ، ’سنڌ جو ٽاڪرو علائقو‘ واري باب جي مهڙ ۾ چوي ٿو ته، ”سنڌ جو الهندو ٽاڪرو علائقو انهن ننڍين ڇڙوڇڙ ٽڪرين سميت، جيڪو سنڌ جي ميداني تر ۾ آهي، ذري گهٽ سڄي جو سڄو سينوزوئڪ (Cenozoic) جُڳ جي ٽرشري زماني جي ٽڪر جو ٺهيل آهي. انهن جي وڏي اڪثريت تهي (Sedimentary) يعني سامونڊي مول آهي. اهي ٽڪر چن پٿر جا آهن، جيڪو فورامنيفيرا (Foraminifera) جي سٿيل کوپن (Shells) مان جڙيل آهي. انهن جيتامڙن جي زرخيزي بي حساب هئي ۽ آڳاٽا سمنڊ انهن سان ڀريل هئا. اُپ ٻيٽي هندوستان ۾ ڏورانهين زماني کان خشڪي آهي، پر سنڌ ۽ ان جي ترت اولهه وارو ملڪ ٽرشري زماني جي ايوسين ايام جي پڇاڙي (ست ڪروڙ سال اڳ) تائين گهڻي ڀاڱي سمنڊ هيٺ رهيو آهي. جيتوڻيڪ وچ ۾ ڪي بري حالتن جا دورا به آهن.“

لئمبرڪ ’سنڌ جا ميدان ۽ سنڌوندي‘ واري باب ۾ هندستان جي ميداني علائقن جي ٺهڻ واري عمل کي هن ريت لکيو آهي ته، ”ڪو وڏو ارضياتي زمانو نه گذريو آهي جو هاڻي جتي اتر اولهه هندستان جا پٽ ۽ گنگا جي ترائي آهي، ان جي وڏي حصي تي سمنڊ هوندو هو. ٽرشري زماني ۾ ڀرپاسي وارين ٽڪرين جي نروار ٿيڻ تي نيون نديون وجود ۾ آيون، جن پراڻين سان گڏجي، اها زمين ٺاهڻ شروع ڪئي، جتان سمنڊ پٺتي هٽندو ٿي ويو.“

 

ڌرتيءَ تي زندگي

 سائنسدانن ڪائنات جي ڄمار 10- ارب سالن کان 90- ارب سالن جي وچ ۾ ڪَٿي آهي. اسان جي ڪهڪشان 10- کان 12- ارب سال اڳ وجود ۾ آئي، جڏهن ته اسان جي شمسي نظام ۽ ڌرتيءَ ساڍن چئن کان 5 ارب سال اڳ وجود ورتو. ان کان پوءِ ڌرتيءَ تي جاگرافيائي ۽ ارضياتي ڀڃ ڊاهه ۽ تبديلين جو ڊگهو سلسلو هليو، جنهن مختلف وقتن ۾ مختلف قسمن جي حياتين کي جنم ڏنو، نابود ڪيو يا تبديل ڪيو. سائنسدان انهن ارضياتي تبديلين جو رڪارڊ ٺاهڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي ويا آهن. (ڏسو چارٽ)

1-     ازوئڪ جُڳ: ڌرتيءَ جي جنم کان وٺي پري ڪئمبرين تائين جو ڊگهو عرصو، جيڪو ڌرتيءَ جي عمر جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي ٻڌل آهي، ان عرصي ۾ زمين تي ڪابه زندگي ڪونه هئي.

 

ڌرتيءَ تي آيل جاگرافيائي دور ۽ زندگيءَ جي ارتقا جا ڏاڪا.

 

يورپ ۾ گذريل 80 هزار سالن دوران گرمي ۽ ٿڌ جو گراف

 

1-     ڪئمبرين کان اڳيون وقت (Pre-Cambrian Period): هڪ ارب 20 ڪروڙ سال اڳ کان وٺي سٺ ڪروڙ سال اڳ تائين جو اهو دؤر جڏهن ڌرتيءَ جا سڀ کان قديم جبل ۽ ٽڪريون ٺهڻ شروع ٿيون. ان عرصي ۾ زندگي جنم وٺي چڪي هئي، پر تمام گهٽ.

2-    پيليوزوئڪ جُڳ (Palaeozoic Era): ماهرن هن جُڳ کي ڌرتيءَ جو اوائلي ارتقا وارو جڳ ڪري ليکيو آهي، جيڪو سٺ ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي، ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن جو تعين ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ماهرن پيليوزوئڪ جُڳ کي ڇهن زمانن ۾ ورهايو آهي:

(i)                ڪئمبرين زمانو: سٺ ڪروڙ سال اڳ کان پنجاهه ڪروڙ سال اڳ تائين پکڙيل هن دؤر ۾ ابتدائي سامونڊي مخلوق جنم ورتو، جيڪا لڳلڳدار مادي جهڙي هئي.

(ii)             آرڊوويشين زمانو: پنجاهه ڪروڙ سال اڳ کان چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين، ان عرصي ۾ سامونڊي زندگيءَ ڪوڏن جي صورت تائين ترقي ڪئي.

(iii)           سليورين زمانو: چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ کان چاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين جو زمانو، جنهن ۾ سامونڊي سُرڻن جنم ورتو.

(iv)            ڊيوونين زمانو: چاليهه ڪروڙ سال اڳ کان 35- ڪروڙ سال اڳ تائين وارو زمانو، جنهن ۾ اسٽار فش ۽ ٻيون مڇيون نظر اچن ٿيون. پنج ڪروڙ سالن جي عرصي ۾ پکڙيل هن زماني ۾ پهريون ڀيرو اهڙا جانور به نظر اچن ٿا، جيڪي هڪ ئي وقت پاڻي ۾ ۽ خشڪيءَ تي رهي پئي سگهيا. انهن کي جل ٿلي (Amphibian) مخلوق چئجي ٿو.

(v)              ڪاربانيفيربس زمانو: ماهرن هن زماني کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون ۽ پويون. مجموعي طور تي هي زمانو اڄ کان 35- ڪروڙ سال اڳ شروع ٿي ستاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. هن دؤر ۾ ڪوئلو به وجود ۾ آيو. حياتياتي لحاط کان هن عرصي ۾ خشڪيءَ جي زندگيءَ به وجود ورتو. جنهن ۾ کجي ۽ ناريل جهڙا وڻ ۽ اڏامندر ننڍڙا جيت به هئا.

(vi)            پرمين زمانو: هي عرصو ستاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ تائين برقرار رهيو، جنهن ۾ چئن پيرن تي هلندڙ مخلوق وجود ورتو.

3-    ميسوزوئڪ جُڳ (Mesozoic Period): هن دؤر کي ماهرن ٽن زمانن ۾ ورهايو آهي. مجموعي طور تي هيءُ جڳ ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي ست ڪروڙ سال اڳ تائين جاري رهيو. ٽنهي زمانن جا نالا هن ريت آهن؛ ٽرائيسڪ زمانو، جوراسڪ زمانو ۽ ڪريٽاسيوس زمانو.

(i) ٽرائيسڪ زمانو: هن عرصي ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانور سامهون آيا، خاص ڪري وڏي جسم وارا ڊائنوسار. هي زمانو ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ارڙهن ڪروڙ سال اڳ تائين وارو آهي. هن دؤر ۾ ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ڊائنوسار ۽ ان سان گڏ وڏي جسامت وارا گوشت خور پکي به نظر اچن ٿا.

(ii) جوراسڪ زمانو: 18- ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا 13- ڪروڙ سال اڳ تائين واري هن دؤر ۾ ڌرتيءَ تي ڊائنوسارن جو راڄ هو.

(iii) ڪريٽا سيوس زمانو: 13- ڪروڙ سال اڳ کان ست ڪروڙ سال اڳ تائين جو دؤر.

4-    سينوزوئڪ جُڳ (Cenozoic Era): ست ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو ۽ تازي دؤر تي پورو ٿيو آهي. هن جُڳ ۾ زمين اها صورت ورتي ۽ زندگيءَ جي واڌ ويجهه ٿي، جيڪا اڄ زمين تي ڏسجي ٿي. هن ئي دؤر ۾ کير ڏيندڙ جانور ۽ گل ٻوٽا وغيره وڏي پئماني تي پکڙيا آهن. ڌرتي وديا جي ماهرن هن دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.

(i) ٽريشري زمانو: ست ڪروڙ سال اڳ کان 25- لک سال اڳ تائين، هن عرصي ۾ زمين تي وڏن جبلن خاص ڪري هماليه ۽ الپس وجود ورتو. زمين جي جاگرافيائي بيهڪ به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳئي هئي. البت هاڻوڪو سنڌو ۽ گنگا وارو ميداني ڀاڱو سمنڊ هيٺ هو. عربستان، عراق ۽ ايران جا به ڪي حصا پاڻيءَ هيٺ هئا. سائيبيريا ۽ الاسڪا وارا حصا پاڻ ۾ خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هئا، جنهن سبب جانور آمريڪا کان يورپ ۽ ايشيا ۽ يورپ مان آمريڪا کنڊ ڏانهن پکڙيا. هن دؤر ۾ مماليه گهڻي ارتقا ڪئي.

ماهرن ٽريشري دؤر کي اڃا پنجن دؤرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي:

(a) پيليوسين (Palaeodene): ساڍا ڇهه ڪروڙ سال اڳ کان پنج ڪروڙ 90- لک سال اڳ تائين.

(b) ايوسين (Eocene): 5- ڪروڙ نوي لک سان اڳ کان ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ تائين.

(c) اوليگوسين (Oligocene): ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ کان 2- ڪروڙ پنجاهه لک سال اڳ تائين.

(d) مايوسين (Miocene): اڍائي ڪروڙ سال اڳ کان هڪ ڪروڙ 20 لک سال اڳ تائين.

(e) پلايوسين (Pliocene): هڪ ڪروڙ ويهه لک سال اڳ کان 25 لک سال اڳ تائين.

پلايوسين دؤر ۾ راماپٿيڪس وجود وٺي چڪو هو. جيڪڏهن ان مخلوق کي سچ پچ انساني نسل جو تڙ ڏاڏو تصور ڪيو وڃي ته پوءِ اهو چئي سگهبو ته اڄ کان پنجاهه لک سال اڳ ٽريشري دؤر ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو ان جو ئي اولاد هوندو. ٽريشري زمانو اوائلي انساني توڙي بن مانس نسل جي تڙ ڏن جي ارتقا، زمين جي مختلف حصن تي پکڙجڻ، مختلف کنڊن ۾ ورهائجي وڃڻ ۽ موت ۽ حيات جي تمام نازڪ مرحلن کي مُنهن ڏيڻ تي مشتمل آهي.

پيليوسين زماني جا پنڊ پاهڻ تمام گهٽ ملن ٿا. ڪجهه ڊائنوسارن جا پنڊ پهڻ هاڻوڪي آمريڪي رياست مان مليا آهن. البت کير ڏيندڙ مماليه وڌي ويجهي رهيا هئا.

ايوسين جُڳ ۾ کرن وارا مماليه ظاهر ٿيا. هن ئي دؤر ۾ ڪي اهڙا مماليه به ظاهر ٿيا، جيڪي هٿن پيرن سان ڪجهه جهلڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ ۽ لڏڻ جون صلاحيتون رکندڙ هئا ۽ انهن جي جسم ۽ ميڄالي جي نسبت اڄوڪي ماڻهوءَ جيتري هئي. اوليگوسين زماني ۾ ڌرتيءَ تي گاهه جا وڏا ميدان پيدا ٿيا ۽ ان ئي دؤر ۾ وڏي جسمات وارو جانور ”اندرا ڪوٿيزيم“ ايشيا ۾ نظر اچي ٿو. ڊگهي ڳچي واري هن رينوسارس جو قد لڳ ڀڳ 15- فٽ هو. هن ئي زماني سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙي مخلوق جا پنڊ پهڻ مصر جي ”فايوم“ علائقي مان مليا آهن، جيڪي انسان/ بن مانسي نسل جا تڙ ڏاڏا ٿي سگهن ٿا.

مايوسين زماني ۾ ايشيا ۽ يورپ ٻيلن سان ڀريل هئا. ان زماني جي پڇاڙڪي وقت ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي وچ ۾ موجود خشڪ گذرگاهن تان ڀولڙا، بن مانس ۽ ان سلسلي جون ٻيون مخلوقون اتر ڏانهن وڌيون. انهن ۾ هڪ ٻيو ڳرو نسل ”ڊرايوپٿيڪس“ هو، جيڪو اڄوڪن جيئرن بن مانسن جو پڙ ڏاڏو سمجهيو وڃي ٿو، جن ۾ چمپانزي، گوريلو، ورنگوٽان ۽ گبن شامل آهن. ڊرايوپٿيڪس کان پوءِ ان ئي دؤر جي پڇاڙڪي وقت ۾ رامپٿيڪس ظاهر ٿيو، جيڪو هاڻوڪي انساني نسل جي ارتقا واري سلسلي ۾ سڌي ليڪ تي بيٺل نظر اچي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رامپٿيڪس جا پنڊ پاهڻ سنڌو ماٿريءَ جي ڪنڌي تي موجود پوٺوهار علائقي مان به مليا آهن. مايوسين دؤر جي مهڙ ۾ ئي بلوچي ٿيريم ڊائنوسار بلوچستان ۾ موجود هو. جنهن جو قد ڪلهن تائين 18- فٽ هو. هي جانور، ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڳرو ۽ ڊگهو مماليه هو. مٿي تي سڱ ڪونه هئس، گاهه خور هو. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهو گينڊن جو تڙ ڏاڏو هو.

پلايوسين زماني ۾ ڌرتيءَ جي آبهوا ۾ تبديليون نظر اچن ٿيون، جنهن ڪري وڏي ڀاڱي ۾ خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون هليون، تڏهن کان جانورن ٻيلن ۽ ميداني علائقن مان ڪنهن هڪ پاسي رهڻ جي چونڊ ڪئي. هن زماني ۾ اسان کي Gigantopithcus بن مانس به ميداني علائقي ۾ ڏسجي ٿو، جيڪو قد بت ۾ ڊرايوپٿيڪس کان به ڳرو هو. ساڳئي دؤر ۾ ڏاکڻو ماڻهو يعني آسٽرالوپٿيڪس به سامهون آيو.

5-     ڪوارٽرنري زمانو: هيءُ دؤر اڄ کان پنجويهه پنجاهه لک سال اڳ شروع ٿي، اڄ تائين پهتو آهي. ڪي محقق هن دؤر کي سينوزوئڪ جڳ کان پوءِ چوٿون جُڳ ڪري ليکين ٿا. بهرحال ڌرتي ۽ زندگيءَ جي ارتقا جي لحاظ کان هيءُ جديد زمانو آهي، جنهن کي اڃا به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:

(i) پلائسٽوسين (Pleistocene): هي دؤر لڳ ڀڳ پنجاهه لک سان اڳ شروع ٿي 11-10 هزار سال اڳ ختم ٿي ويو. ان دؤر ۾ ڪيئي ڀيرا زبردست موسمي تبديليون آيون ۽ ڌرتيءَ جي وڏن ڀاڱن تي برف جا وڏا تهه چڙهي ويا. اتر وارن علائقن ۾ اهي تهه اڪثر هنڌن تي ڏهه ڏهه هزار فٽ اوچا هئا. جڏهن جڏهن برف جا تهه وڌيا ٿي، تڏهن تڏهن سمنڊ جي سطح هيٺ ٿي پئي وئي ۽ مختلف قسم جا جانور ۽ مخلوقون ڌرتيءَ جي مختلف حصن تي سولائي سان پکڙجي ٿي ويون. وري جڏهن برف پگهرڻ ٿي لڳي ته سمنڊن جي سطح وڌڻ سبب هيٺاهينءَ واريون زمينون پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي ويون. جنهن ڪري مخلوقون هڪٻئي کان جدا حالتن ۾ ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ ٿي لڳيون. ان عظيم دؤر وچ ۾ برف ڄمڻ ۽ پگهرڻ جا اٺ وڏا دؤر لڌا ويا آهن، جن مان اّري دؤر اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري هن سڄي دؤر کي برفاني دؤرن جو دؤر چئي سگهجيٿو. هن کان اڳ وارو برفاني دؤر اٽڪل 57 ڪروڙ سال اڳ هو. موسمن ۾ تبديلين ۽ سختين سبب زندگيءَ به وڏا عذاب ڏٺا، ڪيئي نسل ختم ٿي ويا ۽ انسان هاڻوڪي شڪل اختيار ڪري پٿر جي دؤر ۾ شامل ٿيو. ماهرن جي اندازي موجب پٿري دؤر جي پرڀات اڄ کان پنجويهه ٽيهه لک سال اڳ شروع ٿي. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن پٿر جي پرڀاتي دؤر سان تسلسل ۾ پٿر جو قديم دؤر شامل ڪيو آهي، جنهن کي پٿر جي سڀ کان قديم، وچين ۽ آخري قديم دؤر ۾ ورهايو ويو آهي.

(ii) هولوسين (Holocene): اڄ کان پندرهن هزار سال اڳ زمين تان برف ڳرڻ شروع ٿي وئي هئي، پر پوءِ (اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ) برف ڳرڻ جو عمل اوچتو ئي اوچتو وڌي ويو. ڌرتيءَ تي گرميءَ جي لهر تکي ٿي، سمنڊن جي سطح گهٽ وڌ ٿي، اتر وارن علائقن خاص ڪري هماليه جي دامن مان نديون ڀرجي ٻوڏ آڻڻ لڳيون ۽ ميدان موچارا ٿيڻ لڳا. سائنسدانن جي راءِ آهي ته مذهبي ڪتابن ۾ جنهن عظيم ٻوڏ جو تصور آهي، سو ان ئي زماني جو پڙاڏو آهي. برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ پاڪستان ۾ زرعي دؤر شروع ٿيو، جنهن جو هيل تائين هٿ آيل پهريون ثبوت مهر ڳڙهه (سبي، بلوچستان) آهي. انساني ارتقا جي لحاظ کان مهر ڳڙهه نيوليٿڪ سماج ۾ شامل ٿئي ٿو.

 

ڌرتيءَ تي برفاڻا دؤر

هي اهي دؤر آهن جڏهن ڌرتيءَ جا کنڊ ٿورا يا مڪمل حد تائين برف جي تهن ۽ گليشئرن هيٺان ڍڪجي ٿي ويا. اڄ ڪلهه جا گرين لينڊ ۽ انٽارڪٽڪا وارا برفاڻا تهه آخري برفاني دؤر جون پاڇيون آهن، جيڪو پلائسٽوسين (Pleistocene) دؤر ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ کان اٽڪل 10 هزار سال اڳ پورو ٿيو. ڌرتيءَ جو اڪثر ڏاکڻو اڌ گول ڪاربونيفيرئس دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ برفاڻي دؤر هيٺ آيو هو. گذريل هڪ ملين سالن دوران اتر اڌ گول جو ڳچ اتريون حصو برفاڻن تهن هيٺ ڍڪيل رهيو آهي، جيڪو هاڻي گهٽجي آرڪٽڪ واري بچيل مختصر حصي (Ice Cap) تائين وڃي بچيو آهي.

برفاني دؤر کي گليشل دؤر به چيو وڃي ٿو. برفاني دؤر ۽ انهن جي وچ ۾ گرم وقفا ڇو ٿا اچن؟ ان بابت سائنسدانن جا رايا مختلف آهن. بهرحال اهو نظريو سڀ کان پهرين 1837ع ۾ لوئس اگاسيز ڏنو هو ته زمين تي برفاني دؤر ايندا رهيا آهن. کوجنائن مان پتو پيو آهي ته سڀ کان عظيم برفاني دؤر ۾ اڄ کان تيرهوڻ ڀيرا وڌيڪ حصي تي برف ڄمي چڪي آهي، جنهن ڌرتيءَ جو اتريون اڌ گول ڍڪيو. آمريڪا ۾ اها برف ان هنڌ تائين پکڙيل هئي، جتي هاڻي نيويارڪ شهر، سينٽ لوئس ۽ مسوري (Missori) ندي آهي. يورپ ۾ لنڊن جي اتر تائين برف هئي. ڏکڻ يورپي روس جي به ساڳي حالت هئي، اڪثر هنڌن تي برف جي سرحدي ليڪ ان جي هاڻوڪي حد کان 4000 فٽ هيٺ هئي. آرڪيٽڪ وڏي سمنڊ تي برف ڄميل هئي ۽ برف اينٽلانٽڪ سمنڊ تائين پکڙيل هئي. اڪينڊينيويا وارو برفاني تهه جيڪو ڳچ يورپ تي چڙهيل هو، اٽڪل 10 هزار فٽ ٿلهو هو.  اتر آمريڪا ۾ لائورينٽائڊ برفاڻو تهه انگلينڊ واري تهه کان به 5500 فٽ يا وڌيڪ ٿلهو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته اهي برفاڻا تهه سمنڊ جي پاڻين مان ٺهيا، ان ڪري سمنڊ جي سطح گهٽ ۾ گهٽ 300 فٽ گهٽجي وئي هئي ان کان پوءِ جڏهن برف ڳرڻ لڳي، تڏهن خالي ٿيل گهرايو ٻيهر ڀرجڻ لڳيون. اهڙيءَ طرح هيل تائين ڪافي هنڌن تي سطح ۾ 1000 فٽن جي اوچائي ماپي وئي آهي، جڏهن ته اها واڌ اڃا جاري آهي.

پيئرز سائيڪلوپيڊيا موجب ڪاربان ڊيٽنگ واري ٽيڪنڪ جي بنياد تي اندازو لڳايو ويو آهي ته گذريل برفاني دؤر جي شروعات 25 هزار سال اڳ ٿي ۽ 16 هزار کان 18 هزار سال اڳ اها پنهنجي عروج تي پهتي ۽ پڄاڻيءَ مهل يعني تقريبن 8 هزار سال اڳ بالٽڪ علائقن ۽ وڏين ڍنڍن تان برف هٽڻ شروع ٿي.

ان کان اڳين برفاڻو دؤر اٽڪل 60 کان 40 هزار سال اڳ برپا ٿيو. ان کان اڳيون وقفو غالباً 70 هزار سال اڳ ختم ٿيو. اوائلي پلائسٽوسين برفاڻي دؤر بابت خاطري سان نٿو چئي سگهجي، پر هڪ ڪاٿي موجب اهو هڪ ملين سال اڳ شروع ٿيو. انهن زمانن ۾ زمين جي وچن حصن ۾ گرمي جو سراسري درجو 6 ڊگريون سينٽي گريڊ تائين رهيو هوندو.ممڪن آهي ته استوائي علائقن ۾ گرميءَ جي ڦيرڦار ۾ وڏو فرق نه هجي، پر برفاني علائقن جي ويجهو اهو فرق ڪافي هيٺ مٿي رهيو هو.

پلائسٽوسين دؤر کان اڳ وارن زمانن ۾ به برفاني دؤر آيا هئا، پر اهي گهڻو اڳ جا واقعا آهن. اٽڪل 200 کان 600 ملين سال اڳي ۽ شايد ان کان اڳ به اهڙا دؤر آيا هوندا.

هن کان اڳ سمجهيو ويندو هو ته دنيا تي فقط ٽي يا چار برفاني دؤر آيا آهن، پر جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته اهڙا لڳ ڀڳ 20 دؤر اچي چڪا آهن ۽ امڪان آهن ته هڪ نئون دؤر وڌ ۾ وڌ ايندڙ 60 هزار سالن ۾ عروج تي پهچندو، ڇو ته اهو بالڪل ممڪن آهي ته پلائسٽوسين دؤر اڃا ختم نه ٿيو هجي.

مکيه برفاني دؤر

ملين سال اڳ

1.7 ملين سال اڳ کان 10 هزار سال اڳ

Pleistocene

250-330

Permo-Carboniferous

430-440

Ordovician

570-615

Verangian

770-820

Sturtian

880-940

Gnejoso

1800-2700

Huronian

تازو ئي اتر يورپ تي هڪ ننڍڙو برفاني حملو 13 کان 17 يا 16 کان 19 صدي عيسويءَ ۾ ٿيو. ان دؤر جو لکڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته درياهه ٿيمز (Thames) جيڪو هاڻي ڪونه ڄمندو آهي، اڳ ايترو ڄمي ويندو هو جو ان تي ميلا لڳندا هئا.

 

 

ارضياتي صورتحال

ارتقائي صورتحال

پلائسٽوسين ايام

پهريون برفاني دؤر

6,00,000 کان 5,40,000 سال

پهريون گرم وقفو

5,40,000 کان 4,80,000 سال

هومو ايرڪٽس يا اڀو ماڻهو

 

ٻيو برفاني دؤر

480000 کان 430000 سال

 

 

ٻيو گرم وقفو

430000 کان 240000 سال

اوائلي باشعور ماڻهو

 

ٽيون برفاني وقفو

240000 کان 180000 سال

ٽيون گرهه وقفو

 180000 کان 120000 سال

سائٽ 101(ٺٽو) اوائلي

باشعور ماڻهو

باشعور ماڻهو

 

چوٿون برفائي دؤر

1,20,000 کان 19,000 سال

1,00,000 کان 40,000 هزار سال، پٿر جي اوائلي دؤر جي پڄاڻي ۽ وچين دؤر جي شروعات.

40,000 کان 10,000 سال اڳ

 

 

نينڌڙ ٿال

 

مڪمل آدم

ڪروميگنان

 

 

واقعن جي ڪرونولاجي

30,000,000 سال اڳ سڀ کان اوائلي بن مانس جا پنڊ پاهڻ. اوليگوين دؤر.

20,000,000 سال اڳ اوائلي بن مانس جا پنڊ پاهڻ. مايوسين دؤر، پروڪائونسل اوڀر آفريڪا ۾.

1,700,000 سال اڳ هيٺيون پلائسٽوسين دؤر، اوائلي انسان نما مخلوق، شڪاري ۽ خوراڪ ميڙيندڙ آسٽرالوپٿيڪس، پيليوليٿڪ جو پهريون درجو يا پٿر جو پراڻو دؤر.

400,000 ق. م. اڀي انسان جو مرحلو؛ (جاوا، چائنا، آفريڪا) هن انسان وٽ وڍڻ جا اڍنگا اوزار ۽ اوائلي هٿ ڪهاڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (هئڊل برگ ڄاڙي)

1,80,000 ق. م. نيندر ٿال نسل جا ابا ڏاڏا (يورپ)- سڌريل هٿ ڪهاڙين سان گڏ.

70,000 ق. م. نيندر ٿالي لوڪ (يورپ، ايشيا، آفريڪا) چٿڙن وارا اوزار ۽ ”مڪمل ماڻهو“ (جاوا)

30,000 ق. م. ٻيو ٿڌو دؤر، نئون ماڻهو بهتر اوزار ٺاهي ٿو. ننڍيون ڇريون، تصويرون ڪشي. ڪروميگنان.

10,000 ق. م. آخري برفاني دؤر جي پڄاڻي ۽ پروٽونيوليٿڪ ڪلچر. وچ اوڀر ۾ جيريڪو ۾ زرعي سيٽلمينٽ.

6000 ق. م. کان 1800 ق. م. تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٺڪريءَ ۽ پٿر واريون ثقافتون ۽ تهذيبون.

1500 ق. م. هندستان ۾ ويدڪ لٽريچر.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org