سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 8

 

آفريڪا

 

جيتوڻيڪ، اها ڪا قطعي ڳالهه نه آهي ته هروڀرو آفريڪا ئي انسان جي پيدائش ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي يا هتي ئي اهو نسل ظاهر ٿيو، جنهن سڀ کان پهرين ٻن پيرن تي پنڌ ڪيو، پر گهڻن ئي ماهرن جو خيال آهي ته ايئن ئي ٿيو هوندو. ان جو سبب شايد اهو آهي ته انساني نسل جي سلسلي سان لاڳاپيل مخلوق جا سڀ کان پراڻا آثار سڀ کان پهرين هتان ئي مليا. هتان ان سلسلي جي هڪ مخلوق جو پنڊ پهڻ مليو هو، جيڪا 5- ملين سال اڳ آفريڪا ۾ گهمندي ڦرندي هئي.

آفريڪا کنڊ ۾ انساني ارتقا لاءِ تمام مناسب ماحول موجود هو. ڇاڪاڻ ته ان علائقي ۾ زميني چرپر، جبلن جي ڀڪوڙ ۽ برفاني دؤرن جون سختيون نه هيون. ڌرتيءَ جا اُتريان علائقا ان معاملي ۾ سخت حالتن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن.

ماڻهوءَ جو ظهور ڪيئي ملين سالن جي هڪ وڏي برفاني دؤر کان اڳ ٿيو ۽ ماڻهوءَ جي ارتقائي مرحلن دوران مختلف ٿڌا ۽ گرم دؤر ايندا رهيا، جڏهن برف ڏکڻ طرف وڌندي ۽ اُتر طرف محدود ٿيندي رهي. انهن شديد ٿڌن ۽ گرم دؤرن جي شدت وڻن ۽ جانورن کي وڏا هاڃا رسايا، خاص ڪري اتر وارن خطن ۾ ٿڌن دؤرن ۾ يورپ واري علائقي ۾ الپائن جبل جي نباتيات، سانڀر (Reindeer) ۽ آرڪيٽڪ لومڙي جو نسل وڌيو. پر جڏهن برفاني تهه گهٽيا، تڏهن ٿيمس (Thames) ۾ هيپوپوٽيمس ۽ اُتر ۾ پارڪ شائر تائين شينهن پهچي ويا.

ناموافق حالتن جي ڪري ڪجهه جانورن پاڻ ۾ تبديليون آنديون. مثال طور: ان وارو گينڊو يا بُج وارو هاٿي ميموٿ. قديم ماڻهو وري اهو رستو ڳولي ڪڍيو، جو هن پنهنجي جسم تي وار چاڙهڻ بدران ٻين جانورن جون کلون لاهي پائڻ ۽ باهه تي پاڻ سيڪڻ شروع ڪيو. ان هوندي به انهن علائقن ۾ اهڙا سخت ڏينهن آيا هوندا، جو ماڻهو گرم علائقن ڏانهن لڏڻ تي مجبور ٿيا هوندا. نيٺ 10- هزار سال اڳ برف جو تهه آخري ڀيرو پوئتي هٽڻ شروع ٿيو. ان مهل تائين ڪافي سڌريل انسان (Homo Sapiens) سامهون اچي چڪو هو ۽ هنن نين موسمي حالتن مان لاڀ حاصل ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ان سان گڏ انساني نسل کي درپيش وڏن خطرن جو زمانو ختم ٿي ويو.

انسان جي ارتقا تي بحث هڪ اهڙو موضوع آهي، جو عقيدي کي وچ ۾ آڻڻ سان ارتقا جي ٿيوريءَ کي ليڪ اچي وڃي ٿي، ان ڪري ان بحث کان پاسو ڪندي، فقط ايترو چئجي ٿو ته 19- صديءَ جي وچ تائين سڄي دنيا ۾ ايئن ئي سمجهيو ٿي ويو ته دنيا ۾ موجود هر نسل ۽ مخلوق ان ئي صورت ۾ پيدا ٿي آهي، جيئن اڄ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان ۾ ڪڏهن به ڪا ڦيرڦار نه آئي آهي. ان خيال کي پهريون ڀيرو چارلس ڊارون 1859ع ۾ غلط سڏيو. هو پاڻ فطرت جي علمن جو ماهر هو. هن هڪ ڪتاب لکيو: “Origin of Species by means of Natural Selection”. ان ڪتاب ۾ هن لکيو ته سموري مخلوق هڪٻئي سان تعلق رکي ٿي، پر اها ڊگهي وقت جي عمل ۾ هڪٻئي کان مختلف ٿيندي وئي آهي. هن ايئن به چيو ته سڌريل بن مانس ۽ ماڻهو هڪ ئي تڙ ڏاڏي جو اولاد ٿي سگهن ٿا. ڊارون جي پنهنجي وقت ۾، ان نظرئي جي حق ۾ ڪي گهڻا ثبوت ڪونه هئا، پر پوءِ وقت سان گڏ لڀجندڙ نت نون پنڊ پهڻن جي اڀياس سان ڪافي ٽٽل ڪڙيون ڳنڍجڻ لڳيون.

هر جاندار وانگر ماڻهو يا ماڻهو نما مخلوق به خوراڪ جي تلاش ۾ رلندڙ مخلوق هئي. ان ريت هيءَ شڪاري مخلوق، آزاد هٿن ۾ شڪار لاءِ لٺيون ۽ پٿر کڻي شڪار ڪرڻ لڳي ۽ انهن ئي هٿيارن جي مدد سان پاڻ کي به شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لڳي. هن ذهن استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. هٿن جي آزاديءَ سان هو ڄڻ ته پاڻ آزاد ٿي ويو ۽ هن جي آڏو تسخير لاءِ هڪ دنيا کلي پئي. هٿيارن جي تياري به هڪ ڏينهن ۾ ڪونه ٿي. هڪ قسم جي هٿيار کان ٻئي هٿيار جي تياريءَ ۾ به هزارها سالن جو وقفو پئجي ٿي ويو. هٿيارن جا ارتقا تي اڳتي بحث ڪبو. في الحال انسان جي پنهنجي ارتقا جا مرحلا ڏسون.

40- ملين سال اڳ ملندڙ نسل کان وٺي، جنهن بابت خيال آهي ته اهو وڏن بن مانسن ۽ ماڻهن جو گڏيل تڙ ڏاڏو هو، اڄ جي جديد انسان تائين وچ واري عرصي ۾ جن به نيم ماڻهو- نيم بن مانس مخلوقن جون خيالي تصويرون جوڙيون ويون آهن. اهي 100 سيڪڙو خيالي نه آهن. انهن جو قد بت، وزن، جسماني بيهڪ، مهانڊا ۽ عادتون وغيره انهن پنڊ پهڻن جي آڌار تي بحال ڪيا ويا آهن، جيڪي وقت به وقت مليا آهن. البت انهن جي کل جو رنگ، وارن ۽ بُجن جو اندازو موسمي حالتن يا ڌڪي تي آهي.

انسانن ۽ ٻين جهنگلي جانورن جي جسماني نشونما ۾ هڪ خاص ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته سمورن شڪاري جانورن شڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم مان هٿيار پيدا ڪيا آهن. مثال طور شينهن، بگهڙ ۽ ان نوعيت جي جانورن پنهنجا چنبا ۽ ننهن مضبوط ۽ تکا ڪيا. ڏند، ڪاتن جهڙا تيز ڪيا. گاهه خور جانورن پنهنجي بچاءَ لاءِ سڱ وڌايا. جيڪي جانور ايئن نه ڪري سگهيا، سي وڌيڪ شڪار ٿيا يا وري ڌڻ ٺاهي رهڻ لڳا. انسان به ڪمزور جانور هو ۽ ان پنهنجي جسم جي ڪنهن به عضوي کي هٿيار نه بڻايو. اها واحد مخلوق آهي، جنهن پنهنجا هٿيار پنهنجي ذهن جي مدد سان ماحول مان چونڊيا ۽ انهن کي وقت سان گڏ بهتر کان بهتر ڪيو. سندس هٿيار ٻن قسمن جا هئا، هڪڙا لوهه، ڪاٺي، هڏي يا پٿر مان جڙيل ۽ ٻي باهه. اها ارتقا انسان جي ذهن جي استعمال سان ٿي. ان ريت نه رڳو انساني هنر بهتر ٿيندو ويو، بلڪ خود انسان جي دماغ واري چئمبر به وڏي ٿيندي وئي.

 

قديم ترين انسان ۽ پٿري هٿيارن جي ارتقا

2- ملين سال اڳ واري انسان ڪي خاص قسم جا اوزار ٿي گهڙيا، پر جڏهن انسان Homo Sapiens منزل تي پهتو ته هن جا اوزار به نفيس ۽ وڌيڪ ڪارائتا ٿي چڪا هئا. اچو ته هڪ نظر انهن انبنانن نما مخلوقن جي هٿيارن تي وجهندا هلون.

40- ملين سال اڳ واري مخلوق چئن پيرن تي هلندڙ اهڙي باندر جهڙي هئي، جنهن کي پُڇ نه هو، هن جا هٿ آزاد نه هئا، تنهن ڪري هن هٿيار استعمال نه ڪيو هوندو. اهو ڌرتيءَ تي ڊائنوسارن جي راڄ وارو زمانو هو. هن مهل تائين ان مخلوق جا ڪي به تفصيل نه مليا آهن. تنهن ڪري ان کي انومان ئي سمجهڻ گهرجي. بهرحال ان نسل بابت گهڻي قدر راءِ اها ئي آهي ته اها ٻيلن ۾ رهندي هئي.

ان کان پوءِ ٻي مخلوق 14- ملين سال اڳ موجود هئي، جنهن کي راماپٿيڪس چيو وڃي ٿو. قد ڪاٺ ۾ اها ڪجهه وڏي چئمپانزيءَ جهڙي ڏسجي ٿي. اها انساني نسل جي ارتقا واري لائين ۾ بيٺل سڀ کان پراڻي مخلوق آهي. ان مخلوق جا پنڊ پهڻ جيئن ته هندستان جي شوالڪ ٽڪرين مان مليا، ان ڪري ان کي راماپٿيڪس ۽ شيواپٿيڪس به چيو ويو، ڇاڪاڻ ته ”رام“ ۽ ”شو“ هندستان جا سڀ کان اهم ڏندڪٿائي ۽ نيم تاريخي ڪردار آهن. ساڳي مخلوق جا پنڊ پهڻ آفريڪا مان به مليا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اها مخلوق ايشيا کان آفريڪا تائين پکڙيل هئي. بظاهر ايئن ٿو لڳي ته راماپٿيڪس ٻن پيرن تي بيهي سگهندو هو. ان جو دماغ سڌريل هو ۽ ٻانهون وڌيڪ حساس هيون. اها مخلوق پنهنجن دشمنن کي ڊيڄارڻ لاءِ وڻن جون ٽاريون، لٺ يا پٿر به هٿ ۾ کڻندي هئي.

راماپٿيڪس کان پوءِ آسٽرالوپٿيڪس اهم نسل آهي، جيڪو انسان جهڙو بن مانس هو. اهو نسل اٽڪل 5- ملين سال اڳ ڏکڻ ۽ اوڀر آفريڪا ۾ رهندو هو. ان جو ميڄالو اڄڪلهه جي بن مانس کان وڏو ڪونه هو، پر اهو ٻن پيرن تي هلندو هو ۽ غالباً هٿيار استعمال ڪندو هو. هي نسل باقاعدي هٿيار تيار ڪونه ڪندو هو پر کاڌي کان پوءِ بچيل ڀڳل نوڪدار هڏيون يا قدرتي طور ڀڳل گول پٿر (Pebbles) ڪنهن اوچتي وقت ۾ استعمال ڪندو هو، پر پوءِ انهن کي اتي ئي ڇڏي اڳتي راهي ٿي ويندو هو.

اٽڪل اڍائي ملين سال اڳ آسٽرالوپٿيڪس جو همعصر هڪ ٻيو انساني نسل (1470 Man) اوڀر آفريڪا ۾ نظر اچي ٿو. هو ٻن پيرن تي هلندو هو ۽ سندس ميڄالو ڪنهن به بن مانس کان وڏو هو. ماهرن جو خيال آهي ته هي پهريون ماڻهو آهي، جنهن واقعي پٿر گهڙي اوزار ٺاهيا. هي قديم ترين ماڻهو گول پٿرن کي هڪٻئي سان ٻه ٽي ڀيرا ٽڪرائي ڀڃڻ کان پوءِ انهن کي ٿوري بهتر شڪل ڏئي وڍ ڏيندڙ پاسا يا ڪنارا ٺاهي اوزار طور استعمال ڪندو هو. اها ثقافت غالباً هڪ لک سالن تائين هلي.

 

 

”آسٽرالو پٿيڪس“ ماڳ

اهي علائقا جتان جتان آسٽرالو پٿيڪس مخلوق جون کوپڙيون لڌيون ويون آهن. هتي اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته اها مخلوق اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندي هئي.

 

 

”اُڀو انسان“ ماڳ

اهي علائقا جتان اُڀي انسان جون کوپڙيون لڌيون ويون. اهي کوپڙيون چين، ڏکڻ ايشيا، اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا ۽ يورپ مان مليون.

ان کان پوءِ اُڀو انسان (Homo Erelus) نظر اچي ٿو، جيڪو 5- لک سال اڳ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل هو. هن نسل کي انسان سڏڻ تي سمورا اينٿروپالجسٽ متفق آهن.ا هو نسل باهه ٻاريندو هو ۽ وڏا جانور شڪار ڪندو هو. هن انسان آفريڪا ۾ ساديون هٿ - ڪهاڙيون تيار ڪيون، پر خيال آهي ته سندس فن ڏکڻ اوڀر ايشيا نه پهچي سگهيو، جتي ان وقت تائين گهٽ نفيس اوزار ٺهندا هئا.

هومو ايرڪٽس کان پوءِ نيندرٿال اهم انساني نسل آهي. اها اٽڪل 70- هزار سال اڳ جي ڪهاڻي آهي، جڏهن برفاني دؤر آخري ڀيرو ڏکڻ طرف وڌڻ لڳو هو. اڪثر يورپ ۾ هي نسل پکڙيل هو. سائنسدان ان کي Homo Sapiens جي هڪ شاخ سمجهن ٿا، جيڪا باقي نه رهي ۽ ختم ٿي وئي. جيتوڻيڪ سائنسدانن جو اصرار آهي ته نيندرٿال انسان ختم ٿي ويو. پر نيندرٿال نسل جي خاتمي جي دعويٰ تي اعتبار ان ڪري نٿو اچي ته اهو نسل يورپ ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل هو ۽ ان دؤر جو انسان زبردست موسمي تبديلين ۾ زنده رهڻ جي طور طريقن کان چڱي طرح واقف هو. نيندرٿال ماڻهو چقمقي پٿر (Flint) مان کرچڻا (Scrapers) ٺاهيندو رهيو. هن جي اوزار ٺاهڻ واري ٽيڪنيڪ چٿڙ جا چٿڙ لاهڻ هئي. جڏهن ته هن کان اڳا پٿر جي بُڻ (Cores) جا چٿڙ لاٿا ويندا هئا ۽ انهن جي ڌارن مان ننڍا چٿڙ ڪيا ويندا هئا.

نيندرٿال ماڻهوءَ کان پوءِ جديد انسان جو دؤر 35- هزار سال اڳ کان شروع ٿيل سمجهيو وڃي ٿو. ان کي جديد انسان (Homo Sapiens) چيو وڃي ٿو. هن بابت شڪ آهي ته اهو يورپ کان ٻاهر سڌريو پر ان جون باقيات فرانس مان لڌيون ويون آهن، جيڪي 35- هزار سال پراڻيون آهن. هن مهل تائين انسان اوزارن جي طور تي مختلف شيون جهڙوڪ: هڏيون، سانڀر ۽ ڦاڙهي جا سڱ، ڪاٺ ۽ پٿر کي خاص قسم جا اوزار ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن اوزارن ۾ هڪ مڇي مارڻ جو نيزو به آهي، جيڪو ڦاڙهي جي سڱن مان ٺاهيو ويو، هڪ چقمقي پٿر جو کرچڻو به آهي. ٻين اوزارن ۾ گول سِري ۽ ٻن ڇيڙن وارو اوزار به آهي، جيڪو چمڙي ۾ سوراخ ڪڍڻ جي ڪم ايندو آهي.

 

آفريڪي ڍنڍن جا ڪنارا، جتي پٿر جو دؤر شروع ٿيو

خيال آهي ته 2- ملين (20- لک سال) اڳ انسان جا پڙ ڏاڏا هڪ اهڙي مخلوق هئا، جيڪا ٻن پيرن تي هلندي هئي ۽ پاڻيءَ جي ويجهو ۽ جهنگ جي ڪنارن تي رهندي هئي ۽ پنهنجي چوڌاري پکڙيل پٿرن مان اوزار گهڙيندي هئي.

جاگرافيءَ جي لحاظ کان 20- لک سال اڳ ڌرتيءَ جو خشڪي وارو نقشو لڳ ڀڳ ايئن ئي هو، جيڪو اڄ به آهي. زمين جي اڪثر حصن تي ٻيلا هئا، باقي گهٽ زرخيز علائقن تي گاهه جا ميدان هئا. پاڻي ۽ برساتن جي صورتحال اڄ کان بهتر هئي. جهرڻن جي جهرجهر، پکين جون ٻوليون، شڪاري جانورن جون گجگوڙون ۽ شڪار جون خوف ۾ رنڀون، ٻاڪارون، ڪيهون ۽ ٽاپيون وڌيڪ هيون.

هي دؤر بيضا ڏيندڙ وڏن جانورن کان آزاد هو ۽ انهن جي جاءِ تي ٻچا ڏيندڙ ننڍا وڏا جانور ڌرتي تي نظر اچڻ لڳا هئا. ٻين اکرن ۾، هاڻي هيءَ ڌرتي ڊائنوسارن بدران مماليه جي هئي. هن دؤر ۾ هاٿي، شينهن، گينڊي، گهوڙي، سوئر، ڳئون، بگهڙ ۽ هرڻ وغيره جا پڙڏاڏا به ٻيلن ۽ ميدانن ۾ سرگرم هئا. انهن ۾ ئي انسان جهڙا مختلف نسل (Hominids) به موجود هئا، جيڪو ان دؤر ۾ پاڻ شڪاريءَ کان وڌيڪ شڪار هو. شڪار ٿيڻ جي خوف کان ئي انسان ٽولن ۾ رهي، پنهنجي قوت کي اجتماعي قوت ۾ تبديل ڪيو ۽ گڏ رهڻ ڪري باهمي تجربن مان سکندو رهيو. انهن Hominids جون تمام ٿوريون هڏيون آفريڪا مان مليون آهن، ان ڪري سائنسدان ان ٻڏتر ۾ به آهن ته انهن جي مدد سان اوائلي انسان جي واقعي ڪهڙي صورت بيهندي. اها ته پڪ ٿي چڪي آهي ته انساني نسل جا وڏا 20- لک سال اڳ يا ان کان به پهرين بهرحال، ٻن پيرن تي هلندا هئا، ٻيلن جي ڪنارن تي رهندا هئا ۽ سندن خوراڪ ۾ ڀاڄيون، ميوا ۽ ننڍا جانور شامل هئا. جيئن ته انسان پنهنجي جسم جي عضون کي تکن اوزارن ۾ ڪونه بدلايو هو، تنهن ڪري هي ڌرتيءَ تي واحد نسل هو، جنهن چنبن ۽ ڏندن بدران بيروني اوزار يعني پٿرن مان گهڙيل تکي ڌار وارن اوزارن سان شڪار ڪيو ٿي، گوشت وڍيو، چيريو ۽ ٽڪرا ڪيو ٿي. پٿرن مان گهڙيل اوزارن جو هڪ وڏو فائدو ٿيو. انسان ڪمزور شڪاريءَ مان ڦري ڌرتيءَ جي طاقتور شڪاري نسلن مان هڪ ٿي پيو ۽ ٻي همعصر مخلوق جي خلاف هن جي مزاحمتي ۽ اڳرائيءَ واري طاقت وڌي وئي.

آفريڪا ۾ هن مهل تائين لڌل سڀ کان قديم اوزار اڍائي ملين (25- لک) سال پراڻا آهن. اهي اوزار ڪينيا جي اتر مان روڊولف (Rudolf) ڍنڍ وٽان مليا هئا. 1972ع ڌاري رچرڊ لِيڪي، جيڪو ڪينيا جي قومي عجائب گهرن جو ڊائريڪٽر هو، هن هڪ کوپڙي ۽ ڄنگهه جون هڏيون لڌيون، جيڪي انسان جهڙي مخلوق جون هيون. شڪ آهي ته اهي اوزار ان ئي انسان ٺاهيا هئا. سندس دماغ جديد انسان جي ڀيٽ ۾ اڌ کان ڪجهه وڌيڪ ۽ اڄ ڪلهه وارن چمپانزي ڀولڙن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو، يعني اٽڪل 880cc هو. سندس ڄنگهن جي هڏن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان انسان جو قد اٽڪل 5- فٽ هو ۽ سڌو هلي سگهندو هو. سائنسدانن ان مخلوق کي انساني نسل جو حقيقي پڙاڏو قرار ڏنو ان کي ابتدائي طور ”1470- ماڻهو“ چيو ويو. غالباً اهو ان اندراج جو نمبر آهي، جنهن هيٺ سندس هڏيون نيشنل ميوزيم ڪينيا ۾ رجسٽر ڪيون ويون.

ان کان پوءِ اوزار ٺاهيندڙ هڪ اوائلي مخلوق جو ٻيو رڪارڊ به اوڀر آفريڪا مان ئي مليو. ان نسل کي (Homo Habilis) ”هينڊي مئن“ چيو ويو. هن کي اهو نالو ڊاڪٽر لوئس ليڪي (Dr. Louis Leakey) (1972-1903) ڏنو، جيڪو ڊاڪٽر رچرڊ لِيڪي جو پيءُ هو. هن هڏين جا ڪجهه ٽڪرا تنزانيه ۾ اولدو واءِ جابلو گهٽي (Olduvai Gorge) مان لڌا، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هڪ قديم ڍنڍ سان لاڳاپيل هئي. هومو هيبل نسل اٽڪل 1.75 ملين (ساڍا سترهن لک) سال اڳ موجود هو. ان جي هڏين جي ٽڪرن مان اندازو هنيو ويو آهي ته ان جو ميڄالو فقط 680cc هو ۽ جيتوڻيڪ اهو نسل ”1470 ماڻهو“ وانگر پيرن تي هلندو هو، پر ان جو قد فقط 4- فٽ کن هو. اوائلي ماڻهو جو ٻن پيرن تي بيهڻ تمام اهم ڳالهه آهي، ان ڪري بار بار ان سوال تي زور ڏنو وڃي ٿو ته ڇا اها مخلوق ٻن پيرن تي هلندي هئي؟ ٻن پيرن تي بيهڻ معنيٰ هٿن جو آزاد ٿيڻ، ان مخلوق جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچڻ، شڪار ۽ دشمن تي چٽي ۽ پري تائين نظر رکڻ.

آفريڪا ۾ قديم پٿري زماني جون دريافتون في الحال خاص طور تي ٽن علائقن ۾ ٿيون آهن. آفريڪي کنڊ جي اتر اولهه واري ڪنڊ تي ڀونوچ سمنڊ وارو ڪنارو، وچ اوڀر آفريڪا، ڪينيا ۽ تنزانيا جا علائقا، جتي روڊولف ڍنڍ، وڪٽوريا ڍنڍ ۽ اولدواءِ گارج وغيره واقع آهن ۽ ٽيون ڏاکڻي علائقي ۾ تائونگ (Taung) وارو علائقو، جتي گهٽ ۾ گهٽ چار ماڳ مليا آهن.

روڊولف ڍنڍ جي گرم ۽ وارياسين ڪنڌين دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي تاريخ کان اڳ وارو دؤر جي شاهوڪار ترين ماڳن مان هڪ ثابت ڪرائي ڇڏيو آهي. قديم آثارن جا جڏهن به ”آفريڪا، انسان جو هندورو“ جو لفظ استعمال ڪندا آهن تڏهن انهن مان اڪثر جو اشارو روڊولف ڍنڍ ۽ اتي اوزار ٺاهيندڙ اوائلي ماڻهن ڏانهن هوندو آهي.

 

آفريڪا ۾ پهريان اوزار

هوموهيبلس ۽ ”ماڻهو 1470“ جا هٿ ايئن ئي هئا، جيئن هاڻي اسان جا آهن، يعني ٿلها، آڱرين جا ويڪرا پور ۽ سڌا ننهن. پر انهن هٿن جي گرفت شايد وڌيڪ بي ڍنگي هوندي. جديد ماڻهو ٻن قسمن جي گرفت رکندو آهي، شين کي مضبوطيءَ سان جهلڻ لاءِ طاقت واري گرفت ۽ ٻي خاص گرفت، جيڪا ڪنهن شيءِ کي جهلڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ آڱوٺي ۽ آڱر جي مدد سان رکبي آهي. اوائلي ماڻهوءَ جي هٿ واري گرفت ته مضبوط هئي، پر آگوٺي جي مدد واري گرفت ان ڪري ڪمزور هئي، جو سندس آگوٺي ۾ جديد انسان جي آڱرين ۽ آگوٺي جيتري لچڪ نه هئي. ان هوندي به اوائلي انسان ۾ اها مخصوص گرفت ايتري هئي، جو هو پٿرن مان سادا اوزار گهڙي پيو سگهي، گوشت وڍي پئي سگهيو ۽ نباتياتي خوراڪ کي ٽڪر ٽڪر ڪري ٿي سگهيو.

اهي سڀ کان اوائلي اوزار گول پٿرن مان ٺهيل آهن. اهي ظاهري طور تي ايترا ته سادا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اهي قدرتي طرح ڇليل آهن يا اوائلي ماڻهوءَ ڇليا آهن. اوائلي ماڻهو گوشت وڍڻ يا جانور جي کل لاهڻ لاءِ تکي ڌار وار ننڍڙا چٿڙ حاصل ڪرڻ خاطر عام طور تي هڪ پٿر کي ٻئي پٿر سان ڌڪ هڻندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن چٿڙن کي ٻن پاسن کان ڇليو ويندو هو ته جيئن وڌيڪ نوڪدار اوزار ٺهي. اوائلي ماڻهن جي هٿن سان ٺهيل اوزار اوائلي انسان جي اؤسر کي سمجهڻ ۾ تمام مددگار آهي، ڇاڪاڻ ته خود انهن اوائلي ماڻهن جون هڏيون تمام اڻلڀ آهن ۽ محض اتفاق سان لڀجي پون ٿيون. زماني جي وڏي ڪئنواس تي پکڙيل هڪجهڙن اوزارن کي ڏسي اندازو هنيو ويو آهي ته ترقيءَ جي رفتار تمام گهٽ رهي آهي. جيتوڻيڪ گول پٿرن مان گهڙيل اوزار ۽ هٿ ڪهاڙي ساڳيا ئي اوزار آهن ۽ ساڳي ٽيڪنيڪ سان گهڙيا ويا هئا، پر انهن وچ ۾ فرق پيدا ٿيڻ ۾ لکها سال لڳي ويا.

شروع شروع ۾ ان ٽيڪنيڪ ۾ هڪ گول پٿر سان ٻئي گول پٿر جا چٿڙ لاٿا ٿي ويا يا وري چقمقي پٿر جا چٿڙ تي چٿڙلاهي اڍنگي شڪل ٿي ڏني وئي. هي اوزار بڻجي پئي پيا. اهي اڍنگا اوزر بهرحال، ان قابل هئا، جو اوائلي انسان جي ابتدائي ڪم ڪار ۾ ٺيڪ ٺاڪ مددگار پئي ٿيا. اهي سڀ کان پهريان اوزار هئا، جن کي Pebble tools چيو وڃي ٿو.

لڳ ڀڳ ساڳي شڪل جو ٻيو اوزار، جنهن کي هٿ ڪهاڙي (Hand axe) چئجي ٿو. ٺاهڻ ڏاڍي صبر جي ڳالهه هئي. اهي اوزار سنها يا نوڪدار ٿي ٿيا ۽ ماپ ۾ ايترا، جو هٿ جي گرفت ۾ چڱيءَ طرح اچي وڃن. آفريڪا ۾ اهي اوزار هومو ايرڪٽس يا اُڀي انسان ٺاهيا، جيڪو 5- لک سال اڳ پهريون ڀيرو منظر عام تي موجود هو. هٿ ڪهاڙي ٺاهڻ لاءِ

 

پٿري اوزارن جي ارتقا

آفريڪي نسل ۽ انهن جا اوزار

 

پٿر تي پٿر سان ڌڪ هڻڻ بدران هڏو يا سخت ڪاٺ استعمال ڪيو ٿي ويو. ان ٽيڪنيڪ سان پٿر جا چٿر ننڍا ننڍا ٿي پئي لٿا ۽ گهڙڻ واري عمل ۾ اوزار جي کرڻ يا ڀڄي پوڻ جو امڪان گهٽ ٿي رهيو.

هزارها سالن جي عرصي ۾ پٿر جي اوزارن وڌيڪ نيون صورتون ورتيون. ان سان گڏ انسان هڏين ۽ ڪاٺ جا اوزار به ٺاهيا، جيڪي سندن زماني ۾ گڏوگڏ هلندا رهيا. پر اهي وقت سان گڏ ڳري سڙي يا ڀڄي ختم ٿي ويا. اسان تائين گهڻو ڪري پٿر جا اوزار ئي سفر ڪري پهچي سگهيا آهن.

انهن قديم ثقافتن ۾ جتي اڃا تائين اوائلي زماني جا طور طريقا موجود آهن، ساڳي طرح پٿر، هڏين ۽ ڪاٺ جا اوزار استعمال ٿي رهيا آهن. مثال طور نيوگني (New Guinea) جا اوائلي لوڪ اڄ به پٿر جي اوزارن تي ڀاڙين ٿا.

 

آفريڪا مان 80 هزار سال پراڻا اوزار مليا

27- جولاءِ 1995ع جي هڪ رپورٽ مطابق جيڪا واشنگٽن ريڊيو تان نشر ٿي، ٻڌايو ويو ته يورپي سائنسدانن کي آفريڪا مان اهڙا اوزار مليا آهن جيڪي 80- هزار سال پراڻا ٿي سگهن ٿا، جن مان اها راءِ مضبوط ٿئي ٿي ته سماجي ارتقا آفريڪا مان ٿي، اهي اوزار 1990-1988ع ۾ مليا هئا. اهي هڏين مان ٺاهيل آهن ۽ انهن کي هٿيارن وانگر ٺاهيو ويو هو. ٻين ننڍين هڏين کي پاسن کان وڍي ڇلي مڇي جهلڻ لاءِ استعمال ڪيو ٿي ويو. اها ڊزائين يورپ ۾ 1400 سال اڳ ايجاد ڪئي وئي هئي. سائنسدانن جو خيال آهي ته جديد انسان هڪ لک سال اڳ آفريڪا کان آيو هو ۽ هنن پٿر جا سادا اوزار ٺاهيا هئا.

 

آفريڪي آسٽرالوپٿيڪس

اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجيءَ جي ڪتابن ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي “Pithecus”، جنهن جي معنيٰ آهي ”بن مانس“. ان ڪري دنيا جي جنهن به علائقي مان ڪنهن اهڙي مخلوق جون هڏيون هٿ آيون، جن تي بن مانس هجڻ جو شڪ غالب رهيو آهي، ان کي ان علائقي جو ڪو نالو ڏئي، پوءِ پٿيڪس جوڙيو ويو. اوائلي آفريڪا جو ذڪر ڪندي، آسٽرالوپٿيڪس جو نالو ضرور ايندو. آسٽرالس (Australis) لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڏکڻ. ان ريت آسٽرالوپٿيڪس جي معنيٰ ٿي، ”ڏاکڻو بن مانس“. آفريڪا ۾ انسان جهڙو آسٽرالوپٿيڪس 25- لک سال يا اُن کان به اڳ اتي ئي رهندو هو، جتي ”ماڻهو 1470“ ۽ هومو هيبلس رهندا هئا. هن نسل جي هڏين جا پنڊ پهڻ روڊولف ڍنڍ ۽ اولدوواءِ گارج جي انهن ئي زميني تهن مان مليا آهن، جتان هومو هيبلس مليو. آسٽرالوپٿيڪس آفريڪا جي ٻين علائقن ۾ به موجود هو. ان جي کوپڙي 1924ع ۾ پروفيسر ريمانڊ ڊارٽ (Raymond Dart) ڏکڻ آفريڪا مان تائونگ (Tanung) وٽان لڌي هئي.

آسٽرالوپٿيڪس جي دماغ وارو چئمبر به هومو هبيلس وانگر ننڍو هو ۽ اهو به ٻن پيرن تي اُڀو هلي سگهندو هو. گهڻي وقت تائين سائنسدانن جو خيال هو ته اهو نسل سڌيءَ طرح انساني نسل سان ڳنڍيل آهي، پر اڄڪلهه ان کي انساني نسل واري مکيه لائن کان ٻاهر ڪڍي، هڪ شاخ جي درجي تي رکيو ويو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته آسٽرالوپٿيڪس ببون باندرن ۽ ٻين جانورن جو ميڄالو ڪوري ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڊگهائيءَ ۾ چيريل هڏيون استعمال ڪندو هو. پر اها بي ڍنگي اوزار سازي هئي. ڪا هڏي اوچتي استعمال لاءِ اتفاق سان استعمال ڪري، پوءِ ڦٽي ڪئي ويندي هئي. ان جي ابتڙ هومو هيبلس ان اوزار کي سوچي سمجهي ٺاهيو هو ۽ روڊولف ڍنڍ وٽان نين دريافتن مان ظاهر ٿيو آهي ته اوزار ٺاهيندڙ مخلوق ”ماڻهو 1740“ اوزار ٺاهڻ جي ڏس ۾ هومو هيبلس کان به اڳتي هئي.

آفريڪا ۾ هڪ ئي علائقي ۾ ٽي هڪجهڙا نسل، جيڪي ڊگهي عرصي تائين آفريڪا ۾ گهمندا ڦرندا رهيا. سائنسدانن لاءِ تمام منجهائيندڙ ۽ دلچسپ موضوع جي حيثيت رکن ٿا. ڊگهي عرصي ۾ انهن نسلن ۾ ڪي تبديليون به آيون آهن. ان ڪري انهن جي نسلي فرق بابت سائنسدانن جا رايا محض اندازا به ٿي سگهن ٿا. بهرحال، سندن خيال ۾ آسٽرالوپٿيڪس پاڻ ”ماڻهو 1740“ ۽ هومو هيبلس جو ابو ٿي نٿو سگهي، پر ڪافي عرصو اڳ انهن ٽنهي جو ابو هڪ هوندو. اها به ڪا يقيني ڳالهه نه آهي ته ”ماڻهو 1740“ ۽ هومو هيبلس ٻه جدا جدا نسل آهن. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته خود هوموهيبلس اصل ۾ آسٽرالوپٿيڪس جي سڌريل شڪل هجي ۽ ان جو نسل ختم نه ٿيو هجي جيئن سمجهيو ٿو وڃي. هوڏانهن ”ماڻهو 1740“ انساني ارتقا واري سڌي لائين تي بيٺل نظر اچي ٿو.

اڀو انسان- ڳالهائيندڙ شڪاري

”ماڻهو 1470“ کان 20- لک سال پوءِ اُڀو انسان (Homo Ecrectus) سامهون اچي ٿو. هيءُ اڄ کان 5- لک سال اڳ جو ماڻهو آهي، جيڪو ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل هو ۽ دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2- لک سالن تائين انسان جي اڳوڻن نسلن جي جاءِ والاريندو رهيو. اڄوڪي جديد ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ اهو قديم نسل بڇڙو هو. سندس ڄاڙي ڳري، ڏند وڏا، پيشاني پوئتي ۽ ڀرن وارو حصو اڳتي نڪتل هو. سندس ميڄالي جي سائيز 1000cc هئي، جيڪا بن مانس جي ڀيٽ ۾ جديد انسان کي ويجهي آهي. هوموايرڪٽس جون هزارين هڏيون چين جي شهر بيجنگ ويجهو چوڪوئشن (Choukoutien) غار مان لڌيون ويون.

کوجنا مان خبر پئي ته هي نسل هاٿي، گينڊا، گهوڙا، جهنگلي سان، دلدلي مينهن، اٺ، جهنگلي سوئر، رڍون، هرڻ ۽ ڦاڙها وغيره شڪار ڪندو هو. هيڏن قدآور ۽ گهڻن قسمن جي جانورن جي شڪار لاءِ زبردست ذهانت ۽ مڪاريءَ جي ضرورت هئي، جنهن سندس دماغ جي ماپ وڌائڻ ۾ مدد ڏني. اڪيلو ماڻهو ننڍا شڪار ته ڪري سگهيو ٿي، پر وڏي شڪار لاءِ گروهن جي شڪل ۾ شڪار سکڻ جي ضرورت هئي. ان سان هڪ خاص ڊسيپلين پيدا ٿيو ۽ انسانن جون سرگرميون مربوط ٿيون.

امڪان آهي ته هن منزل تي هومو ايرڪٽس ڳالهائڻ سکي ورتو هوندو. بن مانسن ۾ ڳالهائڻ جهڙا آواز پيدا ڪرڻ واري صلاحيت ته موجود آهي، پر اهي پنهنجي ذهن ۾ ڳالهائڻ وارو مرڪز سڌاري نه سگهيا آهن. انسان جي تاريخ ۾ شايد اهو ئي موقعو هو، جڏهن مرد پنهنجي لاءِ شڪار جي واٽ چونڊي ۽ عورت پنهنجي اجهي لاءِ جهنگلي نباتيات خوراڪ طور ڳولڻ جو ڪم شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته بالغ عورتون ٻار ڄڻڻ ۽ پالڻ ۾ وڌيڪ مصروف هيون. عورتن کي جنس جي بنياد تي نوان حق ملي ويا. جيڪي بن مانس يا ڀولڙن جي مادين کي حاصل نه هئا. اهو غالباً ان ڪري ٿيو، جو اهڙين عورتن کي سندن ٻچن لاءِ گوشت جي تڪڙي فراهمي، تحفظ ۽ توجهه جي ضرورت ٿي.

 

باهه جو استعمال

5- لک سال اڳ چين جي بيجنگ ۽ هنگريءَ جي ويرتيسزلوس جهڙن هڪٻئي کان ڏورانهن ماڳن تي هومو ايرڪٽس گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ باهه استعمال ڪندو هو، شايد گوشت به پچائيندو هجي! انسان هزارن سالن تائين گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن تي کنوڻ ڪِرڻ سان باهه لڳڻ جو مشاهدو ڪيو هوندو ۽ ٿڌ ۾ گرميءَ جو سک ڏٺو هوندو. هنن اهو به ڏٺو هوندو ته باهه روشني ڪري ٿي ۽ جهنگلي جانور ان باهه کان ڊڄن به ٿا. ڪنهن موقعي تي هنن ان باهه مان ڪجهه محفوظ ڪرڻ به چاهي هوندي. هنن چقمقي پٿر گهڙڻ دوران چڻنگ ۽ باهه لڳڻ جو مشاهدو به ڪيو هوندو. گوشت پچائڻ به شايد اتفاقي دريافت هجي! ڪنهن موقعي تي شڪار جو گوشت باهه ۾ ڪِري پيو هوندو، پر سڙڻ کان بچي ويو. ماڻهوءَ کي اهو گوشت ذائقي ۽ هاضمي ۾ چڱو لڳو هوندو. قديم انسان ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان گوشت پچايو هوندو؟ گوشت سڌيءَ طرح باهه تي پچايو ويو هوندو يا ٽانڊن جي هلڪي گرميءَ تي سيڪيو هوندو يا اڃا به ڪي ٻيا طريقا ورتا هوندا.

باهه جي دريافت هومو ايرڪٽس جي دنيا به وسيع ڪري ڇڏي ته خود سندس جسماني اؤسر تي به اثر انداز ٿي. باهه تي گرفت حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان دنيا جي ٿڌن علائقن ۾ به رهڻ جي قابل ٿي ويو ۽ باهه تي پچايل گوشت کي چٻاڙڻ لاءِ کيس ٿلهين ڄاڙين ۽ وڏن ڏندن جي ضرورت نه رهي، جنهن ڪري ڄاڙي ۽ ڏند ننڍا ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هوريان هوريان ماڻهوءَ جو سڄو منهن هلڪو ٿي ويو. هومو ايرڪٽس جا گوشت خوريءَ وارا ڏند سندس ابن ڏاڏن کان ننڍا هئا. بن مانسن ۽ ڀولڙن جا ساڳيا ڏند وڏا آهن، جن جي ذريعي هو خوراڪ کي چچرڻ، چٻاڙڻ، چيرڻ ۽ وڙهڻ مهل استعمال ڪندا آهن يا هڪٻئي کي ڏيکاري ڊيڄاريندا آهن.

 

آفريڪا جي ڪاناپوئي ڍنڍ

ڪاناپوئي ڍنڍ اوڀر آفريڪا ۾ آهي، جتان ملندڙ پنڊ پاهڻن پڻ قديم انساني نسلن تي ٿوري گهڻي روشني وڌي آهي. مسز ميوليڪي رچرڊ ۽ مسٽر رچرڊ ٻئي آفريڪا ۾ قديم حيواني زندگيءَ تي ڪم ڪندا رهيا آهن. هوءَ ڪينيا جي قومي عجائب گهر ۾ قديم حيواني زندگيءَ جي علمن جي سربراهه جي حيثيت ۾ به ڪم ڪندي رهي آهي. هن کي ڪاناپوئي ڍنڍ وٽان، کوجنا دوران واري ڇاڻيندي، قديم ترين انساني بيهڪ واري مخلوق جا ڏند مليا، جيڪي تعداد ۽ حالت ۾ ٺيڪ ۽ پورا هئا.

ڪاناپوئي ڍنڍ، ترڪانا کان 30- ميل ڏکڻ اولهه ۾ آهي. هن تمام وڏي ڍنڍ جو پاڻي سائو آهي ۽ ان ۾ واڳون به رهن ٿا، پر ڍنڍ جو طاص ريگستان آهي، جيڪو سخت اُس ۾ تپندو رهي ٿو. اها ته هن ڍنڍ جي اڄوڪي صورتحال آهي. اڳي، جڏهن اها مخلوق جيئري هئي جنهن جا ڏند لڌا ويا آهن، جاگرافيائي صورتحال مختلف هئي. ميوليڪي لکي ٿي:

”ترڪانا ڍنڍ ڪنهن وقت ۾ اڄ کان گهڻو وڏي هئي، پر اڄ ان جو طاس مٽيءَ سان ڀرجي ويو آهي. هتي مڇين، واڳن ۽ ڪڇوئن جا پنڊ پاهڻ ته ملي وڃن ٿا پر خشڪيءَ جي جانورن جا پنڊ پاهڻ نه هئڻ برابر آهن.“

رئگرز يونيورسٽيءَ جو ڪريگ فيبل جيڪو ڌرتي وديا جو ماهر آهي، چوي ٿو ته، ”ڪاناپوئي جو علائقو 42- لک سال اڳ زمين ۾ ويهي ويو هو، پر ٻه لک سال اڳ هوريان هوريان ڍنڍ جي سطح تي ٻيهر ظاهر ٿيو هو.“

اهڙي قسم جون زميني سرگرميون جتي اندازا لڳائڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون، اتي ڪي نه ڪي مشڪلاتون به پيدا ڪن ٿيون. ميوليڪي چوي ٿي، ”10- کان 30- لک سال اڳ وارن اسان جي تڙ ڏاڏن جو دماغ ارتقائي ڏاڪا طئي ڪري وڏو ٿي چڪو هو. دماغ وڏو ٿيڻ کان پوءِ اسان جهڙو پهريون انسان وجود وٺي چڪو هو. ترڪانا طاس ۾ ان قديم دؤر جي تهن ۾ دٻيل پنڊ پاهڻ جام آهن، جيڪي تڏهوڪي دؤر جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا... 1994ع تائين سائنسدانن وٽ اهڙا گهٽ ثبوت هئا ته سڀ کان پهرين انساني شڪل اختيار ڪندڙ مخلوق جي عمر 36- لک سالن کان وڌيڪ آهي. اسان کي پنهنجن تڙ ڏاڏن مان جيڪو سڀ کان پراڻو نمونو مليو آهي اهو هڪ بن مانس يا بوزنه سان ملندڙ مخلوق جو آهي، جنهن کي ’آسٽرالوپٿيڪس افارنس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.“

1994ع ۾ ڊونالڊ جانسن ايٿوپيا جي علائقي ”هادار“ مان هڪ عورت جو ڍانچو ڳولي لڌو هو، جنهن کي ”ليوسي“ جو نالو ڏنو ويو. هي ڍانچو قديم مخلوق جي مڪمل نمائندگي ڪري ٿو. ”ليوسيءَ“ جون ٻانهون بن مانس وانگر ڊگهيون آهن، پر ڍاڪ ۽ ٽنگن جي هڏين جي بيهڪ مان پتو پوي ٿو ته اها عورت ٻن پيرن تي هلندي هئي. هيءَ عورت اٽڪل 31- لک 80- هزار سال اڳ جيئري هئي. هونئن هڪ اندازي مطابق اها مخلوق 35- لک 60- هزار سال اڳ به موجود هئي.

مسز ليڪي جو خيال آهي ته هن مخلوق پنهنجن تڙ ڏاڏن، جيڪي چيمپنزي ۽ گوريلي جهڙا هوندا، سان پنهنجو تعلق پنجن کان ست ملين سال اڳ ٽوڙيو هوندو. اهو اندازو انهن مخلوقن جي پنڊ پاهڻن، جينز ۽ رت جي پروٿينيز جي ڀيٽ ڪرڻ سان هنيو ويو آهي. ”رتڪانا“ ڍنڍ جي ڀرپاسي ۾ هڪ ماڳ ”لوٿا گام“ ۾ اڀريل ڳاڙهيون ٽڪريون ڪجهه ان ريت آهن ڄڻ صحرا ۾ ڪو ٻيٽ هجي. گهڻو اڳ هتان هڪ درياهه وهندو هو، جنهن ڪري هي علائقو سائو ستابو هو ۽ درياهي ٻيلي ۾ هتي هاٿي، ٻن قسمن جا گينڊا، سوئرن جا ڪجهه نسل، زرافه، ڦاڙها، ٽن مختلف قسمن جا گهوڙا، گوشت خور جانور ۽ نوڪدار ڏندن واريون وڏيون ٻليون موجود هيون. هن علائقي مان ڊگهي کوجنا کان پوءِ به في الحال انسان جا فقط ٻه ڏند مليا آهن. جڏهن ته ٻين جانورن جا پنڊ پاهڻ کوڙ آهن. مسز ليڪي جو خيال آهي ته انسان جا وڏڙا 50- کان 60- لک سال اڳي جهنگ جو ماحول وڌيڪ پسند ڪندا هئا.

ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ قديم زندگيءَ جي علمن جي ماهر ٽِم وائٽ هڪ اهڙي قديم انساني مخلوق جو اعلان ڪيو، جنهن جا نمونا هن کي ايٿوپيا جي علائقي ”ارامس“ مان مليا هئا. اها مخلوق 44- لک سال اڳ موجود هئي. ٻن پيرن تي هلندڙ هن مخلوق جا ڏند ۽ ٻانهن جون هڏيون مليون آهن. هيءَ مخلوق به تهڙي آهي جهڙي ڪانا پوئي ۾ لڌي وئي هئي. ماهرن هن مخلوق کي ”اسٽرالوپٿيڪس راميڊس“ جو نالو ڏنو آهي. هوڏانهن آليه اپسمنڊ جي ڪنڌيءَ تان به 40- لک سال پراڻيون هڏيون لڌيون ويون آهن، جيڪي ساڳئي تسلسل ۾ آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org