سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 11

 

باهه جو استعمال

 

هڪ وڏي ڪاميابي

قديم انسان لاءِ باهه پيدا ڪرڻ جو طريقو معلوم ڪري وٺڻ ڪنهن انقلاب کان گهٽ ڪونه هو. هاڻي هي هڪ اهم هٿيار هو، جنهن جي مدد سان انسانن پاڻ کان بي پناهه طاقتور جانورن کي ڊوڙائي ٿي ڪڍيو. باهه انسان جي وس ۾ ڪيئن آئي؟ هڪ يوناني ڏند ڪٿا چوي ٿي ته: انسان دوست ديوتا پروميٿيوس، سج ديوتا جي رٿ جي ڦيٿي مان نڪرندڙ چڻنگون چورائي انسان تائين پهچايون ته جيئن اهي سرد راتين ۾ پاڻ کي مرڻ کان بچائين ۽ ان جي مدد سان ڌاتوءَ جا اوزار ٺاهين. ڏند ڪٿا چوي ٿي ته: ان سان ٻين ديوتائن ۾ ٿرٿلو اچي ويو ۽ سمجهيائون ته هاڻي انسان ايترو طاقتور ٿي ويندو جو هو ديوتائن جا نافرمان ٿي ويندا. سو، انسانن کي باهه هٿ وس ڪري ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ديوتائن، پروميٿيوس کي ڏاڍي سخت سزا ڏني.

هندستان ۾ ته باهه کي ديوتا بڻايو ويو ۽ ”اگني ديوتا“ هندن جي چند طاقتور ديوتائن مان هڪ آهي. ايران ۾ ته وري باهه جو قدر ان حد تائين ٿيو جو باهه کي بنيادي عنصر قرار ڏئي زردتشتي مذهب ٺهي پيو.

اهي ته آهن نيم تاريخي ۽ تاريخ کان اڳ واري وقت جون سوچون، ڪهاڻيون ۽ قصا. اصل حقيقت اها آهي ته پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ميموٿ جا شڪاري به هئا، باهه جو استعمال انسان جي روزاني زندگيءَ ۾ شامل ٿي چڪ هو. باهه هر هڪ مستقل آباديءَ ۾ توڻي هر ڪنهن عارضي ٺڪاڻي ۾ ٻرندي هئي. ڪجهه آرڪيالاجسٽ ته اهو به سوچين ٿا ته ڪي شڪاري گروهه باهه جي پوڄا به ڪندا هئا ۽ ان حوالي سان ڪي رسمون به ادا ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته باهه هنن پيليوليٿڪ شڪارين لاءِ تمام اهم هئي.

باهه جي خاصيت آهي ته اها ساڙي ٿي، گرم آهي ۽ روشني ڏئي ٿي. ههڙي اهم شيءِ کي انسان ڪيئن ٿي نظر انداز ڪري سگهيو؟ هن موقعي تي سائنسدان هڪ عجيب ڳالهه چون ٿا. سندن خيال ۾ جيستائين انسان، انسان کان وڌيڪ ”جانور“ هو، ان کي باهه جي ضرورت ڪونه هئي، ڇاڪاڻ ته سخت جان جانور گرميءَ جي ڦيرڦار ۾ پاڻ کي بدلائي ان تبديليءَ جو عادي ڪري سگهندا آهن. هنن کي هٿرادو گرمائش لاءِ باهه جي ضرورت ڪونه هئي، ان ڪري اهي ان هوندي به باهه استعمال نه ڪن ها، جيڪڏهن کين باهه جو استعمال به ايندو هجي ها!

پاڪستان ۾ غارن ۾ رهندڙ ميسوليٿڪ انسان باهه جي استعمال کان واقف هو. اهڙو ثبوت مردان لڳ سنگهاؤ غار جي کوٽاين مان مليو آهي. پاڪستان ۾ پيليوليٿڪ انسان بابت اڃا ڪا تحقيق سامهون نه آئي آهي ته ڇا اهي به باهه جي استعمال کان واقف هئا؟ هوڏانهن، يورپ ۾ آخري برفاني دؤر ۾ جڏهن ميموٿ جا شڪاري رهندا هئا، هنن لاءِ باهه جو استعمال لازمي هو. هو باهه جي مدد سان پنهنجيون جهوپڙيون گرم رکندا هئا ۽ ڪنهن شڪاري مهم دوران رات جي مهل کليل آسمان هيٺ پڙاءُ دوران مچ ٻاريندا هئا ۽ انهيءَ جي تَوَ تي پنهنجو جسم گرم رکندا هئا ۽ يخ سيءَ ۾ آڱريون سيڪيندا هئا ته جيئن اهي نفاست سان ڪم ڪري سگهن.

باهه کان واقف هجڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ باهه کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. جيستائين انسان باهه کي پنهنجي ضابطي ۾ رکي نه سگهيو هو يا پنهنجي مرضيءَ سان ضرورت وقت اها ٻاري نٿي سگهيو، ان مهل تائين انسان باهه کان نه رڳو ڊنل هوندو، پر ان کي چير ڦاڙ ڪندڙ جانورن کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهندو هوندو. ڇاڪاڻ ته باهه هڪ آفت وانگر انهن تي ڪڙڪندي هوندي. جهنگ جي باهه هجي يا کنوڻ جو ڪِرڻ يا وري ڪنهن جوالا مکيءَ جو ڦاٽڻ، اهي سڀ قدرتي آفتون اڄ تائين انسان جي وس کان ٻاهر آهن.

انسان اهڙي قسم جي باهه کي ته منڍ کان ڏسندو آيو هو. اهڙا مشاهدا هنن بار بار ڪيا هوندا. هنن ڪڏهن ڪڏهن اهو به ڏٺو هوندو ته ڪيئن زمين مان اوچتو ڪٿي باهه ڀڙڪي اٿي ٿي ۽ پوءِ غائب ٿي وڃي ٿي يا مستقل ٻرندي رهي ٿي. اهي ڀڙڪا زمين ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن سبب هئا، جن جو مشاهدو اڄ تائين ٿيندو رهي ٿو. پر، هتي سوال اهو آهي ته ماڻهوءَ پنهنجي مرضيءَ سان باهه ٻارڻ سان باهه ٻارڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جو سلسلو ڪڏهن شروع ڪيو؟

ان سوال جا امڪاني جواب ته گهڻي ئي ٿي سگهن ٿا، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته انسان باهه جي فائدن کان پهرين واقف ٿي چڪو هوندو ۽ قدرتي ذريعي مان باهه کڻي پنهنجي مستقل ٺڪاڻي تي ان جي ٻرڻ جو ڪم مستقل انتظام به ڪيو هوندائين. ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن
اهڙي وقت جڏهن هو اوزار گهڙي رهيو هوندو، تڏهن ٻن چقمقي پٿرن جي ٽڪراءَ مهل پيدا ٿيل چڻنگن ڏانهن سندسن ڌيان ويو هوندو، جن ڀر ۾ پيل سنهڙي ۽ سُڪل گاهه کي باهه هڻي ڇڏي هئي. اها ڳالهه ته انسان جي مشاهدي ۾ اڳواٽ ئي هئي ته ڪهڙي طرح تپيل سج جو تاءُ سڪل گاهه جي ميدانن ۾ يا ٻيلي کي باهه هڻي ڇڏي ٿو.


 

باهه پيدا ڪرڻ جا ٻه هٿرادو طريقا:

ڪاٺيءَ کي ڪاٺي سان گسڻ سان باهه پيدا ٿئي ٿي.

 

ٻه چقمقي پٿر ٽڪرائڻ سان چڻنگون اٿن ٿيون.

 

اوائلي شڪاري گروهه جڏهن شڪاري مهم دوران عارضي ڪئمپن ۾ باهه جو استعمال ڪندا هئا، تڏهن وڌيڪ امڪان ان جو آهي ته ان وقت انسان باهه پيدا ڪرڻ جو گُر يا هنر ڄاڻي ورتو هو، ڇاڪاڻ ته گهر مان نيزي جي نوڪ تي باهه کڻي هلڻ ۽ ان کي هوائن، طوفانن ۽ برساتن ۾ برقرار رکڻ ممڪن ڪونه هو. اها باهه اڪثر وسامي ويندي هئي.

چقمقي پٿرن جي ٽڪراءَ سان اٿندڙ چڻنگ جيتري تيزيءَ سان پيدا ٿئي ٿي اوتري ئي تيزيءَ سان وسامي وڃي ٿي. ان ڪري، باهه جي مصنوعي پيدائش لاءِ گهربل مشاهدي ۽ تجربي ۾ وڏو وقت لڳي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيرو ضروري مشاهدو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن انسان گُر سمجهي ورتو ته پوءِ سندس زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. شڪاري انسان باهه جي تَوَ تي نه رڳو ڪاٺ جي اوزارن جون نوڪون مضبوط ڪيون پر هن لاءِ سخت برفاني علائقن ۾ پيش قدمي به ممڪن ٿي وئي ۽ وڏن جانورن سان وڙهڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ به سولو ٿي ويو.

باهه پيدا ڪرڻ واري انساني لياقت بابت سائنسدانن وٽ هڪ ٻي ٿيوري به آهي. هو چون ٿا ته پيليوليٿڪ انسان ٻن ڪاٺين کي پاڻ ۾ تيزيءَ سان گسائي باهه پيدا ڪئي هوندي. ان خيال جي دليل ۾ هو يوگوسلاويه ۾ ڪراپينا (Krapina) ويجهو هڪ غار مان لڌل گول ڪاٺيءَ جو حوالو ڏين ٿا، جنهن تي ڪوئلاڻ آهي. پر ٻيا سائنسدان ان مخصوص ڪاٺيءَ کي باهه جي پيدائش لاءِ ذميوار نٿا سمجهن!

باهه مان حاصل ٿيل روشنيءَ به ڪمال ڪري ڇڏيو، جو هاڻي انسان غارن ۾ گهڻو اندر تائين وڃي ٿي سگهيو ۽ انهن غارن تي قابض رڇن ۽ ٻين خوفناڪ جانورن کي باهه جي مدد سان ڊيڄاري انهن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيائين. باهه جي روشنيءَ کان اڳ قديم انسان ڪنهن به غار ۾ گهڻو اندر وڃي نٿي سگهيو. هن جو گذارو فقط سج جي روشنيءَ تي هو، پر جيئن ئي باهه انسان جي هٿ ۾ آئي، انسان جي ڪم ڪار جو وقت به وڌي ويو. هاڻي هو غارن ۾ يا شڪارگاهن ۽ مستقل آبادين ۾ رات جي پهر ۾ ڪجهه دير يا ڪافي دير تائين باهه جي چوڌاري ويهي اڄوڪي شڪار تي تبصرا يا سڀاڻڪي شڪار جي رٿابندي ڪري ٿي سگهيا.

باهه جي دريافت جو اثر ذائقي تي به پيو، ڇاڪاڻ ته اوائلي شڪاري هاڻي پڪل يا سيڪيل گوشت کائڻ لڳا هئا. اهو اتفاق ئي هوندو جو ڪچو گوشت خور ماڻهو هاڻي پڪل گوشت کائڻ لڳو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان بنيادي طور گوشت خور هو ئي ڪونه. انسان جا وڏڙا گاهه خور هئا، پر پوءِ جڏهن ماڻهوءَ پاڻ ۾ گوشت خوريءَ جي عادت وڌي ته سندس ڏندن ۽ هاضمي جي نظام ۾ به ڪي تبديليون آيون. جڏهن انسان پڪل ۽ نرم گوشت کائي ڏنو ته کيس اهو فرق بهتر لڳو. ڇاڪاڻ ته اهو ذائقي ۾ بهتر ۽ هضم ڪرڻ ۾ سولو هو.

سڀ کان پهرين گوشت ڪنهن پچايو؟ اهو اتفاق ئي هوندو جو ڪنهن وقت شڪار ڪيل گوشت جو ٽڪرو چلهه ۾ رک هيٺان اچي ويو هوندو ۽ مڪمل طرح سڙڻ کان بچي ويو هوندو يا وري ٽانڊن تي ڪِريل ٽڪرو ڪباب ٿيو هوندو ۽ ڪنهن بکايل اهو کڻي کاڌو هوندو. هڪ خيال اهو به آهي ته ڪنهن ڀيري جهنگ ۾ لڳل باهه کان پوءِ ڪو اڌ سڙيل جانور کاڌو ويو هوندو ۽ ذائقي ۾ فرق محسوس ڪيو ويو. بهرحال، پڪل گوشت کائڻ جو سلسلو به پيليوليٿڪ دؤر ۾ شروع ٿيو.

ڇا ڪجهه ٻين طريقن سان به گوشت پچايو ويو هوندو؟ سائنسدان سوچين ٿا ته هڪ طريقو لڳ ڀڳ اهڙو ئي هوندو جيئن اڄ به شڪاري سِجي پچائندا آهن: مچ جي چؤڦير زمين ۾ کتل ڪاٺين ۾ ٽنبيل ۽ هوريان هوريان سيڪ تي پچندڙ گوشت يا وري ٽانڊن جي مٿان گوشت جا لوٿڙا. ڏکڻ روس ۾ ڪوستينڪي ويجهو هڪ مچ جي ڀر ۾ هڪ کڏ لڏي وئي آهي، جنهن ۾ جانورن جا هڏا ۽ رک آهن. ٻين جاين تي به اهڙا ماڳ لڌا ويا آهن. سائنسدان چون ٿا ته جيڪڏهن اهي کڏون باهه سان گرم ٿيل پٿرن ۽ گرم رک سان ڀرجن ته اهي پڻ گوشت پچائڻ جي ڪم اچي سگهن ٿيون. ان طريقي سان ڪلاڪ ٻن ۾ گوشت مڪمل بي فڪريءَ سان پچائي سگهجي ٿو.

قديم ثقافتن ۾ گوشت پچائڻ جو هڪ طريقو اڃا به مروج آهي، جيڪو ممڪن آهي پيليوليٿڪ دؤر ۾ به موجود هجي، طريقو هي آهي ته گوشت کي مٽيءَ جي ٿلهي تهه ۾ ويڙهي سڌو سنئون باهه ۾ وڌو وڃي. گوشت پچائڻ جا طريقا پنهنجي جاءِ تي، باهه جي دريافت جو هڪ وڏو فائدو اهو به ٿيو ته هن کان اڳ اهو گوشت جيڪو ضرورت کان وڌيڪ هوندو هو ۽ بچي پوندو هو جلدي خراب ٿيڻ سبب اڇلايو ويندو هو، باهه ۾ پچڻ کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ وقت اسٽور ٿي پئي سگهيو.

 

آتش دان

جتي باهه ٻري هوندي، اتي ضرور ڪونه ڪو بندوبست ڪيو ويو هوندو. اهي ”بندوبست“ ئي ماهرن لاءِ نشانيون آهن، جن جي آڌار تي هو پيليوليٿڪ لوڪن جي رهڻي ڪهڻي بابت مناسب تشريح ڪري سگهيا آهن. جيئن ته باهه جا بنيادي مقصد گوشت پچائڻ، گرمي حاصل ڪرڻ ۽ روشني کڻي هلڻ هئا، ان ڪري انهن ”بندوبستن“ کي ٻن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا مچ ۽ چُلها ۽ ٻيا ڏيئا ۽ مشعلون. چلهن سان گرمي حاصل ڪرڻ ۽ گوشت پچائڻ جي ضرورت پوري ڪئي وئي، باقي مشعلون ۽ اماڙيون غارن جي اونداهن حصن ۾ وڃڻ ۽ رات جي پهر ۾ روشنيءَ لاءِ يا خود ڏينهن جو خونخوار جانورن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون. ان ريت باهه جا ٻه حصا ٿيا. هڪ اها جيڪا مستقل آبادي يا عارضي ڪئمپ ۾ زمين تي جوهر ڏيکاريندي رهي ۽ مختلف قسم جي چُلهن، مَچن ۽ تندورن جو روپ ورتائين. ۽ باهه جو ٻيو حصو انسان جي هٿ ۾ سفر ڪندو رهيو ۽ بيٽري سيل جي ايجاد تائين انسان جو ساٿ ڏنائين.

سڀ کان قديم آتش دان بس ائين ئي هوندو جيئن شڪارين جو ڪو خانه بدوش گروهه ڪنهن هنڌ ڪاٺيون ميڙي ڍڳ ڪري باهڙي ٻاري، رات ٽپائيندو آهي. آتش دان به هر ٻي شيءِ وانگر ارتقا ڪئي آهي. جڏهن رهائشي اَجها ٺهي رهيا هئا تڏهن آتش دان جي صورت هڪ ننڍي کڏ وانگر هئي جنهن جي چوڌاري ڪجهه پٿر رکيا ٿي ويا. انهن جي اڃا بهتر صورت ڪجهه وڏن ۽ سڌن پٿرن سان دائري جي صورت ۾ سامهون آئي. اهي پٿر ان ڪري رکيا ٿي ويا ته جيئن باهه ۽ ٻارڻ جي رک ان جي اندر رهي.

يقينن، ڪاٺ ئي سڀ کان بهتر ۽ سولو ٻارڻ هو، جيڪو انهن آتش دانن ۾ ٻرندو رهيو. پر اهو ضروري نه آهي ته اوائلي انسان فقط ڪاٺ ئي ٻاريو هجي. ڪجهه اهڙا ثبوت به آهن جن موجب هنن ڪارو پٿر (ڪوئلو) ۽ هڏيون به ٻارڻ طور استعمال ڪيون، پر اهو تڏهن ٿيو جڏهن برفاني دؤر ۾ ڪاٺ ختم ٿيو، هڪ حادثي ۾ اٽڪل 20- هزار سال کان به اڳ زيڪوسلواڪيه ۾ اوستراوا ويجهو لينڊڪ نالي ٽڪريءَ تي ميموٿ جي شڪارين ڏٺو ته آتش دان ۾ پيل هڪ ڪارو پٿر وڌيڪ بهتر ۽ مختلف شعلو ڏئي ٿو. (هاڻي هن ماڳ تي ڪوئلي جون کاڻيون آهن ۽ اهي ڪارا پٿر اصل ۾ مٿاڇري تي پکڙيل ڪوئلا هئا.)

 

دنيا جو قديم ترين تندور

وڏن پٿرن جي اوٽ ڏيئي ٺاهيل آتش دان

 

هتي ئي ويجهو هڪ غار جي منهن تي قائم آتش دان لڳ ڀڳ اهڙو ئي هو جهڙو روس جي ندي ڊان (Don) جي ڪنڌيءَ تي هو. ان مان اندازو هنيو ويو ته ميموٿ جي شڪار واري دؤر ۾ به چڱا تجربا ۽ خيال پري پري تائين پهچي ٿي ويا. ٻنهي جاين تي موجود آتش دانن ۾ هڪ خاص انداز رکيو ويو هو جنهن ڪري هوا باهه جي مرڪز تائين لنگهي ٿي وئي ۽ باهه وڌيڪ بهتر ٿي پئي وئي.

آتش دان جو هڪ خاص نمونو موراويا ۾ دولني ويستونائس ويجهو لڌو ويو جيڪو ميموٿ جي شڪارين جو هو. هتي چُلهه جي گولائيءَ ۾ ڀت ۽ پڪل مٽيءَ سان ڪماندار ڇت ڏنل هئي. باهه ٻارڻ جي جاءِ اٽڪل 15- فوٽ اوچي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻي گرمي پيدا ٿيندي هوندي. ان اَجهي جي چوڌاري مٽيءَ جا پڪل ڳوڙها هئا، جيڪي پڪ سان هن قديم آويءَ ۾ پڪل هئا. اڃا به دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪجهه ڳوڙها مختلف جانورن جي شڪلين جا آهن، جن ماهرن کي منجهائي وڌو آهي ته ڪٿي اهي سڀ کان اوائلي مجسما ته ڪونه آهن؟

پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جيئن ته باهه کي روشنيءَ لاءِ به استعمال ڪيو آهي ان ڪري هن باهه کي هٿ ۾ کڻي هلڻ جا به ڪجهه ڪارگر طريقا ٺاهي ورتا. اهي مشعلون هيون جن جون باقيات ۽ ٽڪرا اهڙين غارن مان مليا آهن جيڪي پيليوليٿڪ ماڻهن استعمال ڪيون. پيليوليٿڪ ماڻهن بعد ۾ هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو، هي تيل تي ٻرندڙ ڏيئو هو. جيئن ته هي باهه کي کڻڻ جي ڳالهه هئي ان ڪري ضروري هو ته ان ٿانءَ جو ترو اهڙو هجي جيڪو تيل لڳڻ سبب سڙي نه وڃي. اهي ڏيئا وڏن هڏن، ريتلي پٿر يا ساڳئي قسم جي نرم پٿر مان ٺاهيا ٿي ويا. انهن ۾ جانورن جي چرٻي وڌي ٿي وئي ۽ هڪ مخصوص گاهه کي وٽي وٽ ٺاهي ٿي وئي. اهڙا ڏيئا اڄ به اسڪيمو لوڪ استعمال ڪن ٿا، پر هو ان ۾ وڏن لڌڙن جي چرٻي استعمال ڪن ٿا، جيڪا ڪافي گرمي پيدا ڪري ٿي.

يورپ جي غارن ۾ موجود چترڪاريءَ جا نمونا اڪثر ڪري غارن ۾ تمام اندر آهن، اوستائين پهچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ٿو وڃي. انهن پيليوليٿڪ لوڪن لاءِ ضروري هو ته حفاظت سان اندر وڃڻ ۽ چترڪاري ڪرڻ لاءِ پاڻ سان مشعلون کڻي وڃن. فرانس جي هڪ تمام مشهور غار مان، جنهن ۾ چترڪاري ٿيل آهي، 170 ڏيئا لڌا ويا آهن. سڀ کان بهتر ڏيئا لا مائوٿ (La Mouthe) غار مان مليا آهن.

باهه جي استعمال لاءِ ان کي ”دريافت“ جو اصطلاح ڏيڻ شايد مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته باهه هڪ عنصر آهي جيڪو ازل کان موجود آهي ۽ اهو انسان جي پنهنجن ۽ ان جي وڏڙن جي مشاهدي ۾ سڌيءَ طرح رهيو آهي. اسان هيل تائين فقط اهو بحث ڪيو ته انسان ان عنصر کي پنهنجي ضرورتن لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو ۽ اهو ڪڏهن ممڪن ٿيو ته هو پنهنجي مرضيءَ سان باهه پيدا ڪري سگهي. پر، هڪ تمام اهم سوال اهو به آهي ته اسان وٽ انسان جي هٿان باهه جي استعمال جو سڀ کان پراڻو مثال ڪهڙو آهي؟

سڀ کان قديم ۽ ڀروسي جوڳو مثال آفريڪا مان هٿ آيو آهي. ايٿوپيا ۾ گديب (Gadeb) نالي ماڳ وٽ اُڀو انسان (Homo erectus) باهه جو استعمال ڪندو رهيو هو. اها هڪ ملين (ڏهه لک) سال پراڻي ڳالهه آهي. هڪ ٻيو مثال يوگوسلاويه ۾ پُولا (Pula) ويجهو شانداليا (Shandalya) ٽڪري تي هڪ لڪل غار ۾ آهي، جيڪو ڏيڍ ملين (15- لک) سال پراڻو آهي. ان غار مان قديم انسان جي هڏين سان گڏ سندس اوزار به هٿ آيا آهن. ساڳين تهن ۾ باهه جا به چٽا نشان آهن. هن ماڳ مان ڪوبه آتش دان نه مليو آهي. بس ڪنهن جانور جون سڙيل هڏيون ۽ ڪجهه سڙيل ڪاٺ مليو آهي. ممڪن آهي ته هتي قدرتي باهه لڳي هجي! يورپ ۾ باهه جي استعمال جو سڀ کان قديم مثال 6- لک سال پراڻو آهي. هي ڏکڻ فرانس ۾ ”گروتي دي ايل اسڪالي“ وٽ هڪ آتش دان آهي.

ان ريت باهه جي مثال جا قديم ترين نشان سامهون ته اچن ٿا پر وري به انهن کي ”قديم ترين“ نٿو چئي سگهجي. اڃا ته جاچ ۽ کوجنا جو عمل جاري آهي، گهڻو ممڪن آهي ته ڪنهن ڏينهن اوچتو، اسان خبر ٻڌون ته ڪٿي ان کان به قديم مثال موجود آهي. پڪ سان اهو به ”قديم ترين“ نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ضروري نه آهي ته قديم ترين نشان اڃا به سلامت هجي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org