سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 20

مڪليءَ واري ٽڪري

ساميءَ واري غار: جيتوڻيڪ هن غار مان يا ان جي ڀرپاسي مان به پٿر جي دؤر جو ڪو به اوزار هٿ نه آيو آهي پر ان کي امڪاني طور تي سنڌ جي ڏکڻ ۾ پٿر جو آخري ماڳ چئي سگهجي ٿو. ان جو منهن هوبهو اهڙو آهي جيئن خيرپور ضلعي ۾ راڪاس جي روڻن جا منهن آهن. فرق اهو آهي ته ڪوٽڏجيءَ لڳ راڪاس جي روڻن جا وات وڌيڪ وڏا ۽ ڪشادن ڍورن جي مٿاهين تي آهن. ساميءَ جي غار انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍي ۽ هڪ مختصر ٽاڪرو ڍوري جي لڪي ۾ آهي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي).

ساميءَ جي غار پير پٺي ۾ سخي ڏاتار جي درگاهه ويجهو آهي. ان ڍوري جو برساتي پاڻي سخي ڏاتار جي درگاهه جي ڀر ۾ هيٺ ننڍڙي ڍنڍ ٺاهي ٿو. غار جو وات 10 فٽ ويڪرو ۽ ست فٽ اونهو آهي. اندرين طرف غار ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ساڄي طرف ڪنڊ کان کاٻي پاسي ديوار تائين ڪل ڊيگهه 13.8 فٽ ۽ کاٻي پاسي اندرين ڪنڊ کان ساڄي پاسي ديوار تائين 8.9 فٽ آهي، غار جي اندر وڌ ۾ ويڪر 4.6 فٽ آهي. غار جي ٻنهي مختصر حصن جي ڇت چار فٽ ۽ ساڍا ڇهه فٽ اوچي آهي.

اڄڪلهه غار جي وات ۾ اندرئين پاسي توڻي ٻاهر ڍوري ۾ ۽ غار جي مٿان قديم وقتن ۾ ٿيل پلستر ۽ سرن جو ڪجهه ڪم نظر ايندو جيڪو شايد ٻڌڪي زماني ۾ ان وقت ڪيو ويو هو جڏهن هي علائقو جوڳ ۽ تپسيا جو هڪ مرڪز ٿي رهيو. غار هٿرادو طور کوٽيل آهي. ڀرپاسي مان پٿر جي دؤر جون باقيات هٿ ڪرڻ هاڻي سولو نه آهي ڇاڪاڻ ته هيءَ مختصر ٽڪري اوائلي دؤر کان اڄ تائين هر دؤر ۾ انساني پهچ هيٺ رهي آهي. پير پٺي کان اتر طرف سيمينٽ فيڪٽري ويجهو ڌوماڻي غارن کي به ساڳئي تسلسل ۾ آڻي سگهجي ٿو.

 

مڪليءَ ۾ پوريل ڏوماڻي غارون:

اها جنوري 1992ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون مڪليءَ وارين ٽڪرين ۾ الڳ نوعيت جون غارون ڏٺيون. مان يقينن اهي غارون ڏسي نه سگهان ها، جيڪڏهن ٺٽو هسٽاريڪل سوسائٽي منهنجي رهنمائي نه ڪري ها.

ان ڏينهن تي مون ڪلان ڪوٽ جو نقشو پئي ٺاهيو. لڳاتار ٽن ڏينهن جي ماپن کان پوءِ جڏهن مان پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ تي هئس ته هڪ ٻڪرار هڪ ڏن ڪٿا بيان ڪئي: ”هن ڪوٽ مان هڪ سرنگهه نڪرندي هئي، ڪوٽ تي حملي جي وقت بادشاهه ان سرنگهه مان لنگهي پري وڃي نڪرندا هئا.“

اهو ماڻهو ڪوٽ اندر سرنگهه جو منهن ته ڏيکاري نه سگهيو البت ٻڌايائين ته ڪلان ڪوٽ کان ڇهه ميل ڏکڻ ۾ سرنگهه جو ٻيو منهن آهي. ”هائو! برابر آهي!“ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي محمد امين شيخ به خاطري ڏني: ”اسان ٻڌو آهي، مون کي اهو ماڻهو به سجهي، جيڪو اسان کي ان سرنگهه جو ٻيو ڇيڙو ڏيکاري سگهندو.“

اهو ماڻهو ناٿو خان جوکيو هو. ناٿو خان ڳوٺ مولابخش جوکيو، ديهه ڏوماڻيءَ جو ويٺل هو. سرنگهه جي ڄاڻايل منهن تائين جيپ ذريعي وڃي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ٽاڪرو پنڌ آهي.


 

 

پر اها سرنگهه نه هئي. هي قديم غارن جو هڪ سلسلو هو جيڪو انساني هٿن جو ڪمال آهي. جلد ئي اسان کي ان سرنگهه (غار) جي ڀرپاسي ۾ ساڳي نوعيت جي ٻي غار به نظر آئي. تفصيلي معائني مان اندازو ٿيو ته اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ ٽي غارون مٽيءَ سان ڀرجي ڍڪجي چڪيون آهن. پر ان مهل گهڻي حيرت ٿي، جڏهن مقامي ٻڪرارن ٻڌايو ته: ”ڀرپاسي ۾ اهڙيون ڏهاڪو کن غارون هيون، جن مان پنج ڇهه غارون سيمينٽ فيڪٽريءَ جي سرگرمين سبب ڪجهه سالن اندر بلڪل لٽجي ويون آهن، جيتوڻيڪ ٽڪرين جو اهو پاسو سيمنٽ فيڪٽريءَ لاءِ کنيل زمين کان ٻاهر آهي.

هي غارون مڪلي قبرستان ۽ پير پٺي جي وچ ۾ واقع ٺٽو سيمنٽ فيڪٽريءَ کان پنج ڪلو ميٽر اتر اوڀر ۾ آهن. انتظامي حدن جي لحاظ کان اهي غارون ديهه مڪليءَ ۾ اچن ٿيون. مختيارڪاري نقشي موجب هيئن چئبو ته: ”اها سر زمين ڪنڊي وارو ڪُن، ڍنڍ آبداڻو، ڏوماڻي الهندو، ديهه مڪلي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ آهي.“ غارن جي گهڻائي محسوس ڪندي، اسان ڀرپاسي مان قديم شيون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪافي قديم ٺڪريون هٿ آيون، جن مان ڪي مسلم دؤر جون، باقي تاريخ کان اڳ واري زماني جون هيون، ٿوري گهڻي ڳولا دوران اسان کي پٿر جا چاقو ته نه مليا. البت چقمقي پٿر جا ننڍڙا ٽڪرا برابر نظر آيا. واضح هجي ته مڪليءَ واري ٽڪريءَ ۾ چقمقي پٿر جا ذخيرا نه آهن، جنهن ڪري اهو گمان پئي ٿيو ته، انهن ننڍڙن  چقمقي پٿر جا ذخيرا نه آهن، جنهن ڪري اهو گمان پئي ٿيو ته، انهن ننڍڙن چقمقي ٽڪرن جي موجودگي انساني سرگرمي جو حصو ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ چقمقي پٿر جا چاقو مختصر ڳولا سان نه مليا، تنهن هوندي به تاريخ کان اڳ واري دؤر جي ٺڪري هن هنڌ تي قديم زماني کان انساني سرگرميءَ جو ثبوت ڏئي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ويجهڙائيءَ ۾ غارن کانسواءِ اهڙو ٻيو ڪو به کنڊر نٿو ملي، جنهن بابت چئي سگهجي ته اهي قديم ٺڪريون ان قديم ماڳ سان تعلق رکنديون هونديون. ڪنهن به ٻئي کنڊر جي موجودگيءَ ۾ اهي غارون اهميت اختيار ڪن ٿيون. خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن اسان اهو ڏسون ٿا ته مڪليءَ ۾ پٿري دؤر جي انسان چڱو خاصو وقت گذآريو آهي. ان لاءِ ثبوت ۾ مڪليءَ تي ڪالي مندر لڳ هڪ غار پيش ڪئي ويندي آهي. جيڪي بنهه قومي شاهراهه تي آهي. ساڳئي تسلسل ۾ هڪ غار پير پٺي ۾ شاهه ڏاتار جي درگاهه ويجهو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

مڪلي ۽ پير پٺي واريون غارون ڪنهن حد تائين غفائي مندرن واري سلسلي ۾ شامل ڪري سگهجن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهڙيون شاهديون ملن ٿيون ته اهي غارون ڪنهن وقت ۾ هندو سنياسين يا جوڳين جي تپسيا ۽ جوڳ لاءِ ڪم آنديون ويون هيون. ڏوماڻي واريون غارون بهرحال مڪلي ۽ پير پٺي وارين غارن کان الڳ نوعيت جون ۽ وڌيڪ دلچسپ آهن.

غارون، عام طور تي جبل جي ڀت ۾ کوٽيون وينديون آهن پر هي غارون تهه خانن وانگر ٺاهيون ويون آهن. غارن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اول ڏاڪڻيون لهڻيون پون ٿيون. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي). سنڌ ۾ اهڙي نوعيت جي فقط هڪ غار اڳ ۾ دريافت ٿيل آهي. اها غار لڪي ۾ گرم پاڻيءَ جي چشمي واري واٽ تي آهي، جنهن بابت مشهور ڪيل آهي ته شاهه صدر ان ۾ عبادت ڪندو هو. لڪيءَ واري غار ان لحاظ کان ڏوماڻي غارن جهڙي آهي، جو اهي سڀ تهه خانن وانگر آهن پر اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته لڪي واري غار جي ڇت فقط ڏيڍ ٻه فٽ ٿلهي آهي، جڏهن ته ڏوماڻي غارن جون ڇتيون گهٽ ۾ گهٽ ساڍن ٽن کان ست فٽ ٿلهيون آهن. ٻين لفظن ۾ ڏوماڻي غارون لڪي غار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اونهيون آهن. ڏوماڻي غارن جي اها خاصيت نوٽ ڪرڻ لائق آهي ته ڏاڪڻ ڏکڻ کان اتر طرف هيٺ لهي ٿي، جنهن ڪري اُس غارن جي وات تائين سڌي طرح پوي ٿي. يقينن ان طرح غارون ڏينهن جو روشن رهنديون هونديون.

اسان نوٽ ڪيل غارن کي فرضي نمبر ڏيئي انهن جون ماپون نوٽ ڪيون. سڀ کان بهتر غار کي نمبر 1 ڏنو ويو. ان غار جي منهن تائين پهچڻ لاءِ اڍائي فٽ ويڪري، ساڍا ست فٽ ڊگهي ۽ 9 فوٽ اونهي ڏاڪڻ تان لهڻو پوي ٿو، جنهن کي 9 عدد ڏاڪا آهن. هر ڏاڪو ڇهن کان اٺ انچ ويڪرو ۽ اٺن کان يارهن انچ اوچو آهي. ڏاڪن جي پڄاڻيءَ تي غار جو منهن آهي. پر ان ۾ داخل ٿي نٿو سگهجي. زماني جي لٽ ۽ دز سبب منهن ذري گهٽ بند ٿي چڪو آهي. اندر جهاتي پائڻ سان اونداهو چئمبر محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڇا ان چئمبر کانسواءِ اندر ڪو ٻيو چئمبر به آهي؟ ڇا ان چئمبر جي فرش تي قديم انسان سان لاڳاپيل ڪي ثبوت باقي هوندا؟ چئمبر جي ڊيگهه ويڪر بابت ته ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. البت انهن غارن مان ڪي ثبوت ضرور ملندا، شرط آهي ته انهن جي احتياط ۽ مهارت سان کوٽائي ٿئي.


 

 

مڪلي غار

 


 

 

ٻيو نمبر غار پهرين غار کان 68 فٽ ڏکڻ ۾ آهي. ان غار جي ڏاڪڻ پوڻا چار فٽ ويڪري، ساڍا ست فٽ ڊگهي ۽ ساڍا ٽي فٽ اونهي آهي. ان کي ٽي چار ڏاڪا آهن. ان غار جي ظاهري صورتحال به پهرين غار جهڙي آهي. ٽيون نمبر غار ٻئي نمبر واري غار کان 65 فٽ اوڀر ۾ آهي. چوٿون نمبر غار پهرين نمبر واري غار کان 73 فٽ اتر اولهه ۾ آهي. پنجون نمبر غار پهرين نمبر واري غار کان لڳ ڀڳ ٻه سؤ فوٽ اتر ۾ آهي. پويون ٽئي غارون لٽيل ۽ ڊٺل محسوس ٿين ٿيون. سيمنٽ فيڪٽري جي سرگرمين سبب لٽيل باقي غارون گهڻو تڻو اوڀر ۽ اوڀر اتر ۾ هيون.

گمان ٿئي ٿو ته هي غارون پٿري دؤر جي آدم ٺاهيون هونديون پر ان دعوا لاءِ اڃا ڀرپور دليل جي ضرورت پوي ٿي. في الحال فقط ايترو سوچي سگهجي ٿو، سنڌ جي ماڻهن پڪيون جايون اڏڻ جو هنر تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ ئي سکي ورتو هو. اسان کي سنڌ ۾ پٿر جي پڇاڙڪي دؤر جا نه رڳو گهر پر ”گجو“ جهڙا اهم آثار به ملن ٿا، جيڪي پٿر جي ڪوٽ اندر محفوظ هئا. جهوپڙيون، سرن مان جايون يا ڪچا گهر ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ غارون کوٽڻ وڌيڪ ٿڪائيندڙ ۽ محنت طلب ڪم آهي. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان اها راءِ ڏيئي سگهجي ٿي ته پڪا گهر اڏڻ جو هنر سکڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن غارون کوٽڻ بند ڪيون هونديون.

اهو بلڪل ممڪن آهي ته هڪ ڀيرو جڏهن غارون کوٽجي ويون. تڏهن تپسوين انهن تي ديرو ڄمايو. اهي تپسوي هندو به هوندا. پر گهڻو ڪري ٻڌمت سان تعلق به ٿي سگهي ٿو. اهو بلڪل ممڪن آهي ته ڏوماڻي غارون به پوءِ وارن وقتن ۾ غفائي مندرن طور تپسيا لاءِ استعمال ٿيون هجن! بهرحال اهو سوال اڃا پنهنجي جاءِ تي آهي ته ڇا سيمينٽ فيڪٽريءَ جي وڌندڙ سرگرمي باقي غارون به ڊاهي يا لٽي ڇڏيندي؟

 

رني ڪوٽ جون غارون

جيتوڻيڪ هن مهل تائين رني ڪوٽ جون غارون ڪنهن محقق جي محنت کان محروم رهيون آهن پر لڪي جابلو سلسلي جون هي غارون گهٽ ۾ گهٽ نيوليٿڪ آباديءَ جي تسلسل کان آجيون ڪونه آهن. مون کي رني ڪوٽ ۾ اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ پنج غارون نظر آيون آهن جيڪي يا ته قدرتي نه آهن، يا وري قدرتي هئڻ جي صورت ۾ انساني هٿ انهن کي وڏي جفاڪشيءَ سان کوٽي کوٽي ويڪرو ڪيو آهي.

هنن غارن جي ماپ مختلف آهي ۽ جيئن ته ڪنهن محقق انهن جي کوٽائي نه ڪئي آهي، ان ڪري انهن جي عمر بابت حتمي راءِ نه ٿي ڏيئي سگهجي. اسان کي انهن غارن جي ويجهو بُٺين تان نيوليٿڪ دؤر جون پٿري ڇريون ملن ٿيون. هي ڪشاديون غارون اهو به تجويز ڪن ٿيون ته هتي چڱي خاصي تعداد ۾ انسان آباد هئا، جن جي خاص ڪرت اوزار ٺاهڻ نه پر اوزار استعمال ڪرڻ هئي. اسان ڏسون ٿا ته رني ڪوٽ جي ڀرپاسي ۾ ڪي به ٻيلا نه آهن ۽ نه وري هتي نيوليٿڪ دؤر ۾ ايڏيون زبردست برساتون هيون جو هتي گهاٽن ٻيلن ۽ زراعت جي وجود بابت سوچي سگهجي.

هن علائقي ۾ ٻه تمام بنيادي شيون اڄ به موجود آهن جيڪي نيوليٿڪ دؤر جي ڀيٽ ۾ اڄ تمام گهٽ آهن، يعني شڪار ۽ پاڻي، پاڻيءَ جو چشمو ته اڄ به جاري آهي، جنهن جو وهڪرو اڄڪلهه 100 گيلن في منٽ آهي. باقي، علائقي ۾ سرهه ۽ گڊ اڄ ڇڊو ڇڊو سهي، آهي ضرور. ٻيو ته ٺهيو، اڄ کان ويهارو کن سال اڳ تائين هتي هرڻ به ڄام هو. هن ئي جابلو سلسلي ۾ نيوليٿڪ دؤر ۾ رڇ، بگهڙ، چيتو، چرخ، گدڙ، سيهڙ به موجود هئا. انهن مان رڇ ۽ چيتي جو نسل ته اڃا هاڻي اچي کٽو آهي.

سو، لڪي جابلو سلسلي ۾ شڪار جام هو، ان حد تئين جو اڄ به هيءَ جابلو پاسراٽي جهنگلي جيوت جو وجود سبب نيشنل پارڪ ۾ ذري گهٽ شامل آهي. اسان وٽ ڪو واضح ثبوت ڪونه آهي، جنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ته هي غارون ميسوليٿڪ يا پيليوليٿڪ شڪارين نه ٺاهيون هونديون يا استعمال نه ڪيون هونديون. گهڻو ممڪن آهي ته هي غارون پٿر جي وچين دؤر يا پيليوليٿڪ جي پوئي دؤر ۾ کوٽي ٺاهيون ويون هجن! پاڪستان ۾ غارن ۾ رهندڙ انسانن جو رڪارڊ في الحال ائين ئي تجويز ڪري ٿو.

رني ڪوٽ مان لڌل پٿري ڇريون ڪٿي ڪٿي ٽڙ پکڙ ۽ ڀڳل ٽٽل حالت ۾ ملن ٿيون ۽ في الحال ڪنهن به غار جي منهن تان يا انهن جي اندر جي کوج لڳي نه سگهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هي غارون جن جابلو ڍورن تي واقع آهن، تيز برساتي وهڪرن انهن غارن جا منهن کائڻ ۽ ڊاهڻ ۾ وڏي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن ڪري اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته غارن جي منهن تي جيڪڏهن ڪا سرگرمي يا ثبوت هو ته اهو لڙهي چڪو آهي. البت غارن ۾ اندر جيڪي ڪجهه آهي سو محفوظ آهي. بدقسمتيءَ سان اڪثر غارن ۾ غارن جي ڇتن مان وڏا وڏا پٿر ڇڄي وچ تي اچي پيا آهن جن غارن جو هيڪاندو حصو والاري ڇڏيو آهي ۽ انساني سرگرمين جا ثبوت انهن جي هيٺيان هوندا. غارن ۾ نقصان جي باوجود اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هي غارون انساني هٿن جو ڪمال آهن.

رني ڪوٽ ۾ ٽوري ڍوري واري غار جي اوچائي انساني پهچ کان مٿي آهي ان ڪري اها غار وڏي حد تائين قدرتي آهي پر ان کي ڇلي ويڪرو ڪيو ويو آهي (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي). ان ئي غار جي ڪُک ۾ هڪ ٻيو ننڍو چئمبر کوٽيو ويو آهي جنهن جي ڊيگهه هن ريت آهي:

مکيه غار: 70x15 فوٽ

ننڍو چئمبر: 25x8 فوٽ

ٽوري ڍوري جي اولهه ۽ نئه رني جي ڏکڻ ۾ واقع ڍورو جيڪو اصل ۾ هنج ڍوري جو ڌن ڀرو آهي. ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار دلچسپ غارون آهن جن جي شڪل بيضوي ۽ گولاين ۾ آهي. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي). هڪ غار 50x60 فوٽ آهي. ٻي غار 50x70 فوٽ آهي. ٽين غار 50x25 فوٽ آهي، جيڪا اصل ۾ ٻن چئمبرن تي مشتمل آهي. 50x70 فوٽ واري ڪشادي غار جا ٻه دروازا آهن. 50x60 فوٽ ويڪري غار جي ڇت 5 کان 6 فوٽ اوچي آهي. اها ئي اوچائي سنڌ جي اڪثر غارن جي آهي. اروڙ واري ڪالڪان مندر کي ڏسو. ڪائيءَ واريون ست گهريون ڏسو، لڪيءَ واري انڊر گرائونڊ غار هجي يا سيوهڻ واري هڪ ٿنڀي، هر هنڌ لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي.

رني ڪوٽ ۾ هي غارون اتفاقي ڪونه آهن. غارن جي هيڏي ڪشادي هجڻ مان ئي اندازو لڳي ٿو ته انهن جي کوٽائي سالن ۾ ٿي هوندي ۽ انهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو رهندا هوندا.



 


 

 


 

 

جيئن ته في الحال انهن غارن مان ڪنهن به پٿري دؤر جو سڌو ثبوت نه مليو آهي تنهن ڪري بهتر آهي ته کوٽاين جو انتظار ڪجي. ان سان گڏوگڏ جيئن ته رني ڪوٽ ئي نيرون ڪوٽ آهي (ان راءِ لاءِ مون وٽ دليل آهن، جنهن جو هت ذڪر ڪرڻ مناسب نه آهي) ۽ نيرون ڪوٽ ٻڌڪي آبادي هئي، ان ڪري امڪان آهي ته رني ڪوٽ جون غارون ڀڪشوئن به جوڳ لاءِ استعمال ڪيون هجن. سنڌ عجائب گهر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جناب ظفر ڪاظميءَ به هي غارون ڏٺيون آهن ۽ سندس راءِ آهي ته اهي ”انسان جون پهريون آباديون“ آهن، جيڪي هنن پنهنجن اوزارن سان گهڙي تيار ڪيون آهن. رني ڪوٽ ۾ هڪ غار موهن ڪوٽ طرف ويندي ”نيان گر“ ڪنڀ وٽ آهي.

رني ڪوٽ جي ٽڪرين تان هتان هُتان لڀجندڙ پٿري چاقو لڳ ڀڳ اهڙائي آهن جهڙا ڪرچات جي اولهه ۾ واقع کير ٿر جي هڪ غار جي منهن وٽان ملن ٿا. اسان کي رني ڪوٽ ۽ بزن جهڏي وٽان ڪوبه Core نه مليو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ان ماڳن تي اوزار ڇلڻ جو ڪم ڪونه ٿيو آهي توڻي جو هوٿياڻي جبل تي چقمقي پٿرن جا ذخيرا موجود آهن.

ڪرچات غار: ڪرچات غار، ڪرچات کان ٽي ڪلوميٽر اولهه ۾ کير ٿر ۾ ڪجهه اهڙي طرح واقع آهي جو ان جو ڪشادو ۽ قدرتي منهن اوڀر ڏانهن منهن ڪري بيٺو آهي. هيءَ غار ڪوهتراش بٺيءَ کان اتر طرف چار پنج ڪلوميٽر پري ٿيندي. مون کي ان غار جي منهن تان ناسي رنگ جا ننڍڙا ۽ ٽٽل پٿري چاقو ۽ ننڍڙا Cores مليا.

هيءَ ڪا وڏي غار نه آهي. غار جي منهن جي ويڪر 10 فوٽ ۽ اندر اونهائي 20 فوٽ آهي. پر، جيئن ته هيءَ قدرتي غار آهي ۽ غار کي ڪشادو ڪرڻ جي ڪوشش ورتل نٿي ڏسجي، ان ڪري هيءَ غار خوفناڪ شڪاري جانورن کان بچاءَ جي پوزيشن ۾ نه آهي. ان هوندي به غار جي منهن تي پٿري چاقن جو مناسب تعداد تجويز ڪري ٿو ته شڪار جي هن جنت ۾ هتي ميسوليٿڪ ۽ نيوليٿڪ دؤر جي ماڻهن سٺو وقت گذاريو هو ۽ ويندي ويندي ڀڳل ٽٽل اوزار ۽ ڇرين جا ٽڪرا اسان لاءِ ثبوت طور ڇڏي ويا. هن غار کي ڪرچات جا ماڻهو چمڙن جي غار سڏين ٿا. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي).

آدم ڏر: رني ڪوٽ جي موهن گيٽ کان اولهه اتر ۾ اٽڪل 8 ڪلوميٽر پري ڏاڦري جبل جي سلسلي ۾ آدم ڏر نالي هڪ قدرتي غار آهي، جنهن جي منهن تي آمري دؤر جو ٺڪراٽو موجود هو. جيتوڻيڪ اسان کي هن هنڌان ڪو پٿري چاقو ڪونه مليو، پر اتي ئي گوربندي جبل ۾ واقع تاريخ کان آڳاٽي بند جنهن کي هتي ”گوربندي“ چيو وڃي ٿو، وٽان پٿري چاقو ڳولڻ م ڪامياب ٿي وياسين. گوربندي ۽ آدم ڏر جي وچ ۾ ٽي ڪلوميٽر کن پنڌ ٿيندو. ”آدم“ هڪ ڌاريل جو نالو هو جيڪو ڪنهن وقت ۾ هن ڏرڙ (غار) ۾ اچي لڪو هو. هيءَ غار هن وقت ٻئي ڪنهن به ڪم جي ناهي، سواءِ ان جي ته اوچتي برسات ۽ اس کان ڇپر ڇانءَ مهيا ٿئي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي).

 

گوندراڻي غارون

بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ لسٻيلي شهر کان 20 ڪلوميٽر کن اڳتي آر. سي. ڊي. هاءِ وي کان کاٻي طرف اٽڪل 8 ڪلوميٽر اندر ڪُڊ گنڊاچو نالي هڪ ڳوٺ جي ڀرسان ڪُڊ نديءَ ۾ پوندڙ هڪ برساتي ڍوري ۾ موجود لاتعداد غارن جو پُر اسرار شهر گوندراڻي ماڳ آهي. هن ماڳ کان پوءِ ڪُڊ ندي جبل ڇڏي لسٻيلي جي شاهي پٽ مان لنگهڻ شروع ڪري ٿي. ڪجهه محققن انهن غارن کي تازيون يعني اسلام کان پوءِ جون ڪوٺيون آهن. (والٽيئر فيئر سرورس: روٽس آف اينشينٽ انڊيا- صفحو 415) جڏهن ته ڪمانڊر ڪيئرليس کي اڪثر غارون محض اڍنگن سوراخن جهڙون لڳيون. اهي اڄ به موجود آهن. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي)

هنن غارن جي قدامت کان انڪار جي خيال جو ڪارڻ ان جبل جي ڪمزور ساخت آهي. غارن جو چڱو خاصو تعداد ڊهي چڪو آهي. جڏهن ته هاڻي اهي باقي پنچ ڇهه سؤ کن بچيون آهن جن مان چڱي طرح محفوظ ڪي پنجاهه سٺ هونديون. هي غارون هزارن سالن کان ويران پيون آهن، ان ڪري انهن ۾ دز ۽ ڌوڙ جا ٿلها تهه جمع ٿي ويا آهن، جيڪي پير رکڻ سان ماحول دزاٽي ڇڏين ٿا. هن جبل جي ساخت سخت گچ ۽ گول پٿرن تي ٻڌل آهي. ننڍا وڏا ۽ بي حد رنگين گول پٿر قدرتي گَچَ ۾ ڦاٿل ۽ هڪٻئي مٿان سٿيل آهن. وڏي ۾ وڏو پٿر به ڪنهن ڳوڻ کان وڏو نه آهي. هن ساخت کي جيالاجي ۾ Conglomerate چئبو آهي. انهن ۾ ڳاڙهي چوني جو حصو ڪجهه سرس آهي. ڍوري جي ڪل ڊيگهه (ورن وڪرن ۾) اڌ ميل کن ٿيندي. ڍورو ٽن طرفن کان بند آهي. برسات جو پاڻي تمام تيزيءَ سان ورن وڪڙن مان ڍوري جي ڀتين سان ٽڪرائجندو، جيئن پوءِ تيئن ڍوري کي ڪشادو ڪندو ڪڊ ندي (Kud River) ۾ پوي ٿي.

پاڻيءَ جو اهو تيز رفتار وهڪرو ۽ جبل جي گچ ۾ جذب ٿي اندران ئي اندران سمي ايندڙ پاڻي غارن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو آهن. سمندڙ پاڻي غارن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊاهڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ وهڪري وارو پاڻي غارن جي منهن تي حملو ڪري ٿو،



 

 

گوندراڻي غارن جي چئمبرز جا نمونا


 

جنهن ڪري ڪيئي غارون پٽي کڻي ويو آهي يا انهن جا اڳيان حصا لوڙهي ڇڏيا اٿس. هوڏانهن ڍوري جي ديوارن تان ترڪندڙ پاڻيءَ گچ ڳاري پٿرن کي آزاد ڪرايو آهي، جنهن ڪري زمين کان مٿانهين وارن غارن تائين چڙهڻ جا رستا ڊهي ويا آهن ۽ انهن ۾ داخل ٿيڻ ممڪن نه رهيو آهي.

غارن جي قدامت خلاف ٻي گواهي غارن جي بيهڪ يا انهن جا نقشا آهن. گهڻو ڪري سڀ غارون ڪشاديون ۽ مستطيل يا چورس آهن. ديوارن جا پاسا توڻي ڇت سڀ ذري گهٽ پور وڇوٽ آهن. اڪثر غارن جي ڪمرن جي ماپ 10x8, 12x12, 10x10 آهي. ڪن غارن جي ڇتن تي ڪارنهن جا تهه آهن جيڪي باهه جي استعمال جو ثبوت آهن. ٽن چئن غارن جي ڪجهه حصن کي مٽيءَ جو ليپو نظر آيو جنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اڪثر غارن ۾ ليپو ڪيو ويو هوندو جنهن جا نشان هاڻي باقي نه رهيا آهن. ڪمانڊر ڪيئرليس کي 1838ع ۾ اڪثر غارن ۾ مٽي جو ليپو نظر آيو هو (لسٻيلا گزيٽئر). ڪن غارن جي هڪ ڪنڊ ۾ پٿرن يا ڪچين سرن جي اهڙي اوساري به نظر اچي ٿي، جنهن سان گمان اڀري ٿو ته اها رڌ بچاءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڪئي وئي هوندي. شايد ان کي ئي ڪمانڊر ڪيئرليس آنَ جي گُندي چيو آهي. ڪن غارن جي ديوارن ۾ سامان رکڻ لاءِ جارا کوٽيل آهن، هڪ اڌ جاءِ تي نوٽ ڪيو ويو ته گچ ۾ ڦاٿل وڏن پٿرن کي ڄاڻي واڻي ٻاهر نڪتل ڇڏيو ويو ته جيئن اهي ساڳئي مقصد لاءِ ڪم آڻي سگهجن. سموريون غارون ڍوري جي ٻنهي ديوارن تي منڍ کان آخر تائين زمين کان مٿي تائين، ٽي ٽي ۽ چار چار ماڙ فليٽن وانگر ٺهيل آهن. اهي سڀ جدا جدا ”يونٽ“ آهن. ڪي يونٽ هڪ ڪمري تي ٻڌل آهن ته ڪي ٻن تي. اڪثر يونٽن کي هڪ هڪ ڪشادو ورانڊو آهي، گهري نظر وجهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ورانڊن کي ڪچين سرن جو ڪٽهڙو به ڏنل هوندو هو. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن يونٽ ۾ پير رکبو ته محسوس ڪبو ڄڻ ڪنهن گئلري نما ورانڊي ۾ پهتا آهيون، جنهن مان بيهي ٻاهر جو ڀرپور نظارو وٺي سگهبو. ورانڊي مان هڪ يا ٻن ڪمرن جا دروازا ڦٽندا پر ٻن ڪمرن وارا يونٽ ڪي ٿورڙا آهن.

ڪَڊ نديءَ ۾ سياري دوران پاڻيءَ جو معمولي وهڪرو رهي ٿو، جڏهن ته اونهاري جي گرم هوائن ۾ اهو به سڪيو وڃي پر جر ۾ سو بچي ٿو. ڀرپاسي ۾ جهنگلي ٻير ۽ اهڙو ڪو سنهو ٿلهو قدرتي قوت آهي. باقي اهي فصل به حاصل ڪري سگهجن ٿا جيڪي سنڌ جي جابلو علائقي ۾ ٿين. ٿي سگهي ٿو ته اڳي اها صورتحال نه هجي ۽ بهتر برساتن سبب ڪڊ نديءَ ۾ ٻارهوئي پاڻي هجي! بهرحال هتي، ڪنهن وقت شڪار جام هو ۽ مقامي ماڻهن جو گذارو انهن جي گوشت تي هو. هي ماڳ ان قديم شاهراهه تي واقع آهي جيڪي سنڌ کي بلوچستان جي پٻوڻي ناڪي ذريعي (جنهن کي بلوچستان جو دروازو چئي سگهجي ٿو) ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا سان ڳنڍي ٿي. هاڻوڪي آر. سي. ڊي. شاهراهه لڳ ڀڳ ساڳي قديم شاهراهه تي ٺاهي وئي آهي.

هنن پراسرار غارن جي گهري جاچ پڙتال کان پوءِ جنهن شيءِ جي شديد کوٽ محسوس ٿئي ٿي، اهي آهن ٺڪريون. هيل تائين ڪنهن هڪ اڌ رپورٽ ۾ ٺڪريءَ جي ملڻ جي ڳالهه درج آهي. ٺڪرين جو نه هئڻ ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي، ممڪن آهي ته هي ٺڪراٽي کان اڳ جو دؤر هجي يا غار واسين وٽ ٺڪر جي ٿانون جو خاص استعمال نه هجي. جابلو علائقي جا ماڻهو پاڻي ۽ اهڙي ٻي ضرورت لاءِ جانورن جي کلن مان پخالون ۽ ڳوٿريون ٺاهي استعمال ڪندا آهن. ان حد تائين ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر چمڙي جو استعمال سڀ ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي.

اسان کي (فيبروري 1989ع) ۾ انهن هنڌان ڪجهه ٽڪريون مليون هيون، جيڪي ڪافي اهم محسوس ٿين ٿيون. هڪ ٺڪري سنهڙي ـ ڳاڙهي آهي جيڪا ڪنهن ننڍڙي نازڪ ٿانءَ جي نظر اچي ٿي. ٻي ٺڪري ڀوري رنگ جي آهي جنهن تي ڪارو ليڪو پيل آهي. انهن کان سواءِ مٿن ڪي به چٽ نه آهن. اها ڀوري ٺري هڪ غار مان ملي جڏهن ته باقي ٺڪريون ڍوري جي مختلف ڪنڊن پاسن مان لڌيون. ڪجهه ٺڪريون هڪ غار مان هڪ هنڌان مٽيءَ جي تهن کي ڦلهورڻ سان مليون، پر انهن ۾ ڪا خاص ڳالهه نه آهي. مون اهي ٺڪريون قديم آثارن سان تعقل رکندڙ ۽ ٺڪري وديا جي ڄاڻو ڪجهه صاحبن کي ڏيکاريون ۽ صلاح مشورو ڪيو. سڀني صاحبن جي گڏيل راءِ هئي ته اهي ”آمري ڪلچر“ سان تعلق رکندڙ ٿي سگهن ٿيون.

آمري ڪلچر وارين ٺڪرين غارن جي موجودگيءَ کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي ان مهل جڏهن تباهي جي رفتار کي ڏسندي انهن جي عمر جو ڪاٿو وڌ ۾ وڌ هڪ هزار سال ٻڌايو ويو آهي. ٺڪرين جي موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته هن ماڳن جو سنڌو ماٿريءَ وارين تهذيب کان اوائلي ثقافتن سان لاڳاپو هو. گوندراڻي غارن کي انهن قديم تهذيبن کان جدا رکي پرکڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه ٿيندو. اهو بلڪل ممڪن آهي ته غارن جو هيڪاندو تعداد بعد واري زماني ۾ ٺاهيو ۽ وڌايو ويو  هجي پر اهو به ممڪن آهي ته سنڌو تهذيب کان اڳ واري دور ۾ به هتي ڪجهه غارون گهڙيون ويون. ان سان گڏ اهو به ممڪن آهي ته آمري ڪلچر کان اڳ پٿر واري زماني ۾ به ان ڳالهه تي ڪجهه غارون هجن جن ۾ پوءِ هوريان هوريان واڌارو ايندو ويو ۽ نيٺ نون دؤرن ۾ انهن جو تعداد ڏيڍ هزار کن ٿيو ۽ انهن جي بيهڪ به بهتر ٿي. اهو به ذهن ۾ رکجي ته پورالي ۽ ڪڊ ندين جون واديون قديم زماني کان انساني آباديون رهنديون آيون آهن.

برگيڊيئر رٽارڊ محمد عثمان پڻ هن ماڳ تي چڱو ڪم ڪيو آهي ۽ هتان ڪجهه اهم شيون هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. هن کي انهن غارن مان مختلف قسم جا ٻج مليا، جن ۾ ٻير جون ککڙيون ۽ جَوَ شامل آهن. هن کي جيڪو ٺڪراٽو مليو، اهو ٻنهي قسمن جو آهي، يعني چڪ تي گهڙيل ۽ چڪ کان سواءِ گهڙيل. ڪجهه ٿانءَ پڪل آهن ۽ ڪجهه ڪچا، ڪجهه ٿانءَ پٿر مان گهڙيل آهن. هن کي پٿر جا موتي به مليا جيڪي زيورن طور استعمال ٿيندا هئا. هن کي هڏين مان ٺهيل سُيون ۽ پٿرن مان گهڙيل اوزار به مليا آهن. برگيڊيئر صاحب هن ماڳ کي پٿري زماني سان ڳنڍي ٿو.

گوندراڻي غارن جي ڀرپاسي ۾ بروهي قبيلا رهن ٿا ”ڪڊ گنڊاچو“ ڳوٺ جي هڪ پير مرد ٻڌايو ته نديءَ جي سڃاڻپ انهن غارن جي نسبت سان آهي، جن کي مقامي ماڻهو بلوچي لهجي ۾ ”ڪنڊ“ چون ٿا، جنهن جو سنڌيءَ ۾ نعم البدل ”کڏ“ يا ”کڏي“ آهي. جيئن ته اهي غارون شڪل صورت ۾ کڏين جهڙيون آهن، تنهن ڪري ڪڊ نديءَ جي معنيٰ بيهي ٿي، ”کڏين واري ندي.“

هوڏانهن فيئر سروس هن ماڳ کي اسلامي دؤر سان جوڙي ٿو ۽ دليل ۾ چوي ٿو ته غارن جي ڊهڻ جو عمل ايترو تکو آهي جو اهي ايڏو عرصو قائم رهي نٿيون سگهن. هو، هن ماڳ تان پٿر جي جنڊ ۽ لوهه جي هڪ نوڪدار شيءِ لڀجڻ جو اطلاع ڏئي ٿو.

گوندراڻي غارن جو ٻيو نالو روغن شهر آهي ۽ ان سان هڪ ڏند ڪٿا منسوب ٿيل آهي جنهن جا مکيه ڪردار شهزادو سيف الملوڪ ۽ شهزادي بديع الجمال آهن. ڪردارن جي تاريخي حيثيت بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، البت اهي ايراني ۽ عربي ادب ۾ به آهن. اهي نالا پنهنجي جاءِ تي صفاتي آهن، جيڪي بهادري ۽ سونهن جي نمائندگي ڪن ٿا. ساڳيا ڪردار سنڌو ماٿريءَ جي بلڪل اتر ۾ ۽ ڏکڻ ۾ به قصن ڪهاڻين ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. اتر ۾ سيف الملوڪ ڍنڍ ۽ ڏکڻ ۾ بدين جي ڀرپاسي ۾ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي ڳاڙهو دڙو ان جا مثال آهن. گوندراڻي غارن جي حقيقت ڳولهڻ جو هڪ رستو هن هنڌ موجود ڏند ڪٿا جي جزن جي ڇنڊڇاڻ مان به ڦٽي سگهي ٿو، پر ان سان به محض ڪو هڪ پهلو يا ڪنهن هڪ دؤر جي تاريخ واضح ٿيندي.

ڏند ڪٿا موجب، هن علائقي ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو جنهن جي ڏاهپ ۽ سندس ڌيءَ شهزادي بديع الجمال جي سونهن سڄي اوڀر ۾ مشهور هئي پر ڇهه شيطان شهزاديءَ تي عاشق ٿي کيس چورائڻ لاءِ حملا ڪندا هئا، جن کان بچائڻ لاءِ بادشاهه ستن نوجوانن کي سڏايو جن جي پاڻ ۾ دوستي به هئي. اهي پڻ شهزاديءَ کي پسند ڪندا هئا پر هڪ هڪ ٿي شيطانن هٿان مارجي ويا. ان دوران مصر جو شهزادو سيف الملوڪ پنهنجن ساٿين سان روغن شهر پهتو ته جيئن هو پنهنجي حڪومت لاءِ ڪا زمين فتح ڪري سگهي. شهزادو سونهن ۽ بهادريءَ ۾ سڀ کان سرس هو. سو، شهزاديءَ جو ساڻس نينهن ٿي پيو. هڪ ڏينهن جڏهن شيطانن مايوس ٿي وڏو حملو ڪيو ته سيف الملوڪ کين ماري وڌو جنهن کان پوءِ بادشاهه : سيف الملوڪ جي بهادريءَ کان خوش ٿي کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني. پوءِ، ڪيتري عرصي تائين هي جوڙو هن علائقي تي حڪومت ڪندو رهيو. علائقي جا ماڻهو اڄ به انهن ستن غارن جي نشاندهي ڪن ٿا جن ۾ ستن دوستن جي رهائش هئي ۽ انهن جي ڀر ۾ شهزاديءَ واري ڪشادي غار به آهي.

گهڻو ممڪن آهي ته ڳولا ڪرڻ سان اسان کي بلوچستان جي هن حصي بابت جيڪو ثقافتي طرح اڄ به سنڌ جو حصو آهي، ڪنهن اهڙي چار پنج سؤ سال پراڻي جنگي داستان بابت ڪا ڄاڻ ملي پوي جنهن ۾ ست ”قومي هيرو“ هجن، جن ڇهن طاقتور دشمنن سان لڙاين ۾ شهادت حاصل ڪئي هجي ۽ نيٺ آخري لڙائي ۾ اٺين سورمي جي اڳواڻيءَ ۾ دشمن ناس ٿيا هجن. پر اهو واقعو به گوندراڻي غارن جي هزارها سال پراڻي تاريخ مان محض هڪ ۽ آخري پڙاڏو ٿي سگهي ٿو.

جنهن هنڌ گوندراڻي غارن وارو ڍورو ڪُڊ نديءَ ۾ پوي ٿو ان کان فرلانگ کن پهرين هڪ مزار آهي. جيڪا ”مائي گوندراڻي“ سڏي وڃي ٿي. ان ئي حوالي سان غارن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي. اها شاهي قبر جبل جي هڪ ننڍي پاسراٽيءَ تي آهي. مٿي ڪو گنبذ وغيره ناهي. عقيدتمند ان جي چوڌاري پٿرن جي اوساري ڪري مٿس ڪکائين ڇت ٺاهي آهي. جڏهن ته قبر کي هاڻي سيمنٽ سان پڪو ڪيو ويو آهي. مائي گوندراڻيءَ کي ناني، جيجان، هنجاڻي، قلندراڻي، ٻروچاڻي ۽ اهڙن ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

هڪ پيرسن بروهيءَ ٻڌايو ته هتي هندو توڻي مسلمان زيارت لاءِ اچن ٿا ۽ ٻڪر جي قرباني ڪن ٿا. مسلمان عيد جي ٻئي ڏينهن ۽ هندو پنهنجن خاص ڏينهن تي اچن ٿا، پر ٻئي ڌريون جي اچڻ لاءِ هروبرو انهن خاص ڏينهن جو هئڻ شرط ناهي، هو ڪڏهن به اچي سگهن ٿا. 1989ع ۾ گونداراڻي ڏانهن ويندي واٽ تي نديءَ جي پيٽ ۾ اسان اهڙي قربانيءَ جا نشان ڏٺا. رت تازو هاريل هو، جڏهن ته قربان ٿيل جانور جا ٻيا ڪي به تفصيل موجود نه هئا. هندو ۽ مسلمان لوڪن ۾ هن هنڌ کي ”تقدس“ ڏيڻ وارو پهلو به دلچسپ آهي جو هو هتي قربانيءَ جهڙي قديم رسم ادا ڪرڻ اچن ٿا. واضح هجي ته قربانيءَ واري رسم تاريخ کان اڳ واري زماني کان هلندي پئي اچي.

”شري هنگلاج ماتا جي ياترا“ جي ليکڪ رامچند کتريءَ گوندراڻي غارن بابت هڪ ٻيو پهلو لکيو آهي. هو چوي ٿو ته ”هيءُ ٻيلي (لسٻيلو شهر) ڀرسان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي جيڪو جبل تي واقع آهي. گوتم ٻڌ جي زماني ۾ هتي گهڻا مندر هوندا هئا پر هن وقت هتي خالي غفائون آهن.“

غارن جي گهڻائي ذهن کي منجهائي وجهي ٿي ۽ اهو سوال اڀري ٿو ته آخر ڪهڙي سبب کان هيڏيون ساريون غارون ٺاهيون ويون؟ ان جو ڪو به حتمي جواب في الحال ممڪن ناهي. سواءِ ان جي ته انومان ڪڍجن. رامچند کتري جو حوالو به اهم آهي ۽ گهڻو ممڪن آهي ته ڪنهن وقت ۾ ٻڌمت جي ڀڪوشئن به هتي تپسيا لاءِ مرڪز جوڙيو هجي. اهو به ممڪن آهي ته هن وقت جنهن هنڌ تي مائي گوندراڻيءَ جي قبر آهي اتي ڪنهن وقت ۾ ڪالي مندر يا اسٽوپا هجي ۽ اهي غارون هندن يا ٻڌن جي تپسيا لاءِ ڪم آيون هجن. ڀڪشو توڙي رشي مني اهڙي ئي طرح ويران علائقن ۾ جهڳيون جوڙي يا غفائن ۾ گڏيل توڙي هيڪلو رهي تپسيا ڪندا آيا آهن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شِو ۽ ڪالي جي پوڄا آريا سماج کان به اڳ هلندڙ آهي.

غارن جي بيهڪ ڏاڍي پراسرار آهي. ڪوبه ماڻهو اهو نوٽ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي ته هتي حفاظتي قدم طور ڪي غارون اهڙن زاوين تي ٺاهيون ويون آهن جو اهي واديءَ جي نگراني يا چوڪيداري ڪندڙ محسوس ٿين ٿيون. ان ڪري هڪ تڪڙي راءِ اها به ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪنهن وقت ۾ ڪنهن ڀاڄ کاڌل اهي لشڪر ڪجهه سال پناهه لاءِ هن ماڳ جي چونڊ ڪئي هوندي ۽ ان عرصي دوران هتي وڌيڪ غارون گهڙيون هونديون. بلوچستان جي تاريخ جنگن ۽ معرڪن جي تاريخ رهي آهي.

انهن غارن جو تعداد ۽ انهن جي ڊيگهه ويڪر کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غير آباد ٿيڻ کان اڳ هتي لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهو رهندا هوندا. اهو تعداد معمولي نه آهي. ڀرپاسي جي زمين ايڏي آباديءَ لاءِ قدرتي ذريعن مان خوراڪ مهيا ڪرڻ جي قابل نه آهي. يقينن خوراڪ جو بندوبست ٻاهرين ذريعن مان ڪرڻو پوندو هوندو. ڪڊ ندي پاڻ به اوائلي گذرگاهه آهي. ان ڪري ٻاهرين ذريعن کان خوراڪ حاصل ڪرڻ ڏکيو نه رهيو هوندو. البت غارن جي هن شهر کي ڇڏي وڃڻ وارو مرحلو خوراڪ جي ڪمي به ٿي سگهي ٿو. يا ممڪن آهي ته ڪو ناموافق جاگرافيائي واقعو پيش آيو هجي.

ڪرنل ڪيئرليس جي ابتدائي رپورٽ ۾ (1838ع ۾) هنن غارن جو تعداد 1500 کان گهٽ نه لکيل آهي. جڏهن ته والٽر فيئر سروس جو خيال آهي ته انهن جو تعداد (1929ع ۾) 500 کان به گهٽ آهي. والٽر فيئر سروس کي تنهن وقت به ٽڪريءَ جون ڪيئي ديوارون ڊهي پيل نظر آيون هيون ۽ ڪجهه غارن جا فقط پويان حصا باقي نظر آيا هئا. اها ئي صورتحال اڄڪلهه به آهي، پر اسان کي (فيبروري 1989ع ۾) هڪ هنڌ هڪ هيڏي ساري ڇپ لڙهي ڍوري ۾ ڪريل نظر آئي، جيڪا شايد هيٺاهينءَ واري هئڻ ڪري اڃا سالم حالت ۾ هئي ۽ ان ۾ کوٽيل هڪ غار جا نشان اڃان باقي هئا.

والٽر فيئر سروس کي ٻڌايو ويو هو ته هنن مان ڪن غارن ۾ پينٽنگ به ٿيل آهي پر باوجود ڪوشش جي کيس اهڙو ڪوبه نشان نه مليو. اسان کي البت هڪ غار ۾ جيڪا ڍوري جي ٽئين وڪڙ ۾ ٿوري مٿانهينءَ تي آهي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جا لينگها ڀت جي ڪن حصن ۽ ڇت تي نظر آيا. اهي لينگها ڪجهه ان ئي قسم جا هئا جهڙا هندو ياتري اڪثر تيرٿن تي هڻندا آهن. انهن لينگهن مان ڪوبه اکر يا تصوير واضح نه پئي ٿي. البت سواستيڪا جو نشان چٽو هو.

 

ڪراچي ۽ لسٻيلي جي ڀرپاسي ۾ پٿري دؤر

لسٻيلي ضلعي ۾ واقع گوندراڻي غارن واريون ٽڪريون جيالاجيءَ جي اصطلاح ۾ ڪانگلو ميرٽ آهن پر اهي پنهنجن اوڀر وارن ڪانگلو ميرٽ جبلن کان بيهڪ ۽ ڊپازٽس ۾ مختلف آهن. ڪراچيءَ کان وٺي ڪوٽڙي ۽ مڪليءَ کان وٺي اتر ۾ لڪي ۽ کير ٿر جا جبل هڪٻئي جي پويان ٽريشري ۽ پوئين ٽريشري دؤر ۾ ظاهر ٿيا هئا، جيڪي گهڻو ڪري اُڀا ۽ اڀڪرا آهن. ماهرن انهن بيهڪن کي منڇر، گاج ۽ ناڙي بيهڪن جا نالا ڏيئي جدا جدا واضح ڪيو آهي. هونئن اهي بيهڪون، خاص ڪري گاج ۽ منڇر بيهڪ جا سلسلا ڪٿي ڪٿي هڪٻئي ۾ گهيرجي به ويا آهن. اهي بهرحال جيالاجيءَ جا ڳتيل سوال آهن جن تي مسٽر عبدالروف خان پنهنجي تحقيقي رپورٽ “Studies in Geomorphology and Pre-history of Sindh” ۾ ڏاڍو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي.

ان اڀياس مان اها وضاحت ملي ٿي ته آخر ڪهڙي سبب ڪري منگهو پير، مول، ملير، لياري، کديجي، لڪي، کير ٿر ۽ بڊو ماٿريون ان قابل ٿيون جو اُتي زندگي ۽ خاص ڪري انساني سرگرميءَ کي واڌ ويجهه ۾ مدد ملي! بار بار جاگرافيائي اٿل پٿل جي انهن سلسلن، ارتائقي ۽ اوچتين تبديلين سان هتي جبلن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ هوائن جي گهڪن سان ڪي مخصوص تبديليون ٿيون آهن جن مٿاڇري کي هڪ خاص شڪل ڏني ۽ زمين جي اندروني بيهڪن ڪن مخصوص جاين تي چشما ۽ وهڪرا جاري ڪيا ۽ موسمن جي ڦيرڦار سان هتي چراگاهه ٻيلا وڌيا جن ۾ شڪار لاءِ جانور موجود ٿيا. هن وقت جيتوڻيڪ اڳي جهڙوين موسمي حالتون ڪونه آهن ۽ سنڌ جا جبل وسيع ۽ زرخيز چراگاهه ڪونه رهيا آهن ۽ شڪار به گهٽجي ويو آهي پر جيڪڏهن سنڌ جي آبادي اڄ به پٿري دؤر جي شڪارين جيتري هجي، تڏهن به هتي اهڙيون جاگرافيائي حالتون موجود آهن جو هو شڪار تي گذارو ڪري سگهن.

سنڌ جي ڪوهستان ۽ بلوچستان جي لسٻيلي ضلعي ۾ تاريخ کان آڳاٽن ڪافي ماڳن جو ذڪر رڪارڊ تي چڙهي چڪو آهي پر اهو گهڻو تڻو چالڪوليٿڪ دؤر آهي. ڪجهه عرصو اڳ تائين ڪراچيءَ جي ڀرپاسي مان فقط ست اٺ ماڳ رڪارڊ تي آيا آهن. جهڙوڪ: اميلاڻو، سيوهڻ روڊ تي ڪراچيءَ کان 26 ميل پري هڪ ماڳ اورنگي، منگهي پير ٽڪرين ۾ ”لالا چڪرو“ وٽ هڪ ماڳ، منگهي پير واري زيارت لڳ هڪ ماڳ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اتر اولهه ۾ ديهه گجرو ۾ هڪ ماڳ، ملير ماٿري ۾ نل بازار يا الهه ڏنو ماڳ ۽ حب ۾ قلعه ليوي پوسٽ وٽ ٻيله ضلعي ۾ هڪ ماڳ، ساڳي طرح ٿرڙو (گجو) کي آمري ثقافت سان واسطي ۾ ۽ نيوليٿڪ دؤر طور ڏٺو وڃي ٿو، پر اها تحقيقي لسٽ مڪمل نه آهي. ڪراچيءَ لڳ ڪوهستان ۾ هنڌ هنڌ ڪيئي ڪوٽيرا، ڪافر ڪوٽ ۽ ڪافر قبرون آهن. هڪ ماڳ سپر هاءِ وي جي ڪنڌيءَ تي روڊ جي ڏکڻ ۾ ڪراچيءَ کان 51 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ان هنڌ آهي جتي هاءِ وي “S” وڪڙ ٺاهي ٿي. ان کي ڪوٽيرڙو به چون ٿا. ان ماڳ مان ٻئي ٺڪراٽي سان گڏ ٺڪر جا پيڙا ملن ٿا. ان Object جي في الحال ڪا به وضاحت ڪونه ٿي آهي. گڏاپ ۾ نارا ٿر کان ڏکڻ طرف ”ڪافرن جا گهر“ ٺهيل آهن جن جي پڻ ڪابه کوٽائي ڪو نه ٿي آهي. ڊملوٽي کان ڏکڻ پاسي هڪ ڍوري جي ڪنڌي تي ”نٿالي جو ڪوٽ“ پڻ تاريخ کان آڳاٽي ماڳ تي ٻڌل آهي ۽ هتان پٿر جا بليڊ به ملن ٿا.

ڊاڪٽر رؤف هڪ ماڳ گزڪر يا گزڪل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو سنڌو تهذيب سان تعلق رکي ٿو. هي سيوهڻ ڏانهن ويندڙ پراڻي رستي تي اميلاڻو کان فقط 5 ميل ۽ الهه ڏنو کان 3.5 ميل پري آهي. ان ماڳ جي ڀرسان هڪ ڊگهو گبر بند پڻ آهي جيڪو تڙ واري (Tara Wari) نديءَ ۾ ٻڌل آهي. هونئن به ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ 6 عدد گبربندن جي موجودگيءَ جي دعوا ڪري ٿو جيڪا منهنجي خيال ۾ اصل کان گهٽ آهي. ٻه گبر بند تي فقط ٻاٻري (مهير جبل) ۾ موجود آهن. جيڪي اڃا تائين سرڪاري رڪارڊ تي ڪونه چڙهيا آهن. ٻاٻرو سنڌو ثقافت کان آڳاٽو ماڳ آهي.

 

سنڌو تهذيب کان آڳاٽا ڪوٽ

ٻاٻڙو ماڳ تان به چقمقي بليڊ ۽ آمريءَ جو ٺڪراٽو ملي ٿو ۽ ان جي چوڌاري به پٿري ديوار ڏني وئي. اها ئي صورتحال ٿرڙو (گجو) ماڳ جي آهي. جيڪو ان وقت گهڻو ڪري ٻيٽ وانگر هو. سنڌو تهذيب کان آڳاٽن ماڳن ۾ ”مائي ڳاڙهي“ به شامل آهي. هي ماڳ حب نديءَ جي کاٻي ڪپ تي هڪ چن پٿري ٽڪري تي نديءَ طرف منهن ڪري بيٺل هڪ ننڍڙي ڪوٽ واري آبادي آهي. آباديءَ کي ٽن پاسن کان پٿري ديوار سان محفوظ ڪيو ويو هو. اتر واري ديوار شايد درياهي ڪٽاءَ ۽ ٽڪريءَ جي ڀِڪ ڪِرڻ سبب ڊهي پئي هوندي. مائي ڳاڙهي ماڳ وٽ نه رڳو پور وڇوٽ پٿري بليڊ ملن ٿا جيڪي چالڪوليٿڪ دؤر جي خاص نشانين مان آهن، پر هتان چڱي خاصي تعداد ۾ هلالي گولائيءَ ۾ گهڙيل مائڪروليٿس به ملن ٿا. تازو ئي اهڙا مخصوص گهڙائيءَ وارا اوزار آنجيره دڙي وٽان به مليا آهن جيڪو هونئن نيوليٿڪ ماڳ آهي. آرڪيالاجسٽ ان تسلسل ۾ ٻه ٻيا ماڳ به شامل ڪن ٿا. هڪ ته اهوئي کديجي آبشارن جي مٿان بيٺل سڀ کان اوچي بُٺي وارو آهي، جنهن کي ننڍڙي پٿري ديوار ڏنل آهي ۽ مقامي ماڻهو ان کي ”ڪوٽاري بُٺي“ چون ٿا. ٻيو ماڳ ديهه ڪونڪر ۾ ٿڌو ندي لڳ ڪاري جبل وٽ آهي. اها هڪ الڳ ٿلڳ ۽ ڪانگلو ميرٽ بٺي آهي.

ڪوٽاري بٺيءَ جي پنهنجي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته اها آبادي هڪ اهڙي ٽڪريءَ جي ڇت تي قائم ڪئي وئي جيڪا کديجي ماٿريءَ تي پري تائين نظر رکي ٿي. ان بُٺي کان هيٺ هڪ خوبصورت ۽ مستقل آبشار آهي، جنهن جو پاڻي ماٿريءَ ۾ ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي تائين هلي ٿو ۽ پوءِ مول نديءَ جي پيٽ ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. گهڻو ممڪن آهي ته تڏهوڪي زماني ۾ هن آبشار ۾ ايترو گهڻو پاڻي هجي جو اهو ڊملوٽي ۽ ملير تائين رسندو هجي. هن وقت به ڊملوٽي ۽ ملير ويجهو جر مان نڪرندڙ پاڻيءَ جو ظاهر منڍ اهو ئي کديجيءَ وارو آهي.

کديجيءَ وارا جبل ۽ ان جون ماٿريون اوائلي شاهراهه تي آهن ۽ خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اوائلي رولاڪ قبيلا ۽ قافلا کديجي ماٿريءَ مان ضرور لگهندا هوندا. کديجي ماٿري سنڌو تهذيب کان اڳ به آباد هئي ۽ اهڙو ڪوبه ظاهري سبب نظر نٿو اچي جو اسان چئي سگهون ته هن خوشحال ماٿريءَ ۾ موجود قدرتي غارون ۽ ٽاڪرو اجها آمري دؤر کان اڳ انساني پناهه گاهون نه رهيا هوندا. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي)

اهڙي ئي هڪ ڪوٽاري آبادي دادو ضلعي ۾ ان هنڌ تي آهي جتان گاجي شاهه وارو گرم چشمو (بڊي جبل جي هڪ ڇاڙ مان) ڦٽي ٿو. ان ماڳ جي معائني مان اها دلچسپ صورتحال به نظر اچي ٿي ته انهن لوڪن ان جابلو چشمي جي پاڻيءَ کي مخصوص استعمال لاءِ، جيڪو زراعت ئي ٿي سگهي ٿو، چئنلائز ڪيو ۽ شايد سنڌ جو پهريون واهه کوٽيو.

 

سنڌ بلوچستان ۾ سامونڊي ڪنڌيءَ جا ڪجهه پٿري ماڳ

مسٽر عبدالرؤف خان سنڌ بلوچستان جي ڏاکڻي حصي تي اڃا به دلچسپ بحث ڪري ٿو. هو ميگاليٿڪ مقبرن جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سندس خيال ۾ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ آهن ۽ ڏکڻ هندستان جي ساڳي تسلسل سان تعلق رکن ٿيون. ان سلسلي ۾ هو مول ماٿريءَ ۾ ڪجهه قبرن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪي چڱيءَ طرح محفوظ آهن ۽ انهن تي وڏين پٿري سرن جو ڍڪ به آهي. ڪي قبرون 8 فوٽ ڊگهيون آهن. مسٽر رؤف بهرحال، انهن قديم قبرن جي ماڳن جي ٺيڪ ٺيڪ نشاندهي ڪونه ڪئي آهي. البت هو ائين چوي ٿو ته اهي قبرون ڊملوٽيءَ وارين پٿري دؤر جي قبرن کان بالڪل مختلف آهن. هو حب ماٿريءَ ۾ وڏن پٿرن سان ٺاهيل دائرن جي موجودگيءَ جو ذڪر به ڪري ٿو.

ساحلي علائقي ۾ پٿري دؤر تي بحث ڪندي هو جاگرافيائي تبديلين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو. هو چوي ٿو ته سڀ کان دلچسپ ۽ اهم ڳالهه هن خطي ۾ مائيڪرو ليٿس جي موجودگي آهي. انهن جو تعلق ٽاڪرو ماٿرين ۽ انهن جي ڍورن ۾ اڏامندڙ پراڻي ريتيءَ سان آهي. اهي ٽاڪرو ڍورا آخري برفاني دؤر جا ٿي سگهن ٿا، جڏهن اهي وهڪرا يا ڍورا گهرا هئا ۽ سامونڊي سطح اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻو هيٺ هئي. ان وقت جي مند به اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بارشي هئي ۽ ڍورا گهرا هئا، پر جڏهن برفاني دؤر ختم ٿيو ۽ سمنڊ جي سطح چرهي تڏهن ٽاڪرو ڍورا ريتي  بجريءَ سان ڀرجي ويا. برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ مهل موسم تمام خشڪ ٿي وئي، اڄوڪي مند کان به وڌيڪ خشڪ، ان زماني ۾ تيز هوائن سان اڏاندڙ ريتي ۽ واري هن علائقي کي لَٽڻ شروع ڪيو.

ان واريءَ جي وچ ۾ ئي ميسوليٿڪ ۽ پويون پيليوليٿڪ دؤر ملي ٿو. انهن مان اڪثر ماڳ پاڻ ۾ ويجها آهن ۽ گڊاني کان داٻيجي ۽ جنگشاهي تائين پکڙيل آهن. انهن ۾ ٽاڪرو ڍورا خاص ڪري ڪَلو، رن پٽياڻي، کديجي، مول، ٿڌو ۽ شَم ندين وٽ ڪافي ماڳ آهن. هڪ ماڳ يونيورسٽي ڪئمپس وٽ هو ۽ اهو پٽو هاڻوڪي حب ڊئم کان منگهو پير ٽڪرين تائين آهي. هنن ٽڪرين ۾ اڄ به ڊزن کن چشما آهن، جن مان اڪثر چالو آهن. علائقي ۾ اڃا به وڌيڪ چشمن جون شاهديون موجود آهن، جيڪي هاڻي يا ته خشڪ ٿي ويا آهن يا وري کارا ٿي ويا آهن.

هن علائقي ۾ ميسوليٿڪ ماڳن جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر رؤف چوي ٿو ته اهڙا ماڳ تمام گهڻا آهن. اهي يا ته مستقل آباديون آهن يا وري ڪئمپنگ گرائونڊ يا وقتي پڙاءَ آهن. اوائلي ماڳن تي پوئين پيليوليٿڪ دؤر جا ڪيئي اوزار پيا آهن ۽ انهن مان ڪافي اوزار دنيا جي ٻين حصن ۾ ميسوليٿڪ ثقافتن سان به ڳنڍيل آهن. پوئين دور جي ماڳن جا اوزار اڪثر ڪري وڏا آهن ۽ رواجي تير نٿا ملن. ننڍڙا بليڊ (مائڪرو بليڊ) ۽ ڏاٽي جهڙي گولائي وارا اوزار عام طور موجود آهن. سنڌو ماٿريءَ وارا پُور وڇوٽ بليڊ پوءِ واي دؤر ۾ يعني نيوليٿڪ دؤر ۾ گهڙڻ جو رواج پيو آهي. اهڙا اوزار هتي موجود نه آهن، جنهن جي بنياد تي هنن ماڳن کي نيوليٿڪ کان آڳاٽيون آباديون چيو ويو. بهرحال، هتي ڪن ماڳن تان ڪجهه ٺڪراٽو به ملي ٿو، جنهن بابت خيال آهي ته اهو گهڻو پوءِ ڪنهن ٻئي دؤر جو آهي، نوان ماڻهو به پراڻن ماڳن تي پنهنجا نشان ڇڏيندا رهندا آهن.

 اوائلي گروپ وارن ماڳن تان ملندڙ چقمقي اوزارن ۾ پَن جي شڪل واريون ۽ پوئتي مُڙيل تيرن جون نوڪون ملن ٿيون. انهن سان گڏ ڏندن واريون ڇريون، گهڻن ئي قسمن جون کرچڻيون، برما ۽ کوٽڻيون ملن ٿيون. برمن ۽ کوٽڻين جا به ڪيئي قسم آهن. مثال طور، طوطي جي چهنب وانگر، ڪنڊ واريون، تمام ننڍڙيون، وڏيون ڏاٽي نما. اهڙا ئي بليڊ ۽ کرچڻيون به آهن. ڪي ٽڪنڊا اوزار آهن ته ڪي سوراخ ڪرڻ لاءِ نوڪدار آهن. ٿلها ۽ ٽڪنڊا پٿر شايد مترڪا آهن. گول هٿوڙا به ملن ٿا ۽ مختلف قصن جا cores به آهن، انهن cores جا پڻ ڪيئي نمونا آهن.

هڪ ڀالي جي ٽڪنڊي نوڪ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي علائقي مان ملي هئي. گهڻو ڪري هر ماڳ تي اوزار گهڙيو ويو، ڇاڪاڻ ته اسان کي لڳ ڀڳ انهن مان هر ماڳ تي cores ۽ گهڙائي دوران لٿل چٿڙ ملن ٿا. ڊاڪٽر رؤف استعمال ٿيل چقمقي پٿر کي گهٽ ڪوائلٽي جو قرار ڏيندي اندازو هڻي ٿو ته اهو سنڌ جي ڪوهستاني علائقي مان ڪنهن اهڙي هنڌان کنيو ويو هوندو، جيڪي ايوسين زماني جون ٽڪريون آهن. ڊاڪٽر صاحب نشاندهي ڪري ٿو ته فقط گڊانيءَ وٽ ئي چن پٿري ٽڪرين ۾ ڳاڙهو چقمقي پٿر آهي، باقي اڇي رنگ جو چقمقي پٿر گهڻو ئي ڇليو ويو پر اهو اوزارن لاءِ بهتر نه هو.

انهن ئي اوزارن ۽ سماجي ارتقا جي بنياد تي ماهر راءِ ڏين ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ميسوليٿڪ لوڪ لازمي طور تي جانورن ۽ مڇيءَ جا شڪاري هئا. سمنڊ جي ڪنڌين کي کين سپون، ڪوڏ، ڪڇون، ڪميون ۽ کيکڙا ملندا هئا ۽ تانگهن پاڻين ۽ ڍنڍن مان مڇي جهليندا هئا. انهن مان ڪن ماڳن تان اڻسڃاتل جانورن جون هڏيون به مليون آهن.

جيستائين چقمقي پٿرن جي حصول يا کاڻين جو ذڪر آهي ته في الحال ڪوٽڏجي، روهڙي ٽڪريون ۽ اونگر واري ٽڪري اسان جي آڏو آهي. البت لڪي جابلو سلسلي ۾ هوٿياڻو جبل ۽ ڪرچات جي اتر ۾ پوکڻ لڳ ڪي ٽڪريون پڻ چقمقي پٿرن سان ڀريل آهن.

سنڌ ۾ پوئين پيليوليٿڪ دؤر جي اوزارن بابت ڊاڪٽر رئوف چوي ٿو ته انهن مان هڪ ڇُريءَ جهڙو آهي، انتهائي مڙيل، تيز ڌار ۽ ڀڳل پٺ وارو. ان جي ڌار گهڻو تڻو سڌي آهي. هي اوزار ٻن انچن کان ڪجهه ننڍو آهي. هن قسم جو بهترين اوزار کديجيءَ واري ماٿريءَ مان مليو هو ۽ حب ندي جي وات وٽ ”پيارو“ ٽڪريءَ مان ملن ٿا. پيارو ٽڪري ڳوٺ حاجي شاهه بيگ جي اتر ۾ آهي. اتان مخصوص تيرن جون نوڪون مليون هيون. پوئين پيليوليٿڪ زماني جي انهن ماڳن تي پوءِ ميسوليٿڪ لوڪ به آباد رهيا، پر ڪن ماڳن تي ميسوليٿڪ لوڪن جا نشان باقي نه آهن. شايد اهي نشان موسمي تبديلين دوران ٽڪرين جي کاڌ سبب ڊهي ويا.

اوائلي پيليوليٿڪ ماڳن بابت ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته آخري پيليوليٿڪ ۽ ميسوليٿڪ ماڳن جو گڏ وچڙ هجڻ هڪ طرف، پر ڪن ماڳن تان ملندڙ اوزار اڃا به پرانا آهن. ڪونڪر جي علائقي ۾ موجود اوچين بٺين وٽان ڪي کرچڻيون ملن ٿيون. لانڍيءَ جي ڏکڻ ۾ هڪ پراڻي ٽڪريءَ ويجهو بجريءَ مان پن جي شل واري هڪ نوڪ ملي هئي. هڪ ٻي نوڪ واگهو ڏر ويجهو اتي هڪ (قلعبندي واري) ديوار جي ٻاهرين پاسي کان کنئي وئي. اهي نوڪون ميسوليٿڪ دؤر جي تيرن کان مختلف آهن. هونئن، اها بجريءَ واري بٺي پاڻ به پوئين پلائسٽوسين دؤر جي آهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن هنڌ انساني سرگرمي اڃا به آڳاٽي آهي. هڪ چقمقي نوڪ ڳوٺ جالاب (Goth Jalab) ويجهو ديهه ڪونڪر مان ملي. اها ليوالوائزن ٽيڪنڪ جي پوئين مرحلي جو نمونو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ موجود پٿري دؤر جي انهن سرگرمين کي اوڀر آفريڪي همعصر لوڪن جي سرگرمين سان ميل کائيندڙ محسوس ڪري ٿو.

اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جا ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ في الحال ڪي به نشان ڪونه مليا آهن. جيتوڻيڪ هن علائقي ۾ پلائسٽسين دؤر جون ٽڪريون موجود آهن پر سخت موسمي تبديلين هنن ڪانگلوميرٽ جبلن کي زبردست متاثر ڪيو آهي ۽ اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جي ڪنهن آباديءَ جو نشان باقي نه ڇڏيو آهي. مِٽي، ٽڪرين تان برساتن جي وهڪرن ۾ نڪري وئي ۽ ڇڙواڳ پٿرن پنهنجون جايون ڇڏي هيٺاهين ڏانهن ڍرڪڻ شروع ڪيو. قدرتي چن پٿري غارن ۽ ٽاڪرو اَجهن مان پڻ في الحال اوائلي پيليوليٿڪ سرگرميءَ جو ڪوبه ثبوت ڪونه مليو آهي. ان هوندي به اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته هن سلسلي ۾ اڃان تائين اڀياس ٺيڪ طرح شروع ئي ڪونه ٿيو آهي.

 

ٿرڙو: موهن جي دڙي کان به پراڻي لکت وارو ماڳ

ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ گجو لڳ قومي شاهراهه کان ڏکڻ طرف هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ تي اها علامتي تصويري لکت موجود آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها سنڌ ۾ موهن جي دڙي واري دؤر کان به اڳ جي آهي. بدقسمتيءَ سان جيئن ته اڃا تائين موهن جي دڙي واري لکت ئي پڙهجي نه سگهي آهي، تنهنڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته هن قديم تصويري لکت ۾ ڇا لکيل آهي؟ ڇا اها لکت اصل ۾ سنڌو ماٿريءَ جي قديم عقيدي جي علامتي نشانن تي مشتمل آهي؟

هن ماڳ جو نالو ٿرڙو يا ٿرڙي آهي، جنهن کي ٿرون به چيو ۽ لکيو ويو آهي. مقامي ماڻهو هن ڦٽل ڪوٽ کي ٿرون ۽ ڪرون نالي ٻن ڀائرن سان منسوب ڪن ٿا. ٿرون چڱو هو ۽ ڪرون ظالم. ٻنهي ۾ ٽڪراءُ ٿيو ۽ نيٺ ٿرون کٽي ويو. هتي ٿرون جي حڪومت هئي.

هتي هڪ ٻي ڏند ڪٿا به آهي. ٿرڙ ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ڪجهه پنڌ تي هڪ ٻي ٽڪري ڏسجي ٿي جنهن جا چار ئي پاسا اُڀا آهن. اها پري کان هڪ سامونڊي جهاز جو ڏيک ڏئي ٿي. اِن ٽڪري جي مٿين سطح سڌي آهي. مقامي ماڻهو ان ٽڪريءَ کي ٿرڙ ٻيڙي چون ٿا. سندن چوڻ آهي ته هڪ درويش جي ڪرامت سبب اها ٻيڙي پٿر ٿي وئي آهي. ان ٽڪريءَ تي ننڍڙا چقمقي پٿر گهڙيل حالت ۾ موجود آهن.

هو چون ٿا، ”اڳي هتان درياهه وهندو هو. ٿرڙ ٽڪريءَ تي هڪ وڏو بزرگ شيخ تراب اچي پنهنجو آستانو ٺاهيو. هن دين جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ وٽس گهڻا شاگرد هئا. جڏهن بزرگ جو اثر وڌڻ لڳو ته ڪافرن کي پريشاني ٿي. هنن درويش کي تنگ ڪرڻ شرع ڪيو، پر ڪجهه ڪري نه سگهيا. هڪ ڏينهن ڪافرن وڏي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درويش جي آستاني تي حملي جي رٿ رٿي. جڏهن درويش جي شاگردن ڪافرن کي ٻيڙيءَ تي چڙهي ايندي ڏٺو ته گهٻرائجي ويا. هنن وڃي پنهنجي بزرگ کي اطلاع ڏنو. بزرگ کين اطمينان ڏياريو ۽ چيو ته مون کي اتي وٺي هلو جتي ٻيڙيءَ تي نظر پوي. درويش جي عمر تمام وڏي هئي، اکين جا ڀرون تمام گهاٽا هئا، ايستائين جو جڏهن هٿ سان ڀرون هٽائبا هئا تڏهن اک پٽي سگهندو هو. جڏهن شاگرد درويش کي ٿررو ٽڪريءَ جي ڪنڌيءَ تي وٺي آيا ۽ درويش جا ڀرون هٽائي کيس ڪافرن جي ٻيڙي ڏيکاري وئي، تڏهن ڪرامت ظاهر ٿي. جيئن ئي بزرگ جي نظر ٻيڙيءَ تي پئي، ٻيڙي پٿر ٿي وئي ۽ راڪاس ان تان لهي ڊپ ۾ وٺي ڀڳا ۽ هن ملڪ مان نڪري ويا.“

ظاهري طور تي اجائي نظر ايندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ ٿرڙ ٽڪري جي سڄي تاريخ ۽ جاگرافي موجود آهن. ماڻهن مختلف جاگرافيائي ۽ تاريخي واقعن کي گڏي هڪ مختصر آکاڻي تيار ڪري ورتي آهي. ٿرون جي پنهنجي بيهڪ ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته سمنڊ جي پوئتي هٽڻ واري دؤر کان گجي جي ڀرپاسي واريون سموريون ٽڪريون خاص ڪري ٿرڙو ۽ ٿرڙ ٻيڙي سامونڊي ڇولين سبب ڇلجنديون رهنديون هيون. گهڻو ممڪن آهي ته هي ٽڪريون سامونڊي ٻيٽ به رهيون هجن، پر جڏهن هتان درياهه ليٽ پيٽ ڪئي تڏهن پنهنجي لَٽ وڇائي نه رڳو زمينون مٺيون ڪيائين پر سڌا ميدان ٺاهي ڇڏيائين. هن وقت اهي ٽڪريون بالڪل سڌن ميداني علائقن ۾ بيٺيون آهن، جيڪي پاڻيءَ جي لاٿ واري عمل سبب ٺهيا هئا.

جيئن ته ٿرڙ ٽڪريءَ تي انساني سرگرميءَ جا نشان پٿر جي پڇاڙڪي ۽ آمري دؤر کان، ٻُڌڪي زماني، اوائلي مسلم دؤر، ڪلهورن جي دؤر ۽ هاڻوڪي زماني تائين هر وقت جا ملن ٿا، تنهن ڪري تجويز ڪري سگهجي ٿو ته ٿرڙ ٽڪري گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن هزار سال اڳ سمنڊ جي گهيري مان آزاد ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ درياهه نئون جاگرافيائي ماحول ٺاهڻ ۾ جنبي ويو هو، جنهن ڪري ٿرڙو ٽڪريءَ تي هوريان هوريان انساني سرگرمي به شروع ٿي وئي.

محترم اين. جي. مجمدار آرڪيالاجيءَ جو معتبر نالو آهي. سندس ڪنهن به راءِ کي سولائي سان ۽ تڪڙ ۾ رد ڪري نٿو سگهجي. هن ٿرڙو ٽڪريءَ تي ڪنهن باقاعدي آباديءَ واري خيال کي ان بنياد تي رد ڪيو آهي ته اتي جاين جا نشان نٿا ملن. هو صاحب هن ماڳ کي چقمقي پٿرن مان اوزار گهڙڻ جو ڪارخانو سمجهي ٿو. پر هتي ڪارخاني لاءِ جنهن خام مال يعني چقمقي پٿر جي ضرورت هئي ان جو ڪوبه قدرتي ذخيرو موجود نه آهي. ٿرڙو ٽڪريءَ تي چقمقي پٿر (Flint) اوپري شيءِ آهي. هتي اڇي پٿر جا Cores به ملن ٿا جيڪو پڻ ڪنهن ٻئي هنڌان آندو ٿي ويو.

مسٽر مجمدار هن ماڳ کي پٿري اوزارن جو ڪارخانو ان ڪري قرار ڏنو آهي جو هن کي هتان انهن چقمقي پٿرن جا ٽڪرا مليا، جن مان اوزار گهڙيا ويا هئا. اهڙا پٿر ته پٿري دؤر جي ڪنهن به ماڳ تان ملي سگهن ٿا، ان ڪري اهو دليل گهٽ مضبوط لڳي ٿو ته هتي محض ڪارخانو هوندو. جيڪڏهن هتي فقط ڪارخانو ئي هو ته پوءِ پٿري دؤر جي ماڻهن وڏي جاکوڙ ڪري هتي پٿرن جون تمام مڪريون ديوارون ڇو ٺاهيون؟ اهي ديوارون 10-15 فوٽ ويڪريون ۽ 5-6 فوٽ اوچيون آهن. ٻيو سوال هي آهي ته پٿر مان اوزار گهڙيندڙ ڪاريگر ۽ سندن ڪٽنب جيڪڏهن ٿرڙو ٽڪريءَ تي نه رهندا هئا ته پوءِ ڪٿي رهندا هئا. خاص ڪري ان وقت جڏهن ڀرپاسي ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه ماڳ نه آهي، جيڪو پٿر جي پڇاڙڪي دؤر سان تعقل رکندڙ هجي. مجمدار ان پهلوءَ جي وضحات نه ڪئي آهي.

اين. جي. مجمعدار 1927ع کان 1933ع تائين سنڌ ۾ کوجنائن جي سلسلي ۾ جهرڪن کان پوءِ ٿرون ڏانهن ويو، جيڪو ٺٽي ۽ گهاري وچ ۾ ۽ ٺٽي کان اولهه ۾ ڏهاڪو کن ميل پري آهي. هيءُ هڪ ننڍڙي ٽڪري آهي، جيڪا سورجاني ۽ مڪلي جي ڪا ڇاڙ آهي. هيءَ وسيع پٽن ۾ ٽيهه پنجٽيهه فوٽ اوچي ٽڪري آهي پر هن کان اڳ مسٽر ڪارٽر هتان ٿي ويو هو جنهن جو حوالو هينري ڪزنس به پنهنجي ڪتاب ”اينٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ ڏنو آهي.

ڪزنس هن ماڳ بابت لکي ٿو ته، ”ٿرڙو نزد گجو پٿري ديوار ڏنل هڪ عاليشان نيوليٿڪ شهر آهي.“ هن کي هتان ڪافي شيون هٿ آيون، خاص ڪري چقمقي پٿر جون ڇريون. گجو ۽ ٿرون وچ ۾ ٻه ميل پنڌ آهي. ٽڪري هڪ طرف کان هوريان هوريان مٿي چڙهي ٿي، گهڻو تڻو هموار سطح اٿس پر اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي اڀڪپري آهي. ٽڪريءَ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 800x1600 فوٽ ايراضيءَ ۾ لاتعداد چقمقي ڇريون پکڙيل هيون.

ٽن جاين تي پٿريلي مٿاڇري تي علامتون اُڪريل آهن. هڪ هنڌ تي ڇهن کان گهٽ نشان نه آهن، پر ٻن ٻين جاين تي هڪ هڪ علامت ملي آهي. آرڪيالاجسٽ انهن علامتن ۾ ماڻهو، ڪمان ۽ تير ڏسن ٿا. انهن ۾ هڪٻئي کي ڪٽيندڙ، هڪ ٽڪنڊو به آهي. هو، انهن علامتن کي موهن دڙي ۽ هڙپه جهڙيون سمجهن ٿا پر هو انهن علامتي تحريرن بابت ڪا حتمي راءِ نٿا ڏئي سگهن ته اها ڪڏهن لکي وئي.

مجمدار 250 کن بليڊ ۽ بُڻ (Core) کنيا. مجمدار جي خيال ۾ ٿرون ٽڪريءَ تي ڪابه آبادي نه هئي پر هتي اوزار ٺاهڻ جو ڪارخانو هو. مٿاڇري تي ڪي ٻه چار انچ مٽي آهي.

هتي پٿرن جا پنج ڇهه فوٽ اوچا ڍير آهن جن هن علائقي کي وڪوڙي رکيو آهي، شايد ان ڪري ڪارٽر ان کي Walled City چيو آهي. کوٽائيءَ ۾ هيڪاندو ٺڪراٽو مليو آهي، اهو سادو آهي. ڪجهه ٺڪرين مان پتو پيو ته انهن تي پينٽنگ هئي. انهن تي پاسيرا ۽ اُڀا پٽا به هئا ته چوڪنڊيون شطرنج خاني جهڙيون، ٽڪنڊيون، ڊائمند شڪل جون، اڌ گول، لهردار، جهالر دار ڊزائنون به آهن.

تصويري لکتون يقينن موهن جي دڙي کان مختلف آهن تڏهن ته مجمدار چوي ٿو ته ٿرون مان مليل شين مان في الحال تاريخ کان اڳ واري تاريخ جو تعين نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان جي تصويري اسڪرپٽ جو سنڌو ماٿريءَ واري لکڻي سان تعلق قائم ڪري سگهجي ٿو پر اهي موهن جي دڙي ۽ هڙپه جهڙيون آهن. هتي پٿر جون سؤ کن ننڍيون ڍڳِيون يا دڙيون آهن جيڪي پهرين ئي نظر ۾ قبرون محسوس ٿين ٿيون. انهن مان ڪن جو رخ اتر ڏکڻ، ڪي اوڀر اتر ۾ آهن ته وري ڪي گول آهن.

مجمدار انهن مان رڳو ٽي ڍڳيون کوٽيون ته هيٺ چئمبر نڪتا جن ۾ ٺڪراٽو ۽ ٿانءَ هئا. اهي بي ترتيب چئمبر هئا جن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 9 فوٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ويڪر 4 فوٽ هئي. اهي اڻ ڍڪيل هئا.
انهن چئمبرن کي ديوارون آهن جيڪي بي ڊولائيءَ سان ڇليل پٿرن جون آهن ۽ ٻن کان ٽي فوٽ اوچيون آهن. ٺڪراٽو ننڍن وڏن گهگهي نما
(Vessels) اسٽينڊ وارن ٿانون تي ٻڌل آهن. اهي نمونا سنڌو ماٿريءَ جي چالڪوليٿڪ ماڳن جي ياد ڏيارين ٿا.

هن هتان ڪي به هڏيون نه لڌيون ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته چئمبرن ۾ پيل اهي ٿانءَ اتي ڇو رکيا ويا هئا. بهرحال، اهي تاريخ کان اڳ واري دؤر جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون ڇو ته مٿاڇري تي ڇريون ۽ اهڙو ٺڪراٽو موجود آهي.


 

 

”عاليشان نيوليٿڪ شهر“ ٿرڙو (گُجو) مان لڌل دنيا جي قديم ترين (؟) علامتي تحرير

 

”ٿرڙو“ (گجو) تان لڌل پٿري ۽ چقمقي بليڊ. اهي ناسي، اڇي، ڦڪي، تيز ناسي، اڇي ڪاري لهر ۽ چِٽن وارا آهن.

 

انهن مان ڪجهه ننڍا دڙا گهڻو پوءِ جا آهن. هڪ گول دڙو جڏهن اڃا ڇهه انچ مس کوٽيو ويو ته ان مان سٺي مٽيءَ جو هڪ وڏو ٺوس ڳوڙهو نڪتو. جنهن کي ٽوڙيو ويو ته ان مان هڪ سؤ کان مٿي ٻُڌڪيون ٽڪيون نڪتيون. انهن اڻ پڪل ٽڪين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ اهي جن ۾ ويٺل ٻڌ هو ۽ ٻيون اهي جن ۾ Chaityas جي قطار آهي. ٻنهي صورتن ۾ 7-8 صدي عيسويءَ جون اتر هندستاني ٻُڌڪيون لکتون موجود هيون. اهي ٽڪيون ميرپورخاص وٽان کوٽاين مان لڌل ٽڪين جهڙيون هيون.

ٿرڙ ٽڪري ماڳ جي هڪ خاص سڃاڻپ سپن جي صنعت آهي. پٿري دؤر جي ٻين ماڳن توڙي ان کان پوءِ وارن زمانن جو اهڙو شايد ئي ڪو ٻيو ماڳ سامهون آيو هوندو جنهن ۾ سپن ۽ ڪوڏين کي ڇلي انهن مان اوزار ۽ زيور ٺاهڻ جو ڪم صنعتي بنيادن تي هلندو نظر آيو هجي. سائيٽ جي اوڀر واري حصي ۾ اتر ۽ ڏکڻ طرف انهن سپن ۽ ڪوڏن جا بچيل حصا اڃا تائين ڍير لڳا پيا آهن، جن مان اوزار يا زيور گهڙيا ويا هئا. يقينن، اهي زيور پوءِ همعصر شهرن ڏانهن وڪري لاءِ روانا ڪيا ويندا هئا.

مسٽر ڪارٽر ۽ هن کان پوءِ ٻين محققن هن ماڳ کي نيوليٿڪ ماڳ قرار ڏنو آهي. جيتوڻيڪ مسٽر مجمدار ان کي رهائشي ماڳ نٿو ڀانئي پر نيوليٿڪ ماڳ هجڻ کان انڪار به نه ڪيو اٿس. قديم آثارن جا ماهر جڏهن سنڌ ۾ نيوليٿڪ لفظ استعمال ڪندا آهن، تڏهن سندن ذهن ۾ ان ماڳ جي حياتيءَ جو زمانو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه هزار سال اڳ وارو هوندو آهي. جيڪڏهن مسٽر مجمدار هن ماڳ کي رهائشي علائقو نه به سمجهي، تنهن هوندي به ماڳ تي هڪ ٿلهي پٿريلي ڪوٽ جو وجود آهي. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته ٿرڙ ٽڪريءَ وارو ڪوٽ دنيا جي سڀ کان قديم ڪوٽن مان هڪ ۽ پنج ڇهه هزار سال پراڻو قلعو آهي.

 

جهول ماڙي - سون ماڙي

جهول ماڙي، اڄڪلهه ڪينجهر جي ٻئي ڀر يعني اتر اوڀر ۾ هڪ ٽاڪرو ٻيٽ آهي. جيڪڏهن ڳوٺ عمر گندري کان اتر طرف ٻيڙي ذريعي سفر ڪجي ته 15 منٽن جي اندر هن ٻيٽ تي اتر اولهه پاسي کان لهي ٻيت گهمي ڦري سگهجي ٿو.

مقامي ماڻهو هن ماڳ کي ڄام تماچيءَ جو تخت گاهه سڏي سمن سان منسوب ڪن ٿا ۽ ڪا خاص ڏند ڪٿا نه ٿا ٻڌائين. البت اهو ضرور چون ٿا ته هتي سمن جي ماڙي هئي جيڪا جبل جي ڀُرڻ سبب دٻجي وئي آهي. جڏهن به ڪنهن ڳوٺاڻي کان تفصيل وٺڻ جي ڪوشش ڪبي تڏهن هو اهو ٻڌائيندو ته هتي ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ هڪ سرنگهه هئي. جبلن ۾ اندر محل اڏيو ويو هو، جيڪو ڪهن وقت ۾ زلزلي ۽ جبل ڀُرڻ سبب دٻجي ويو آهي ۽ هاڻي ان سرنگهه جي در جو اڳيون حصو نظر ايندو.

ڳوٺاڻا ٻڌائين ٿا ته هڪ نسل اڳ ڪجهه باهمت نوجوانن ان سرنگهه ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اهي به ناڪام ٿي ويا هئا. انهن جي رپورٽ موجب سرنگهه جو منهن ٿورو اڳتي هلي بند ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ان سرنگهه جو وجود هڪ ڏند ڪٿا جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

سر زمين تي اسان جي مشاهدي ان ڏند ڪٿا جي پويان ڪنهن ٻي صورتحال ڏانهن ڌيان ڇڪايو. اها حقيقت آهي ته جبل جي پاڙ ۾ ان هنڌ هڪ اهڙي ويڪري سرنگهه جا نشان آهن، جنهن کي غار چئي سگهجي ٿو. پر هن وقت ان غار جي منهن تائين لهڻ به هڪ وڏو جوکم آهي، ڇو ته ڀڳل ٽٽل جبل هونئن به ڀُرڀُرو ۽ جاگرافيائي اعتبار کان ڪانگلو ميرٽ آهي. جهريل ٽڪر جي جنهن پٿر تي هٿ يا پير سان دٻاءُ پوي ٿو اهو حصو جهري پوي ٿو. ان جي باوجود ڪِريل ڇپن جي هيٺان دٻيل غار جي وجود کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا پنهنجي وقت ۾ يقينن چڱي خاصي خلاصي هوندي. اها غار ڪيتري اونهي هئي؟ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. سواءِ ان جي ته اتي غار هئي. هن وقت ڪوبه ماڻهو ان ڳالهه جي تصديق ڪري نه سگهندو ته ٽڪريءَ جي ان جهريل حصي هيٺ سچ پچ به سما سلطنت جو ڪو عظيم اهڃاڻ دٻيل آهي، خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن اڄ تائين سمن جي سلطنت جو ٻيو ڪوبه اهڙو ماڳ رڪارڊ تي نه آيو آهي، جيڪو ڪنهن جبل جي پاڙ ۾ زمين دوز جوڙيو ويو هجي.

البت پري کان مهن جي دڙي واري جهريل اسٽوپا جي ڏِک ڏيندڙ هن ٽڪريءَ تي موجود ٻيون شاهديون هن ماڳ کي تمام جهونو آرڪيالاجيڪل ماڳ ثابت ڪن ٿيون. هتان لڀجندڙ آرڪيالاجيڪل شين کي سولائيءَ سان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

اول اهو ته هتان لڀجندڙ ٺڪريون اوائلي مسلم دؤر جون آهن، جن ۾ هڪ رنگي نيري ڪاشي، اوائلي شيشو جيڪو ڪاري ۽ لڪي اڇي پر انڌي شيڊ ۾ آهي، شامل آهن. هتي قديم ٺڪراٽو به موجود آهي، جيڪو سر جي استعمال جي شاهدي به ڏئي ٿو. پر هن ٽڪري جي اتر اوڀر ڪنڊ تي موجود ٺڪراٽي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ٻيٽ هن کان اڳ ٻيٽ نه هو، پر هتان جي آباديءَ جي گهرن گهاٽن وارو حصو هاڻوڪي پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي اها صورتحال خاص ڪري ان وقت کان پوءِ پيدا ٿي آهي جڏهن کان ڪينجهر ۾ بئراج جي ذريعي وڏو پاڻي جمع ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي.

ڪينجهر جي واڌ سبب ڪينجهر جي سونهن ته برابر وڌي آهي، پر ڪيئي اهم آرڪيالاجيڪل ماڳ پاڻيءَ هيٺ ٻڏي ويا آهن. جهول ماڙي به ٻڏي چڪي آهي. تنهن ڪري سمن جي سلطنت جو ڪو شهر جيڪڏهن هو، ته به ان جو کوج هڻڻ يا ان جي وسعت جو اندازو هڻڻ ايڏو سولو نه ٿيندو.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ سبب ٽڪريءَ جي ڀرڻ جو عمل ڪافي تکو آهي، خاص ڪري ڏکڻ واري پاسي کان اڌ ٽڪري ته بنهه گوڏا کوڙي چڪي آهي، جنهن ڪري ان حصي جي پاڙ ۾ ٺهيل غار وڏين ڇپن جي چيڀٽ ۾ چٿجي ايتري ته تباهه ٿي چڪي آهي جو ڪنهن تمام وڏي مهم کان سواءِ ان جو انت لهڻ ممڪن نه آهي. هتان لڀجندڙ شين جو ٻيو حصو غارن ۾ رهندڙ ماڻهن جي شاهدي ڏئي ٿو. جتيوڻيڪ اسان کي هتان وڏا پٿري اوزار نه مليا، پر اسان کي ٽن چئن جاين تان چقمقي پٿر جا ننڍڙا ننڍڙا ڇليل ٽڪرا مليا، جن جو رواجي حالتن ۾ ڪنهن اوائلي مسلم دؤر واري ماڳ تان ملڻ ممڪن نه آهي. لڌل ٺڪريون ڇاڪاڻ ته سنڌو تهذيب واري روايتي دؤر جون به نه آهي، تنهن ڪري ان امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته هتي چالڪوليٿڪ دؤر کان اڳ به انساني سرگرمي هئي.

هتي پٿر جي دؤر واري انسان جي سرگرميءَ جا امڪان ان ڪري به وڌيڪ آهن جو هن ماڳ کان ڪجهه ئي ڪلوميٽر اولهه ۾ امير پير واري آستاني جو ماڳ پٿري دؤر واري سرگرميءَ جو حصو رهيو آهي. جڏهن ته جهول ماڙيءَ کان ڏکڻ ۾ اونگر وٽ پٿري دؤر جا قديم ترين اهڃاڻ آهن.


 

 

سيوهڻ لڳ ”يڪٿنڀي“ غار

”امير پير“ غارون (ڪينجهر)

 

 

جهول ماڙيءَ واري ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ هڪ وڏي غار جي موجودگيءَ بابت شاهدي ۽ چقمق واري پٿر جي ننڍڙن ڇليل ٽڪرن کان سواءِ هڪ ٻي وڏي شاهدي اها غار آهي جيڪا ٻيٽ جي اتر اولهه ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن فوٽن جي اوچائيءَ تي اتر اولهه منهن ڪري بيٺي آهي.

اتر اولهه ڪنڊ کان ٻيڙيءَ مان لهڻ شرط هيءَ غار پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. غار جي گهرائي اٽڪل 12 فوٽ ۽ ويڪر 16-15 فوٽ آهي. جڏهن ته ڇت فقط چار ساڍا چار فوٽ آهي. غار جو منهن به اٽڪل 8 فوٽ آهي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي)

منهنجي ذاتي راءِ ۾ هن هنڌ ۾ مائڪروليٿڪ سرگرمي جاري هئي ۽ هي علائقو بعد ۾ سمن جي بادشاهيءَ واري وقت ۾ شهري آباديءَ طور به آباد ٿي چڪو آهي.

 

سيوهڻ ۽ لڪيءَ لڳ غارون

يڪ ٿنڀي:

سيوهڻ ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾ هڪ ٽڪريءَ تي قبرستان آهي. انهن ئي قبرن لڳ هڪ سوڙهي ۽ دلچسپ غار آهي. هن غار کي وڏو تقدس حاصل آهي. مجاورن ٽڪريءَ تي ڪجهه ڏاڪڻيون ٺاهيون آهن جيڪي ان غار تائين پهچائين ٿيون. هن وقت غار جي سوڙهي منهن کي ڪاٺ جو دروازو هڻي بند ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن هن غار کي قلندر لال شهباز سان منسب ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته قلندر شهباز هتي عبادت ڪندو هو ۽ ان ئي غار مان مڪي ۽ مديني ويندو هو.

 


 

 

 

لڪيءَ ۾ تهه خاني جهڙي غار
 

ٽيڪسيلا جي اتر ۾ هارو نديءَ لڳ ”خانپور غار“
 

جيئن ئي ڪاٺ جي دروازي مان اندر وڃبو ته هڪ سوڙهي ۽ مختصر گهٽي نظر ايندي. ان گهٽيءَ مان اڳتي وڃبو ته اندر هڪ مختصر ۽ بي ترتيب چئمبر ۾ پهچبو جنهن جي وچ ۾ هڪ سنهڙي ٿنڀي ڇڏي وئي آهي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي) غار هٿ سان گهڙيل آهي ۽ ان ۾ موجود هڪ ٿنڀيءَ سبب ئي هن غار جو نالو ”يڪ ٿنڀي“ پيو آهي.

يڪ ٿنڀيءَ واري ٽڪريءَ جي پوئين پاسي به هڪ غار آهي، جنهن ۾ هڪ يا ٻه ماڻهو سمهي سگهن ٿا. اها پڻ هٿ سان گهڙيل آهي پر اها ايتري سهڻي ۽ دلچسپ ڪونه آهي جيتري خود يڪ ٿنڀي آهي.

 

لڪي غار:

لڪي جبل ۾ جنهن هنڌ گندرف وارا چشما آهن، اتي ئي هڪ عدد غار تهه خاني وانگر آهي. مقامي ماڻهو چون ٿا ته ان ڪرامتي غار ۾ درويش شاهه صدر چله ڪشي ڪندو هو. پر حقيقت اها آهي ته هيءَ غار پڻ پٿري دور سان تعلق رکي ٿي. غار جو وات 10 فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ اوچو آهي. ڏهه فوٽ ويڪري ڏاڪن زمين ۾ ست فوٽ هيٺ هڪ ڪشادي چئمبر ڏانهن وٺي وڃي ٿي جيڪا اڳتي هلي 15 فوٽ ويڪري ٿي وڃي ٿي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي)



 


 

 

 

 

 

 

لڪي جبل ۾ آمريءَ ويجهو ٽن چئمبرز تي مشتمل 80 ميٽر اونهي ”بزن جهڏو“ غار
 

هن غار جي ڊيگهه 25 فوٽ آهي. غار جي آخري ڇيڙي تي هڪ ننڍڙي دري آهي، جيڪا اندرين غار ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اندرين چئمبر جي بي ترتيب ڊيگهه ويڪر 25x10 فوٽ آهي. اندريون چئمبر اونهو آهي ۽ منجهس گندرفيل پاڻي بيٺو آهي. ٻئي چئمبر گندرف جي تيز بوءِ سان واسيل آهي.

بزن جهڏو:

لڪيءَ کان ڪجهه ڪلوميٽري ڏکڻ ۾ بزن ڍورو آهي. هن ڍوري ۾ اڄ کان ڏهاڪو سال اڳ هڪ گبربند جا نشان به هئا پر هاڻي ڊهي چڪا آهن. هن ئي ڍوري ۾ ٻه غارون آهن. هڪ کي بزن ڪوٽ ۽ ٻيءَ کي بزن جهڏو چيو وڃي ٿو. بزن ڪوٽ هڪ مختصر پهاڙي ڇت آهي پر بزن جهڏو هڪ اونهيءَ ۽ گهٽ ۾ گهٽ چئن چئمبرن تي مشتمل غار آهي. ان غار ۾ اسان جنريٽر جي روشنيءَ جي مدد سان گهڙياسون.

بزن جهڏو بزن ڍوري ۾ اندر کاٻي پاسي ڏيڍ سؤ کن فوٽ مٿي ڪوئي جي ٻر وانگر نظر اچي ٿي. مون کي ٿوري ئي دير ۾ مٿان غار جي منهن تان پٿري چاقو ملي ويا. غار جي منهن تي کوٽائي ڪري ڪجهه حصو سڌو ڪيو ويو هو جتي غار جا نيوليٿڪ واسي ويهي ڪم ڪار ڪندا هوندا.

غار جو منهن سوڙهو، اونهو ۽ لاهيءَ ۾ هو. مُنهن جي اوچائي وڌ ۾ وڌ ٽي فو، ويڪر 5 يا 6 فوٽ ۽ اونهائي 12 کان 15 فوٽ اٿس. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي) غار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پُٺيءَ ڀر ليٽي ٺونٺين جي مدد سان ريڙهيون پائڻيون پون ٿيون.


 

جيئن ئي دروازي واري سوڙهي سرنگهه مان لنگهي اندر پهچبو. پاڻ کي هڪ ڪشادي چئمبر ۾ بيٺل محسوس ڪبو. هي چئمبر ڪنهن بي ڊولي ابتي پيالي وانگر هو. پهرين ۽ ٻئي چئمبر جي وچ ۾ ونگ جهڙو لنگهه آهي. ٻيو چئمبر ڪنهن وچولي ماپ جي ڪمري جيترو آهي. ٻئي ۽ ٽئين ڪمري جي وچ ۾ پڻ ونگ جهڙو لنگهه آهي. ٽيون چئمبر هڪ ننڍڙي ڪمري جيترو آهي. ٽيئي چئمبر بي ڊولن اونڌن پيالن جهڙا آهن. وچيون چئمبر 10x8 فوٽ ٿيندو ۽ ٽيون چئمبر 6x5 فوٽن جو مس هوندو. چوٿين غار ڏانهن هڪ سوڙهو لنگهه وڃي رهيو آهي. اسان ٽارچن جي مدد سان ڏٺو ته چوٿون چئمبر ڪافي ڪشادو هو. جيئن ته اسان وٽ موجود 180 فوٽ تار ٽئين چئمبر تائين پچڻ کان پوءِ کٽي وئي ۽ اندر آڪسيجن جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي ان ڪري اسان چوٿين چئمبر يا ان کان اڳتي جي صورتحال بابت ڪجهه به نٿا چئي سگهون.

غار ۾ اندر پوسل هئي. وچين غار ۾ هڪ ننڍڙي کوهه جا آثار به هئا. ڪجهه حصي ۾ ڌٻڻ به محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال اسان وٽ اهو اطمينان ڪرڻ لاءِ مناسب مواد آهي ته اسان بزن جهڏي کي انساني هٿن سان تراشيل نيوليٿڪ غار چئي سگهون ٿا، جيڪا هن وقت پوسل ۽ گهُٽ ٻوساٽ جو شڪار آهي.

(سنڌ ۾ قديم انسان جي سرگرمين ۽ پٿر جي دؤر جي آبادين جي کوج جو ڪم اڃا هلندڙ آهي.)

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org