سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 3

 

ماڻهوءَ جو جنم

ماڻهوءَ جو جنم

هاڻي، سائنسدان ان خيال تي متفق نظر اچن ٿا ته انسان هاڻوڪي شڪل بيشمار ارتقائي مرحلا طئه ڪرڻ کان پوءِ اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته مذهبي اپٽار موجب انسان مڪمل طور تي هاڻوڪي شڪل ۾ ئي تخيلق ٿيو آهي. بهرحال، سائنس چوي ٿي ته انسان ۽ انسان جهڙي شڪل صورت رکندڙ ٻين مماليا جهڙوڪ بن مانس، چمپانزي، اورينج اؤتانگ (Orang- Outang) ۽ گوريلن جا ابا ڏاڏا ساڳيا هئا.

اهو خيال سڀ کان پهرين انگلينڊ جي چارلس ڊارون 1858ع ۾ پيش ڪيو. پر ان خيال تي پهريون ڪتاب 1859ع ۾ The Origin of Species پيش ڪيائين. جنهن تي عام ماڻهن سان گڏ ڪي سائنسدان به چڙي پيا ته ڊارون انسان کي باندر ۽ بن مانس جو اولاد سڏي ٿو. اصل ۾ ڊارون ايئن چيو ئي ڪونه هو. سندس خيال هو ته انسان ۽ بن مانس جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ڪا هڪ اوائلي انسان- بن مانس نما مخلوق هئي، جنهن مان هڪ کان وڌيڪ نسل ڦٽي نڪتا، جيڪي پوءِ هوريان هوريان لکها سالن جي وقفي ۾ هڪٻئي کان بالڪل جدا ٿي ويا.

سائنسدان ان ڳالهه تي اٽڪل هڪ راءِ ٿي چڪا آهن ته سڀني حياتياتي شڪلين جو بڻ بڻياد ڪنهن وقت ۾ هڪ يا ٻن چئن شڪلين ۾ هوندو هو. ان دليل لاءِ وٽن مختلف جانورن جي نسلن ۾ جينياتي هڪجهڙايون، انهن جي ڦيرڦار ۾ تسلسل، هڏ ڪاٺ، عادتون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ثبوت طور رڪارڊ ۾ موجود آهي. سڀ کان اهم ثبوت پنڊ پاهڻن جي صورت ۾ آهن. پر، اها حقيقت آهي ته انسان جي ابي ڏاڏي بابت پنڊ پاهڻن جو ثبوت گهٽ آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه قديم مخلوقن ۽ انسانن جي وچ ۾ وڏيون هڪجهڙايون موجود آهن، تڏهن به ڪٿي ڪٿي وچ واريون ڪڙيون اڃا گم ٿيل آهن. چارلس ڊارون جي وقت ۾ ثبوت اڃا گهٽ هئا. کانئس پوءِ ان ڏس ۾ ڪي ”گم ٿيل ڪڙيون“ مليون آهن.

ان ڏس ۾ 1924ع ڌاري آفريڪا مان ٽائونگس (Taungs) کوپڙي لڌي وئي ۽ ان کانپوءِ جوهانبسرگ جي پروفيسر ڊارٽ (Dart) ان جي اپٽار ڪئي. ان کان پوءِ ماڻهو نما مخلوق جون حيران ڪندڙ کوپڙيون سينانٿروپس (Sinanthropus) پيڪنگ وٽان مليون. انهن کوپڙين واري مخلوق ڪيئي بنيادن کان انسان ۽ بن مانس جي وچ ۾ هئي. انهن جا ڏند، ميڄالي وارو کوپو، مٿي جي بيهڪ ۽ پيشانيءَ جي لاهي بن مانس کان وڌيڪ انسان جهڙي هئي.

هوڏانهن انساني علمن جا ماهر (anthropologists) ان خيال تي به ويچاريندا رهيا آهن ته ڇا انسان جا ابا ڏاڏا ٻن يا ٽن بڻ بڻيادن مان هئا؟ مثال طور ڇا نيگرو انسان گوريلا جهڙي ڪنهن قبيلي مان آهي، چيني ماڻهو اورينج اؤتانگ (Orang-outang) جهڙي نسل مان ۽ اڇو ماڻهو چمپانزي جهڙي نسلي بڻ بڻياد مان!

سڀني بن مانسن ۽ ڀولڙن مان فقط ڪن ليمور (Lemur) مخلوق جي پيرن جون آڱريون ئي ماڻهن وانگر سڌريل آهن. ببون (Baboon) سڌي پير ۽ پيرن جي سڀني آڱرين تي پنڌ ڪري ٿو، ان ۾ هو آڱرين جو وچون حصو پاڻکي اڳتي ڌڪڻ لاءِ ڪتب آڻي ٿو، رڇ به لڳ ڀڳ ائين ئي ڪري ٿو. وڏن بن مانسن جا ٽيئي قسم وري پير جي ٻاهرين پاسي تي ابتدائي ۽ رواجي حياتياتي صورت کان نسان تائين ارتقائي ڏاڪن بابت هڪ جديد ٿيوري

زور ڏيئي هلن ٿا. جيڪو طريقو ماڻهوءَ کان بلڪل مختلف آهي.

 

THE MODERN THEORY OF THE DESCOENT OF MAN

 

وڏا بن مانس ٻيلن ۾ رهندا آهن، تنهن ڪري کين پنڌ جو موقعو گهٽ ٿو ملي. هو سڄو وقت ڀولڙن وانگر وڻن تي ڪونه هوندا آهن پر هو اڪثر ڪري زمين تي هوندا آهن. گوريلا پاڻ جهڙي مخلوق ۾ سڀ کان ڳرو ۽ زمين تي رهندڙ جانور آهن. اهي جڏهن زمين تي هوندا آهن تڏهن پنهنجا اڳيان پير استعمال ڪن ٿا ۽ غير انساني طريقي سان پنهنجن پٻن تي ڊوڙن ٿا. سندن ٻانهون انسان جي ڀيٽ ۾ گهڻيون ڊگهيون آهن ۽ وڻن تي چڙهڻ لاءِ وٽن خاص طريقو آهي. هو پنهنجين ٻانهن تي ڀولرن کان وڌيڪ لڏن ٿا. کين مدد لاءِ پڇ ڪونهي. پر ماڻهو ايڏو بهتر پنڌ ڪري ٿو ۽ ايڏو تکو ڊوڙي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته هو زمانن کان سڌي پٽ تي رهي ٿو. هاڻي هو وڻن تي ايڏو سولائيءِ سان چڙهي به ڪونه ٿو سگهي. هاڻي هو ڏاڍي خبرداريءَ ۽ هٻڪ سان چڙهي ٿو. اها به نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻيءَ ۾ تري نٿو سگهي. ترڻ لاءِ کيس ترڻ سکڻو پوي ٿو. جنهن مان ثابت آهي ته ماڻهو سمنڊ، درياهه يا ڍنڍون گهڻو اڳي ڇڏي چڪو هو. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهري مخلوق پاڻيءَ ۾ اتفاق سان ئي مري سگهي ٿي، جو اها گپ ۾ محفوظ ٿي پنڊ پاهڻ ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي جو انهن شين جا پنڊ پاهڻ وڌيڪ ملن ٿا جيڪي سامونڊي نسل جا آهن يا وري پاڻيءَ جي ويجهو موجود هئا.

اهو ئي سبب آهي جو اسان کي اوائلي ماڻهو جا ڏس پتا فقط ڪن قديم غارن مان لڀجن ٿا. ماڻهوءَ جو جنم ۽ موت پلائسٽوسين زماني تائين کليل هنڌن تي يا وري ٻيلن ۾ ٿيو ۽ انهن جا جسم کپي يا تباهه ٿي ويا. ائين سمجهيو ٿو وڃي ته ماڻهوءَ جا وڏن بن مانسن جهڙا ابا ڏاڏا ڪنهن به وقت ۾ وڏي تعداد ۾ ڪونه هئا. اهي جهنگلي گهوڙن يا هرڻن وانگر وڏن ڌڻن تي مشتمل ڪونه هئا، جو انهن جو ڪو چڱو خاصو ثبوت باقي ملي. البت ڪي اهڙا ماڻهو ضرور پنڊ پاهڻ تي ويا جيڪي ڪنهن سبب ڪري گپ ۾ دٻجي ويا هوندا.

 

انسان ۽ انسان نما مخلوقن جي پاڻ ۾ مِٽي مائٽيءَ جو شجرو

 

ان اوائلي وقت ۾، گهڻو ممڪن آهي ته انسان به ائين ئي ٿورڙا هجن جيئن هاڻي گوريلا آهن. انهن جا ڪيئي ڪيئي نسل گذري وڃڻ جي باوجود ڪنهن جو پنڊ پاهڻ نه ٺهيو هوندو. بهرحال، اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اڃا گهڻي تحقيق ۽ کوجنا جي ضرورت آهي. هن مهل تائين يعني تمام ٿورن سالن ۾ تمام ٿورن ماڻهن تحقيق ڪئي آهي. هن مهل تائين خود اولهه يورپ ۾ ئي تفصيل سان ڪو ڪم ٿيو آهي. جنهن گهڻي کان گهڻا آرڪيالاجسٽ پيدا ڪيا آهن يا آرڪيالاجيءَ ۾ اڳواڻي ڪئي آهي. تنهن ڪري اڃا هزارها ماڳ هوندا جيڪي اڃا منظر عام تي ڪونه آيا آهن. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايشيا ۾ هندستان، پاڪستان ۽ اوڀر وارن ملڪن سميت آفريڪا ۾ تمام اهم ماڳ ۽ سراغ اڃا تائين لڪل آهن.

سينوزوئڪ (Cenozoic) زماني جي مهڙ ۾ ڀولڙن ۽ بن مانسن ۾ فرق چٽو ٿي چڪو هو. اوليگوسين (Oligocene) ۽ مايوسين (Miocene) بن مانس، جن جو هڪٻئي ۽ ماڻهو نما ساٿين سان رشتو هو، اڃا تلاش هيٺ آهن. انهن امڪانن هيٺ مايوسين زماني جو ڊرايوپٿيڪس (Dryopithecus) اهميت اختيار ڪري ٿو، جنهن جي ڄاڙي ماڻهوءَ جي ڄاڙيءَ جهڙي آهي.

اتر هندستان جي شوالڪ جبلن (مانسرور جي ڏکڻ ۾ اهي ٽڪريون جتي گنگا، جمنا، سرسوتي ۽ ستلج جا سرچشما پاڻ ۾ ويجها ويجها آهن) مان ساڳئي قسم جي هڪ دلچسپ بن مانس جا ڪجهه حصا مليا آهن، جن مان شواپٿيڪس (Sivapithecus) ۽ پيليوپٿيڪس (Palaeopithecus) ۾ ڪجهه ظاهري انساني اهڃاڻ ڏسجن ٿا. مصر جي اوليگوسين (Oligocene) کان پروپلايوپٿيڪس (Propliopithecus) وڌيڪ دلچسپ مخلوق هوندي اها ننڍڙي ٻلي جيتري ماڻهو نما بن مانس مخلوق هئي ۽ ڏسجي ٿو ته اها مخلوق اڄڪلهه جي آدم نما (Anthropiod) بن مانس جي ابن ڏاڏن واري راهه تي هئي. اها مخلوق انساني نسل جي وڏڙن کي به ويجهو هئي. شايد ماڻهو نما بن مانس واري هن راهه تي موجود سڀ جانور ڪنهن نه ڪنهن قسم جو هٿيار استعمال ڪندا هئا. مثال طور ببون توڙي ٻيا عام ڀولڙا به پٿر ۽ ڪاٺي يا ڍنگر کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا پوءِ کڻي اهو حملي لاءِ هجي، بچاءِ لاءِ کائڻ جي ڪا شئي ڀڃڻ لاءِ. گهڻو ممڪن آهي ته اهو قدرتي عمل مئسوزوئڪ ابن ڏاڏن وٽ به هجي، جن جو وارث اڄوڪو ماڻهو آهي.

 

ماڻهوءَ نما مخلوق جا ابتدائي اهڃاڻ

بن مانس جي ڀيٽ ۾ انسان سان وڌيڪ هڪجهڙائي رکندڙ مخلوق جي پهرين ثبوتن ۾ پٿر جا اهي هٿيار آهن، جيڪي تمام اڍنگائيءَ سان ڇليا ويا هئا. اهي پٿر اهڙي طرح ڇليا ويا هئا جو هٿ ۾ جهلي سگهجن. اهي هٿيار شايد هٿ - ڪهاڙين (Hand axes) طور استعمال ڪيا ويا هجن. انهن قديم اوزارن کي ايولٿس (Eoliths) چئجي ٿو. اهي هٿيار ايڏا ته اڍنگا ۽ سادا هئا جو ڪيئي ورهين تائين اهو بحث هلندو رهيو ته ڇا اهي پٿر سچ پچ ماڻهوءَ جي هٿن جا ڇليل آهن يا اهي فطرت جي ڪارستانيءَ سان ڇلجي ويا.

ايولٿس جي تاريخ جي باري ۾ ڌرتي وديا جي ماهرن جو اندازو آهي ته اهو پلايوسين (Pliocene) زمانو هو يعني پهرين برفاني دور کان اڳ. اهڙا وزار پهرين ٻن برفاني دورن جي وچ واري عرصي (Interglacial period) ۾ به موجود هئا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙا هٿيار ٺاهيندڙ ۽ استعمال ڪندڙن جو 5- لک سال اڳ وارو ڪوبه هڏو يا باقيات نه ملي آهي، سواءِ هيسپيروپٿيڪس (Hesperopithecus) (اولهه جو بن مانس) جي، جنهن جي هڪ ڏاٺ مٿئين پلايوسين تهن مان ملي آهي. ان ڏند جي بنياد تي ماڻهو نما مخلوق جو شڪ ڪيوويو پر اهو پڪ سان ڪنهن ٻئي جانورن جو پنڊ پهڻ ٿيل ڏند هو.

پر، جاوا ۾ ٽرائنل (Trinil) وٽ پلايوسين جي پڇاڙي يا يورپ ۽ آمريڪا جي پهرين برفاني دور ۾ رهندڙ هڪ مخلوق جون هڏيون مليون آهن، جيڪي بالڪل ائين آهن جيئن قديم هٿيار ٺاهيندڙ مخلوق ٿي سگهي ٿي. انهن هڏين ۾ کوپڙيءَ جو مٿيون حصو، ڪجهه ڏند ۽ ڄنگهه جي هڏي هڪ اهڙي مخلوق جي آهي جنهن کي بيهڻ ۽ ڊوڙڻ ۾ انسان جيتري صلاحيت هئي، ان مخلوق جا هٿ آزاد هئا تنهن ڪري انهن کي گهڻي کان گهڻو استعمال ڪري سگهيو ٿي. اها مخلوق نه ماڻهو هئي ۽ نه ئي ڪو چمپانزي وانگر وڻن تي رهندڙ بن مانس، هو پنڌ ڪندڙ بن مانس هو. فطرت جو اڀياس ڪندڙن ان کي پٿيڪنٿروپس (Pithecanthropus) (پنڌ ڪندڙ ماڻهو- بن مانس) نالو ڏنو آهي. يورپي ايولٿس (پٿر جا قديم ترين اوزار) ٺاهيندڙ مخلوق جي اڃا تائين ڪابه هڏي نه ملي آهي. في الحال ان جي بيهڪ ۽ شڪل بابت ڪو اندازو ئي هڻي سگهجي ٿو. جڏهن انهن ايولٿس وارا نيم ماڻهو يا قديم ماڻهو يا Pseudo-men يورپ ۾ 5- لک سال اڳ هلندا ٿي وتيا. تنهن دور ۾ قديم هاٿي ميموٿ (Mammoths)، گينڊا (Rhinoceroses)، هيپوپوٽيمس (Hyppopotemus) ديو جيڏا لڌڙا، برفاني سانُ ۽ جهنگلي ڳئون به دنيا ۾ هيون. ساڳئي وقت ۾ جهنگلي گهوڙا ۽ وڏن ڪاتن وارا شينهن به وڏي تعداد ۾ هئا. تنهن وقت ۾ شينهن (Lion) يا حقيقي واگهه (True tigers) جو يورپ ۾ ڪوبه ثبوت ڪونهي پر رڇ، لڌڙا، بگهڙ ۽ جهنگلي سوئر موجود هئا.

 

هئڊل برگ جو نيم ماڻهو

جيالاجيءَ جي هڪ رڪارڊ موجب انساني (Homo) نسل جي هڪ اوائلي رڪن جي ڄاڙيءَ جو هڪ ٽڪرو هئڊل برگ (Heidelberg) ويجهو واريءَ جي هڪ کڏ مان زمين جي سطح کان 80- فٽ هيٺ مليو. اها ڪنهن ماڻهوءَ جي ڄاڙي نه هئي پر اهو هر لحاظ کان ماڻهوءَ جهڙو هو، سواءِ ان جي ته ان کي کاڏي هئي ئي ڪونه. اها ڄاڙي ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏي هئي ۽ ان جي سنهي بيهڪ مان لڳو ٿي ته ان مخلوق کي ڳالهائڻ جي سگهه به ڪونه هئي. اها ڪنهن بن مانس جي ڄاڙي به نه آهي، ان جا ڏند ماڻهوءَ جهڙا آهن. مختلف محققن ان مخلوق کي نيم انساني مخلوقن جي دائري ۾ آڻي Homo Heidelbergensis ۽ Palaeoanthropus Heidelbergensis نالو ڏنو آهي. اها مخلوق هڪ اهڙي دنيا ۾ رهندي هئي جيڪا ان کان به اڳ جي نيم ماڻهوءَ جنهن پهريان هٿيار گهڙيا هوندا، جي دنيا کان مختلف نه هئي. زمين جي جنهن تهه مان اهو نسل لڌو ويو آهي ان ۾ هاٿي، گهوڙا، گينڊا، برفاني سانُ ۽ ڦاڙهيا مليا آهن، پر تکن ڪاتن وارو واگهه گهٽجي رهيو هو.

 

پرڀاتي ماڻهو (Piltdown sub-man)

هڪ لک سال اڳ واري هڪ نيم ماڻهو يا پرڀاتي ماڻهو (Eoenthropus) جي کوپڙيءَ جون چٿيل هڏيون لڌيون ويون. اهي هڏيون ٽئين انٽر گليشئل دؤر جي تهن جي کوٽائي مهل ظاهر ٿيون. اهو برفاڻو دؤر هڪ لک سان اڳ شروع ٿي 50- هزار سال کن هليو هوندو. پر ان جو به امڪان آهي ته اها کوپري پهرين برفاني دؤر جي هجي. اها کوپڙي سوسيڪس (Sussex) ۾ پلٽڊائون (Piltdown) وٽان ملي هئي. هوريان هوريان ان پرڀاتي ماڻهوءَ جي مٿي جون ٻيون هڏيون به لڌيون ويون. اهو هڪ ٿلهو مٿو آهي، اڄوڪي ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کان وڌيڪ ٿلهو. ان ۾ ميڄالي ۾ گنجائش ماڻهوءَ ۽ پٿيڪن ٿروپس (Pithecanthropus) جي وچ ۾ آهي. ساڳئي هنڌان ٻين جانورن گينڊي، هيپوپوٽيمس ۽ هرڻ جي هڏين سان گڏ اوائلي مومو هيڊل برگ جي ڄاڙي به ملي، جنهن ۾ انساني وصفون گهٽ هيون، پر ان جا ڏند ڪنهن لحاظ کان اڄوڪي ماڻهوءَ جهڙا هئا.

قديم کوپڙين جي ان رڪارڊ کان پوءِ هڪ ڊگهو خال آهي. ان کانپوءِ ثبوتن ۾ فقط چقمقي پٿرن مان ٺهيل اوزار آهن، جيڪي هوريان هوريان سڌرندا ٿا وڃن. انهن ماڻهن پٿرن کانسواءِ ٻين شين مان به اوزار ۽ شيون ٺاهيون، پر اهي زماني جي رفتار ۾ سڙي، ڳري ختم ٿي ويون. اهي شيون ڪاٺي ۽ چمڙي جون هيون. پٿرن مان ٺهيل اوزارن جي ڪن قسمن بابت قديم آثارن جا ماهر اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن ته اهي کرچڻا، سوراخ ڪڍڻ، وڍڻ جا اوزار، نشانو ٻڌي اڇلائڻ جا پٿر ۽ اهڙا ٻيا اوزار هئا. اڳتي هلي ماڻهن هٿ ڪهاڙيون، ڇيڻيون ۽ ٻيا اوزار ٺاهيا.

 

چوٿين برفاني دور وقت ماڻهن غارن ڏانهن رخ ڪيو ۽ اتي پنهنجا نشان ڇڏي ويا. ان ڏس ۾ ڪروئشيا (Croatia) ۾ ڪارپينا (Karpiana) وٽ، Dusseldorf ويجهو نيندرٿال ۽ اسپاءِ (Spy) وٽ اهڙيون باقيات، هڏيون ۽ کوپڙيون مليون آهن جيڪي پڪ سان انساني آهن. لڳ ڀڳ هڪ لک سان کان پنجاهه هزار سال اڳ نيندرٿال نسل جا انسان (Homo Neandarthalensis) ظاهر ٿيا. انهن کي Homo antiquns ۽ Homo primigenius به چئجي ٿو، جيڪي هر ممڪن طور ماڻهو هئا. ان نسل جو آڱوٺو بهرحال انسان جيڏو لچڪدار ۽ ڪارائتو ڪونه هو. اهو ماڻهو ٿورو اڳتي جهڪيل هو ۽ هاڻوڪن ماڻهن وانگر پنهنجو مٿو سڌو بيهاري نٿي سگهيو. کيس کاڏي ڪونه هئي ۽ شايد ڳالهائي به ڪونه سگهندو هو. اڄوڪي ماڻهو ۽ نيندڙٿال ۾ بهرحال وڏو فرق هو. سندس ڍانچو ٿلهو ۽ ڪافي موڪرو هو. هو مڪمل طرح سان انساني نسل جو ڪونه هو پر انسان ٿيڻ طرف سندس سفر تي ڪوبه تڪرار ناهي. هو پرڀاتي ماڻهوءَ (Eoanthropus) مان ڦٽي نڪتل ڪونه هو، پر سندس ڄاڙيءَ وارو هڏو هئڊل برگ ڄاڙيءَ سان ايترو ملندڙ آهي جو ان مان ممڪن لڳي ٿو ته هي نسل ۽ بيڊولو ۽ ڳرو هومو هئڊل برگينس هزارين صديون اڳ هڪ رت ۽ نسل جا هئا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org