سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 13

 

اوائلي قبرون  

 

موت جو احساس ۽ قبرون

انسان ۽ جانور ۾ هڪ فرق اهو به آهي ته جانور پنهنجا مڙدا پُوريندا نه آهن، پر انسان ايئن ڪري ٿو. شايد ان ڪري ته موت بابت انسان جي ذهن ۾ هڪ مختلف تصور آهي. موت هڪ الميو آهي، جڏهن به ڪو ماڻهو مري ٿو ته ڏکن سکن جو هڪ ساٿي ضايع ٿئي ٿو ۽ انسان جي ذهن ۾ پنهنجي ساٿيءَ سان گهاريل گهڙين جون يادون ڦرڻ لڳن ٿيون، هڪ اهڙو ساٿي جنهن جهنگلي جانورن سان ويڙهه ۾ ساٿ ڏنو ۽ سخت موسمن ۾ گڏجي ڪو اجهو ٺاهيو. اهو انسان ئي آهي جنهن موت کان پوءِ به زندگيءَ جو تصور قائم ڪري هڪ نئين دنيا کي وجود ڏنو آهي. هڪ ماڻهوءَ جو موت نئين ۽ اڻڄاڻ دنيا جي سفر جو آغاز سمجهيو ويو، جيڪو سفر مئل مسافر کي اڪيلو طئه ڪرڻو هو. ان ”مسافر“ جي سفر جو بندوبست سندس ساٿين اهتمام ۽ ڏک جي جذبن سان ٿي ڪيو.

جيئن ته انسان پنهنجي سوچ جي سفر دوران ان وقت موت ۽ موت کان پوءِ واري حياتيءَ تي سوچيو هوندو جڏهن هو مڪمل وحشي دؤر مان نڪري خوراڪ جي هڻ وٺ مان ڪنهن حد تائين جند ڇڏائي ”شعور“ جي منزل ۾ آيو هو، ان ڪري تدفين جو سلسلو گهڻو پوءِ شروع ٿيو.

 

زيڪوسلواڪيه: پٿري دور ۾ هن ريت لاش کي ٻڌي پورڻ جو رواج هو.

 

نيندرٿال کوپڙي ۽ مائونتي سرڪيو (اُٽلي) جي غار ۾ اها جاءِ جتان اها لڌي وئي.

 

وڻن جي ٽارين تي تدفين جو طريقو جيڪو پيليوليٿڪ دور ۾ مروج هوندو ۽ اڄ تائين پارسي مذهب ۾ رائج آهي.

 

برطانيه جي ٻيٽ تان لڌل هڪ قبر جنهن ۾ مردي کي ڦاڙهي جي سڱن ۾ گهيري پوريو ويو هو.

 

انسان پهرين قبر ڪڏهن ۽ ڪٿا ٺاهي هئي؟ اهو سوال به آرڪيالاجيءَ جي گهڻن سوالن وانگر اڌورو رهجي ويو آهي ۽ شايد ”پهرين قبر“ ڪڏهن به هٿ اچي نه سگهي.

انساني ذهن ڏاڍو پيچيندو آهي، پر سائنسدان چون ٿا ته اوائلي انسان جي خيال ۾ ننڊ ۽ موت ۾ ڪا هڪجهڙائي هوندي ۽ سندن خيال ۾ موت ڪنهن خاص قسم جي ننڊ آهي جنهن مان مئل ماڻهو هڪ نه هڪ ڏينهن جاڳندو. ان خيال جو ڪارڻ اهي قبرون آهن جن مڙدي کي ڪجهه اهڙيءَ طرح پاسيرو ليٽايو ويو آهي ڄڻ جو هو سمهي رهيو آهي. جيئن ڪو سيءَ ۾ سُڪندڙ ماڻهو ڪرونڊڙو ٿيو پيو هجي. گوڏا موڙي کاڏيءَ طرف ڪيا ٿي ويا ۽ هٿ ڳلن تي رکيا ٿي ويا.

ننڊ ۾ هجڻ واري تصور جو ٻيو ثبوت مڙدي سان دفن ٿيل اوزار، هٿيار ۽ زيور وغيره آهن، جيڪي ننڊ مان جاڳڻ يا ٻيهر جنم وٺڻ مهل هن کي ڪم اچي ٿي سگهيا. اڃا به دلچسپ صورتحال آهي ته پيليوليٿڪ دؤر ۾ ڪجهه مڙدا دفن ڪرڻ مهل انهن کي رسين سان ٻڌو ٿي ويو. ماهرن جي خيال ۾ اهو دليل آهي ته اوائلي لوڪن کي ڊپ هو ته مٿان اهو مڙدو ڪنهن مهل اٿي هلڻ لڳي. ان ريت مڙدي کي اوچتو اٿي هلڻ کان جهليو ويندو هوندو. مڙدي لاءِ احترام ۽ ڊپ جا هي گڏيل جذبا عجيب سهي پر هر زماني ۾ موجود رهيا آهن. اڄ به جيئرا جاڳندا ۽ ڪمزور دل انسان مڙدن کان خوف کائين ٿا.

اوائلي وقتن ۾ لاشن جي نيڪال جي صورت فقط زمين ۾ پورڻ تائين محدود نه رهي هوندو. ڪي گروهه پنهنجا لاش ساڙيندا هوندا يا ڪٿي اوچائيءَ تي رکي ايندا هوندا. اهي طريقا اڄ به هندن ۽ پارسين ۾ جاري آهن. لاشن جي اهڙي نيڪال جو ڪوبه ثبوت باقي نٿو رهي. اسان فقط اهو سوچي سگهون ٿا ته اڄوڪين رسمن جون ماضيءَ ۾ پاڙون هونديون آهن.

تدفين جي حوالي سان يورپ ۾ هڪ دريافت 1949ع ۾ ٿي. هي ماڳ چيڪوسلواڪيه ۾ ”دولني ويستونائس“ آهي، جتان ميموٿ جي شڪارين جي پيليوليٿڪ قبر لڌي وئي. ان ماڳ جي صفائي ۽ کوٽائي ڪندي آرڪيالاجسٽن کي هڪ ننڍي کڏ ۾ هڪ عورت جو لاش مليو، جنهن کي ميموٿ جي ڪلهن، پاسراٽين ۽ ڍاڪ جي هڏين سان ڍڪيو ويو هو. هي پهريون ڀيرو هو جو ميموٿ جي هڏين سان گڏ ميموٿ جي شڪاري گروهه جي ڪنهن فرد جون هڏيون مليون هيون. هي مڪمل ڍانچو هو. پتو پيو ته اها چاليهارو سال عمر جي هڪ عورت هئي، جنهن جو قد چار فٽ ڏهه انچ هو. لاش سان گڏ ڪجهه چقمقي اوزار ۽ چٿڙ به پيا هئا. ڍانچي جي ڀر ۾ هڪ مٺ ۾ هڪ برفاني لومڙيءَ جا ڏند به رکيا ويا هئا. آرڪيالاجسٽن هن قبر کي جيئن جو تيئن محفوظ ڪري ۽ کڻائي موراوين ميوزم برنو (Brno) ۾ نمائش لاءِ رکي ڇڏيو آهي.

 

نيندرٿال قبرون

نيندرٿال انسان ڏسڻ ۾ جهڙو بي ڊولو ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ وارو هو، طبيعت ۾ اوترو ئي رحمدل هو. ان جذبي سبب هن پاڻ کان اڳوڻن نسلن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي برادريءَ وارن سان مختلف ۽ جذباتي رويو رکيو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڪثر نيندرٿال گروهن پنهنجن مُڙدن کي جانورن وانگر نظرانداز ڪرڻ بدران پُورڻ جو سلسلو شروع ڪيو. في الحال آرڪيالاجسٽن وٽ اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جي تدفين ۽ رسمن بابت ڪوبه ثبوت ڪونه آهي.

جيتوڻيڪ هيل تائين ”اُڀي انسان“ ۽ ان کان اڳ وارن انسان نما نسلن جا ڍانچا ۽ هڏيون مليون آهن، پر انهن مان اهڙي ڪابه شاهدي نٿي ملي ته اهي قبرون هيون. هنن وٽ شايد تدفين جي حوالي سان ڪو تجريدي خيال به ڪونه هو. ان جي ابتڙ نيندرٿال انسان پنهنجا مڙدا پوريندو هو، جنهن مان پڌرو ٿئي ٿو ته سندس روحاني دنيا پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ شاهوڪار هئي.نيندرٿال باشعور انسانن واري سلسلي جو هڪ اهم نسل آهي. پر، اهو ضروري نه آهي ته نيندرٿال پنهنجي نسل جي هر ماڻهوءَ کي موت کان پوءِ دفن ڪيو هجي. هنن ڪجهه چونڊ ماڻهن کي قبر ۾ جاءِ ڏني. هن مهل تائين فقط 16- هنڌن تان 36- قبرون مليون آهن. جيتوڻيڪ اهو نسل فرانس کان وٺي مرڪزي ايشيا تائين پکڙيل هو. جيڪڏهن اسان ايئن سوچيون ته گهڻيون قبرون اڃا دريافت ٿيڻيون آهن ۽ گهڻيون قبرون زماني جي زورآوريءَ سبب تباهه ٿي چڪيون آهن، تڏهن به هن مهل تائين لڌل نيندرٿال قبرون تمام ٿوريون آهن. ان کانسواءِ قبرن جي ورڇ به هڪ ڪري ڪونه آهي. انهن مان اڌ ته رڳو ڏکڻ فرانس ۽ اتر اسرائيل جي وچ ۾ آهن.

اهي قبرون اسان کي نيندرٿال جي سماجي زندگي ۽ رسمن بابت ڪافي معلومات ڏين ٿيون. پر انهن تفصيلن کي هر نيندرٿال گروهه سان لاڳو ڪري نٿو سگهجي. اولهه ۽ اوڀر ۾ پکڙيل اهڙين قبرن ۾ ڪافي فرق آهي. اهو ثبوت ئي ڪافي آهي ته نيندرٿال جي گهڻين آبادين وٽان قبرون ڪونه مليون آهن.

اولهه ۾ جتي نيندرٿال ماڻهن جو هڪ مخصوص گروهه رهندو هو، انهن جي قبرن ۾ پٿري اوزار ۽ هڏين مان گهڙيل شيون رکيل هيون.



نيندر ٿال لوڪن جو هڪ قبرستان.

 

هڪ نيندر ٿال ڇوڪر جي قبر جيڪا سينٽرل ايشيا مان لڌي وئي. ڪاري رنگ ۾ ڏيکاريل هڏيون ٻار جون آهن، ٻيون هڏيون ٻڪري جون آهن.

 

فرانس ۽ اٽلي جي سرحدن وٽان لڌل هڪ پيليوليٿڪ قبر جنهن مان هڪ نوجوان مڙد ۽ هڪ پوڙهي عورت جون هڏيون مليون آهن.

 

اوڀر واري پاسي جا نيندرٿال جن پوءِ جديد ماڻهوءَ جي صورت ۾ ارتقا ڪئي هوندي، قبر ۾ ٿورو سامان رکندا هئا. سائنسدان ان گروهه لاءِ چون ٿا ته اهي موت جون رسمون ادا ڪندا هئا.

بغداد جي اتر ۾ جبلن تي موجود ڳوٺ شانيدر (Shanidar) وٽ هڪ غار مان مٽيءَ جي هيٺين تهن مان نيندرٿال ماڻهن جا ڪافي ڍانچا مليا آهن، جيڪي 40- کان 50- هزار سال قديم آهن. انهن مان ڪجهه ماڻهو ڇت مان پٿر ڪِرڻ سبب مري ويا هئا. شايد ڪنهن موقعي تي ڪنهن زلزلي سبب غار جي ڇت مان پٿر ڪِريا هوندا. ساڳي جاءِ تان هڪ ماڻهوءَ جي باقاعدي قبر لڌي وئي آهي. ان قبر جي اڀياس مان خبر پئي ته مڙدي کي جنهن مٽيءَ ۾ دفن ڪيو ويو ان ۾ گلن جو زيرو مقدار ۾ وڌيڪ هو. ان جو جواب شايد اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته مڙدي جي جسم کي گلن سان ڍڪيو ويو هو.

نيندرٿال جي، ٻي سرحد تي به تدفين غير معمولي ۽ دلچسپ ڏٺي وئي. ڏکڻ فرانس ۾ ”لا فيراسي“ وٽ هڪ جهڪيل ٽاڪرو جهُڏي هيٺ هڪ مڪمل قبرستان مليو آهي، جنهن کي دنيا جي قديم ترين قبرستانن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. انهن قبرن ۾ هڪ مرد، هڪ عورت ۽ ڪافي ٻار ڪجهه خاص ترتيب ۾ دفن ٿيل آهن. مرد جو جسم هڪ چلهه جي باقيات تي ڪجهه اهڙي طرح ليٽايل هو جو هن جي مٿي جي چوڌاري ٽي وڏا پٿر رکيل هئا. عورت، جيڪا هن کان ڪجهه ننڍي عمر جي محسوس ٿئي ٿي مرد جي ويجهو اهڙيءَ طرح سڌي ليٽايل هئي جو ٻنهي جا مٿا پاڻ ۾ ويجهڙا هئا. سڀئي ٻار سادين کڏن ۾ پوريل هئا، سواءِ هڪ جي، جنهن جي قبر ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. هتي 9- عدد مٽيءَ جا ننڍڙا گول دڙا صاف ۽ جاميٽريڪل انداز ۾ هئا. انهن مان اٺ خالي هئا، نائين نمبر ڍڳ ۾ تازي ڄاول ٻار سان ٽي چقمقي پٿر هئا. هن قبر جي ڪهاڻي شايد هميشه لڪل ئي رهندي.

 

برفاني دؤر جي شڪارين جون قبرون

آخري برفاني دؤر جا شڪاري ميموٿ ۽ سانڀر ماريندا هئا. ان بابت پاڻ اڳ ۾ بحث ڪري چڪا آهيون. اهڙن شڪارين جي هڪ آباديءَ ۾ جيڪا دولني ويستونائس واري آهي، مان ميموٿ جي هڏين سان ڍڪيل هڪ عورت جو ڍانچي مليو هو. هن کي جنهن ريت دفن ڪيو ويو هو، ان مان لڳي ٿو ته هوءَ پنهنجي گروهه ۾ معتبر حيثيت رکندر هئي. ان هوندي به ايئن نٿو چئي سگهجي ته اها قبر پنهنجي نوعيت ۾ اڪيلي آهي. روس ۾ ڪوستينڪي (Kostienki) وٽان ميموٿ جي پاسراٽين هيٺان به هڪ ڍانچو مليو آهي. هوڏانهن سنگير (Sungir) وٽ به هڪ ماڻهو عاليشان ڪپڙن ۾ پوريل لڌو ويو آهي. ٻي دلچسپ قبر ٻن ٻارن واري آهي، جيڪا پڻ سنگير وٽان لڌي هئي. ٻنهي ٻارن جي عمر لڳ ڀڳ ڏهه ڏهه سال هئي، هنن کي ٺيڪ ان ريت پوريو ويو هو جيئن لافيراسي ۾ عورت ۽ مرد پوريا ويا هئا. هو پٺيرا ۽ سڌا ليٽيل هئا ۽ سندن مٿا هڪٻئي کي ويجهو هئا. لاشن جا مٿا هڪٻئي جي ويجهو ڇو رکيا ويا؟ سائنسدانن لاءِ اهوئي سوال دلچسپ آهي. ڇا اها انهن فردن جي زندگيءَ ۾ هڪٻئي سان قربت جي نشاني آهي يا اهو ڪنهن خاص قسم جي عقيدي سبب ڪيو ويو؟ ماهرن جي راءِ ۾ ٻارن جي تدفين ۾ ڏيکاريل پوزيشن ضرور ڪنهن خاص قسم جي عقيدي جي سبب هئي. اهڙيون ڪافي قبرون لڌيون ويون آهن ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ميموٿ جي شڪارين جي آباديءَ مان، جيڪا ڏکڻ روس ۾ گاگرين (Gagarin) وٽان هڪ مورتي ملي آهي، جنهن ۾ ٻن ماڻهن کي ڏيکاريو ويو آهي. هڪ ماڻهو وڏو ۽ ٻيو ننڍو آهي جن جا مٿا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.

سنگير وارا ٻار به ضرور ڪنهن خاص حيثيت جا مالڪ هوندا. ماهر تجويز ڪن ٿا ته پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ اتر روس ۾ موجود شڪاري سماج ايترو سادو ڪونه هو، جيترو عام طور سمجهيو وڃي ٿو. انهن ٻارن سان گڏ دفن ٿيل سڀ کان اهم شيءِ هڪ طاقتور ميموٿ جي ڏند مان ٺهيل وڏو نيزو هو. ان قبر مان عاج جون ٺهيل لڳ ڀڳ سموريون شيون مليون هيون. بهرحال، ٻارن جون اهي قبرون به پنهنجي نوعيت ۾ اڪيليون نه آهن، ڇو ته اهڙي ئي هڪ قبر سائبيريا ۾ مالٽا ويجهو ملي آهي. اتي هڪ ٻار کي 120- عدد گول ۽ سڌن مڻين، ڪنڱڻن ۽ ستن زيورن سان پوريو ويو هو، جيڪي عاج مان گهڙيل هئا.

پيليوليٿڪ دؤر جي هڪ ٻي قبر واقعي ذڪر لائق آهي. موراويا ۾ ”پريد موستي“ وٽ 13- فوٽ ڊگهي بيضوي کڏ ۽ پٿرن جي اوساري ملي هئي، جنهن جو مطلب آهي ته اهو ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ زمين کوٽي تري ۾ فرش ٺاهيو ويو هو. ان کڏ مان 12- ماڻهن جا ڍانچا مليا آهن، جن مان اڪثر بالغ هئا. انهن کي ميموٿ جي پاسراٽين، ڪلهن ۽ پٿرن سان ڍڪيو ويو هو. سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ٻئي هنڌان هن قسم جي قبر ڪونه ملي آهي. تدفين مان لڳي ٿو ته سڀئي مڙدا هڪ ئي وقت دفن ڪيا ويا هئا يا وري اهي جلدي جلدي مئا ۽ انهن کي ساڳي کڏ ۾ پوريو ويو. ايترا ماڻهو هڪ ئي وقت ڇو مئا؟ شايد شڪار دوران کين ڪو حادثو پيش آيو هجي يا ڪنهن وبائي بيماريءَ ۾ مري پيا هجن. هيءَ قبر بهرحال ايتري شاهدي ضرور ڏئي ٿي ته پوئين پيليوليٿڪ دؤر جي هڪ شڪاري گروهه ۾ ايترا ماڻهو هئا جو ان ۾ نه رڳو اهي 12- ماڻهو موجود هئا پر انهن جا ايترا ساٿي به هئا جو هنن کي دفن ڪيائون. اهڙي طرح اهو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊزن ته هوندو.

جيئن ته هيءَ اجتماعي قبر ڪنهن حادثي ڏانهن اشارو ڪري ٿي، تنهن ڪري اها ”رواجي پيليوليٿڪ قبر“ ڪونه آهي. اڃا به خاص قبرون اهي آهن جيڪي ڏکڻ فرانس ۽ ڪامچاتڪا (Kamchatka) جي وچ ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن سڀني قبرن کي ڏسي اسان چئي سگهون ٿا ته پيليوليٿڪ جي پڇاڙڪي دؤر ۾ به تدفين جو نمونو هڪجهڙو نه هو، بالڪل ايئن جيئن اڄڪلهه هر ڪنهن مذهب ۽ قبيلي وٽ پنهنجو پنهنجو طريقو آهي. هن مهل تائين لڌل 100 کن قبرن مان فقط 41- قبرن ۾ هڪ هڪ مڙدو دفن ٿيل آهي. سائنسدانن اها به ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته انهن ۾ 66- سيڪڙو مرد ۽ 33- سيڪڙو عورتون دفن ٿيل آهن. فقط نيندرٿال لوڪن ئي مرد مڙدن سان قبرن ۾ سامان رکيو پر ميموٿ جي شڪارين عورتن ۽ مردن جي تدفين ۾ ڪو فرق نه رکيو.

عورتن ۽ مردن سان گڏ پوريل سندن سامان انهن مڙدن جي زندگيءَ ۾ سندن سماجي حيثيت ۽ شاهوڪاريءَ جي نشاندهي ڪن ٿا. سنگير ۾ دفن ٿيل مڙدو جيڪو مڻين سان سٿيل هو، هڪ جدا ڳالهه آهي، پر گهڻو ڪري هر پيليوليٿڪ قبر مان ڪجهه زيور ۽ پٿر جا اوزار مليا آهن.

هيل تائين پاڻ جن به قبرن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ مڙدا زمين ۾ پوريل آهن. اهو سلسلو اڳتي نيوليٿڪ دؤر ۾ به جاري رهيو، پر هڪ تازيءَ دريافت دوران آسٽريليا ۾ مُنگو (Mungo) ڍنڍ جي ڪناري تان هڪ انساني ڍانچو سڙيل حالت ۾ مليو آهي ۽ سندس هڏيون ڀڃي هڪ تانگهي کڏ ۾ اڇلايون ويون هيون. اهو ڍانچو 30 هزار سال اڳ جو آهي.


 

زيڪو سلواڪيه ۾ آخري پيليوليٿڪ دور جي هڪ قبر جنهن ۾ 20 ماڻهن جون هڏيون آهن.

 

 

جرمنيءَ جي آفنيٽ غار ۾ پوريل کوپڙين جو مُچو.

 

پيليوليٿڪ دؤر جي پڄاڻيءَ مهل ڪجهه ٻيون به حيرت جهڙيون قبرون نظر اچن ٿيون. ڏکڻ جرمنيءَ ۾ ناردلنگن ويجهو آفينٽ غار مان سائنسدانن کي ٿانءَ جهڙي گولائي جهڙيون ٻه کڏون مليون. انهن مان هڪ ”قبر“ ۾ 27- ۽ ٻيءَ ۾ 6- انساني منڍيون مليون آهن. اهي منڍيون پٿري اوزارن سان باقاعدي ڌڙ کان ڌار ڪيل هيون، ڇاڪاڻ ته ڪن منڍين سان گڏ انهن جي ڪرنگهي واريون هڏيون به موجود هيون. هن هنڌ ڇا ٿيندو رهيو هو؟ اڃا تائين اطمينان جوڳو ڪوبه جواب ملي نه سگهيو آهي. ڪجهه سائنسدان چون ٿا ته هن گروهه جا ماڻهو انسانن جون فقط منڍيون پوريندا هئا ۽ باقي ڌڙ جو نيڪال ڪنهن ٻي صورت ۾ ڪندا هئا. ٻين ماهرن جو خيال آهي ته اهي منڍيون اصل ۾ اوائلي قبائلين هٿان دشمن جي شڪار جو انعام ٿي سگهن ٿيون. ٻنهي صورتن ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اوائلي انسان، انساني منڍيءَ کي ڏاڍي اهميت ڏني آهي.

نيندرٿال انسان جي هڪ کوپڙي روم ويجهو گواتاري غار (Gauttari Cave) وٽان ملي آهي، جنهن کي پٿرن جي هڪ دائري ۾ ريتن رسمن سان دفن ڪيو ويو هو. ڪجهه اهڙو ثبوت به آهي ته ”اُڀي انسان“ جون به ڪجهه کوپڙيون ڪن سببن جي ڪري محفوظ ڪيون ويون هيون.

 

نيوليٿڪ دؤر جا مقبرا

نيوليٿڪ دؤر ۾ تمام وڏن پٿرن سان ٺاهيل مقبرن جي هڪ خاص قسم کي ڊولمن (Dolmen) چيو وڃي ٿو. ويلس (Wales) ۾ انهن کي Cromlechs چون ٿا. تمام وڏن پٿرن کي اُڀو بيهاري انهن جي مٿان اهڙي ئي ڪنهن تمام وڏي پٿر جي ڇت ڏئي هڪ چئمبر ٺاهيو ٿي ويو. نيوليٿڪ دؤر ۾ انهن چئمبرن ۾ مڙدا پوريا ويندا هئا. اهڙيون شاهي توڻي ننڍيون اڏاوتون يورپ کان آفريڪا ۽ ايشيا تائين ملن ٿيون. ايستائين جو جپان ۾ به ڊولمن ملن ٿا، پر ايشيا ۾ اهي ”شاهي“ قسم جا ڪونه آهن. آئرلينڊ ۾ ملندڙ ڊولمن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 150 آهي، جنهن مان اڪثر 2500 ق. م. جا آهن.

ڇا سنڌو ماٿريءَ ۾ به ڊولمن طرز جون ڪي قبرون لڌيون ويون آهن؟ پاڪستان جو سينيئر آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري هائوڪار ۾ جواب ڏئي ٿو. ”وادي ملير“ نالي ڪتاب ۾ هو اوائلي قبرن تي بحث ڪندي چوي ٿو: ”... اهڙيون قبرون يا يادگار جن کي صحيح معنيٰ ۾ ميگاليٿڪ (وڏن پٿرن مان ٺاهيل) چئي سگهجي، سرحد صوبي ۾ نوشهري کان 24 ميل اوڀر ۾ ۽ مردان کان 17 ميل اتر اوڀر ۾ موجود آهن....“

بخاري صاحب، ڪيپٽن ايڇ. ڊي. گارڊن جي حوالي سان هڪ ڳوٺ آسوٽا جي ويجهو 57 فوٽن جي قطر ۾ لڳل 10-10 فوٽن جي 32 پٿرن جو ذڪر به ڪيو آهي (جن مان هاڻي 14 غائب ٿي چڪا آهن) اهي پٿر هڪٻئي کان ٻن کان چئن فوٽن جي فاصلي تي لڳل آهن. پٿرن جا اهڙا دائرا يقينن پٿري دؤر سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي يورپ ۾ ڪثرت سان ملن ٿا، پر ڇا واقعي اهي قبرون يا تدفين جو ڪو سلسلو آهي؟ ان باري ۾ اڃا کوجنا گهربل آهن.

البت، بخاري صاحب ڪراچيءَ ويجهو ڊملوٽي آثارن ۾ پٿري دؤر جي اهڙين قبرن جي نشاندهي ڪري ٿو، جن کي ڊولمن قرار ڏئي سگهجي. بخاري صاحب لکي ٿو، ”ڊملوٽيءَ ۾ موجود ميگاليٿڪ قبرن جي باري ۾ علم ته اپکنڊ جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ ٿي چڪو هو، پر تحقيقي کوٽائيءَ جي ضرورت هئي. ڀارت ۾ اهڙين قبرن جي کوٽائيءَ جو ڪم اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو، پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي 1975ع ۾ انهن قبرن جي کوٽائي جو ڪم ڪيو.“ ان کوٽائيءَ جي رپورٽ کي هتي ڊملوٽيءَ ۾ ’ڪافرن جون قبرن‘ جي عنوان سان پيش ڪجي ٿو:

 

ڊملوٽيءَ ۾ ”ڪافرن جون قبرون“

”ڊملوٽيءَ ڪراچيءَ کان 24 ملي پري اُتر اوڀر ۾ ۽ ملير شهر کان ڏهه ميل اتر اوڀر ۾ سمنڊ جي سطح کان 125 فوٽ بلنديءَ تي آهي. هي قبرستان ٻاهر نڪتل هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جتان ملير نديءَ جو خشڪ پيٽ صاف ڏسجي ٿو. هن قبرستان ۾ هنڌ هنڌ پٿر جون ٺهيل قبرون پکڙيل هيون، هڪ ڪچو رستو قبرستان جي وچ مان لنگهي ٿو جنهن ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ان ريت هي قبرون ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون آهن. پهرين حصي ۾ 25 قبرون ملير نديءَ جي ساڄي ڪپ تي هڪ سڌي مٿاڇريءَ واري ٽڪريءَ تي آهي. هي حصو رستي جي اوڀر ۾ آهي ۽ 125 فوٽ ڊگهي ۽ 100 فوٽ ويڪري ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. ويجهو ئي، رستي جي ٻئي ڪناري تي ساڳي ٽڪريءَ جي لاهيءَ تي قبرستان جو ٻيو حصو آهي. جتي ڀڳل ٽٽل پٿرن جا ڍير ۽ انساني هڏين جا ٽڪرا اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. 125 فوٽ ڊگهي ۽ 100 فوٽ ويڪري ايراضيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ 50 قبرون ڳڻي سگهجن ٿيون.

ڊملوٽيءَ ۾ پٿرن جون ٺهيل هي قبرون شڪل ۽ صورت جي لحاظ کان ڏکڻ هندستان دکن ۽ ميسور رياستن ۾ ملندڙ قبرن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. ڏکڻ هندستان ۾ اهڙين قبرن مان انساني هڏين کانسواءِ قبرن جو سامان، ٿانوَ ۽ هٿيار، گهٽ قيمتي پٿر ۽ سون جا مڻڪا به مليا آهن. ڊملوٽيءَ واريون اڪثر قبرون چئني طرفن کان چار پٿر زمين ۾ کوڙي ٺاهيون ويون هيون. هي قبرون مٿان کان کليل هيون، پر محسوس ٿئي ٿو ته پنجين پٿر سان انهيءَ کي ڍڪ ڏنو ٿي ويو. پر ڪجهه قبرن جي ويجهو ڀڳل ٽٽل پٿرن کان سواءِ ڪوبه مڪمل پٿر نظر نه آهي. اڪثر قبرون اوڀر کان اولهه طرف ٺهيل هيون، پر ڪجهه قبرون ان اصول جي ابتڙ به نظر آيون. عام طور تي هي قبرون اندر کان ساڍا پنج فوٽ ڊگهيون ۽ اڍائي فوٽ ويڪريون آهن. زمين جي سطح کان انهن جي اوچائي ڪنهن به حالت ۾ ٻن فوٽن کان مٿي نه آهي. قبرن ۾ استعمال ڪيل پٿرن ساڳي ٽڪريءَ مان ڪڍيا ويا هئا، جن تي قبرستان موجود آهي. پٿرن کي تراشڻ کان سواءِ استعمال ڪيو ويو آهي. قبر جي پٿرن جو اصلي رنگ ڳاڙهسرو هو، جيڪو هاڻي ڪارو ٿي ويو آهي. عام طور تي هي قبرون هڪٻئي کان پنجن کان ڏهن فوٽن جي فاصلي تي آهن پر ڪجهه قبرون هڪٻئي کان ويجهيون به آهن.

ماهرن، کوٽائي دوران قبرستان جي هڪ حصي جون قبرون کوٽيون ۽ باقي ايندڙ وقتن ۾ تحقيق لاءِ جيئن جو تيئن ڇڏي ڏنيون. کوٽائي وڌ ۾ وڌ ڏيڍ فوٽ تائين ڪئي وئي. سڀني قبرن مان لڳ ڀڳ هڪجهڙيون شيون لڌيون ويون. کوٽائي ڪيل هر قبر ۾ ٻه تهه ڏنا ويا. هيٺئين تهه جي وچ ۾ هڪ گول يا بيضوي شڪل ۾ ننڍي گهرائيءَ واري کڏ ملي جنهن جو قطر 8 کان 20 انچ ۽ گهرائي ٽن کان 8 انچ هئي. انهن کڏن ۾ سڙيل هڏيون ۽ هڏين جا ٽڪرا رکيل مليا. ڪن حالتن ۾ هڏي سان گڏ گهٽ قيمتي پٿرن جا مڻڪا به مليا. هڏين کي محفوظ رڪڻ لاءِ هيٺين تهه جي مٿان ٻي مٽيءَ جو هڪ فوٽ ٿلهو تُهه ڏٺو ويو. موسمي ڦيرڦار سبب ڪجهه قبرن جو مٿيون تهه لڙهي ويو هو، ان ڪري کڏ ۽ ان ۾ پيل هڏيون نظر اچڻ لڳيون هيون. قبرن جي تفصيلي معائني مان محسوس ٿئي ٿو ته هتي مڙدا ساڙي دفن ڪرڻ جو رواج هو. کوٽائي ڪيل سمورين قبرن مان فقط هڪ قبر (قبر نمبر 24) ۾ رواج کان مختلف صورتحال نظر آئي، جنهن ۾ سڙيل هڏيون ۽ هڏين جي ٽڪرن مٿان مڪمل هڏيون به موجود هيو. ان فرق بابت في الحال ڪابه راءِ سامهون نه آئي آهي.

ڊملوٽيءَ جي قبرن مان لڌل شين ۾ مڻڪن جو هڪ قسم چورس آهي، انهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي تيزابي نقاشي، ليڪون ۽ پٽيون آهن. مستطيل شڪل وارن مڻڪن جي صورتحال به ساڳئي آهي، پر انهن ۾ ڊگهائيءَ ۾ آرپار سوراخ آهن. مستطيل شڪل جا ڪجهه مڻڪا هڪ پاسي کان هموار ۽ ٻئي پاسي کان اڀريل آهن. انهن ۾ به سوراخ آهن. گول شڪل وارن مڻڪن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي تيزابي نقاشيءَ سان ڇهه ڇهه گول دائرا ٺهيل آهن. بيضوي شڪل جي مڻڪن تي به ساڳي نقاشي آهي. اهڙا نلڪي نما مڻڪا به آهن جن جو هڪ ڇيڙو ٻئي کان سوڙهو آهي ۽ انهن تي نقاشيءَ جا نشان ڊٺل آهن.

بخاري صاب مختلف ماڳن تي پٿري قبرن جي حوالي سان ٻين محققن جا حوالا به ڏئي ٿو. ڪيپٽن پريڊي ضلعي ڪراچيءَ جي الهندي ڪنڌيءَ تي موجود قبرن بابت لکي ٿو ته، ”هي اهڙيون ئي قبرون آهن جن جو ذڪر ڪيپٽن ميڊوز ٽيلر ۽ ڪيپٽن ڪونگريو دکن ۽ نيل گري جي قبرن جي حوالي ۾ ڪيو آهي. ذڪر ڪيل پوين قبرن جي هڪ پٿر ۾ يا هڪ پاسي سوراخ به ڏٺو ويو آهي.“

فريئر موجب، ”بلوچستان ۾ شاهه بلاول روڊ تي، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ روڊ تي ڪناري ڪناري ٽاڪرو علائقي ۾ به اهڙيون قبرون موجود آهن جن کي ماڻهو ڪافرن جون قبرون چون ٿا.“

ويلر چوي ٿو ته، ”ڪراچيءَ کان 20 ميل پري اتر اوڀر ۾ واقع ڳوٺ مراد ميمڻ کان ساڍا ٽي ميل اڳتي اتر اوڀر ۾ ڳوٺ حاجي الهه ڏنو (جيڪو سنڌو تهذيب جو ماڳ آهي) کان ٿورڙي پنڌ تي اڻگهڙيل پٿرن سان ٻڌل قبرون، جيڪي ساڍا پنج فوٽ ڊگهيون ۽ ساڍا ٽي فوٽ ويڪريون آهن... انهن پٿرن جي ٿولهه (آثار) ستن کان ڏهه انچ آهي ۽ اهي پٿر پنهنجي مجموعي ڊيگهه کان اٽڪل اڌ واريءَ ۾ کتل آهن ۽ انهن قبرن ۾ ڪو سوراخ ڪونهي. مقامي ماڻهو انهن کي ڪافرن جون قبرون چون ٿا. ائين ٿو لڳي ته اهي قرونِ وسطيٰ جون آهن.“

”ڪراچي- ڪوٽڙي روڊ تي 19 ميل جي نشان کان اڌ ميل اتر اولهه طرف ڳوٺ کانٽو کان اڌ ميل کان ٿورو وڌيڪ پنڌ تي ڏکڻ طرف ننڍيون قبرون موجود آهن، انهن جو اندريون حصو اٽڪل ٽي ساڍا ٽي فوٽ ۽ ٻن اڍائي فوٽن تائين آهي. انهن قبرن ۾ هڏين جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا سطح تي پر ريتيءَ ۾ دٻيل نظر اچن ٿا. ماڻهو انهن کي به ڪافرن جون قبرون سڏين ٿا. اهي وڏن پٿرن جي ڀيٽ ۾ ننڍا پٿر آهن. انهن مان هڪ قبر جي چئني پاسي 27 فوٽ قطر ۾ پٿرن جو دائرو ٺهيل آهي. ماهرن ان دائري تي في الحال ڪابه روشني نه وڌي آهي.“

بخاري صاحب اڳتي ويلر جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”ويلر ڏکڻ هندستان ۾ ملندڙ قبرن کي ٽين صدي ق. م. ۽ پهرين صدي قبل مسيح جي وچين عرصي جون قبرون ٻڌائي ٿو. يورپ ۾ اهڙا يادگار نيوليٿڪ دؤر جا هوندا آهن... انهن مان ڪجهه تمام وڏا پٿر ڇهه يا ست فوٽ ڊگها آهن ۽ قبرن جي ڊيگهه 8 فوٽن تائين آهي. مول (گڏاپ کان اتر واري ماٿري) ۾ اهڙيون قبرون ٺاهڻ لاءِ چن جو پٿر استعمال ٿيو آهي. اهي قبرون وڌيڪ اوچيون نه آهن ۽ سٺي ريتيءَ تي ٺاهيون ويون آهن. هي اهي ئي قبرون آهن جن جا ڍڪ پٿر جا آهن. انهن قبرن ۾ پورا مڙدا دفن آهن ۽ اهي قبرون اهڙين جاين تي آهن جتي ويجهو نيوليٿڪ دؤر جا آثار به موجود آهن. ڪجهه ٻيون قبرون ڊملوٽيءَ ويجهو ۽ ٻين جاين تي به موجود آهن، جيڪي ڀيٽ ۾ ننڍيون آهن ۽ انهن جا ڍَڪ پٿر جا نه آهن. اهي قبرون بالڪل مختلف دؤر جون ۽ بيهڪ جي لحاظ کان الڳ آهن، جن ۾ مڙدن کي ساڙي پورڻ جي روايت نظر اچي ٿي.

جناب حاڪم علي شاهه بخاريءَ پوکڻ وٽ هڪ قبر کوٽي جنهن جو ڍڪڻ وارو پٿر گم هو. پر ان مان ڪجهه به نه نڪتو. ”پوکڻ“ ڪرچات کان اتر ۾ ۽ کيرٿر جي اوڀر ۾ قديم شاهراهه تي واقع سنڌو تهذيب جو هڪ ماڳ آهي. بخاري صاحب اهڙي قسم جون قبرون ٿاڻي بولا خان واري روڊ سان ڊملوٽيءَ وٽ کوهه نمبر 2 ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي ۽ ان جي اتر ۾ به ڏٺيون. هو چوي ٿو، ”ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي سڀ جا سڀ قبرن جا يادگار آهن، پر اها تصديق ٿيڻ اڃا باقي آهي ته انهن ۾ مڙدن کي ساڙي پوريو ويو يا ائين ئي دفن ڪيو ويو... اهي قبرون مجمعدار جي ڊمب بُٺي ۾ کوٽيل قبرن کان مختلف آهن ۽ في الحال انهن جي عمر جو تعين نٿو ڪري سگهجي... مان واڳون ڏر ويجهو ٽڪريءَ تي موجود ڪافرن جون قبرون وساري نه سگهندس، جن جي باري ۾ فريئر کي ميڪلوڊ ٻڌايو هو ته انهن جي هڪ پاسي واري پٿر ۾ هڪ سوراخ هو ۽ هينري ڪزنس چوي ٿو ته ان قسم جون قبرون ضلعي بيجاپور ۾ به مليون آهن.“

هوڏانهن، ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ کي به سرحد صوبي ۾ ميگاليٿڪ قبرون نظر آيون آهن. بخاري صاحب چوي ٿو ته ميگاليٿڪ مقبرن جي عمر جي اظهار وقت اڪثر محقق پاسو ڪري ويندا آهن. البت ڏکڻ هندستان ۾ ملندڙ اهڙين قبرن بابت ماهر هڪراءِ آهن. انهن کي ٽين صدي قبل مسيح کان پهرين صدي قبل مسيح جي وچ ۾ جاءِ ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته يورپ ۾ اهڙيون قبرون اڄ کان ساڍا ڇهه هزار سال قديم سمجهيون وڃن ٿيون. بخاري صاحب سنڌ مان لڌل قبرن بابت پاڻ تي ڪا حتمي راءِ نٿو ڏئي البت هو پڻ عبدالرئوف خان سان سهمت ڏسجي ٿو، جيڪو سنڌ مان لڌل قبرن کي هندستان مان لڌل قبرن کان قديم سمجهي ٿو ۽ دليل طور چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي قبرن مان مڻڪن کانسواءِ اهڙي ٻي ڪابه شيءِ ڪونه ملي آهي، جنهن جو رواج سنڌو تهذيب (2500 سال ق. م.) کان جاري ٿيو. انهن قبرن مان ڏاتوءَ جي پڻ ڪابه شيءِ ڪونه ملي آهي.

 

يورپي ڊولمن ۽ پٿري دائرا

جيئن ميسوليٿڪ دؤر ۾ مائڪروليٿڪ ثقافت پاڻ ۾ گڏوچڙ آهن، تيئن ميگاليٿڪ ۽ نيوليٿڪ جو پاڻ ۾ تعلق آهي. يورپ ۾ پٿري ثقافتن جي اؤسر تي گهري نظر رکندڙ ماهر نيوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سماجي ۽ ميگاليٿڪ انقلاب ڏسن ٿا. صاف ڏسجي ٿو ته انساني ثقافت جي اؤسر ان حد تائين پهچي چڪي هئي جو سڄو معاشرو مربوط ۽ طاقتور قيادت هيٺ منظم هو.

ڀونءِ وچ واري علائقي ۾ نيوليٿڪ لوڪن ڪافي عرصي تائين پنهنجيون رهائشي غارون نه ڇڏيون هيون ۽ انهن جي ڀرپاسي ۾ رهندا هئا. برفاني دؤر جي پيليوليٿڪ لوڪن ته ٿڌ کان بچاءُ لاءِ غارن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، پر هنن نيوليٿڪ لوڪن ته ٿڌ کان بچاءُ لاءِ غارن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، پر هنن نيوليٿڪ ماڻهن غارن ۾ گرميءَ کان پناهه ٿي ورتي. جيئن ته نيوليٿڪ انسان زرعي دؤر ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ زراعت کين ميدانن ۾ لهي پوڻ جي نينڍ به ڏني هئي. تڏهن به غارن ۾ رهڻ جو سلسلو پوءِ به نظر اچي ٿو. اندالوسيه (Andalucia) (اندلس؟) ۾ لاس ميلارس وٽ زرعي ڳوٺ جي جهوپڙين جو جهگٽو بالڪل ٽاڪرو ڪنڌي وٽ هو. هن کان اڳ اڪثر قبرون غارن ۾ اندر يا جابلو ڪٽاءُ هيٺ ٺاهيون وينديون هيون. ان کان پوءِ انهن باقاعدي قبرستانن جو روپ ورتو. هي قبائلي مقبرو هو، جن کي ڇپن (Schist Slabs) سان ٺاهيو ٿي ويو. چئني پاسن کان ديوارن ۽ انهن جي مٿان Corbel Vault تدفين وارو چئمبر ۾ پهچڻ لاءِ هڪ پاسي کان سوڙهو لنگهه ڇڏيو ٿي ويو جن کي وڏن پٿرن جا در به ڏنا ٿي ويا، جيڪي ايندي ويندي کولي ۽ بند ڪري سگهجن. هي يادگار صحيح معنيٰ ۾ هٿرادون غارون هيون، جن کي پٿرن جي مقبرن جي سلسلي سان جوڙيو ٿي ويو.

ميسوليٿڪ دؤر ۾ تيويڪ (Teivec) وٽ جيڪو هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. اتي اڳ ئي پٿري مقبرا ٺهي چڪا هئا. ان کان پوءِ ساڳيو سلسلو مختلف صورتن ۾ اڳتي هلي پيو. انتيڪيورا (Antequra) وارو پٿري اڏاوتي ڍانچو (Hypogeum) ميگاليٿڪ سوچ جو اظهار آهي. ان اوائلي مقبري جي ڊيگهه 25 ميٽر، ويڪر 6.5 ميٽر ۽ اوچائي 3.3 ميٽر آهي. بنياد واري پٿر جو وزن 320 ٽن آهي ۽ ان سان گڏ ٻين 31 پٿرن جو وزن 1600 ٽن آهي. ٻين جاين تي مقبري لاءِ ٿوري پئماني تي بي ترتيب اوساري ڪئي وئي هئي، مثال طور بارنينز (Barnenez) جو سنگ گور جيڪو ٿولوئي (Tholoi) طرز جي شاندار مقبرن جو سلسلو آهي.

ڪيرن (Carn) ٻيٽ تي ٿولو (Tholos) مقبرن جي عمر مائسيناءِ (Mycenae) وارن ٿولو مقبرن کان به وڌيڪ آهي ۽ اهي ڪاربان ڊيٽنگ موجب مائسين مقبرن کان به 3270 ۽ 1500 سال پراڻا آهن. مائيسين جي ٿولهو مقبرن جي عمر عام طور تي 1580-1100 ق. م. آهي. هيل تائين فقط يونان ۾ اهڙا  50 مقبرا کوٽيا ويا اهن، جيڪي گهڻو ڪري سامونڊي ڪنڌيءَ جي علائقن ۾ عظيم مائسيناءِ مرڪزن وٽ آهي.

پالميلا، پرووينس، پنٽاليڪا ۽ سان مُڪسارو وٽ موجود ڊولمن، ڍڪيل گهٽيون ۽ پٿڙي دڙن وارا مقبرا ٽئين ملينيم سان تعلق رکندڙ آهن جڏهن ته پويون اڏاوتون ٻئي ملينيم تائين پهچن ٿيون. مورنواردس III وٽ موجود وڏن پٿرن وارو اسٽرڪچر زمين ۾ کوٽائي ڪري تيار ڪيو ويو، ان جي عمر سترهين يا ارڙهين صدي قبل مسيح آهي. اهڙا اسٽرڪچر مختلف نسلن بار بار استعمال ڪيا آهن ۽ پوءِ نون مقبرن ۾ ساڳي روايت برقرار رکي وئي. هن قسم جي يادگارن واري روايت مان سماجي انقلاب جو پتو پوي ٿو جنهن ۾ ڪجهه ٽامو ۽ ڪنجهو به موجود آهي.

خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته قبيلي جو سردار هنن ”عظيم عمارتن“ جي اڏاوت جو حڪم ڏيندو هو ۽ رعيت حڪمن جي بجا آوري ڪندي هئي، اهو ڪم يا اهڙي ڪم جي حڪم تي عمل فقط هڪ تمام مضبوط سماج ۾ ئي ٿي پيو سگهي. اسان وٽ مثال لاءِ Locmariaquer وارو وڏن ۽ اڻگهڙِيل پٿرن وارو يادگار سامهون آهي جنهن جو وزن 348 ٽن آهي. اهڙا ٻيا مثال Carnae وارا قطار ۾ بيٺل وڏا پٿر يا Stonehenge ۽ اويبري (Avebury) وارا عظيم پٿري دائرا آهن.

وِنڊمل هِل ۾ Stonehenge وارو پهريون ماڳ 1800 ق. م. جو آهي. ماهرن جي خيال ۾ اهو ماڳ سج جي پوڄا لاءِ مخصوص هو. اِن ماڳ جو هڪ حصو جيڪو گهوڙي جي نعل وانگر آهي، لڳ ڀڳ 1600 ق. م. ۾ ٺاهيو ويو. هن ماڳ تي ڪيئي ڪيئي ميٽر اوچا ٿنڀا بيهاريا ويا. ايترا ڳڙا پٿر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڪيئن آندا ويا ۽ انهن کي ڪيئن اڀو ڪري بيهاريو ويو يا انهن جي مٿان اوترائي ڳرا ٻيا پٿر ڪيئن ليٽيا ويا؟ جيئن اڳ ۾ چيو ويو. هي انجنيئرنگ، قيادت ۽ گڏيل مفادن واري معاشري جو ڪمال هو پر سوال وري به اهو آهي ته اوائلي انسان وٽ آخر اهڙي ڪهڙي ٽيڪنيڪ هئي، جنهن سان هنن ڇپن کي کڻڻ ۽ اُڀو ڪرڻ ممڪن ٿيو؟

ماهرن جي خيال ۾ سالسبري وارن ميدانن کان آندو هي پٿر وڻن جي گول ٿڙن تي رکي، رسن سان ٻڌي سون جي تعداد ۾ ماڻهن ڇڪيا هوندا ۽ مقرر منزل تي پهچائڻ کان پوءِ هڪ کڏ ۾ ان پٿر جو هڪ حصو لاهي/ کوڙي، ٻئي ڇيڙي تي رسيون ٻڌي پُليءَ ۽ گڏيل انساني طاقت سان انهن کي بهياريو ويو هوندو. اهڙي طرح هڪٻئي جي ڀرسان پٿر اُڀا ڪيا ويا. پر، انهن جي مٿان پٿر ليٽائڻ لاءِ هڪ مختلف ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي هوندي يعني کتل پٿرن جي ڀرسان وڻن جي ٿڙن جو پليٽ فارم ٺاهي، ان تي گهربل پٿر ليٽائي، بعد ۾ ان پليٽ فارم جي هيٺان ٻيا ٿڙ وجهي هوريان هوريان ان کي اوچي کان اوچو ڪيو ويو هوندو. اهڙي طرح جڏهن پليٽ فارم گهربل اوچائيءَ تي پهتو، تڏهن ليٽيل پٿرن کي اُڀن پٿرن تي رکيو ويو.

 

Stonehenge، تاريخ کان آڳاٽي دور جو مشهور پٿري دائرو جيڪو وِلٽ شائر انگلينڊ ۾ سالسبري ميدان تي بيٺو آهي، ٻاهريان پٿر پوءِ واري دور جا آهن، اندريان اصلي پٿر ڏکڻ وليز مان آندل آهن، هي 2100 BC, Stonehenge جو آهي.

 

سالسبري ميدان ۾ شاهي ميگاليٿڪ يادگار جي هوائي تصوير، جنهن ۾ تاريخ کان آڳاٽي انسان جي حيرت انگريز انجنيئرنگ، مهارت، تربيت، محنت، سياسي اتحاد ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏسجي ٿو.

 

 

ولٽ شائر ۾ ايوابري وٽ ڪنجهي جي دور سان تعلق رکندڙ کتل پٿرن جو منظر، اهي مقامي ريتلي پٿر جو هڪ خاص سخت قسم آهن.

 

 

Hebrides ۾ ڪنجهي واري دور جي ميگاليٿڪ تدفين عام طور تي ڍڪيل گهٽين ۽ چئمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، جن تي قبر جو وڏو ڍڪ رکيل هوندو آهي. انهن مقبرن جا ٻاهريان پٿر به اڪثر ڪري مکيه پٿر کان وڏا هوندا آهن. لوئيس ٻيٽ تي Callanish وٽ مقبري جي حوالي سان اُڀا کتل پٿر دڙي جي ٻاهرين گهيري کان پرتي آهن، ڄڻڪ انهن جو ڪو جدا مقصد هو.


ارڙهين صديءَ ۾ Carnac وٽ هنن بيٺل پٿرن جي قطار ۾ 4000 کان وڌيڪ پٿر هئا. هن وقت باقي 2000 به ڪونه بچيا آهن.

 

ولٽ شائر انگلينڊ جي ڪائونٽي ونڊ مل هِل وٽ نيوليٿڪ ڪئمپ جو 1948ع ۾ ورتل هوائي فوٽو، جنهن ۾ مخصوص پٿري دائرا ڏسجن ٿا.

 

ڪيومبرلينڊ ۾ ڪيسٽلرگ پٿري دائرا جن جي پويان Blencathra جو ڪُٻ ڏسجي ٿو. هن دائري ۾ 48 پٿر آهن، جيڪو اتر اولهه جي اوائلي ماڻهن لاءِ ڪنهن مذهبي يا ڏڻ جي مقصد لاءِ هو. هي ڪجهه ان نوعيت جا محسوس ٿين ٿا جيئن ڏکڻ اولهه جي ماڻهن لاءِ مشهور Stonehenge دائرا آهن.


 

(Corsica) Cauria جي پٿري مقبري کي هر پاسي کان ٽي ٽي ٽيڪون آهن، جنهن جي مٿان ميز جي تختي وانگر هڪ تمام وڏو ۽ سڌو پٿر ليٽايل حالت ۾ رکيو ويو آهي. اها پوزيشن انجنيئرنگ جي شاهڪار کان گهٽ نه آهي.

 

Locmariaquer جو پٿري مقبرو جيڪو ميگاليٿڪ طرز تعمير جو مخصوص نمونو آهي. هي اڏاوتون مربوط برادرين جي گڏيل محنت ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org