هٿ ڪهاڙي ۽ Chopper
۾ هڪ ڳالهه مشترڪ به آهي. يعني، اوائلي
هنرمند هڪ چقمقي پٿر کڻي ان کي گهڙيو ٿي ۽
جڏهن هن جي مطلب جو اوزار تيار ٿيو ٿي، هن
تڏهن بس ٿي ڪئي. اٽڪل اڍائي لک سال اڳ
اوزار ٺاهيندڙن هڪ نئين ٽيڪنيڪ دريافت ڪري
ورتي. هاڻي، هنن بدران ان جي ته هو بنيادي
پٿر
(Cores)
مان اوزار ڇلين، هنن هڪ ڌڪ سان پٿرن جا
چٿڙ لاهي استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. انهن چٿڙن
جي بيهڪ اتفاقي ڪونه هئي. هر هڪ چٿڙ
مرضيءَ جي ماپ جو لاٿو ٿي ويو. پٿر گهڙڻ
جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ هي ڄڻڪ هڪ نئين، وڏي ۽
مکيه وک هئي يا هڪ نئين دؤر جي شروعات
هئي. هي وچون پيليوليٿڪ دؤر هو.
هيءَ تبديلي شايد ڪو اتفاق ڪونه هو، پر نئين ٽيڪنالاجيءَ مان
لڳي ٿو ته هي هڪ نئين انساني نسل جا اهڃاڻ
هئا. هي ”باشعور انسان“
(Homo Sapiens) هئا، سوچيندڙ انسان. جيتوڻيڪ هي به هاڻوڪي انساني نسل سان تعلق
رکندڙ هئا پر اهي هوبهو اسان جهڙا ڪونه
هئا. اصل ۾، اهي ان وقت به ڏسڻ ۾ هڪجهڙا
ڪونه هئا ۽ هڪٻئي کان جدا لڳندا هئا. هنن
جا ڪيئي جدا جدا نسل هئا.
اوزار جي ترقيءَ جو سڌو تعلق دماغ، هٿ ۽ خود انسان جي ترقيءَ
سان آهي. وچين پيليوليٿڪ دؤر تي تحقيق
ڪندڙ سائنسدانن ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ
اوزارن جي استعمال کي نظر ۾ رکي درجي بندي
ڪئي آهي. ڪٽڻ جي اوزرن کي هڪ پاسي کان تيز
ڌار آهي، جيڪا سڌي به ٿي سگهي ٿي ۽ آريءَ
جي کانچن وانگر به. اهي ٿلهن چٿڙن مان
ٺاهيا ويا، جيڪي سڌا به هيا ۽ غالباً
مُڙيل به. نوڪدار اوزار سنهڙن چٿڙن مان
گهڙيا ٿي ويا.
اٽڪل چاليهن کان پنجاهه هزار سان اڳ جديد انسان جنهن کي
Homo Sapiens, Sapiens چيو ٿو وڃي، ظاهر ٿيو. هن جديد انسان سان بنهه مختلف ۽ تمام
نفيس پٿري اوزارن جو سلسلو جڙيل نظر ٿو
اچي، جنهن سان وچون پيليوليٿڪ دؤر پورو ٿي
وڃي ٿو ۽ آخري پيليوليٿڪ دؤر شروع ٿئي ٿو.
هن دؤر جي اوزارن جون خاصيتون پٿر جي انهن
چٿڙن سان جوڙيون وڃن ٿيون، جن ۾ اوزارن جي
ڊيگهه ان جي ويڪر کان ڪافي وڌي وڃي ٿي. هي
بليڊن ڏانهن اشارو آهي يا اسان انهن کي
کڻي ڇريون چئون!
آخري پيليوليٿڪ اوزار ٺاهيندڙ يقيناً پنهنجي ڪم ۾ ماهر هئا،
ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به هڪ چقمقي پٿر
(Core)
مان خوبصورتيءَ سان ڪافي بليڊ ڇلي سگهندا
هئا، جن جون ڌارون اڃا بهتر ڪري پيون
سگهجن. اوزار کي آخري صورت ڏيڻ لاءِ پٿر
جي مدد ضروري ڪونه هئي، اهو ڪم هڏين يا
ڪاٺ جي هٿوڙن سان ڪيو ٿي ويو يا بليڊ کي
گسائڻ سان شڪل ڏني ٿي وئي. ياد رهي ته
چقمقي پٿر سولائيءَ سان ڇڄي سگهي ٿو، ان
تي ٻين پٿرن جي ڀيٽ ۾ بهتر طور ڪم ڪري
سگهي ٿو.
آخري پيليوليٿڪ دؤر جا ماڻهو ميموٿ (هاٿي)
۽ سانڀر جو شڪار ڪندا هئا، ان ڪري هنن کي
هر قسم جي سڌريل اوزارن جي پوري پوري
ضرورت هئي. انهن ۾ شايد سڀ کان سهڻا اهي
اوزار آهن جن کي ماهر ”پَن جي شڪل واريون
نوڪون“ چون ٿا. اصل ۾، انهن جي بنيادي
صورت هٿ ڪهاڙي آهي. جنهن کي ان زماني جي
ماڻهن هي نئين شڪل ۽ استعمال ڏنو. ان
اوزار ۾ بليڊ واري صنعت جو عمل دخل موجود
آهي.
توڻي جو ان اوزار جي بنيادي شڪل صورت هٿ ڪهاڙيءَ واري آهي، اهي
نوان هٿيار ڏاڍي هوشياريءَ سان ۽ ٻنهي
پاسن کان ڇليا ويا، تان
جو ڀالي جي نوڪ ٺهي پئي، جيڪا وڻ جي پن
جهڙي هئي ۽ ذري گهٽ ايتري ئي سنهڙي هئي.
ٻيا بنيادي اوزار بليڊ يا چٿڙ هئا،
جن ۾ کرچڻيون به شامل آهن جن مان ڪاٺ ۽
کلون صاف ڪرڻ جو ڪم ورتو ٿي ويو. ٻيا
اوزار سانڀر جي سڱن ۽ هڏين تي ڪم لاءِ
ڇيڻين طور استعمال ٿيندڙ هئا. ڪن اوزارن
جو مقصد اڪر ڪرڻ، هڏين، ڪاٺ يا کل ۾ سوراخ
ڪرڻ هو. ڪيئي قسمن جون ڇريون، نوڪون ۽ ٻيا
نمونا به هئا.
آخري پيليوليٿڪ جا سانڀر
جي شڪارين جا اوزار
جيتوڻيڪ بليڊ گهڙڻ واري ٽيڪنالاجيءَ لاءِ چقمقي پٿر هڪ عاليشان
خام مال هو، پر ان ۾ هڪ وڏي مشڪل به هئي.
چقمقي پٿر هر هنڌ نٿو ملي. ان وقت يورپ ۾
جتي جتي انسان موجود هو، انهن هنڌن مان
فقط برطانوي ٻيٽ، اتر فرانس ۽ بيلجيم کان
اتر جرمني ۽ پولينڊ ئي سهوليت وارا ماڳ
هئا. ان کان مٿيان يعني اتر وارا علائقا
برف سان ڍڪيل هئا. هاڻي مجبوري اها هئي ته
اوزار ٺاهڻ لاءِ خام مال فقط چقمقي پٿرن
جي ڊپازٽس وارين ٽڪرين مان يا ندين جي
ماٿرين مان هٿ ڪري پيا سگهجن.
سو، يورپ ۾ چقمقي پٿرن وارن علائقن ۾ رهندڙ شڪاري خوش قسمت هئا،
باقي ٻين شڪارين لاءِ ان کانسواءِ ڪو ٻيو
رستو ڪونه هو ته هُو مناسب مندن ۾ اتر
پاسي مهم جوئي ڪري چقمقي پٿر ميڙي اچن يا
اتر پاسي رهندڙ لوڪن سان ڪنهن ٻئي سامان
جي بدلي مٽاسٽا ڪن. ڪڏهن ڪڏهن هنن کي
مجبوريءَ وچان چقمقي پٿر تان هٿ به کڻڻو
پوندو هوندو ۽ مقامي پٿرن تي گذارو ڪرڻو
پوندو هوندو، مثال طور ڪوارٽيزائٽ،
Hom Stone يا
Obsidian. حقيقت ۾
Obsidian چقمقي پٿر جيترو ئي سٺو آهي، پر اهو مقدار ۾ چقمقي پٿر کان به
گهٽ آهي.
جڏهن ٽنهي پيليوليٿڪ دؤرن جا اوزار هڪٻئي جي ڀرسان رکجن ٿا ته
انهن جي ٽيڪنيڪ، ماپ طور جي شڪل صورت ۾
استعمال سڀ ظاهر ٿي پون ٿا. صاف نظر ٿو
اچي ته وقت سان انهن ۾ بهتري ايندي وئي
آهي، نفاست وڌي آهي ۽ ماپ گهٽي آهي.
سائنسدانن جو خيال آهي ته يورپ ۾ ماپ جي
گهٽجڻ جو تعلق چقمقي پٿر جي کوٽ سان آهي ۽
شڪارين چقمقي پٿر بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
ضروري نه آهي ته سائنسدانن جي ان راءِ کي
اسان سنڌ ۾ به اهميت ڏيون ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾
چقمقي پٿر ايتري گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ اتي
ايترو گهڻو اوزار ٺهيو آهي جو ماهر روهڙي-
ڪوٽڏيجي ٽڪرين کي دنيا ۾ پٿري دؤر جي سڀ
کان وڏي ”فيڪٽري زون“ جي نظر سان ڏسن ٿا.
اوزارن جي ماپ ۾ گهٽتائي هوريان هوريان ان حد تائين اچي پهتي جو
انهن ننڍڙن اوزارن کي مائڪروليٿس جو نالو
ڏنو ويو. هاڻي، پٿر جون نوڪون ٽڪنڊي يا
Trapezoid شڪل م ننڍن بليڊن مان ٺاهيون ٿي ويون. انهن جي ماپ محض اڌ انچ
جيتري هئي. ان ريت مائڪروليٿس جي ابتدا
پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي ۽ اها صنعت
ميسوليٿڪ دؤر ۾ پنهنجي عروج تي پهتي. ان
وقت ۾ اڪثر يورپ گهاٽن ٻيلن هيٺ هو ۽ اتي
ڊگهيون مسافريون ڪرڻ عملي طرح ناممڪن هو.
ان وقت ۾ چقمقي پٿر جي وڌندڙ کوٽ سبب يورپ
۾ ٻيو مقامي پٿر اوزارن ۾ ڪتب آيو.
آخري پيليوليٿڪ زماني جو ماڻهو ان قابل هو ته هو پنهنجي وڌندڙ
قابليت سبب خام مال جي کوٽ کي منهن ڏيئي
سگهي. هاڻي، هن پنهنجا ننڍا ننڍا اوزار
هٿين
(Handles) ۾ مڙهڻ شروع ڪيا. اوائلي هٿيار سازن يا هنرمندن هٿيارن/ اوزارن
جي مڏين پٺين کي چمڙي جي ڏورين سان هٿين ۾
مضبوطيءَ سان ٻڌڻ شروع ڪيو يا وري ايئن
ڪيو جو ڪاٺ، هڏي يا ڦاڙهي جي سڱ کي چيري
ان ۾ ننڍا ننڍا بليڊ ڏندن وانگر ڦاسائي
هٿئي کي ڏوريءَ سان سڪ ٻڌي ٿي ڇڏيو.
مائڪرولٿ اوزار هٿئي کان سواءِ استعمال
ڪري نه پيا سگهجن. ان ريت اسان جڏهن
ميسوليٿڪ يا مائڪروليٿڪ بليڊ ۽ ڪهاڙيون
ڏسون ٿا ته اهي پڻ ڪاٺ يا ڦاڙهي جي سڱن ۾
مڙهيل ڏسجن ٿيون.
ان کان پوءِ جو زمانو نيوليٿڪ اوزارن جو آهي، جنهن ۾ سڀ کان
وڌيڪ پيداوار بليڊن جي آهي. هٿيار جي هن
ڊگهي تسلسل ۾ اسان رڳو پٿري اوزارن جو ذڪر
ڪيو آهي، جڏهن ته انهن اوزارن سان گڏ
هڏين، سڱن ۽ ڪاٺ مان پڻ بي حساب ۽ مختلف
قسمن جا اوزار پٿري ڇيڻين سان ڇلي تيار
ڪيا ويا پر هاڻي اهي باقي نه رهيا آهن يا
تمام ٿورڙا هٿ اچي سگهيا آهن.
اوائلي شڪاري
ماڻهو موسمن کي بدلائي نٿو سگهي، ان ڪري هن هميشه پاڻ کي موسمن
موجب بدلايو آهي. اهو سچ آهي ته باقاعدي
شڪاري ٿيڻ کان اڳ به اوائلي ماڻهو شڪار
ڪندو رهيو آهي پر ان دؤر ۾ هن جي مکيه
خوراڪ نباتيات هئي. اهو ئي سبب آهي جو
جڏهن به اوائلي انسان جي خوراڪ جو ذڪر
ايندو آهي ته ايئن ئي چئبو اهي ته هو
شڪاري ۽ ڏوٿي
(Hunter-gatherer) رهيو آهي. اوزار جو بنياد زندگيءَ لاءِ سهوليت پيدا ڪرڻ آهي پر
هٿيار جو بنياد شڪار ڪرڻ ۽ شڪار ٿيڻ کان
بچڻ جو جتن ڪرڻ آهي.
آسٽرالوپٿيڪس وٽ فقط
Choppers
هئا، تنهنڪري هن جو گهڻو تڻو جياپو
نباتيات تي هوندو، پر جيڪڏهن ڪو ننڍو
جانور وجهه ۾
آيو هوندس ته ان جو شڪار ضرور ڪيو هوندائين. اوزار جي تياري جو
مقصد ضرورتن جي پورائي ڪرڻ هو خاص ڪري
موسمي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ خوراڪ هٿ ڪرڻ.
اها سڌي سئين بقا جي جنگ هئي،
نيوليٿڪ دور ۾ روزاني
استعمال جا اوزار
جنهن ۾ آسٽرالوپٿيڪس ۽ پوءِ هومو هيبلس لوڪ هٿ ۾ فقط ابتدائي
هٿيار جهلي بيٺا هئا ۽ ”شڪاريءَ کان وڌيڪ
شڪار“ هئا.
جيتوڻيڪ هن جي زندگي سادي هئي پر جياپي لاءِ کين گهڻيئي ڪم ڪرڻا
ٿي پيا، هڪ وحشي ماحول ۾ پاڻ کي بچائڻ ۽
انهن وحشتن مان پنهنجي بقا جو سامان ۽
خوراڪ هٿ ڪرڻ. بعد وارن زمانن ۾ مخصوص
شڪارن لاءِ مخصوص هٿيار سامهون آيا. پر،
هومو هيبلس وٽ فقط هڪ
Chopper
هو، جنهن جي مدد سان هن خوراڪ هٿ ٿي ڪئي.
جيئن اڳ ۾ چيو ويو، پيليوليٿڪ لوڪ ڏوٿي-
شڪاري هئا. هنن جي زندگي جو دارومدار فقط
فطرت ۽ قسمت تي هو. جيڪو ڪجهه کين مليو يا
سامهون آيو، بس اهو ئي کائڻو هو.
جڏهن مند گرم هئي تڏهن خوراڪ به جام هئي. وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ميوا
هئا. ٻوٽن جون پاڙون هيون ۽ زمين ۾ قدرتي
طور پيدا ٿيندڙ ڀاڄيون ۽ کنڀيون هيون. هو
پاڙون کوٽي ڪٺيون ڪري کائي ڇڏيندا هئا.
انهن حالتن ۾ غالباً عورتن ۽ ٻار ميوو ۽
پاڙون جمع ڪرڻ جي ڪم تي لڳل هئا ۽ جام
خوراڪ جمع ٿي ويندي هئي. سندن کاڌي ۾ ڪجهه
ٻيون شيون به شامل هيون. ڪوڏ، سانڊا،
ماکي، بيدا، کوپن واريون مڇيون ۽ هر اهو
جانور ۽ پکي جيڪو سولائيءَ سان جهلي
سگهجي.
ايئن لکها سال ٿيندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن جاگرافيائي تبديلي آئي ۽
عظيم ٿڌ وارو زمانو شروع ٿيو، تڏهن
صورتحال بدلجي وئي. هنن ڏکين حالتن ۾ جيڪي
برفاني دؤر سبب پيدا ٿيون. ڌرتيءَ جي
اترين حصي جو وڏو اڌ برف هيٺ ڍڪجي ويو.
جتي برف نه پهتي اتي پڻ سرديءَ ۽ پاري وڻ
سڪائي ڇڏيا. سمورا منظر بدلجي ويا. اتر
وارن علائقن مان وڻ ۽ ٻيلا ختم ٿي ويا.
فقط گاهه جا کليل ميدان ۽ ڄميل ڍنڍون يا
آلا پٽ وڃي بچيا. بس اتي ئي ڪٿي ڪٿي ڪو وڻ
بچيو جيڪو ڪنهن اوٽ ۾ يا محفوظ لاهين تي
هو. ٿڌين مندن ۾ گاهه جام پيدا ٿيو ۽
جانورن لاءِ چارو بڻيو. هي چراگاهه جانورن
جي جنت بڻجي ويا ۽ شڪار جام ٿي ويو.
اسان ڏسون ٿا ته تازي برفاني دؤر ۾ ميموٿ ۽ اوني کل واري گينڊي
جو نسل ڪافي هو، ان ئي زماني ۾ جهنگلي
سانن، جهنگلي گهوڙن، ڦاڙهن ۽ سانڀرن جا به
وڏا ڌڻ هئا. ننڍا جانور جهڙوڪ، بگهڙ،
برفاني لومڙيون، برفاني سها ۽ پکين جا
ڪافي قسم به وڏي تعداد ۾ هئا. ان ڪري اهو
تصور ڪرڻ گهڻو ڏکيو ڪونه آهي ته ان ماحول
۾، جڏهن پيليوليٿڪ انسان لاءِ خوراڪ جا
نباتياتي ذريعا گهٽجي ويا هئا، تڏهن ان
شڪاري زندگيءَ طرف رخ ڪيو هوندو. ان ريت
شڪار ئي سندن زندگيءَ جي بقا جو اهم ذريعو
۽ ڪرت بڻجي ويو ۽ هو هڪ سگهارو ۽ ماهر
شڪاري بڻجي ويو.
هاڻي صورتحال وڃي اها بيٺي ته جن علائقن ۾ ميموٿ تمام گهڻا هئا،
اتان جي پيليوليٿڪ لوڪن ميموٿ جي شڪار ۾
مهارت حاصل ڪري ورتي. پيليوليٿڪ دؤر جي
پڄاڻي وقت اسان کي سانڀر، ڦاڙهن ۽ گهوڙن
جا ماهر شڪاري به ڏسجن ٿا. اسان بهرحال،
ايئن به نٿا چئي سگهون ته انسان رڳو
برفاني دؤرن ۾ جانورن جي گوشت تي گذارو
ڪندو رهيو پر حقيقت اها آهي ته گرم وقفن
دوران جڏهن نباتيات بهتر ٿي، هو تڏهن به
شڪار ڪندو رهيو. هن کي پنهنجن انسانن نما
وڏڙن کان ورثي ۾ گوشت مان پروٽين حاصل ڪرڻ
جي عادت هئي. جانورن مان حاصل ڪيل پروٽين
۽ نباتيات مان حاصل ٿيل وٽامنز انسان کي
جسماني ۽ ذهني طرح اڃا به بهتر ڪيو.
انسان پهريون شڪار ڪڏهن ڪيو هوندو؟ ان جو جواب شايد ڪوبه ڏئي نه
سگهي. اها راءِ وڌيڪ جاندار آهي ته اوائلي
انسان جي وڏڙن، جيڪي نيم انسان هئا يا اڃا
به پوئتي هئا، انهن کان شڪار جو سلسلو
شروع ٿيو. ٻيلن ۾ رهندڙ انسان نما مخلوق
جڏهن ميدانن ۾ آئي، تڏهن هنن هڪ ڏينهن ۾
ته زندگيءَ جو انداز ڪونه بدلايو هوندو؟
شڪار ڪڏهن کان به شروع ٿيو هجي، اها ڳالهه
بهرحال واضح آهي ته هٿيارن جو تعلق شڪار
سان آهي ۽ جيئن جيئن هٿيار بهتر ٿيندا
ويا، تيئن تيئن شڪار جي ٽيڪنيڪ ۽ انداز به
بدلبا ويا. ان ڪري بهتر شڪار جو تعلق ان
ڳالهه سان هو ته انسان ڪيترا بهتر هٿيار
ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري چڪو آهي؟ ان ڪري
اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته ميموٿ جا
شڪاري ئي سڀ کان قديم شڪاري هئا. هنن وٽ
ايترا طاقتور ۽ مضبوط اوزار هئا ئي ڪونه
جو هو ميموٿ جهڙو جانور شڪار ڪري سگهن.
البت اهو ٿي سگهي ٿو ته هنن وٽ ايتري
ذهانت ۽ گڏيل سماجي ڍانچو هو جو هو ايڏي
وڏي جانور کي منظم نموني شڪار ڪندا هجن.
انسان نما مخلوقون بنيادي طرح گهڻو ڪري
نباتيات تي گذارو ڪندڙ هيون ۽ گوشت ڪڏهن
ڪڏهن ئي کائينديون هيون. شڪار جو هنر سکڻ
۾ کين وڏو وقت لڳي ويو. گمان آهي ته
آسٽرالوپٿيڪس آفريڪانوس ئي پهريون نسل
آهي، جنهن سرگرميءَ سان گوشت تي گذارو
ڪيو. شروع ۾ هن ننڍڙا جانور شڪار ڪيا
هوندا پر جيئن جيئن وقت گذريو تڏهن هن
ڪجهه وڏن جانورن جو شڪار شروع ڪيو هوندو.
مثال طور، ”ببون“ (ڊگهي منهن وارو هڪ
طاقتور باندر) آسٽرالوپٿيڪس آفريڪانوس
هٿيار ٺاهي ڪونه سگهندو هو، ان ڪري لڳي ٿو
ته هن ڀرپاسي مان ڪا ڪاٺي، پٿر يا هڏي کڻي
ان کي اوزار طور استعمال ڪيو هوندو.
آسٽرالوپٿيڪس جي حوالي سان اهو بحث به ٿيندو رهيو آهي ته گوشت
خوريءَ بابت هن جون سرگرميون ڪهڙيون ٿي
سگهن ٿيون؟ سائنسدان ياد ڏيارين ٿا ته
گوشت کائڻ لاءِ ضروري آهي ته جانورن جو
شڪار ڪجي. ممڪن آهي ته هنن وٽ اهي اٽڪلون
هجن ته ڪنهن به ٻئي جانور کان سندس ڪيل
شڪار ڪيئن ڇڏائجي؟ بلڪل ايئن جيئن ڪو
شينهن ٻين جانورن کي ڀڄائي پرائي شڪار تي
پاڻ قبضو ڪري وٺندو آهي.
هومو هيبلس جي باري ۾ شڪار جي حوالي سان اسان وٽ ڪا گهڻي ڄاڻ
ڪونه آهي، پر اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي
ٿو ته ان وقت ۾ ڪجهه نه ڪجهه بهتري آئي
هوندي. ”اُڀي انسان“ جي صورتحال ئي مختلف
آهي. اسان وٽ ٻين نسلن جي ڀيٽ ۾ سندس
زندگيءَ بابت چڱو خاصو ثبوت آهي. وچين
پيليوليٿڪ زماني جي اوزارن جون خاصيتون ۽
اُڀي انسان وٽ خاص شيءِ هٿ ڪهاڙي هئي.
جيئن ته ان هٿيار جي نالي مان ئي ظاهر آهي
ته هو هٿ ۾ پڪڙي ڪهاڙيءَ وانگر ڌڪ هڻي
استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر خيال
آهي ته اهو اڇلائي هڻڻ لاءِ به استعمال
ڪيو ويو هوندو.
ڪينيا(آفريڪا) ۾ اولور گيسائلي
(Olorgesailie)
وٽان لڌل هڪ هٿ ڪهاڙيءَ جي ماپ 30- سينٽي
ميٽر (11- انچ) آهي ۽ ان جو وزن 2-
ڪلوگرام ٿيندو. ان تي ڪجهه تجربا به ڪيا
ويا. خبر پئي ته معمولي تربيت سان اهي هٿ
ڪهاڙيون تمام اثرائتي انداز سان نشاني تي
اڇلائي هڻي پيون سگهجن. پر اهو محض هڪ
خيال آهي. سائنسدانن وٽ اهڙو ڪوبه ثبوت نه
آهي جو چئي سگهجي ته ”اُڀي انسان“ ايئن
ڪيو هوندو.
هٿ ڪهاڙيءَ جي ڏس ۾ اهو ڪو شڪاري هٿيار
آهي، هڪ اهم مونجهارو اهو آهي ته هي ڪجهه
ڳرو هٿيار آهي ۽ ڪنهن ڊگهي مهم ۾ پاڻ سان
کڻي هلڻ ڏکيو آهي. ٻئي طرف اهو پڻ ڏکيو ٿو
لڳي ته ننڍن اوزارن سان ڪو وڏو جانور شڪار
ڪري سگهجي. اڃا به دلچسپ صورتحال اها آهي
ته جيڪڏهن هٿ ڪهاڙيءَ کي شڪار جو هٿيار
تسليم نه ڪجي ته پوءِ اوائلي پيليوليٿڪ
ماڳن مان لڌل ميموٿ جي هڏين بابت ڪهڙي
وضاحت ڏئي سگهبي؟ هاٿين جي هڏين مان صاف
ظاهر آهي ته انهن کي پٿر جي اوزارن سان
ڀڳو يا وڍيو ويو هو ۽ انهن جو گوشت خوراڪ
لاءِ استعمال ٿيو هو. ان ڏس ۾ هڪ ماڳ جو
حوالو ته بنهه حيرت جهڙو آهي. اسپين ۾
ٿورالبا امبرونا
(Torralba- Ambrona)
وٽ هاٿين جي هڏين جو 13- فٽ اوچو ڍڳ مليو.
ڇا اها سوچڻ جي ڳالهه نه آهي ته شڪارين
هاٿيءَ جهڙي طاقتور جانور تي غلبو ڪيئن
حاصل ڪيو؟
ساڳئي سلسلي ۾ هڪ ماڳ اڃا به دلچسپ آهي. اتر جرمنيءَ ۾ ليهرنگن
(Lehringen) ويجهو آخري برفاني دؤر وارن ڌرتيءَ جي تهن مان هڪ هاٿيءَ جون
هڏيون مليون هيون، جنهن جي پاسراٽين ۾ سخت
ڪاٺيءَ وارو ڀالو کتل هو. ڀالو اٽڪل 6- فٽ
ڊگهو هو. جنهن جي نوڪ کي باهه جي سيڪ سان
اڃا به سخت ڪيو ويو هو. جنهن زمين تي هاٿي
مئو هو. اها ان وقت ۾ ڌٻڻ هوندي، جنهن ڪري
ڪاٺ جو ڀالو محفوظ رهجي ويو، جيڪو ٻين
حالتن ۾ ڳري ختم ٿي وڃي ها. هن دريافت سان
پتو پوي ٿو ته ”اڀو انسان“ وڏن جانورن جو
شڪار ڪيئن ڪندو هو. جيڪڏهن شڪارين جي هڪ
ٽولي يا گروهه وڏن جانورن کي ڪنهن ڌٻڻ
ڏانهن هڪلي ته پوءِ اهو سولائي سان چُري
پُري نٿي سگهيو. ان کان پوءِ شڪاري پنهنجا
وڏا ڀالا جانورن جي جسم جي نازڪ حصن ۾
ٽنبي ٽنبي کيس ماري ڇڏيندا هوندا. هو
پنهنجي تجربي جي بنياد تي ڄاڻندا هوندا ته
هاٿيءَ کي جسم ۾ ڪٿي ڀالا ٽنبجن جو هو
جلدي مري پوي. ان ريت هنن هيڪاندو گوشت
حاصل ڪري ٿي ورتو.
ليهرنگن واري دريافت يقينن هڪ خوشقسمتي هئي ڇو ته قديم ڪاٺ فقط
ڪن خاص حالتن ۾ ئي محفوظ رهي سگهيو ٿي.
پر، ان کان به اهم دريافت ايسيڪس
(Essex) ۽
Clacton-on-sea وٽ هڪ کڏ مان ٿي. ٻن گليشئل دؤرن تي پکڙيل عمر وارو هڪ ڪاٺ
شايد پراڻي ۾ پراڻو آهي. ڪجهه عرصو اڳ به
ايئن سمجهيو ٿي ويو ته اها ڪنهن نيزي يا
ڀالي جي نوڪ آهي پر تازي تحقيق چوي ٿي ته
ضروري نه آهي ته هو خيال درست هجي.
ٻين قديم اوزارن ۾ غالباً ڪاٺ جا ويڪري مٿي وارا ڏنڊا
(Clubs) هوندا، جيڪي اوڀر آفريڪا مان لڌا ويا. اوائلي انسان اهڙا ڏنڊا
به استعمال ڪيا هوندا، جيڪي اڇلائي هڻجن
يا هٿ ۾ جهلي وڙهجي، بالڪل ايئن جيئن
اڄڪلهه سنڌ ۽ پنجاب جا ڳوٺاڻا به ڪن ٿا.
هڪ ڳالهه، بهرحال، واضح آهي ته فقط آخري برفاني دؤر جي وقت ۾ ئي
انسان صحيح معنيٰ ۾ لائق شڪاري ٿي سگهيو.
جديد ”اُڀي انسان“ جي اٽڪل بازي 50- هزار
سال اڳ نئين شڪاري دؤر جو آعاز ڪيو، جنهن
۾ هن تير ڪمان استعمال ڪيو.
يورپ ۽ اولهه ايشيا
25000 کان 35000 سال اڳ
ڪجهه مخصوص جانورن جا
شڪاري
پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ رهندڙ انسان پنهنجن وڏڙن جي ڀيٽ ۾
گهڻو ڪجهه سکي ورتو هو. هنن جا ايجاد ڪيل
اوزار گهڻو بهتر هئا. هنن ڪجهه نه ڪجهه
ڳالهائڻ سکي ورتو هو ۽ شڪار جي وقت ۾ ان
ڀڳل ٽٽل ٻوليءَ جي ذريعي اشارن ۽ آوازن کي
شڪار جي دوران اٽڪل يا رابطي لاءِ استعمال
ٿي ڪيو. جيتوڻيڪ قديم شڪارين بابت اهي
اندازا لڳايا ويا آهن ته هو ڪهڙيءَ ريت
وڏن جانورن جو شڪار ڪندا هوندا، پر ان
هوندي به اڃا گهڻن سوالن جا جواب اڌورا
آهن.
ڪجهه ماهرن جي خيال ۾ ميموٿ جي شڪارين وٽ موجود هٿيار اهڙا هئا
ئي ڪونه جو انهن جي مدد سان شڪار کي منهان
مُنهن شڪار ڪري سگهن. ممڪن آهي ته هنن
ڪجهه اٽڪلون ڪيون هجن، ڪوڙڪيون، ڦندا ۽
کڏون تيار ڪيون هجن. ممڪن آهي ته هنن
وڏيون وڏيون کڏون کوٽي انهن کي ٽارين ۽
پنن سان ڍڪي ٿي ڇڏيو. پر ان امڪاني طريقي
تي ڪجهه اعتراض آهن. اول ته اسان وٽ اهڙو
ڪوبه ثبوت ڪونه آهي ۽ ٻيو ته ڇا اوائلي
ماڻهوءَ وٽ ايڏيون وڏيون کڏون کوٽڻ جا
اوزار هئا؟ ڇا اهو ايڏو سولو ڪم هو؟
هيل تائين ته اهڙي ڪابه کڏ دريافت ڪونه ٿي آهي پر حيرت آهي ته
پوئن پيليوليٿڪ ماڳن جي کوٽاين مان ميموٿن
جون بيشمار هڏيون مليون آهن ۽ ظاهر ٿيو
آهي ته هو وڏي تعداد ۾ جانور مارڻ جي اهل
هئا. وڏن جانورن کي وڏي تعداد ۾ مارڻ لاءِ
بهرحال وڏي جرئت، طاقت، هنرمندي ۽ باهمي
تعاون جي ضرورت هئي.
قديمي انسان جڏهن ننڍا جانور شڪار پئي ڪيا، تڏهن مسئلي جي نوعيت
ڪجهه ٻي هئي پر جڏهن وڏا جانور مارڻ طرف
وڌيا ته کين
مايوسين دور جا مماليه
• اسڪيل (هاڻوڪي انسان جو قدبت 6- فٽ)
ٽيٽرا بيلوڊون (وڏي ڄاڙيءَ وارو هاٿي)
اوائلي پلائسٽوسين دور جا جانور
• اسڪيل (هاڻوڪو انسان)
اوليگوسين دور جا مماليه
اسپين جي هڪ غار: هرڻن جي
ڌڻ کي گهيري تير ڪمان سان شڪار ڪيو پيو
وڃي.
مڇي ڦاسائڻ جي اوائلي
ڪُڙهي.
مختلف جانورن جي شڪار جا
ڪجهه طريقا
مختلف جانورن جي شڪار جا ڪجهه طريقا
يورپ ۾ مختلف شڪاري دورن جو خاڪو
|
سڀ کان وڏي دشمن رڇ سان ويڙهه: نيندر ٿال ماڻهو نه رڳو رڇن سان ويڙهه
کائيندا رهيا پر انهن ماريل
رڇن جون کوپڙيون گڏ ڪري اهي
دفن به ڪيون، شايد ائين جيئن
اڄ به ڪي وحشي قبيلا دشمنن
جون منڍيون وڍي پاڻ سان کڻي
ويندا
آهن
|
نوان مسئلا سامهون آيا هوندا. اوائلي شڪارين گهوڙن جي ڌڻ جو
شڪار ڪرڻ مهل ڪڏهن به ڌڻ جو گهيرو نه ڪيو
هوندو. ڪٿي ڪٿي کين اهڙا موقعا ملي ٿي ويا
جڏهن هنن پنهنجي دماغ کي طاقتور هٿيار طور
استعمال ڪيو. فرانس ۾ سوليوتري
(Solutre) شهر ويجهو هڪ اڀي ٽڪري آهي، جنهن جي پاڙ مان هڪ لک کن گهوڙن
جون هڏيون مليون آهن. ايئن ٿو لڳي ته آخري
برفاني دؤر جي شڪارين گهوڙن جو گوشت حاصل
ڪرڻ لاءِ هڪ خاص طريقو ڳولي ڪڍيو هو. جڏهن
هنن اُڀي ٽڪريءَ تي مٿي ميدان تي گهوڙن جو
ڌڻ ٿي ڏٺو تڏهن هنن وڏا ٽولا ٺاهي، انهن
کي اُڀي ڪنڌيءَ ڏانهن هڪلي ڊوڙايو هوندو،
جتان اهي گهوڙا ڪِري مٰري ٿي پيا. اهي
اُڀڪپري اٽڪل هڪ هزار فٽن جي آهي جيڪا
ڪنهن به جانور کي هڪدم ماري وجهڻ لاءِ
ڪافي آهي. ان ريت هنن شڪارين پنهنجي لاءِ
گوشت حاصل ڪري ٿي ورتو. هتي هڪ لک کن
گهوڙن جون هڏيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته
اوائلي شڪارين هن هنڌ بار بار ساڳئي طريقي
سان گهوڙن جو شڪار ڪيو هو ۽ اهو سلسلو
نسلن تائين جاري رهيو هوندو.
بهرحال، ان قسم جي اٽڪلن جو مثال به وڌيڪ
ڪونه مليو آهي. اسان کي عام طور تي هٿيار
ئي ملن ٿا جيڪي قديم ماڳن تي وري وري
استعمال ٿيا. ميموٿ، سانڀر ۽ گهوڙن جي
شڪارين وٽ سڀ هٿيار نوان ڪونه هئا. هو
نيزا ۽ ڀالا استعمال ڪندا هئا. اها ٻي
ڳالهه آهي ته انهن مان ڪن هٿيارن ۾ پٿر،
هڏي يا عاج جون نوڪون لڳل مليون آهن، جيڪا
اصل ۾ انهن هٿيارن جي ارتقا آهي. هڪ مڪمل
نيزو ماسڪو لڳ سُنگير
(Sungir)
وٽان هڪ قبر مان مليو آهي، جنهن سان گڏ
ڪجهه ٻيون به شيون هيون. انهن ۾ ميموٿ جو
8- فوٽ ڊگهو ڏند به آهي، جنهن کي هٿرادو
طرح سڌو ڪيو ويو هو. پڪ سان هي به نيزي ۽
ڀالي جي قسم جو هٿيار هو.
اُتر آمريڪا جي شڪارين پٿري نوڪ وارو هڪ
اهڙو ڳرو نيزو ٺاهيو هو جيڪو شڪار جي جسم
۾ جتي کُپي اتي ڦاسي پوي. ظاهر آهي ته
اهڙو ڊگهو ۽ مضبوط نيزو ويجهي شڪار لاءِ
تيار ڪيو ويو هوندو. پري جو شڪار ڪنهن
اهڙي اوزار سان ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪو هلڪو
هجي ۽ پري تائين اڇلائي سگهجي ۽ جنهن جي
چوٽيءَ تي پٿر يا هڏيءَ جي تيز نوڪ مڙهيل
هجي. پيليوليٿڪ دؤر جي پڄاڻيءَ تائين اهڙا
نيزا تيار ٿيڻ لڳا هئا جن ۾ پاسن کان هڪ
ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڪُنڍي وانگر ابتن
ڏندن جي قطار هئي. ايئن ان ڪري ڪيو ويو ته
جيئن ئي ڀالو شڪار جي جسم ۾ داخل ٿئي، اهو
ٻاهر نڪري نه سگهي، ڀالي جي پاسن تي موجود
ڏند گوشت ۾ ڦاسي پون ۽ شڪار رت ڳاڙي مري
وڃي. اهڙن ڪجهه نيزن يا اوزارن ۾ هڪ ڇيڙي
تي هٿئي وٽ سوراخ به ڏٺو ويو آهي، جيڪو ان
مقصد سان هو ته ان ۾ چمڙي جو رسو ٻڌي وڃي
ته جيئن ان رسي جي مدد سان زخمي شڪار کي
ڀڄڻ کان جهلي سگهجي. (اها ٽيڪنيڪ اسان کي
مڇيءَ جي شڪار سان سمجهه ۾ ايندي، جنهن ۾
ڪُنڍي ۽ ڏور جو استعمال ٿئي ٿو.) هي نيزو
سچ پچ ته هڪ موتمار ۽ ”طاقتور“ هٿيار هو.
ننڍن جانورن جي
شڪار ۽ شڪارين جو دؤر
اوائلي شڪارين وٽ اڇلائي هڻڻ واريون
ڪاٺيون به ڏسجن ٿيون. اهڙيون ڏنڊيون پٿر
جي وچين دؤر ۾ جيڪي اتر يورپ جي مختلف
علائقن مان لڌيون ويون آهن. انهن مان ڪجهه
ڪاٺيون لڳ ڀڳ اهڙيون آهن جهڙيون آسٽريليا
جا قديم لوڪ اڄ به استعمال ڪن ٿا. اهي
ڪجهه مُڙيل ۽ مخروطي ڪاٺيون هونديون آهن
جيڪي اڇلائي هڻڻ کان پوءِ گهمنديون واپس
شڪاريءَ وٽ پهچنديون آهن. ان هٿيار کي
سنڌيءَ ۾ ڪاتر ۽ انگريزيءَ ۾
Boomerang
چيو وڃي ٿو جيڪو اپکنڊ جا اوائلي لوڪ
ڪولهي، ڀيل ۽ ”شڪاري“ پڻ اڄ تائين استعمال
ڪندا آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته پري کان شڪار لاءِ
مؤزون اهڙن اوزارن جي ضرورت آخري برفاني
دؤر ۾ ان ڪري وڌي وئي جو ميموٿن جا ڌڻ
گهٽجي ويا ۽ شڪارين کي گوشت لاءِ وڌيڪ تيز
رفتار جانورن ڏانهن نهارڻو پيو. ان وقت يا
ٿورو پوءِ چمڙي جي هڪ کانڀاڻي سامهون آئي،
يا شايد اهو ڦندو هو جنهن کي جانورن جي
ڳچيءَ ۾ وجهي ڦاسايو ٿي ويو. اهڙي هڪ غير
واضح چترڪاري هڪ قديم غار ۾ ٿيل آهي. ممڪن
آهي ته
bolas
به استعمال ٿيا هجن. ”بَولا“ آفريڪا جي
قبائلين جو هڪ خاص هٿيار آهي جنهن ۾ ٻه يا
ٻن کان وڌيڪ پٿر هڪ رسي ۾ مضبوطيءَ سان
ٻڌي لڙهي ٺاهي ويندي آهي. شڪار مهل اها
لڙهي کانڀاڻيءَ وانگر ڦيرائي شڪار جي
ڄنگهن ۾ وچڙائي ويندي آهي جنهن سان جانور
ڦاسي پوندو آهي. پر انهن سڀني کان وڌيڪ
اهم تير ۽ ڪمان هئي جنهن کي شڪار جي حوالي
سان سڀ کان پهرين مشين چئجي!
تير ڪمان جي ايجاد سان شڪار جي اوزار يعني
تير جي رفتار تکي ٿي وئي. ايتري تيز جو
اڄڪلهه به تير جي رفتار بي حد تيزيءَ جي
علامت آهي. انساني ٻانهن ڪيڏو به زور هڻي،
ايڏو تيز رفتار اوزار ڦٽي ڪري نٿي سگهي.
جڏهن ڪمان تي چمڙي جي ڏور چڙهي ٿي تڏهن
سڄو زور ڏور ۾ جمع ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ان کي
تاڻي ڇڏيو وڃي ٿو تڏهن سڄي طاقت هڪدم تير
۾ منتقل ٿي وڃي ٿي. نتيجي ۾ تير ڏاڍي تيزي
۽ طاقت سان شڪار تائين پهچي ٿو ۽ نيزي کان
وڌيڪ بهتر نشاني تي لڳي ٿو. پر قديم آثارن
جي ماهرن هميشه ڪمان کان وڌيڪ تير کي
اهميت ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ڪاٺ جي تير جي
منهن ۾ مڙهيل پٿر جي نوڪ آبهوا ۾ ختم نٿي
ٿئي. اهو نٿو چئي سگهجي ته سڀ کان اوائلي
ڪمان ڪڏهن ٺهي؟ ان هوندي به اهو چئي سگهجي
ٿو ته جڏهن ڪمان ايجاد ٿي تڏهن سڀ کان اول
تراشيل نوڪدار ڪاٺيون ئي تير طور استعمال
ٿيون هونديون، انهن جي منهن تي پٿر جون
نوڪون مڙهڻ جو سلسلو پوءِ شروع ٿيو هوندو.
پيليوليٿڪ دور جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ
تير جي پٿري نوڪ هڪ اهرو ٽڪنڊو بليڊ هو
جنهن جي نوڪ تکي هئي. ان قسم جا اوزار
ميموٿ جي شڪارين جي وسندين وٽان لڌا ويا
آهن پر چئي نٿو سگهجي ته اهي واقعي تيرن
جون نوڪون آهن. پر، ماهرن جي راءِ ۾ اٽڪل
ڏهه پندرهن هزار سال اڳ به ڦاڙهن جا شڪاري
تير ڪمان استعمال ڪندا هئا. شڪاري انسان
تي سوچڻ مهل هڪ ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ
گهرجي ته پيليوليٿڪ ۽ ميسوليٿڪ دؤرن جا
منظر بلڪل مختلف هئا. هڪ ته برفاني علائقا
ختم ٿي مٿي اتر طرف سوڙها ٿي ويا هئا ۽
هاڻي يورپي ميدانن ۾ ٻيلا ۽ ڍنڍون هيون.
ٻيو ته برفاني جانور جهڙوڪ ميموٿ ۽ سانڀر
به برف سان گڏوگڏ هتان لڏي ويا هئا ۽ انهن
جي جاين تي نئين قسم جا جانور اچي ويا
هئا. ان سڄي تبديليءَ سبب شڪار ۽ شڪار جا
طريقا بدلجڻ هڪ قدرتي ڳالهه هئي. اهو ئي
سبب آهي جو ميسوليٿڪ دؤر ۾ شڪار جو سڀ کان
مقبول اوزار يا مشين تير ڪمان ٿي وئي.
مڇيءَ جو شڪار
سنڌ ۾ مڇي جي شڪار جا اوزار (ڪُنڍيون)
ڪراچيءَ ۾ ڊرگهه نالي جي هڪ ڀِڪ مان مليون
هيون. خود مڇيءَ جو شڪار ۽ ان فن جي ارتقا
هڪ اهم سوال آهي. هن مهل تائين ماهرن جيڪو
به اڀياس ڪيو آهي. ان موجب پيليوليٿڪ
انسان جي خوراڪ ۾ مڇي نالي ماتر نظر اچي
ٿي پر ميسوليٿڪ دؤر ۾، جيڪو يورپ ۾
جاگرافيائي اعتبار کان وڏي وڻڪار، ڍنڍن ۽
ڌٻڻين جو دؤر آهي، مڇيءَ جي شڪار جا اهڃاڻ
چٽا پٽا موجود آهن. ان هوندي به يورپ جو
ميسوليٿڪ ماڻهو بنيادي طرح جانورن جو شڪار
نظر اچي ٿو. گهڻو ممڪن آهي ته ڍنڍن جي
ڪنارن تي آباد ڪي شڪارين لوڪ مڇيءَ جي
شڪار ۾ مهارت وٺي ويا هجن ۽ انهن جا
پونئير ورثي ۾ مليل تجربي سبب مڇيءَ جا
مستقل شڪاري ٿيا. گهڻو ممڪن آهي ته هنن
ڪُڙهين سان به مڇيءَ جو شڪار ٿي ڪيو.
سنڌ ۾ پٿري دؤر جون ڪجهه آباديون اسان کي
منڇر، ڪينجهر ۽ اڀرندي ناري لڳ ويرن ۾ ملن
ٿيون. کير ٿر ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماٿرين ۾
برساتي ندين ۾ موجود ڪنڀ ۽ چشما اڄ به
مڇين سان ڀريل آهن. هوڏانهن جاگرافيائي
حوالي سان ماهرن جي راءِ آهي ته سنڌ ۾
ميسوليٿڪ ۽ نيوليٿڪ دؤر اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
برساتي هئا ۽ سنڌ ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ شاهوڪار
هئي ۽ ساوڪ ۽ شڪار گهڻو هو.
يورپ ۾ گليشئل دؤر جي پڄاڻيءَ سان گليشئل
دؤر جا وڏا جانور جهڙوڪ ميموٿ ۽ سانڀر به
گم ٿي ويا. انهن جي بدران هاڻي اتي هرڻ ۽
جهنگلي سوئر ڦرڻ لڳا، جيڪي جام هئا. هن
دؤر ۾ وڏا جانور بس اهي هئا يعني رڇ ۽
جهنگلي ڍڳو. نئين دؤر جا اڪثر جانور گروهن
يا ڌڻ جي صورت ۾ ڪونه رهندا هئا ۽ ٻيلن ۾
اڪيلا پيا ڦرندا هئا. هن کان اڳ ڌڻن ۾
شڪار ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ ڪجهه ٻي هئي. اڳي ڌڻ ۾
ڀالو هڻبو هو ته ڪنهن نه ڪنهن جانور کي
وڃي لڳندو هو. هاڻي جڏهن شڪار اڪيلو ٿي
گهميو تڏهن وڌيڪ بهتر نشاني بازي ۽ اٽڪلن
جي ضرورت پئي. تيز رفتار جانورن کي مارڻ
لاءِ گهربل هٿيار به ساڳيا نه رهيا. ان
ريت ماڻهوءَ پاڻ ۾ صبر ۽ اٽڪل جي عادت
بهتر ڪئي ۽ شڪار مهل تير ڪمان سندس بهترين
ساٿي ٿيا.
تير ميسوليٿڪ دؤر ۾ تمام گهڻو استعمال
ٿيو، پر انهن جي محفوظ رهڻ ۽ اڄوڪي دنيا
تائين باقي رهڻ جو ڪارڻ صرف اهو هو ته
پاڻيءَ جي پکين ۽ جانورن تي استعمال ٿيل
تير اڪثر اهڙين گپن ۾ ڪِريا جو اهي ڪن خاص
ماحولياتي سببن جي ڪري ڳرڻ کان بچي ويا.
ماهرن ميسوليٿڪ دؤرن جون اڪثر آباديون
پاڻيءَ جي ويجهو لڌيون آهن ۽ پڪ سان جڏهن
هنن شڪار لاءِ تير هنيا ٿي ته انهن مان
اڪثر وڃي پاڻين ۽ ڌٻڻين ۾ پيا ٿي جيڪي
شايد اڄوڪي دؤر ۾ تحقيق لاءِ قدرت سنڀالي
رهي هئي.
سوئيڊن ۾ لوشلت
(Loshult) وٽان هڪ خوبصورت تير مليو آهي جيڪو اٽڪل
اڍائي فٽ ڊگهو آهي ۽ ان جي عمر 9000 سال
آهي. يعني، لڳ ڀڳ اهو دؤر جڏهن بلوچستان
جي مهر ڳڙهه ثقافت قائم ٿي. ان تير جو مٿو
چقمقي پٿر جي ٻن ٽڪرن سان جوڙيو ويو هو.
هڪ ٽڪري جي نوڪ اڳتي هئي ته جيئن تير شڪار
۾ ٽنبجي وڃي. جڏهن ته ٻيو ڪنهن ڪنڍيءَ
وانگر هو ته جيئن تير شڪار ۾ ٽنبيل رهي.
اتر روس ۾ سِندور ڍنڍ ويجهو هڪ کڏ مان
ٽيهارو کن ڪمانون يا انهن جا ٽڪرا مليا
آهن، جن جي ڊيگهه ٽن کان ساڍا چار فٽ آهي.
انهن جي عمر 9000 سال آهي.
شڪار تي تحقيق ڪندڙ ماهرن نوٽ ڪيو ته تير
ڪمان وارن اوائلي شڪرين جا اڪثر شڪار
ناڪام ٿي ويا. ڪڏهن نشان گٿل هئا ته ڪڏهن
شڪار پنهنجي جسم ۾ کتل تيرن ۽ ڀالن سميت
جند ڇڏائي ڀڄي ٿي ويو. ان صورت ۾ شڪاري ان
ڀڳل شڪار جو پيرو کڻندا هئا يا رت جي
نشانن جي ڪڍ ڪڍ زخمي ۽ نڍال جانورن جي
مٿان وڃي پوندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن ته کين
پيرو به ڪونه ملندو هو ۽ پوءِ هو مايوس
موٽندا هئا. اهڙن واقعن جي ثبوت ۾ محقق
شڪار ٿيل ڪجهه اهڙن جانورن جا مثال ڏين ٿا
جن جا ثابت ڍانچا مليا آهن ۽ انهن جي
پاسراٽين ۾ تير ۽ ڀالا کتل آهن. هو چون ٿا
ته جيڪڏهن اهو شڪار شڪارين کي هٿ لڳي ها
ته ان جون هڏيون ٽڪر ٽڪر ۽ ٽڙيل پکڙيل هجن
ها. ان ڏس ۾ هو هڪ وڏي جهنگلي ڍڳي جي
ڍانچي جو حوالو ڏين ٿا، جيڪو ڊينمارڪ ۾
وِگ
(Vig) وٽان هڪ ڌٻڻي کڏ مان مليو هو ۽ هاڻي ڪپن هيگن جي قومي عجائب
گهر ۾ نمائش لاءِ پيو آهي. شايد، شڪاري
ڌٻڻ ۾ لهي نه سگهيا هوندا يا وري هنن کي
شڪار جو پيرو ئي نه مليو هوندو. ٻئي طرف
ڌٻڻ ۾ ڦاٿل زخمي شڪار اتي ئي مري کپي دفن
ٿي ويو.
ماهرن کي رڳو جانورن جي ڍانچن مان ئي نه
پر ڪن انساني ڍانچن مان به تير مليا آهن.
Brittany جي ڪنڌين کان پرڀرو
Teviec ٻيٽ تي ميسوليٿڪ دؤر جي هڪ قبر جي کوٽائيءَ مان پتو پيو ته
انساني ڍانچي ۾ ڪجهه تير کتل هئا. يعني،
هُو ماڻهو پاڻ ۾ قبائلي جنگيون به ڪندا
هئا ۽ اهڙي جنگ ۾ تير ڪمان يا ٻيا هٿيار
به استعمال ڪندا هئا.
مڇي، انساني خوراڪ ۾ ميسوليٿڪ دؤر کان
باقاعدي شامل ٿي آهي. ان دؤر ۾ لاتعداد
ڍنڍون ۽ نديون شڪار جا ميدان بڻجي ويون.
شڪاري ماڻهو ڀالا کڻي تانگهي پاڻيءَ ۾
لهندا هئا ۽ مڇين کي ڀالا ٽنبي جهلڻ جي
ڪوشش ڪندا هئا. ڪٿي ڪٿي ڄار ۽ ڪُڙهين جو
استعمال به نظر اچي ٿو. شڪاري ڪنڍيون به
استعمال ڪندا هئا. پر ڪي ڪنڍيون اهڙيون به
آهن جن جو استعمال ٺيڪ طرح سمجهه ۾ نه آيو
آهي. مثال طور سڀ کان قديم ڪنڍا ڏکڻ فرانس
مان لڌا ويا، جيڪي ڦاڙهي جي سڱ مان ٺهيل
آهن. پر اهي تمام وڏا آهن، ڪابه مڇي جيڪا
وات ڦاڙي انهن کي ڳهي سگهي، ايتري وڏي
هوندي جو ان کي خشڪيءَ تي آڻڻ ڏکيو هو.
ٻيا ڪنڍا ميموٿ جي شڪارين جي آباديءَ مان
مليا، جيڪا يوڪرين ۾ ميزن
(Mezin)
وٽ هئي. شايد اهي ڪُنڍا ڪو سامان ٽنگڻ
لاءِ هئا!