سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 16

 

هندستان ۾ پٿري دؤر

 

اپکنڊ ۾ پٿري دؤر تي اگروال صاحب (D. P. Agrwal) چڱو خاصو ڪم ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب آرڪيالاجي آف انڊيا ۾ هندستان ماڳن تي ڏاڍي تفصيل سان بحث ڪيو آهي.

 

اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جا مکيه ماڳ

پاڪستان ۾ اوائلي پٿري دؤر جا سڀ کان پراڻا ماڳ سوان ماٿريءَ ۾ راولپنڊيءَ کان سنڌونديءَ تائين، هنڌ هنڌ گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڇهن ماڳن تي لڌا ويا آهن. گهاگهر نديءَ تي ڏهاڪو کان ماڳ مليا آهن. ستلج نديءَ تي ڪشمير ۾ 15-10 ماڳن جي نشاندهي ٿيل آهي.

سنڌ جي ڏکڻ ۾ ڪڇ واري علائقي ۾ چئن ماڳن جي نشاندهي ٿي آهي، جونا ڳڙهه، کنڀات ۽ گجرات واري ڀرپاسي ۾ 10-9 ماڳ آهن، جيڪي ڀدر ندي (River Bhadar) تي آهن. جوناڳڙهه ويجهو ان دؤر جو اهم ماڳ آمريٺي (Umrethi) آهي.

کنڀات وٽ سبرمتي (Sabarmati) نديءَ تي اهڙن ماڳن جو وڏو ميڙ آهي. کنڀات وٽ ئي ماهي نديءَ تي 7-6 ماڳن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. لوڻي نديءَ جي بنهه مهڙ وٽ به هڪ ماڳ آهي. لوڻي نديءَ جي اوڀر ۾ ٻين ندين تي به اهڙا ماڳ آهن، جن مان بناس نديءَ وٽ 20-15 ماڳ مليا آهن.

هندستان ۾ مجموعي طور تي اڍائي ٽي سؤ ماڳ پيليولٿڪ دؤر سان تعلق رکن ٿا. اهو تعداد اڃا ڪيترو وڌندو؟ اهو نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته کوجنائن جو سلسلو جاري آهي ۽ هر نئين ڏينهن نئين دريافت سامهون اچي ٿي. اپکنڊ ۾ هن مهل تائين لڌل ماڳ اوڀر کان اولهه ۾ بنگال کان ڪڇ تائين ۽ ڏکڻ ڪنڊ کان ڪشمير تائين پکڙيل آهن، ٻين لفطن ۾ سڄو هندستان پيليوليٿڪ دؤر ۾ آباد نظر اچي ٿو.

هندستان جا اهم پيليوليٿڪ ماڳ، جن جو ذڪر حوالن ۾ اڪثر اچي ٿو، سي هن ريت آهن. جوناڳڙهه لڳ اُمريٺي، اتر هندستان ۾ جمنا جي ڏن ڀرونديءَ تي لليت پور، وچ هندستان ۾ ڀوپال وٽ ڀيم بيٽڪا، مها ديو پپريا (Mahadeva Pipria)، آدم ڳڙهه، دُرڪندي (Durkadi) ناله، وچ اوچ ۾ چڪري ني واسا، انگا وادي، هٿکنڀا، ڏکڻ اوڀر هندستان ۾ گري يام ۽ اَٿي رام پڪام.

هندستان ۾ ڪشمير مان پٿر جي اوائلي دؤر جا نشان ملڻ جي اميد ڪونه هئي، ڇو ته سمجهيو ٿي ويو ته برفاني دؤر دوران اتي انساني آبادي نه هئي. ان دؤر جا اوزار گهڻوتڻو زمين جي مٿاڇري تان يا وري ندين جي ڪنڌين تي پکڙيل پٿرين مان لڌا ويا آهن، تنهنڪري هنن جي رهائشي طرز بابت ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.

مسٽر اگروال ڌيان ڇڪائي ٿو ته اتر هندستان هڪ لحاظ کان جبلن جي حفاظتي ديوار سبب قلعي بند علائقو آهي. اها 2000 هزار ڪلوميٽر ڊگهي ۽ دنيا جي سڀ کان اوچي ديوار هندوڪش کان آسام تائين پکڙيل آهي. ان ديوار ۾ دنيا جون ڪي سڀ کان اوچيون چوٽيون

 


 

 

اپکنڊ ۾ ڪي نيوليٿڪ ۽ ڌاتو- پهڻي (چالڪوليٿڪ) ماڳ


 

موجود آهن، جهڙوڪ ايورسٽ چوٽي، ڪي ٽُو، ناگا پربت وغيره. پر اهو چوڻ درست نه آهي ته هي جابلو سلسلو بنهه ناقابل عبور آهي. جهڙي طرح ڪنهن قلعي ۾ در هوندا آهن، هماليه پربت ۾ به ڪي اهم لنگهه ۽ لڪ آهن، جيڪي ٻاهرين دنيا سان هندستان کي ڳنڍين ٿا. اهي لڪ قراقرم، سڪم، تورخم، خيبر وارا آهن. انهن کان سواءِ بولان ۽ گولان لڪ موجود آهن، جيڪي اولهه وارين سرحدن جا دروازا آهن.

قراقرم لڪ ذريعي هندستان جو ڳانڍاپو تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانيا ۽ ٻين علائقن سان هو. سڪم ۽ ڪُومائون هماليائي لڪن ذريعي تبت ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. اهو به سچ آهي ته گرهوال (Garhwal) ۾ بدري ناٿ مندر جي ڀرپاسي وارين سرحدن تي هندستاني ۽ تبتي راجا قبضو ڪندا رهيا آهن. انهن علائقن اوسي پاسي وارا ماڻهو تاريخي دؤرن ۾ ماتا ۽ نيٽي لڪن رستي هيڏانهن هوڏانهن چڱي خاصي لڏ پلاڻ ڪندا رهيا آهن. اهڙيون پڪيون شاهديون موجود آهن. نيٽي يا ڪومائون (Kumaon) ۾ سٿين ساڪا اثر آهي، جيڪو سج جي شڪل جي صورت ۾ وڏي تعداد ۾ آهي.

اهي هماليه جا اتريان لڪ ئي آهن، جن مان لنگهي ٻڌ مت چين، افغانستان ۽ وچ ايشيا ڏانهن وڌيو. مسٽر اگروال چوي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ انهن اترين لڪن جو ڪردار پوريءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ان هوندي به تاجڪستان، پنجاب ۽ ڄمونءَ جي وچ ۾ پيليوليٿڪ (Palaeolithic) دؤر ۾ به ڳانڍاپو هو، ڇاڪاڻ ته انهن مان هر هنڌان لڌل گول پٿري اوزارن واري ثقافت (Pebble tool culture) ۾ گهڻي ويجهڙائپ آهي.

ٻئي پاسي اتر اولهه وارا اهم لڪ گومل، خيبر ۽ بولان وغيره سليمان ۽ کيرٿر جبل جي قديم شاهراهن سان گڏجن ٿا. سليمان ۽ کيرٿر جبلن جون اوچايون هماليه جي ڀيٽ ۾ گهڻو هيٺ يعني فقط 1500 کان 3000 ميٽر آهن. مرڪزي سنڌو ماٿريءَ ۾ خيبر لڪ جي ذريعي داخل ٿي سگهجي ٿو. ماٿريءَ جي هيٺئين حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گولان لڪ ۽ بولان لڪ شاهراهه بڻجن ٿا. اڄ به بولان لڪ بلوچستان جي ڪوئيٽا ماٿري ۽ سنڌ جي وچ ۾ اڪيلي واٽ آهي. جڏهن ته گولان لڪ افغانستان جي خانه بدوش پونده لوڪن جو مکيه رستو آهي، جنهن تان اڄ به هنن جي اچ وڃ جاري آهي. هو ماڻهو سياري ۾ جبلن تان لهي سنڌو ماٿريءَ ڏانهن اچن ٿا ۽ اونهاري ۾ واپس موٽي وڃن ٿا. اهڙي طرح هو سنڌو تهذيب ۽ پنهنجي ثقافت جي وچ ۾ رابطو بڻيل آهن. اهو سلسلو يقينن بي شمار صدين کان ايئن ئي جاري آهي، جيئن خانه بدوش پکين جي اچ وڃ جو سلسلو نامعلوم صدين کان هلندو ٿو اچي.

اڃا به هيٺ مڪران ۽ ڪيچ وارن ڏاکڻن علائقن ڏانهن دشت ۽ ڪيچ (Kej) لڪ آهن، جيڪي هندستان کي اولهه ايشيا سان ڳنڍين ٿا. قديم آثارن جي ماهرن انهن رستن بابت تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ لڏ پلاڻ جي وڏي شاهراهه جي طور تي نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو چون ٿا ته ايران ۽ ميسوپوٽيما زماني وارين تهذيبن جو ان شاهراهه رستي سنڌو ماٿريءَ سان گهرو لاڳاپو هو ۽ گهڻيئي حملا به ان رستي سان ٿيا. اچ وڃ جو اهو سلسلو تاريخ کان اڳ واري دؤر کان شروع ٿي تاريخي دؤر تائين جاري رهيو آهي.

مسٽر اگروال دشت ۽ ڪيج لڪن جو ذڪر ڪندي تجويز ڪري ٿو ته آفريڪا جو هٿ – ڪهاڙيءَ وارو ڪلچر لازمي طور انهن لڪن جي معرفت ئي پکڙيو هوندو ۽ ان عمل ۾ عربي ساحلي علائقن سان مصري ايٿوپيائي رابطائي خطا استعمال ٿيا. هو اپکنڊ جي جاگرافيائي حد بندين کي نظر ۾ رکندي چوي ٿو ته اپکنڊ هڪ ڪوڙڪيءَ وانگر آهي، جنهن ۾ داخل ٿيڻ جون واٽون اتر ۽ اولهه وارا لڪ آهن. اتر ۾ هماليه ۽ ڏکڻ جا ڪنارا عربي سمنڊ، هندي وڏي سمنڊ ۽ بنگال جي اپسمنڊ سان گهيريل آهن. اوڀر طرف کان اپکنڊ ۾ داخل ٿيڻ ڏکيو هو. ڇاڪاڻ ته ان طرف چؤماسي وارا گهاٽا ٻيلا، ناگا ۽ کاسي پهاڙ آهن.

هن کان اڳ هندستان جو اوڀر ڏکڻ وارو پاسو قديم آثارن جي لحاظ کان پٺتي پيل سمجهيو ٿيو ويو، پر هاڻي نئين تحقيق موجب اتان زراعت جي انتهائي قديم زمانن، ٺڪراٽي ۽ ٽامي وارا زمانا لڌا ويا آهن. انهن علائقن مان مليل آخري پٿري دؤر (Neolithic) جي ٺيڪ ٺيڪ عمر جي جيتوڻيڪ انداز نه لڳو آهي، ان هوندي به ان کي ڏکڻ اوڀر ايشيا سان تعلق ۾ ڏٺو ويو آهي. جيئن ته اگروال جي چوڻ موجب اپکنڊ هڪ ڪوڙڪي آهي، تنهنڪري جيڪا ثقافت هتي ڪنهن نه ڪنهن ريت گهڙي آئي، ان جو واپس ٻاهر نڪرڻ ايڏو سولو ڪونه هو. ان ريت ٿيو ايئن جو هندستان هڪ اهڙي ثقافتي سمنڊ جيان ٿي ويو جنهن ۾ ٻاهريون ثقافتون اينديون ۽ ضم ٿينديون هليون ويون. اگروال ٻڌ مت کي اپکنڊ کان ٻاهر نڪرندو ڏسي چوي ٿو ته، اهو ان ڪري ممڪن ٿيو جو ٻڌ مت هڪ مذهبي تحريڪ هئي ۽ ان دؤر ۾ ڪجهه ڏاکڻين رياستن جا ڏکڻ اوڀر ايشيا سان سياسي ناتا هئا.

هندستاني سماج ۾ طبقاتي ورڇ جا يقينن اهي سبب به آهن ته اپکنڊ ۾ مختلف ثقافتي گروهه داخل ٿيندا رهيا آهن. هڪ طرف انهن گروهن جو پنهنجو اندروني ڪٽنبي سرشتو ۽ ريتون رسمون موجود رهيون ته ٻئي طرف خارجي طرح اهي ڪٽنب هڪ وڏي هندستاني ڪلچر جو حصو ٿيندا ويا، جنهن کي اڳتي هلي شهنشاهيت مضبوط ڪيو. ان وڏي هندستاني ڪلچر تي جيئن ته ڪو نه ڪو هڪ يا ٻيو طاقتور گروهه سياسي ۽ فوجي لحاظ کان حاوي رهيو. تنهن ڪري اهو گروهه ڪن ٻين گروهن کي معاشي ۽ سياسي رعايتون ڏئي وڌيڪ معتبر ٿيندو ويو. ان طرح ٿيو ايئن ته عام ڪمزور گروهه جيڪي هندستان جي مختلف جاگرافيائي ۽ سماجي پيداواري ذريعن سبب ڪنهن نه ڪنهن معاشي ڪرت ۾ لڳي ويا، تن جون ذاتيون ۽ پاڙا ئي اهي ڪرتون ٿي ويون.

هندستان جو جاگرافيائي جائزو وٺبو ته هتي ٻه چار اهم ڳالهيون چٽيون نظر اينديون. سڀ کان پهرين اولهه ۽ اتر طرف جابلو ديوارون ۽ ماٿريون. ان کان پوءِ ٻه اهم درياهي ماٿريون سنڌو ۽ گنگا جمنا. ٽين خاص ڳالهه سنڌونديءَ کان اوڀر ۾ ٿر ۽ راجستان وارو صحرا آهي، جيڪو اوڀر ۾ اراوالي جبل سان وڇي ملي ٿو. ان کان پوءِ هندستان جو وچون ٽاڪرو علائقو آهي، جنهن جي اوچائي لڳ ڀڳ هڪ هزار فٽ آهي. البته ان علائقي ۾ مهاديو ۽ مائي ڪال ٽڪريون 2000-1800 فٽ اوچيون آهن. انهن اوچين ٽڪرين جو برساتي پاڻي اولهه رخ ۾ وهي جنما کي ڀري ٿو.

هن وقت گنگا ۽ جمنا جي گڏيل ماٿرين ۾ اٽڪل 1500 فٽ لٽ ۽ رائي جو ٿلهو تهه جمع ٿي چڪو آهي. انهن کان پوءِ اپکنڊ جا ٻه مکيه ڊيلٽا آهن، انڊس ڊيلٽا ۽ گنگا برهمترا جو گڏيل بنگال وارو ڊيلٽا.

گنگا- جمنا ۽ سنڌوءَ کانسواءِ هڪ ٻي ندي گهاگهرو (هاڪڙو يا سروسوتي) کي به وسارڻ نه گهرجي، جيڪا هماليه جي لاهين تان لهي ستلج ۽ گنگا جي وچ مان دڳ ٺاهي، ٿر جي ريگستان ۾ داخل ٿي، سنڌو نديءَ سان ملي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان سڪل نديءَ جي ويران ڪنڌين تي به موهن جو دڙو/ سنڌو تهذيب سلسلي جا ڪيئي ماڳ لڀجي چڪا آهن.

هندستان ۾ شروعاتي پيليوليٿڪ آبادي تمام ٿوري آهي، ڀوپال ويجهو ڀيمبيٽڪا هڪ تمام اهم مثال آهي، پر اتي ڪابه حياتياتي پاڇي باقي نه رهي آهي. اڪثر هنڌن تان لڌل پٿري دؤر جا اوزار يا ته مٿاڇري تان مليا آهن، يا وري ندين جي ريتي بجريءَ مان. پٿر جا اوزار درياهي لٽ جي گذرگاهن کانسواءِ ڪشمير سميت سڄي هندستان مان لڌا ويا آهن. پيليولٿڪ ماڻهن پڪ سان درياهي لٽ جي گذرگاهن کان پاسو ڪيو هوندو. ان جو تمام سادو سبب آهي ته اتي سندن اوزارن لاءِ گهربل پٿر ڪونه هئا. خيال آهي ته اتر وارن علائقن ۾ نيوليٿڪ ثقافتن، ڍنڍن جا پراڻا پيٽ پنهنجي رهائش لاءِ استعمال ڪيا هوندا، جڏهن ته ڏکڻ هندستان نيوليٿڪ ثقافتن پنهنجي رهائش لاءِ گرينائيٽ جي جبلن جا ڪلها چونڊيا هوندا، ان مان شڪار ڏانهن لاڙو ظاهر ٿئي ٿو.

هندستان ۾ سڀ کان پهرين پيليوليٿڪ ماڳ 1863ع ۾ رابرٽ بروس فٽ لڌو، پر 1935ع کان پوءِ ان سلسلي ۾ پهرين مهم هٿ ۾ کنئي وئي. هن مهل به ڪي ٿوريون يونيورسٽيون يا تنظيمون پٿري دؤرتي باقاعدي تحقيق ۾ رڌل آهن. يورپ يا آفريڪا جي ڀيٽ ۾ هتي پٿري دؤر جا ثبوت تمام گهٽ آهن. مواد به گهٽ آهي ۽ انهن جي وچ ۾ وٿي به وڌيڪ آهي.

اوائلي پٿري دؤر کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي. يعني پهريون ٻيو ۽ ٽيون يا ابتدائي، وچون ۽ آخري پيليوليٿڪ. اهڙي طرح پٿر جي اوائلي دؤر (پيليوليٿڪ) کي وري ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: شروعاتي يا پرڀاتي پيليوليٿڪ، وچون پيليوليٿڪ ۽ پويون پيليوليٿڪ.

گذريل صديءَ ۾ سڄي هندستان، سواءِ درياهي گذرگاهن ۽ ڪيرالا جي، باقي جاين تان پيليوليٿڪ ماڳ لڌا ويا آهن، انهن ٻن علائقن مان اهڃاڻ نه ملڻ جا فقط ٻه ڪارڻ آهن. يا ته انهن علائقن کي نظر انداز ڪيو ويو يا اتي ڳتيل وڻڪار آهي. بحرحال، مختلف علائقن ۾ پيليوليٿڪ اوزار پوٺن تان درياهي لنگهن تان ۽ ٽاڪرو لاهين تان به مليا آهن. تازو ئي ڪشمير مان به ان دؤر جا ڪجهه اوزار هٿ آيا آهن. صورتحال اها آهي ته هٿ آيل رهائشي ماڳ ٿورا آهن، جڏهن ته اڪثر هنڌن تي مٿاڇرن تان اوزار لڌا ويا، جيڪي ٻئي درجي جي اهميت جا ٿي سگهن ٿا. انهن ماڳن کي ماڳ چوڻ بدران ”حادثا“ چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. انهن ماڳن تان انساني ڍانچن جي ڪابه پاڇي نه ملي آهي، پر تازي تحقيق مان اميدون رکيون ويون آهن.

اڳي ايئن چيو ويندو هو ته هندستان ۾ پيليوليٿڪ ماڻهن غارن جي استعمال مڙيئي ڪيو هو، پر تازين کوٽاين ان خيال کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان جي صوبي سرحد ۾ مردان لڳ هڪ غار سنگهائو نالي سان مشهور آهي. ان غار مان اوائلي پٿر جي وچين زماني (Middle Palaeolithic) جا اوزار، هڏيون ۽ ڪوئلو جهجهي تعداد ۾ لڌا ويا آهن. اهي ڊپازٽس ٽي ميٽر يا ان کان به وڌيڪ گهرا آهن.

اهڙي ئي هڪ ٻي جاءِ هندستان جي شهر ڀوپال ويجهو، ونڌيا تي ڀيمبيٽڪا ماڳ آهي. ان هنڌ اوائلي پٿري دؤر کان وٺي وچين دؤر (Mesolithic) جا ڪيئي اجها (Shelters) مليا آهن. پر هتي به ڪا حياتياتي پاڇي نه بچي آهي. ٽيون ماڳ آنڌرا ۾ رينيگنتا (Renigunta) آهي، جيڪو اوائلي پٿر جو پڇاڙڪو زمانو (Upper Palaeolithic) دؤر آهي، هتان پٿر ۽ هڏين جي اوزارن سميت جانورن جون هڏيون به مليون آهن.

انهن مان ڪنهن به ماڳ تان ڪوئلو نه مليو آهي، سواءِ سنگهاؤ غار جي. پر، ان غار جي ڪوئلي جي به مڪمل سائنسي بنيادن تي تاريخ نه ڪڍي وئي هئي. انهن ماڳن تان پلائيسٽوسين (Pleistocene) زماني جا ڪي به ڄاتل جوالا مُکيائي ڊپازٽس به نه مليا، جن جي ذريعي پوٽاشيم آرگينڪ طريقي سان تاريخ معلوم ڪئي وڃي ها. ان ڪري هندستان ۾ اوائلي پيليوليٿڪ واري تاريخ اندازن تي ٻڌل آهي. پر، وچين پيليوليٿڪ کان پوءِ اڳتي ريڊيو ڪاربن ذريعي ورتل تاريخن سان وقت جي ترتيب بلڪل موجود آهي. اوائلي پيليوليٿڪ جي تاريخ مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان کي پلايوسين ۽ پلائسٽوسين زمانن جي وچ ۾ حدون مقرر ڪرڻيون پونديون. هي ڌرتي وديا جو هڪ پيچيدو سوال آهي، جنهن تي وڏي بحث ۽ تحقيق کان پوءِ ڊي. پي. اگروال چوي ٿو ته ٻنهي دورن جي وچ ۾ پلايو- پلائسٽوسين (Plio Pleistocene) سرحد 2 ملين سال آهي، يعني اڄ کان 20 لک سال اڳ. ڪشمير، پنجاب ۽ پوٺوار جا پوٺا به پلايوسين ۽ هيٺئين پلائسٽوسين زماني جون جيالاجيڪل تبديليون آهن.

جيئن ته تهذيبن ۽ ثقافتن جي پيشقدمي ۽ زوال ۾ سڀ کان مکيه ڪردار جاگرافيائي حالتن جو هوندو آهي، تنهن ڪري آرڪيالاجسٽ ۽ جيالاجسٽ زميني حالتن تي سڀ کان وڌيڪ نظر رکن ٿا. سنڌ سامونڊي ڪنڌيءَ وارو علائقو آهي. ان ڪري هتي بار بار اهڙيون خوفناڪ ۽ سازگار حالتون پيدا ٿينديون رهيون آهن ۽ آئندي به ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان انسان يا ته تمام گهڻي پيشقدمي ڪري سگهي ٿو يا وري بنهه پوئتي هٽي سگهي ٿو. برفاني دؤرن جي پيشقدميءَ ۽ خاتمي سان سامونڊي ڪنڌيون به اڳتي پوئتي ٿينديون آهن.

پاڪستان ۾ ڪشمير ۽ سنڌ برفاني دؤر جي واڌ ۽ لاٿ سبب هڪٻئي جي بنهه ابتڙ ۽ سڌي اثر ۾ اچن ٿا. ڌرتي وديا جي ماهرن موجب جڏهن برفاني دؤر وڌي ٿو تڏهن پاڻي گليشيئرن جي صورت ۾ جبلن تي ڄمي وڃي ٿو، تنهنڪري سمنڊ جو پاڻي گهٽجي ٿو ۽ خشڪ زمين وڌي وڃي ٿي. برفاني دؤر جي خاتمي سان سمنڊن جو پاڻيءَ وڌي ٿو ۽ ڪنارو پوئتي هٽي ٿو. هڪ ڪاٿي موجب اڄ کان 5000 سال اڳ هندستان جي اولهندي سامونڊي ڪنڌي اڄ جي ڀيٽ ۾ 3 ميٽر مٿي هئي. ان زماني ۾ راجستان، سوراشٽر جو ڀرپاسو متاثر ٿيو. اندازو آهي ته 30 هزار سال ۽ هڪ لک ويهه هزار سال اڳ به ٻه ڀيرا سامونڊي سطح ۾ ايئن واڌ آئي آهي. ڇا اها واڌ به برفاني دؤر جي اثرن سبب هئي؟

ڪشمير واديءَ بابت خيال آهي ته ڌرتيءَ جو اهو حصو جيڪو پير پنجل جابلو سلسلي وارو آهي، پلائيسٽوسين دؤر ۾ 5000 ميٽر اڀو مٿي کڄي آيو هو. ان جي ثبوت ۾ ان نباتيات طرف اشارو ڪيو وڃي ٿو، جيڪا 4000 ميٽرن کان مٿي نه ٿي ٿئي.

پلائيسٽوسين برفاني عمل دوران گليشئرن ۾ ڦاٿل پٿريلا ۽ ريتيلا ڍير سنڌ ۽ لِڊار (Liddar) ندين جي وادين ۾ چڱي طرح محفوظ آهن. ڪشمير واديءَ ۾ اهڙا پنج پوٺا دريافت ٿيا آهن. ٽيرس نمبر I ۽ III ٻن برفاني دؤر جي وچ واري زماني ۾ ان وقت پاڻين جي کاڌ ۽ گاٺ سبب ٺهيا، جڏهن برف ڳري ۽ پاڻيءَ جا وڏا ۽ طاقتور چشما ۽ وهڪرا جاري ٿيا. ٽيرس نمبر IV,II ۽ V ڪافي وڏا هئا ۽ اهي واديءَ ۾ برف جي ڀرجڻ سبب ٺهيا. هن مهل جيڪا ڪاربان ڊيٽنگ ٿي آهي، ان موجب ڪشيمر ۾ برف ڳرڻ يا برفاني دؤر جي خاتمي جو عمل اڄ کان اٽڪل 15000 هزار سال اڳ شروع ٿيو ۽ ان سان ٿڌين ۽ گرم هوائن جو سلسلو هلي پيو.

 

تاريخ کان اڳ واري زماني جو آرٽ

جيستائين اپکنڊ ۾ پيليوليٿڪ ماڳن جا تفصيل شايع نه ٿيا هئا، دنيا ايئن ٿي سمجهيو ته غارن ۾ رهندڙ انسانن فقط يورپ ۾ ئي ديوارن تي نقش نگاري ڪئي آهي. اصل ۾، ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته دنيا ۾ قديم ترين نقش نگاري جو بچيل ۽ هن مهل تائين هٿ آيل ثبوت اپکنڊ ۾ آهي. اهو آرٽ دل جي تارن کي ڇهندڙ ۽ دماغ کي سوچڻ تي مجبور ڪندڙ پڻ آهي.

پيليوليٿڪ انسان پنهنجي سوچ ۾ فطرت پسند هو، جيڪا صورتحال پوءِ به گهڻين حالتن ۾ جاري رهي آهي. تاريخ کان اڳ واري زماني جو آرٽ جادوئي نوعيت جو آهي. ان قديم چترڪاريءَ ۾ ڏيکاريو ٿي ويو ته جانورن کي ڪيئن جهليو ۽ ماريو ويو. اها چترڪاري شڪار ڪرڻ کان اڳ ڪئي ٿي وئي. يعني شروع ۾ چترڪاريءَ ذريعي شڪار ڪيو ٿي ويو، باقي حقيقي عمل ان چترڪاريءَ جو ڄڻڪ ڪامياب نقل هو.

پيليوليٿڪ دؤر ۾، غارن واري چترڪاريءَ ۾ جانورن کي فطري انداز ۾ چٽيو ٿي ويو ۽ اهو ڪم ڏاڍي پيار ۽ تفصيل سان ڪيو ٿي ويو. ايڏو ڌيان نيوليٿڪ دؤر ۾ باقي نه رهيو هو. پوءِ وارن وقتن ۾ فطرت پسنديءَ جو اظهار پوئتي رهجي ويل لڳي ٿو.

پيليوليٿڪ ماڻهو ڪرت جي لحاظ کان شڪار هو، جنهن پنهنجو وقت جيئڻ لاءِ خوراڪ گڏ ڪرڻ ۾ ٿي گذاريو. کيس جياپي لاءِ ”آڻين ۽ چاڙهين“ واري فلسفي هيٺ ڪم ڪرڻو ٿي پيو. ٻين اکرن ۾ هو روزاني اجرت وارا پورهيت هئا، جن فطرت جي ڪارخاني ۾ ڪمايو ٿي، ممڪن آهي ته هن جي لاءِ زندگيءَ ۽ دنيا جو تصور ان کان وڌيڪ نه هجي، جنهن ۾ هو رهي رهيو هو. هن جا ڪي به خدا ڪونه هئا، ڪوبه مذهب ڪونه هو ۽ نه وري موت کان پوءِ ڪنهن زندگيءَ جو تصور هو. چترڪاري هنن لاءِ ڪا روحاني تسڪين يا اظهار جو ذريعو نه، شڪار جي ٽيڪنيڪ جو هڪ حصو هئي.

ان نقطي جي وضاحت ۾ ’ملڪ راج آنند‘ چوي ٿو، ”لڳي ٿو ته آرٽ مان روايتي لطف وٺندڙ ماڻهو هن قديم چترڪاريءَ کي فن جو شاهڪار سمجهندا. پر، سڀ کان وڏي بدقسمتي اها ٿي سگهي ٿي ته جديد لاڙن جي اثر هيٺ انهن چترن ۾ فيصلو ڪندڙ لمحن ۾ غلط تشريح ڪئي وڃي.“

اهي تصويرون اصل ۾ خوراڪ جي ڳولا ۾ ڦرندڙ ماڻهن جي صبر جي انتها آهن. هنن پنهنجي وقت جي ڊپ، حيرت ۽ اهڙن ٻين جذبن جو اظهار ڪيو آهي، اهڙا جذبا جيڪي قديم انسان پنهنجي فنا جي ڀَوَ مهل وحشي جانورن سان ويڙهه دوران محسوس ڪيا. اهڙي مهل، جڏهن هنن جي آڏو سوال هو ته شڪار کي ان کان اڳ ڀالي سان ماري ڇڏيو، جو هو توهان کي ماري وجهي.

پيليوليٿڪ آرٽ ۾ جتي ڪٿي لڳ ڀڳ هڪجهڙا عنصر آهن، پر انهن ۾ موجود اسٽائيل تي مقامي ماحوليات جو يقينن وڏو اثر آهي. جتي جتي پيليوليٿڪ ماڻهو برفاني ماحول ۾ رهندو هو، هو پنهنجو شڪار سياري جي مند لاءِ برف ۾ ڪٺو ڪري ڇڏيندو هو، پر استوائي علائقي جهڙي باقي  هندستان جا قديم لوڪ شڪار کي شڪار مهل ئي کائي کپائي ختم ڪرڻ لاءِ مجبور هئا. ٻيءَ صورت ۾ گوشت ڳري سڙي ٿي ويو. ’مسٽر ملڪ راج‘ انهن ئي بنيادن کي ذهن ۾ رکي التميرهه جي روحيت (Vitalism) ۽ ڀيمبيٽڪا جي تصويري خاڪن (Silhouette) جي تشريح ڪري ٿو.

نيوليٿڪ ثقافتن جي بي لغام زندگي باهمي تعاون ۽ گڏيل سماج ڏانهن پئي وئي. ٻوٽن جي زراعت ۽ جانورن پالڻ جي انساني ضرورت ان کي فطرت جي تضادن کان آگاهه ڪيو. نيوليٿڪ ماڻهن ڏٺو ته مندون خراب ۽ سٺيون ٿين ٿيون، مينهن وسن ٿا ۽ روشن سج چمڪي ٿو. ڏڪار ۽ سڪار ٿئي ٿو. انهن تضادن هنن جي ذهنن ۾ سٺن ۽ خراب روحن جو تصور وڌو. هن روح پرستيءَ (Animism) هن دنيا کي حقيقي ۽ غيبي دنيائن ۾ ورهائي ڇڏيو. اها پيليوليٿڪ جادوءَ واري وحدت پرستي جي ابتڙ سوچ هئي. پيليوليٿڪ فن زندگي ۽ حقيقت تي ٻڌل هو، جڏهن ته نيوليٿڪ آرٽ عام مشاهدي واري حقيقت تي هڪ خيالي عظيم دنيا واري سوچ غالب ڪري ڇڏي.

ان تضاد کي ثابت ڪرڻ لاءِ Hauser همعصر قبيلن مان ٻه مثال ڏئي ٿو. هڪڙا Bushmen جيڪي اڄ به معاشي طور پيليوليٿڪ مرحلي ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي انفرادي طور پنهنجي خوراڪ جي ڳولا ۾ رهن ٿا. انهن پڻ حيرت جي حد تائين پيليوليٿڪ دؤر جي چترڪاريءَ جهڙو ”فطرت پسند“ آرٽ تخليق ڪيو آهي. هوڏانهن، هڪ آمريڪي قبائلي (ريڊ انڊين) هڪ محقق جي شڪايت ڪئي، جنهن وڏن وارن واري سانَ جا ڪافي اسڪيچ ٺاهيا هئا. هن چيو ته، ”هن ماڻهوءَ اسان جا ڪيئي سانَ پنهنجي ڪتاب ۾ وجهي ڇڏيا آهن. ان مهل آئون اتي موجود هئس. جيڏي مهل هن ايئن پئي ڪيو، ان کان پوءِ اسان کي ڪوبه سانَ ڪونه مليو آهي.“ غالباً اهوئي پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جو تصور آهي جنهن جي خيال ۾ چترڪاري عام حقيقت جو سڌو تسلسل آهي. نيوليٿڪ آرٽ ۾ برفاني سانَ، هاٿي، سوئر وغيره اڳتي هلي گرڀ وتي عورت کي جاءِ ڏني. جيڪا زرخيزيءَ وارن پنٿن جي ماءُ آهي ۽ اڄ ان جا ”ديوي ماتا“ جي صورت ۾ هزارين روپ آهن.

اسان ساڳئي تسلسل ۾ اڄوڪي ٽين دنيا جي زرعي ڪٽنبن ۾ موجود ريتون رسمون جاچينداسون ته اهي به نيوليٿڪ دؤر جي تصور جا پڙاڏا محسوس ٿيندا. اهو عجيب خيال اڄ به ٽين دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين موجود آهي، جنهن موجب فطرت انسان جي نقالي ڪري ٿي. اهو ئي تصور جڏهن سڌري يا بدلجي ٿو تڏهن سمجهيو وڃي ٿو ته فطرت انسان کي سندس عملن جي موٽ ۾ سزا ۽ جزا ڏئي ٿي.

فطرت انسان جي نقالي ڪيئن ٿي ڪري؟ ان تصور جي گهرائي جو ڳوڙهو اڀياس ’سر جيمس فريزر‘ پنهنجي ڪتاب ”سونهري ٽاري“ (Golden Bough) ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ اڄوڪي وهم پرست انسان ۽ تاريخ کان اڳ وارن مذهبي تصورن جو تسلسل پاڻ ۾ چڱي طرح ڳنڍيل نظر اچي ٿو. (هن لاجواب ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”جادو ۽ سائنس“ ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1959ع ۾ ڇاپيو ويو.)

اسان چئي نٿا سگهون ته ڇا هيٺئين پيليوليٿڪ دؤر جي ماڻهن ڪا چترڪاري ڪئي؟ پر پڇاڙڪي پيليوليٿڪ دؤر ۾ آرٽسٽڪ سرگرمين جا اهڃاڻ ڏسجن ٿا. هندستان ۾ سڀ کان اوائلي چترڪاريءَ بابت خيال آهي ته اها پڇاڙڪي پيليوليٿڪ دؤر سان تعلق رکي ٿي.

اٽڪل هڪ صدي اڳ پهريون ڀيرو پٿر تي هڪ چٽسالي (Rock Painting) ’مسٽر ڪارلائل‘ رپورٽ ڪئي. لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ۾ يورپ ۾ به غارن ۾ چترڪاريون (Cave Paintings) دريافت ٿيون هيون. ان کان پوءِ ترت ئي ٻين جاين تان به اهڙيون دريافتون ٿيون جيڪي اتر اولهه پاڪستان ۾ چار گل کان اوڀر ۾ اُڙيسا ۽ ڏکڻ ۾ ڪارناٽڪا تائين آهن. هاڻي اتر پرديش جي ٽڪرين ۾ ڪومائون (Kumaon) ۾ به تصويرون مليون آهن. ڪشمير مان پٿر جون ٻه تختيون مليون آهن، جن تي اُڪر ٿيل آهي. پر سڀ کان شاهوڪار چترڪاري جا نمونا مڌيا پرديش جي ونڌيا جابلو سلسلي ۽ ان جي هڪ ڇاڙهه ۾ آهن.

 

اتر واري گروپ ۾ چترڪاري

ڪشمير ۾ Burzahom نيوليٿڪ ماڳ جي کوٽائيءَ دوران پٿر جون جيڪي ٻه ٿلهيون تختيون مليون آهن، انهن مان هڪ تي ڪا تجريدي ڊزائين آهي، جنهن ۾ ’مسٽر پانڊي‘ (Pande) جي تشريح موجب هڪ جهوپڙي آهي، جنهن کي گاهه مان جوڙيل گنبذي ڇت آهي. ان چِٽ جي پوئين حصي ۾ هڪ جانور ۽ ان جو پُڇ چٽا ڏسجن ٿا. هو صاحب ان تصوير کي پٿر جي دؤر جي ٻين اُڪرن سان ڀيٽي ٿو. ساڳي کڏ مان لڌل ٻي پٿري تختيءَ تي ٿيل اُڪر 48x27cm آهي، جنهن ۾ هڪ ڦاڙهو شڪار ٿيندي ڏسجي ٿو.

ان تصوير ۾ ٻه سج، هڪ ڪتو، ٻه ماڻهو ۽ هڪ ڦاڙهو آهي. هڪ ماڻهو ڦاڙي کي پٺيان نيزو هڻي چڪو آهي. جڏهن ته ٻيو تير ڪمان تيار ڪيو بيٺو آهي. هڪ تير ڦاڙهي کي ڇاتيءَ ۾ کتل آهي. ’ڊي. پي. اگروال‘ جو خيال آهي ته ٻن سجن مان هڪ ”ڪامياب شڪار جي ڏينهن“ جي علامت هوندو ۽ ٻيو واپسيءَ جو. پٿر تي ان اُڪر جي تاريخ 2000 سال قبل مسيح ڪٿيل آهي.

هماليه جي پيرن ۾ سُيال (Suyal) نديءَ جي ڪنڌين تي دلبند (Dalband) ۽ المورا (Almora) وٽ ٻه عدد ٽاڪرو اجها آهن. اهي ماڳ ’ڊي. پي. اگروال‘ ۽ ’جوشي‘ ڳولي لڌا هئا. اتي ڪنهن مرڪزي خيال تي ٿيل اُڪرن ۾ انسان، جانور ۽ ڪجهه ٻيون نشانيون چٽيون ويون آهن. انسان لَڪڻ جهڙا آهن، ڪي تير واري شڪل جهڙا آهن. هڪ چٽ ۾ ٻه ماڻهو پاڃاريءَ جهڙي ڪا شئي کنيو پيا وڃن. ٻين چٽن ۾ هڪ ڊگهو دوناڙي جانور، هڪ لومڙ ۽ هڪ گهڻين ٽنگن واري مخلوق غالباً ڪرڙي آهي. اهي جاميٽريڪل ڊزائنون آهن ۽ انهن جي معنيٰ نڪري نه سگهي آهي.

سڀ کان پراڻيون تصويرون ڪاري رنگ ۾ ۽ مبهم آهن ۽ انهن جا لينگها ٿلها آهن. انهن جي مٿان ڳاڙهيون تصويرون لڪڻ جهڙي اسٽائل ۾ آهن. ننڍي اجهي ۾ برش جو ڪم تمام عمدو آهي. آخري ۽ سڀ کان مٿيون ڪم اڇي رنگ جي ٿلهن لينگهن ۾ آهي. انهن تصويرن بابت هڪ مقامي ڪٿا آهي جيڪا چوي ته ٻن ڄڃن جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو ۽ ان جنگ جون تصويرون رت سان ٺاهيون ويون. هڪ غار کي رهائشي ڊپازٽس آهن پر محققن کي ان هنڌان ڪي به اوزار نه مليا. ان ڪري انهن تصويرن جي تاريخ ڪڍڻ ڏکيو آهي. بهرحال، اتي ڌاتوءَ جي ڪابه شيءِ ڪونه هئي ۽ نه وري پالتو جانور جو ڪو ثبوت هو. هڪ تصوير ۾ انسانن جهڙيون شڪيون هٿ هٿ ۾ ڏئي ڄڻڪ نچي رهيون آهن. اهي تصويرون ڏسڻ سان مڌيه پرديش واريون پٿر تي چٽساليون ياد اچي وڃن ٿيون، جيڪي چالڪوليٿڪ دؤر جون آهن. يقينن هيءَ ٽن قسم جي چترڪاري هڪ ڊگهي عرصي جي نمائندگي آهي.

 

مرڪزي گروپ

مڌيا پرديش جون ونڌيا ٽڪريون جڏهن اتر پرديش ۾ داخل ٿين ٿيون ته اهي ڪيمور (Kaimur)سلسلو سڏجن ٿيون. اهي ٽڪريون پيليوليٿڪ ۽ ميسوليٿڪ ماڳن سان ڀريل آهن. ان علائقي ۾ زبردست ٻيلا، جهنگلي ميوا، زير زمين کاڄڙو ٿڙ ۽ پاڙون ۽ شڪار به جام آهي. قدرتي ٽاڪرو اجهن مختلف عنصرن کان بچاءُ ٿي ڪيو. هي علائقو ڇپن تي چٽساليءَ سان ڀريل آهي. ان قديم چترڪاري جا گروپ آدم ڳڙهه، مهاديوَ ۽ ڀيمبيٽڪا ٽڪرين ۾ آهن. ڀيمبيٽڪا ڀوپال کان 45 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هن 10 چورس ڪلوميٽر جي علائقي ۾ اٽڪل 800 ٽاڪرو اجها آهن، جن مان 500 ۾ چترڪاري موجود آهي.

ڀيمبيٽڪا ۾ ٿيل چترڪاريءَ ۾ هڪ هنڌ ڍڳا، هٿن جا نشان وغيره موجود آهن. هڪ منظر ۾ هڪ شخص هاٿيءَ تي سوار آهي، ڪجهه گهوڙيسوار به آهن. شڪار جي منظر ۾ ڳئون، هرڻ، ڦاڙها ڏيکاريا ويا آهن، ڪجهه جهنگلي ڍڳا، جن جو شڪار مهل پيڇو ڪيو پئي ويو، ٽڪريءَ تان هيٺ ڪرندا ڏيکاريا ويا آهن.

پهرين دؤر جي چترڪاري سائي ۽ گهري ڳاڙهي رنگ ۾ ٿيل آهي. اوائلي تصويرون سانن، هاٿين، چيتن، گينڊن ۽ سوئرن جون آهن. اهي گهڻو ڪري وڏيون، ڊيگهه ۾ ٻن کان ٽي ميٽر آهن. انهن مان ڪجهه پاڻي لڳڻ سان نٿيون ڊهن، پر انهن مان گهڻين تي جاميٽريڪل ڊزائينون آهن. سائي رنگ جون تصويرون ناچن جون آهن، جڏهن ته ڳاڙهيون شڪارين جون آهن.

ٻئي دؤر جون تصويرون ميسوليٿڪ دؤر جون آهن. ان دؤر ۾ موضوع وڌي ويل آهن، پر تصويرن جي سائيز ننڍي آهي. شڪار جا منظر غالب آهن. شڪار جا اوزار منظر غالب آهن. شڪار جا اوزار نوڪدار نيزا، تير ۽ ڪمان آهن. هاٿي، سان، چيتو، سوئر، هرڻ، سرهه ۽ ڪٿي ڪٿي پکي به ڏيکاريل آهن.

قبائلي ناچن (Communal dances) مان گڏيل موضوع ملي ٿو، ڪنهن ڪنهن وقت انسانن کي نقاب (Mask) به پارايل آهي. جانور ته فطري شڪل ۾ چٽيل آهن پر انسان اسٽائل سان چٽيا ويا هئا. ڪنهن ڪنهن وقت ماڻهو زيورن سان سينگاريو ويو يا مٿي جو لباس تفصيل سان ٺاهيو ويو آهي. عورتون ٻنهي صورتن ۾ يعني اگهاڙيون يا ڪپڙن ۾ ڏيکاريون ويون آهن. هتي پٿر تي اڪريل تصويرون به آهن، جيڪي جانورن جون آهن.

ڪي ڪي منظر جيڪي ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا چٽيا ويا آهن، وڌيڪ خاص اهميت جا ٿي سگهن ٿا. مثال طور هڪ وڏو سوئر مختلف ڇپن تي ڪيئي ڀيرا چٽيو ويو آهي. هڪ اهڙي ڍڳي جو منظر ٽي ڀيرا ورجايو ويو آهي، جنهن کي سَونڍ جهڙو دوناڙ آهي ۽ هڪ ٻئي جانور ۽ انسان جو پيڇو پيو ڪري. هڪ کيکڙو انسان جي اڳيان پيو ڊوڙي. ’مسٽر وڪانڪر‘ (Wakankar) ان جي تشريح ”ٽن قبيلن جي لڙائي“ ڪري ٿو ۽ انهن جانورن کي سندن ٽوٽم سڏي ٿو.

هڪ منظر ۾ هڪ ٻار جي تدفين ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ان جا والدين سندس موت تي ڏکويل آهن ۽ منهن مٿو پٽي رهيا آهن.

ٽئين دؤر جون چالڪوليٿڪ تصويرون زرعي برادريءَ سان تعلق جي نشاندهي ڪن ٿيون. انهن جي ڊيٽنگ بهرحال حالاتي شاهدين جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.

 

زرعي دؤر جي ابتدا

اتر اولهه هندستان (پاڪستان) جي نيوليٿڪ ثقافت جو هڪ مثال ڪوئٽا ويجهو ڪِلي گل محمد آهي. ان جهڙيون ڪافي ٻيون ثقافتون پوءِ سنڌو تهذيب تائين جاري هيون.

انهن نيوليٿڪ لوڪن جي رهڻي ڪرڻي جي ڍنگ بابت ماهرن جو خيال آهي ته اِهي پِيش، ڪانن ۽ شاخن جي مدد سان جهوپڙيون ٺاهي، انهن کي مٽيءَ جي گاري سان ليپي ڇڏيندا هئا ۽ هنن وٽ چقمقي پٿر ڇلڻ واري صنعت موجود هئي.

ان مرحلي مان هيل تائين ٺڪراٽو هٿ ڪونه آيو آهي. البت هتان پالتو جانورن جهڙوڪ رڍن ۽ ٻڪرين جون هڏيون ملن ٿيون. پٿر جا ٻه ڏاٽا مليا آهن، جن سان پوکيءَ جي شاهدي ملي ٿي. ڪلي گل محمد جي ٽن ثقافتي مرحلن مان پهرين کان ٽئين تائين پٿري صنعت جي اؤسر چٽي آهي. پهرين مرحلي مان ملندڙ بليڊ 34 کان 35 ملي ميٽر ڊگها آهن. پوءِ وارا سائيز ۾ ننڍا آهن.

بولان واري مهر ڳڙهه ثقافت جنهن جي کوٽائي 77-1976ع ۾ ٿي. ان ۾ ڪچيون سرون استعمال ٿيون آهن. اتان هڏين جا اوزار، بليڊ ۽ جاميٽريڪل مائيڪرولٿس ۽ پٿر جا تيشا مليا آهن. هتي اوائلي ٺڪراٽي سان نيوليٿڪ سطح 6000 قبل مسيح تائين وڃي ٿي.

ڪشمير ماٿري پلائيسٽوسين زماني ۾ وسيع ڍنڍ هئي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته ٻئي انٽر گليشئل دؤر دوران ڌرتيءَ جي اڀار سبب اهي ڍنڍون وهي ويون ۽ جهلم نديءَ کي جنم ڏنائون. هتي نيوليٿڪ لوڪن ڪاريواز جا پوٺا والاريا، جيڪي پلائسٽوسين ڍنڍن جي پيٽن جون پاڇيون هيون.


 

ڀيمبيٽڪا: ناچُن جون تصويرون ڳاڙهي ۽ سائي رنگ ۾ آهن. (ٽيون پيليوليٿڪ دؤر)

وجئه ڳرهه (مرزا پور): ڳوُڙهي ڳاڙهي رنگ ۾ گينڊي جو شڪار- (ميسوليٿڪ دؤر)

ڀيمبيٽڪا:مختلف ٽاڪرو اجهن ۾ مختلف هنڌن تي عورتن جي تصويرن جا مختلف نمونا.

پٿر تي کوٽائي ڪري ٺاهيل تصوير (42 x 27 cm) شڪار جي تصوير جنهن ۾ ٻه سج ڏسجن ٿا.

ڀيمبيٽڪا ۾ شڪار جون ٻه تصويرون، شڪارين کي ”نقاب“ پاتل آهي.

ڀيمبيٽڪا: ميسوليٿڪ دور ۾ هڪ ٻار جي تدفين جو ڏکوئيندڙ منظر.

جيتوڻيڪ پٿري دؤر جا اوزار سنڌو تهذيب ۾ به موجود آهن ۽ اها نيم پٿري ۽ نيم ڌاتو دؤر سان تعلق رکي ٿي، اسان سنڌو تهذيب تي بحث نٿا ڪيون، ڇاڪاڻ ته اسان جو بنيادي موضوع سنڌ تهذيب کان اڳ انساني سرگرميءَ تي نظر وجهڻ آهي، پر اهو ضروري ٿيندو ته اسان ڏسون ته سنڌو تهذيب جي پکيڙ يا ان جي اثر جو دائرو ڪيستائين وڃي ٿو. ان ڪري به ضروري آهي جو پٿري دؤر جي سنڌي ماڻهوءَ جو سڌو يا اڻ سڌو تعلق انهن علائقن جي ماڻهن سان ضروري رهيو هوندو. (ڏسو نقشو سنڌو هڙپه تهذيب)

اسان ڏسون ٿا ته اولهه ۾ بلوچستان جي سڄي سامونڊي ڪنڌيءَ وارو علائقو، بلوچستان جون لسٻيلو ۽ سارونا ماٿريون، کير ٿر ۽ سليمان جبل جا سلسلا، اتر ۾ گومل نديءَ جا ڪنارا، ٿل، جهلم، راوي، ستلج، هاڪڙو (گهاگهر) ماٿريون (دهلي تائين)، اڀرندو نارو، ٿر جي الهندي ڪنڌي، لوڻي ماٿريءَ جو هيٺيون حصو، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ ناربدا (Narbada) ۽ ٽاپٽي ندين جون کنڀات نار جي اوڀر پاسي ڇوڙ واريون ماٿريون سنڌو تهذيب ۾ شامل آهن. ٿلهي ليکي اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته سنڌو تهذيب اتر اولهه اپکنڊ جي سڀني مکيه ندين جي ماٿرين ۽ جبلن تي پکڙيل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org