سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 6

 

عظيم ٻوڏ ۽ ان جا ڪردار

 

اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته عظيم ٻوڏ واري واقعي جا پڙاڏا سڄي دنيا جي ڏند ڪٿائن ۾ موجود آهن. خاص ڪري يوناني، عراقي، عربي ۽ هندستاني ڏند ڪٿائون ته لڳ ڀڳ ساڳيون آهن.

ڌرتي وديا جا ماهر ان تي متفق نظر اچن ٿا ته مذهبي ڪتابن ۾ جنهن عظيم ٻوڏ جو ذڪر آهي. سا آخري برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ جو زبردست پڙاڏو آهي. اُن وقت اتر وارن اتانهن جبلن تي چڙهيل برف جا هزارين فٽ ٿلها تهه ڳريا، ڌرتيءَ جي مختلف حصن تي هيٺاهينءَ واريون خشڪ واديون پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳيون. اهو واقعو ايترو تڪڙو ٿيو جو اڪثر هنڌن تي انساني آباديون غرق ٿي ويون ۽ ڪي تمام ٿورا ماڻهو ۽ جانور جيئرا بچي سگهيا. ماهرن جو خيال آهي ته ڏند ڪٿائن ۾ جنهن ريت ان عظيم واقعي جو ذڪر آيو آهي تنهن مان لڳو ٿو ته اهو واقعو ڀونءِ وچ سمنڊ (Mediterranean Sea) جي ڀرپاسي ۾ پيش آيو هوندو، جيڪو پوءِ ماڻهن جي ڀاڄ وقت پڙاڏو بڻجي سڄي يورپ ۽ ايشيا ۾ پکڙجي ويو. وقت سان گڏ ان عظيم حادثي انساني يادگيرين ۾ مستقل جاءِ سنڀالي ۽ اڳئين وقت جي ماڻهن جي زباني اهو واقعو پوين نسلن تائين قصي جي صورت ۾ محفوظ رهندو آيو. پوءِ، ماڻهن ان واقعي کي قدرت ۽ ديوتائن جي انتقام جو رنگ ڏئي ڇڏيو.

 

يوناني ڏند ڪٿا ۾ عظيم ٻوڏ

يوناني ڏند ڪٿا لڳ ڀڳ هڪ هزار سال قبل مسيح ۾ قلمبند ٿي هوندي، جنهن ڪري ان قصي ۾ نيوليٿڪ دؤر جي عڪس سان گڏوگڏ لوهه وارو زمانو گڏ وچڙ ٿي ويو آهي. يوناني ڪٿا واضح طور تي غارن ۾ رهندڙ انسانن ۽ ابتدائي زرعي دؤر ڏانهن اشارو ڪري ٿي:

”ڌرتيءَ تي سونهري دؤر (هڪ خيال آدرشي دؤر) کان پوءِ هڪ اهڙو زمانو به آيو جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. تڏهن ديوتائن ماڻهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تمام گرم اونهارن ۽ سخت سيارن جون مندون موڪليون. ماڻهن سخت گرمين ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ وڃي غارن ۾ پناهه ورتي. هنن جبلن ۾ غارون کوٽيون ۽ جبلن جي ڏرن ۾ وڃي پاڻ لڪايو. سخت سيارن ۾ بک کان بچڻ لاءِ هنن زمينون کيڙيون ۽ اَن اپايو. اهڙيءَ طرح هنن سخت سيارن لاءِ اناج ڪٺو ڪري رکڻ شروع ڪيو.

”جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن ماڻهو وڌيڪ خارباز، چيڙاڪ ۽ جنگجو ٿيندا ويا. نيٺ هنن زمين مان سون کوٽي ڪڍيو، جيڪو زمانن کان اتي پيو هوندو هو. ماڻهن لوهه به دريافت ڪري ورتو. هاڻي سون حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا هڪ ٻئي سان جهيڙا ۽ جنگيون وڌيون ويون. پر سڀ کان خراب ڳالهه اها ٿي ته ماڻهن لوهه مان تيز ڌار واريون تلوارون، ڇريون، خنجر ۽ اهڙا ٻيا موتمار اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا. جنهن ڪري ڌرتيءَ تي انساني رت وهڻ لڳو.

”ان کان پوءِ ڌاڙا، ڦرون ۽ خون رواجي ڳالهيون بڻجي ويون. حالتون خراب کان خراب ٿينديون ويون. ايستائين جو ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتي محفوظ نه بچي. دنيا ۾ سڀ ماڻهو ان قسم جي مار ڌاڙ ۾ شامل ٿي ويا. فقط ٻه ڄڻا ديو ڪاليون (Deuclion) ۽ پائرهه (Pyrrha) ئي اهڙا چڱا ماڻهو باقي بچيا هئا، جيڪي ”سونهري دؤر“ جي ماڻهن وانگر ديوتائن کي ڀيٽائون ڏيندا هئا.

”اولمپس جبل تي ويٺل ديوتائن جي ديوتا جيوپيٽر هيٺ ڌرتيءَ تي سڀ ڪجهه پئي ڏٺو ته ماڻهو ڪيڏا ڇتا ٿي پيا آهن. تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته هو سڀني انسانن کي نابود ڪري ڇڏيندو. جوپيٽر ديوتا آيولس (Aeolus) جي غارن ۾ اتر جون هوائون بند ڪري ڇڏيون ۽ ڏکڻ جون هوائون کولي ڇڏيون، جيڪي برساتون آڻينديون آهن. سڄي ڌرتي ڪڪرن ۽ بادلن سان ڍڪجي وئي ۽ وڏ ڦڙو مينهن پوڻ لڳو. مينهن شروع ۾ هوريان هوريان ۽ پوءِ تکو ٿيندو ويو. اهو مينهن ان مهل تائين وسندو رهيو، جيسين ڌرتي تي بيٺل فصل ٻڏي نه ويا. اڃا به جهڙ ڀريا رهيا ۽ برسات پوندي رهي. درياهه پنهنجن ڪنارن تان اٿلي پيا ۽ ميدانن ڏانهن وڌڻ لڳا. قيامت جهڙي ان حالت ۾ وڏا وڏا وڻ پاڙون پٽجي ڪِري پيا ۽ پاڻي گهرن، جهوپڙين، جانورن  ماڻهن کي لوڙهڻ لڳو. پاڻي ايترو وڌڻ لڳو جو وڏيون وڏيون مڇيون خشڪيءَ جي ٻيلن مٿان ترڻ لڳيون (ٻيلا به سمنڊ هيٺ اچي ويا) تڏهن به برساتون بند نه ٿيون ۽ پاڻيءَ جي سطح جيئن پوءِ تيئن چڙهندي وئي.

”اها صورتحال ڏسي ماڻهو جبلن ڏانهن ڀڳا، جيڪو جيترو چڙهي سگهيو، بگهڙ، شينهن، ٻڪريون، رڍون، ماڻهو سڀ هڪ گڏيل خطري ۾ هئا. موت سڀني جي ڪڍ هو. هو پهرين ٽڪرين تي چڙهي، پوءِ جبلن تي چڙهندا ويا، پر پاڻي به اڃا مٿي چڙهندو ويو، تان جو جبل جي ڪن چوٽين کان سواءِ سڀ ڪجهه ٻڏي ويو. نيٺ برساتون ختم ٿيون ۽ جُهڙ کنڊريا تڏهن سڀ کان اوچي جبل پارناسس (Parnassus) جي چوٽي پاڻيءَ کان بچيل هئي.

”ديوڪاليون ۽ پائرهه هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ تي چڙهيل هئا، جيڪا هو ڪنهن نه ڪنهن ريت تاريندا پئي آيا. جڏهن هنن ڏٺو ته پارناسس جبل جي چوٽي پاڻين کان آزاد آهي، تڏهن هنن ٻيڙي ان جبل تي بيهاري ۽ ديوتائن کي ڀيٽا ڏني.

”جوپيٽر کي خبر هئي ته ديو ڪاليون ۽ پائرهه ٻين ماڻهن وانگر بدڪار نه هئا ۽ هنن ٻن کانسواءِ ٻيو ڪوبه باقي نه بچيو هو، تڏهن هن اتر جون هوائون آزاد ڪري ڇڏيون ۽ بادل هٽائي ڇڏيا. سمنڊ جي ديوتا نيپچون پنهنجي وڏي نائب ٽرائيٽون کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي وڏي سنک سان سمنڊ کي پنهنجي جاءِ تي موٽائي. ٽرائيٽون حڪم موجب سنک وڄايو ۽ سمنڊ پنهنجين جاين تي موٽي ويا.

”جيئن ئي پاڻي تڪڙو تڪڙو لهي ويو. ڌرتي ظاهر ٿي پئي، پر هي ڇا؟ سڄي ڌرتي ميٽوڙي گپ هيٺ ڍڪجي وئي هئي. هاڻي دنيا ۾ ايڏي خاموشي ۽ ماٺ هئي جو ڪنهن به ساهواري شيءِ جو آواز نٿي آيو. ايڏي چپ ڏسي ديوڪاليون ۽ پائرهه کي خيال آيو ته موت جهڙي هن خاموشيءَ کان ته بهتر هو ته جهيڙن ۽ تڪرارن جو شور غل هجي ها. ويجهو ئي گپ ۾ هڪ ديوتا جو لٽجي ويل مندر هو. ديوڪاليون ۽ پائرهه کي هڪ ٻئي جي ساٿ جو احساس ٿيو، سو ٻئي ڄڻا وڃي ان مندر ۾ ويهي رهيا ۽ سوچيندا رهيا ته هاڻي هنن جو ڇا ٿيندو؟ هيڏي وڏي دنيا ۾ فقط ٻه ڄڻا!

”اوچتو آسمان مان آڪاش واڻي ٿي، ’پنهنجي عظيم ماءُ جون هڏيون پنهنجي پويان اڇلايو!‘ پهرين ته کين دوستاڻي لهجي واري ان آڪاش واڻيءَ جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو ته، ’عظيم ماءُ جون هڏيون‘ مان ڇا مراد آهي؟ جلد ئي هو سمجهي ويا ته، عظيم ماءُ معنيٰ ’ڌرتي‘ ۽ پٿر ئي ان جون هڏيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي چؤطرف پکڙيل هئا.

”ديوڪاليون ۽ پائرهه مندر ڏانهن منهن ڪري بيٺا ۽ چونڊيل پٿر پنهنجي پويا اڇلايا. جڏهن هنن مڙي ڏٺو ته پويان اڇلايل پٿرن سان ڇا ٿيو؟ ته حيران ٿي ويا. هنن ڏٺو ته اهي پٿر مردن ۽ عورتن ۾ تبديل ٿي ويا هئا. ان طرح عظيم ٻوڏ کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻيهر انسان پيدا ٿيا، پر اهو خوف رهجي ويو ته انهن مان اڪثر ماڻهن جي دل پٿر وانگر سخت هوندي، اهي بي رحم هوندا، ڇاڪاڻ ته اهي پٿرن مان پيدا ڪيا ويا هئا.“

 

عظيم ٻوڏ: عراقي ڏند ڪٿا ۾

سميري ڏند ڪٿا ۾ مرڪزي ڪردار ”زي سدرا“ آهي. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”هن زندگي ڏٺي.“ سولو سنڌيءَ ۾ هن کي ”الهه بچايو“ چئي سگهجي ٿو. بابل سان تعلق رکندڙ ساڳي قصي ۾ مرڪزي ڪردار جونالو ”اُت ناپشتم“ آهي ۽ الهامي ڪتابن ۾ حضرت نوح ان قصي جو مرڪزي ڪردار آهي.

هڪ اندازي موجب سميري ڪٿا اصل ۾ ٽي سؤ سٽن تي مشتمل هئي، پر جنهن قديم پٿر تي اها ڪهاڻي چئن کان پنج ساڍا پنج هزار سال اڳ لکي وئي سان ڀڳل ٽٽن حالت ۾ آهي. جنهن ڪري فقط سٺ پنجهٺ سٽون ئي واضح آهن.

قديم عراق ۾ هزارها ديوتائن مان چار ديوتا مکيه آهن. 1- اَن يا اَنو (آسمان جو ديوتا) 2- اَن لِل (هوا۽ طوفان جو ديوتا). 3- آن ڪِي (مٺي پاڻي، زمين ۽ عقل جو ديوتا). 4- نِن هُرسگ (ڌرتي ماتا يا ڪائنات جي ديوي). انهن کان سواءِ ٻيا اهم ديوي ديوتا هن ريت آهن. نِنا (چنڊ). اُتو (سج)، اِننا (نسل ۽ فصل جي واڌ، پيار، جنگ ۽ ڪاوڙ جي ديوي). بهرحال سڀ کان اهم ديوتا اَن يا اَنو رهيو آهي. هن ديوتا ۾ اهي سڀ صفتون آهن، جيڪي عظيم پيءُ (ديوتائن جي ديوتا) ۾ هئڻ گهرجي.

عظيم ٻوڏ واري عراقي ڪٿا ۾ هڪ وڏو ديوتا ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردرا زي اسدرا سان ڳالهائي ٿو. ان ديوتا جو نالو ڊهي وڃڻ ڪري اهو شڪ ٿئي ٿو ته اهو ديوتا ”اَنو“ يا ”اِن ڪِي“ مان ڪو ٿي سگهي ٿو.

”سمير ۾ آسمان تان بادشاهت لاٿي وئي ۽ پنج شهر: 1- آريدو، 2- بَدتب ارا، 3- لارَڪ، 4- سِپار ۽ 5- شرپڪ آباد ڪيا ويا. شرپڪ جو حاڪم زي اسدرا هو، جنهن کي خدا جو خوف هو ۽ شريف انسان هو. ديوتا خواب ۾ اچي کيس بشارت ڏيندا هئا. هڪ ڀيري زي اسدرا هڪ ديوار وٽ بيٺو هو ته هن هڪ ديوتا جو آواز ٻڌو. انهيءَ ديوتا زي اسدرا ته انو ۽ ان لل ديوتائن انساني نسل کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي ٻوڏ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هن زي اسدرا کي وڏي ٻيڙي ٺاهڻ جي هدايت به ڪئي. زي اسدرا ان ٻيڙيءَ ۾ جانور به چاڙهيا. ملڪ ۾ وڏو طوفان ۽ وڏي ٻوڏ آئي، جن ست ڏينهن ۽ ست راتيون وڏي تباهي مچائي. نيٺ جڏهن سج ديوتا اُتو بادلن مان ٻاهر ڪتو ۽ چوڏس روشني پکڙجي وئي، تڏهن زي اسدرا آتو ديوتا کي سجدو نڪيو ۽ قرباني ڏني. پوءِ اَنو ۽ اَن لل ديوتائن جي به پوڄا ڪئي. ڪٿا جي پڄاڻيءَ ۾ ديوتائن زي اسدرا کي دلمون موڪلي ڇڏيو ته جيئن هو هميشه اتي رهي. سميري ڏند ڪٿائن ۾ دلمون جي سرزمين عراق کان اوڀر طرف اها جاءِ آهي، جتان سج اڀري ٿو.

 

پرلئه (عظيم ٻوڏ): هندو ڏندو ڪٿا ۾

هندو ڌرم موجب شري ڪرشن وشنو ڀڳوان جو اٺون اوتار هو. کانئس اڳ ترتيب وار رامچندر، پرشرام، وامن، نرسنگها، وراهه، ڪڇون ۽ مڇي شري وشنوءَ جا اوتار آهن. اهڙي طرح مڇي وشنو ڀڳوان جو سڀ کان پهريون اوتار آهي.“

وڏي ٻوڏ واري هندو ڏند ڪٿا ۾ ان مڇيءَ جو هڪ خاص ڪردار آهي. هونئن به حياتياتي اعتبار سان ڏسو ته انهن اوتارن ۾ زندگيءَ جي ارتقا جي خاص منزلن جون جهلڪيون ڏسي سگهبيون.

سائنس موجب سڀ کان پهرين زندگيءَ پاڻي ۾ وجود ورتو. ان کان پوءِ جل ٿليا (Amphibian) جانور سامهون آيا. ان کان پوءِ خشڪي وارا مماليا سامهون آيا. ان کان پوءِ نيم ماڻهو ۽ پڇاڙيءَ ۾ مڪمل انسان سامهون آيا. اها ئي ترتيب وشنوءَ جي اوتارن ۾ ڏسجي ٿي. يعني سڀ کان پهرين مڇي جيڪا پاڻيءَ ۾ رهي ٿي، ان کان پوءِ ڪڇون جيڪو جل ٿليو جانور آهي يعني هڪ ئي وقت پاڻيءَ ۽ خڪشيءَ تي رهندو، ان کان پوءِ خشڪيءَ تي رهندڙ وراهه (سوئر) نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ نراسنگهه جي صورت ۾ نيم ماڻهو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پرشرام، رامچندر ۽ شري ڪرشن جا انساني نوعيت جا اوتار آهن. ڌرم جي ودوانن اوتارن ۾ اها ترتيب ڪيئن ۽ ڇو رکي؟ اهو هڪ جدا ۽ دلچسپ سوال آهي.

هندو ڏند ڪٿا عظيم ٻوڏ جو جواز هن ريت ڏئي ٿي: ”آڳاٽي وقت ۾ هڪ مقدس ماڻهو رهندو هو. هن جو نالو مٰنو هو. جنهن تپسيا ۽ ڪشٽن سان سرڳ جي ديوتا کي راضي ڪري ورتو هو.هڪ ڀيري ديوتا منوءَ کي وضوءَ لاءِ پاڻي ڏنو. تڏهن جيئن ئي هن پنهنجا هٿ پئي ڌوتا، هڪ ننڍڙي مڇي ظاهر ٿي ۽ انساني ٻوليءَ ۾ ساڻ مخاطب ٿي چيائين. ”مون کي بچاءَ ۽ آئون توکي بچائينديس!“ ”تون مون کي ڪهڙي شيءِ کان بچائيندينءَ؟“ مَنو پڇيو. مڇيءَ چيو، ”هڪ ٻوڏ سڀني مخلوقن کي ناس ڪري ڇڏيندي، آئون ان وقت توکي بچائيندس!“

”پر تون ڪيئن بچائيندين؟“ مَنو پڇيو، ”جيستائين اسان ننڍا آهيون، اسان مسلسل تباهيءَ جي خطري ۾ آهيون، ڇو ته مڇي مڇيءَ کي کائيندي آهي. تنهن ڪري مون کي ڪنهن ٿانءَ ۾ رک.“ مڇيءَ چيو، ”جڏهن آئون ٿانءَ کان وڏي ٿي وڃان، تڏهن مون کي سمنڊ ۾ ڇڏي ڏجانءِ. ان وقت آئون خطري کان ٻاهر هوندس.“

مَنوءَ هڪدم مڇيءَ جي هدايتن تي عمل ڪيو. مڇي ڪجهه وڏي ٿي تڏهن هن ٻيهر ڳالهايو. ”فلاڻي سال هڪ ٻوڏ ايندي، تنهن ڪري هڪ ٻيڙي تيار ڪر ۽ منهنجي تعظيم ڪر. جڏهن ٻوڏ اچي تڏهن ٻيڙيءَ تي سوار ٿج ۽ آئون توکي بچائينديس.“ سو منوءَ ائين ئي ڪيو، جيئن کيس حڪم ٿيو. پوءِ هن وقت اچڻ تي مڇي کي سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنو. گڏوگڏ هن ٻيڙو تيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مڇيءَ جي تعظيم ڪئي. جڏهن ٻوڏ آئي، تڏهن هو ٻيڙي تي سوار ٿيو، جلد ئي مڇي ظاهر ٿي ۽ سندس رهنمائي ڪيائين.اهڙي طرح منو پاڻين مان ٿيندو هماليه جا اتر وارا جبل اڪري ويو.

تڏهن مڇيءَ منو کي مخاطب ٿي چيو، ”مون توکي بچائي ورتو آهي، جلد ڪر ۽ ٻيڙي کي آڏو وڻ سان ٻڌي ڇڏ. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ڀرجي ٻوڙي وجهي. ان کان پوءِ جلد جبل تي لهي وڃجانءِ، سو هو اتر وارن جبلن تان اُڪري ويو. ٻوڏ ڌرتيءَ تان هر ساهه واري شيءِ ختم ڪري ڇڏي، صرف منو ئي باقي بچيو.

 

طوفانِ نوح

اسلامي روايتن موجب: جڏهن حضرت نوح جي قوم خدا جو حڪم مڃڻ کان بنهه نابري واري ڇڏي تڏهن حضرت نوح ڪافرن جي تباهيءَ جي دعا گهري. کيس خدا پاران حڪم مليو ته هو هڪ ٻيڙو تيار ڪري. اها ٻيڙي تيار ڪرڻ لاءِ چاليهه سال اڳ حضرت جبرائيل بهشت مان هڪ شاخ آندي جيڪا زمين ۾ پوکي وئي ته ان عرصي ۾ اهو ڇهه سؤ وال ڊگهو ۽ چار سؤ وال ٿلهو وڻ ٿي پيو. حضرت نوح ان وڻ جي هڪ لک چوويهه هزار تختن مان حضرت جبرائيل جي رهنمائي ۽ هدايتن موجب هڪ وڏو ٻيڙو تيار ڪيو. ٻيڙي جي ڊيگهه هڪ هزار وال ۽ ويڪر چار سؤ وال هئي. قصو مختصر، جڏهن طوفان آيو تڏهن ان ٻيڙي ۾ هر مخلوق جو هڪ هڪ جوڙو ۽ مومن سوار ٿيا. حضرت نوح جا پٽ سام، حام ۽ يافت به چڙهيا. پوءِ زمين ۽ آسمان مان گرم ۽ ٿڌو پاڻي نڪرڻ ۽ وسڻ لڳو، پاڻي ايڏو وڌيو جو جبلن کان چاليهه وال مٿي چڙهي آيو. ٻيڙي تقريباً ڇهه مهينا اٺ ڏينهن ترندي رهي. ان دوران چاليهه ڏينهن برابر مينهن وسندو رهيو ۽ چاليهن ڏينهن تائين زمين مان پاڻي نڪرندو رهيو. ڇهن مهينن کان پوءِ جڏهن پاڻي لٿو تڏهن اها ملڪ شام طرف هڪ جبل تي وڃي بيٺي. ان کان پوءِ حضرت جبرائيل زمين تي ست درياهه جاري ڪيا (تفصيل قصص الانبيا). ان ٻوڏ ۾ ڌرتيءَ تي ٻي ڪابه مخلوق زنده نه بچي هئي. سواءِ انهن جي جيڪي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا.

ٿورو ئي غور ڪجي ته اهي سڀ ڏند ڪٿائون هوبهو ساڳيون آهن. اسلامي، هندي ۽ عراقي ڪٿائن جا ته ڪردار ئي ذري گهٽ ساڳيا آهن. اسلامي ڪٿا ۾ هيري جو نالو ”نوح“ آهي. هندي ڪٿا ۾ ”منو“ آهي ۽ عراقي ڪٿا جي وڏي ديوتا جو نالو ”انو“ آهي. ڇا اهو محض اتفاق آهي؟ انهن سڀني نالن ۾ بنيادي ۽ مرڪزي آواز ”نُو“ آهي. نوح اهو انسان آهي جيڪو عظيم ٻوڏ کان پوءِ بچيل ماڻهن جو وڏو هو. اَنو، ديوتائن جو ديوتا هئڻ جي نالي شو وانگر آدي پرش آهي ۽ مَنو به هڪ آدي پرش آهي، جيڪو ڌرتيءَ تي بچيل انسانن مان اڪيلو هو. اهوئي لفظ مَنو هاڻي سنڌيءَ ۾ ماڻهو، سنسڪرت ۾ مانو ۽ انگريزيءَ ۾ مين (Man) آهي. ڇا عربي لفظ ”انسان“ جو پڻ بنياد به ساڳيو آهي؟ قديم هندستان جو لفظ ”مانس“ ۽ ”انسان“ به پاڻ ۾ ويجها آهن. جڏهن اسان لفظ ”بن مانس“ استعمال ڪيون ٿا ته ان جو لفظي ترجمو ٿئي ٿو ”جهنگلي انسان“ ڀلي ته سائنسي ٻوليءَ ۾ ان جو مطلب Ape ڪڍيو وڃي.

”انسان ذات کي بدڪرداري ۽ نافرمانيءَ جي سزا طور مليل جنهن عظيم ٻوڏ جو ذڪر قرآن شريف، بائيبل ۽ ٻين مقدس ڪتابن ۾ آيو آهي، سا اڄ کان 9545 سال اڳ سيپٽمبر مهيني جي هڪ صبح جو وجود ۾ آئي: ان وقت نئون چنڊ آسمان تي پنهنجي جاءِ وٺي بيٺو هو.“ اها تحقيق آسٽريليا جي محققن ڪئي آهي. ضروري نه آهي ته اها تحقيق درست هجي، پر سائنسدانن جي هڪ راءِ اها به آهي ته اهو واقعو هڪ اهڙي آسماني جسم جي ڌرتيءَ تي ڪِرڻ سبب پيش آيو، جيڪو ڪيئي ميل ڊگهو هو. پر ڪِرڻ کان اڳ هوائي تهه ۾ هوا جي تيز گهڪي سبب وڏن ٽڪرن ۽ ڪيئي ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو. ان مان اڪثر ٽڪرا وڏن سمنڊن ۾ ڪِريا جن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ ڌرتيءَ تي موت پکڙجي ويو.

اهو منظرنامو ويانا يونيورسٽي جي ٻن سائنسدانن ڊاڪٽر ايڊٿ ڪرستالن ٽالمن (Dr. Edith Kirstan Tollmann) ۽ سندس مڙس پروفيسر اليڪگزينڊر ٽالمن پيش ڪيو آهي. هو ٻئي ڌرتي وديا (Geology) جا ماهر آهن. ٻنهي جي دعويٰ آهي ته ثبوت ۾ وٽن عيني شاهديون آهن.

ٻنهي ڄڻن Catastrophe جي شعبي ۾ اڀياس کي ڪيئي سال ڏنا آهن. جنهن کي هو مختلف شڪلين ۾ ڄاڻايل دنيا جي چؤڦير، ڪلچرز چون ٿا. (آسماني جسمن جي ڪِرڻ جو هي واقعو غالباً ان ئي نوعيت جو هوندو، جنهن جو مشاهدو تازو (1996ع ۾) ڌرتي وارا مشتريءَ جي حوالي سان ڪري چڪا آهيون.)

ٽالمنس چون ٿا ته هنن ان راءِ جي حق ۾ جديد جيالاجيڪل اسٽيڊيز ۽ اوائلي گئسن جي سائنسي تجزئي ۾ ثبوت لڌا آهن. ڪيٽاسٽروفي ۽ ديومالا جي امڪاني قصن کين 72 ٻولين جي 80،000 آرٽيڪلن ۽ ڪتابن ڏانهن لاڙيو. ٻنهي ڄڻن 1980ع واري وقت ۾ فلڪي جسمن جي ڪِرڻ بابت ٿيل تحقيق ۽ رپورٽن مان پڻ پورو پورو لاڀ ورتو.

بهرحال، ڊاڪٽر ايڊٿ ٽالمن ۽ پروفيسر اليگيزينڊر ٽالمن جي راين جي باوجود برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ سان وڏي ٻوڏ اچڻ واري ٿيوري پنهنجي جاءِ تي مضبوطيءَ سان بيٺي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org